سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :24

 

ڀـــــاڱــــو ٻــيـــــــو

 

باب ڇھون

گھرو زندگي

 

گھر جي اڏاوت ۽ صفائي:

گھر اڏجڻ جي شروعات کان وٺي ختم ٿيڻ تائين، يعني پيڙھھ رکجڻ، ڇت پوڻ ۽ رھائش اختيار ڪرڻ تائين، جدا جدا موقعن تي ڪي سوڻ ڪندا آھن، انھيءَ لاءِ تھ گھر ۾ امن ۽ آسودگي رھي. اھي سوڻ نھ ڪرڻ کي بدسوڻ سمجھيو وڃي ٿو. گھر اڏڻ جي سلسلي ۾ بعض ڪم اھڙا بھ آھن، جيڪي نھ ڪرڻ گھرجن، ڇاڪاڻ تھ اھي بدسوڻ سمجھيا وڃن ٿا. ھن عنوان ھيٺ اھي سوڻ ۽ بدسوڻ شامل ڪجن ٿا.

 

پيڙھھ يا بنياد جا سوڻ:

1.      گھر جو بنياد کوٽي سون ذرو ۽ کير کنڊ گڏي، بنياد ۾ وجھندا آھن تھ جيئن ان گھر وارا سدائين سکيا ستابا ھجن ۽ پاڻ ۾ کير کنڊ ھجن.[1]

2.     گھر جي پيڙھھ  کوٽجي تھ ان ۾ چانديءَ جو رپيو، ڇلو يا ڪو ڳھھ ۽ کير ڍڪ وجھندا.[2]

 

ڇت اڏجڻ جا سوڻ:

3.     گھر جي ڇت اڏجي يا ڇت چڙھي تھ مٺو ڀت يا طاھري رڌي معصومن کي کارائيندا.

 

گھر جي اڏجي تيار ٿيڻ جا سوڻ:

4.     گھر اڏجي تيار ٿيڻ بعد پھريائين ڪني ڪن. گھڻو ڪري مٺو ڀت رڌي ختمو ڏيارين ۽ پاڙي پتيءَ ۾ چونگي ڏين. ان بعد ٽپڙ کڻي اچي نئين اڏيل گھر ۾ ويھن.[3]

 

بدسوڻ:

5.     جنھن گھر جو جنڊو، ٻئي گھر جي جنڊي کي سامھون ھوندو، تنھن گھر وارن کي نقصان پھچندو.[4]

6.     گھر جي جاءِ پوئتي ھٽائڻ سان ان گھر جي اڪھھ کٽي پوندي.

 

گھر جي صفائي بابت سوڻ:

صفائي ايمان جو جز آھي، ھر ھڪ انسان تي فرض آھي تھ پنھنجي گھر ۾ پاڻ کي صاف سٿرو رکي. گھر جي صفائي، سٺائي ۽ گھر جي ڀاتين جي تندرستي ۽ خوشحالي لاءِ ڪي ڪم سٺا سون سمجھيا وڃن ٿا، ۽ ڪي ڪم بدسوڻ ليکيا وڃن ٿا. انھن متعلق سنڌ جي مختلف حصن مان جيڪي روايتون مليون آھن، سي ھن عنوان ھيٺ شامل ڪجن ٿيون.

1.      گھر نھ ٻھارڻ سان اڻھوند ٿيندي.[5]

2.     اڳڙين سان گھر ٻھارڻ اڻھوند ٿيندي.

3.     گھر جي ڪنڊ ۾ ٻھر گڏ ڪرڻ سان اڻھوند ٿيندي.

4.     جنھن گھر ۾ ڄارو ھوندو، تنھن گھر جي ڀاتين تي قرض چڙھندو.[6]

5.     گھر جي اڱڻ کي بُھھ جو ليپو ڏيڻ چڱو ناھي.

6.     گھر جي اڱڻ ۾ ڍنگھر ڦٽا ڪرڻ نڀاڳ آھي.

7.     در جي چانئٺ تي ويھڻ سان اڻھوند ٿيندي.[7]

8.     گھر جي دروازي اڳيان گپ ڪرڻ نڀاگ جي نشاني آھي.[8]

9.     گھر جي اڳيان ڪارو ڪنو ٽنگڻ سان رزق گھٽجي ويندو.

10. گھر ۾ سڄو ڪانو نھ آڻجي، نڀاڳ آھي (ڇو تھ ڪاني سان مئي جي ڪڇ ٿيندي آھي).[9]

11.  گھر ۾ ٻير جو سائو ڇانڀو نھ آڻجي، نڀاڳ آھي (ڇو تھ ٻير جا پن مئي ماڻھوءَ جي اکين تي رکن يا غسل جي پاڻيءَ ۾ وجھن).

12. نما شام جو گھر ۾ ڪورو دلو يا مٽ نھ آڻجي، نڪي ڀرجي نڀاڳ آھي.

13. کوھھ تان خالي دلو گھر ۾ نھ آڻجي، پر گھر کان ٻاھر اونڌو ڪري رکجي.[10]

14. گھر ۾ نازبو نھ پوکجي، نڀاڳ آھي.[11]

15. گھر ۾ ست گلو نھ پوکجي نڀاڳ آھي.

16. گھر ۾ ھيرڻ جو وڻ پوکڻ نڀاڳ آھي.

