سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:ڊراما

 

صفحو : 8

 

 

مان اُلن مان اُٿان ٿو

 

مان اُلن مان اُٿان ٿو

ôفينڪس دانهن ڪئي

تحرير: ٽينيسي وليمز

(ڊي.ايڇ لارنس جي موت تي لکيل ڊرامو)

ليکڪ جو مهاڳ:

هن خيالي ناٽڪ جو عمل فرانس جي دو آٻي ۾ ڏيکاريل آهي، جتي ڊي.ايڇ لارنس فوت ٿيو. لارنس جي موت کان اڳ لنڊن ۾ سندس ٺهيل تصويرن جي نمائش ٿي هئي، فني لحاظ کان هن جون تصويرون اوائلي هيون، پر مواد جي لحاظ کان جسم، حواسن ۽ جنس جي موضوع سان تعلق رکندڙ هيون، سندس تصويرن وڏو گوڙ مچايو. پوليس تصويرون پنهنجي قبضي ۾ وٺي انهن کي باهه ٿي ڏني پر ڪورٽ مان حڪم نامون حاصل ڪري پوليس کي ائين ڪرڻ کان روڪيو ويو.

لارنس جي ڪتابن تي جيئن ماضيءَ ۾ بندش پوندي رهي هئي تيئن انهن ڏينهن ۾ به هن جي انسان جي جنسي جذبي جي گهري مطالعي تي لکيل ناول ’ليڊي چيٽرلي جو عاشق‘ تي بندش پئي، لارنس انسان جي جنسي جذبي جي قوت ۽ اسرار کي محسوس ڪيو ۽ ان جذبي کي حياتيءَ جي بنيادي ۽ مک قوت سمجهيائين ۽ ساري زندگي انهن ماڻهن سان مقابلو ڪندو رهيو جن ان موضوع کي دور انديشيءَ جي پڙدن ۾ لڪائڻ ٿي چاهيو. لارنس جي ڪن نظرين، جهڙوڪ عورت کي مرد جو محتاج سمجهڻ، هن جي لکڻين ۾ مونجهارو پيدا ڪري ڇڏيو. تنهن هوندي به هن جون لکڻيون زندگيءَ جي اونداهن پازن جا عظيم اهرام آهن.

ٽينسي وليئرمز، نيو اورلينز، سيپٽمبر 1941ع.

 

هن ڊرامي جي باري ۾ لارنس جي زال فريڊالارينس جو لکيل نوٽ

ڪتاب جو عنوان ڏاڍو سٺو آهي، مون جڏهن هيءُ ننڍڙو ڊرامو پڙهيو ته مان وساري ويٺس ته منهنجي ۽ لارنس جي باري ۾ آهي، پر ٻي دنيا، جنهن ۾ تخليق جنم وٺندي آهي، ان ۾ ائين ٿيندو آهي. ڊرامي جو مرڪزي خيال اها ازلي مخالفت ۽ ڪشش آهي، جيڪا عورت ۽ مرد ۾ ازل کان آهي، اها ازلي مخالفت ۽ ڪشش مون ۾ ۽ لارينس ۾ به هئي، پر اصل حقيقت ٻي هئي، ڪاش! مان ويساهه ڏياريندڙ لفظن ۾ بيان ڪري سگهان ته اها ڪهڙي حقيقت هئي........ پر اها ڏکي ڳالهه آهي، اها ڇا هئي؟ اها روزاني عام محبت کان بلڪل نرالي هئي. روزاني عام محبت، تمام جلد محدود ٿي ويندي آهي، اسان جي محبت زندگي وانگر آزاد ۽ زندگيءَ جي لامحدود امڪانن سان ڀريل هئي، جنهن اسان کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو هو، غربت ۾ ساري دنيا، دنيا جي هر هڪ شئي اسان جي هئي. اسان رڳو ساهه کڻڻ جي بدران، هڪ هڪ پل، پوريءَ طرح زندهه ٿي رهياسين. جو ڪجهه وهيو واپريو ٿي اهو هڪ نئون ۽ نرالو تجربو هو. موت جي پس منظر جي ڪري هر هڪ شئي چٽي ۽ واضح هئي. مرڻو سڀ کي آهي ۽ ڪو به Forest Lawn موت کي ميساري نٿو سگهي.

لارنس جيڪو اکر لکيو تنهن کي نئين معنيٰ ڏنائين ڇاڪاڻ جو هو هميشه مٿاڇري کان هيٺ اونهاين تائين پهچندو هو. اسان به ڪيترائي دفعا مٿاڇري تي رهياسين، بور به ٿياسين. لارنس پنهنجي موت کي وڏي جرئت سان منهن ڏنو يا ائين چئجي ته موت ۾ هو زندهه رهيو. آخر سڀ ڪجهه ختم ٿيو ۽ هو بستري تي پيو هو. مون هن ۾ صحتمنديءَ کي محسوس ڪيو. هو اٽل عزم سان هو. هو وڏي ذميواري ۽ مڙساڻي هٺ سان زندهه رهيو.

اڄ هيترن سالن کانپوءِ مان هن لاءِ سوچيان ٿي ته ائين ٿو لڳي ڄڻ منهنجي زندگيءَ جي لاٽ کي ٿڌڙي هير ڇهي ان کي وڌيڪ روشن ڪري وئي، جيڪڏهن هن کي موقعو ڏنو ويو ته هو ٻين جي زندگي جي لاٽ کي به ائين ئي وڌيڪ روشن ڪري ڇڏيندو.

فريڊا لارنس

ڊرامي جا ڪردار: ڊي ”ايڇ“ لارنس، فريڊا ۽ برٿا

 

هنڌ: وينس، فرانس، ابلپس جو سامونڊي ڪنارو

مهل: ٽپرهي

ڏيک: لارنس Sun Proch ۾ ويٺو آهي، جنهن جي ساڄي پاسي سج جي بلڪل سامهون دري آهي، ان ساڳيءَ ڀت ۾ در آهي، جيڪو سمنڊ جي ننڍڙين پهاڙين جي سنهين چوٽين طرف کلي ٿو. تيز هوا ٿي لڳي ۽ سامونڊي ڇولين جو آواز ٿو اچي. لارنس ماٺ ڪيو سمنڊ ڏانهن ٿو نهاري. هن جي پٺيان، کاٻيءَ ڀت تي سنهري، اڇن ۽ قمرچي تارن سان اڻيل بينر لڳل آهي، جنهن تي باهه جي اُلن جي آکيري ۾ ويٺل فينڪس پکيءَ جي تصوير ٺهيل آهي. لارنس جي سڀ کان پياري علامت! لارنس ماٺ ويٺو آهي. هن جي ڏاڙهي باهه جهڙي آهي ۽ پڪل ڳاڙهه سري مٽيءَ جهڙي رنگ وارو منهن سانتيڪو آهي. هن جا هٿ هن جي مٿان پيل چوڪڙين واري ڪنبل تي رکيا آهن. انهن هٿن زندگيءَ جي زبردست مادي کي جهلي پلاسٽڪ وانگر پلٽي ڇڏيو هو. هن جون آڱريون ڀيڪوڙيل آهن، جيڪي هن جي اندر جي بي چيني کي ظاهر ٿيون ڪن. هن جو ٿورڙيون ويڪريون ناسون ايترو ته آهستي ساهه ٿيون کڻن جو ائين ٿو لڳي ڄڻ سندس ساهه جي سنهڙي تند هلڪي سٽ سان ڇڄي پوندي. مخالفن سان منهن ڏيڻ لاءِ پيدا ٿيل انسان، اڄ اهڙيءَ شئي سان مهاڏو اٽڪائي ويٺو آهي، جيڪا هن جي پهچ کان ٻاهر آهي. کيس پنهنجي غضب تي قابض رهڻو آهي، ان ڪري هو چوڪڙين واري ڪنبل ۽ هلڪي ڳاڙهي رنگ جي شال ويڙهي ماٺ ڪيو ويٺو آهي ...... هن کي ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته چيتو پنجوڙ ۾ ڦاٿو آهي، پر اڃا هن هار نه مڃي آهي.

