سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :14

 

وڏي پڙجان:

ڪنواريتا ھڪ کٽ آڻي ڏين، جنھن تي گھوٽ ويھي ۽ باقي ڄڃ وارا پنھنجا ٽپڙ پٽ تي وڇائي ويھن. پوءِ ڪنواريتي طرف جا خاص ماڻھو پڙ ڄڃ (ميڙاڪو) ڪري، آجيان لاءِ گھوٽيتن وٽ اچن ۽ اچڻ سان ھڪٻئي کي کيڪارين. کيڪار بعد ڄڃ وارا، ڪنواريتن کي بسترن تي ويھارين ۽ کين آفيم، ٻيڙي ۽ سوپاريءَ جي آڇ ڪن. ان کان پوءِ ڪنواريتا، گھوٽيتن کان ”وڏي پڙجان“ جي بِلي پندرھن رپيا وٺن. اھي ورتل پئسا، پڇاڙيءَ ۾ حساب ڪرڻ وقت گھوٽيتن کي مجرا ڏين. پوءِ گھوٽ گھوڙي تي چڙھي ڄڃ واري مقرر ڪيل اوتاري تي وڃي لھي. مينگھواڙن ۽ ڀيلن ۾ بھ ساڳيو پڙ ڄڃن جو رواج ٿئي[1].

جڏھن گھوٽيتن جي ڄڃ ڪنواريتن ۾ اچي، تڏھن ڄاڃي انھيءَ ڳوٺ جي ٻاھران ويھي رھن ۽ پاڻ مان ھڪڙو ماڻھو ڪنوار جي مائٽن جي گھر اطلاع لاءِ موڪلين تھ ڄاڃين (مانڍين) کي خبر پوي تھ ڄڃ آئي آھي. ان ماڻھوءَ کي ”وڌائيڻو“ چون، جنھن جي معنيٰ آھي ”ڄڃ جي سلامتيءَ سان پھچڻ جي خبر ڏيڻ وارو.“ بعضي اھڙي خبر ڏيڻ لاءِ ماڻھو بھ وڃن. وڌائيئي کي مٺائي ۽ پاپڙ کارائي مٿس ايترو تھ ڳاڙھو رنگ ھارين جو ھو سڃاڻڻ کان ئي نڪريو وڃي ۽ سڀئي مٿانئس کلن. واپسيءَ وقت کيس ھڪڙو ناريل ڏيئي روانو ڪن. جڏھن وڌائيئو، ڄڃ وارن وٽ پھچي تھ اھي بھ خوش ٿين ۽ سمجھن تھ ھاڻي کين ماڃيتا ڪوٺڻ ايندا.

ڪنواريتا وري ڄڃ جي استقبال لاءِ ھڪڙي سھاڳڻ زال جي مٿي تي چؤنري ۽ لوٽو رکي، ان جي مٿان ناريل جو سائو ڪپڙو وجھي ٿورين زالن، مردن ۽ دھلارين سان گڏي موڪلين. اڳ ۾ مرد، انھن جي پويان دھلاري ۽ زالون ڳائينديون ھلن. انھيءَ رسم کي ”سامئيئو“ چون؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ”سامھون عزت ڪرڻ لاءِ وڃڻ“ اھي ٿانو ڳاڙھي رنگ ۾ اڇي چن سان چٽيل ٿين. زالون ڳيچن ۾ انھن ماڻھن جا نالا بھ وٺن جيڪي ساڻن گڏ ھجن؛ ان مان گھوٽيتن کي پري کان ئي خبر پوندي تھ فلاڻا فلاڻا ماڻھو اسان کي ڪوٺڻ لاءِ اچن پيا. جڏھن ڄڃ کي ويجھو اچن، تڏھن زالون بيھي رھن ۽  مرد وڌي وڃي ڄاڃين سان ملن ۽ ڀاڪر پائي خير خبر پڇن. ان کان پوءِ ڄڃ کي آڻي آستان ڏين[2].