17. گھر جي اڱڻ ۾ ٻير پوکڻ نڀاڳ آھي.

18. گھر ۾ سرينھن جو وڻ نھ پوکجي، نڀاڳ آھي (ڇو تھ وڻن ۾ ”سيد وڻ“ آھي).[12]

19. گھر ۾ گڏھھ نھ آڻجي، چڱو ناھي.[13]

20.            وھنجڻ جي جاءِ ۾ پيشاب ڪرڻ نڀاڳ آھي.

21. استنجا واري جاءِ وٽ ويھي وضو ڪرڻ سان اڻھوند ٿيندي.[14]

 

جسم جي صفائي جا سوڻ:

جسم جي صفائي ۽ سٺائي، روزمره جي زندگيءَ جو نھ فقط اھم جز آھي، پر ان ۾ احتياط پڻ ضروري آھي. نھ تھ ٻيءَ صورت ۾ نقصان پھچندو. ھن عنوان ھيٺ آيل سوڻن جي سٽاءُ بھ گھڻو ڪري ائين آھي تھ جيڪڏھن ”ھيئن نھ ڪيو ويو تھ نڀاڳ ٿيندو، اڻھوند ٿيندي، بيماري ٿيندي، يا ڪو ٻيو نقصان پھچندو.“

صفائيءَ ۽ سٺائيءَ جي جدا جدا پھلوئن تي سڄيءَ سنڌ مان سوڻ ۽ بدسوڻ مليا آھن، جي ھيٺ ڏجن ٿا:

 

منھن ڌوئڻ جا سوڻ:

1.      ھڪڙي ھٿ سان منھن نھ ڌوئجي، نڀاڳ آھي.[15]

 

ڦڻيءَ جا سوڻ:

2.     ھڪڙي جي ڦڻي ٻيو نھ ڏئي، جي ھڪڙي جي ڦڻي ٻئي ڏني تھ اھي پاڻ ۾ وڙھي پوندا.

علاج: جيڪڏھن پنھنجي ڦڻي ٻئي کي ڏجي تھ ان ڦڻيءَ تي ”يا صلاح، صلح ڪر“ لکي ڏجي، پوءِ جھيڙو نھ ٿيندو.[16]

3.     عورت بيٺي ڦڻي نھ ڏئي، نھ تھ سندس ڀائرن کي نقصان رسندو.

 

مٿي جي وارن جا سوڻ:

4.     مرد خواھھ عورت جي مٿي جا وار رولو ڪري ڇڏڻ نڀاڳ آھي (وار ويڙھي، ڪپڙي ۾ ٻڌي، پوري ڇڏجن)، گھر ۾ وار لتاڙ ھيٺ ايندا تھ انھي ماڻھن کي (جنھن جا وار ھوندا) مٿي جو سور ڇڏيندو ئي ڪونھ.[17]

5.     مٿي مان ڪريل وار نھ وٽجن، نھ تھ جنھن بھ ماڻھو جي مٿي جا ڪريل وار وٽبا، تنھن کي مٿي جو سور پوندو.[18]

6.     مٿي جا وار باھھ ۾ نھ وجھجن، نڀاڳ آھي.[19]

 

ننھن جا سوڻ:

7.     ھٿن ۽ پيرن جا ننھن لاھي گھر ۾ نھ اڇلجن، نڀاڳ آھي. گھر ۾ ننھن ھوندا تھ رزق گھٽجي ويندو (تنھنڪري لٿل ننھن گھوڙي جي ٺاڻ يا سائي وڻ ۾ اڇلائڻ گھرجن).[20]

8.     ننھن، ڏندن سان نھ لاھجن، نڀاڳ آھي.[21]

 

ڏندڻ جا سوڻ:

9.     ڏندن کي ھر وقت نھ کوٽجي، چڱو ناھي.

 

سرمي جا سوڻ:

10. رات جو سمھڻ مھل سرمو پائي پوءِ سمجھي.[22]

11.  سرمي واري سرائيءَ سان اڳٺ وجھڻ نڀاڳ آھي.

 

وھنجڻ جا سوڻ:

12. اگھاڙو ٿي نھ وھنججي، نڀاڳ آھي.[23]

13. کلئي ھنڌ تي وھنجڻ چڱو ناھي.

 

ناڙا ڇوڙ ڪرڻ:

14. بيٺي ناڙا ڇوڙ نھ ڪجي، نڀاڳ آھي.[24]

 

گھر ۾ جھيڙي ٿيڻ جا سوڻ:

گھر ۾ جھيڙي ٿيڻ جا اصل سبب ڪھڙا بھ ھجن، پر عوامي سوچ ويچار مطابق ڪي اھڙا عمل آھن، جي اڻ ڄاڻائيءَ ۾، يا ڄاڻي ٻجھي ڪبا تھ گھر ۾ جھيڙو پوندو. سندن خيال ۾ ڪي شيون بھ اھڙيون آھن، جي گھر ۾ موجود ھونديون تھ جھيڙو پوندو. ھر حالت ۾ جھيڙي ختم ڪرڻ لاءِ حيلا وسيلا ھلائڻا آھن.

