سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو : 8

ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

مراد علي مرزا

 

 تصويري زال

جاپان جي ڪهاڻي

 

پراڻي جـُڳ جي ڳالهه آهي ته ڪو شخص هوندو هو، جنهن کي گومبئي جي نالي سان سڏيندا هئا. هو نه رڳو غريب هو، پر موڳو به هوندو هو. هو اڪيلو هوندو هو ۽ هڪڙي لانڍيءَ ۾ رهندو هو. موڳي ۽ بيوقوف هجڻ جي ڪري ڪا به زال هن سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي.

هڪڙي ڏينهن شام جو هڪ جواڻ جماڻ زال هن وٽ لانڍيءَ ۾ گهڙي آئي ۽ رات اتي رهڻ جي هن کان اجازت ورتائين. گومبئي پنهنجي سڄي ڄمار ۾ اهڙي سهڻي عورت نه ڏٺي هئي، تنهنڪري هن ڏاڍي خوشيءَ مان هن کي اتي رات رهڻ جي اجازت ڏني. رات جو ماني کائڻ کان پوءِ ان جواڻ جماڻ زال هن کي چيو، ”تون شايد هت اڪيلو رهين ٿو ۽ آءٌ به بلڪل اڪيلي آهيان، ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو اسان پاڻ ۾ شادي ڪري گڏ رهون.“

اهو ٻڌي گومبئي کي پنهنجي قسمت تي اعتبار ئي نه پئي آيو. خير، ٻنهي جي شادي ٿي ويئي. هاڻي گومبئي ڏاڍو خوش هو. پر هينئر هن کي پنهنجو ڪم ڪار ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو لڳو. هو پنهنجيءَ زال کي ايترو ڀائيندو هو، جو هر وقت هن ۾ ئي اکيون وجهيو ويٺو هوندو هو ۽ هڪڙي پَل لاءِ به هن کي پاڻ کان پري ٿيڻ نه ڏيندو هو.

جڏهن هن ڪکن جون جتيون ٺاهيون ته اهي پنج ڇهه فوٽ ڊگهيون ٿي ويون. انهيءَ لاءِ ته جتين ٺاهڻ وقت هن جتين کي نه پر پنهنجيءَ زال کي پئي ڏٺو. اهڙيءَ طرح اهي جتيون ڪنهن به خريد نه ڪيون.

وري جڏهن هن ڪکن جا وڏا ڪوٽ ٺاهيا ته اهي به ڏهه ڏهه، ويهه ويهه فوٽ ڊگها ٿي پيا، ڇو جو هن جي نظر پنهنجي ڪم ۾ ته هوندي ئي ڪين هئي. هو ته رڳو پنهنجيءَ زال کي ئي پيو ڏسندو هو، تنهنڪري اهي ڊگها ۽ بي ڊولا ڪوٽ به ڪنهن جي ڪم جا نه هئا.

 ٿورن ڏينهن کانپوءِ هڪ ٻنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. پر هو هر هر ڊوڙندو پنهنجي گهر ايندو هو ۽ رڙيون ڪري پڇندو هو، ”منهنجي مٺڙي زال! تون ويٺي آهين نه؟“ اهڙيءَ طرح ٻنيءَ ۾ تمام ٿورو ڪم ڪري سگهندو هو.

نيٺ زال بيزار ٿي هن کي چيو ته، ”ميان! پورهيو ائين ڪونه ٿيندو آهي، جيئن تون ٿو ڪرين.“ پوءِ هوءَ شهر ويئي ۽ هڪڙي تصوير ٺاهڻ واري کي چيائين ته، ”منهنجي تصوير ٺاهي ڏي.“ تصوير ٺاهڻ واري هن جي تصوير ٺاهي، جيڪا کڻي هوءَ گهر  آئي ۽ گومبئي کي چيائين، ”هيءَ وٺ منهنجي تصوير. هن کي ٻنيءَ ۾ توتن جي وڻ ۾ ٽنگي ڇڏ ۽ ڪم ڪندو رهه. منهنجي تصوير تنهنجي اڳيان هوندي ته منهنجي جدائي توکي محسوس نه ٿيندي.“

