سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ناٽڪ جي تاريخ

 

صفحو :8

ٽي - وي ڊراما

 

ڪي ڏور به اوڏا سپرين

 

هڪ اخبار جي آفيس، جنهن ۾ مختلف ڪارڪن ڪم ۾ مصروف آهن. ايڊيٽر جي آفيس جي ٻاهران هڪ اسٽول تي پٽيوالو ويٺو آهي ۽ اخبار پيو پڙهي.

ايڊيٽر اسلم اندر داخل ٿئي ٿو. ويٺل سڀني همراهن سان هٿ جي اشاري سان سلام ڪري ٿو، ٻيا جواب ڏينس ٿا. پٽيوالو در کولي بيهي ٿو، ۽ اسلم مرڪندو اندر وڃي ٿو. هو ڪرسيءَ تي ويهي اخبار پڙهي ٿو. ٽپال ڏسي ٿو.

پٽيوالو اندر اچي ٿو. سندس کڙڪي تي اسلم ڪنڌ کڻي کيس ڏسي ٿو.

 

 

پٽيوالو: سائين صبح کان وٺي هڪ مائي فون پئي ڪري....

ڇرڪ ڀري حيرانيءَ مان

اسلم مائي؟

پٽيوالو: ها سائين، اوهان سان ڳالهائڻ پئي گهري.

اسلم: نالو ٻڌايائين؟

پٽيوالي کيسي مان پني جو ٽڪر ڪڍي کيس ڏئي ٿو

پٽيوالو: نه سائين، باقي هي فون نمبر ڏنو اٿس ۽ چيائين پئي ته اوهان اچو ته پاڻ ڳالهائجو، نه ته وري فون ڪندي شايد هُوءَ هتي اوهان سان ملڻ به اچي.... ائين پئي چيائين.

وڌيڪ پريشانيءَ جو اظهار

 

 

اسلم پاڻي پياريم.

پٽيوالو حيران ٿي تڪڙو تڪڙو وڃي ٿو، ان دوران اسلم جي شديد پريشاني جو اظهار ڪرسيءَ تان اٿي، بيهي ٿو، ۽ ٻاهرين دريءَ وٽان بيهي ٿو، ٻاهرئين دريءَ جو شٽر مٿي کڻي نهاري ٿو.

گهٽيءَ جو منظر، جتي تيز رفتار ٽريفڪ پئي هلي.

پٽيوالو پاڻي کڻي اندر اچي ٿو، پر اسلم کي هن جي اچڻ جو احساس نٿو ٿئي. چند لمحن کان پوءِ

 

 

پٽيوالو: سائين پاڻي

اسلم ڄڻ ڏورانهين خيالن جي دنيا مان اوچتو موٽي ٿو اچي ۽ آهستي ڦري، هن کان پاڻي وٺي پيئڻ ٿو لڳي.

 

سندس ڪيفيت کي محسوس ڪندي

ڀڳل ڀريل آواز ۾

پٽيوالو بيهي کيس ڏسي ٿو

پٽيوالو: سائين خير ته آهي، اوهان جي طبيعت...؟

اسلم: تون وڃ، سڀ ٺيڪ آهي ۽ ٻڌ... جيڪڏهن هوءَ خاتون اچي ته کيس اندر وٺي اچجانءِ.

پٽيوالو: حاضر.

پٽيوالو ٻاهر نڪري وڃي ٿو هو فون نمبر ڏسي ٿو، ٽيبل تي ويهي فون نمبر ملائڻ لڳي ٿو، پر وري فون اڌ ۾ رکي ٿو ڇڏي. چند لمحن بعد وري فون کڻي ٿو ڏاڍي بيچيني واري ڪيفيت ۾ فون ڪرڻ گهري ٿو، پر ائين ڪرڻ جي همٿ نٿي ٿئيس. ڪن گهڙين لاءِ سوچ ۾ گم ٿي وڃي ٿو. هو جهڙوڪر ڪنهن ڏوهه کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي نهايت تيزيءَ سان رسيور کي، پريشانيءَ جي انداز ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳي ٿو.

 

پٽيوالو اچي ٿو. اتاولائي سان

اسلم: آئي آهي؟

پٽيوالو: نه سائين- مون ٿي پڇيو ته چانهه کڻي اچان؟

اسلم: نه نه، في الحال نه.... ضرورت پوندي ته گهرائي وٺندس.

پٽيوالو حيران ٿي، ٻاهر نڪري ٿو. ٻاهر ويٺل هڪ ماڻهو وٽ وڃي ٿو ۽ اچرج سان

 

 

 

پٽيوالو: سعيد صاحب

سعيد: بڪ نه

پٽيوالو: هڪ زبردست خبر آهي.

