سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :13

 

مانيءَ جي گھور:

ماني پوري ٿيڻ کان پوءِ زناني ڇني ۾ لنگھي گھور وٺڻ شروع  ڪندي. ھوءَ ھڪ خالي ٿالھي ھٿ ۾ کڻي، وڏي واڪي سان چوندي تھ ”ڏي الله، ڏي الله“، ”وسو ديداران وسو“، وسو ٺڪران وسو!“ پوءِ ويجھا عزيز ۽ اھي سيال، جن سان ڀائرن جھڙو سلوڪ ھوندو، سي سرنديءَ آھر رپيو، ٻھ، پنجن يا ڏھن رپين تائين گھور ڏين[1].

ڇنو ھر ھڪ پنھنجي حيثيت مطابق ٺھرائي، پھچ وارا ڇني جا ٻھ قسم ٺھرائين: ھڪڙو خاص ۽ ٻيو عام. عام ڇني ۾ اڪثر ري ڪوٺيا مھمان، غريب غربا ۽ فقير ھجن ۽ خاص ڇني ۾ دعوتي ماڻھو ۽ عزيز قريب رھائين. انھيءَ ڪري ڪاڄ جي ماني بھ ٻن قسمن جي ٿئي: ھڪڙي عام ۽ ٻي خاص. عام مانيءَ کي ”ھڏو ڀت“ سڏين، جنھن ۾ ڍڳن ۽ پاڏن جو گوشت رڌين ۽ خاص مانيءَ ۾ ڪيترائي قسم ٺھرائين، جيڪي خاص ماڻھن کي کارائين.

ماني کارائڻ جو ڪم نوجوانن تي ٿئي، پر ماني وڌڻ وقت راڄ جو پٽيل ديڳ ۾ پھرين ڏوئي وجھي چالو ڪري. خاص ماڻھن کي کارائي پوءِ عام ماني کارائين[2].

ٿر جي مينگھواڙن ۾ منجھند جو، ٻھراڙي ھجي تھ تڙ، پاڻي وارين، پر جي شھر ھجي تھ پاڻي ناڻي سان وٺن. گھر ۽ پاڙي جي اٺن- ڏھن ڇوڪرن کي سڏي سڄي پاڙي ۾ موڪلين، جيڪي گھر گھر مان دلو کڻي اچن. مزمانن لاءِ ڪٿان ٿالھي. ڪٿان وٽو، ڪٿان ڪونڊي، ڪٿان ڪؤنرو کڻي اچي گڏ ڪن. پوءِ تڙ وارين ڇوڪرن جي مدد سان پنج – ست يا وڌيڪ دلا ڀري رکن. ان کان پوءِ پاڙي جي ٻن – چئن پرين مڙس کي سڏي، انھن کان مقرر ڪيل رواج موجب پڇي ديڳ چاڙھي، ان ۾ گيھھ وجھن. گيھھ ڪو ٽياڪڙ ٽپري سان ڀري وجھي، توري ڪونھ وجھن (ٽپري ڇھھ يا سوا ڇھھ تولا ٿئي ۽ سير ۾ تيرنھن ٽپريون شمار ڪن). گيھھ لاءِ بھ رواج ٻڌل ٿئي تھ ڪٿي ديڳ ۾ سير، ڪٿي ٻھ يا اڍائي سير وجھن. ڪو پنھنجي خوشي سان وڌيڪ يا گھٽ وجھڻ چاھي تھ کيس ڳوٺ وارن کان اجازت وٺڻي پوندي، پوءِ اھي وس وارا آھن، موڪل ڏين يا نھ ڏين. پاڙي آھر ٻھ- چار، ست- اٺ ديڳيون کپن، پر جي خالي ديڳيون ٻھ- چار ھجن تھ پوءِ پھرين اھي رڌي، ڀت ڪڍي ٺِڪر جي ڪونڊين يا مٽين ۾ رکي وري چاڙھين؛ يا ٻھ- چار ديڳيون رڌي کارائڻ شروع ڪن. پوءِ جيڪي ديڳيون لھنديون وڃن، سي وري چاڙھين. مطلب تھ حالتن پٽاندر ڪن.