(فريڊا اندر اچي ٿي، اٽڪل پنجاهه ورهين جي قد آور عورت ..... ڏند ڪٿائن جي ارون ديوتا جي انهن خدمتگار ٻانهين جهڙي جيڪي فيصلو ڪنديون آهن ته جنگ ۾ ڪير ڪير قتل ٿيندو. هن جي هٿن ۾ نفاست سان ويڙهيل پيڪٽ آهي.)

لارنس: (ڪنڌ ڦيرڻ کانسواءِ) اهو ڇا آهي؟

فريڊا: ٻاهر چانئٺ وٽ پيو هو.

لارنس: مون کي ڏيکار.

فريدا: رکڻ واري جو نالو ۽ ائڊريس لکيل نه آهي....... مون دريءَ مان هن جي ٿوري جهلڪ ڏٺي هئي.

لارنس: ڪا عورت هئي.

فريڊا: ها......

لارنس: هون.......

فريڊا: نيرو جيڪٽ پاتل پڪي وهيءَ جي ٿڪل ڪنواريءَ....... هن پيڪٽ پورچ ۾ رکيو ۽ مون دروازو کوليو ته ان کان اڳ پهاڙيءَ تان ڄڻ ته رڙهندي لهي وئي.

لارنس: (هن جي آواز ۾ چڙ ايندي ٿي وڃي) اهو منهنجي لاءِ آهي نه؟

فريڊا: ها تنهن جي لاءِ آهي.

لارنس: ته پوءِ مون کي ڏي...... بيوقوف عورت، تون سمجهين ڇو نه ٿي.

فريڊا: منهنجو خيال هو ته اُس سان تنهنجو سڀاءُ ٺيڪ ٿي ويو هوندو.

لارنس: اُس ته منهنجي طبيعت وڌيڪ خراب ڪري ڇڏي، ساري منجهند مان ۽ سچ هڪ ٻئي جا ويچارا ڪڍندا رهياسين. مون سج کي چيو، پوڙها ڪتا مون کي ٺيڪ ڪر، مون کي طاقت ڏي، منهنجا هٿ جهلي مون کي هن ڪرسيءَ مان ڪڍ، پر سج به بنهه Hansfran جهڙو آهي. جيڪا ڏاڪڻ کي ٻهاري ڏيندي رهي ۽ ٻڌئين نه ته مان هن کان ڇا جي بيک ٿو گهران. مان هن کي ڏوهه نٿو ڏيان. مان به بيک گهرڻ وارن ڏانهن گهڻو ڌيان نه ڏيندو هيس. مڙد کي بيک گهرڻ نه گهرجي. مڙد جيڪي چاهي ان تي کيس قبضو ڄمائڻ گهرجي. دشمن جي هٿان کسي وٺڻ گهرجي، جيڪڏهن هو وٺي نٿو سگهي، کسي نٿو سگهي ته پوءِ هن کي ان شيءِ جو خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي ۽ ڪجهه نه ملڻ تي مطمئن ٿيڻ گهرجي. هيڏانهن ڏس (هن پيڪيٽ کوليو آهي) سنگترن جي مربي جي برني (ٻاراڻي خوشيءَ سان مرڪي ٿو) هن برنيءَ ۾ آگسٽ جو مهينو بند آهي.

فريدا: اهو مربو نيرن ۾ کائجانءِ.

لارنس: (سنهري ڌاڳو کوليندي) جيستائين جيئرو آهيان تيستائين نيرن ۾ هي مربو کائي سگهندس ........ فريڊا ڏس ته هيءَ برني به پوريءَ سائيز جي آهي.

فريڊا: اجايون ڳالهيون نه ڪر (هن کان برني وٺڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر لارنس ٻليءَ واري ڦڙتيءَ سان جهٽ هڻي هن جي ٻانهن کي جهلي ٿو).

لارنس: ڇڏ بيوقوف ان کي ڇڏ.

فريڊا: (کلندي) اَلا! لارنس تو ۾ اڃا چڱي طاقت آهي.

لارنس: تو ڇا ٿي سمجهيو.

فريڊا: مان وساري ويٺس، پوئين ڏينهن ۾ تون مون سان چڱو ٿي هلين نه.

لارنس: ۽ تو سمجهيو ته تو مون کي پالتو بنائي ڇڏيو آهي.

فريڊا: ها، پر مون کي چڱيءَ طرح سمجهڻ گهربو هو، مون کي خيال ئي ڪونه هو ته تو پنهنجي اندر ۾ ڇا ويٺي ڪيو. چالاڪ لومڙ، مٿان پيلو ليپ هڻي تون سارو ڏينهن ڳاڙهي سج کي پنهنجو پاڻ ۾ جذب ڪندو رهين ۽ ان کي مون تي اوڳاڇڻ لاءِ زهر ۾ بدلائيندو رهين.

لارنس: مون ته ڄار ٿي اُڻيو..... چمڪندڙ لوهي ڄار، ته جيئن توکي جهلي سگهان. چالاڪ عورت، سمجهئي، جيڪڏهن ان ڄار مان پاڻ ڇڏائي سگهين ته بيشڪ ڇڏائي.

فريڊا: (کلندي) الا، تون مون کي ڏکوئين ٿو.

لارنس: (آهستي کيس ڇڏي ٿو) ڪوڙ نه ڳالهائي ...... تو ۾ زندگيءَ جي قوت آهي. توکي خدا ايتري گهڻي ۽ مون کي ايتري ٿوري قوت ڇو نه ڏني. تون چاهين ته منهنجي ٻانهن کي سڪل ڪانيءَ وانگر ڀڃي سگهين ٿي.

