سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ناٽڪ جي تاريخ

 

صفحو :6

پڙاڏو سو سڏ

 

]تاثر پهريون: شروعاتي موسيقي. صبح جو تاثر. سائيڪل جي گهنٽي وڄندي ويجهو اچي ٿي. پنن جي کڙ کڙ[.

هاڪر: اخبار.... تازي اخبار. ]سائيڪل جي گهنٽي وڄي ٿي ۽ فيڊ آئوٽ. دروازو کلڻ. اخبار جي کڙکڙ. هڪ عورت جي دردناڪ دانهن ”سلمان“ ان سان شيشي جي ٿانو ڪرڻ جو آواز عورت جا سڏڪا. حزينه موسيقي اُڀري پس منظر ۾ هلي وڃي ٿي.[

نازنين: (سڏڪندي) هي ڇا ٿي ويو. اسان جون حياتيون ائين هوا جي جهوٽي مثل، پاڻيءَ جي ڦوٽي وانگر اوچتو ئي اوچتو ختم ٿي وينديون. اسان خوابن جا رهواسي.... انهن سان محبت ڪريون ٿا، اهي خواب جيڪي حياتيءَ جي حقيقتن کان ڏور آهن.ا سان ڪلهه جيڪي داستان ورجايا، ڳجهه ڳرهيا، خواب ئي رهيا. موت (حزينہ کل) حياتيءَ جو ازلي ويري. هر گهڙيءَ انسان جي حال تي کلندو ٿو رهي ۽ ايستائين کلندو رهندو، جيستائين انسانذات باقي آهي، خوابن ۾ رهندڙ انسان.... عزت، شهرت ۽..... محبت جو بکيو..... سڀ خواب (وقفو) جيڪڏهن اهي سڀ ڳالهيون غلط آهن، ته پوءِ اصل ڇا آهي؟ حقيقت ڇا آهي؟ ڪنهن کان پڇان ڪير ڏسيندو.... ]آواز پڙاڏي ۾ هليو ويندو[

صادق: نازنين...

نازنين: چئو، اڄ اهو نالوڪيئن ياد آيو اٿئي؟

صادق: اڄ گذريل وقت جون يادگيريون من ۾ مانڌاڻ مچايو بيٺيون آهن، تڏهن دل تي اهو نالو تري آيو.

نازنين: پر انهن يادگيرين روح کي جيڪي رنج رسايا آهن، جن جا اڃا به پيا چاڪ چڪن.... تن جي وارن سهڻ جي به همت به اٿئي يا....

صادق:         يادگيرين جا وار ۽ انهن جي سهپ (ٿڌو ساهه ڀري) نازنين اڄ الائي مون کي ڇا ٿي ويو آهي. ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر انسان ڇو ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن ٿو رهي؟ ڪڏهن راڳن ۾، ڪڏهن بيتن کان بيزار.... آخر هو سدائين هڪجهڙو ڇو نٿو رهي؟

نازنين: (افسردگيءَ سان) انهيءَ جو جيڪڏهن ڪو سعيو به ڪري.... تون ئي ڏس سلمان....

صادق: (فوراً) اهو نالو نه وٺ نازي... اڄ مون کي انهيءَ نالي سان سڏ جيڪو ماضيءَ جي اونداهن غارن۾ زمانا ٿيا جو گم ٿي ويو. اهو نالو وٺ جنهن سان حياتيءَ جون عجيب رونقون ۽ خوشيون وابسته آهن .... وڻندڙ.... ۽ دلچسپ....

نازنين: جهونن نالن ورجائڻ مان ڇا حاصل، نالن ورجائڻ سان ڪو گذريل زمانو موٽي ته نه ايندو. نالن ۾ رکيو به ڇا آهي، آءٌ مريم آهيان، پر سڀ مونکي نازنين ٿا سڏين، تون سلمان آهين، پر پاڻ کي صادق چوائڻ ٿو چاهين.

صادق: (ٿڌو ساه ڀري) صادق... ڪيڏو نه زندگي ڀريو نالو آهي (فخر سان) صادق.....

نازنين: ۽ پنهنجي اصل کان ڪيڏو نه ابتڙ، صادق (طنزيه کل) جنهن عمر جي ڪنهن به وک تي سچ نه ڳالهايو هجي!

صادق: ڇو ٿي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪين نازو... مون ته ڪڏهن به توکي ائين ڪونه چيو آهي ته تون مريم آهين، اها مريم جيڪا ڪلاڪن جا ڪلاڪ مُنهن، آرسي آڏو ويهي پنهنجي چهري تي سرخي ۽ پائوڊر جا تهه چاڙهي نازنين بنجي ويندي آهي.

نازنين: مون کي انهيءَ کان انڪار نه آهي صادق، تو سدائين منهنجي ڪوڙي سونهن جي ساراهه ڪئي آهي، برابر تو ائين ڪڏهن به نه چيو آهي ته تون مريم آهين، پر آءٌ پنهنجي اندر کان ڀلي ڀت واقف آهيان. آءٌ ڄاڻان ٿي ته آئون ڇا آهيان؟ تون ڇا آهين؟ تون صادق ٿي ڪري به سچ کان ايترو پري آهين.... آخر ڇو صادق.... تون سچ جو ايڏو ويري ڇو آهين....؟

صادق: (رنجيده) نازو! تون ئي ٻڌاءِ، آخر انسان سچ ڳالهائي اڄ تائين ڇا حاصل ڪيو آهي. سچ وارا ته سدائين سوري جو سينگار بنيا آهن، گلن ڦلن جي تمنا رکندڙ جيڪڏهن سچ جو سندرو ٻڌي نڪتا ته پوءِ مون کي يقين آهي ته کين فقط ڪنڊن جي هڙ حاصل ٿيندي.

نازنين: تون ڀليل آهين صادق... سچ سان جيڪڏهن سوري نصيب ٿي ته به انسان جو ڳاٽ اوچو رهندو، اهو به انسان لاءِ فخر آهي ته هن سچ جو ساٿ ڏنو، ۽ سر جي سٽ ڏيئي سرهو ٿئو.... پر..... پر پنهنجو سچ سان ڪهڙو واسطو؟ پاڻ حياتيءَ جي هر منزل تي ڪوڙ ڳالهائي، پنهنجي شهرت ۽ عزت جا نشان هنيا آهن.... ۽ اڄ هن منزل تي به جڏهن اسان سڀڪجهه وڃائي چڪا آهيون، تڏهن به تون صادق چوائيندي خوش ٿئين ٿو۽ آءٌ پنهنجي گهٽجڻ واري چهري مهري کان واقف هوندي به پاڻ کي نازنين ٿي چوايان... حياتي ۽ انسان جو چڪر ڪيڏو نه عجيب آهي.

صادق: نازو، اهي ڪهڙي فلم جا ڊائلاگ آهن؟

نازنين: اهي ڪنهن فلم جا ڊائلاگ نه آهن صادق.... اهو دل جو آواز آهي.

صادق: هن منزل تي اچي پوءِ ٿي مون کي دل جو آواز ٻڌائين نازو.... جڏهن مون وٽ ڪجهه به نه رهيو آهي!

نازنين: جڏهن تو وٽ سڀڪجهه هو تڏهن به مون تو سان ساڳيون ئي ڳالهيون ڪيون هيون... شايد توکي ياد هجي....

]موسيقي جي لهر[

نازنين: صادق صاحب اڄ اوهان جي پرفارمنس ڪمال جي هئي...

صادق: مهرباني نازنين صاحبه... اوهان جي دعائن ئي مون کي هن شهرت ۽ منزل تي رسايو آهي، نه ته آءٌ انهي لائق ڪونه هئس.

نازنين: ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪريو صادق صاحب، اڄ سڄي انڊسٽريءَ ۾ اوهان جون ئي ڳالهيون آهن، سڀ کان مصورف اداڪار. اوهانجو نالو فلم جي ڪاميابيءَ جي ساک آهي....