انھيءَ ڏينھن منجھند کان پوءِ گرڙو وڃي سڄي ڳوٺ جي گھر گھر ۾ مانيءَ جي دعوت ڏيئي اچي. جڏھن ماني تيار ٿئي تڏھن وري بھ گرڙو وڃي گھر گھر اھڙو اطلاع ۽ اچڻ لاءِ سڏ ڏيئي اچي. ننڍا ٻار، پنھنجي پنھنجي گھران ٿانءُ کڻي اچي گھوٽيتن جي اڱڻ تي گڏ ٿين. پوءِ ھڪڙي ھوشيار ماڻھو کي ماني کارائڻ تي مقرر ڪن، جيڪو ٿالھھ يا ڪونڊي، ديڳ تي ويٺل وڌ واري کان ڀت سان ڀرائي ڪڇ ۾ کڻي ۽ ٻئي ھٿ ۾ ڪڻڇي کڻي. ھن کي ”پاريسي وارو“ چون. ٻارڙا ٿانءُ رکي ويھن۽ ھو ڪڻڇي سان ڀت لاھي ڏئي. ٻار کائي وٺن تھ وڏن کي سڏ ٿئي. ڳوٺ کان جيڪي ٿانءُ کڻي اچن، تن کي انھن ۾ ڀت وجھي ڏين. مردن کان پوءِ وري زالن کي سڏي کارائين. اھڙي طرح جڏھن سڀئي کائي بس ڪن، تڏھن ڳڻپ ڪن تھ سڀني گھرن جا مرد، زالون ۽ ٻار کائي ويا يا ڪو رھجي ويو؛ ان لاءِ پاريسي وارن کان پڇن. ڪنھن گھر جو ڪو ڀاتي ماني کائڻ نھ آيو ھجي تھ ان جي ماني سندس گھر پھچائين.

ڪٿي ڪٿي وھانءَ ۾ ھڪ ويلو ڳوٺ وارن کي ۽ ٻھ ويلا پنھنجي ڏاڏاڻي پيٽ وارن کي کارائين. جتي ائين ڪن، اتي مھرات کان اڳ رات جي ماني، پنھنجي ڪٽنب يعني ڏاڏاڻي پيٽ کي کارائين، ۽ صبح جو سڀني (ڪٽنب ۽ ڳوٺ) کي. جيڪڏھن ٻئي ويلا سڀني کي کارائين تھ پوءِ مٿين وانگر ھڪ ويلو مھرات کان اڳ شام جو ۽ ٻيو ويلو مھرات جو صبح جو سڀني کي کارائين. ڪٿي وري فقط ڏاڏاڻي پيٽ کي ھڪ يا ٻھ ويلا کارائين ۽ ڳوٺ وارن کي ڪونھ کارائين. ھن حالت ۾ ڳوٺ وارن کان نينڍ بھ ڪانھ ملي. ڪٿي ھڪ ويلو فقط ڀت ڪن تھ ڪٿي وري ھڪ ويلو ڀت ۽ ھڪ ويلو ڳڙ جي طاھري ڪن، ڪٿي ھڪ ويلو ڀت ۽ ھڪ ويلو پلاھھ ڪن. گوشت لاءِ مسلمانن کان ڇيلو ڪھارائين، جنھن جي منڍي تڪبير وجھڻ واري کي ڏين. ڪٿي وري فقط ھڪ ويلو پلاھھ ڪن.

ڪن ھنڌن تي ڳوٺ وارن کي سڏي ماني ڪونھ کارائين، پر جيترا ماڻھو ھجن، اوترو ڀت ھر ڪنھن گھر ۾ پھچائين، يا اھي وٺي وڃن. ان لاءِ ڪٿي ڪي ڀاتي ڀاتي لاءِ ڪڻڇيون مقرر ٿيل ٿين؛ يعني ھر ھڪ ماڻھو لاءِ ٻھ- ٽي يا چار ڪڻڇيون. ڀاتين جي وڏ ننڍائي جو خيال ڪونھ رکن؛ ٻار ھجي يا ٻڍو جا جوان؛ سڀني لاءِ ھڪ جيتريون ڪڻڇيون مقرر ٿيل آھن. ڪٿي تور جو رواج بھ ٿئي. ھر ھڪ لاءِ سير، سوا سير يا ڏيڍ سير (ڀاتين جي ننڍ وڏائي جو حساب ڪونھ ٿئي). ساھميءَ ۾ توري سڀني کي ڏين؛ اھو ھرڪو پنھنجي ٿانءُ گھران کڻي اچي وٺي وڃي. ڪنھن گھر جو ماڻھو جي نھ آيو تھ ان کي گھر پھچائي اچن. انھيءَ رواج کي ”ھانتي جو رواج“ چون.