 

آڌرڀاءُ:

تازيون پرڻيل ڇوڪريون، جيڪي انھيءَ ڪٽنب جون ھجن، پر منجھائن ڪي آيل نھ ھجن، تھ زالون ڳيچ ڳائينديون انھن ڇوڪرين جي نالي وراڻي جا ڳيچ ڳائين؛ ان تي آيل ڇوڪرين جا مڙس ناريل ۽ رپيو يا وڌيڪ رپيا وجھي، زالن جي رھاڻ ۾ موڪلين. زالون پئسا ڪڍي واپس ڪن ۽ ناريل ورھائي کڻن. ڪي وري ناريل ۾ لؤنگ، ڦوٽا، سوپاريون، دالچيني، ڦودني جون ٽڪيون ۽ ڊاکون وجھي ڀري موڪلين. جيڪڏھن ڇوڪريءَ جو مڙس آيل نھ ھجي ۽ زالون وراڻي جي ڳيچ ۾ نالو وٺن تھ ڇوڪري جي ماءُ يا ٻيو ڪو وارث، جيڪو موجود ھجي، اھو ناريل ”آڌرڀاءُ“ طور ڏئي[3].

 

ڄاڃين سان ڀوڳ چرچا:

ڄڃ ڳوٺ ۾ پھچي تھ انھن کي ستائڻ جي خيال کان ڪنواريتي طرف وارا بتي يا باھھ ڪونھ ٻارين، پر گگھھ اونداھيءَ ۾ ڄڃ کي وٺي وڃي واڙي يا وٿاڻ ۾ يا گھڻي ڪن ڪچري واري ھنڌ لاھين. واڙي ۾ لھڻ سان ڄوا ۽ چچڙ حملو ڪري ڏين، ۽ گند واري ھنڌ ۾ لھڻ ڪري ڄاڃين جا ڪپڙا، ھنڌ ٽپڙ سڀ خراب ٿي پون. پوءِ ٿوري دير بعد بتي ٻاري سندن حالت ڏسن ۽ مٿانئن کل ڪن. ڪنواريتا صرف ايستائين بس ڪونھ ڪن، پر جيترو ٿي سگھي گھوٽيتن سان جٺ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. جيڪڏھن ڄڃ وارن ۾ ڪي ھوشيار ماڻھو ھجن تھ پوءِ ھو ڪڏھن بھ اھڙي ھنڌ ڪونھ ويھن. اھڙي موقعي تي ٻنھي ڌرين جي ھمراھن ۾ ڪافي ڇِڪ ڇِڪان ھلي ۽ آخر ڪنھن چڱي ھنڌ وڃي ٿانيڪا ٿين. پر اھو بھ ڪنواريتن طرفان ڪنھن نھ ڪنھن ڀوڳ جي خيال سان ضرور رٿيل ٿئي. اتي لھڻ وقت بھ ڏاڍي ھوشياري ڪرڻي پوي ۽ سامان جو ڏاڍو خيال رکڻو پوي تھ متان ڪو ماڻھو ڪجھھ لڪائي نھ ڇڏي ۽ پوءِ کين سوال ڪرڻا پون. اڻھور يا اڻھيار ويچارو تھ گھوٽ جي ڀر ۾ لڪي پيو ھلندو. ٿانيڪي ٿيڻ بعد بھ جيڪا شيءِ ڪنواريتن طرفان اچي، سا جاچي جوچي، ڏسي وائسي پوءِ واپرائين تھ متان ڪو کريب ڪيل نھ ھجي[4].

ڪنواريتا، گھوٽيتن سان گھڻن ئي قسمن جا ڀوڳ چرچا ڪن، جن مان ڪجھھ ھن ريت ٿين:

* چانورن جي پاڻيءَ ۾ فقط کنڊ وجھي، گرم ڪري، چانھھ بدران پيارڻ.

* ڀت ۾ کارڪن ۽ ڪشمش سان گڏ ٿر جا وڏا گھينگا (جيت) رڌي کارائين.