سعيد: خبر! تو وٽ... ۽ زبردست خبر! مغز خراب ٿيو اٿئي. چانهه ڪانه ٺاهي اٿئي؟

پٽيوالو: اهائي ته خبر آهي.

سعيد: ڇا مطلب؟

پٽيوالو: مطلب ته اڄ اسلم صاحب چانهه نٿو پيئي.

قلم رکي، حيران ٿي، وقت ڏسندي

سعيد: ڇو؟ پندرهن سالن کان وٺي هن ئي وقت چانهه پيئندو آهي، ۽ اڄ نٿو پيئي. خير ته آهي... هو ته بلڪل ٺيڪ.

پٽيوالو: هوته ٺيڪ، پر صبح کان هڪ مائي پئي فون ڪيس. سو ان جي نياپي ۽ نمبر ڏيڻ سان همراهه جا اصل هوش ئي هوا ٿي ويا.

ڪجهه سوچ کانپوءِ

 

 

ويندي

سعيد: هوندو ڪو پراڻو قصو- پر تنهنجو تنهن ۾ ڇا؟ هل، مٿو نه کاءُ، ڪم ڪرڻ ڏي.

پٽيوالو: خبر جو قدر ڪيو سائين...

سعيد ڪجهه سوچي، مرڪي، ڪم ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو. ڪٽ ڪري، ايڊيٽر جي ڪمري ۾ ٿو اچجي. هو فون تي ڳالهائي پيو. سندس چهري تي بيزاريءَ جو تاثر آهي.

 

 

اسلم: ٺيڪ آهي، سڀ ٿيندو. جي... چيم نه.... گهر ايندي مهل وٺي ايندس... نه نه، هروڀرو جي غلط فهمي... او هو، وهم جو علاج ته لقمان حڪيم وٽ به ڪونه هو.... آخر آئون ڪهڙيءَ ڳالهه تان پريشان ٿينديس.... ڏس، چيم نه ته ناهيان پريشان، ناهيان، باقي تون هروڀرو پريشان ڪرڻ گهرين ٿي ته... چڱو چڱو، خدا حافظ. نه نه، اڄ مون کي ڪم آهي، منجهند جي مانيءَ تي ڪونه اچي سگهندس... بس مڙئي ڪم آهي... ڀلا ضروري آهي ڇا ته توهان کي پنهنجن سمورن ڪمن کان واقف ڪريان... ڪي ڪم هوندا آهن... هوندا آهن... چڱو خدا حافظ

هو بيزاريءَ ۾ فون رکي ٿو، فون رکڻ سان، گهنٽي وڄي ٿي. هو نهايت اتاولائيءَ سان جهٽ هڻي فون کڻي ٿو، ۽ چند لمحن لاءِ آواز ٻڌي، رسيور رکي ڇڏي ٿو، وري گهنٽي وڄي ٿي. هو ڊڄندي ڊڄندي فون کڻي ٿو.

 

هن فون جي پس منظر۾ موسيقيءَ جاثرات اچن ٿا. جن ۾ لطيف جذبن جو احساس آهي. اهي وقفه جن ۾ ٻاهران آيل فون جي گفتگو وقت اسلم خاموش رهندو. موسيقي ۽ سندس چهري جي مختلف تاثرات مان لطيف ۽ وڻندڙ جذبن جو احساس نمايان ٿئي ٿو. هو اٿي ٿو ۽ فون کڻي اطمينان سان صوفي تي وڃي ويهي ٿو.

اسلم: هلو... جي... ڳالهايان پيو. شايد فون خراب آهي. اوهان ڪيو.... جي.... نه نه. سچ پڇو ته مون نه سڃاتو.... مهرباني... شايد عمر جي ڪري منهنجو حافظو.... بيشڪ اوهان سچ ٿيون چؤ. پر انسان آهيان، هزارين آواز ٻڌان ٿو. ڪي ته ياد ڪندي خوشي ٿي ٿئي... پر... ناز.

نه... آءٌ ٻڌان پيو.... اهڙيون اوچتيون خواهشون انسان کي رولي ڇڏينديون آهن ناز.... آخر اڄ ماضيءَ کي سڏڻ جي ضرورت.... مون سان ملڻ سان توکي ڇا حاصل ٿيندو. اسان هڪٻئي جي حقن کي ته ڪڏهوڪو وساري چڪا آهيون ناز! هاڻي پراڻا دود دکائي وڌيڪ ڪجهه حاصل ٿيڻ جو امڪان ڪونهي... لاحاصل ڳالهين پٺيان ڊوڙڻ واري عمر گذري چڪي آهي.... اهو ٿَڪَ جو احاس اوچتو ڪيئن پيدا ٿئي.