1.      گھر ۾ ڇيڻو اڇلائبو تھ جھيڙو ٿيندو.[25]

2.     ٽن جدا جدا قسمن جي وڻن جون ڪاٺيون، ھڪ وقت گڏي نھ ٻارجن، نھ تھ ان گھر مان جھيڙو ويندو ئي ڪونھ.[26]

3.     گھر ۾ ھيرڻ پوکبو تھ گھر ۾ سدائين جھيڙو پيو ھلندو.[27]

4.     جنھن گھر ۾ سيڙھھ (جانور) جا ڪنڊا پيل ھوندا، تنھن گھر جا ڀاتي پاڻ ۾ وڙھندا رھندا.[28]

5.     جنھن گھر جي چانئٺ ھيٺان ڪارا مرچ پوربا، تنھن گھر جا ڀاتي پاڻ ۾ وڙھندا رھندا.

6.     جنھن گھر ۾ جھيڙو وجھائڻو ھجي، ان گھر ۾ ست داڻا ڪرھھ ڪڪرين جا آڻي اڇلائي ڇڏجن، سدائين پيو جھيڙو ھلندو.[29]

علاج: ڪنھن گھر جا ڀاتي وڙھندا ھجن تھ ست داڻا ڪرھھ ڪڪرين جا کنڊ واري کير مان ٻوڙي، ان گھر ۾ اڇلائي ڇڏجن تھ جھيڙو لھي ويندو.

 

لباس جا سوڻ:

ڪپڙي آڻڻ ۾ چوڙڻ لاءِ بھ ڪي سوڻ عام طور ضروري سمجھيا وڃن ٿا، جن جي ڪرڻ ۽ نھ ڪرڻ سان سٺو سوڻ ڳنڍيندا آھن. جيئن تھ سھاڳڻ زال ڪارو ڪپڙو نھ اوڍي ۽ مرد ڪاري پڳ نھ ٻڌي، ڇو تھ ڪارو ڪپڙو سوءَ جي نشاني آھي. گھر ۾ ڪپڙو اچي تھ ان مان عيب نھ ڪڍجي. اڻ سڌيءَ طرح انھيءَ سوڻ ۾ ڪفايت ۽ قناعت جو سبق سمايل آھي تھ جيڪي ملي تنھن تي شڪر ڪجي.

ھن عنوان ھيٺ سنڌ جي مختلف ھنڌن کان مليل روايتون ھيٺ ڏجن ٿيون.

نئين ڪپڙي جو سوڻ:

1.      نئين ڪپڙي مان ويڪ ڪڍڻ چڱي نھ آھي، ڇو تھ نئون ڪپڙو گھر ۾ ايندو تھ روئندو ايندو تھ الاجي قبول پوندس يا نھ؟[30]

ڪپڙي جون تندون ساڙڻ:

2.     ڪپڙي جي تند نھ ساڙجي، نھ تھ ڪپڙو مھانگو ٿيندو.

پھراڻ جو سوڻ:

3.     پھراڻ جي دامن (اڳ) سان منھن نھ اگھجي، نھ تھ اڻھوند ٿيندي.[31]

سٿڻ جو سوڻ:

4.     بيٺي سٿڻ نھ پائجي، نھ تھ اڻھوند ٿيندي.

پڳ جو سوڻ:

5.     ويٺي پڳ نھ ٻڌجي، نھ تھ اڻھوند ٿيندي.

جورابن جون سوڻ:

6.     ھٿن تي جوراب پائڻ سان رزق ۾ تنگي ايندي.[32]

ڪاري ڪپڙي جا سوڻ:

7.     ڪارو پٽڪو نھ ٻڌجي، نھ تھ ڪا آپدا ايندي.

8.     سھاڳڻ زال ڪارو ڪپڙو نھ ڍڪي، چڱو ناھي.[33]

سادو  (بنا گلن چٽن جي) لباس:

9.     سھاڳڻ زال لسا ڪپڙا نھ ڍڪي، چٽ گل ضرور ھجن.

ادب ۽ اخلاق متعلق سوڻ:

روزمره جي زندگي ۾ ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ نشست برخاست ۾ اھڙو طريقو اختيار نھ ڪجي، جنھن مان بزرگن جي بي ادبي ۽ عام ماڻھن ڏانھن بداخلاقي جو پھلو ظاھر ٿئي. ننڍي وڏي جو آڌرڀاءُ ڪيئن ڪجي، ڪيئن ڳالھائجي، اٿي ۽ ويھڻ ۾ ڪھڙيون ڳالھيون معيوب آھن، گھرو زندگيءَ ۾ انھن ڪمن کي بھ سوڻ تصور ڪيو ويو آھي، ۽ اھي ھيٺ ڏجن ٿا:

ڳالھائڻ جا سوڻ:

1.      سڏ ڪندڙ کي ”جيءُ“ بدران ”ھان“ چوڻ نڀاڳ آھي.[34]

2.     ماءُ پيءُ کي نالو وٺي سڏ ڪرڻ سان اڻھوند ٿيندي.[35]

3.     وڏن ۽ بزرگن اڳيان زور سان نھ ڳالھائجي.[36]

4.     گھڻا قسم کڻڻ سان اڻھوند ٿيندي.[37]

ويھڻ جا سوڻ:

5.     ڪانڀ ڪڍي ويھڻ نڀاڳ آھي.[38]

6.     زمين تي تريون کوڙي ويھڻ نڀاڳ آھي.