فريڊا: نه نه ........ تون هميشه طاقتور رهيو آهين. مان ڪڏهن توتي حاوي ٿي سگهيس؟

لارنس: (آرام سان) تون مون تي حاوي ٿي نٿي سگهينءَ (هن جو ساهه منجهڻ ٿو لڳي) هيِءَ برني دريءَ ۾ رک.

فريڊا: (برني کڻي وڃي ٿي) اڙي، هن تي ته هڪڙو ڪارڊ به لڳل آهي ..... تنهنجي پرستارن مان هڪڙي پرستار جي پاران ...... ۽ ٻئي طرف لکيل آهي مسٽر لارنس...... مان تنهنجي پوڄا ڪندي آهيان، ان ڪري جو مون کي خبر آهي ته رڳو خدائي زندگيءَ جي باري ۾ ايترو ڄاڻي ٿو.......

لارنس: جيتوڻيڪ مان پنهنجي خدا کي ڳولڻ ۾ ناڪام ٿيس، پر ڀانيان ٿو ته مون نيري جيڪٽ واري ان نامعلوم ڪنواريءَ لاءِ اتفاق سان هڪڙو خدا خلقي ڇڏيو ....... ۽ پنهنجي ديوتا جي قربان گاهه تي هوءَ مربي جي نازڪ برنيءَ جو نذرانو کڻي آئي آهي! ڪيڏي نه معمولي عورت آهي! مينهن ۾ جبل جي لاهين تان پٽجي رڙهندڙ ننڍڙي پٿرن جهڙا ڌرتيءَ جا ننڍڙا ۽ معمولي جيوَ اهڙي عظيم غير اعتقادي جا حامل ٿيندا آهن. هو پنهنجي خدا کي ڳولي لهندا آهن ۽ کيس مربي جو نذرانو پيش ڪندا آهن. جيڪڏهن مان پنهنجي خدا کي ڳولي لهان ......ڳولي سگهان ته مان پنهنجو سينو چيري پنهنجي دل کي هن جي اڳيان باهه ڏيندس.

فريڊا: تون تندرست ٿيندو ٿو وڃين.

لارنس: تو اهو اندازو ڪيئن لڳايو.

فريڊا: تون منهنجي باري ۾ جذباتي ٿيندو وڃين، تون پنهنجي باري ۾ صحيح اندازو لڳائي نٿو سگهين. تون حضرت عيسيٰ کي قبول نه ڪرين ها ڇاڪاڻ جو هو توکي ٺيڪ ڪري ڇڏي ها، توکي پنهنجي حقيقي صليب تي لڙڪن مان ڪيڏو مزو اچي ها!

لارنس: هن وقت تنهنجو ڪنڌ منهنجي هٿن ۾ هجي ها ته.......

فريڊا: (هن جي سامهون گوڏا کوڙي) منهنجو ڪنڌ حاضر آهي..... مون کي گهٽو ڏيڻ چاهين ته بيشڪ ڏي.

لارنس: (نرميءَ سان هن جي ڪنڌ تي آڱريون ڦيري ٿو) فريڊا، تنهنجو ڇا خيال آهي ڇا هڪ دفعو وري مان نيو ميڪسيڪو واپس وڃي سگهندس.

فريڊا: ڇو نه! لارنس تون جيڪي چاهين سو ڪري سگهين ٿو، اهڙي ڪا رڪاوٽ ڪانهي جنهن کي اورانگي نه سگهين يا ان جي هيٺان لنگهي يا ان کي ڌڪو ڏيئي تون پري نه ڪري سگهين.

لارنس: تنهنجو ڇا خيال آهي ته ڪڏهن مان اڇي طاقتور گهوڙيءَ تي چڙهي ريگستاني واچوڙي وانگر وڃي سگهندس...... مان ادبي ماڻهو آهيان ........ مان ڪتابن کان ٿڪجي پيو آهيان، هتي ڪو به اهڙو ڪونهي جيڪو سمجهي سگهي ته ان کان وڌيڪ چڙ ڏياريندڙ مذاق ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته مون جهڙي انسان جي زندگيءَ جو اظهار ڪتاب هجن.

فريڊا: نه ته تنهنجي زندگيءَ کي ڪهڙيءَ صورت ۾ ظاهر ٿيڻ گهربو هو.

لارنس: ڪنهن نه ڪنهن وحشي عمل جي صورت ۾، مان رڳو ايترو ڪري سگهيس جو هن دنيا ۾ عورتن، مسودن ۽ بي هوده رجحانن جو واڌارو ڪيم، ظاهر طور تي اخلاقيات، ڪوڙي شرم ۽ عقيلت جي بورزوا تصورن ۽ انهن خارجي قوتن سان وڙهندو رهيس، جيڪي اصل ۾ خارجي نه هيون، پر منهنجو اصل مقابلو منهنجي اندر ۾ ويٺل عورت سان هو. نيرو جيڪٽ پاتل پڪي وهيءَ جي ڪنئاري ........ جيڪا ان کان اڳ جو خدا مون کي منهنجي سڏ جو جواب ڏي اک ڇنڀ ۾ پهاڙيءَ تان لهي وئي ...... هاڻي مان وري ريگستانن ڏانهن موٽي وڃڻ ٿو چاهيان، ته جيئن وري وحشي ٿيڻ لاءِ پاڻ پتوڙي سگهان. مان، لو باس تي بيهي ڏهن ميلن جي فاصلي تان ان مينهن ۽ طوفان کي ڏسڻ ٿو چاهيان، جيڪو چانديءَ جا فوجي ٽوپلا پائي مارچ ڪندڙ ديون جي لشڪر وانگر وڌندو ٿو اچي.

فريڊا: ڪير ٿو چئي ته تون ائين ڪري نٿو سگهين.

لارنس: تون..... توکي خبر آهي ته مان ائين ڪري نٿو سگهان...... منهنجي اندر جو وحشي مڙد مري چڪو آهي ۽ عورت ۾ موت کي محسوس ڪرڻ لاءِ ڇهون حواس هوندو آهي. هو موت جي آمد کي ان وقت ئي محسوس ڪندي ڪرڻ شروع ڪنديون آهن، جڏهن موت جو اڃا آغاز ئي نه ٿيندو آهي..... مان ته سمجهان ٿو ته اهي عورتون ئي آهن جيڪي موت کي اندر اچڻ جي اجازت ڏينديون آهن..... هو سس پس ڪري موت کي آڱر جي اشاري سان اندر سڏينديون آهن ۽ پنهنجي چوغي مان اونداهي دروازي جي چاٻي ڪڍي هن کي ڏينديون آهن.

فريڊا: ائين نه  آهي، عورتون زندگيءَ جي آمد جي قيمت ادا ڪنديون آهن ۽ پوءِ ساري زندگي پنهنجي ٻانهن سان ان دروازي تي صليب جو نشان ٺاهي بيهنديون آهن  جنهن دروازي مان موت اندر اچڻ چاهيندو آهي. مڙد موت سان پيار ڪندا آهن ....... عورتون نه ڪنديون آهن، مڙد هڪ ٻئي کي گهاوَ ڏيندا آهن ۽ عورتون انهن گهاون مان وهندڙ رت کي روڪينديون آهن.

