سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ناٽڪ جي تاريخ

 

صفحو :4

واٽون ۽ نيڻ

 

جي اُهرئا اڄُ، سي ڪڏهن ايندا مان ڳري

پريان جي هُن پارَ ڏي، وڃي ڌَنُڪي ڌَڄُ،

سامونڊيءَ ڪو ڏَجههُ، ماءِ! ماريندم ڪڏهين؟

        ]شروعاتي موسيقي جو مغموم تاثر، جنهن ۾ پاڻيءَ جي لهرن جو تاثر ملي وڃي ٿو.[

سهجان:               نه ..... تون اهو نه آهين، اهو تون نه آهين، جنهن جي لاءِ آءُ ايامن کان، نيڻ وڇايو ويٺي آهيان! آءٌ انهي جي واٽ پئي نهاريان، جيڪو اوچتو ئي اوچتو مون کان وڇڙي ويو ۽ .... مون کي ورهه جي وماس ۾ وجهي هليو ويو. هو کاري کيڙاؤ، موتين ميڙائو، وري واپس وطن تي واڳ واريندو!

]ڏکارو کلي ٿي[

                ..... مون هن کي روڪيو هو، ترسايو هو، ته انهي سامونڊي سفر تي نه وڃ، توکان سواءِ بندر بازاريون سڀ سڃيون ٿي وينديون! پر وڃڻۡ وارا ڪڏهن ترسيا به آهن؟ منهنجو خواب سچو ٿيو.

]سڏڪو ڀري ٿي[

ملوڪ:         سهجان.... سهجان..... ڏس....

سجهان:               (شديد نفرت سان) منهنجو نالو نه کڻ.

ملوڪ:         آءٌ ملوڪ آهيان، تنهنجو ملوڪ!

سهجان:               تون پاڻ کي ملوڪ نه چئو، مون سڀڪجهه پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي.... تون ته انهن سان گڏجي ٻيڙي مان لٿو هئين، جيڪي پاڻ سان باهه، رت ۽ موت کڻي آيا هئا. باه، رت، موت ۽ حياتي، ۽ منهنجي شهر جا ڪک ... گهڙي کن ۾ ڇا مان ڇا ٿي ويو!

ملوڪ: سهجان، ڌڻي جي نالي ايترو بدگمان نه ٿي! آءٌ ملوڪ آهيان، مون کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪر، آءٌ تنهنجو ملوڪ آهيان!

سهجان:               ملوڪ جو نالو تنهنجي زبان تي نٿو سونهين!

]رڙيون جنهن ۾ ڏک جو شديد تاثر آهي[

                .... اهو نالو تون نه کڻ اي شخص! نه کڻ! منهنجو ملوڪ تون نه آهين. منهنجو ملوڪ ته کاري جي سفر تي ويو آهي! موتي ميڙڻ ويو آهي، جو هڪ ڏينهن واپس ايندو، هو مون سان انجامي آهي.... ۽ جڏهن هو هتي پير ڌريندو تڏهن هن سان خوشيون هونديون، تون ته پاڻ سان باه کڻي آيو آهين..... نه نه، تون منهنجو ملوڪ نه آهين!

ملوڪ:         سهجان، آءٌ توکي ڪيئن سمجهايان ته آءٌ ئي موتي ميڙڻ ويو هوس. ڏس آءٌ موٽي آيو آهيان!

سهجان:               مون کي اعتبار نٿو اچي. آءٌ ڪيئن مڃان جڏهن دل نٿي مڃي! هن مون کي وڃڻ وقت چيو هو. ها، مون کي اڃان تائين ياد آهي، ائين ئي ياد آهي ڄڻ هو هينئر مون سان ڳالهيون ڪري، واءُ جي وڻندڙ جهوٽي جيان گذري ويو هجي! هن چيو ته، آءُ وري ايندس، ۽ پاڻ سان خوشين جون سوکڙيون کڻي ايندس! ۽ اهي سوکڙيون فقط تنهنجي لاءِ هونديون! (غمزده کل) پر منهنجو خواب سچو ٿيو!

ملوڪ:         تنهنجو خواب ڪيئن سچو ٿيو، جڏهن آءٌ تنهنجي آڏو آهيان، سهجان!

سهجان:       منهنجو خواب ڪڏهن به ڪوڙو نه ٿو ٿي سگهي ڪڏهن به نه.

ملوڪ: خوابن جي سچائيءَ تي جيڪڏهن ڀروسو ڪجي ته ڪر انساني حياتيءَ جو رنگ ئي بدلجي وڃي، سهجان! زندگي حقيقتن جي پيڙهه تي ٻڌل آهي!

سهجان:               حقيقتون ۽ خواب!

                ]ٽهڪ ڏئي ٿي ۽ موسيقي جو تاثر اُڀري ٿو[.

ملوڪ:         سهجان! سهجان!

سهجان:               جي سائين، چئو، اڄ ڏاڍو خوش پيو ڏسجين!

ملوڪ:         توکي خبر آهي ته اڄ امير عيسيَ ترخان مون کي سڏايو هو!

سهجان:               (ڇرڪ ڀري) ملوڪ، توکي ٺٽي جي بادشاهه سڏايو هو! اڄ بادشاهه جو رعيت ۾ ڪهڙو ڪم پيو؟

ملوڪ:         سهجان! هن مون کي هڪ خاص ڪم ڏنو آهي ۽ مون انجام ڪيو آهي ته آءٌ اهو ڪم ضرور ڪندس!

سهجان:               ڪهڙو ڪم آهي ملوڪ، جنهن جي ملڻ تي تون ايترو خوش ٿيو آهين!

ملوڪ:         آءٌ جلدي سفر تي وڃڻ وارو آهيان، سهجان!

سهجان:               سفر تي؟ ملوڪ، تازو ته تون سفر تان موٽيو آهين..... وري سفر جي سنبت ... ملوڪ تون انهيءَ سفر جي پچار نه ڇڏيندين!

ملوڪ:         سهجان! آءٌ سامونڊي آهيان ۽ سفر منهنجي حياتي آهي. آءٌ ان جي پچر ڪيئن ٿو ڇڏي سگهان، اِهو ته ائين ٿيو ڄڻ ڪنهن کي چئجي ته تون ساهه کڻڻ ڇڏي ڏي!

سهجان:               پر ملوڪ، تون اها ڳالهه ڇو ٿو وسارين ته تنهنجي وڃڻ ڪري، حياتيءَ جون سموريون خوشيون ختم ٿي وڃن ٿيون. گوندر اندر ۾ ٻارڻ ٻاريو ڇڏين!

ملوڪ:         پر سهجان! آءٌ سدائين لاءِ ڪونه پيو وڃان!