7.     زمين تي اڀ کرو ٿي نھ ويھجي.

بيھڻ جا سوڻ:

8.     اگھاڙو بيھڻ سان اڻھوند ٿيندي.

9.     چيلھھ تي ٻيئي ھٿ رکي بيھڻ نڀاڳ آھي.

ھلڻ جا سوڻ:

10. بزرگن جي اڳيان ھلڻ سان اڻھوند ٿيندي.[39]

11.  تڏي تي جتيءَ سان ھلڻ نڀاڳ آھي.[40]

کيڪارڻ جا سوڻ:

12. نوجوان زال پنھنجي ھم عمر ۽ گھوٽ جي طرف کان آيل عزيزن جي گھر ۾ اچڻ تي ھٿ کي پوتي ويڙھي، پوءِ کيس ھٿ ڏيندي.[41]

13. وڏيءَ عمر جو مرد ماڻھو، پاڻ کان ننڍيءَ عمر واري عورت جي مٿي تي ھٿ رکي کيڪاريندو.

14. ڪو معزز ماڻھو، مگر ننڍيءَ عمر وارو گھر ۾ آيو تھ وڏيءَ عمر واريون عورتون سندس ھٿ جي پٺيءَ کي چمي ڏيئي کيڪار ڪنديون.

چلھھ، رڌ پچاءُ ۽ کاڌي جا سوڻ:

چلھھ ٺاھڻ، ڌر پچاءُ ڪرڻ ۽ کاڌي پيتي جي شين سان بھ ڪي سوڻ ۽ بدسوڻ ڳنڍيند آھن، جيڪي سڄيءَ سنڌ ۾ رائج آھن. اھي سوڻ گھڻو ڪري صفائي سٺائي ۽ کاڌي جي ادب ۽ احترام ڏانھن اشارو ڪن ٿا. عام طور اھو خيال آھي تھ جيڪڏھن انھن ۾ ڪابھ بدسوڻي ٿي تھ گھر جي ڀاتين کي نقصان رسندو، اڻھوند ٿيندي يا ڪو ٻيو جاني ۽ مالي نقصان پچندو. انھيءَ بابت سڄيءَ سنڌ مان مليل سوڻن جون روايتون ھيٺ ڏجن ٿيون.

چلھھ جا سوڻ:

1.      چلھھ جا ٽي رنگ ٺاھڻ چڱا ناھن. جيڪڏھن ٽي مارنگ ٺھيل ھجن تھ کڙھو رکي بھ چار مارنگ ڪجن.[42]

2.     چلھھ ۾ پاڻي نھ ھارجي، نھ تھ قرضي ٿبو.

3.     چلھھ ۾ ٿڪ نھ اڇلائجي، نھ تھ وات ۾ سور پوندو يا زبان پچي پوندي.

4.     چلھھ ۾ سنگھھ نھ اڇلائجي، نھ تھ نڪ پچي پوندو.

5.     چلھھ جي جاءِ نھ مٽائجي، نھ تھ گھر جي ڀاتين کي نقصان رسندو.

6.     چلھھ ۾ ڪارا مرچ نھ ساڙجن، نھ تھ گھر جا ڀاتي بيمار گذاريندا.

7.     چلھھ ۾ جيئري يا مئل جون نھ وجھجي، نھ تھ اڻھوند ٿيندي.[43]

8.     چلھھ ۾ واڪو (سوساٽ) ٿيو تھ چلھھ تي ويٺل ماڻھن مان ڪنھن جي ڪٿي نھ ڪٿي گلا ھلندڙ ھوندي.[44]

9.     چلھھ تي ويٺل ماڻھن مان جنھن ڏانھن بھ دونھون ويندو، ان تي سس جو پيار ٿيندو.

باھھ جا سوڻ:

10. باھھ تي پير سيڪڻ نڀاڳ آھي.

دانگي يا تئي جا سوڻ:

11.  مانيون گھڙي بس ڪجن، تڏھن دانگي يا تئو، چلھھ تان لاھي خالي ڪري نھ رکجي، ڇو تھ خالي تئو پٽيندو. تنھنڪري پڇاڙيءَ واري ماني، تئي ۾ اوستائين رھڻ ڏجي جيستائين ٺري وڃي.

12. ماني تئي يا دانگيءَ تي ڦوڪجي پئي تھ چوندا تھ ھن ماني کائڻ واري کي بک گھڻي آھي.

ماني کائڻ جا سوڻ:

13. پليتائي واري حالت ۾ ماني نھ کائجي، نھ تھ اڻھوند ٿيندي.[45]

14. طعام گرم نھ کائجي، نھ تھ نقصان پھچندو.[46]

15. مانيءَ جا ڪنا، ڀور يا ذرا نھ بچائجن، ائين ڪرڻ سان اڻھوند ٿيندي.

16. پاروٿو طعام نھ کائجي، نھ تھ ڪند ذھن ٿبو.[47]

17. ماني کائي ٿانون ۾ ھٿ نھ ڌوئجن. نھ تھ اڻھوندي ٿيندي.[48]

18. مائي کائڻ کان پوءِ ٿانو بنان ڌوئڻ جي نھ ڇڏجن، نھ تھ اڻھوندي ٿيندي.

19. کائيندي يا ڳالھائيندي زبان ٽڪجي، تھ چوندا تھ ڪنھن لاءِ مدي سوچي اٿس.