لارنس: ها.... رت کي پي روڪينديون آهن...... چڱو هاڻي مون کان پري ٿيءُ...... مون کي ايڏو ڇهڻ جي ضرورت نه آهي (فريڊا پنهنجا هٿ پري ٿي ڪري) تنهنجون هي آڱريون مون کي ڪمزور ٿيون ڪن....... منهنجي بت مان ساري قوت نپوڙي ٿيون وٺن.

فريڊا: نه نه ....... منهنجا پيارا، هي آڱريون ته ان قوت کي واپس ٿيون آڻين.

لارنس: مان توکان هڪڙو واعدو وٺڻ ٿو چاهيان.... مان مرڻ وارو آهيان...... جڏهن مان مرڻ تي هجان، ته خدا جي واسطي فريڊا ان وقت مون کي اڪيلو ڇڏي ڏجانءِ....... ان گهڙيءَ مون کي نه ڇهجانءِ...... نه تون پنهنجا هٿ منهنجي پيشانيءَ تي رکجان نه ٻئي ڪنهن کي ائين ڪرڻ ڏجانءِ....... مون کي ڊپ آهي....... اڻلکو انديشو آهي ته جنهن وقت مان مري رهيو هوندس ان وقت بيشمار عورتون منهنجي چوڌاري هونديون. جنهن وقت مون مان هنن کي اندر اچڻ کان روڪڻ جي طاقت ختم ٿي چڪي هوندي..... هو سڀني درن ۽ درين مان اندر گهڙنديون اينديون....... جٿن جي صورت ۾..... ڳيرن وانگر گگهو گهو ڪنديون...... پار ڪڍنديون، جلندڙ فينڪس کي پنهنجي گهيري ۾ وٺنديون....... هنن جي اکين مان ٽمندڙ ننڍڙا ننڍڙا لڙڪ ۽ چميون منهنجي اکين ۽ منهن کي ڍڪي ڇڏينديون......دلربا ايما...... ڪنواري برٿا....... ۽ ڪي گهٽ ته ڪي تمام گهڻي جنسي قوت واريون عورتن ان جٿي ۾ شامل هونديون، جن مون کي پنهنجي منجهيل ۽ ڳتيل جنسي قوت جو ڪشف سمجهيو ......... مان اهو نٿو چاهيان........ مان ائين مرڻ ٿو چاهيان جيئن اڪيلو پوڙهو جانور مرندو آهي....... منهنجي دل ٿي چوي ته مان ڏاڍي شدت سان، ڏاڍي پاڪيزگيءَ سان مران جو منهنجي اندر ۾ نفرت ۽ خوف جهڙن سخت شين کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه هجي جن کي مان پڄاڻيءَ تائين پهچايان، تون سمجهين ٿي نه فريڊا......

مون ۾ اڃا تائين مڙدانگيءَ جو گهڻو حصو آهي، مان ان سان موت سان ملڻ ٿو چاهيان، مان جڏهن آخري دفعو رت اوڳاڇيان ته ڌڻيءَ جي واسطي مون کي کڻي اهڙي بستري تي نه سمهارجانءِ جنهن جي چوڌاري عورتون گهيرو ڪيو بيٺيون هجن..... اهي آخري گهڙيون مان گهر ۾ نه گذاريندس...... مان هي دروازو کولي ٻاهر هليو ويندس...... ٻاهر سامونڊي پهاڙن جي سنهين چوٽين ڏانهن هليو ويندس...... ان وقت ڪوبه منهنجي پٺيان نه اچي...... اها ڳالهه ياد رکڻ تمام ضروري آهي فريڊا ته مان اڪيلائيءَ ۾ مرڻ ٿو چاهيان، بلڪل اڪيلائيءَ ۾....... سامونڊي پهاڙن جي چوٽين ۽ سامونڊي پاڻي جي ساٿ ۾....... منهنجي مٿان اس ۽ ستارن جي ٿڌي روشني هجي....... ٻيو ڪجهه نه....... ڪو هٿ........ نه ڪا ٻانهن........ نه ڪي چپ ۽ نه عورتون........بي رحم فطرت کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه هجي.

فريڊا: مان نٿي مڃان....... مون کي يقين نٿو اچي ته ڪو به ماڻهو چاهيندو ته مرڻ مهل هن جي ويجهو بي رحم فطرت کانسواءِ ٻيو ڪونه هجي.

لارنس: فريڊا، ان جو مطلب ته تون انڪار ٿي ڪرين!

فريڊا: نه نه مان بلڪل راضي آهيان.

لارنس: تون مون سان وعدو ٿي ڪرين!

فريڊا: ها ها...... چڱو هاڻي تون ڪنهن ٻي شئي لاءِ سوچ، مان چانهن کڻي اچان ٿي.

لارنس: (اوچتو ڪا شئي ڏسي) او منهنجا موليٰ!

فريڊا: ڇو ڇا ٿيو؟

لارنس: هو سونهري مڇين وارو پيالو کڻي هتي منهنجي سامهون دريءَ تي رک.

فريڊا: ڇو؟

لارنس: ان ڪري ته جيئن مان انهن جي نظرداري ڪري سگهان، ان چنڊي ٻليءَ اڄ وري مڇين تي اُلر ڪئي هئي.

فريڊا: توکي ڪيئن خبر پئي؟

لارنس: پهرين ان ۾ چار مڇيون هيون هاڻي ٽي آهن، اها چنڊي ٻلي وئي ڪيڏانهن.

فريڊا: ٻاهر وئي هوندي.

لارنس: ته جيئن پنهنجي شڪار کي مزي سان کائي سگهي، فريڊا، اهي مڇيون هتي دريءَ جي چانئٺ تي رک.

فريڊا: لارنس، مڇين کي اُس ۾ رکندين ته مرين وينديون.

لارنس: (ڪاوڙ مان) مان چوان ٿو ته مون سان ايڏي ڄاڙي نه هڻ..... مڇيون هيڏانهن آڻي رک.

فريڊا: (يڪدم اٿي مڇين وارو پيالو کڻي دريءَ وٽ رکڻ وڃي ٿي) تون اڄ ايڏو ڪاوڙيل ڇو آهين؟

لارنس: منهنجو خيال آهي، ته تو پاڻ هڪڙي سونهري مڇي ٻليءَ کي ڏني آهي....... تون ائين ڪري سگهين ٿي..... تون ۽ ٻلي، ٻئي هڪ جهڙيون آهيو، ٿلهيون متاريون، اکين پوريون ۽ بکيون..... ٺيڪ آهي.

فريڊا: لارنس مڇيءَ جي ڳالهه تي ايڏو گوڙ.