مون عمر جو وڏو عرصو انتظار ڪندي گذاريوآهي. هاڻي جڏهن هر شيءِ پنهنجي جاءِ وٺي بيٺي آهي، تڏهن تون وري انهيءَ ماٺي ڍنڍ ۾ پٿر ڇو ٿي اڇلائڻ گهرين جو... پر آءٌ هتي نٿو ملي سگهان... تنهنجي گهر اچان... اهو مون لاءِ ممڪن نه آهي. تون پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏ. نه... نه... نه نه.... نه ناز.... اهو ممڪن نه آهي.... ممڪن نه آهي..

چرين وانگر فون رکي ٿو ڇڏي ۽ فون کي ائين ٿو ڏسي ڄڻ ڪارو نانگ هجي، هن تي حملو ڪرڻ ٿو گهري- فون جي گهنٽي وڄي ٿي. هُو اٿي بيهي ٿو ۽ ڪاوڙ ۾ پنهنجي جاءِ ڇڏي، دريءَ وٽ وڃي ٿو بيهي دريءَ مان هيٺ ٽريفڪ پنهنجي پوري زور شور سان جاري آهي. لمحن ۾ اهو سڀ ڏيک هن جي نظرن کان ڏور ٿي وڃي ٿو. ٽيليفون جي گهنٽي وڄي ٿي، وڄي بند ٿي وڃي ٿي. انهيءَ سان هو يادگيرين ۾ گمُ ٿي وڃي ٿو.

مختصر قسم جو، پر سليقي وارو ڊرائينگ روم، اسلم ۽ ناز ويٺا آهن. ناز جي چهري تي چلولائي ۽ اسلم جي چهري تي سنجيدگي آهي.

 

 

ناز: ايتري سنجيدگي اختيار ڪرڻ سان تنهنجي مسئلي ۾ ڪوبه فرق نه ايندو. اسلم: ناز، تون جن پاڇولن پويان ڊوڙڻ جي خواهش رکين ٿي، اهو توکي سواءِ پريشانين جي ڪجهه نه ڏيئي سگهندا.

ناز: اسلم، تون منهنجين حالتن کان چڱي طرح واقف آهين، منهنجي غربت توکان ڳجهي نه آهي.

شديد اندروني ڪشمڪش تحت اٿي ٿي ۽ هلندي، روم جي هڪ ڪنڊ تي وڃي بيهي ٿي.

 

 

 

 

 

شڪسته آواز ۾

 

 

 

 

آءٌ غربت ۾ مرڻ نٿي چاهيان، آءٌ هلي هلي ٿڪجي پيئي آهيان، منهنجي ذهن ۾ هزارين خواهشون ۽ اُمنگون آهن، اُهي.... آئون ڏسان پيئي ته تنهنجي ساٿ سان پوريون ٿيڻ ممڪن نه آهي.

اسلم: ناز....

ناز: ها اسلم، مون کي تنهنجن جذبن جو احساس آهي، آءٌ ڄاڻان ٿي ته تنهنجي دل ۾ مون لاءِ ڪهڙا جذبا آهن، پر زمانو فقط جذبن کي نٿو ڏسي. تون ئي ٻڌاءِ، اسان جي شاديءَ سان اسان جا مسئلا ته حل ٿي سگهن ٿا، پر اسان جي اولاد جو ڇا ٿيندو؟ ڇا هو به ائين اسان وانگر اهڙي حياتي گذاريندا، جنهن ۾ ڪو سک نه آهي. اهي منهنجي آئينده جون اميدون آهن اسلم! آءٌ خوابن جي دنيا ۾ رهڻ نٿي گهران.

اسلم جو شديد رد عمل- ڄڻ ته سندس انا کي سخت ڌڪ لڳو آهي. هن جي شخصيت کي وڏو نقصان پهتو آهي. هنکي ڏسندو رهي ٿو. ڳالهائڻ جي ڪري ٿو، پر آواز نٿو نڪريس.

 

 

 

 

 

 

 

اسلم: آءٌ تو وانگر رڃ جو راهي نه آهيان ناز، آئون دنيا ۾ رهندڙ هڪ مسڪين انسان آهيان. بيشڪ اهي تنهنجون خواهشون مون کان پوريون نه ٿي سگهنديون... پر تون ائين ئي انهيءَ مانڊاڻ ۾ ڀٽڪڻ لاءِ پيدا ٿي آهين، جيڪڏهن اهو سڀڪجهه حصل ٿيئي ته به اها خوشي حاصل نه ٿيندءِ جيڪا هڪ صاف دل واري انسان کان حاصل ٿي سگهي ٿي. دولت، زندگي نه آهي.