20.            ماني کائي آرس نھ ڀڃجي، نھ تھ ماني ڪتي جي پيٽ ۾ ويندي.

21. ھميشه خيرات يا صدقي کائڻ وارو جلد مري ويندو.[49]

22.            ستل ماڻھو تان کاڌو ٽپائي يا اورانگھي نھ کائجي، نھ تھ کائيندڙ جي ڄمار کٽي پوندي.

23.            ماني، ڀت يا ان جا ڪڻا نھ اورانگھجن، نڀاڳ آھي.[50]

24.            پٽ تي لوڻ نھ ھارجي، جي ھاريو تھ قيامت ۾ اکين جي پنبڻين سان چونڊبو (ڇاڪاڻ تھ حضرت بيبي فاطمه کي ڏيج ۾ مليو ھو، تنھنڪري احترام ڪبو).[51]

25.فقيرن کان ماني ملھھ تي وٺي کائڻ وارو جلدي مري ويندو.[52]

26.            بصر يا ٿوم جي کل نھ کائجي، نھ تھ اڻھوند ٿيندي.

پاڻي ۽ کير جا سوڻ:

27.            بيٺي پاڻي نھ پيئجي، نڀاڳ آھي.[53]

28.            کير کي ڦوڪون نھ ڏجن، چڱو ناھي.

29.            چانڊوڪيءَ ۾ کير اگھاڙو نھ ڇڏجي، چڱو ناھي.

30.            پاڻيءَ ۾ مٽڻ سان اڻھوند ٿيندي.

ٿانون جا سوڻ:

31. خالي ٿانءُ اونڌو نھ رکجي، نڀاڳ آھي.

32.            ڀريل دلو کڻجي تھ مٿس ھٿ رکجي، اگھاڙو دلو کڻڻ چڱو ناھي.

33.            ان وارو ٿانءُ ڍڪي رکجي، نھ ڍڪڻ ڪري اڻھوند ٿيندي.

34.            پاڻي، طعام، اٽي، لوڻ وغيره جو ٿانءُ ڍڪي رکجي، نھ ڍڪڻ سان اڻھوند ٿيندي.

35.مرد ماڻھو ڪنا يا ديڳڙا نھ چٽي، نھ تھ سندس شاديءَ ۾ مينھن وسندو.[54]

36.            ڏوئيءَ سان ٻار کي ڌڪ نھ ھڻجي، نھ تھ پيٽير ٿيندو.

37.            مھري نھ اورانگھجي، نھ تھ چيلھھ ۾ سور پوندو.

کٽ، ھنڌ ۽ سمھڻ بابت سوڻ:

ھن عنوان ھيٺ آيل سوڻن جو خاص نڪتو ھي آھي تھ، ”کٽ، مئي جي پاٿاري آھي“، تنھنڪري ان جو احترام ڪرڻ گھرجي، جيڪڏھن ڪا بداحتياطي ٿي تھ گھر جي ڀاتين کي نقصان رسندو. ساڳيءَ طرح اڌ حياتي بستري ۾ گذري ٿي، تنھنڪري اھو بھ صاف رھڻ گھرجي. ايتريقدر جو وھاڻي تي بھ پير نھ ڏجي، نھ تھ نقصان رسندو. اھڙيءَ طرح ستل ماڻھوءَ لاءِ بھ احتياط ضروري آھي تھ کونگھرا ھڻي ٻين کي بي آرام نھ ڪري، نڪي و ڦلي، ۽ نڪي ستل ماڻھوءَ کي اورانگھجي، نھ تھ سندس ڄمار کٽندي. اھي جملي سوڻ ھن بعد شامل ڪيا ويا آھن.

کٽولي جا سوڻ:

1.      جيڪو ماڻھو کٽولو واڻي، پھرين اھو پاڻ ان کٽولي تي سمھي، نھ تھ چيلھھ ۾ سور پوندس.[55]

2.     گھر ۾ کٽولو نھ گھلجي، نھ تھ پاڻ پيو گھلبو.

3.     کٽ تي مليل ميٽ نھ رکجي، نھ تھ جنھن کٽ تي رکبو، سو مري ويندو.

4.     کٽ تي چرھي نھ وھنججي، جيڪو وھنجندو، سو مري ويندو.

5.     کٽ تي ويھي پير نھ لوڏجن، نڀاڳ آھي.[56]

6.     گھر ۾ کٽ اونڌي نھ ڪجي.

ھنڌ (بستري) جا سوڻ:

7.     وھاڻي تي پير نھ ڏجي، نھ تھ جيڪو سمھندو تنھن کي مٿي ۾ سور پوندو.

8.     ھنڌ تي مس ھارڻ نڀاڳ جي نشاني آھي.[57]

سمھڻ (ننڊ) جا سوڻ:

9.     اونڌو ٿي نھ سمھجي، نڀاڳ آھي.[58]

10. اگھاڙو ٿي نھ سمھجي، نڀاڳ آھي.

11.  ٽنگ ٽنگ تي چاڙھي سمھڻ نڀاڳ آھي.

12. سمھڻ مھل، پير پير تي ڏيئي سمھڻ چڱو نھ آھي.[59]

13. سمھڻ مھل، پير گوڏي تي نھ رکي سمھجي، نڀاڳ آھي.