لارنس: اها رڳي مڇيءَ جي ڳالهه نه آهي؟

فريڊا: نه ته ڪهڙي ڳالهه آهي؟

لارنس: هينئر منهنجي قوت ختم ٿي وئي آهي. مان اهو سوچڻ کان پاڻ کي روڪي نٿو سگهان ته منهنجي قوت جو حصو توسان جهيڙن ۾ ضايع ٿي ويو.

فريڊا: (اوچتو منهن هٿن ۾ لڪائي ٿي) او....... لارنس!

لارنس: هي ڇا ٿي ڪرين؟ خدا جي واسطي روئڻ پٽڻ بند ڪر. مون کان برداشت نٿو ٿئي، اهو مون کي وڌيڪ بيمار ڪري ڇڏيندو آهي.

فريڊا: مان سمجهان ٿي ته تون مون کان نفرت ٿو ڪرين.

لارنس: (ٿوريءَ دير ۾ ڦڪائيءَ سان هن جي ٻانهن کي چمي ٿو) منهنجون ڳالهيون دل ۾ نه ڪر....... مون کي توسان محبت آهي. فريڊا مان توسان محبت ٿو ڪيان. منهنجي چانهن ۾ ٿورو رم (Rum) ملاءِ..... مان طاقتور ٿيندو ٿو وڃان. پوءِ مان پاڻ کي ايترو ڪمزور ڇو سمجهان؟

فريڊا: (هن جي پيشاني چمي ٿي) منهنجي مرضي آهي ته تون بستري تي ليٽي پئه.

لارنس: بسترو ته ڏامر ٿو لڳي.... ليٽندس ته چنبڙي پوندو....... مان الائي ڪڏهن پاڻ ڇڏائي سگهندس. منهنجو نرڙ گرم آهي؟ (فريڊا پيار مان هن جي اکين تي هٿ رکي ٿي ۽ لارنس ٻارڙن وانگر جهونگاري ٿو) منگهڻن جي راڻي، او منگهڻن جي راڻي، گهر ڏانهن ڀڄ تنهنجي گهر کي باهه لڳي آ، تنهنجا ٻارڙا سڙي ويندا.

(ٿورو مرڪي ٿو) منهنجي ماءُ جڏهن به منگهڻ ڏسندي هئي ته ائين چوندي هئي، گهڻا ماڻهو ڳوڙهي ۽ ڳتيل شخصيت وارا هوندا آهن. هنن ۾ اهڙي ڪا خاص ڳالهه نه هوندي آهي.

فريڊا: (اٿي وڃي ٿي ۽ پوءِ فينڪس جي بينر هيٺان بيهي ٿي) الا..... پنهنجي شعلن ۾ آکيري ۾ ويٺل بهادر پوڙهو ۽ ڪاوڙيل پکي..... منهنجي خيال ۾ تون ٿورو جذباتي ٿي ويو آهين!

لارنس: (يڪدم پورو اڳتي جهڪي) ٽن ماڻهن جي چانهن تيار ڪجانءِ.

فريڊا: ٽيون ڪير آهي؟

لارنس: برٿا...... اڄ هوءَ لنڊن مان واپس موٽندي....... منهنجي تصويرن جي نمائش جون خبرون آڻيندي.

(ڪرسيءَ تان اٿي بيهي ٿو)

فريڊا: هي ڇا ٿو ڪرين؟

لارنس: هن کي وٺڻ لاءِ ٻاهر ٿو وڃان.

فريڊا: ويهي رهه بيوقوف....... مان هن کي وٺي ٿي اچان....... پر خبردار جو هن کي هن گهر ۾ رهڻ لاءِ چيو اٿئي........ ائين ڪيئي ته مان هتان هلي وينديس (ٻاهر وڃي ٿي).

لارنس: ڪڙ ڪڙ...... ڪڙ...... ڪڙ، تون سمجهين ٿي ته مان اڃا وڌيڪ ڪڪڙيون پنهنجي چوڌاري گڏ ڪرڻ ٿو چاهيان(هو ڪرسيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٿئي ٿو ۽ پوءِ ڪنبل هڪ پاسي اڇلائي پيرن تي بيهي ٿو. مٿي ڦرڻ جي ڪري هو ٿاٻڙجي ٿو ۽ ڏاڍي ڏکيائيءَ سان ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو...... اڳتي وڌي پورچ جي ٻاهرين دروازي وٽ اچي ٿو پر کنگهه جي زبردست دوري جي ڪري بيهڻ تي مجبور ٿئي ٿو ...... مان نه ڪري سگهندس (اکيون کڻي فينڪس ڏانهن ڏسي ٿو بهادريءَ سان سڌي ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ پوءِ ٻاهر وڃي ٿو. ٿوريءَ دير ۾ فريڊا برٿا سان گڏ موٽي ٿي اچي..... برٿا ننڍي قد جي خوش باش انگريز عورت آهي، جنهن جون اکيون ٻارن جهڙيون معصوم ۽ آواز تکو آهي).

فريڊا: اَلا ...... اُٿي هليو ويو!

برٿا: هن کي اٿڻ جي اجازت نه آهي.

فريڊا: ٿورڙي ٿڪ سان هن کي ٻيو هيمريج ٿي سگهي ٿو ۽ ان سان هو ختم ٿي ويندو..... لورينزو! ڪٿي آهين.

لارنس: (ٻاهران) پوڙهي ڪڪڙ، ڪڙ ...... ڪڙ بند ڪر، مان چانهه کڻي اچان ٿو.

برٿا: هن کي وڃي جهل.

فريڊا: هو جهل ۾ نه ايندو.

برٿا: مرڻ جي مرضي اٿس ڇا؟

فريڊا: نه نه ...... هرگز نه، هن جا ڦڦڙ ختم ٿي ويا آهن، پر هو ساهه ٿو کڻي ...... هن جي دل صفا گسي وئي آهي، پر اڃان ڌڪ ڌڪ ڪري ٿي سگهي ...... ان جدوجهد کي ڏسي مون کي ڏاڍي تڪليف ٿي ٿئي. ايتري تڪليف ٿي ٿئي جو دل ٿي چوي ته هاڻي هو اها جدوجهد ڇڏي ڏي ته چڱو، منهنجي مرضي آهي ته هو هار مڃي ۽ جيڪي ٿيڻو هجي تنهن کي ٿيڻ ڏي.

برٿا: فريڊا ......

فريڊا: هن جو جسم ٽشو پيپر جي ٺهيل اهڙي گهرڙي جهڙو آهي، جيڪو باهه جي شعلن ۾ هجي ...... شفاف ڀتيون ڀڙڪندڙ باهه ٿي ويون آهن.  ماڻهو مري ته هن جي روح کي اڳواٽ ئي نڪري وڃڻ گهرجي. روح کي ماس کان اڳ آهستي آهستي مري وڃڻ گهرجي ته جيئن ڪو ڏسي سگهي ته روح کي پناهه ڏيڻ وارين جسم جي ڀتين کي ڪيئن روح آهستي آهستي ڊاهيندو ٿو وڃي.