گومبئي پنهنجي زال جي انهيءَ ڳالهه کي دل سان هنڊايو. هو ٻنيءَ ۾ هڪ طرف زال جي تصوير ٽنگي پنهنجي ڪم ۾ جنبي ويو ۽ اڳي وانگيان هر هر گهر نٿي ويو. هڪڙي ڏينهن ڇا ٿيو جو هوا ڏاڍي تيز لڳي ۽ تصوير آسمان ڏانهن اُڏامي ويئي. گومبئي تصوير جي پٺيان ڀڳو، پر ٿوريءَ دير ۾ تصوير هن جي اکين کان غائب ٿي ويئي.

اهو ڏسي هو دانهون ڪوڪون ڪندو ڊوڙندو پنهنجي گهر ويو ۽ زال سان سڄي ماجرا بيان ڪيائين. زال هن کي دلداري ڏيندي چيو، ”تصوير ويئي ته ڇا ٿيو، تون دلجاءِ ڪر. آءٌ هڪ ٻي تصوير ٺهرائي اينديس.“

هوڏانهن تصوير هوا ۾ اڏامندي وڃي بادشاهه جي محل واري باغ ۾ ڪري. جڏهن بادشاهه اها تصوير ڏٺي ته هو تصوير واري مائيءَ تي ڇڪن ٿي پيو..

 

بادشاهه هڪدم پنهنجي ماڻهن کي حڪم ڏنو ته ”جنهن به مائيءَ جي هيءَ تصوير آهي، اُها جتي هجي، هن کي هر قيمت تي ڳولي هٿ ڪري مون وٽ وٺي اچو.“

بادشاهه جا ماڻهو حڪم ٻڌي نڪتا ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ اها تصوير ڏيکاريندا، مائيءَ جي پڇا ڳاڇا ڪندا هليا. نيٺ گهمندا ڦرندا هو گومبئي واري ڳوٺ ۾ پهتا.

اتي ڳوٺ جي ماڻهن کي تصوير ڏيکاريندي بادشاهه جي ماڻهن پڇيو، ”اوهين هن مائيءَ کي سڃاڻو ٿا؟“

ڳوٺ وارن تصوير ڏسڻ شرط هڪدم چيو، ”اڙي، هيءَ تي گومبئي جي زال جي تصوير آهي.“

۽ جڏهن ماڻهو گومبئي جي جهوپڙيءَ ۾ پهتا ته هو حيران ٿي ويا. اُتي هڪ تمام سهڻي مائي ويٺي هئي، جيڪا هوبهو تصوير واري مائيءَ جهڙي هئي.

اتي ماڻهن ٻڌايو ته، ”اسين بادشاهه جي حڪم سان هن مائيءَ کي پاڻ سان وٺي وينداسون.“ ائين چئي هو مائيءَ کي گهليندا ٻاهر ڪڍڻ لڳا.

گومبئي ويچاري هٿ ٻڌي هنن کي چيو ته، ”خدا جي واسطي هن کي پاڻ سان نه وٺي وڃو.“ پر هن جي ڪنهن به نه ٻڌي ۽ ڏک وچان هو ايترو ته رنو جو هن جي ڳوڙهن جو تلاءُ ٺهي ويو.