* ڄوا ۽ چچڙ کڻي ڄڃ واري ھنڌ تي ڇڏي ڏيڻ.

* چانھھ ۾ جلاب وارا چاڪليٽ وجھي ڳاري پيارڻ ۽ پوءِ ڪتا بھ ڇوڙي ڇڏڻ.

* چانھھ يا کاڌي ۾ ڌاتورو يا ٻي ڪا نشيدار شيءِ وجھي کارائڻ.

*رنگ ھارڻ.

*ڪپڙن تي گاسليٽ يا تيل ھارڻ.

* ڇني ۾ سخت اوندھھ ڪري ڇڏڻ.

* ڄاڃين مان خاص اڳواڻن کي، جيڪي نوجوان ھجن، ھر ۾ ٻڌي ٻھ – ٽي اوڙون ڪڍائڻ يا گڏھن تي چاڙھي گھمائڻ ۽ پويان ”اھو اھو“ ڪرڻ.

* برسات جي مند ۾ ڄاڃين کي جھلي ويجھي ترائيءَ ۾ اڇلائڻ ۽ گوتا ڏيڻ.

* مرچ پيھي، حقي ۽ ٻيڙين ۾ وجھي ڇڏڻ يا ڇني اندر ڇٽي ڇڏڻ.

* جتيون لڪائي ڇڏڻ.

*ڦڪي ماني ڏيڻ يا مانيءَ ۾ ھيڪاندو لوڻ وجھي ڏيڻ.

* ڄاڃين مان ڪن شرارتي نوجوانن کي جھلي سندن پٺن تي بار ٻڌي، پوءِ کين گڏھن وانگر ڪاھڻ.

* ھنڌن ۽ وھاڻن ۾ ڪنڊا ۽ چچڙ وجھي ڇڏڻ.

* بي خبريءَ ۾ ڄاڃين جا ڪپڙا ھڪٻئي سان، يا رکيل ٽپڙن سان سبي ڇڏڻ.

* ننڊ جي حالت ۾ ڄاڃين جي منھن تي ڪارٺ مکي ڇڏڻ.

اھي سڀ جٺيون ۽ مذاقون ڄڃ اچڻ جي وقت کان وٺي صبح جو نڪاح پڙھڻ تائين ڪن.

 

کھھ ڇنڊڻ:

ڄڃ جي مقرر ھنڌ تي اچي ويھڻ بعد، ڪنواريتن طرفان ڪي ماڻھو اچي گھوٽ کي وٺي وڃن: ۽ جنھن گھر ۾ ڪنوار وناھھ ۾ ويٺل ھجي، ان جي ٻاھران اچي بيھن. پوءِ گھوٽ پنھنجي ھٿ وارو لڪڻ يا نيٽ ان گھر کي ٻاھران ھڪ دفعو ھڻي واپس ھليو وڃي، ان کي چون ”کھھ ڇنڊڻ“[5].

 

ڪنواري ڪٽي:

کھھ ڇنڊڻ کان پوءِ ٿورو ترسي، ڪنواريتا ماني مھٽي ڪنھن وٽي ۾ وجھي کڻي اچن، جيڪا فقط گھوٽ کائي، ڪن ھنڌن تي اڻھور کي بھ گڏي کارائين. ڪٽي کائڻ کان پوءِ گھوٽ انھيءَ ٿانو ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنج رپيا وجھي واپس ڪري[6].

 

کير وٽي:

ڪنواري ڪٽيءَ کانپوءِ وري کير وٽي آڻين. ان ۾ ڪڙھيل ۽ مصري ڦوٽا پيل کير ٿئي. جيڪو رڳو گھوٽ پيئي ۽ خالي ٿانو ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنج رپيا وجھي واپس ڪري[7].