ناز: ۽ غربت ڪهڙي زندگي آهي؟

هو هن کي ڏسندو، شديد رد عمل سان اٿي ٿو،۽ آهستي آهستي دروازي تي اچي بيهي ٿو. ڏک جي ڀرپور تاثر سان اسلم ٻاهر نڪري وڃي ٿو. ناز جو رد عمل چند لمحن لاءِ ڄڻ ته پريشان ٿي وڃي ٿي. پر پوءِ هن جي چپن تي مرڪ اچي. ٽريفڪ جو شور هن جي يادگيرين کي ختم ڪري ٿو هو بدحواس ٿي، شٽر بند ڪري ٿو،۽ واپس اچي صوفي تي ويهي ٿو. سعيد ڪمري مداخل ٿئي ٿو. ڏکاري مرڪ سان ڏانهنس نهاريندي

 

 

 

 

 

 

 

اسلم: خدا حافظ ناز.

 

 

 

 

 

 

 

 

سعيد: اسلم صاحب، ايڊيٽوريل لکيو اٿوَ؟

اسلم: نه سعيد، موڊ ڪونهي. اڄ تون ئي لکي ڇڏ.

حيران ٿيندي

سعيد: جي؟

اسلم: مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي، دماغ خالي خالي پيو محسوس ڪريان.

سعيد خير ته آهي، ڪجهه پريشان پيا لڳو؟

اسلم: بس ائين ئي... انسان ويچارو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي جذبن جو اهڙو محتاج بڻجي ويندو آهي جو ڪجهه چاهڻ جي باوجود به ڪجهه نه ڪري سگهندو آهي. اڄ منهنجو حال اهڙو ئي آهي.

سندس حالت کي محسوس ڪندي، ڳالهه کي لنوائڻ جي انداز ۾

 

سعيد: ڪهڙي موضوع تي لکان؟

 

اسلم: گهڻيئي موضوع آهن. اڄ جي خاص خبر کڻي ڪجهه نه ڪجهه لکي ڇڏ.

سعيد: بهتر.

هو آهستي آهستي ڪمري مان نڪري وڃي ٿو.

هن جي نظر ٽيليفون تي کپي ٿي وڃي. خالي الذهن انسان وانگر هو اٿي ڪمري ۾ پسار ڪرڻ لڳي ٿو. سندس چهري تي، سندس تاثرات، آواز جي صورت ۾ گونجن ٿا.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

اسلم: ڇا حياتيءَ کي هن مرحلي تي مون سان مذاق ڪرڻو هو... انتظار ۾ ڏکن کان پوءِ جڏهن سڪون پلئه پيو آهي ته پوءِ هي طوفان.... مونکي ڇا ڪرڻ گهرجي... ڇا زندگيءَ جون خوشيون مون کي ائين ئي ڏنگينديون رهنديون... آخر منهنجو ڏوهه...

دروازو کلي ٿو، هڪ عورت اندر داخل ٿئي ٿي. هو ڇرڪ ڀري هن کي ڏسي ٿو. لمحن ۾ هن جي سمورن خيالن جا محل ڀڄي ٿا پون ۽ هو شڪست خورده ۽ پريشاني جي عالم ۾

نجمه حيران ٿي کيس ڏسي ٿي، ۽ آهستي

بتال ٿي

 

 

 

 

 

 

 

اسلم: تون.... تون هتي ڇو آئي آهين؟

نجمه: ڇا ٿيو آهي توهان کي منهنجو هتي اچڻ ڪو نئون ته نه آهي.

اسلم: سمجهان ٿو، سمجهان ٿو. ڇا مون کي جيئڻ جو حق نه آهي... ڇا آئون چوويهه ڪلاڪ قيد ۾ آهيان.

نجمه جو شديد ڪربناڪ تاثر ائين ڄڻ ته پهريون ڀيرو هن، هن سان انهيءَ انداز ۾ ڳالهايو هجي. هو آهستي آهستي وڌي ڏانهس اچي ٿي

 

 

 

 

 

 

نجمه: توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ اهو قيد جو احساس اوهان جي ذهن ۾ ڇو آيو آهي؟ اسان ته هڪٻئي کي ڄاڻي سڃاڻي پنهنجو ڪيو هو.

ساڻو ٿي، ڪرسيءَ تي ويهي ٿو رهي ۽ ٿڌو ساهه ٿو کڻي

 

 

اسلم: سڀ ياد اٿم، پر آءٌ اڄ اڪيلائي چاهيان ٿو. بهتر آهي ته تون گهر وڃ. اڄوڪي ڏينهن تي منهنجو اختيار نه آهي.