صادق: جي ها.... ائين ته برابر آهي....

نازنين: منهنجي دلي خواهش آهي ته.... صادق صاحب.... ڪڏهن اسان گڏجي ڪم ڪريون....

صادق: جي! گڏجي (طنزيه کلي) ها، ڇو نه، ٿي سگهي ٿو

نازنين: پر سوچان ٿي ته اوهان هن وقت جا وڏا اداڪار.... ۽..... آءٌ گمنام ننڍي ايڪٽريس ڪهڙو پروڊيوسر مونکي پنهنجي فلم ۾ اوهان سان ڪاسٽ ڪندو!

صادق: (کلي) جيڪڏهن اوهان جي اهڙي خواهش آهي ته پوءِ آءٌ ضرور پوري ڪندس.

نازنين: خواهشون ائين ڪڏهن پوريون ٿيون آهن!

صادق: تون ڪافي مايوس ٿي ڏسجين؟

نازنين: مايوس ڪڏهن ٿي آهيان، جڏهن روشنيءَ جو ترورو نظر نٿو اچي، هي اسان جي دنيا، اهڙي عجيب دنيا آهي، جتي ڪو ڪنهن کي سهارو نٿو ڏئي، سڀ هڪٻئي لاءِ ڌاريا....

صادق: جڏهن آءٌ نئون نئون هن دنيا ۾ داخل ٿيو هوس تڏهن آءٌ به اهڙيون ئي ڳالهيون سوچيندو هوس، پر جيئن جيئن وقت نبرندو ويو مون پاڻ کي حالتن سان ٺاهي ڇڏيو، ۽ نازنين مونکي ته انهي ڳالهه ۾ يقين آهي ته وقت مڙني زخمن جو علاج آهي.... ۽ توکي به پنهنجو آئيندو وقت تي ڇڏڻو پوندو.

نازنين: وقت ۽ آئيندو (کلي) پر هن دنيا م هڪ ماڻهوءَ کي ڪير ٿو پڇي!

صادق: ايتري مايوسي مناسب نه آهي. هن دنيا ۾ قدم رکڻ کان اڳ، هتي جون رونقون ۽ رنگينيون ايڏيون ته ڪشش ڪندڙ آهن، جو مانهو ان ڏي بنان ڪنهن سوچ ويچار جي ڇڪجيو اچي... ڪيترائي ستارا آهن، جيڪي گهڙي کن لاءِ آسمان تي چمڪي، بي انتها اونداهين ۾ گم ٿي وڃن ٿا.... فقط اهي ئي آهن، جيڪي همت ۽ حوصلي سان اڳتي وڌڻ شروع ڪن ٿا، وقت جا وار سهڻ وارا ئي منزلن جا مالڪ ٿيندا آهن نازنين....

نازنين: ڪيترا وار سهجن صادق صاحب، وک وک تي نئون وار، هر گهڙيءَ هڪ گهائو... توهان ئي ٻڌايو هڪ جندڙي درد هزار- انسان وڃي ته ڪيڏانهن وڃي...؟

صادق: (کلندي) ايترو جذباتي نه ٿيءُ، مونکي هينئر ٻي شوٽنگ ۾ وڃڻو آهي، آءٌ تولاءِ دل جان سان ڪوشش ڪندس. اسان جي انڊسٽريءَ کي سچ پچ توهان جهڙن نون چهرن جي سخت گهرج آهي. آءٌ توهان جي ضرور مدد ڪندس... خدا حافظ...

نازنين: خدا حافظ....

]تاثر. موٽر جو درواوز کلڻ، بند ٿيڻ، روانگي. فيڊ آئوٽ[

نازنين: خدا حافظ صادق.... اڄ زندگيءَ جي هن ور تي تنهنجي ڪار ڌوڙ اُڏائيندي، چهرن کي لٽيندي پنهنجي منزل ڏي رواني ٿي ويئي.... ۽..... ۽..... منزلن جا ماريل مسافر، انهيءَ اُڏاڻل دز کي پنهنجي حياتيءَ جي ميراث سمجهي، انهيءَ دم تائين واٽن تي نيڻ وڇايو ويٺا هوندا، جڏهن وقت جون وکون انهن ڏانهن ورنديون...

]تيز موسيقي[

ڦلٽو:   (کلي) اها.... اڄ سهڻو صادق، اسڪرين جو شهزادو، ڪجهه منجهيل ۽ ماٺ.... مڙئي ڪا ڳالهه آهي، جنهن حياتيءَ جي هنن رونقن ۽ رنگينين ۾ رنڊڪ وڌي آهي....

صادق: (افسردگيءَ سان) ڦلٽو، حياتيءَ جون رونقون ۽ رنگينيون برابر اسان لاءِ آهن... پر.... اڄ هڪ حقيقت اکين آڏو آئي آهي ته لنؤن لنؤن ڪانڊارجي وئي اٿم.... روشنين جي گهراين ۾ ايڏي اوندهه.

ڦلٽو:   (کلندي) سهڻا صادق، اڄ ڪا ڳالهه دل جي گهراين تائين پهتي آهي، جنهن ايڏو مانڌاڻ مچايو آهي، نه ته اسان روشنين جا رهواسي اوندهه بابت ويچار به نٿا ڪري سگهون....

صادق: سچ ٿو چئين ڦلٽو، پر جڏهن اوندهه جو احساس ذهن ۾ اُڀرندو آهي تڏهن هڪ طوفان مچي ويندو آهي، باهه جا ڀڙڪا دل جو سڪون کسي وٺندا آهن. ڦلٽو، تون نٿو ڄاڻين ته درد ڇا آهي، توکي سڌ نه آهي ته سور ڇا کي چئبو آهي- تون رڳو کلي ۽ کلائي ڄاڻين...

ڦلٽو:   ائين ته نه آهي صادق سائين... (افسرده کل) حياتيءَ جي تلخين مون کي مسخرو بنائي ڇڏيو آهي. اُهي درد دل ۾ گهر ڪري ويا آهن، جيڪي جيڪڏهن پهاڙن کي ڏسيان ته ڏري پون... پر جيڪڏهن توکي ڏسيان، (ڏکاري کل) ته تون به چوندين ته آءٌ مسخرو آهيان، رڳو مسخري ٿو ڪريان.. صادق سائين، اسان جي لڙڪن تي ماڻهو ٽهڪ ڏيندا آهن... حيران ٿيندا آهن ته مسخرو ٿو روئي (کلندي) پر جڏهن اُهي لڙڪ لڙندا آهن تڏهن دل جا سمورا درد اکين جو درد بنجي پوندا آهن...

صادق: ڦلٽو...!

ڦلٽو:   ڦٽن تي لوڻ نه ٻرڪ صادق.... اسان هتي پنهنجو پاڻ وساري ويٺا آهيون... آءٌ آءٌ نه رهيو آهيان، تون تون نه رهيو آهين... اُنهن گهراين ۾ نه وڃ، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ رنج ۽ اهنج آهن، جيڪي هن منز تي نه توکان سٺا ٿيندا نه مون کان....

صادق: پر ڦلٽو يار... ڇا اسين ائين پيا ڦٿڪندا لڇندا رهنداسين، ڇا اهائي اسان جي حياتي آهي، جيڪا ڪنهن جي ڪم نٿي اچي سگهي؟

ڊئريڪٽر:      (وڏي واڪي) ڪٽ. شاٽ اوڪي...

]تاثر- ماڻهن جو هلڪو گوڙ اُڀري ٿو[

آواز:    واه واه، سبحان الله، ڇا ڊليوري هئي....

ڊئريڪٽر:      بهترين صادق صاحب، بينظير... اڄ ڦلٽو ته پنهنجي ڪردار ۾ جان وجهي ڇڏي.... واه واه... ڪمال جي سين ٿي آهي.... واه واه... مزو اچي ويو... ٻي شاٽ لاءِ....