جيڪڏھن رواج موجب ٻيو ويلو ماني کارائڻي ھجي تھ گرڙي کي صبح جو سوير موڪلين، جيڪو وڃي سڄي پاڙي جي گھر گھر چئي اچي ۽ ماني تيار ٿيڻ بعد وري وڃي کين ماني کائڻ لاءِ سڏي اچي. پر جي ھانتي يا ھنتي جو رواج ھجي تھ ان موجب ڪن. منجھند تائين اھو ڪم پورو ڪري ڇڏين. جيڪڏھن شاديءَ وارو ڳوٺ پري ھوندو تھ مھرات ھڪ ڏينھن اڳ ڪن[3].

ٿر جي ھندن مان راجپوتن (ٺڪرن)، بجيرن، چارڻن، سوٽھڙن، ڀيلن، مينگھواڙن، کٽين، درزين، سونارن وغيره ۾ شاديءَ جي ڀت جو رواج ٿئي. ڀت ۾ باردانو (مال) نيات جي مقرر ڪيل انداز موجب وجھن. ڪن ھنڌن وري ڀت ڪندڙ جي مرضي تي ڇڏين تھ پنھنجي پڄندي آھر طعام ۽ مال وجھي کارائي. ٺڪرن م اڳي پلاھھ جو رواج ھو، جيڪو ھاڻي گھڻي قدر گھٽجي ويو آھي.

مينگھواڙ جنوٺڻ ڪن، ان وقت گھڻو ڪري چانورن جو ڀت ڪن. ڀيلن ۾ انھيءَ موقعي تي پاڏي ڪھڻ جو گھڻو شوق آھي ۽ گھڻو ڪري پاڏي جي گوشت جو پلاھھ ڪن.

ٻھراڙيءَ وارن کان سواءِ ٻين سڀني ۾ رات جو ڀت ۽ صبح جو طھري يا سيرو کارائين. اھا ماني خاص ”نينڊ“ لا ڪن، گھڻو ڪري عام ۽ خاص سڀني کي کارائين[4].

 

ڄڃ جي روانگي ۽ ڇني ۾ پھچڻ:

جيڪڏھن ڪنواريتا پري جا ھجن تھ پوءِ گھوٽيتن جي ڄڃ شاديءَ کان ھڪ ڏينھن اڳ ڪنواريتن ڏانھن رواني ٿئي. اتي اڳيئي گھوٽيتن طرفان ڇني ۾ مانيءَ جو بندوبست ٿيل ھوندو. پھرين ماني کائين، پوءِ شاديءَ جون رسمون ادا ڪن؛ پر جي ڪنواريتا ويجھا ھجن تھ پوءِ گھوٽيتا پاڻ وٽ مانيءَ جو بندوبست ڪن ۽ ڄاڃي ماني کائي پوءِ ڄڃ ۾ شريڪ ٿين.

پرانھون پنڌ ھوندو تھ گھوٽ کي گھوڙي يا اٺ تي سوار ڪن ۽ ٻي سڄي ڄڃ اٺن، گھوڙن ۽ بيل گاڏين تي سوار ٿئي. پر جي ڪنواريتا ويجھا ھجن تھ ڄڃ پنڌ ھلي ۽ گھوٽ ڪنھن سواريءَ تي چڙھندو. ڄڃ سان گڏ دھلاري ٿين، جيڪي ڳائيندا وڄائيندا ھلن.

ڪن ھنڌن ”پڙ – ڄڄ“ جو رواج بھ ڪن. اھو ھن طرح جو ڪنواريتن جا ڪي مرد ۽ ٻار، ڄڄ واري گس تي لڪي ويھن. جيئن ئي ڄڃ ويجھي اچي. تيئن نڪري نروار ٿين ۽ گھوٽيتن جي ڄڃ تي لٺيون، ڌڪا ۽ ڀتر کڻي مصنوعي حملو ڪن، جنھن جو جواب گھوٽيتا بھ ڏين. ٿوري دير جي جنگ کان پوءِ ٻئي ڌريون کلي خوش ٿي گڏجي ڪنواريتن ۾ اچن.