سهجان:               ائين نه چئو ملوڪ؛ وائي سوائي ڪجي، مهل ڪمهل جو خيال ڪجي! تون جيڪڏهن نه آئين ته پوءِ منهنجو جيئڻ ڪهڙو! منهنجي حياتي ته جيئري ئي وهه ٿي ويندي!

ملوڪ: اهڙيون ڳالهيون نه ڪر سهجان! توکي سُڌ آهي ته آءٌ کاري جي سفر کان سواءِ رهي نٿو سگهان، ۽ هينئر ته اسان جون خوشيون انهيءَ سفر سان آهن، جيڪڏهن مون کي پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي ٿي ته اسان جي حياتي جا ڏينهن ئي مٽجي ويندا، اسان وٽ خوشيون هونديون ۽ امير عيسيٰ  جي ڪچهريءَ ۾ عزت ۽ مان! انهيءَ کان وڌيڪ اسان کي ڇا گهرجي! تون پڪ رک ته هن سفر کان پوءِ، آءٌ وري ڪڏهن به ڪيڏانهن نه ويندس.

سهجان:       ڪير ڄاڻي، هن سفر کان پوءِ ڇا ٿئي! تنهنجا ته هر سفر تي اهي ئي انجام هوندا آهن، ’هن ڀري وڃان ٿو، وري نه ويندس!‘ آخر اسان لاءِ فقط اوسيڙو ئي آهي، جنهن جي سهاري تي حياتيون گذاري ڇڏينديوسين؟

ملوڪ: نه نه سهجان! ائين ڪونهي.. اڳي اسان پنهنجي مرضي سان سفر ڪندا هئاسين، هاڻي اسان ڪنهن ٻئي جي خوشيءَ خاطر سمنڊ جو سفر ٿا ڪريون.... آئون چاهيان ٿو ته وري ڪيڏانهن نه وڃجي، پر ڇا ڪريان لاچار آهيان، حڪم آهي، انجام آهي! پورائي ڪرڻي ضروري آهي.

سهجان:       آخر امير جي توتي اک ڪئين پئي؟

ملوڪ: حقيقت هيءَ آهي ته امير کي ڪجهه موتي گهرجن، اهي موتي پري اونهي سمنڊ ۾ ملندا آهن- امير پنهنجي راڻيءَ کي انهن موتين جي سوکڙي ڪري ڏيندو!

سهجان:       هڪڙن جي خوشي لاءِ ٻين جون خوشيون کسڻ، اهو به اميراڻو ماڻو آهي، جيڪو اسان غريبن کي ئي سهڻو پوي ٿو!

ملوڪ: خبر نه آهي توکي ڇا ٿي ويو آهي! توکي ته پاڻ خوش ٿيڻ گهرجي ته آئون  انهيءَ ڪم جي پورائيءَ ۾ سفر تي سنڀريو آهيان، جنهن لاءِ ٺٽي جي سمورن مير بحرن ۽ سامونڊين انڪار ڪيو آهي! ۽ آئون ئي آهيان، جنهن اِها هام هنئي آهي!

سهجان:       منهنجون خوشيون ڪهڙيون آهن ملوڪ، توکان سواءِ منهنجي حياتيءَ جي هر گهڙي نانگ بنجي دل تي پنهنجو زهري ڏنگ هڻي حملا ٿي ڪري! مون ۾ ايتري سهپ ڪٿي آهي جو ايڏو وڇوڙو خوشيءَ سان قبول ڪريان!

ملوڪ: دل نه لاهه.... آءٌ جلدي پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪري، تنهنجي لاءِ خوشيءَ جون سوغاتون سهيڙي ايندس!

سهجان:       اهي خوشيون، جن جي لاءِ اون سڄي عمر واٽون نهاريندي رهنديس- ۽ حاصل ڇا ٿيندو، فقط اوسيئڙو، آءٌ انهيءَ اوسيئڙي جي سهاري ئي حياتي گذاريندس. جيڪڏهن تون نٿو رهين ته آءٌ تنهنجي لاءِ واٽن تي نيڻ وڇايو ويٺي هونديس. جڏهن تون ورندين ته خوشيون منهنجي پلوءَ ۾ پاڻ اچي پونديون ۽ مونکي انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه گهرجي.... ڪجهه به نه گهرجي!

]خواب آور موسيقي جو تاثر، پاڻيءَ ۾ ٻيڙي هلڻ جو تاثر[

….           ….           ….

ملوڪ: آسمان رت وانگر ڳاڙهو ٿي ويو آهي.

سهجان:       پاڻي به بنهه ماٺو آهي، ملوڪ!

ملوڪ: پاڻيءَ جي انهي ماٺار ۾، ڪنهن وڏي طوفان جي اچڻ جو ڊپ آهي!

سهجان:       طوفان.... نه نه، ائين نه چئو! طوفاني سمنڊ جون ڇوليون اسان جو ٻيڙو سهي نه سگهندو!

ملوڪ: جيڪو ٺڪر ٺهيو آهي، سو نيٺ ته هڪ ڏينهن ڀڃي ڀُڪا ٿيندو، سهجان!

سهجان:       ائين نه چئو ملوڪ... اسان جنهن سفر تي نڪتا آهيون، انهي جو انت اهو ڪونهي! اسان ته اڃان هينئر پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي آهي.... اهو سفر ته خوشين جي سرحدن تي ختم ٿيندو!

ملوڪ: خوشين جون سرحدون! جن جي ڳولا ۾ اسين نڪتا آهيون.... جيڪي اسان جي وس کان ٻاهر آهن. اسان جي نصيب ۾ فقط محنت آهي، ۽ محنت ئي اسان جي حياتيءَ جو مول ۽ نچوڙ آهي! سامونڊي (کلي ٿو)

سهجان:       تون.... تون پنهنجي هن حياتيءَ مان خوش نه آهين؟

ملوڪ: خوش! (غمزده کل) اسان فقط خوشيءَ جو نالو ٻڌو آهي، ۽ خوشي ٿيندي ڇا آهي، ان جو اڃان اسان پاڇو به نه ڏٺو آهي.... هر گهڙي خوف ۽ خطري ۾ گذري ٿي! ڪير نٿو ڄاڻي ته اڳي ڇا ٿيندو!

]طوفان جو تاثر ۽ گوڙ ۽ مينهن جو تاثر[

سهجان:       ملوڪ... طوفان.... مون کي پاڻئون ڌار نه ڪر!

ملوڪ: سهجان! طوفان تمام سخت آهي، ڪٿي ڇولين جا واڳون اسان جي ٻيڙي کي ڳهي نه وڃن!

سهجان:       طوفان.... ٻيڙو ڀڄي پيو. ملوڪ، ٻيڙو ڀڄي پيو... (رڙ ڪري) ملوڪ تون ڪٿي آهين” ملوڪ... ملوڪ...