14. ننڊ ۾ وڦلڻ نڀاڳ آھي.[60]

15. ننڊ ۾ ڏند ڪرٽڻ نڀاڳ آھي.

16. سج اڀرئي کان پوءِ ننڊ مان اٿڻ يعني دير سان اٿڻ نڀاڳ آھي، چوندا تھ سڄي دنيا جي شومت کڻي اٿيو آھي.

17. ستل ماڻھو تان نھ اورانگھجي، نڀاڳ آھي.[61]

18. ستل ماڻھو تان اورانگھيندڙ جلد مري ويندو.

رات جا سوڻ:

ھن عنوان ھيٺ گھڻو ڪري اھي سوڻ شامل ڪيا ويا آھن، جن جي تعلق رات سان آھي. ڪيترائي ڪم اھڙا ٿين ٿا، جي رات جو ڪرڻ سان نقصان پھچي ٿو، يا نقصان پھچڻ جو انديشو رھي ٿو. انھي ڪري سنڌ جي گھرو زندگيءَ ۾ انھن ڪمن کي ”بدسوڻ“ ڪري سمجھندا آھن، ۽ انھن جي ڪرڻ کان منع ڪئي ويندي آھي. گھڻن سوڻن ۾ انھن جا نتيجا بھ ڏنا ويا آھن تھ ”اڻھوند ٿيندي“، ”قرض نھ لھندو“ ۽ ”نڀاڳ“ آھي. سڄيءَ سنڌ مان مليل اھڙا سوڻ ھيٺ ڏجن ٿا.

ڦڻيءَ جا سوڻ:

1.      رات جو ڦڻي نھ ڏجي، جيڪو ڏيندو تنھن تان قرض نھ لھندو.[62]

آرسيءَ جا سوڻ:

2.     رات جو آرسي (درسني) ڏسڻ نڀاڳ آھي، رات جو آرسي ڏسڻ معنيٰ قبر جو منھن ڏسڻ.

ننھن لاھڻ جا سوڻ:

3.     رات جو ننھن نھ لاھجن، نڀاڳ آھي.[63]

سئيءَ جا سوڻ:

4.     رات جو سئيءَ جو نالو وٺڻ چڱو ناھي، پر لاچاري حالت ۾ چئبو ”سبڻي“.[64]

5.     رات جو بازار مان سئي وٺڻ نڀاڳ آھي، تنھنڪري نھ وٺجي؛ نھ تھ خريد ڪندڙ جي گھر ۾ قضيو ٿيندو.

ميٽ جا سوڻ:

6.     رات جو بازار مان ميٽ وٺڻ نڀاڳ آھي، تنھنڪري نھ وٺجي؛ نھ تھ خريد ڪندڙ جي گھر ۾ قضيو ٿيندو.

7.     رات جو ميٽ جو نالو وٺڻ چڱو ناھي، پر جي لاچار نالو وٺجي تھ چئبو ”مٿي ڌوئڻو“ (ڇاڪاڻ تھ ميٽ سان ميت کي غسل ڏجي ٿو).

8.     رات جو ميٽ پاڙي پتي ۾ ڏجي نھ وٺجي، اڻھوند ٿيندي.[65]

لوڻ جا سوڻ:

1.      رات جو (نماشام ۽ ان کان پوءِ) ڪنھن کي بھ اڌارو لوڻ نھ ڏجي، نڀاڳ آھي.[1]

ٽوپي جا سوڻ:

2.     رات جو ٽوپو ڏيڻ يا ڪپڙو سبڻ چڱو ناھي.[2]

ڪنجين جا سوڻ:

3.     رات جو ڪنجيون نھ ڇڻڪائجن، نھ تھ گھر ۾ جھيڙو ٿيندو.

ڪئنچي جا سوڻ:

4.     رات جو ٺلھي ڪئنچي نھ ھلائجي، نھ تھ گھر ۾ جھيڙو ٿيندو.

5.     رات جو ڪئنچي سيراندي رکي نھ سمھجي، چڱو ناھي.

ٻھاريءَ جا سوڻ:

6.     رات جو گھر کي ٻھاري نھ ڏجي، نھ تھ اڻھوند ٿيندي، يا رزق گھٽجي ويندو.[3]

جنڊ جا سوڻ:

7.     رات جو جنڊ نھ ڦيرائجي، چڱو ناھي.[4]

کٽولي جا سوڻ:

8.     رات جو گھر ۾ کٽولي جي واڏڻ نھ ڇڪجي، نھ تھ ان کي ڌيئون ڄمنديون.[5]

ڀڳڙڻ جا سوڻ:

9.     رات جو ڀڳڙا نھ کائجن، ڇاڪاڻ تھ رات جو ڀڳڙا کائڻ رزق جي تنگيءَ جي نشاني آھي.

قرض جا سوڻ:

10. رات جي وقت قرض نھ کڻجي، ۽ نھ موٽائجي. جيڪو ائين ڪندو سو سدائين قرض ۾ پيو ڳھندو.[6]

ڪپڙن جا سوڻ:

11.  رات جو ننڍڙي ٻار جا ٻاروتا (ڪپڙا) ڌوئي سڪائڻ لاءِ ٻاھر نھ وجھبا. ڇو تھ رات جو ٻارن جي ڪپڙن تي جن راند ڪندا آھن، تنھنڪري ٻارن تي بھ جن جو اثر ٿيندو، تنھنڪري ٻاروتا ڪپڙا آلا يا آڊوکا کڻي گھر ۾ رکبا ۽ صبح جو سڪائبا.