ڄڃ ڇني کي ويجھي اچي تھ سندس آڌرڀاءُ ڪري، ڇني ۾ وٺي اچن ۽ سڀ کان پھرين گھوٽ جي ويھارڻ جو سٺو ڪن. زالون ڳيچ ڳائي، ھڪ رلي ۽ ڳاڙھي منجي کڻي اچي ڇني ۾ وڇائين. بعضي وري چٽسالي واري رلي وڇائي، ان تي گھوٽ کي ويھارين.

جيڪڏھن ڇني ۾ ماني جو بندوبست ڪنواريتن واري ڳوٺ ۾ ٿيل ھوندو ۽ ماني تيار ھوندي تھ اول گھوٽيتا ماني کائين. مردن کي ڇني ۾ ۽ زالن کي ڪنواريتي گھر ۾ ماني کارائين.

جيستائين رات ٿئي يا شاديءَ جا ساٺ سوڻ ٿين، تيستائين ڇني ۾ ڳائڻ وڄائڻ جي محفل ٿئي، جنھن ۾ ڪافيون، بيت، ڳجھارتون وغيره بھ ھلن.

ڄڃ، پڙ ڄڃ ۽ ڇني متعلق سنڌ جي مختلف حصن مان مليل احوال ھن بعد شامل ڪجي ٿو.

جيڪڏھن ڪنواريتا پري پنڌ تي ھوندا تھ گھوٽيتا صبح سان ئي ڄڃ جي تياري ڪندا. پنڌ جي مناسبت سان وھٽن تي يا پيادا روانا ٿين. ڄڃ رواني ٿيڻ کان اڳ، پھرين سڀئي اچي گھوٽيتن وٽ گڏ ٿين ۽ پوءِ اھڙي وقت روانا ٿين، جيئن شام ڌاري ڪنواريتن وٽ پھچي وڃن. ھتي ڪنواريتا بھ پنھنجي شان ۽ پڄت آھر عزت آبرو سان آجيان ڪن. سرنديءَ وارا ھوندا تھ اڳواٽ طعام بھ تيار ڪرائي رکن، نھ تھ بھ لٿي پٿي ٿڌو پاڻي ۽ تڏو تؤنري تھ اڳواٽ ضرور تيار رکن. گھوٽيتن جي ڄڃ پريان نظر ايندي ئي وڌي وڃي سندن آجيان ڪري آڻي ڇني وٽ لاھين [5].

تعلقي وارھھ جي لنڊن ۾ ڄڃ جي تياري کان اڳ ٻھ- چار گھوٽيتيون زالون، گھر گھر وڃي تيل، مساڳ ۽ ڪنڙو وغيره ورھائي ڏئي اچڻ تھ جيئن سڀئي زالون ڪنواريتن ڏانھن ھلڻ کان اڳ، چڱيءَ طرح ھار سينگار ڪري پوءِ اچي ڄاڃياڻيون ٿين[6].

تعلقي وارھھ جي ميربحرن ۾ ڄڃ، شام جي وقت رواني ٿئي. اڳيان مڱڻھار دھل وڄائيندو ھلندو؛ جنھن سان گڏ بين، شرناءِ ۽ متي وارا ٿين. ڄڃ ۾ ڪي کيل تماشا بھ ڪن ۽ سھرا پڻ ڳائين. ڪي ڄاڃي گاڏيون ڀڄائين، جنھن ڪري بعضي نقصان بھ ٿئي. اھڙيءَ طرح اھڙيءَ طرح کل خوشيءَ سان اچي ڪنواريتن جي در تي لھن، جتي ڀت اڳيئي تيار ھوندو. پوءِ ڄاڃي ماني ٽڪر کائي پي، ٿڪ ڀڃي ڪم کي لڳي وڃن[7].

تعلقي وارھھ جي جتوئين ۾ جڏھن ڄڃ اچي ڪنواريتن ۾ لھي، تڏھن گھوٽ کي زائفائون پلؤ ڏيئي آڻي ساھرين در تي ويھارين، پر انھن جي اچڻ تي ڪنواريتيون انھن کي سرنھن ھڻن ۽ در تي پاڻي ھاري ڇڏين[8].