] مينهن ۽ طوفان جو تاثر ختم[

...              ....             ....

ملوڪ: (فوراً) سهجان.... سهجان.... سجاڳ ٿي!

سهجان:       (ننڊاکڙو آواز) ملوڪ... تون.... نه، آئون توکي انهيءَ سفر تي نه ڇڏينديس.

ملوڪ: (کلي) ڪو خواب ڏٺو هوندءِ!

سهجان:       خواب... ها، مون خواب ڏٺو آهي، پر اهو خواب جيڪو سچ ٿي سگهي ٿو... مونکي ڪجهه به نه گهرجي! نه دولت نه شهرت نه خوشي، آئون هن ڪکائين گهر ۾ ئي خوش آهيان.

ملوڪ: ڇا پئي چوين!

سهجان:       آئون جيڪي ڪجهه چوان پئي، سچ پئي چوان. آئون توکي نه ڇڏينديس!

ملوڪ: پر آئون وقت جي بادشاهه سان انجامي آهيان.... مرد جي زبان هڪ ٿيندي آهي!

سهجان:       منهنجي دل چئي ٿي ته مون جيڪو خواب ڏٺو آهي، اهو ڪوڙو ڪونهي! ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ وارو آهي!

ملوڪ: ڀلا تو ڏٺو ڇا؟

سهجان:       مون ڏٺو ته تنهنجي ٻيڙي کي طوفان اچي وڪوڙيو آهي، ۽ انهيءَ طوفان ۾ ٻيڙو ڀڄي پرزا پرزا ٿي ويو آهي... ۽ تون مون کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو آهين!

ملوڪ: خوابن تي ڪڏهن ڪنهن ڀروسو به ڪيو آهي! ۽ توکي خبر آهي ته طوفانن سان جنگ جوٽڻ ته منهنجي عادت آهي. هر ڀيري فتح منهنجي ٿي آهي!

سهجان:       زندگيءَ جي انهن طوفانن سان وڙهندي ڪير پورو پيو آهي- هڪ نه هڪ ڏينهن...

ملوڪ: اجايا وهم ۽ وسوسا نه ڪر، سهجان، آئون انهيءَ سفر کان سواءِ رهي نٿو سگهان!

سهجان:       منهنجي دل چئي ٿي ته تون جهڙو وڃين ٿو، تهڙو نه موٽندين... الائجي ڇا ٿيندو! واٽ تي ئي ڪي ڦورو تنهنجي دل تي ڌاڙو هڻي ويندا ۽ پوءِ منهنجي حياتي زهر ٿي ويندي!

ملوڪ: اهڙيون ڳالهيون نه ڪر..... دل سان دعا ڪر ته آئون سلامتيءَ سان سفر تان موٽان، ۽ پوءِ سدائين لاءِ ويٺو هجان... پڪ ڄاڻ سهجان، مونک تنهنجي پريت جو سُهُن، هي سفر منهنجو آخري سفر آهي! تنهنجي پريت کان وڌيڪ دنيا ۾ ٻي ڪابه شيءِ مون کي پياري نه آهي! توکي ته پاڻ خوش ٿيڻ گهرجي ته هن هيڏي ڀريل ڀڪليل شهر ۾، جتي هزارين غواص موجود آهن، اتي فقط مون انهن اَملهه موتين جي ميڙي اچڻ جي هام هنئي آهي! تنهنجو ڪَرُ فخر وچان مٿي هئڻ گهرجي، جو جيڏين سرتين وچ ۾ تون اها ڳالهه چوڻ جي لائق آهين ته ٺٽي جي امير عيسيٰ ترخان، پنهنجي خاص ڪم لاءِ تنهنجي ور کي چونڊيو آهي!

سهجان:       اسان مسڪين ۽ غريب انسان، سدائين وڏن ماڻهن جي نالن پٺيان پنهنجو نالو شامل ڪري خوشي محسوس ڪندا آهيون. اسان کي انهيءَ ۾ خوشي حاصل ٿئي! حياتيءَ جو اهو به هڪ رخ آهي، جيڪو اسان جي گذاري لاءِ وڏو سبب آهي، ملوڪ!

ملوڪ: سهجان! تنهنجي دانائي ۽ سمجهه مون لاءِ مونجهارو ثابت ٿيندو!..... تون ڇا ٿي ويچارين، آءٌ ڇا ٿو ويچاريان، اسان جي سوچ جا رستا جدا جدا آهن، پر هڪ اهڙي ڳالهه آهي، جتي اسان جو عقل ۽ ويچار گڏجي هڪ ٿي وڃي ٿو ۽ اها آهي اسان جي هڪ ٻئي سان بي انتها محبت ۽ پريت!.... انهي ڳالهه تي اسان جون سموروين ڳالهيون ۽ حجتون ختم ٿي وڃن ٿيون! ڇاڪاڻ ته نه آءٌ توکان سواءِ زندگي گذاري ٿو سگهان ۽ نه تون مون کان سواءِ حياتي گهاري ٿي سگهين!

سهجان:       ۽ ملوڪ، انهي محبت جي سهاري آءٌ توکي روڪيان ٿي، پر آءٌ سمجهان ٿي ته تون منهنجي چئي تي نه ترسندين! ڇاڪاڻ ته تنهنجي عادت آهي ته تون جڏهن ڪو انجام ڪندو آهين، تڏهن تون پنهنجي ساهه جي سٽ هڻي به ان جي پورائي ڪندو آهين!

ملوڪ: جڏهن تون انهي عادت کان واقف آهين، ته پوءِ توکي مون کي خوشيءَ سان اجازت ڏيڻ گهرجي!

سهجان:       ڪيئن اجازت ڏيان! دل چئي نٿي. منهنجو خواب ۽ تنهنجو سفر، ڌڻي ڄاڻي ڇا ٿيڻ واور آهي....!

]موسيقي جو تاثر، پاڻيءَ جي لهرين ۽ ماڻهن جي هلڪي گوڙ جو تاثر[

ملوڪ: هاڻي کلي موڪل ڏي، سهجان! ڌڻي جي در دعا گهر ته سفر سلامتيءَ سان گذري- جنهن ڪم لاءِ وڃان پيو تنهن ۾ ڪاميابي نصيب ٿئي....!

سهجان:       منهنجي دل ۾ تولاءِ فقط دعائون آهن، ۽ اهي دعائون آءٌ سنجهه صبح پئي ڪنديس! تنهنجي ورڻ جون ته مون سکائون باسيون آهن- تنهنجي تات ۽ طلب ۾ آءٌ تنهنجن واٽن تي نيڻ وڇايو ويٺي هونديس. تنهنجون خوشيون، اسان لاءِ فراق! شل اسان جا گوندر گهٽجن، اگوندرائي اچي!