صادق: ڇا اهو شاٽ اڄ ملتوي نٿو ٿي سگهي.... (غمگين) ڪجهه موڊ نه آهي...

ڊئريڪٽر:      جي... جي.... ها.... پوءِ.... پوءِ ڪنداسين.... پر ڦلٽو.... ڦلٽو ڪيڏانهن ويو....

صادق: ڦلٽو.... شايد پنهنجا سچا لڙڪ اگهڻ ويو هوندو... اڄ ڦلٽو ڪيڏانهن ويو.....

صادق: ڦلٽو.... شايد پنهنجا سچا لڙڪ اگهڻ ويو هوندو... اڄ ڦلٽو به روئي ڏنو (ٿڌو ساه ڀري ٿو).

]قدمن جا آواز[

ڊئريڪٽر:      (افسوس ڪندي) ويو هليو... هونهه.... آيو آهي وڏو اداڪار... هونهه موڊ نه آهي...

نازنين: (پريان کلي ٿي) وڏا فنڪار آهن.

ڊئريڪٽر:      تون.... تون.... ڇا جي لاءِ ٿي کلين... هلو.... فلور خالي ڪريو آءٌ ٻيو سين تيار ڪرائڻ ٿو گهران، هلو.... ٻاهر هلو.... (قدمن جو آواز).

]تيز موسيقي[

نازنين: (سڏيندي) صادق... صادق صاحب... (وقفو) اوهان ڪجهه غمگين پيا ڏسجو.

صادق: غمگين.... اسان جي دلي رنج کي اداڪاري چيو وڃي ٿو.... پر..... ڪو ڪونهي جو اسان جي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسي.

نازنين: جيڪڏهن ڪو ڪنهن جي اندر ۾ جهاتي پائي، ته پوءِ. ايترا مامرا ئي نه مچن صادق صاحب.

صادق: مون کي هر هر صاحب نه چئو نازنين، تنهنجا ڏنل زخم اڃا تائين چڪن پيا.

نازنين: (ڇرڪ ڀري گم سم) منهنجا ڏنل زخم.... توهان ڇا پيا چئو!

صادق: مون سوچيو هو ته توکي هن دنيا ۾ تنهنجو مناسب مقام ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندس، ڇاڪاڻ آءٌ.... آءٌ دلي طرح سان چاهيان ٿو ته فنڪار پنهنجي منزل تي انهي عزت ۽ شان سان پهچي، جنهن جي هو لائق آهي.... فنڪار هر حال ۾ فنڪار آهي- فن هن جي ميراث آهي، حياتيءَ جي عظيم موڙي آهي.... اهو ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي آڏو ڇو جهڪي جنهن کي آرٽ جي الف جي ڄاڻ به نه هجي.

نازنين: (کل) فنڪار ۽ فن.... صادق صاحب جن کي فن ۽ فنڪار جي سڌ نه آهي، انهن وٽ پئسو آهي، دولت آهي، ۽ اڄ دولت، فن ۽ فنڪار کي پنهنجي آڏو بنهه لاچار ڪري ڇڏيو آهي.

صادق: آءٌ انهن روايتن کي ٽوڙڻ چاهيان ٿو نازنين، انهن جي موجودگي اسان فنڪارن جي ڪري آهي، اصل چيز آهي ئي فنڪار.... فنڪار عظيم آهي، ان جي عظمت کي ڪير به گهٽ نٿو ڪري سگهي.

نازنين: هڪ ماڻهوءَ جي چاهڻ نه چاهڻ سان ڪڏهن ڪا ڦير گهير ٿي آهي، صادق.... اسان چاهيون ڇا ٿا، ٿئي ڇا ٿو... حالتن کي پنهنجي وس ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه آهي صادق.

صادق: اسان جيڪو چاهيون ٿا ڪري سگهون ٿا نازنين.

نازنين: منهنجي مدد ڪرڻ چاهيو ٿا، پر نٿا ڪري سگهو!

صادق: (ٿڌو ساه ڀري) سچ ٿي چئين، پر نه، آءٌ تنهنجي مدد ڪندس، ۽ ضرور ڪندس، چاهي مون کي ان لاءِ ڇا به ڪرڻو پوي.... هن وقت آءٌ ملڪ جو مشهور هيرو آهيان، آءٌ جيڪي چاهيان ڪري سگهان ٿو.

نازنين: ماڻهو توکي مغرور چوندا.... ۽ فنڪار ڪڏهن مغرور نه ٿيندو آهي!

صادق: مغرور... پر.... پر.... او هو مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي...

نازنين: جيڪڏهن سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، ته ڳالهه پڌري پئي آهي!

صادق: ڇا مطلب؟

نازنين: (کلي) مطلب، ڇڏيو ان ڳالهه کي... آءٌ ته حقيقت ۾ اوهان کي مبارڪون ڏيڻ آئي هيس ته اوهان اڄ جنهن ڪمال جي اداڪري ڪئي آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي... ڪيڏي نه زندگيءَ کي قريب هئي اوهان جي اداڪاري... ۽ ڦلٽو... ڦلٽو ته سچ پچ ڪمال ڪري ڇڏيو.

صادق: ها.... اڄ مون وانگر ڦلٽو به ڏکيل هو.... جڏهن حقيقتون نروار ٿيون تڏهن هو به سهي نه سگهيو... ۽ سچا لڙڪ لڙي پيس.

نازنين: ويچارو ڦلٽو... اوهان کي هڪ عرض ڪريان؟

صادق: چئو نازنين.

نازنين: جيڪڏهن توهان کي ٿوري واندڪائي هجي ته مون وٽ اچو.... چانهه جو....

صادق: انهيءَ تڪلف جي ضرورت نه آهي.... اجايو توکي تڪليف ٿيندي.

نازنين: مون کي اوهان جي اچڻ ڪري تڪليف ٿيندي! اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو.... مون کي ته خوشي ٿيندي.

صادق: جيڪڏهن توکي خوشي ٿيندي ته آءٌ به ضرور ايندس.

]تيز موسيقي[

]پس منظر ۾ ستار تي وهاڳ جو تاثر[

نازنين: اوهان کي منهنجو گهر پسند آيو صادق صاحب؟

صادق: پسند... جي.... جي ها..... سٺو آهي.... ڪافي پرسڪون آهي.

نازنين: اوهان جي بنگلي جي مقابلي ۾ هيءَ ننڍڙي جاءِ ته ڪا حيثيت نٿي رکي. تڏهن به اسان جهڙن مسڪينن لاءِ هيءُ ئي سڀڪجهه آهي... گهٽ ۾ گهٽ پنهنجا ڪک آهن...

صادق: جي ها.... ]وقفه[. ]ڪوپن جي کڙکڙ[

نازنين: اوهان جي چانهه ۾ کنڊ....؟

صادق: (ڇرڪ ڀري) جي.... ڇا چيئي.....

نازنين: عرض ڪيم ته اوهان لاءِ کنڊ....؟

صادق: بس ڏيڍ چمچو.... فقط ڏيڍ.

نازنين: دراصل صادق صاحب مون پنهنجي حيثيت کان وڏو ڪم ڪيو آهي. آسمان جي بلندين بابت بيهي سوچان ٿي، جڏهن ته مون کي پنهنجي اندر جي پوري پروڙ به نه آهي! (کلي) پر ڪنهن کي پنهنجي سوچ تي قبضو آهي، خيال آهن، جن کي تيز طوفاني هوائون ڪڪرن وانگر ڪٿان جو ڪٿي وڃيو پهچائين....

صادق: مون تنهنجي ڳالهه ڪانه سمجهي نازنين....

نازنين: مون اهو ٿي عرض ڪيو ته مون اوهان کي هتي سڏائي وڏي جرات ڪئي آهي، حالانڪ هيءُ گهر اوهان جي شان وٽان نه هو...