هن جي زال چيس، ”گومبئي، روئين ڇو ٿو. هنن مان هاڻي ته ڇوٽڪارو ملڻ محال آهي. پر ياد رک، جڏهن نئين سال جي جشن جو ڏينهن اچي ته تون بادشاهه جي محل جي دروازي کي سينگارڻ لاءِ صنوبر جو وڻ ضرور کڻي اچجانءِ. پوءِ پاڻ هڪ ٻئي کي ڏسي سگهنداسون ۽ پوءِ ڏسجانءِ ته ڇا ٿو ٿئي.“

مائيءَ ڪي ٻيو به چوڻ گهريون ٿي، پر بادشاهه جا ماڻهو هن کي پاڻ سان وٺي ويا. گومبئي هاڻي هر روز نئين سال جي شروع ٿيڻ جو انتظار ڪندو هو. نيٺ هڪڙي ڏينهن ڪنهن هن کي ٻڌايو ته اڄ نئون سال شروع پيو ٿئي ۽ ان جو جشن پيو ملهائجي. گومبئي صنوبر جي وڻن جي هڪ وڏي ڀري پـُٺن تي رکي، دل ۾ اها اميد کڻي محل ڏانهن هليو ته هاڻ جلد پنهنجي زال سان ملندس.

جڏهن هو محل جي وڏي در وٽ پهتو ته هن هوڪو ڏنو:

”صنوبر جا وڻ...... صنوبر جا وڻ“

گومبئي محل جي اڳيان ڪيترائي ڀيرا اهي هوڪا ڏنا.

محل ۾ هن جي زال جو اهو آواز ٻڌو ته کلي ڏنو. جڏهن کان هوءَ محل ۾ آئي هئي، تڏهن کان هن مرڪيو به ڪونه هو. بادشاهه هن کي کلندو ڏسي ايترو ته خوش ٿيو جو نوڪرن کي حڪم ڏنائين ته صنوبر جي وڻ وڪڻڻ واري کي هڪدم اندر وٺي اچو.

جڏهن گومبئي اندر محل ۾ آيو ته سندس زال ويتر خوش ٿي. هن ڏاڍيءَ اُڪير مان گومبئي کي پاڻ وٽ سڏيو. انهيءَ بادشاهه ويچار ڪيو ته جيڪڏهن هن کي صنوبر جا وڻ وڪڻڻ وارو سـُٺو ٿو لڳي ته ڇو نه آءٌ به صنوبر جا وڻ وڪڻڻ وارو ٿيان.

بادشاهه گومبئي کي چيو، ”تون منهنجا ڪپڙا پاءِ ۽ آءٌ تنهنجا ڪپڙا ڍڪيان ٿو.“ ان کان پوءِ بادشاهه گومبئي جا ڦاٽل ساٽل ۽ پراڻا ڪپڙا پائي باغ ۾ هليو ويو ۽ هوڪا ڏيڻ لڳو:

”صنوبر جا وڻ......صنوبر جا وڻ“

نئين سال جي لاءِ سهڻا ۽ عمدا صنوبر جا وڻ.

اهو ٻڌي مائي ويتر خوش ٿي. خوشيءَ وچان هن تاڙيون وڄايون ۽ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي.

بادشاهه هن کي کلندو ۽ ٽهڪ ڏيندو ڏسي ايترو ته خوش ٿيو جو صنوبر جي وڻن جي ڀري پـٺن تي کڻي نچڻ ٽپڻ لڳو:

”صنوبر جا وڻ ....... صنوبر جا وڻ.“

هو وڏي واڪي ڳائيندو ۽ نچندو محل جي دروازي مان ٻاهر هليو ويو. جيئن ئي بادشاهه ٻاهر ويو، مائي نوڪرن کي حڪم ڏنو ته محل جا دروازا بند ڪري ڇڏيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ جڏهن بادشاهه کي هوش آيو ته پاڻ کي باغ کان به ٻاهر ڏسي حيران ٿي ويو. هو واپس محل جي دروازي تي آيو، پر دروازو ته اندران بند هو!

”دروازو کوليو، دروازو کوليو، آءٌ بادشاهه آهيان.“

هو لوهي دروازي کي کڙڪائيندو رهيو ۽ دانهون ڪوڪون ڪندو رهيو، پر ڪنهن هن جي دانهن ڪوڪن تي ڪن نه ڏنو.

۽ اندر محل ۾ گومبئي ۽ هن جي چالاڪ زال الوليون ڪندا زندگي بسر ڪرڻ لڳا.

 

__________

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org