ملوڪ: سڀ ٺيڪ ٿيندو... آءٌ موٽندس، منهنجي دل چئي ٿي.

سهجان:       تون ضرور ورندين، پر الائجي ڪيئن، مون کي خوف آهي!

ملوڪ: خوف جي ڳالهه ڪانهي، آءٌ خوشيءَ جي سفر تي پيو وڃان. هن سفر جي ڪاميابيءَ کان پوءِ اسان جي حياتي جا ڏينهن ڦري ويندا.

سهجان:       پر ملوڪ منهنجو خواب.....

ملوڪ: (کلي) تنهنجو خواب ڪوڙو ٿيندو، سهجان!

سهجان:       شل ڌڻي ائين ئي ڪري. مون ته انهي لاءِ سکا باسي آهي.

ملوڪ: گڏجي ڏينداسين، سهجان!... همراهو! هاڻي الله توهار- سهجان، ڌڻي کي پرتينءَ!

سهجان:       ڌڻي توکي خير سلامتيءَ سانواپس وطن تي واري.

ملوڪ: الله توهار- ٻيڙي جا پاسا ڇڏايو.

]ٻيڙي جي هلڻ جو آواز، پاڻي جون لهرون، غمزده موسيقي اڀري ٿي جنهن ۾ وداعيہ تاثر آهي[

...              ...              ...

سهجان:       سامونديءَ سان پريت جو پيچ پائي اسان کي ڇا مليو- ورهه ۾ فراق- اوسيئڙو ۽ انتظار-! منهنجا مالڪ! تون منهنجي ملوڪ کي سفر جي هر مصيبت ۽ آزاد کان بچائج- کيس واپس وطن تي وارج- آءُ سندس انتظار ۾ اتي ئي عمر گذاري ڇڏينديس....

]موسيقي سان منظر مٽجي ٿو.

سمنڊ جو تاثر، جنهن ۾ ٻيڙي جي هلڻ جو تاثر پس منظر ۾ رهندو[

آواز:    سردار......

ملوڪ: چئو ادا.

آواز:    اسان اونهي سمنڊ تي پهچي چڪا آهيون... واءُ به هتي سڻائو آهي!

ملوڪ: اسان اڳئين سال هتان ئي موتي حاصل ڪيا هئا... هتي سپون گهڻيون هونديون آهن- هاڻي سڙهه لاهيو... آءٌ پاڻيءَ ۾ لهندس!

آواز:    سڙهه لاهيو ڀائرو.... لنگر ڪيرايو.... (وقفو) الله توهار سردار!

ملوڪ: الله توهار ]پاڻيءَ ۾ ڪرڻ جو تاثر. وقفو[

آواز:    ڌڻي ٻاجهه ڪئي، توکي تنهنجي ڪم ۾ ڪاميابي نصيب ٿي!

ملوڪ: پالڻهار جا ڪوڙين ڪرم، جنهن هن مشڪل ڪم ۾ اسان کي سوڀ ڏني!

آواز:    اهو ڪم تون ئي ڪري سگهين ٿو. اسان جي وس جي ڳالهه ڪانهي.

ملوڪ: حقيقت ۾ دوست. انسان ۾ سڀڪنهن ڪم ڪرڻ جو جذبو هئڻ گهرجي- جيڪڏهن ارادو پڪو آهي ته پوءِ دنيا جي ڪابه طاقت انسان جي ارادي آڏو بيهي نه سگهندي. انسان جو ارادو سمنڊ جي لهرن ۽ طوفانن کي ختم ڪرڻ وارو آهي- پهاڙن کي پنهنجي واٽ تان هٽائڻ وارو آهي!... ۽ مون لاءِ هن مهم ۾ سڀ کان وڏي خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته آءٌ پنهنجي ملڪ جي امير جي ڪم پيو اچان- ان جي خوشي اسانجي خوشي آهي، دوست!

آواز:    بيشڪ... همت مردان مدد خدا!

ملوڪ  اسان جي منزل هاڻي ٺٽو آهي. سفر شروع ڪريو- ڏينهن رات ڪري هلي منزل تي رسون! جتي اسان لاءِ خوشيون آجيان ڪرڻ لاءِ آتيون آهن....

آواز:    پر سردار- هڪ ڳالهه ته ڏَس!

ملوڪ: چئو.

آواز:    جڏهن اسان ٺٽي مان روانا ٿيا هائسين، تڏهن مون بکر جي حاڪم سلطان محمود جي جنگي تيارين جي خبر ٻڌي هئي ۽ مون اهو به ٻڌو هو ته امير عيسيٰ ترخان انهي بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ بکر تي ڪاهڻ لاءِ روانو ٿيڻ وارو آهي.

ملوڪ: ها اها خبر مون به ٻڌي هئي! مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي، آخر اهو جهيڙو ۽ جنگ ڇا جي لاءِ آهي... هر ماڻهوءَ کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي جيڪا حيثيت حاصل آهي، اها قائم رهڻ گهرجي. امير عيسيٰ ٺٽي جو حاڪم آهي- سلطان محمود بکر جو! ٻئي پنهنجن حڪومتن جا اڳواڻ آهن، پوءِ جنگ جي تياري ڇو؟ امن امان ته انسان کي خوشيون ڏئي ٿو!....

آواز:    شايد ملڪ گيري جو هوس.

ملوڪ: شايد، پر اسان جو انهن ڳالهين سان ڪهڙو واسطو، اسان کي سکيو ٽڪر ملي وڃي ٿو. انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه گهرجي.

آواز:    ها اسان لاءِ اهي ڳالهيون سوچڻ جهڙيون نه آهن!

ملوڪ: سفر تيز ڪريو ته هلي پنهنجي وطن جون جايون پسون. ]موسيقي ۽ فقط سمنڊ جي ڇولين جو تاثر ۽ پس منظر ۽ فراقيہ موسيقي[

...      ....     ....