صادق: اها ڳالهه ته نه آهي، پر تون ڄاڻين ٿي ته مون کي فرصت اصل ڪانهي... هر وقت ڪانه ڪا شوٽنگ آهي، سڀني سان منهن ڏيڻو آهي... پر نازنين، آءٌ هڪ ڳالهه اڃا تائين نه سمجهي سگهيو آهيان ته تون هن دنيا ۾ داخل ڪيئن ٿينءَ؟

نازنين: (کلي) جيئن اوهان ۽ ٻيا....

صادق: (تقريباً پريشان ٿي) آءٌ.......... آءٌ ته وڏي شان سان آيو هوس... ايندي شرط مون کي هيرو جو ڪردار مليو هو نازنين.

نازنين: (طنزيه) مون کي سڌ آهي....

صادق: پر آءٌ اهو نٿو سمجهي سگهان ته تو جهڙي سادي سودي ڇوڪري هن دنيا ۾ ڪيئن داخل ٿي، هيءُ اهو ٻيلو آهي جنهن ۾ داخل ٿيڻ جا سوين پنڌ پيچرا آهن، پر واپس نڪرڻ لاءِ ڪو گس نه آهي، جيڪڏهن ڪو ڪوشش به کڻي ڪري ته به واٽ جا خوفناڪ جانور هڪ وک به ٻاهرين دنيا ڏي کڻڻ نٿا ڏين- اهڙي ماحول ۾ تون ڪيئن آئي آهين...؟

نازنين: اها ڳالهه وڏي آهي، ۽ اوهان وٽ وقت ڪونهي.

صادق: اهو صحيح آهي، پر آءٌ تنهنجي ڳالهه ٻڌڻ گهران ٿو. الائجي ڇو، منهنجي دل چئي ٿي.

نازنين: اچي هيءُ صوف کائو...

صادق:         تون ڳالهه ڇو ٿي ٽارين؟

نازنين: آءٌ پنهنجا زخم اوهان کي ڏسڻ نٿي گهران! وقت جي بيرحم ڪات منهنجي سنڌَ سنڌَ کي چٿي ڇڏيو آهي، اوهان کي شايد منهنجون ڳالهيون نه وڻن. جن جي پسند سرهاڻ، اهي زخم پسي ڇا ڪندا.

صادق: آءٌ تنهنجي مدد ڪرڻ گهران ٿو.... نازنين، مونکي حياتيءَ ۾ ڪنهن شخصيت ايترو متاثر نه ڪيو آهي، جيترو تو ڪيو آهي.... تنهنجين ڳالهين ۾ آءٌ هڪ سڪون محسوس ڪريان ٿو... مون کي ٻڌاءِ.... توکي هي گَس ڪنهن ڏَسيو.... تون هن روشنين ۽ رنگينين جي دنيا ۾ ڪيئن داخل ٿي آهين؟

نازنين: (ياد ڪندي) ننڍي هوندي کان آءٌ تصويرون ۽ ڪتاب ڏسي، سوچيندي هيس... آءٌ فلاڻي هيروئن آهيان، آءٌ فلاڻي ايڪٽريس آهيان... گهر ۾ آئيني آڏو بيهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ مختلف فلمن جا ڊائلاگ ادا ڪندي هيس، ۽ گانا ڳائيندي هيس... (ٿڌو ساه کڻي) ان وقت زندگيءَ جون مڙئي رونقون ۽ رنگينيون انهي آئيني ۾ اچي گڏ ٿينديون هيون... (کلي) آئينو، جيڪو ڪڏهن سچ نه ٻڌائيندو آهي.... ۽ صادق صاحب، انهي قد آدم آئيني مون کي يقين ڏياريو هو ته مون کان وڌيڪ ڪو اداڪار نه آهي... آءٌ عظيم فنڪار آهيان... ۽ جڏهن آءٌ ان دنيا ۾ قدم رکنديس تڏهن مون تي گلن جي ورکا ٿيندي، منهنجي ساراهه ٿيندي... پر آئيني جي مقبالي ۾ حقيقتون نهايت تلخ آهن....

صادق: (پنهنجي منهن) آئينو، هر فنڪار جو پهريون استاد آهي....

نازنين: اوهان ڪجهه چيو؟

صادق: نه.... مون..... نه..... هاڻي آءٌ هلان ٿو.....

نازنين: پر منهنجي ڪهاڻي اڃا ختم ته نه ٿي آهي صادق صاحب

صادق: آءٌ ڪهاڻي جي پوئين حصي کان ائين ئي واقف آهيان، ڄڻ ته منهنجي پنهنجي ڪهاڻي هجي!

نازنين: (کلي) منهنجي ۽ اوهان جي ڪهاڻي ۾ ڪهڙي مناسبت... اوهان ته پيدا ئي هيرو ٿيڻ لاءِ ٿيا هئا.

صادق: (پريشان ٿي) ها.... جي.... نه..... ها..... ها..... اهو سچ آهي.... پر.... مون کي توسان همدردي آهي!

نازنين: ڏاڙهون ڪونه کائيندو...؟

صادق: ڏاڙهون... نه.... مون لاءِ چانهه جو گرم ڪوپ ڪافي هو.... آءٌ تولاءِ وري به پوري ڪوشش ڪندس ته توکي تنهنجو اصل مرتبو ڏياريان... نه ته.... نه ته وري ڪا ٻي ڳالهه سوچڻي پوندي.

نازنين: اوهان جي مهرباني جو مون کي ايترو ياد ڪيو اٿوَ... هونئن ته آءٌ هن حال ۾ به راضي آهيان.

صادق: انجو فيصلو وقت ڪندو. چڱو آئون وڃان؟

نازنين: هلو.... آءٌ توهان کي ڪار تائين ڇڏي اچان... ]قدمن جا آواز. تيز موسيقي، جنهن ۾ وقت گذرڻ جو تاثر[

ڦلٽو:   (کلندي) اها.... مبارڪ.... مبارڪ، سهڻا صادق.... مبارڪ

صادق: ڏاڍو خوش آهين ڦلٽو، ڪو نئون ڪانٽريڪٽ مليو اٿئي ڇا؟

ڦلٽو:   مبارڪون انهي ڪري ٿو ڏيئين جو خوش ٿيو آهيان ته تنهنجون ڪوششون ڪامياب ٿيون آهن.... ۽ تنهنجون ڪوششون فقط انهيءَ ڪري ڪامياب ٿيون آهن، جو.... جو.....

صادق: (کلي) بس بس، گهڻي ڊيگهه نه ڪر.... منهنجي دل ائين چيو، تڏهن....

ڦلٽو:   سهڻا صادق، دل به عجب چيز آهي... اڄ تو نازنين کي ڌرتيءَ تان کڻي آسمان جو چمڪندڙ ستارو بنائي ڇڏيو... اڄ هن جي پهرين فلم رليز ٿي آهي، ۽ اڄ ئي هن کي پنڌرهن نوان ڪانٽريٽ ملي ويا آهن. ٻيون سموريون هيروئنون اڄ کان فقط ماضيءَ جي ياد ٿي ويون... بس هاڻي انهن لاءِ فقط مائرن ۽ سَسُ جا رول وڃي رهيا آهن.

صادق: هائو، سچ پڇين ته ان ۾ نازنين جو به وڏو هٿ آهي، جنهن نهايت ڪاميابيءَ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي.

ڦلٽو:   (چيڙائيندي) ۽ تو به ساڻس عاليشان تعاون ڪيو آهي.

صادق: ها ڦلٽو... منهنجي دلي خواهش هئي ته آءٌ نازنين جي مدد ڪريان- پر خبر نه آهي ڇو؟

ڦلٽو:   اها مونکي خبر آهي.... ٻڌايائين؟

صادق: ٻڌاءِ.