 

کير جو ساٺ:

ٿر جي مينگھواڙن ۾ ڄڃ اچڻ شرط گرڙو گھر گھر وڃي ڄڃ جي اچڻ جو ڄاڻ ڪري اچي. پوءِ ڳوٺ جا مرد ۽ زالون، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون سڀئي اچن. ڏينھن جو ڍڳين جو يا ٻڪرين جو کير ڏھي رکن، جنھن ۾ کنڊ وجھي مٺو ڪري، وڏو ڪٽورو ڀري، ھڪ ننڍڙي وٽي سميت گرڙي کي ڏين، جيڪو ڇني ۾ کڻي وڃي ۽ وڏي ڪٽوري مان وٽي ڀري ھرھڪ ڄاڃيءَ کي پياري. ان بعد ڪٽورو کڻي ”ڪوٺاري“ وٽ اچي، جتي ”مانگو“ بھ بروقت حاضر ھجي؛ جنھن جي روبرو ڪوٺاري ٻھ ڪٽورا کارڪن جا کيس ڀري ڏئي. گرڙو اھي کارڪون ۽ ڪٽورو وٽيءَ سميت کڻي وڃي ڪنواريتن کي ڏئي ۽ پاڻ آرتي ڪري، ان جا کيس پنج آنا ۽ ست کارڪون ڄاڃين کان ملن. انھيءَ رسم کي ”ڏڌ پيئڻو“ يا ”کير جو ساٺ“ چون[8].

 

ڇني ۾ محفل:

شاديءَ واري رات گھوٽيتا، مولودي ۽ ڪافير وغيره سڏائين، پر جي گھوٽ پئسي وارو ھجي تھ اھو وري ناچڻيون ۽ ڳائڻيون گھرائي، پر عام طرح مولودي ۽ ڪافير گھرائين. اھا محفل اڌ رات تائين ھلي، بعضي تھ سڄي رات ھلي[9].

ڪوھستان ۾ کاڌي پيتي بعد گھوٽ ۽ ڪنوار کي ساٺن سوڻن سان ميندي لائين، پر مينديءَ کان اڳ گھوٽ کي عزيزن سان مٺي ماني ڏين، جنھن کي ”مينديءَ جي ماني“ چون. ان بعد گھوٽ ۽ ڪنوار کي، ڳائي وڄائي ميندي لائي وھنجارين. پوءِ پھرين گھوٽ کي ڪپڙا ڏئي پوءِ اچي ڪنوار کي ڪپڙا ۽ زيور پارائين[10].

 

مھرات:

ھريجن قوم ۾ شاديءَ رات، شام جو ”مھرات“ ڪن. شام جو زالون زالن کي ۽ مرد مردن کي سڏ ڏين، جيڪي اچي جدا جدا ھنڌن تي گڏ ٿين. زالون اندر گھر ۾ ۽ مرد ٻاھر اوطاق (دکاڻ) تي گڏ ٿين. زالون سڄي رات ڳيچ ڳائين. گھڻو ڪري ننڍيون نيٽيون، وڏڙين ڪراڙين سان گڏ ڪونھ ڳائين، ڇو تھ ٻنھي قسم جي عورتن جا ڳيچ جدا جدا ٿين. زالون جتي گڏ ٿين، اتي باھھ جو مچ ٻاري ڇڏين. ڪنوار جون سھيليون، ڪنوار سان گڏجي ويھن ۽ سڄي رات ويٺيون ڳيچ ڳائينديون. ’دکاڻ‘ جي وچ ۾ پڻ باھھ جو مچ ٻاري ڇڏين، جتي مرد سڄي رات جاڳي گذارين. ھر ڪنھن ڳوٺ ۾ پنج – ست ڳائڻا ھجن، جن کي ”ڀڳت“ چون؛ انھن مان ھڪ تنبورو وڄائي، ھڪ دلو، جنھن جي منھن تي رڱيل کل (ڇيلي يا ھرڻ جي) ٻڌل ٿئي. دلي جي ڀر ۾ ڪنجھي جي ٿالھي اڀي رکي، ھڪ ھٿ سان دلي ۽ ٻئي ھٿ سان ٿالھي وڄائين. ھڪ جھانجھھ وڄائي ۽ ٽي – چار ڄڻا ڪاسيا وڄائين؛ پوءِ اھي ڀڄن ۽ واڻيون ڳائين. بعضي ڪافيون بھ ڳائين. انھيءَ موقعي تي گرڙو موجود ھجي، سو جڏھن ماڻھن کي ٿڪل ڏسي، تڏھن وري ڪھاڻيون، ڏندڪٿائون ۽ ڏوھا وغيره ٻڌائين ۽ کين وندرائي[11].