نجمه نهايت سنجيدگيءَ سان مرڪندي اُٿي ٿي

 

نجمه: اسان پنهنجين تڪليفن ۽ پريشانين کي سدائين گڏجي نبيريو آهي. اِها ئي ڳالهه اسان جي خوشيءَ جو باعث پئي رهي آهي... پر اڄ جيڪڏهن تون اهو معاملو پنهنجي سِر نبيرڻ گهرين ٿو ته وس وارو آهين. آءٌ ننڍڙي کي وٺي گهر وڃان ٿي، مانيءَ تي تنهنجو انتظار ڪنداسين.

در تي بيهه، هن جو جواب ٻڌڻ کانسواءِ ٻاهر نڪري وڃي ٿي، هو ٿڌو ساهه ڀري، اطمينان محسوس ڪري ٿو. پر هن کي اهو احساس ضورور آهي ته هن هڪ غلط حرڪت ڪئي آهي. سندس آواز چهري تي اوور ليپ ٿئي ٿو.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

اسلم: هي مون کي ڇا ٿي ويو آهي... ڇا آءٌ پنهنجين خوشين کي اِئين ئي ختم ڪندس. هن جو ڪهڙو ڏوهه، هوءَ ته...

پريشانيءَ مان گهنٽي وڄائي ٿو پٽيوالو اندر اچي ٿو.

 

 

بيگم صاحب وئي هلي؟

پٽيوالو: جي ها، اجهو بس هينئر ئي وئي آهي، هيٺ هوندي- سڏي اچانس؟

پٽيوالو نڪري وڃي ٿو

اسلم اُٿي دريءَ تي اچي ٿو. شٽر کولي، هيٺ نهاري ٿو. انهيءَ مهل هڪ موٽر رواني ٿي وڃي ٿي، ۽ چند لمحن بعد انهيءَ خالي جاءِ تي هڪ ٻي ڪار اچي بيهي ٿي، جنهن مان هڪ عورت لهي ٿي. هيڏانهن هوڏانهن نهاري اندر اچي ٿي. اسلم، بدحواسيءَ جي حالت ۾ شٽر بند ٿو ڪري اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏي. تصور ۾ گم ٿي وڃي ٿو. ناز جو آواز مٿس اوور ليپ ٿئي ٿو گفتگو اها ئي آهي، جيڪا فون تي ٿي هئي.

اسلم: نه نه..... بس تون وڃ.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ناز: شايد تو مونکي نه سڃاتو... تنهنجو حافظو اهڙو ته ڪونه هو.... آءٌ ناز آهيان... چپ ڇو ٿي وئين... آءٌ توسان ملڻ ٿي گهران. آءٌ زندگيءَ جي پويان ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پيئي آهيان. ڇا منهنجو توتي ڪو حق ڪونهي...؟ آءٌ اڄ ئي توسان ملڻ ٿي گهران... جي تون چاهين ته مون وٽ اچي سگهين ٿو... اَڄ مون پنهنجي زندگيءَ جو تمام اهم فيصلو ڪيو آهي، اهو توکي ٻڌائڻ ٿي گهران... ڪيتريون ڳالهيون اهڙيون ٿينديون آهن، جيڪي فون تي نه ڪري سگهبيون آهن.... آءٌ اچان پئي اسلم.....

انهيءَ جملي سان ناز اندر ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿي. هو آهستي آهستي اکيون کولي ٿو. لڙاٽيل تصوير واضح ٿئي ٿي. ناز جي چهري تي غمزده مرڪ اُڀري ٿي.

هو ڪنڌ جهڪائي آهستي چئي ٿو.

 

 

 

 

 

 

 

 

هن جي چهري جا تاثرات شديد ٿي ٿا وڃن.

 

 

 

 

 

 

 

 

اسلم: تون هتي ڇو آئي آهين؟

ناز: ڇا، منهنجو اچڻ توکي پسند نه آهي؟

اسلم: ڪن ڳالهين کي پسند ڪرڻ جي باوجود ناپسند ڪرڻو پوندو آهي.

ناز: وقت توکي مصلحتي بنائي ڇڏيو آهي.

اسلم: مصلحتي.... مون سدائين سچ ڳالهايو آهي. مصلحتون تو ڪيون آهن، ۽ جڏهن تنهنجي مصلحتن جي نانگ توکي ڏنگيو آهي، تڏهن تون مون وٽ آئي آهين. مون وٽ تنهنجي درد جو ڪو علاج ڪونهي.

نهايت شڪسته انداز ۾

ناز: ائين نه چئو اسلم. مون کان اهو برداشت نٿو ٿي سگهي. تو وٽ آءٌ انهي آس سان آئي آهيان ته جيڪي ڪجهه مون اڄ تائين ڪيو آهي، ان جي باري ۾ بنا ڪنهن ڳالهه ڪرڻ جي، آئيندي لاءِ ڳالهيون ڪنديس.