ڦلٽو:   توکي هن سان محبت ٿي وئي آهي (کلي ٿو)

صادق: (حيران) محبت.... ڦلٽو.... ڇا ٿو چئين.... آئون نازنين سان محبت ڪريان ٿو... (کلي) ڪهڙي نه عجب ڳالهه ڪئي اٿئي... صادق جي محبت ايتري سستي نه آهي... ۽ ٻيو ته منهنجو ۽ هن جو ڪٿي ٿو ميل ٿئي... هو جونيئر، آءٌ سينئر.... مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اها ڳالهه تو چئي ڪيئن؟

ڦلٽو:   هونئن ته آءٌ به ان محبت جي چڪر کي بڪواس ٿو سمجهان... پر جيڪڏهن هجي ته انڪار به نه جڳائي... اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچيم ته آخر اسان هر وقت اداڪاريءَ ۾ ڇو گم آهيون... جڏهن روشني ختم ٿي وڃي ٿي، ۽ ڪيمرا جي اک به بند ٿي وڃي ٿي، تڏهن به اسان کي هوش ڇو نٿو اچي.... اسين ائين ڇو ٿا سمجهون ته اسان کي سدائين لاءِ خوابن جي دنيا ۾ جاءِ ملي وئي آهي.... حياتيءَ جي حقيقتن کان اسين ايترو ڇو ٿا ڀڄون.

صادق: ڇاڪاڻ ته اسان سدائين ڪوڙي روشني ۾ رهيا آهيون... اسان کي کري کوٽي جي خبر نٿي پئي.... ڪوڙ ڇا آهي، سچ ڇا آهي، جيڪڏهن تون به ائين ئي سمجهين ها ته پوءِ ڪر اهڙي ڳالهه نه ڪرين ها ته آءٌ نازنين سان محبت ڪريان ٿو.

ڦلٽو:   نازنين ايندڙ وقت جي اها عظيم اداڪار آهي، جنهن جي روشني لاءِ اسان سڀ سڪنداسين.... تون اها ڳالهه نٿو سمجهي سگهين صادق سهڻا...

صادق: سون سدائين سون رهندو... ڦلٽو- اسان جي زندگيءَ جي منزل اها نه اهي ته ڪو وک وک تي دونهيون دکائيندا هلون- اسين خوشين ۽ خوشبختين جي منزلن جا مسافر آهيون!

ڦلٽو:   سڀ خواب... ۽ خواب به اهڙا جن جي ڪابه حقيقت نه آهي... ڪنهن به وقت ڌڪ لڳو ته آسمان جي بلندين تان اچي پٽ پئبو... انهي جو ڪو علاج نه آهي.... انهيءَ ۾ اسان جو ڪو ڏوهه نه آهي.... اسان جي دنيائي اهڙي آهي....

صادق: اڙي ڦلٽو.... اسان اهي نه آهيون... اسان مرڻ گهڙيءَ تائين انهي منزل تي رهنداسين، جنهن تي اڄ آهيون... (کلي) ياد رک ته مرنداسين ته راڄ روئيندا.... ڇاڪاڻ ته اسين پنهنجي وقت جا وڏا اداڪار آهيون.... اسان ئي ته فن کي آسمان جي بلندين تائين پهچايو آهي....

ڦلٽو:   (ڏکارو کلي ٿو) پر انهيءَ ڳالهه جي پڪ نه آهي ته ڪو سڀاڻي ڪجهه پلئه پوندو به يا نه!

]قدمن جا آواز[

اجها نازنين پئي اچي.

نازنين: (ايندي) مون اوهان کي ئي پئي ڳوليو صادق صاحب.

صادق: اڃا به اسان جي تلاش آهي نازنين!

نازنين: (حيران ٿي) جي.... جي ها..... مون اوهان کي انهيءَ لاءِ ڳوليو جو.... اڄ مونکي پروڊيوسر سيٺ جمن پنهنجي نئين فلم جو ڪانٽريڪٽ آڇيو آهي.

صادق: سيٺ جمعي! هون.... مبارڪون.

نازنين: پر....مون کيس سڌي سنئين ڳالهه ٻڌائي آهي ته... ته...

ڦلٽو:   اهڙي ڪا خاص ڳالهه هجي ته آءٌ هليو وڃان بيگم صاحبه...

نازنين: جي... جي نه..... مون کيس اهو ٻڌايو ته آءٌ في الحال ان فلم ۾ ڪم ڪنديس، جنهن ۾.... صادق هوندو.

]ڦلٽو ٽهڪ ڏئي ٿو[

صادق: نازنين... تو ائين ڇو ڪيو.... تو ائين ڇو ڪيو؟

نازنين: بس... منهنجي دل ائين چيو....

صادق: روشن ۽ ٻهڪندڙ مستقبل جا فيصلا دل جهڙي شئي جي چئي تي نه ٿيندا آهن... توکي هن دنيا جي عادتن جو علم نه آهي... اها جيڪا تو ڳالهه ڪئي آهي، ان جي باه هر هنڌ پکڙبي... ۽ تون... تون انهي باهه جي ڪاري دونهين ۾ ٻوساٽجي ختم ٿي ويندينءَ.

نازنين: صادق...

صادق: ها نازنين.... توکي اها خبر نه آهي ته ان ڳالهه جو ڪهڙو اثر ٿيندو.

ڦلٽو:   پر جيڪڏهن هن کڻي ائين چيو ته....

صادق: ڦلٽو.... ٻار نه ٿيءُ... آءٌ ڪنهن اجائي چڪر ۾ ڦاسڻ نٿو گهران... آءٌ انهن ڳالهين کان بنهين مٿي آهيان.. مون وٽ پنهنجو فن آهي، ۽ آءٌ ڪنهن ٻئي جي فن جي پٺيان زنده رهڻ نٿو چاهيان...

نازنين: (غمزده) مون کي خبر نه هئي ته توهان تي ان ڳالهه جو ايترو اثر ٿيندو، اوهان جا مون تي احسان آهن، ۽ هن منزل تي اوهان ئي ته مون کي رسايو آهي.

صادق: (ويندي) توکي ائين چوڻ نه گهربو هو.... ]خزينہ موسيقي[.

نازنين: (غمزده) ائين ڇو آهي ڦلٽو... هن دنيا ۾ ايڏو ڪوڙ ڇو آهي...!

ڦلٽو:   نازنين صاحبه.... هتي هر ماڻهو سدائين اداڪاريءَ ۾ مشغول رهي ٿو، هن وقت به صادق نهايت سٺي اداڪاريءَ ڪرڻ جي ڪوشش هئي.... پر.... اوهان آخر ڪهڙي چڪر ۾ اچي پيون آهيو... هو پٿر آهي.... پٿر سان مٿو هڻڻ پنهنجي پاڻ کي نقصان رسائڻ آهي.... توهان روشن منزل جا مسافر آهيو، ۽ صادق (کلي) پنهنجي ان ماڳ تي پهچي چڪو آهي، جتي سچو فنڪار مري ويندو آهي، ۽ فقط ”آءٌ“ وڃي بچندو آهي، انهيءَ آءٌ جي ڦيري ۾ هو پنهنجي هر شيءِ وڄائي ويهندو.... هر چيز....

]’هر چيز‘ پڙاڏي ۾ گم ٿي وڃي ٿي[

صادق: (فخر ۾) واه نازي... اڄ اهي داستان ياد ڏياريا اٿئي، جن سان اسان جي زندگيءَ جون مڙئي خوشيون ڪاميابون ۽ ڪامرانيون وابسته آهن.... حياتيءَ جون اصل خوشيون!

نازنين: (ڏک ۾) اصل خوشيون! ڇو صادق اسان ڪوڙ کي سچ ٿا سمجهون. عمر جي هن منزل تي جڏهن اسين ڪجهه نه رهيا آهيون، وقت اسان جي وسان ڇڏائجي ويو آهي، سڀ مامرا ختم ٿي ويا آهن، تڏهن به اسان ڪوڙين روشنين ۾ ڪوڙن خوابن جي دنيا ۾ رهڻ پسند ڪريون ٿا.... هاڻي سڀڪجهه ختم ٿي ويو آهي صادق

صادق: نازي ماڻهو اسان کي ڪڏهن به وساري نٿا سگهن.... اسان فن لاءِ پنهنجي حياتي ڏني آهي.... ماڻهو ايترا بيقدر نه آهن جو عمر جي هن وک تي اسان کي وساري ڇڏين.