ٿر جي سماٽن ۾ ڄڃ وارا کارڪن جو اندازو ضرورت کان بھ وڌيڪ کڻن؛ ڇو تھ ٿر ۾ رواج آھي تھ ڄڃ ڪنھن جي بھ ھجي ۽ ڪيڏانھن بھ ويندي ھجي، پر واٽ ويندا ماڻھو سندن اڳ روڪي، کانئن کارڪون گھرن ۽ ھنن کي ضرور ڏيڻيون پون. اھڙيءَ طرح ٿر ۾ ڄڃ کي واٽ ويندي ٻيون بھ گھڻيئي روڪون ٿين، جيڪي ھو لاڳ ڏيڻ سان لاھين، تان جو ھلندا وڃي ڪنواريتن پھچن.

جڏھن ڪنواريتن جي ڳوٺ ويجھو پھچن تھ وقت جاچين، ڇو تھ سج لھڻ مھل يا ان کان پوءِ ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻو آھي. ان کان اڳ ڏينھن ڏٺي جو ڄڃ آڻڻ کي بدسوڻي سمجھن[9].

گھوٽ کي ڇني ۾ نيڻ لاءِ عورتون در تائين ساٺ سوڻ ڪنديون، گيت ڳائينديون اچن، پوءِ مردن جو وارو اچي. جيڪڏھن ڇنو گھر کي ويجھو ھجي تھ گھوٽ کي پيادو وٺي وڃن، پر جي پرڀرو ھجي تھ کيس گھوڙي تي چاڙھي وٺي ھلن. گھر کان ڇني تائين گھوٽ کي آھستي آھستي وٺي ھلن ۽ ان مھل دھل شرنايون بھ وڄن يا مولود چون. ڇني ۾ پھچڻ تي، ڪچھري واري مٿانھين جاءِ تي گھوٽ لاءِ اڳواٽ ئي نرم ھنڌ بسترو وڇائي ڇڏين ۽ گھوٽ جتيءَ سميت ان تي اچي ويھي. گھوٽ جي ويھڻ کان پوءِ ٻيا ماڻھو بھ سامھون سولا ٿي پکڙي ويھن.

ٿر جي مينگھواڙن ۾ ڄڃ ھلڻ کان اڳ گھوٽيتا، ڳوٺ وارن کان ”مالھو“ گھرن. ٻھراڙين ۾ گھڻو ڪري ھر ڪنھن وٽ پنھنجو اٺ ٿئي، تنھنڪري اٺن جي مالڪن کي چئبو تھ ڄڃ لاءِ اٺ ڏيو، ۽ پاڙي مان ونڊ ورڇ اھڙيءَ طرح ڪبي، جيئن سڀني گھرن مان ماڻھو ملي سگھن ۽ ڪنھن بھ گھر جو ماڻھو رھجي نھ وڃي. ڄڃ ۾ ڪيترا ماڻھو ھجن، ان لاءِ ڪنواريتن جي طرف جو خيال ضرور ڪن. جيڪڏھن ڪنواريتا سکيا ستابا ھجن تھ پوءِ ڄڃ ۾ ڀل تھ ڪيترا بھ ماڻھو ھجن؛ پر جي ڪنواريتا غريب ھجن تھ پوءِ ٿورا ماڻھو سنڀرائين. ان سان گڏ گھوٽيتا پنھنجي حيثيت ۾ شان مان ڏي بھ ڏسن. رواجي طرح ڏھھ، پنڌرھن، ويھھ ماڻھو بھ ڄڃ ۾ وڃن ۽ بعضي سؤ کن ماڻھو بھ وڃن.

ڄاڃين جي تياري کان پوءِ گرڙو، گھوٽ جي پيءُ، ماءُ يا ڀائرن کي چوندو تھ: گھوٽ کي پاٽ اٿارڻ جو ڇا ٿا ڏيو؟ پوءِ ھو پنھنجي حيثيت سارو اٺ يا ڍڳي، يا انھيءَ جو اڌ يا چوٿون حصو، ٻڪري، ڪو زيور، يا بنھھ غريب ھجن تھ ھڪ رپيو ڏين. مطلب تھ جيڪا شيءِ ڏيڻي ھجي سان ٻڌائين. گرڙو وري وڏي واڪي ٻڌائي تھ جيئن سڀني کي خبر پوي. پوءِ گھوٽ اتان اٿندو، اڻوھار بھ ساڻس گڏ ھوندو[10].