ٿر جي مينگھواڙن ۾ شاديءَ رات ڪنواريتي گھر، زالون ٻاجھريءَ جا ڪھر چاڙھين، جن کي ”گگھريون“ بھ چون. مرد وري پاڻيءَ ۾ اڍائي سير کن ڳڙ ڳاري، ٻھ- ٽي دلا ڀري رکن. پوءِ گرڙو وڃي ڳوٺ کي ”رھاڻ“ جو سڏ ڏئي.

مرد، ڇني ۾ اچي گڏ ٿين تھ پرئي مڙس کي سڏي آڻي وچ ۾ ويھارين ۽ اھو مٺي پاڻي وارو دلو ۽ گگھريون آڻي سندس اڳيان رکن، ۽ ھڪ وڏو ٽانڊو بھ آڻي اڳيان رکنس. پريو مڙس، ڪونڊي مان ٿوريون گگھريون کڻي ٽانڊي تي رکي مٿان ٿاڌل جو ڇنڊو ھڻي، پوءِ ورھائي ڏيڻ لاءِ چوي. پوءِ ھڪڙو ڇوڪر گگھرين جو ڪونڊو کڻي، ھٿ سان ٿوريون ٿوريون ھرھڪ کي ڏيندو ويندو ۽ ٻيو ڇوڪرو ورلي دلي مان ڪونڊو يا جنگو ڪٽورو ڀري، وٽيءَ سان ننڍن وڏن کي پياريندو. مردن کي پيارڻ کان پوءِ زالن ۽ ڇوڪرين کي پيارين. ان بعد ڄاڃين جي طرف ھڪ ماڻھو کارڪن جي جھولي ڀري اچي ۽ ڪنواريتي طرف جي ڪنھن سمجھو ماڻھوءَ کي اٿارين تھ اھي کارڪون ورھائي ڏئي، جيڪو رھاڻ ۾ آيل ماڻھن مان ھر ھڪ کي ڇھھ- ڇھھ کارڪون ڏئي. ڪنھن گھر مان جيڪڏھن ڪو ڀاتي نھ آيو ھوندو تھ ان جي ”ونٽ“ يعني ورڇ گھري وٺن. سڀڪنھن ماڻھوءَ تي فرض ٿئي تھ سندس گھر مان ڪو ماڻھو آيل نھ ھجي، تھ ان جي ونٽ گھري وٺي. ٻاھران آيل بھ پنھنجن سڀني ڀاتين جون ونٽون گھري وٺن. جيستائين ونٽ جو ڪم پيو ھلندو، تيستائين سڄي رھاڻ ويٺي ھوندي. ٻھ- ٽي حقا تيار ٿيل رھاڻ ۾ پيا ھوندا. حقي تي ٽانڊو چاڙھي ٺاھي تيار ڪري ڏيڻ لاءِ ٽھليو ھڪيو ھجي، جنھن جي ھٿ ۾ تماڪ جي ڳوٿري ۽ چمٽو ٿئي. عام طرح اٿ- ويھھ جو ٻيو ڪم پڻ ٽھلئي جي حوالي ڪن. ڄاڃين جي طرف جا پڻ ھڪ – ٻھ ماڻھو اٿن، جيڪي مھمانن کي ٻيڙيون ۽ سوپاريون وغيره کڻي ڏين.