اسلم: ماضي وسارڻ مون لاءِ ممڪن نه آهي.... ناز، انهيءَ ماضيءَ جا عذاب سهي سهي اڄ آءٌ هن منزل تي پهتو آهيان. هاڻي آءٌ نهايت مطمئن حياتي پيو گذاريان.

ناز: مونکي انهيءَ جو احساس آهي، پر مون ڪو ڏوهه ته نه ڪيو آهي.

ڏک وچان کلندي

اسلم: ڪير ڏوهاري آهي- آءٌ يا تون؟ انهيءَ جو فيصلو آءٌ ڪرڻ وارو ته ناهيان. تون ئي ان وقت کي ياد ڪر.

ڪئميرا، ناز جي اکين تي اچي هوءَ آهستي آهستي شديد ڪرب جي عالم ۾ پنهنجون اکيون پوري ڇڏي ٿي. سندس آڏو، سندس ماضي اُڀري اچي ٿو.

ناز جي گهر وارو سادو ڊرائينگ روم. ناز هڪ صوفي تي ويٺي آهي اسلم هڪ پاسي کان اُداس ويٺو آهي.

 

 

ناز: مون کي حق آهي ته آءٌ پنهنجي آئنده زندگيءَ لاءِ بهتر کان بهتر سوچان. جيڪو مون فيصلو ڪيو آهي، اهو بلڪل درست آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي ممڪن نه آهي.

اسلم: ناز، اصل زندگي دولت نه آهي.

ناز: جي دولت نه آهي ته پوءِ ڇا آهي؟

اسلم: محبت ۽ سڪون انسان جي حياتي جو سڀ کان وڏو سرمايو آهي.

طنزيه کل

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

هو ناز جي جواب کان وڌيڪ رنجيده ٿئي ٿو. هوءَ انهيءَ جملي چوڻ مان ائين ٿي لڳي، ڄڻ ڀڄي پئي هجي. ناز پنهنجي اندر جي اُڌمن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. سندس آواز جهيڻو ۽ روئڻهارڪو ٿي وڃي ٿو.

ناز: محبت ۽ زندگيءَ جو سڪون! بک ۽ مفلسيءَ ۾ اهي سڀ ڳالهيون ختم ٿي وينديون آهن. زندگيءَ جو ٻيو نالو حقيقتن کي سمجهڻ آهي اسلم.

اسلم: تون جنهن رڃ پويان ڊوڙين پئي، اها هڪ ڏينهن توکي احساس ڏياريندي ته تو مسئلن کي ڪيتري حد تائين معمولي سمجهي فيصلو ڪيو هو. بيشڪ مان توکي اهو ڪجهه نه ڏيئي سگهندس، جيڪو سيٺ صاحب توکي ڏيندو، پر، يقين ڄاڻ، هڪ ڏينهن توکي اهو احساس ضرور ٿيندو ته خوشيءَ جو اهو نالو نه آهي ۽ پوءِ توکي.... توکي ڪير سهارو ڏيڻ وارو نه رهندو.

ناز: آءٌ آيل وقت تي فيصلي ڪرڻ جي قوت رکان ٿي. اول ته اهڙو وقت ايندوئي ڪونه، جي آيو ته پوءِ ان کي منهن ڏيڻ جي مون ۾ اهليت آهي. اسلم: توکي منهنجي محبت جو احساس نه آهي ناز؟

 

ناز: مونکي احساس آهي تنهنجو ۽ تنهنجي محبت جو.... مان شايد پنهنجي دل مان اهو احساس ڪڏهن به ڪڍي نه سگهان. چاهڻ جي باوجود به نه، پر اسلم تون منهنجن حالتن کان واقف آهين. مان هيءُ فيصلو انهيءَ ڪري به ڪيو آهي ته جن محرومين ۾ منهجو ماضي گذريو آهي، انهن مان منهنجو آئيندو نه گذري.... منهنجي گهر وارن کي منهنجي فيصلي تي خوشي آهي.

اسلم: ناز، اڄ کان پوءِ شايد آءٌ تنهنجي آڏو نه اچان. آءٌ زندگيءَ جي تلاش ۾ دنيا جي ميدانن ۾ گم ٿي ويندس. جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن تنهنجي دل ۾ ڪو خيال مون بابت پيدا ٿئي ته فقط چڱن لفظن ۾ منهنجو نالو کڻي ڇڏجئين.

ناز: منهنجي شاديءَ ۾ نه ايندين؟

اسلم: آءٌ توکي وسارڻ گهران ٿو. تون به مون کي وساري ڇڏ.