نازنين: تون اڄ به اهوئي ساڳيو صادق آهين، هٺيلو ۽ ضدي... تون اڄ به حقيقتن کان ائين ٿو ڀڄين جيئن اڳ سچ جو تڙڪو ڏسي ٽهندو هئين.... هاڻي ته پنهنجو حال سار پوءِ ڪا ڳالهه ڪر.

صادق: اهي ته وقت جا لاها چاڙها آهن نازي.... سدائين ته حالتون ساڳيون نه رهنديون.... هر وقت سرءُ نه هوندو.... نيٺ بهار ايندو... گل ٽڙندا.... (کلي) پرنازي.... هڪ ڳالهه ياد رکجئين، اڄ اسين ڪنهن کي ياد نه آهيون، پر هڪ ڏينهن جڏهن آءٌ مرندس، تڏهن هر اک روئندي... اخبارون منهنجي ياد ۾ خاص نمبر ڪڍنديون.... ۽....

نازنين: (انتهائي ڏک ۾) ائين نه چئو.... صادق.... ائين نه چئو.... اهو تون ڇو ٿو وسارين ته تنهنجي حياتيءَ سان هڪ ٻي به حياتي وابسته آهي.

صادق: نازي!

نازنين: ها صادق.... مون لاءِ تون اهوئي ساڳيو صادق آهين، اسڪرين جو شهزادو... هزارين دلين جو پيارو... ۽... ۽ آءٌ اڄ به تنهنجي اوسيئڙي ۾ اکيون وڇايو ويٺي آهيان.

صادق: نازي... تو تمام گهڻي دير ڪئي آهي.... هاڻي هيءَ دل ۽ دنيا ٻئي ويران ٿي ويون آهن، تو لاءِ هاڻي مون وٽ ڪجهه به نه آهي.... ڪجهه به نه آهي....

نازنين: جڏهن تو وٽ سڀڪجهه هو تڏهن به تو مون کي سواءِ اوسيئڙي جي ۽ اهنج جي ٻيو ڇا ڏٺو... تون ڊڄڻو ۽ بزدل آهين.... تنهنجي سوچ جي دنيا وهمن ۽ وسوسن تي ٻڌل آهي... تون... اڄ به سچ نٿو سهي سگهين...

صادق: مون کي چانهه ڏي نازي... آءٌ سخت پريشان ٿي ويو آهيان.

نازنين: تون هيمشه حقيقتن کان ائين ئي پريان ٿي ويندو آهين.

صادق: اڄ تو منهنجي دل تي ڇري وهائي آهي.... تنهنجي ڳالهه ڳالهه مون کي هڪ نئون زخم ڏنو آهي.... آءٌ وڃان ٿو نازي....

نازنين: اڄ ته توکي منهنجيون ڳالهيون ٻڌڻيون ئي پونديون... آءٌ اهو سمورو بار سيني ۾ سانڍي مرڻ نٿي گهران... (آهستي) آءٌ پنهنجي حياتيءَ جي راڻي کي آخري ڀيرو پرچائڻ گهران ٿي... شايد...

صادق: توکي آخر گهرجي ڇا؟

نازنين: آءٌ ڇا ٿي گهران! توکي سُڌ نه آهي... صادق... ڇا هيڏي حياتيءَ ۾ تون ڪڏهن به محبت جي لطيف جذبن کان واقف نه ٿيو آهين؟

صادق: (طنزيه کل) محبت ۽ هن وقت... نازي ان وقت تون ڪٿي هئين جڏهن اسان جو وقت تي قبضو هو؟

نازنين: وقت تي ڪڏهن به ڪنهن جو قبضو نه رهيو آهي، صادق.... اسين سڀ ان جي ڦيري جا تابعدار آهيون.... پر.... پر جي انسان چاهي ته وڃايل وقت کي ورائي سگهي ٿو...

صادق: مون تنهنجو مطلب نه سمجهيو نازي....

نازنين: ڇا اسان سدائين لاءِ هڪ نٿا ٿي سگهون؟

صادق: تنهنجو مقصد آهي ته اسين شادي ڪريون... آه... اهو تون ڇا ٿي چئين نازي....

نازنين: اهائي هڪ ڳالهه هئي جا مون سالن کان سانڍي هئي... همت نه پئي ٿي جو دل جي تمنا کي لفظن جي شڪل ملي، اڄ جڏهن سڄو داستان ختم ٿي چڪو آهي... تڏهن اها خواهش پوري ٿي آهي... تون پريشان ڇو ٿي ويو آهين، ويهه آئون تولاءِ چانهه جو گرم ڪوپ تيار ٿي ڪريان.

صادق: مون کي چانهه نه گهرجي... آءٌ توکي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته مون توسان ڪڏهن به محبت نه ڪئي آهي... مون تولاءِ جيڪي ڪجهه ڪيو هو، سو سڀ هڪ همدرد ۽ دوست جي حيثيت ۾ ڪيو هو... آءٌ توکي اڄ به فقط دوست ٿو سمجهان...

نازنين: (غمزده کل) دوست!

صادق: ها نازي... مون فلم جي پردي تي محبت جون ايريون ته ڪوڙيون رانديون کيڏيون آهن جو.... جو اڄ مون کي محبت مان اهو ساءُ ئي نٿو اچي.... ۽.... ۽....

نازنين: چئو.... ماٺ ڇو ٿي ويئين... وري ڪوڙ جو سهارو ٿو وٺين؟

صادق: نه.... شايد اڄ پهريون ڀيرو تنهنجي آڏو سچ ٿو ڳالهايان. (نهايت ڪرب ۾) تنهنجو ۽ منهنجو ميل نٿو ٿي سگهي نازي، آءٌ.... آءٌ... هن قوت ڪجهه به نه رهيو آهيان... مون وٽ دولت نه آهي.... تون دولتمند آهين.... اڄ آءٌ پنهنجي سڄي جهولي خالي ڪري چڪو آهيان.... مون وٽ تولاءِ ڪي به ڪينهي...

نازنين: اڃان به محبت کي دولت ۾ تورڻ ٿو چاهين صادق؟

صادق: (انتهائي ڏک ۾) آءٌ محبت ڪرڻ جي لائق نه آهيان، نازي... آءٌ.... نفرت جي لائق آهيان.... جڏهن مون وٽ سڀڪجهه هو، تڏهن به مون تولاءِ ڪجهه نه ڪيو.... اڄ جڏهن حياتيءَ جون مڙئي خوشيون ختم ڪري، عمر جي هن منزل تي اچي پهتو آهيان... تڏهن... تڏهن تون مون تي احسان ڪرڻ ٿي گهرين... صادق... تي احسان... ڇا تون سمجهين ٿي ته.... ته آءٌ ڪجهه به نه آهيان.... آءٌ اڄ به اهو ئي صادق آهيان... اهو ئي عظيم فنڪار.... جنهن فن لاءِ پنهنجو سڀڪجهه قربان ڪري ڇڏيو.... نازي..... ٻڌ، آءٌ تنهنجي هن خوبصورت ٺهيل ٺڪيل ڪمري کان ڪڏهن به متاثر نه ٿيو آهيان... مون کي انهن سهڻاين جي ڪا گهرج نه آهي.... تون هن حال ۾ مون کي پنهنجو نٿي ڪري سگهين...

نازنين: (ڏک وچان) صادق... ڪڏهن ڪڏهن انسان جذبات جي تيز وهڪري ۾ وهي پنهنجو هوش وڃائي ويهندو آهي- اڄ توسان به اهوئي حال آهي. تون محبت کي پئسن سان تورين ٿو. پر.... پر.... تو ڪوڙي انسان کي اها سُڌ نه آهي ته مون.... مون.... ]سڏڪو ٿي ڀري[.