ڳوٺ ۾ ٻيون قومون جھڙوڪ: مسلمان، ٺڪر، سامي، ورتيا، سونارا، سوٽھڙ وغيره ھجن تھ انھن کي بھ رھاڻ تي سڏ ڪن ۽ انھن کي فقط ٽي کارڪون ۽ سوپاريون ڏين. رھاڻ ھلندي ڪجھھ کارڪون دانگيءَ تي ڀڃي زالن کي ڏيئي اچن. زالون اھي کارڪون بروقت ورھائي کڻن، نھ تھ ڪنھن وڏي اعتبار واريءَ مائيءَ وٽ امانت رکن ۽ پوءِ شاديءَ جي ڪم مان واندڪائي بعد سڀني کي سڏ ڪري، گڏجي ورھائي کڻن. جي ڪو ٻيو وھانءُ ويجھو ھجي تھ ان جون کارڪون بھ گڏي سڀئي ورھائي کڻن. اھڙيءَ طرح ونٽ پوري ٿئي تھ رھاڻ وارا اٿن ۽ ڄاڃي بھ ڇني مان موڪلائين[12].

 

رنگ لائڻ:

ڪوھستان ۾ شاديءَ کان ٽي راتيون اڳ ڪنوار جي گھر ۾ زنانو مارڪو ٿئي، جنھن ۾ اوڙي پاڙي جون زالون اچي گڏ ٿين ۽ پوءِ گڏجي گھوٽ جو گھر اڏين. گھر ۾ ڳاڙھا رتل منجا، تن تي سوڙيون، گاديلا ۽ وھاڻا ٺاھي رکن. ان کان سواءِ گھر جا ڏيڪا ۽ ٿوڻيون بھ رتل ۽ چٽيل ڪن. زالون گھر جي پکي کي بھ ڪچي رنگ سان چٽين. جڏھن پکو اڏي تيار ڪن، تڏھن پکي جي اڳيان گونڊين سان جڙيل ۽ ڀريل پٽي ٻڌن. ان پٽيءَ کي ”پکي سينڌ“ چون. ان کان سواءِ گھر ۾ اندر جڙيل ڀريل ٽؤنر ۽ جھاٻا وغيره ٻڌن. اھو سينگار جو سامان گھڻو ڪري ڪنوار ماءُ، ڌيءَ لاءِ اڳ ۾ ئي تيار ڪري رکندي. پکو بھ ڪنواريتا تيار ڪن. اڃا بھ وسعت ھجي تھ گھوٽ جا ڪپڙا بھ ڪنوار پيءُ ڏئي. انھيءَ پوري رسم کي ”رنگ لائڻ“ چون[13].

 

پکو اڏڻ:

بلوچن ۾ ڪاڄ واري ڏينھن اڳينءَ لاڙ مھل، زالون گھوٽ جو پکو اڏين. تعلقي سنجھوري جي لغارين ۾ ڪنوار جي وناھھ واري ھنڌ تي، ست ڀائر پکو اڏين ۽ مطلب اھو ڪڍن تھ گھوٽ ۽ ڪنوار کي ھڪڙو جدا گھر ھجي. انھيءَ موقعي تي ”پکي جو گھور“ بھ ٽڪو ٽڪو ڏين، جيڪا ڪنواريتا کڻن. رات جو پکي ۾ اھنر کي سمھارين، جيڪو گھوٽ جو نگھبان سمجھيو وڃي.

ڪوھستان ۾ پکي اڏڻ لاءِ پھرين کڏ کوٽي، ٿوڻيون بيھارين ۽ انھن ٿوڻين مٿان پکو ورائين. پکي اڏڻ کان پوءِ منجن تي ھنڌ بسترا ۽ وھاڻن جو سنجٽ سھڻي نموني سنجي رکن. انھيءَ سموري ساز کي ”ڀيڻي“ ڪري چون. ڀيڻيءَ کي قابو ڪرڻ لاءِ ڳاڙھي ڪشڻ سان ڇڪي ٻڌن، تھ متان ڪو ٽپڙ ٽاڙي ڪري نھ پوي.

ڪوھستان ۾ پکي اڏڻ جي رسم زالون ڪن، جيستائين اھو ڪم پيو ھلندو، تيستائين ڳيچ پيون چونديون[14].