اسلم تيز قدمن سان نڪري وڃي ٿو. ناز جي اکين ۾ لڙڪ تري اچنس ٿا.

 

ماضي جون يادگيريون ختم ٿين ٿيون، ناز جي اکين جو ڪلوز جنهن مان لڙڪ وهي پون ٿا

ناز: توکي وساري به ته نه سگهندس.

 

 

اسلم: هاڻي روئڻ مان ڇا حاصل؟

ناز: غلط فيصلن تي روئڻ کان سواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهجي. مان پنهنجي اصل زندگيءَ ڏي موٽڻ گهران ٿي.

اسلم: اسين تمام پري نڪري آيا آهيون، هاڻي موٽڻ ممڪن نه آهي.

ناز: ڇا تو مون کي وساري ڇڏيو آهي؟

اسلم: ڏاڍي ڪوشش ڪئي اٿم، پر شايد ڪامياب نه ٿيو آهي.

ناز: آئون سڀڪجهه ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان. مونکي سڪون جي تلاش آهي.

اسلم: اهڙا فيصلا هر هر نه ٿيندا آهن ناز! توکي پنهنجي دنيا مان خوشيون حاصل ڪرڻ گهرجن، تو ۾ اها اهليت آهي ته تون وقت کي منهن ڏيئي سگهين.

طنز کي محسوس ڪندي، آهستي

ناز: مون تان چٿرون نه ڪر اسلم... آءٌ ڏاڍي ڏکايل آهيان.

پنهنجن اڌمن کي روڪيندي فيصلي ڪرڻ واري انداز ۾

 

 

اسلم: ٻڌ ناز، مون تنهنجو گهڻو انتظار ڪيو، شايد منهنجي محبت ۾ ڪوتاهي هئي جو آءٌ توکي حاصل نه ڪري سگهيس.

ناز: اڄ آءٌ سڀني کان منهن موڙي تو وٽ آئي آهيان.

اسلم: مون وٽ رهيو ڇا آهي جو مون وٽ آئي آهين... ناز، جيئن تو پنهنجي زندگي کي داءُ تي هنيو هو، تيئن مون به پنهنجي زندگي داءُ تي لڳائي ڇڏي... پر آءٌ تو وانگر پريشان نه آهيان. مون نه چاهڻ جي باوجود ائين ڪيو، پر تون سڀڪجهه پنهنجي مرضيءَ سان ڪرڻ جي باوجود ناخوش آهين! اها زندگي نه آهي، فيصلا ائين نه ٿيندا آهن. تون جنهن دنيا مان آئي آهين، توکي واپس اتي ئي وڃڻو پوندو...

ناز: چاهي اُتي مون لاءِ عذاب ئي ڇو نه هجن؟

اسلم: عذاب انسان پنهنجي لاءِ پاڻ پيدا ڪندو آهي، جنهن اعتماد سان تو اِها شادي ڪئي هئي، انهيءَ اعماد سان توکي نڀائڻو به پوندو.

ناز: آئون سمجهان ٿي ته تون ڇا ٿو چوڻ چاهين.... بيشڪ، اهو فيصلو مون پاڻ ڪيو هو. پر انسان ڪڏهن غلطي به ته ڪري سگهي ٿو.

اسلم: غلطيءَ جو احساس توکي اڄ ٿيو آهي!

ناز: نه اسلم، انهيءَ احساس منهنجي دل ۾ انهيءَ وقت جنم ورتو هو، جڏهن تون مون کان سدائين لاءِ موڪلائي ويو هئين انهيءَ گهڙيءَ مون محسوس ڪيو هو ته منهنجو فيصلو غلط آهي. پر نيٺ مان به ته انسان هيس.

پيڙا مان

اسلم: آءٌ انسان آهيان ناز، رانديڪو نه آهيان.

اڻ ٻڌو ڪري

ناز: مون تي دولت جي ڌڄ حاوي ٿي ويئي....، وڏو گهر، آسودو آئيندو خوشي، دولت، اهي سڀ ڳالهيون مون کي زندگي جي گس تان هٽائي ويون، مون ڇڏڻ چاهيو، ڇڏي نه سگهيس.

اسلم: توکي حالتن سان ٺاهه ڪرڻ گهرجي ناز.

ناز: گهڻي ڪوشش ڪيم، پر احساس ٿيم ته دنيا ۾ دولت ئي سڀڪجهه نه آهي. ڪنهن پر خلوص سهاري کان سواءِ زندگي گذارڻ عذاب آهي.