سهجان:       (افسردگي)جڳن جا جڳ گذري ويا. اسان جون حياتيون ورهه ۽ وڇوڙي ۾ گذرنديون رهيون آهن. سامونڊين سان سڱ ڪري اسان کي ڇا پلئه پيو، فقط وڇوڙو- لڙڪ ۽ واٽون، اوسيئڙو۽ انتظار... اڄ آيا سڀاڻي وري سفر تي سنڀيا! اهو سفر جو سلسلو اکٽ آهي... ٻيڙياتا! تنهنجي لاءِ واٽن تي وار وڇايو ويٺي آهيان. ڪڏهن تنهنجن ٻيڙن جو وانئٽيون ڏسبيون، جو دل کي خوشي ملي. تنهنجي سڪ منهنجي دل ۾ باه ٻاري ڇڏي آهي. تون آئين ۽ وري وئين، تنهنجو اهو دستورآهي ۽ اسان لاءِ فقط تنهنجون يادگيريون! تون پنهنجي سفر کان نه رهندين. سڀ وريتيون ورن سان خوشين ۾ حياتي گذارينديون آهن، ۽ اسان، سامونڊين جون ونيون، رات ڏينهن ورهه جا لڙڪ لاڙينديون رهنديونسين!..... آه ملوڪ! ڌڻيءَ کي ٻاجهه پئي ۽ توکي خير سلامتيءَ سانموٽائي. تنهنجي نينهن مون کي نسنگ ڪري ڇڏيو آهي. پر منهنجو خواب آه..... آءٌ ڇا ڪريان... ڇا ڪريان.... ]موسيقي جو تاثر اڀري ٿو ۽ مينهن ۽ گوڙ جو تاثر. پس منظر ۾ سارنگ جي لئي نهايت ڏکاري[

سهجان:       سانوڻ وري وس ڪئي. آسمان تان ڪڪر پيا وسن ۽ ..... ملوڪ تنهنجي اوسيئڙ ۾ منهنجي نيڻن جا لڙڪ نٿا بيهن... موسمون اچن ٿيون، ۽ وڃن ٿيون.... پر تون نه آئين. هن سارنگ جي مُند ۾، ننڍا وڏا، پکي پکڻ، انسان، حيوان، سڀ خوشيءَ ۾ نچن ڪڏن پيا، آئون آهيان جا ورهه جي ماريل، دل جي ميراث لٽايو ايامن کان هن بندر جي ڪنڌيءَ تي تنهنجي اوسيئڙي ۾ بيٺي آهيان. هي بندر ۽ بازاريون توهان سامونڊين کان سواءِ مون کي سڃيون پيون لڳن... هوائون خوشيءَ ۾ نچن پيون... ڪڪر موتين جي ورکا ڪري زمين جي اُڃايل ۽ سڪايل سيني کي خوشيون بخشي رهيا آهن، پر آءٌ انهن جي خوشيءَ ۾ شريڪ نٿي ٿي سگهان... ڇاڪاڻ ته آءٌ.... آءٌ اڪيلي آهيان.... مون سان ڪير ساٿي ڪونهي! پرين جي پسڻ ڪاڻ اڄ اکڙين به آگم ڪيا آهن.... وسو اکيون... جيئن دل کي لڙڪ لاڙي ڪا گهڙي سامت ملي... ]سڏڪو ۽ موسيقي جي لهر[

...              ...              ...

]سمنڊ جون لهرون ۽ ٻيڙين جي هلڻ جي تاثر[

ملوڪ: باقي ڪيترن ڏينهن جو پنڌ آهي؟

آواز:    اسان هڪ مهينو سمنڊ تي سفر ڪيو آهي، اڃان به پنڌرهن سورنهن ڏينهن جو پنڌ آهي.

ملوڪ: پنڌرهن سورنهن ڏينهن ڪيئن گذرندا. عمر ۾ پهريون ڀيرو آءٌ ائين محسوس ڪري رهيو آهيان ته آءٌ جلد از جلد گهر پهچان. منهجي سهجان جو الائجي ڪهڙو حال هوندو!

آواز:    سردار! تون سامونڊي آهين، جنهن جي حياتيءَ ۾ سمنڊ جو کارو پاڻي آهي! ۽ سفر پنهنجي وقت تي کٽندو. ايترو اتاولو ڇو ٿو ٿئين؟

ملوڪ: آءٌ نٿو ڄاڻان، دوست! پر دل ۾ بيحد سڪ ساهه پٽيو آهي، مونکي پر هجن ته ڪر اڏامي وڃي هن وٽ پهچان. (کلي) خبر نه آهي ته مون کي ڇا ٿي ويو آهي! ]ماڻهون جو هلڪو گوڙ[

ملوڪ: هي گوڙ ڇا جو آهي....؟

آواز:    هو ڏس ملوڪ، هو ڏس، ٻيڙن جو دس پيو اچي!

ملوڪ: ٻيڙنجو دس، ۽ هن گس تي! ڪير آهن؟

آواز:    سمجهه ۾ نٿو اچي! وانئٽيون به لٿل آهن. شايد لاهري بندر جي ڪنهن وڏي وڻجاري جو ٻيڙو هوندو!

ملوڪ: ٿي سگهي ٿو، پر.... منهنجي سامونڊي زندگي ۾ مون لاهري بندر جي وڻجارن جا ايترا غوراب ڪڏهن به نه ڏٺا آهن.... مون کي شڪ آهي ته هي ڪي ٻيا وڻجارا آهن، جيڪي گس ڀلجي هن پاسي نڪري پيا آهن...

آواز:    هو نهايت تيز پيا اچن- (حيران ٿي) هي هيڏانهن ئي پيا اچن-!

ملوڪ: اجهو ٿي خبر پئجي وڃي... مون کي هننجا ارادا چڱا نٿا ڏسڻ ۾ اچن.... هو ڏس، جهازن ۾ توفون به لڳل آهن.

آواز:    (رڙ ڪري) هي.... هي ته سامونڊي ڦورو آهن.... هاڻي ڇا ٿيندو!... ]ماڻهن جو گوڙ اڀري ٿو[

ملوڪ: دوستو! حيران ٿيڻ جي ضرورت نه آهي. جهڙي به صورت بڻي اسين مقابلو ڪنداسين. جيڪڏهن هو ڦورو آهن ته هو اسان جي جيئري هن ٻيڙي تي قبضو نه ڪري سگهندا. پر جي دوست آهن ته اسين سندن دل سان آجيان ڪنداسين.

آواز:    پر.... (ڊڄندي) هاءِ، اسانجي قسمت ۾ هي موت لکيل هو... گهر کان پري.... سمنڊ ۾ مڇين جو کاڄ...

ملوڪ: دل نه لاهه- منهنجا دوست! مهلون مڙسن تي اينديون آهن.... ]ماڻهن جو گوڙ وڌي ٿو، گهڻن ٻيڙن جو اچڻ[

آواز:    هي مصيبت تنهنجي آندل آهي، ملوڪ.... ڏس هنن ٻيڙن اسان جي ٻيڙي کي پنهنجي گهمري ۾ قابو ڪري ورتو. پر هي.... هي.....