ڄڃ:

پنج- ست اٺ گاشيا جھلون وجھي، ڳانيون ڇيريون ٻڌي سنواري تيار ڪن. پوءِ انھن مان ھڪ تي اڳئين خاني ۾ گھوٽ کي چاڙھين ۽ پوئين خاني ۾ اڻوھار يا ڪو ٻيو چڙھي، باقي اٺن تي ٻيا ڄاڃي چڙھن. ان وقت ٻاھر کليل اڱڻ تي زالون ڳيچ ڳائين. گھوٽ کي اتي پنج دفعا ميدان ۾ اٺ تي ڦيرائين، ٻيا اٺ بھ ساڻن گڏ ٿين. پوءِ گھوٽ وارو اٺ ھيٺ ويھارين تھ يڪدم گھوٽ جي ڀيڻ، سؤٽ يا ڀائيٽي ڊوڙپائي وڃي اٺ جي مھار کي ھٿ لائي. ھٿ تي کنڊ رکي گھوٽ کي وات ۾ وجھي؛ ۽ ٻئي ھٿ ۾ پاڻيءَ جي لوٽي کڻي گھوٽ تان پنج دفعا گھوري، پھريائين پاڻ ٻھ- چار ڍڪ ڀري، پوءِ گھوٽ کي پياري. انھيءَ کي چون ”واڳ جھلڻ“. واڳ جھلڻ لاءِ ڇوڪريءَ کي ڍڳي، ٻڪري، رڍ يا ڪو زيور ڪپڙو وغيره، گھوٽ پنھنجي پڄت سارو ڏئي ياڏيڻو ڪري، پوءِ ڄڃ رواني ٿئي.

ڄاڃي پاڻ سان گڏ چڱي انداز ۾ کارڪون، ڪنوار لاءِ ٻھ مڏون (يعني ڪپڙا)، زيور، ڏھھ سير ڪڻڪ، ڏونگھيون، مصري يا ڳڙ وغيره کڻن. پنج- ست مانيون، گيھھ ۽ کنڊ وجھي، ڪٽي ڪري اھي بھ گڏ کڻن.

ڪٿي ڪي رواج آھي تھ گھوٽ جو پيءُ بھ ضرور ڄڃ ۾ وڃي. اڳي اھو رواج ڪونھ ھو. چاچا، ماما، سؤٽ، ماسات، ڀيڻويا ۽ ٻيا عزيز ۽ پاڙي وارا وڃي سگھن ٿا. زالون ڪونھ وڃن، فقط ڪا لاڳاپي واري ھجي تھ اھا وڃي.

ڄڃ ڳوٺ کان ميل کن پنڌ پري ھجي تھ اٺن کي ويھارين لھن ۽ کنيل ماني سڀني ۾ ورھائين. ان کي ”پلي جي ماني“ يا ”پاتر“ چون. ماني ورھائڻ بعد ھڪڙو چوي تھ: ”وجھو پلو تھ ٿئي ڀلو!“ پوءِ سڀئي ڪلھن ۾ پيل ڪپڙي يا انگوڇي جا پلاند کولي جھلين، يا ڪي پٽڪي يا قميص جا پلاند پکيڙي دل ۾ ڪاميابي لاءِ دعا گھرن. پوءِ ٿوري دير بعد ھڪڙو ماڻھو چوي تھ: ڪريو الله توھار! تھ ٻيا سڀ ٿورو مٿي ھٿ ڪري اشارو ڪري چون: الله توھار- سڀني جو ڀلو“ ۽ پوءِ پلاند ڇڏي ڏين، ان بعد اٺن تي چڙھي اڳتي روانا ٿين.