12. جنھن ماڻھو جا ڪپڙا رات جو سڪائبا، سو جلد مري ويندو.[7]

ڪوئن جا سوڻ:

13. رات جو ڪوئن جو نالو نھ وٺبو، نھ تھ ڪوئا گھڻا ٿي پوندا. ڪوئن کي ”گھر ڌڻي“ چئبو.[8]

وڻ جا سوڻ:

14. رات جو ھيڪلي وڻ ھيٺان لنگھڻ چڱو ناھي.[9]

15. رات جو سائي وڻ ھيٺان سمھڻ نڀاڳ آھي.

16. رات جو سائي وڻ مان ٽاري نھ ڀڃجي.

گھر جي دروازي جا سوڻ:

17. رات جو جيستائين گھر جا ڀاتي جاڳندا رھندا رھن، تيستائين گھر جو دروازو بند ڪرڻ نھ گھرجي، ڇو تھ ان سبب رزق بند ٿي ويندو.[10]

18. رات جو گھر جو دروازو بند ڪرڻ جا لفظ چوڻ چڱو ناھي، تنھنڪري چوندا تھ ”دروازو قائم ٿيو.“

بتيءَ جا سوڻ:

19. رات جو ”ڏيئو يا بتي ٻارڻ“ جا لفظ چوڻ چڱو ناھي، ان جي بدران چوندا ”ڏيئو جاڳاءِ.“

20.            رات جو ”ڏيئو يا بتي اجھائڻ“ چوڻ چڱو ناھي، تنھنڪري چوندا ”گل ڪر“.

مھمان اچڻ جا سوڻ:

مھمان آئي گھر ۾ برڪت پوي، تنھنڪري سنڌ ۾ مھمان اچڻ تي خوشيءَ جو اظھار ڪندا آھن، پر جي مھمان اوچتو آيو يا اويلو آيو تھ ميزبان سندس شايان شان آڌرڀاءُ ڪري ئي ڪونھ سگھندو، انھيءَ ڪري چوندا آھن تھ ”اويلو مھمان، پاڻ پِٽائي“.

پر روزمره جي زندگي ۾ ڪي اھڙا بھ اھڃاڻ آھن، جن جي پسڻ سان ئي مھمان جي اچڻ جو اڳواٽ ئي سوڻ ڪڍندا آھن ۽ اھڙي حالت ۾ ”ورؤ“ وڌائي چاڙھين. سنڌ جي مختلف حصن مان مھمان جي اچن بابت جيڪي سوڻ مليا آھن، سي ھيٺ ڏجن ٿا.

ڪانءُ لنوڻ جا سوڻ:

1.      گھر جي اڱڻ تي ڪانءُ لنوي تھ پرديس ويل گھر جو ڀاتي موٽي ايندو، اھڙي حالت ۾ ڪانءُ کي مٺو لولو ڏجي. [11]

2.     ڪانءُ گھر تي ”ڪان ڪان“ ڪري تھ مھمان ايندو.[12]

3.     ڪانءُ پھريائين وڏي ”ٽان“ پوءِ ننڍي ”ٽان“ ڪئي تھ مھمان ٺڪ پھچي ويندو.[13]

4.     ڪانگ جيڪڏھن ”ڪان ڪان“ جي يڪي لات لنوي تھ پڪ مھمان ايندو.[14]

5.     ڪانگ جيڪڏھن لوندو بھ رھي ۽ ھڪ ھنڌان اڏامي ٻئي ھنڌ بھ ويھي تھ سمجھجي تھ مھمان اچڻ جون تياريون پيو ڪري.

6.     ڪانگ لوندي، جيڪڏھن ڳارو ڏنو تھ چوندا تھ مھمان سگھرا ٿا اچن ۽ انھن لاءِ جلد بندوبست ڪرڻ گھرجي.

7.     ڪانگ کي لوندي، جيڪڏھن چئجي تھ ”اڏر ڙي ڪانءُ، فلاڻو ٿو اچي تھ توکي مٺي لولي ڏيان“ ۽ ڪانءُ اڏامي وڃي تھ سمجھڻ گھرجي تھ دل وارو مھمان پيو اچي.

مانيءَ جو سوڻ:

8.     ماني کائيندي جيڪڏھن گرانھھ ھٿ مان ڪري پيو تھ مھمان آيو ڪي آيو.

9.     ماني تئي تي ڪنڊ ڪري تھ مھمان ايندا.[15]

10. ماني کي جيڪڏھن تئي يا دانگي تي ٽنگ ٿي پون تھ مھمان ايندا.[16]

جنڊ جا سوڻ:

11.  جنڊ پيھندي جيڪڏھن ھٿيو ھٿ مان ڇڏائي وڃي تھ مھمان ايندو.[17]

ننڍڙي ٻار جو سوڻ:

12. ننڍڙو ٻار پاڻمرادو ٻھاري ڏيندو تھ مھمان ايندا.[18]

ڪڪڙ جو سوڻ:

13. ڪڪڙ اس تي ٻرجي پيو تھ مھمان ايندا.