ملوڪ: اوهه.... هي ته فرنگي آهن.... فرنگي سامونڊي ڦورو.... هنن جا ارادا نيڪ نٿا ڏسجن.... هوشيار ٿيو ساٿيو! مڙس ٿي مقابلو ڪريو! ]ماڻهن جو گوڙ[

پيڊرو:  (پريان) وڙهڻ ۽ ڀڄڻ جي ڪوشش نه ڪريو... اوهان جي ٻيڙي مڪمل طرح سان اسان جي گهيري ۾ اچي چڪي  آهي. اسان سان مقابلو ڪرڻ ٻين لفظن ۾ موت سان مقابلو ڪرڻو آهي....

ملوڪ: فرنگي! تون اسان کي ائين موت جو ڊپ نه ڏي. موت اسان لاءِ برحق آهي، موت سان وڙهڻ اسان کي سيکاريو ويو آهي....

پيڊرو:  (پريان ٽهڪ ڏيئي) نوجوان، تنهنجي زبان نهايت تيز آهي! توهان جو سردار ڪير آهي؟

ملوڪ: آءٌ هن ٻيڙي جو اڳواڻ آهيان-

پيڊرو:  جيڪڏهن تون انهي ٻيڙي جو سردار آهين ته پوءِ يقين اٿم ته تون دانائيءَ کان ڪم وٺي، پنهنجن ساٿين جي ۽ پنهنجي حياتي بچائڻ جي ڪوشش ڪندين. اجائي خون خرابي مان ڇا حاصل ٿيندو!

آواز:    اسان کي جان جي امان ملي.... اسان کي جان جي امان ملي.... ]گهڻن ماڻهن جو گهوڙ[

ملوڪ: مون کي اها خبر ڪانه هئي ته اسان ۾ ڪي اهڙا به گيدي آهن، جو مقابلي ڪرڻ جي طاقت نٿا رکن- گهيرو سوڙهو پيا ڪن... ۽ هي فرنگي... ]تيز موسيقي جو تاثر ۽ سمنڊ جون ڇوليون[

...      ....             .....

سهجان:       جي وڻجارا ويا سي وريا! واهوندا لڳا- پرين نه موٽيا. اڄ تڙ تي ٻيڙيون آهن ۽ نه ئي وڻجارن جون ڳالهيون- سامونڊين جي ڏنل ڏهاڳ ۽ فراق جا چاڪ چڪجي چڪا آهن- هنن جو فراق هاڻي منهنجي سهڻ کان ٻاهر آهي. شايد، هنن کي کارو وڻي ويو آهي، جو مون کي وساري ڇڏيو اٿس.... پر آءٌ ته سامونڊي ساري، تڙ تي پئي گذاريان. منهنجي ترسائڻ تي به نه ترسيا. شايد منهنجو نينهن نٻر هو. اڄ منهنجو هنيون ٻيڙيءَ وانگر پيو اولجي. اڄ من ۾ ڪا آنڌ مانڌ آهي.... اڄ ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. هاڻي.. هاڻي ساموندي نه ورندا. شايد ايندا، پر نه به اچن.... ڪير کين چوي ته آئون سندن لاءِ واٽون پئي نهاريان- (کلي) وڻجارن کي ڇا! هنن جو ته کاري سان نينهن آهي.... سمنڊ سندن ساڻيهه آهي- (زور سان) شايد ملوڪ کي کارو کائي ويو، تڏهن ته اڃان نه آيو آهي.... هيترا ڏينهن ٿيا، جي اوهريا هئا سي وريا! نه وريو ته منهنجو ملوڪ! شايد اچي.... نه اچي، ڪير ڄاڻي... مونکي پڪ آهي ته هو ڪونه موٽندو- هن مون کي وساري ڇڏيو- هاڻي آئون اڪيلي آهيان، منهنجو ڪير به نه آهي، ڪير به نه آهي، منهنجو ملوڪ هليو ويو. هليو ويو. وري نه ايندو، نه ايندو، نه ايندو... (چرين وانگر کلي ٿي)

....             ....             .....

]تيز موسيقيءَ جو تاثر ۽ ٻيڙين هلڻ جو تاثر[

پيڊرو:  ٻڌو توهان سڀ اسان جي قيد ۾ آهيو، اوهانجون حياتيون هاڻي اسان جي وس ۾ آهن. اسان جيڪو پڇڻ گهرون ٿا، اوهان ٻڌايو ته اوهان جون حياتيون محفوظ رهنديون، ٻئي صورت ۾ اوهان جا لاشا سمنڊ ۾ مڇين جو کاڄ ٿيندا.

آواز:    اسان جي جان بخشيو، صاحب.... اسان جي جان بخشيو!

پيڊرو:  اها عقل جي ڳالهه آهي... ٻڌو. آءٌ پيڊرو وليم ريٽو آهيان.آءٌ پورچوگيزن جي هن سامونڊي ٻيڙي جو ڪپتان آهيان. اسان کي توهان جي امير عيسيٰ ترخان دعوت ڏيئي سڏايو آهي! اسان جي منزل ٺٽو آهي. اوهان اتي جا رهواسي آهيو، انهيءَ ڪري آءٌ ضروري ٿو سمجهان ته مون کي ٺٽي بندر بابت پوري ڄاڻ هجي، ۽ شهر بابت به سڄي خبر هجي!

ملوڪ: جيڪڏهن توهان کي امير عيسيٰ سڏايو آهي ته پوءِ انهيءَ معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

پيڊرو:  (ٽهڪ ڏيندي) بيوقوف شخص، توکي خبر نه آهي.... ٺٽو ايشا جو سڀ کان شاهوڪار شهر آهي! اتي دولت ۽ مال جا انبار آهن! اسان کي انهن جو ڏس گهرجي.

ملوڪ: اسان غريب ماڻهو، اسان کي ڪهڙي سڌ ته دنيا ۾ دولت ڪٿي آهي!

پيڊرو:  (ٽهڪ) توکي خبر نه آهي! (ڪاوڙ ۾) جيڪڏهن توهان شرافت سان خبرچار نه ٻڌائيندئو ته پوءِ مونکي ٻيو رستو اختيار ڪرڻو پوندو!

آواز:    ڪپتان، توکي اهو شخص سڀڪجهه ٻڌائي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هي بادشاهه جي خاص ڪم سان هن سفر تي آيو هو، ۽.... ۽.....

ملوڪ: خاموش، وطن جا دشمن! هيءَ اسان جي ملڪ تي حملو ڪرڻ آيا آهن، آءٌ هنن کي ڪجهه به نه ٻڌائيندس!

پيڊرو:  (ٽهڪ ڏيئي) اسان کي ته توهان جي بادشاهه مرزا عيسيٰ خان ترخان دعوت ڏئي سڏايو آهي، ته اسين سندس پاران، سلطان محمود خلاف جنگ ڪريون!