فريڊا: ڇا هو ائين ڪري سگهي ٿو، جسم کانسواءِ زنده رهڻ...... اهڙو شعلو ٿيڻ جنهن لاءِ ڪو ٻارڻ نه هجي.

برٿا: ها فينڪس ائين ڪري سگهي ٿو.

فريڊا: فينڪس خيالي پکي آهي ۽ هو انسان آهي.

برٿا: هو انسان کان مٿاهون آهي.

فريڊا: مون کي خبر آهي ته تو هميشه هن کي ائين سمجهيو آهي پر تون غلطيءَ تي هئين.

برٿا: تو ڪڏهن به اقرار نه ڪيو ته لورينزو ديوتا آهي.

فريڊا: هن سان سمهڻ کانپوءِ...... نه مان اهو اقرار ڪري نٿي سگهان.

برٿا: جسماني ڄاڻ کان وڌيڪ به ماڻهوءَ ۾ ڪجهه هوندو آهي.

فريڊا: پر سڀ کان پهرين جسماني ڄاڻ آهي.

برٿا: مان نٿي مڃان.

فريڊا: پوءِ تون لارنس جي اها ڳالهه به نه مڃيندينءَ ته عورت جي جسم کي سمجهڻ کانسواءِ عورت کي سمجهي نٿو سگهجي.

برٿا: منهنجو خيال آهي ته تو ئي هن کي رڳو جسم تائين محدود رکيو آهيس.

فريڊا: واهه...... جي اهو سچ آهي ته پوءِ لارنس کي منهنجو ٿورائتو ٿيڻ گهرجي.

برٿا: منهنجي خيال ۾ ان ۾ ٿورائتي ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ڪانهي.

فريڊا: ڳالهه ٻڌ...... جيڪڏهن هو تنهنجي هٿ چڙهي وڃي ها ته تون هن کي ڇا ڪرين ها.

برٿا: منهنجي هٿ...... فريڊا!

فريڊا: شايد تون هن کي سندس جسم کان ٻاهر ڇڪي ڪڍي اچين ها، پوءِ هو ڪٿي هجي ها...... پولار ۾!

برٿا: فريڊا......

فريڊا: توکي خبر ئي ڪانهي ته لارنس ڇا آهي...... لارنس جي حقيقت هميشه تو کان لڪل رهندي. هن جي هر ادبي تخليق جسم جو اظهار آهي. هن کي انهن ماڻهن کان ڪيڏي نفرت آهي جيڪي ڪوڙي شرم ۽ منافقت جي ڪري جسم جي سچ کي لڪائيندا آهن.

برٿا: فريڊا، اسان وري اهو ساڳيو ٻاراڻو جهيڙو شروع ڪري ڏنو.

فريڊا: چڱو، جهيڙو ختم ٿا ڪريون، پر اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ڪر ته لورينزو ۾ باقي ڪجهه بچيو آهي.

برٿا: هن ۾ باقي اها شئي وڃي بچي آهي جيڪا ورهائي نٿي سگهجي.

فريڊا: هشت ..... چپ ڪر...... هو اچي پيو.

برٿا: (دروازي ڏانهن وڌي ٿي) لورينزو.

لارنس: (ٻاهران) منهنجي ٻلڙي، او منهنجي ٻلڙي تون ڪيڏانهن وئي هئينءَ؟

برٿا: (خوشيءَ مان) لنڊن ۾ راڻيءَ کي ڏسڻ وئي هيس.

لارنس: (ويجهو ايندي) منهنجي ٻلڙي، او منهنجي ٻلڙي اتي ڇا ڪيئن؟

برٿا: (ساڳي انداز سان) اتي ڪرسيءَ هيٺان ڪوئي کي ڳوليم.

(لارنس ٽرالي ڌڪيندو دروازي مان ظاهر ٿئي ٿو، برٿا هن کي حيرت وچان ڏسي ٿي.)

لارنس: (هن کي ڏسي) مان سمجهان ٿو...... مان توکي ڪنهن سيکڙاٽ جي هٿن جي ٺهيل ممي ٿو لڳان نه......

برٿا: (پاڻ سنڀالي) نه ته...... لورينزو تون بلڪل ٺيڪ ٿو لڳين.

لارنس: اها لالائي نه آهي ...... پر بخار جي تپش جي ڳاڙهاڻ آهي...... مان سڙان ٿو...... باهه ۾ پيو ٻران...... الائجي ڇو هن وقت تائين رک نه ٿيو آهيان...... ڊاڪٽر حيران آهن ۽ مايوس به...... منهنجي هن ٿيڻ واري بيوهه وانگي...... هيءَ به سڀ اميدون لاهي ويٺي آهي (برٿا اڳتي وڌي ٿي ته جيئن چانهه ميز تي رکڻ ۾ هن جي مدد ڪري)

تون منهنجو خيال نه ڪر...... مان پاڻهي سڀ ڪندس.

فريڊا: واهه واهه، ان قومزي شال ۾ ته تون واقعي آڪڙ وارو ڪڪڙ ٿو لڳين.

لارنس: هيءَ شال مون کي ڪنهن وڌي......؟ ڪُتي، تو وڌي هوندي (شال لاهي اڇلائي ٿو) برٿا آرام ڪرڻ سان مون کي ڪڏهن به فائدو نه ٿيو.

برٿا: ٿورو آرام ڪر پوءِ پاڻ ٻيڙيءَ تي سير ڪرڻ هلنداسين.

لارنس: ها، اسين ٽيئي وري سمنڊ ڏانهن وينداسين.

روبا...... ڊَبُ

ٽي بيوقوف، هڪ ٽَبُ.

برٿا ۽ فريڊا

۽ پراڻو باهه خور

برٿا: (هن جي ڏاڙهيءَ کي ڇهي) پراڻا باهه خور.

لارنس: ڏس ته مان پنهنجي ڏاڙهيءَ کي ڪيئن ٿو ٺيڪ ڪيان (ننڍڙو آئينو ۽ ڦڻي ڪڍي ٿو)

فريڊا: توبهه هن کي ته پنهنجي وارن سان عشق آهي.

لارنس: (ڦڻي ڏيندي) هن کي منهنجي ڏاڙهيءَ سان ساڙ آهي......سڀ عورتون، مڙدن جي ڏاڙهي مڇن کان سڙنديون آهن...... ڇاڪاڻ جو هو اهڙيءَ شئي کي برداشت نه ٿيون ڪري سگهن، جيڪا مڙدن کي هنن کان مٿڀرو ٿي بڻائي.

فريڊا: (چانهه وجهندي) ڳالهه ان جي بلڪل ابتڙ آهي.

لارنس: بيشڪ هو مڙدن کي پنهنجي جسمن جي اندر وڃڻ جي اجازت ڏينديون آهن، پر هنن کي اها اميد هوندي آهي ته هو وري ٻاهر نه نڪرندا ۽ هميشه لاءِ هنن جا قيدي ٿي رهندا.