صادق: تون روئين پئي نازي.... مون کي انهن ڳوڙهن کان ڊپ ٿو ٿئي.

نازنين: اهي انسان جي اک جا لڙڪ آهن صادق.... گلسرين لڳل ڪوڙا ڳوڙها نه آهن... (ڄڻ ته پنهنجي خيال ۾ گم) صادق.... مون.... پهرين ڏينهن کان ئي تنهنجي محبت کي پنهنجي سيني ۾ سانڍيو. ان محبت آڏو دنيا جي ڪابه طاقت بيهي نه سگهي... دولت.... عزت... شهرت.... سڀ انهي سچيءَ محبت جي آڏو ڪنڌ جهڪائي هليا ويا.... تون.... تون اڄ به پنهنجي هوڏ تي قائم آهين.

]’هوڏ تي قائم آهين‘، پڙاڏي ۾ هليو ويندو[

نازنين: ڦلٽو.... ڦلٽو...

ڦلٽو:   نازنين صاحبه، سبحان الله! اڄ اسان سان ملاقات!

نازنين: مون کي صادق سان ملڻو اهي... خبر اٿي ڪٿي آهي؟

ڦلٽو:   (کلي) صادق... جڏهن هوا جو رخ ڦري ويو آهي... خوشين جو سج لڙڻ وارو آهي... تڏهن به پنهنجي مرضي مڃائڻ ٿو گهري.

نازنين: ائين نه چئو ڦلٽو.... هو هن دور جو عظيم فنڪار آهي... هن کي حق حاصل آهي ته هو ائين ڪري.

ڦلٽو:   (کلي) تنهنجي منهنجي چوڻ سان ڪهڙو ٿو فرق پئي، اڄ اهو زمانو نه آهي، جڏهن هو اڪيلو هن دنيا جو بادشاهه هو.... اڄ فن جي ڳالهه نه اهي، اڄ پروڊيوسر جنهن کي چاهي آسمان تي پهچائي، جنهن کي گهري گمناميءَ جي تهن ۾ گم ڪري سگهي ٿو...

نازنين: تنهنجو چوڻ به سچ آهي... پر...

ڦلٽو:   پر.... پر ڪو زمانو هو، آءٌ هن انڊسٽريءَ جو سڀ کان وڏو مزاحيه اداڪار هوس... آئون پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کي بنهه اڪيلو ڇڏي هن ٻيلي ۾ داخل ٿيو هوس... هن جي روشنين ۽ رونقن مون کان سڀڪجهه کسي ورتو، مون سوچيو هو ته آءٌ هيرو ٿي ڪمائي پنهنجن مائٽن جي خدمت ڪندس.... پر... پر هتي ڊئريڪٽر مونکي هيرو مان مسخرو بنائي ڇڏيو... اهڙو مسخرو جيڪو وک وک تي لڙڪن جا واهڙ وهائي، پر.... پر ٻين کي کلائي... خوش ڪري.... (غمزده) ماءُ جو مڙهه پيو هجي ته به مون کي شوٽنگ تي اچڻو آهي، ڇاڪاڻ ته هن دنيا ۾ انساني حياتيءَ کان شوٽنگ ڊيٽ مهانگي آهي...

نازنين: تون ملول آهين ڦلٽو....

ڦلٽو:   بنهه نه.... مون حالتن سان ٺاهه ڪري ڇڏيو آهي... آءٌ سمجهان ٿو ته جيڪڏهن آئون ائين نه ڪندس ته پوءِ آءٌ ڪٿي جو به نه رهندس، آءٌ صادق جي حال تي حيران آهيان جيڪو اڄ به ساڳين ئي خوابن ۾ رهي ٿو... جنهن وقت اهي خواب ٽُٽا تنهن وقت هو هميشه هميشه لاءِ ختم ٿي ويندو... ڪير هن کي سڃاڻندو به ڪونه....

نازنين: ائين نه چئو ڦلٽو.... ائين نه چئو.

ڦلٽو:   ڏاڍو سيڪ ٿو اچئي صادق جو...؟

نازنين: ڦلٽو... آءٌ.... آءٌ... صادق کي پنهنجو ڪرڻ ٿي چاهيان.

ڦلٽو:   (کلي) هو خود سر آهي.... هن پنهنجي ذهن ۾ عجيب انساني خاڪا تيار ڪري رکيا آهن، جن کي هو حقيقت جو رنگ ڏيڻ چاهي ٿو، ايتري ڳالهه سا آءٌ به چوندس ته انهن خاڪن ۾ تنهنجي چهري جي هڪ ليڪ به نه آهي.

نازنين: ڦلٽو!

ڦلٽو:   ها نازنين.... پر تون ڪوشش ڪر.... هن جي انا کي قبضي ۾ ڪر... متان توکي تنهنجي منزل ملي وڃي....

نازنين: آءٌ سڄي عمر انتظار ڪنديس.... هڪ هڪ گهڙي ڪوشش ڪنديس، انهي موهوم ۽ اڻ ڄاتل سڃاتل خاڪن ۾ ڪٿي هڪ ليڪ منهنجي به ٿي پئي....!

ڦلٽو:   اميد انسان جي سڀ کان وڏي دولت آهي نازي.... آءٌ به تنهنجي لاءِ هن سان حال اوريندس، ممڪن آهي ته حالتون صادق کي به انهي گس تي وٺي اچن، جنهن واٽ جي تون مسافر آهين.

]تيز ڏکاري موسيقي[

ڦلٽو:   سهڻا صادق...

صادق: چئو ڦلٽو... اڄ تنهنجي چهري تي مايوسي پئي بکي؟

ڦلٽو:   سهڻا صادق، جڏهن ڪا ڳالهه دل جي گهراين تائين پهچي ويندي آهي، ۽ ان ڳالهه تي ڪو وس نه هلندو آهي، تڏهن سواءِ مايوس ٿيڻ جي ٻيو ڪو گس ئي نه رهندو آهي... ڇاڪاڻ ته اِهائي هڪ ڳالهه آهي، جنهن تي اسان جو قبضو آهي.

صادق: واه.... ڦلٽو، اهي ڪهڙي فلم جا ڊائلاگ آهن؟

ڦلٽو:   تنهنجي ذهن مان فلم الائجي ڪڏهن نڪرندي صادق....؟ ڪڏهن حقيقت کي به ڏس ۽ سمجهه.

صادق: (کلي) حقيقت ڇا کي ٿو چئجي؟

ڦلٽو:   نازنين جي باري ۾ تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟

صادق: نهايت چڱي ڇوڪري آهي، پنهنجا ڪردار نهايت دل سان ادا ڪندي آهي.

ڦلٽو:   توکي اها خبر آهي ته اڄ هن جو انڊسٽري ۾ وڏو مان آهي.

صادق: ها، اِها به مونکي خبر آهي، ۽ ڄاڻان ٿو ته اهو سڀڪجهه منهنجي ڪوشش جو نتيجو آهي.... هڪ عام ايڪسٽرا گرل کي هيروئن جي درجي تي مون ئي پهچايو آهي، آءٌ نه هجان ها ته اڄ هن جي اها منزل نه هجي ها.

ڦلٽو:   سچ ٿو چئين.... پر اهو واءُ جيڪو اڄ گهلي پيو، ان تي به ڪا ديد اٿئي؟

صادق: (کلي) اڄ هو نهايت معروف اداڪار آهي ۽.... آءٌ واندو!

ڦلٽو:   اڄ هو ان منزل تي پهتل آهي، جتي هو توکي به ڪم ڏياري سگهي ٿي صادق سهڻا!

صادق: اڄ هو ان منزل تي پهتل اهي، جتي هو توکي به ڪم ڏياري سگهي ٿي صادق سهڻا!