ملوڪ: مرزا عيسيٰ اسان جو بيشڪ بادشاهه آهي، پر هن توهان ڌارين کي دعوت ڏيئي پنهنجي ملڪ جي مانهن سان جنگ ڪرڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي، سو غلط آهي. توهان به اسان جا دشمن آهيو.... توهان جون نظرون اسان جي ملڪ ۽ ان جي دولت تي آهن.... توهان فرنگين جي دوستيءَ کان سلطان محمود جي دشمني اسان کي قبول آهي!

پيڊرو:  (ڪاوڙ ۾) بس ڪر.... توکي وسارڻ نه گهرجي ته تون هن وقت قيدي آهين ۽ تنهنجي حياتي منهن جي هٿ ۾ آهي!

ملوڪ: بيشڪ آءٌ قيدي آهيان، پر منهنجي زبان تنهنجي قيد ۾ نه آهي، فرنگي! آءٌ سچ چوندو رهندس، چاهي مون کي موت ڇو نه نصيب ٿئي!

آواز:    ملوڪ، تون ٻڌائين ڇو نٿو، آخر انهي ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه... ۽ ٻيءَ ڪندي هيءَ اسان جي بادشاهه جي دعوت تي پيا هلن!

ملوڪ: چپ ڪر، غدار... تون به هنن فرنگين جهڙو آهين! مون کي خبر نه هئي ته اسان ۾ به ڪي اهڙا ماڻهو آهن، جن کي وطن کان وڌيڪ حياتي پياري آهي....

پيڊرو:  هن کي ٻڌو، ۽ اهڙي سزا ڏيوس جو هيءُ سڀڪجهه ٻڌائي... تون...

آواز:    جي سائين!

پيڊرو:  تون اسان کي راهه ڏيکار، اسان انهي جي بدلي ۾ توکي اجورو ڏينداسين.

آواز:    توهان جي وڏي مهرباني، ڪپتان، وڏي مهرباني. ]موسيقيءَ جو تاثر ۽ وري لهرون ۽ ٻيڙيءَ جي هلڻ جو آواز[

....             ....             ....

آواز:    ملوڪ.... ملوڪ

ملوڪ: (تڪليف ۾) ڪير آهين.... تون.... تون مون کي هٿ نه لاءِ.

آواز:    تنهنجو جسم رتو رت ٿي ويو آهي!

ملوڪ: منهنجو جسم زخمي آهي، ان مان رت پيو وهي، مون کي انهيءَ تي ارمان ڪونهي. آءٌ انهن زخمن تي فخر ڪري سگهان ٿو، جيڪي فرنگين ظلم ڪري منهنجي جسم تي ڏنا آهن. پر تون پنهنجي حال تي ڪڙهه، جو تنهنجو ضمير مري چڪو آهي.... تو دشمن کي پنهنجي وطن جو گس ڏيکاريو آهي!

آواز:    اجايون ڳالهيون نه ڪر، ملوڪ! اسان ڇا ٿا ڪريون سگهون، جڏهن وقت جي امير هنن کي نينڍ ڏئي ڪوٺيو آهي.

ملوڪ: وقت جو امير! (غمزده کل) امير عيسيٰ پنهنجي لاچاريءَ ۽ بيوسيءَ جي خبر پورچوگيزنکي ٻڌائي آهي، ۽ هو کيس انهيءَ مصيبت مان ڇڏائيندا، (کلي ٿو) اجايو خيال آهي! هن پنهنجي لاءِ هاڻي ٻه دشمن پيدا ڪيا آهن.... سلطان محمود ته ٺهي به ويندو، پر هي فرنگي اسان جي خون جو آخري ڦڙو به چوسي وٺندا.

آواز:    اجايون ڳالهيون نه ويچار، هروڀرو دل تي بار ٿيندءِ، تون بکيو آهين ڪجهه کائي وٺ.

ملوڪ: پري ڪر اهي ناپاڪ هٿ! آئون بک ۽ اڃ وگهي مرڻ پسند ڪندس، پر تو جهڙي غدار جي هٿان ڪجهه به نه کائيندس.

آواز:    جيڪڏهن کائين نٿوته مونکي پنهنجا ڦٽ صاف ڪرڻ ڏي.

ملوڪ:         اهي منهنجي سچائي جا شاهد آهن. آءٌ وطن وارن کي ڏيکاريندس ته هيءُ ڏسو، هي زخم فرنگين جا ڏنل آهن ۽ انهن ڦٽن مان وهندڙ خون ڏسي هو محسوس ڪندا ته فرنگين جا ڪهڙا ارادا آهن.

آواز:    تون جيڪڏهن واٽ تي مري وئين ته پوءِ سهجان جو ڪهڙو حال ٿيندو.

ملوڪ: سهجان! اها منهنجي مڙهه تي خوشيءَ جا ڳوڙها ڳاڙيندي ته سندس ور وطن جي نالي تي ٽڪو نه لاتو آهي... بيشڪ، هن جي دل گلن کان به وڌيڪ نازڪ آهي، پر آءٌ هنجي لاءِ پنهنجي ملڪ ۽ وطن سان غداري ڪري، پنهنجي ضمير کي موت نه ڏيندس.... هليو وڃ.... هليو وڃ ڪٿي منهنجا هٿ تنهنجي ناپاڪ ڳچيءَ ۾ نه پئجي وڃن... ۽ غداري جو بوتو ڀڄي نه پوي... تنهنجي جيئندي به هر گهڙي عذاب ۾ رهندي- غدارن لاءِ اهائي سزا آهي... تون ڦٿڪندو رهندين، ٻرندو سڙندو رهندين، ڪير توکي آٿت نه ڏيندو.. هليو وڃ، تولاءِ اهائي حياتي آهي، اهائي حياتي آهي.

آواز:    (کلي ٿو) تون چريو ٿي پيو آهي، ملوڪ! ]فيڊ آئوٽ ۽ موسيقيءَ جو تاثر، سمنڊ جون لهرون[

.....            .....            ....

سهجان:       هي ٻيڙن جو دس پيو اچي، پر انهيءَ ۾ ملوڪ جي وانئٽي نطر نٿي اچي... سندس ٻيڙو آهي- شايد پاڻ نه آهي، هوندو به ڪين- هن کي اچڻو ئي نه آهي. هو ته انهي عميق ڏي ويو آهي...  موتي ميڙڻ،امير جي راڻي لاءِ.... هو ڪڏهن واپس ايندو.... پر نه، ضرور ايندو- پر منهنجي دل نٿي مڃي. هو ايندو.... نه به اچي (کلي ٿي). (وري ڇرڪ ڀري) پر هي ڪير پيا لهن، هي ته هتي جا ماڻهو ئي ڪونهن... شايد، هي هتي جا ئي هجن؛ مونکي ڪهڙي خبر، منهنجو ڪنهن سان ڪهڙو واسطو.... منهنجو ملوڪ..... هي ڪير ماڻهو ٿي سگهن ٿا........ ڪير به هجن منهنجو ڪنهن سان ڪهڙو واسطو.... ]ماڻهن جو گوڙ، جنهن ۾ هي آواز ته ’هي ڪير آهن؟‘ (دانهون) ’فرنگي فرنگي!‘ ’ڀڄو... ڀڄو!‘[ .... هي مانهو چريا آهن جو دانهون ڪيو پيا ڀڄن... امير ملڪ۾ ڪونهي... هنن ترارون ڪڍيون آهن... شايد وڙهندا، پر ڪنهن سان وڙهندا، اسان سان!