فريڊا: واهه هڪڙي ڪنواري عورت جي ٻڌڻ لاءِ ڪهڙي نه سٺي گفتگو آهي.

لارنس: ڏٺئه برٿا هاڻي هيءَ تنهنجي ڪنواري هجڻ جو مذاق پئي اڏائي.

فريڊا: مان هن جي ڪنواري هجڻ جو مذاق اڏائيندس! مون کي ته هن سان ريس ٿي ٿئي هيءَ ڪيتري نه خوش نصيب آهي جو هن کي ڏينهن ۾ ڪيترا ڀيرا اهو ٻڌڻو نٿو پوي ته حياتيءَ جي اصل قوت مڙد آهي ۽ ويچاري عورت حياتيءَ جي مادي جو رڳو هڪڙو مفعول ٽڪرو آهي.

لارنس: مون ڪڏهن به مفعول نه چيو آهي پر مون هميشه خطرناڪ چيو آهي (ڦڻي رکي پاڻ کي آئيني ۾ ڏسي ٿو) مان ڏسڻ ۾ شيطان ٿو نظر اچان؟

فريڊا: ٻڌ برٿا، جنس جي باري ۾ هن جا نظريا هاڻي ڪائناتي ٿيندا ٿا وڃن...... صبح جو سج اڀرندو آهي ته خبر ٿي ته هي ڇا هوندو آهي...... نه مان اهو ورجائي نٿي سگهان...... ۽ جڏهن سج لهندو آهي......تڏهن خير اهو تون پاڻ پنهنجي ڪنن سان ٻڌجانءِ.

لارنس: (کلي ٿو) ها...... مان هميشه هڪڙو جملو چوندو آهيان...... ٻه ٽي منٽ انتظار ڪر. تون پاڻ ٻڌينءَ (آئينو پري ڪري ٿو) ها. پوءِ برٿا......

برٿا: ها...... لورينزو

لارنس: تو اڃا ٻڌايو ڪونه!

برٿا: ڇا جي باري ۾؟

لارنس: تنهنجي خيال ۾ مون توکي لنڊن ڇو موڪليو هو.

برٿا: پنهنجي رستي تان هٽائڻ لاءِ.

لارنس: ان کانسواءِ! خير ڇڏ ان ڳالهه کي...... ها اها نمائش ...... ماڻهن کي منهنجون تصويرون وڻيون.

برٿا: جي...... اهي

لارنس: ٻڌاءِ کڻي برٿا...... هيءُ جِنُ تيستائين نه مڃيندو جيستائين پنهنجي ڪنن سان نه ٻڌندو.

فريڊا: ظاهر آهي ته ماڻهو کليا هوندا...... لورينزو تون مصور نه آهين...... ليکڪ آهين...... تون ته سڌي ليڪ به ڪڍي نٿو سگهين.

لارنس: ها پر مان ڏنگي ڦڏي ليڪ ته ڪڍي سگهان ٿو...... اهو ئي سبب آهي جو مان اهڙي تصوير ٺاهي سگهان ٿو جنهن ۾ زندگي هجي...... ڀلا ڏسڻ وارا گهڻا هئا......

برٿا: وڏي گوڙ کانپوءِ دروازي تي رسو ٻڌي ماڻهن کي اندر اچڻ کان روڪيو ويو.

لارنس: گوڙ......! ڇا جو گوڙ؟

فريڊا: هن جي خوشي ته ڏس.

لارنس: ٻڌاءِ ته ڇا ٿيو؟

برٿا: عورتن جي ڪلب جي هڪ ميمبرياڻيءَ، آدم ۽ حوا واري تصوير کي ڪترڻ جي ڪوشش ڪئي (لارنس کل ۾ ٻڏي وڃي ٿو)

فريڊا: لورينزو...... هاڻي کڻي چپ ڪر.

برٿا: ان واقعي جي ڪري پوليس کي ڌيان ڏيڻو پيو.

لارنس: پوليس! (اٿي بيهي ٿو) هنن منهنجي تصويرن کي ڇا ڪيو. باهه ڏنائون...... تباهه ڪيائون......

برٿا: نه نه، اسان تصويرن کي باهه ڏيڻ خلاف منع نامو حاصل ڪري ورتو.

لارنس: تصويرون محفوظ آهن نه؟

برٿا: ها، بلڪل محفوظ آهن.

فريڊا: تون ڪرسيءَ تي ويهه، نه ته توکي بستري تي ليٽائڻو پوندو (هن کي ڌڪو ڏيئي ويهارڻ جي ڪوشش ڪري ٿي لارنس ڪاوڙجي کيس چماٽ وهائي ٿو ڪڍي)

برٿا: لورينزو!

لارنس: مون تي رعب ٿي رکي...... منهنجي ڪمزوريءَ جو مذاق ٿي اڏائي...... مون کي بستري تي ليٽائيندي...... مون کي هٿ به لاٿئي ته مزو چکائيندو سانءِ.

فريڊا: لارنس ويهي رهه نه ته وري رت ايندئي (لارنس ٿوريءَ دير لاءِ هن کي ڏسي ٿو ۽ پوءِ فرمانبرداريءَ سان ويهي ٿو)

لارنس: اها لوئي وري مون کي پارائي......سج ساڻو ٿيندو ٿو وڃي. سونهري وارن واري نوجوان ديوتا کي اوندهه جي رنڊي ورغلائي ٿي.

فريڊا: هاڻي ٻڌ...... هي سج لهڻ تي پنهنجا ڪلاسيڪ جملا چوڻ وارو آهي (احتياط سان هن جي مٿان شال وجهي ٿي)

لارنس: ها ته پوءِ تصويرون...... ڏاڍيون سٺيون کڻي نه هيون پر انهن ۾ غضبناڪ زندگي هئي.