 

جاڳي جي رات:

شاديءَ جي رات، گھوٽ ڄڃ سميت ڇني ۾ ويھي، سڄي رات گھوٽ ۽ ڪنوار سان شاديءَ جون رسمون ادا ڪن. گھوٽ کي پوري رات ننڊ ڪرڻ ڪونھ ڏين، انھيءَ ڪري انھيءَ رات کي ”جاڳي جي رات“ چون. سڀني رسمن ۾ اھنر گھوٽ سان گڏ ھوندو. ٻين رسمن سان گڏ ڇني ۾ ڳائڻ وڄائڻ ۽ ٻي ڪچھري بھ ٿيندي رھندي[15].

 

پِڙو يا ڪوٺو:

شاديءَ رات ڪنواريتي گھر ۾ پِڙو يا ڪوٺو بھ ڏيکارين، جتي راڄ جون نياڻيون، گھوٽيتيون توڙي ڪنواريتيون موجود ھونديون. راڄ وڏيري يا ڪا ڏاھي عورت اٿي بيھي پِڙو ڏيکارڻ شروع ڪندي. جنھن ۾ گھوٽيتن توڙي ڪنواريتن مان جيڪي بھ ڪنوار کي ڏيپ مليل ھوندو، سو سئيءَ سڳي سميت ھر ھڪ ڏيندڙ جي نالي سان ٻڌائيندي ۽ چوڌاري ڦيرائي ڏيکاريندي. ڏاج ۾ ڪپڙا، ڳھھ، ھنڌ، ٿانو، روڪڙ وغيره کان سواءِ بعضي قرآن شريف بھ ڏين. ڪن ھنڌن وري ڏاج جو سامان تڏن ۽ تؤنرين جو ڪوٺو اڏي، ان ۾ اندر رکي ڌاڳن سان ڏانئي ڇڏين. ڪن ھنڌن وري گھوٽ ڪنوار جي بستري کي پِڙو يا ڪوٺو سڏين، جيڪو پاڙي جي ڪنھن گھر ۾ رکي، پوءِ ڳائي وڄائي کڻي اچي زالن کي ڏيکارين.

مختلف قومون پِڙو پنھنجي پنھنجي رواج موجب ڏين. جيئن تھ بلوچن ۾ پِڙي ۾ نٿ، ھس، ڪڙيون، ٻانھين، پنڙا، ڪيوٽيون يا واليون ۽ گھگھو (ڊگھو چولو)، چني، اڇو رئو، سٿڻ ۽ جتي ڏين.

سماٽن ۾ پِڙي ۾ ڦلي يا ڪوڪو يا بولو، تائٿ (تعويذ)، چندن ھار، ٻانھين، ايرينگ، ڪيوٽيون يا نسبيون يا پنڙا، پٽيون يا ٽوڙھا، ڇلڙيون، آڱوٺيون، ويڙھو، کير- منڊي ۽ گھاگھرو (جو اڳي چولي جي صورت ۾ ڏنو ويندو ھو)، سٿڻ، سپاٽو يا جتي، رئو گلابي ۽ ٻيو اڇو رئو ٻِٽ لاءِ ڏين.

سنڌ جي مختلف ھنڌن تان ”پِڙي“ يا ”ڪوٺي“ بابت مليل روايتون ھيٺ شامل ڪجن ٿيون:

ڪنوار ۽ گھوٽ کي مٽن مائٽن مان جيڪي ڪجھھ ملي، تنھن کي ”ڏيپ“، ”ڏيج” يا ”ڏاج“ چون. ان ۾ زيور، اوندر (ڪپڙا)، وھٽ، روڪڙ وغيره شامل ٿئي. ڪي خاندان تھ گوليون گولا (نوڪر) بھ ڏاج ۾ ڏين. مرشد ھجن تھ مريد بھ ورھائي ڏين ۽ زميندار وري ڏاج ۾ زمين ڏين. اھو سڀ ٿيو ”ڏيپ“. ان مان ڪپڙن جا جوڙا، زيور، روڪڙ، سينگار جو سامان، سيج (لانئن جو بسترو)؛ اھو سامان ڪڍي ڪنھن ويجھي عزيز جي گھر ۾ رکن، پوءِ ماني ٽڪي کائي، زالون راڄ گڏ ڪري اٿن. پوءِ پھرين وڃي پِڙو کڻن، جو دھلن دمامن سان گھمائي ڦيرائي اچي ڪنوار جي گھر گڏ ٿيل راڄ کي تفصيل سان ڏيکارين. ان بعد ڳائڻ وڄائڻ شروع ٿئي ۽ سڀني زالن کان گھور بھ وٺن[16].