اسلم: هر ماڻهو ائين چاهي ٿو. مون به ائين چاهيو هو، پر تو مون کي قبول نه ڪيو. تو دولت کي سڀڪجهه سمجهيو. هاڻي جڏهن توکي دولت ملي آهي ته تون خوشي ۽ سڪون جي ڳولا ۾ مون وٽ آئي آهين، جڏهن ته مون وٽ ڪجهه نه آهي.

ناز: مون کي ڪجهه به نه گهرجي اسلم. تو وٽ اچڻ کان اڳ مون گهڻو ئي سوچيو.... ۽....

اسلم: ناز، ٽي سال اڳ تو هڪ فيصلو ڪيو هو. اڄ تون وري ڪو نئون فيصلو کڻي آئي آهين، جڏهن ته آءٌ اڄ ڪنهن کڻي آئي آهين، جڏهن ته آءٌ اڄ ڪنهن به فيصلي ڪرڻ جي حالت ۾ نه آهيان.

ناز: آءٌ سڀڪجهه ڇڏڻ جو فيصلو ڪري آئي آهيان اسلم. مون کي زندگيءَ جي سک جي تلاش آهي، جو تون ڏيئي سگهين ٿو. آءٌ هن کان طلاق وٺڻ ٿي گهران اسلم!

تيز لهجي ۾

اسلم: طلاق! تو زندگيءَ کي مذاق ڇو سمجهيو آهي ناز... نه تون ٻار آهين، نه ئي منهنجي عمر اها وڃي رهي آهي جو آءٌ پنهنجن فيصلن کي هر هر مٽايان.

پهريون دفعو ڪجهه محسوس ڪندي

ناز: تو به ڪو فيصلو ڪيو آهي ڇا؟

 

اسلم: مان تو وانگر هر هر فيصلا نه ڪندو آهيان ناز.

ناز: تنهنجون ٽوڪون مون کي سدائين ڏکيون لڳنديون آهن اسلم.

اسلم: انهيءَ لاءِ جو مون توسان ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو آهي، ۽ ٻي ڳالهه به ٻڌي ڇڏ، مون شادي ڪري ڇڏي آهي...

پريشان ٿي

ناز: نه...

هنن جملن دوران ناز جا مختلف تاثرات ڏکارا، پريشان ڪندڙ

اسلم: ها، منهنجو هڪ ننڍڙو گهر آهي، جنهن ۾ هڪ معصوم ٻارڙي جا ٽهڪڙا مون لاءِ سدائين منتظر رهندا آهن. هو منهنجي خدمت ڪرڻ پنهنجي زندگيءَ جي ميراث سمجهي ٿي. آءٌ انهن کي ڇڏي نٿو سگهان.

ناز خيالن ۾ گم آهي. سندس چهري تي ڪرب جا تاثرات آهن.

اسلم: اهو منهنجو پنهنجو فيصلو هو. آءٌ انهيءَ سان سڄي عمر سچو رهڻ گهران ٿو. آءٌ گهٽ ۾ گهٽ توکي دوکو نٿو ڏيئي سگهان.

آهستي، پر بدليل ۽ شڪسته آواز ۾

 

ناز: توکي پنهنجي گهر سان ڏاڍي محبت آهي اسلم؟

اسلم: مون کي پنهنجي فرض جو احساس آهي ناز.

هوءَ اُٿي دروازي ڏي وڃڻ لڳي ٿي.

ناز: اسلم، مون سدائين غلط سوچيو آهي، ۽ غلط فيصلا ڪيا آهن. تون نڀائڻ وارو آهين، ۽ آءٌ خوابن جي دنيا م رهندي، وقت جي گذرڻ جي احساس کان خالي، غير ذميدار....

اسلم ڪو جواب ڪونه ٿو ڏئي

بهرحال، اها به زندگي آهي... مون کي معاف ڪجانءِ، مون کي تنهنجي دنيا ۾ ٻيهر اچڻ جو ڪو حق نه هو.

هوءَ تيز قدمن سان ڪمري مان نڪري وڃي ٿي.

خدا حافظ.

 

اسلم: خدا حافظ!

اسلم چند لمحن لاءِ ويٺو رهي ٿو. آهستي آهستي اُٿي دريءَ تي اچي ٿو. ناز کي موٽر ۾ ويهندو ڏسي ٿو، ڪار وڃي ٿي. هو شٽر بند ڪري، فون کڻي نمبر ڊائل ڪري ٿو.

 

 

اسلم: هلو- ٻڌ آءٌ منجهند جو ماني توهان سان کائيندس....

فون رکي گهنٽي وڄائي ٿو. پٽيوالو اندر اچي ٿو.

 

 

اسلم: چانهه کڻي آءُ... ۽ سعيد جيڪڏهن ايڊيٽوريل نه لکيو هجي ته چئينس ته آءٌ لکان ٿو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com