برٿا: انهن تصويرن ۾ تون آهين...... پر لورينزو تون مصوري ڪرڻ ڇو ٿو چاهين؟

لارنس: مان لکڻ ڇو ٿو چاهيان، ان لاءِ جو مان آرٽسٽ آهيان...... آرٽسٽ ڪير هوندو آهي...... اهڙو ماڻهو جيڪو تيستائين زندگيءَ سان پيار ڪندو آهي، جيستائين هو زندگيءَ کان نفرت نه ڪرڻ لڳي ۽ پنهنجون مُٺيون ڀيڪوڙي زندگيءَ کي ڌڪ نه هڻي، جيئن ٿوري دير اڳ مون فريڊا کي ڌڪ هنيو...... زندگيءَ کي اهو احساس ڏيارڻ لاءِ ته هو اڃا سندس چالبازيون سمجهي ٿو ۽ اڃا تائين سندس آقا آهي...... (لڙاٽيل پيلي روشني گهٽ ٿيندي ٿي وڃي) فريڊا...... برٿا. مون پنهنجي فن جي ڪشادن ۽ قربائتين ٻانهن کي پري پري پکيڙڻ ٿي چاهيو...... ايترو وسيع بڻائڻ ٿي چاهيو ته جيئن اهي ٻانهون ساري ڌرتيءَ سان زندگي ۽ ساري ڪائنات کي ڀاڪر ۾ ڀرين...... پر زندگيءَ ۾ اونهائيءَ تائين اندر وڃڻ لاءِ رڳو پيار ڪافي نه آهي ان ڪري مون مٺ ڀيڪوڙي زندگيءَ کي ڌڪن تي ڌڪ هنيا...... رڳو لفظ ڪافي نه آهي...... مون کي رنگ به گهرجن...... مون رنگن جي چونڊ ڪئي ۽ ائين پيش ڪيم جيئن مان لکندو هيس...... غضبناڪ ٿي، شدت سان ۽ بنا ڪنهن شرم جي...... هيءَ زندگي آهي...... مون هنن کي ٻڌايو، ته اهائي زندگي آهي، حيرت ناڪ، اونداهي ۽ هولناڪ...... هنن منهنجي ڪتابن تي بندش وڌي ۽ هو منهنجي تصويرن کي ساڙڻ ٿا چاهين...... اهو ائين آهي جيئن اوهين سج کي پهريون ڀيرو ڏسندا آهيو ۽ هوا اوهان کي انڌو ڪري ڇڏيندي آهي...... زندگيءَ انڌو ڪندڙ آهي......

(ڪرسيءَ تي اڳڀرو ٿي) سج هيٺ ٿو لهي...... اوندهه جي رنڊي هن کي ورغلائي ٿي.

فريڊا: ڪن بند ڪري ڇڏ...... هاڻي هو چوڻ وارو آهي.

لارنس: هن سج کي جهلي ورتو آهي...... ٻئي همبستري ٿا ڪن...... سج ساڻو ٿي پيو آهي...... رنڊيءَ هن جو ست چوسي ورتو آهي، هاڻي هوءَ کيس تباهه ڪرڻ شروع ڪندي...... هوءَ هن کي ڳڙڪائي ٿي...... پر هو هن جي اندر ۾ نه رهندو. هن جي پيٽ مان اڀري ايندو ۽ پوءِ روشني ٿيندي...... آخرڪار روشني ٿيندي ۽ مان ان روشنيءَ جو پيغمبر آهيان. (ڏکيائيءَ سان اٿي ٿو)

برٿا: لورينزو!

فريڊا: لارنس، خيال ڪر.

لارنس: بڪواس بند ڪر مون کي هٿ نه لاءِ (ٿڙندو ٿاٻڙندو وڏي دريءَ ڏانهن وڃي ٿو)

آخرڪار روشني ٿيندي......روشني! ......روشني!!

(هن جو آواز وڌي ٿو وڃي ۽ هو انجيل جي نبين وانگر هٿ ٿو پکيڙي چومِڙ) عظيم روشني...... عظيم ۽ انڌو ڪندڙ ڪائناتي روشني! ۽ مان...... مان ان روشنيءَ جو پيغمبر آهيان.

(ڏند ڀيڪوڙي ٿڙي ٿو)

فريڊا: لارنس!

برٿا: (دهلجي) هي ڇا آهي؟

فريڊا: رت!

برٿا: لورينزو......(تڙپي هن ڏانهن وڌي ٿي، فريڊا هن کي زور سان جهلي ٿي)

لارنس: اوهين ٻئي مون کان پري رهو...... مان هي سڀ اڪيلو برداشت ڪرڻ ٿو چاهيان...... جيستائين سڀ ڪجهه ختم نه ٿي وڃي پنهنجي جاءِ تان نه چرجو (لارنس آهستي آهستي زمين تي ائين ڪرڻ ٿو لڳي ڄڻ ڪو اڻ ڏٺل هٿ هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو هجي پر هاڻي به هو ڀت کي مضبوطيءَ سان جهلي هلڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، ساهه کڻڻ جي ڪوشش ۾ سهڪي ٿو...... آخر دروازي تائين پهچي، دروازو کولي ٿو) منهنجي پٺيان نه اچجو...... (ٻاهر هليو وڃي ٿو)

برٿا: (فريڊا کان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي) مون کي ڇڏ...... مون کي ڇڏ...... مان هن وٽ وڃڻ ٿي چاهيان......

فريڊا: مون هن سان واعدو ڪيو آهي...... ڪا به عورت نه......

برٿا: تون وڃ

فريڊا: نه ڪوبه نه...... ڪو به هن وٽ نٿو وڃي سگهي...... نه تون...... نه مان...... ڪابه عورت نه......

برٿا: هو اڪيلو مري نٿو سگهي...... مان هن کي اڪيلو مرڻ نه ڏينديس...... ڪو هن کي اڪيلو مرڻ نه ڏيندو......

فريڊا: (اندر جي ايذاءَ سان) پر مان کيس اڪيلو مرڻ ڏيندس...... مون ساڻس وعدو ڪيو آهي...... مان هن کي ائين ڪرڻ ڏيندس.

(هوا جي جهوٽي سان دروازو کلي ٿو...... ٻاهر سامونڊي ڇولين جو شور آهي...... فينڪس وارو ريشمي بينر ڦڙڪندو هيٺ ڪري ٿو...... برٿا ذري گهٽ ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي، پر فريڊا پنهنجي وحشي انداز سان کيس ٻيهر روڪي ٿي...... انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ ليمپ لڏي ٿي ۽ ڀرڪي وسامي ٿي وڃي...... برٿا دهشت مان دانهن ٿي ڪري ۽ فرش تي ڪري سڏڪا ٿي ڀري ٿوريءَ دير لاءِ بلڪل ماٺ ڇانيل رهي ٿي ۽ پوءِ لارنس جو هلڪو آواز ڄڻ ڪنهن ڏورانهين هنڌان ٿو اچي......)

لارنس: فر......يڊا.

(فريڊا روئندڙ برٿا کي ڌڪو ڏيئي پاڻ کان پري ڪري ٿي ۽ تکي اڏامندڙ ڏکيءَ جي اڏام وانگر ڄڻ تيز اڏامي ٻاهر ٽيريس ڏانهن وڃي ٿي).

فريڊا: دهشت، بي انداز پيار ۽ پاٻوهه مان) مان اچان ٿي...... مان اچان ٿي...... منهنجا لورينزو...... مان......


ô  فينڪس: هڪڙو خيالي پکي جنهن جي چهنب ۾ ست سُرَ هوندا آهن، ڪنهن ڏينهن هو ديپڪ راڳ ڳائيندو آهي ۽ هن جي ساري وجود ۾ پنهنجي ئي راڳ جا اُلا ڀڙڪي پوندا آهن ۽ هو انهن اُلن ۾ سڙي رک ٿي ويندو آهي، وري جڏهن مينهن پوندو آهي ۽ مينهن جون بوندون هن جي رک تي پونديون آهن ته هو وري جيئرو ٿي پوندو آهي.

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com