شاديءَ جي رات گھوٽ ۽ ڪنوار جا ڪپڙا لٽا وغيره کڻي ھڪ کاري ۾ وجھي، ڄاڃياڻيون دھل دمامن سان کارو کڻي مسجد ڏانھن وڃن. ان وقت ڳائڻ واريون پڻ ڪي خاص ڳيچ ڳائين. پوءِ پِڙو مسجد وٽان ڦيرائي، ڪنوار جي گھر کڻي اچن، جتي سڄي راڄ کي ڏيکارين[17].

ڪنوار جا لٽا، ڳھھ ۽ سيڻپو وغيره پيتيءَ ۾ وجھي، گھوٽ جي گھران کڻي ڪنوار جي گھر اچي، ڪنوار ماءُ کي ڏين، جا وٺي ڪنوار جي اڳيان رکي. پِڙو لانئن مھل ڏين، تنھنڪري جن ھنڌن صبح جو لانئون ڏين، اتي پِڙو بھ صبح جو ڏين ۽ جن ھنڌ رات جو لانئون ڏين، اتي پِڙو رات جو ڏين[18].

تعلقي وارھھ جي چانڊين ۾ جڏھن صبح جو ڄڃ ڪنواريتن جي گھر پھچي، تڏھن گھوٽ جو سالو تڏن جو ڪوٺو اڏي. ساڻس ست زالون بھ ھونديون، جيڪي ھٿن ۾ ڪچي سٽ جو ڦورو کڻن. پوءِ اھي ان ڪوٺي کي سٽ سان ست ڦيرا ڏين ۽ ڪوٺي جي چرين ۾ کير وجھي، ان ۾ ٿوڻيون بيھاري مضبوط ڪن. انھيءَ جي عيوض سالي کي گھوٽيتن طرفان ھڪ رپيو ملي[19].

تعلقي وارھھ جي ميربحرن ۾ بُسرين ۽ مينديءَ جي رسمن کان پوءِ گھوٽيتيون پِڙو کڻي ڪنواريتن ڏانھن وڃن. پِڙي سان گڏ سڄي راڄ جون ضائفائون ۽ ڪي مرد بھ ھجن. جڏھن ڪنواريتن ۾ پھچن تھ انھن جون زالون، ڀِنل سرنھن. پِڙي وارين ضائفائن کي ھڻن. پوءِ گھوٽيتيون پِڙو سنڀالي ڪنواريتن کي ڏيئي، واپس موٽن[20].


 

[1]   ڪيشولال گوڌيار (ٿرپارڪر).

[2]   جيسارام (تعلقو عمرڪوٽ).

[3]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[4]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[5]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[6]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[7]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[8]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[9]   گل محمد آزاد صوفي (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[10]   عبدالعزيز جوکيو، نئين زندگي، اپريل ١٩٥١ع تان ورتل.

[11]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[12]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[13]   عبدالعزيز جوکيو، نئين زندگي، اپريل ١٩٥١ع.

[14]   علي اڪبر لغاري (تعلقو سنجھورو) ۽ محمد عرس سمون، نئين زندگي، ماھھ آگسٽ ١٩٥٧ع.

[15]   رسالو ”شاعر“ رفيق حيات نمبر، سال ١٩٥٧ع.

[16]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[17]   محمد صالح سپيو، (تعلقو حيدرآباد).

[18]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[19]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[20]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org