ڄڃ کي واٽ ۾ ڪنھن پير فقير يا درويش جو آستان نظر آيو يا ان وٽان لنگھڻ ٿيو تھ يڪدم اٺ ويھاري، پلؤ وجھي، ڪنڌ نمائي دعا گھري، پوءِ وري اٺن تي چڙھي اڳتي ھلن. اھڙيءَ طرح ھلندي اچي ڪنواريتن واري ڳوٺ جي ڀرسان پھچن، جتي ڳوٺاڻا ڇوڪرا اڳئي لڪا ويٺا ھجن، جن کي ”روڙيا“ چون؛ اھي ڄڃ اچڻ تي يڪدم نڪري ظاھر ٿين ۽ اٺن کي ڪامون ھڻي ڊوڙائين ۽ وڪوڙڻ جي ڪوڙي ڪوشش ڪن. پوءِ جي ڄاڃي انھن کان نڪري ويا تھ واھھ، نھ تھ روڙين کي پنج ست سير کارڪون يا پنج ست رپيا ڏيئي جند ڇڏائين.

ڄڃ ڪنواريتن ۾ پھتي تھ اھي کين آڌرڀاءُ ڏيئي ڇني ۾ وٺي ويندا. پر گھوٽيتا پنھنجن اٺن جي نظرداري ضرور ڪندا تھ متان ڪنواريتن مان ڪو ڇوڪرو، ڪو ٽپڙ ٽاڙي نھ کڻي وڃي. ڇو تھ وڃايل شيءِ ٻئي ڏينھن وري کارڪون وٺي پوءِ موٽائي ڏين. اھو فقط ننڍا ڇوڪرا ڪن تھ جيئن کين کارڪون ملن. ھر ھڪ شيءِ لاءِ ست يا مٺ جيتريون کارڪون ڏيڻيون پون[11].

 

ڇنو وڌائڻ:

ڇني ۾ پھرين گھوٽ کي ڪپڙو وڇائي ويھارين. ڪنواريتن مان جنھن ڇوڪريءَ گھڙي کنئي ھوندي، ان جي مٿي تي رسيءَ جي سينھي رکي، ان جي مٿان چؤنريءَ ۾ ٿورو ڳڙ جو ٽڪر وجھن. چؤنريءَ جي مٿان ننڍي لوٽي رکيل ٿئي. زالون گڏجي پڙ جھلي بيھي ڳيچ ڳائين، ۽ گرڙو، پاڻيءَ جو لوٽو ڀري، ڏيئو ٻاري کڻي ڄاڃين وٽ اچي. ائين ڪرڻ کي ”ساميڙيو“ چون. پوءِ گرڙو ڇني ۾ اچي، لوٽي جو پاڻي ڇني ۾ پکيڙي ھاري، تنھن کان پوءِ ڪنواريتن جي گھران رلي گھرائي ڇني ۾ وڇائين، ۽ ڄاڃين کي بھ ڇني ۾ ويھارين. ان بعد ڪنواريتي طرف جو ٽھليو کين باھھ ٻاري ڏئي، ۽ پاڻي جو دلو ۽ لوٽو آڻي ڏئي؛ پوءِ گھوٽ کي گرڙو اٿاري ۽ ھو اڻوھار سان گڏجي زالن وٽ وڃي. اڻوھار پاڻ سان گڏ کارڪون کڻي اچي. زالن ۾ پھچي گھوٽ ھڪ رپيو چؤنريءَ ۾ ھڪ ڪوريءَ يعني چار آنا لوٽي ۾ وجھي، ۽ اڻوھار وري کارڪون لوٽي ۾ وجھي. ان کان پوءِ سڀئي ”تورڻ“ تي اچن.

گھوٽ کي ”تورڻ“ جي سامھون اتر ڏي منھن ڪري بيھارين. ان موقعي تي زالون ڳيچ ڳائين. ھڪ ڇوڪري گھر وڃي چؤنري ۾ لوٽي لاھي رکي ۽ لوٽي واريون کارڪون چار آنا پاڻ وٺي. چؤنريءَ وارو رپيو گھوٽ جي سس کڻي، جي اھا نھ ھجي تھ پِرانکڻ واري زال کي ڏين[12].