صادق: مونکي به ڪم ڏياري سگهي ٿي؟ (کلي) پر ڦلٽو، توکي شايد اهو وسري ويو آهي ته جڏهن هن جي ابتدا هئي، تڏهن ئي مون هن کي ٻڌايو هو ته آءٌ ٻين جي سهاري سان اڳتي نه وڌندو آهيان.... تنهنجي منزل الڳ آهي ۽ منهنجي راه جدا... تون مون لاءِ پاڻ نه پتوڙ....

ڦلٽو:   پر سهڻا صادق، هوءَ ته اڄ به تنهنجي منزل کي پنهنجي ئي منزل ٿي سمجهي.

صادق: اسان جي منزل هڪ نٿي ٿي سگهي.... مون کي هن جي دوستي پسند ضرور آهي. نهايت لائق ڇوڪري آهي، پر انهيءَ جو مقصد اهو نه آهي ته آءٌ هن کي هر هنڌ پاڻ سان وٺي هلان!

ڦلٽو:   انهيءَ ۾ آخر توکي ڪهڙو نقصان آهي؟

صادق: ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين ڦلٽو... هن دنيا کان تون چڱيءَ طرح سان واقف آهين. هتي جا ماڻهو چوندا ته صادق، نازنين جي ڪڍ لڳي، وري پاڻ کي مٿي آڻڻ ٿو گهري، اهو منهنجي سهپ کان ٻاهر آهي ته آءٌ ڇوڪريءَ جي پٺيان سڏجان، جيڪا منهنجي محنت سان ان منزل تي پهتي آهي....

ڦلٽو:   تون پنهنجي انا جي تسڪين لاءِ هڪ اهڙي دل ٿو ٽوڙين، جيڪا واقعي پيار جي لائق آهي. تون ايڏو سنگدل ڇو ٿيو آهين؟

صادق: سنگدل! (کلي) ڦلٽو.... مونکي دنيا ۾ فقط هڪ شيءَ سان عشق آهي ۽ اهو منهنجو فن آهي.

ڦلٽو:   اها خود ثنائي آهي، تو سمورا انساني جذبات وساري ڇڏيا آهن!

صادق: تون ڇا به چئين.. پر آءٌ پنهنجي فن لاءِ جيئان ٿو، ۽ پنهنجي فن لاءِ مرندس.... اهي وقتي لاها چاڙها مون کي ڪجهه به نه ڪري سگهندا، آءٌ انهن ڳالهين کان تمام مٿي آهيان ڦلٽو... تمام مٿي....

]’تمام مٿي آهيان‘ پڙاڏي ۾ هليو وڃي ٿو[

صادق: بس بس... نازي بس.... آءٌ تنهنجن لفظن جا گهاوَ وڌيڪ سهي نٿو سگهان، تنهنجو هر لفظ منهنجي روح لاءِ چهڪ آهي....

نازنين: ۽ صادق مون سڄي عمر تنهنجي اوسيئڙي جا چهڪ سٺا آهن.... دنيا جون مڙيئي خوشيون ڇڏي آءٌ هر گهڙي تولاءِ واجهائيندي رهي آهيان....

صادق: بيشڪ نازي... آءٌ تنهنجو ڏوهاري آهيان... آءٌ صادق، نازنين جو ڏوهاري آهيان... پر... پر....

نازنين: چئو صادق..... دل جو بار لهي ويندءِ.

صادق: مون کي... مون کي صادق نه چئو... آءٌ ڪوڙو آهيان.... مون سدائين پنهنجو پاڻ سان به ڪوڙ ڳالهايو آهي، مڪر ڪيو آهي.... آءٌ خود فريبيءَ ۾ مبتلا هئس.... نازنين!

نازنين: چئو صادق....

صادق: توکي اڃا به مون سان محبت آهي؟

نازنين: شايد.... اها محبت آءٌ پاڻ سان سانڍي وڃي قبر ڀيڙي ٿينديس صادق.

صادق: مون کي صادق نه چئو.... اڄ صادق سدائين لاءِ مري ويندو... اهو صادق جنهن کي گذريل وڏي عرصي تائين عظيم اداڪار تصور ڪيو ويندو هو.

نازنين: صادق! هي تون ڇا پيو چئين؟

صادق: صادق جيڪو نازنين جو نه ٿي سگهيو، سو سلمان جي شڪل اصلي ۾ مريم جي ٿيڻ لاءِ تيار آهي.

نازنين: (خوش ٿي) سلمان... مونکي تنهنجي هر روپ سان پيار آهي- پر... پر سلمان منهنجو سائين آهي...

صادق: ۽ مون کي تنهنجي نازنين واري روپ کان نفرت آهي... پر آءٌ مريم سان محبت ڪريان ٿو.

نازنين: سلمان....

صادق: (غمزده) مريم... مون کي ڪجهه مهلت ڏي... صادق منهنجي ذهن تي سالن کان سوار آهي، آءٌ ان کان پاڻ ڇڏائي سلمان جو روپ وٺڻ گهران ٿو...

نازنين: مون سڄي ڄمار تنهنجو انتظار ڪيو آهي سلمان... اڄ آءٌ پنهنجي منزل تي پهچڻ کانپوءِ ڪجهه وقت اڃان به انتظار ڪري سگهان ٿي....

صادق: مريم... آءٌ.... مريم مون کي اجازت ڏي... آءٌ وڃان ٿو... صادق کي دفن ڪرڻ لاءِ.... ۽ سلمان کي زنده ڪرڻ لاءِ....

نازنين: ائين نه چئو صادق.... صادق سدائين حيات رهندو.

صادق: صادق مري ويو- مريم... اِن کي نه سڏ، ان کي نه سڏ، مون کي نازنين کان نفرت آهي ]قدمن جا آواز[

نازنين: آءٌ تنهنجو انتظار ڪنديس صادق....

صادق: (پريان) صادق مري ويو.... مريم.... صادق ۽ نازنين مري... صادق مري ويو.

]’صادق مري ويو‘، پڙاڏي ۾ گم ٿي وڃي ٿو[

نازنين: (ايڪو ۾) صادق مري ويو... صادق مري ويو... (ايڪو ختم) يا خدا... هي ڇا ٿيو! اڄ اڃا اميدن کي حقيت جو رنگ نصيب ٿيو هو، هڪ سهڻو جواب.. جيڪو ڇرڪ سان ٽٽي پيو... ]پني جي کڙکڙ[’گذريل رات... پنهنجي وقت جو مشهور اداڪار صادق نهايت ڪسمپرسيءَ جي عالم ۾ اوچتي دل جي حرڪت بند ٿيڻ جي ڪري انتقال ڪري ويو’... نه نه.... هي ڪوڙي خبر آهي... هي غلط آهي.... صادق ڪونه مئو آهي.... صادق جيئرو آهي‘... هن مون سان وعدو ڪيو هو ته هو ايندو... مون وٽ موٽي ايندو منهنجو صادق، سلمان بنجي مون وٽ ايندو.... منهنجو سلمان جنهن لاءِ آئون اڃان به واٽون پئي واجهايان.... (دانهن ڪندي) سلمان... سلمان... توکي اڄ نئين حياتي ملي آهي.... ترس.... ترس..... آءٌ نازنين.... نه نه... توکي نازنين سان نفرت آهي.... آءٌ مريم تو وٽ اچان پئي.... تون مون کان سواءِ نٿو مري سگهين... تو مون سان وعدو ڪيو هو ته تون وري مون وٽ ايندين.... پر..... هاڻي مون کان انتظار نٿو ڪيو ٿئي.... آءٌ..... مريم..... آهيان... مريم... آهيان... نازنين نه آهيان... نازنين نه آهيان....

        ]سڏڪا ڀريندي رهي ٿي، ۽ ڏکاري موسيقي اڀري فيڊ آئوٽ ٿي وڃي ٿي[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com