ٻلي جو سوڻ:

14. ٻلي منھن ڌوئي تھ مھمان ايندا.[19]

ٽِڪار جو سوڻ:

15. ٽي مھمان گھر ۾ اچن تھ نڀاڳ آھي، نھ تھ ”ٽِڪار“ چون. اھڙي حالت ۾ ڪوبھ چوٿون ماڻھو وٺي ٽڪائجي، نھ تھ نقصان رسندو.[20]


 

[1]   ممتاز مرزا حيدرآباد.

[2]   ١٠.  کان   ١٣. تعلقو حيدرآباد.

[3]   مصلح المفتاح.

[4]   تعلقو حيدرآباد.

[5]   ١٦.  ۽  ١٧.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[6]   ١٨. ۽ ١٩.  محمد طالب لوھار.

[7]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[8]   محمد طالب لوھار.

[9]   ٢٢.  کان  ٢٤. تعلقو حيدرآباد.

[10]   ٢٥.  کان  ٢٨.  محمد طالب لوھار.

[11]   تعلقو حيدرآباد.

[12]   محمد طالب لوھار، ٽنڊوباگو.

[13]   الھڏنو فقير، تعلقو سنجھورو.

[14]   ٤.  کان  ٨.  محمد طالب لوھار.

[15]   تعلقو حيدرآباد.

[16]   الھڏنو فقير، تعلقو سنجھورو.

[17]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[18]   ١٢.  ۽  ١٣.  الھڏنو فقير.

[19]   تعلقو حيدرآباد.

[20]   محمد پناھھ ڦرڙو.

 


 

[1]   محمد طالب لوھار (تعلقو ٽنڊوباگو).

[2]   ٢.  ۽  ٣.  تعلقو حيدرآباد.

[3]   محمد طالب لوھار (تعلقو ٽنڊوباگو).

[4]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[5]   ١.  کان  ٣.  مصلح المفتاح.

[6]   ٤.  کان ٦.  محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[7]   مصلح المفتاح.

[8]   ٨.  ۽  ٩.  محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[9]   ١٠.  کان ١٢.  ممتاز مرزا، حيدرآباد.

[10]  محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[11]  ١٤.  کان  ١٧.  تعلقو حيدرآباد.

[12]  محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[13]  ١٩.  ۽  ٢٠.  تعلقو حيدرآباد.

[14]  مصلح المفتاح.

[15]    تعلقو حيدرآباد.

[16]   ٢. ۽ ٣.  محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[17]   محمد طالب لوھار (ٽنڊوباگو).

[18]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[19]   تعلقو حيدرآباد.

[20]   محمد طالب لوھار ۽ محمد پناھھ ڦرڙو.

[21]   ٨. ۽ ٩.  تعلقو حيدرآباد.

[22]   ١٠. ۽ ١١.  تعلقو حيدرآباد.

[23]   ١٢. ۽ ١٣.  تعلقو حيدرآباد.

[24]   تعلقو حيدرآباد.

[25]   تعلقو حيدرآباد.

[26]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[27]   تعلقو حيدرآباد.

[28]   ٤.  ۽ ٥.  محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[29]   محمد طالب لوھار (ٽنڊوباگو).

[30]   ١. ۽ ٢.  محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[31]   ٣. کان ٥.  مصلح المفتاح.

[32]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[33]   ٨. ۽ ٩.  تعلقو حيدرآباد.

[34]  محمد طالب لوھار.

[35]  مصلح المفتاح.

[36]   تعلقو حيدرآباد.

[37]  مصلح المفتاح.

[38]  ٥. کان ٩.  تعلقو حيدرآباد.

[39]   مصلح المفتاح.

[40]   محمد طالب لوھار.

[41]   ١٢. کان ١٤.  پير شھاب الدين، حيدرآباد.

[42]   ١.  کان  ٦.  محمد پناھھ ڦرڙو، (تعلقو ڪنڊيارو).

[43]   مصلح المفتاح.

[44]   ٨.  کان  ١٢.  محمد پناھھ ڦرڙو، (تعلقو ڪنڊيارو).

[45]   مصلح المفتاح.

[46]  ١٤.  ۽  ١٥.  تعلقو حيدرآباد.

[47]  محمد پناھھ ڦرڙو.

[48]   ١٧.  کان  ٢٠.  تعلقو حيدرآباد.

[49]   ٢١.  ۽  ٢٢.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[50]   محمد طالب لوھار (تعلقو ٽنڊوباگو).

[51]   تعلقو حيدرآباد.

[52]   ٢٥.  ۽  ٢٦.  مصلح المفتاح.

[53]   ٢٧.  کان  ٣١.  تعلقو حيدرآباد.

[54]   ٣٥.  کان  ٣٧.  تعلقو حيدرآباد.

[55]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[56]   ٥.  کان  ٦.  تعلقو حيدرآباد.

[57]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[58]   ٩.  کان  ١١.  تعلقو حيدرآباد.

[59]   ١٢.  ۽  ١٣.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[60]   ١٤.  کان  ١٦.  تعلقو حيدرآباد.

[61]   ١٧.  ۽  ١٨.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[62]   ١.  ۽  ٢.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[63]   تعلقو حيدرآباد.

[64]   ٤.  کان  ٧.  محمد طالب لوھار.

[65]   تعلقو حيدرآباد.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org