 

ڪوٺاري:

ڄاڃي پاڻ مان ھڪ ھوشيار ماڻھو يا گھڻو ڪري گھوٽ جي ڀيڻوئي کي کارڪن تي ويھارين، جنھن کي ”ڪوٺاري“ چون. ٻيو ھڪ سمجھو ماڻھو مقرر ڪن، جنھن جي ھدايت موجب سڀ رسمون پوريون ڪن. انھن کي ”وڏجاني“ چون ۽ ڪنواريتن جي طرف وارن کي ”مانڏھي“ چون. ڄڃ لاءِ ڇنو يا منھن ڪنواريتا ٺاھين. ڇني کي ”منڏيھھ“ بھ چون ۽ ٺاھڻ وارن کي ”مانڏھي“ چون[13].

ٿر جي ھندن ۾ عام طرح گھوٽيتا، پنھنجي پڄندي آھر ڄاڃي کڻن. وچوئو ھر حالت ۾ ھجي، باقي ٻيا ويجھا مائٽ دوست وغيره ڄڃ ۾ کڻن. ٻھراڙي جي ذاتين (راجپوت، بجير، سوٽھڙ، چارڻ، مينگھواڙ ۽ ڀيل) ۾ ڄڃ کي ڪنواريتن ۾ پھچڻ بعد ڪنواريتا ماني کارائين، باقي شھري ذاتين (مھيشوري، برھمڻ، لھاڻا، سونارا، کٽي، درزي ۽ مالھي) ۽ ڪنواريتا فقط ڪي مقرر ويلا کارائين، باقي کاڌي پيتي جو خرچ گھوٽيتا ڪن[14].

 

پڙ ڄڃ:

ڪنواريتا انتظار ۾ ھجن تھ ڪڏھن ٿي ڄڃ اچي. کين وقت سنڀاليل ٿئي، سو ڄڃ جي اچڻ واري وقت تي تيار ٿي، ڪافي تعداد ۾ گڏجي، اٺن تي چڙھي لٺيون ڌڪا کڻي اچي ڳوٺ جي ٻاھران ڳچ پنڌ تي ڄڃ کي روڪين. ڄڃ وارا کين چون تھ: اوھان جو اڳواڻ اچي اسان سان ڳالھائي. پوءِ ڪنواريتن مان ھڪ – ٻھ ڄڻو وڃي ھنن سان ڳالھائي ۽ ڪنواريتا ڏن جي گھر ڪن. آخر مناسب ڏن تي ٻئي ڌريون راضي ٿين. اھو ڏن بروقت وٺن يا اعتبار ڪري ڇڏين ۽ پوءِ ڳوٺ پھچي وصول ڪن. ان لاڳ ۾ کارڪن کان سواءِ رپيا بھ ڏيڻا پون. اھڙيءَ طرح گھوٽيتن جي ڄڃ اھو لاڳ ڏيئي يا ڏيڻو ڪري، پوءِ اڳتي ھلي[15].

ٿر جي ھندن ۾ ڪنواريتن جا ڇوڪرا، پنھنجي ٽولي ٺاھي، لٺيون ڪامون کڻي ڳوٺ جي گھرن کان ٿورو پري، ڪڏھن ڪڏھن تھ ميل کن اڳتي وڃي لڪي ويھن. ڄڃ اچي تھ اوچتو نڪري ڄڃ جي وھٽن کي لٺيون ۽ ڪامون ھڻن ۽ کين وڪوڙي وڃن؛ آخر ۾ چون تھ: اسان جو حساب ڪتاب ڏيو. پوءِ ڄاڃي ھنن کي ست-اٺ سير کارڪون ڏين يا کارڪون کاھين ۽ مضبوط بند ٿيل ھجن تھ کين پنج رپيا روڪڙا ڏين ۽ چون تھ: ”في الحال ھي پئسا وٺو، سڀاڻي توھان کي کارڪن جو حساب ڏبو.“ پوءِ صبح جو انھن کي کارڪون ڏين تھ ھو پنج رپيا موٽائي ڏين. اھي کارڪون ڇوڪرا پاڻ ۾ ورھائي کڻن[16].


 

[1]   محمد عرس سمو نئين زندگي، ماھھ آگسٽ ١٩٥٧ع تان ورتل.

[2]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[3]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[4]   ڪيشو لال گوڌريار (ٿرپارڪر).

[5]   محمد سومر لغاري (تعلقو گوني).

[6]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[7]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[8]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[9]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[10]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[11]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[12]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[13]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[14]   ڪيشو لال گوڌيار (ٿرپارڪر).

[15]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[16]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org