پيڊرو:  ٺٽي شهر جا رهواسيو! خبردار، ڪنهن به ڪا گڙٻڙ ڪئي آهي، جيڪو ڌن دولت توهان وٽ هجي، اسان جي حوالي ڪريو، نه ته اسان سڄو شهر ٻاري ساڙي ڇڏينداسين. هڪڙو ماڻهو به جيئرو نه ڇڏينداسون.

سهجان:       هي شخص ڪهڙيون پيو ڳالهيون ڪري. ڇو.... هي شايد چريو آهي، جو اهڙيون ٿو ڳالهيون ڪري.

پيڊرو:  قيدين کي لاهيو... اسان هنن ماڻهن کي ڪجهه مثال سان سمجهائينداسين! (ماڻهن جو گوڙ اڀري ٿو).

سهجان:       هي ڪير قيدي آهن! هيءَ.... ته..... ملوڪ آهي! پر نه ملوڪ هنن جي قيد ۾ ڪيئن ڦاسي سگهندو، ملوڪ کي ڪير ٻڌي سگهندو.... ڪير به نه.....

ملوڪ: (پريان) سهجان.....

سهجان:       هي نالو ڪنهن ورتو.

ملوڪ: سهجان آءٌ ملوڪ آهيان..... هيڏانهن ڏِس!

سهجان:       تون ملوڪ ڪٿي آهين، تون فرنگين جو قيدي آهين... ملوڪ ته پاڻ سان خوشين جي سوغاتن آڻڻ جو چيو هو، ۽ تون... تون دشمن ساڻ وٺي آيو آهين!

آواز:    ڪپتان، مون پنهنجو فرض پورو ڪيو. مون ٺٽي بندر تائين اوهان کي پهچايو، هاڻي مون کي اجازت ملي ته.....

پيڊرو:  توکي اجازت ضرور ملندي.... ڏسو، جيڪو ماڻهو اسان جي خلاف ڪجهه ڪندو، ان جو حشر هن شخص جهڙو ٿيندو (حڪم ڏيندي) هن جي سسي لاهي ڇڏيو!

آواز: نه نه.... آءٌ بي ڏوهي آهيان... مون توهان جي مدد ڪئي آهي... مون ڪهڙو ڏوهه.... ]تلوار لڳڻ جو آواز ۽ رڙ- ماڻهن جو گوڙ[

ملوڪ: غدار! پنهنجي ڄار جو پاڻ شڪار.

سهجان:       هيءُ ڇا آهي! هنن هن کي ڇو ماريو؟

ملوڪ: هي وطن جو غدار هو، هن کي اهائي سزا ملڻ گهرجي...

سهجان:       تون به ته هنن سان گڏ آيو آهين! تنهنجي به اها سزا هئڻ گهرجي؟

ملوڪ: سهجان.....

سهجان:       منهنجو نالو پنهنجي زبان تي نه آڻ!

پيڊرو:  دوستو! شهر تي حملو ڪريو. جيڪو ڪجهه حاصل ٿئي ڪريو. واٽ تي جيڪو مانهو اچي ان کي ختم ڪريو. هيءُ شهر ايشا جو سڀ کان وڏو شهر آهي، اتان توهان کي ايترو ڌن حاصل ٿيندو، جو دنيا مان توهان کي ڪٿان به نه ملندو. ]دانهون- حملي جو تاثر- باه- رڙيون- ٽهڪ- موسيقي[

سهجان:       بس ڪر... اي شخص تون مونکي وري خون ۽ موت جي يادگيري پيو ڏيارين... آءٌ انهن ڳالهين مان ڇا ڄاڻان.... هنن جامع فرخ ۾ نمازين کي شهيد ڪيو، بازارون خون سان ڀرجي ويون... ڪنهن به ته سندن مقابلو نه ڪيو.

ملوڪ: امير ته کين سڏايو هو، ۽ پوءِ پاڻ ملڪ خالي ڇڏي هليو ويو بکر جي سلطان سان مقابلو ڪرڻ.... ۽ پٺيان ٺٽو لٽجي ڦرجي تباهه ٿي ويو.... پر سهجان، ڪڏهن ڪنهن کي ظلم ڦٻيو نه آهي. هر ماڻهوءَ کي ان جو ڪيتو ڏيڻو پوندو ۽ خبر اٿئي، فرنگين جا ٻيڙا هتان ويندي سمنڊ ۾ تباهه ٿي ويا....

سهجان:       پوءِ ڇا ٿيو... منهنجو شهر، منهنجو شهر منهنجي ملوڪ جو وطن ته ختم ٿي ويو، پر ياد رک، هي شهر سدائين آباد رهندو، ڇاڪاڻ ته اڃان آءٌ پنهنجي ملوڪ جون واٽون پئي نهاريان! منهنجا نيڻ اڄ به اڳي وانگر سندس ٻيڙيءَ جي وانئٽيءَ ڏسڻ لاءِ آتا آهن. هو ايندو. نيٺ هڪ ڏينهن ايندو. هن وڏو سفر اختيار ڪيو آهي. هڪ نه هڪ ڏينهن هو واپس پنهنجي منزل تي موٽي ايندو.

ملوڪ: سهجان، ڏس آءٌ ئي ملوڪ آهيان... آءٌ ملوڪ آهيان، مونکي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪر.... آءٌ ئي موتي ڳولڻ ويو هوس، هي ڏس، مون تنهنجي لاءِ لڪائي رکيا آهن، ساه کان به مِٺا ڪري تولاءِ سانڍيا اٿم! اچي وٺ، هي موتي پوئي پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاءِ...

سهجان:       پري ڪر اهي پٿر جا خسيس ٽڪرا، مون کي نه گهرجن، مونکي انتظار ڪرڻ ڏي! منهنجي ملوڪ جو ٻيڙو ڄاڻ آيو.... ۽.... پوءِ مون لاءِ خوشيون هونديون (کلي ٿي) پوءِ منهنجي هينئن کي راحت ملندي... خوشي ملندي! ]پڄاڻي جي موسيقي[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com