سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :29

 

باب ڏھون

 

نظر، پٽ پاراتو، ڊوھھ، جادو، ڪامڻ، لڳت ۽ جن

ڪا سٺي شيءِ، ڪنھن ناظرو ماڻھو جي نظر چڙھي وئي تھ اوس نقصان رسندو، مثلا ڪنھن چڱي ڀلي ماڻھو يا ٻار کي ھلندي ھلندي اوچتو ڌڪ لڳڻ، زورآوري جو ڪم ڏيکاريندي چوٽ رسڻ، سٺن سھڻن يا نون ڪپڙن تي داغ لڳڻ يا ڦاٽي پوڻ، ڀلو ڏاند وھندي ڪري پوي، ڀلي ڳئون يا مينھن کير نھ لاھي تھ لتون ھڻي، ٻار کلندي کلندي روئڻ ۾ پئجي وڃي؛ مطلب تھ روزمره جي اھڙن ڪمن ۾ نقصان پوي تھ ان کي نظر لڳڻ جو اثر سمجھندا. اھڙي حالت ۾ نظر لڳڻ کان اڳواٽ بچاءُ جا سوڻ ڪندا آھن، يا نظر لڳڻ کان پوءِ علاج ڪندا آھن. ھيٺ اھي سوڻ ۽ علاج ڏجن ٿا:

 

نظر لڳڻ جا علاج:

1.      ننڍڙي ٻار کي تيل سرمو ڪرائي ۽ ڪپڙا ڍڪائي، گھر کان ٻاھر ڪڍن تھ تئي يا دانگيءَ جي ڪاراڻ مان ٻار جي منھن تي ڪجھھ نشان ڪڍندا آھن، تھ جيئن نظر نھ لڳي.[1]

2.     نظر کان بچڻ لاءِ ڀلي گھوڙي، ڀلي ڏھڻي (ڳئون يا مينھن وغيره) ۽ ڀلي ڏاند جي ڳچيءَ ۾ ڪارو ڌاڳو ٻڌندا آھن.

3.     وڏو اوھھ ڪڍندڙ مينھن، ٻڪري يا ڳئون کي چم جي ٽڪري سڱن ۾ يا ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏبي تھ ان کي نظر نھ لڳندي.[2]

4.     جيڪا شيءِ دل کي وڻي وڃي، ان جي تعريف نھ ڪجي، نھ تھ ان کي نقصان رسندو. اھڙي حالت ۾ ٿڪ پٽ تي اڇلائجي تھ نظر جو اثر ختم ٿي ويندو.[3]

5.     جنھن ماڻھوءَ کي نظر لڳي ھوندي، تنھن کي ڪنھن بھ ناظروءَ کان ڌاڳو وٽائي، سندس ڳچيءَ ۾ ٻڌبو تھ نظر جو اثر لھي ويندو.[4]

6.     ڪنھن ماڻھو کي نظر لڳي ۽ اھو بيمار ٿي پيو تھ پوءِ جنھن جي نظر لڳي ھجي ان جي پيرن جي مٽي کڻي، تنھن سان گڏ ٽھ – واٽي جي مٽي، لوڻ ۽ ڦٽڪي ملائي، بيمار ماڻھوءَ تان ست ڦيرا ابتا ۽ ست ڦيرا سبتا گھمائي، چلھھ ۾ اڇلجي. ائين ڪرڻ سان نظر جو اثر باھھ ۾ سڙي ويندو ۽ مريض چڱو ڀلو ٿي پوندو.

7.     ناظرو ماڻھو مان بدنظر جي اثر ڪڍڻ لاءِ، جڏھن اھو ننڊ ۾ ھجي تڏھن ان تي گھٽ ۾ گھٽ ٽي ڄڻا جنازي نماز پڙھن تھ ان مان نظر ھئڻ جو اثر ختم ٿي ويندو.

 

جادو ۽ ڪامڻ:

ڪن مرضن متعلق جيڪڏھن سمجھيو وڃي تھ اھو جادو يا ڪامڻ رستي ٿيو آھي تھ اھڙي حالت ۾ ”ڀوپو“ يا ”پاڙھيٽو“ علاج ڪندو، جيڪو جادو رستي حيلو ڪري ڪامڻ ڪڍندو ۽ مريض کي چڱو ڀلو ڪندو. عام طور گھڻو ڪري ڊوھھ يا ڪامڻ، دشمن تي ڪيو ويندو آھي، ھيٺ ڪامڻ جا اھي طريقا ڏجن ٿا، جيڪي سنڌ ۾ رائج آھن:

 

ڊوھھ ڪرڻ يا بُت وجھڻ:

ڪڻڪ يا مانھھ جي اٽي جو ھڪ بُت ٺاھي، ان تي نالو رکندا ان ماڻھو جو، جنھن تي بُت وجھڻو ھوندو. ان بعد بُت ۾ گھٽ ۾ گھٽ سؤ سيون ۽ وڌ ۾ وڌ اڍائي سؤ سيون ھڻبيون. پوءِ بُت کي ڳاڙھي ڪپڙي ۾ ويڙھي، ٺڪر جي ڪني ۾ وجھي، ان جو منھن بند ڪري، ڳاڙھي ڪپڙي تي ان ماڻھوءَ جو نالو لکندا، جنھن تي بُت وجھڻو ھوندو. ان بعد بُت تي جنازي نماز پڙھي، بُت ڪنھن مقام ۾ پوريندا. پوءِ ڊوھھ ڪندڙ ماڻھن مان ھڪڙو وڃي ان ماڻھوءَ کي چوندو تھ توتي فلاڻي ڪھ فلاڻي ڊوھھ ڪرايو آھي. اھو ٻڌڻ سان اھو ماڻھو بيمار ٿيندو. پيٽان رت اچڻ لڳندس. اھڙي حالت ۾ مريض ڪنھن ٻئي ڀوپي يا ڊوھھ ڪڍندڙ کان علاج ڪرائيندو.

علاج: جڏھن ڀوپو علاج لاءِ ايندو، تڏھن تيل ۽ ٻيون شيون وٺي ويھي پڙھندو. پوءِ ڪي ماڻھو ساڻ ڪري ان جاءِ تي ايندو، جتي بُت پوريل ھوندو (وچ وارا ماڻھو ڀوپي کي اھا جاءِ ڏسي ڇڏيندا آھن، جتي بُت پوريل ھوندو) ۽ وچ مقام ۾ بيھي ڪجھھ پڙھندو. پوءِ مقام کي چئن حصن ۾ تقسيم ڪندو. لٺ سان ليڪا ڪڍي چار حصا بنائي، ھر ھڪ حصي ۾ پڙھندو. جڏھن ان حصي ۾ ايندو، جنھن ۾ بُت پوريل ھوندو، تڏھن چوندو تھ ھن حصي ۾ بت آھي. آخرڪار ڏسيل ھنڌ تي بيھي کوٽائيندو تھ بُت نڪري ايندو. ان بعد کير گھرائي بُت کي ان کير ۾ وجھندا ۽ آھستي آھستي ڪري بُت مان سيون ڪڍندا. ان بعد بيمار چڱو ڀلو ٿيندو[5].

وير مٺ:

وير مٺ ڪاري جادو ۾ شمار ٿئي، تنھنڪري ڪوبھ مسلمان پاڙھيٽو گھڻو ڪري وير مٺ ڪونھ ڪري. گھڻو ڪري ڪولھي يا ڀيل اھو عمل ڪن. اھو ھن طرح ڪن: ڪارو ٻڪر وٺي، رات جو ڪالي ماتا جي بُت اڳيان بيھي پاڙھيٽو پڙھندو. اڌ رات جو تلوار يا ڪات کڻي، ھڪڙي ئي ڌڪ سان ٻڪر جي سسي لاھي، ان جو نڙگھٽ وات تي رکي، پوءِ، ڀوپو رت پيئندو. ان بعد ان ماڻھوءَ جو نالو وٺي، منتر پڙھندو، جنھن کي وير مٺ ھڻڻي ھوندي. جنھن مھل وير مٺ جو عمل شروع ٿيو تھ ان ماڻھوءَ کي واتان ۽ پيٽان رت وھڻ شروع ٿيندو. جيڪڏھن ترت علاج نھ ٿيو تھ اھو ماڻھو مري ويندو. وير مٺ جي سلسلي ۾ ضروري ڳالھيون ھيٺين ريت آھن:

-        جيڪڏھن ڀوپي ۽ جنھن تي وير مٺ ٿئي، انھن جي وچ ۾ پاڻيءَ جي نھر ھوندي تھ وير مٺ ٽپي نھ سگھندي ۽ موٽي اچي ويرمٺ ھڻندڙ کي لڳندي.

-        جنھن ماڻھوءَ جو حرام کاڌل ھوندو، يا چماڙ ڪونڊيءَ جو پاڻي پيتل ھوندو؛ ان تي ويرمٺ اثر نھ ڪندي.

-        جنھن ماڻھو وٽ ليمون ھٿ ۾ يا کيسي ۾ ھوندو، تنھن تي ڪوبھ جادو ڪامڻ اثر نھ ڪندو[6].

 

لڳت يا حساب:

بعضي ڪي عارضا بيماريون ٿين، جن لاءِ چوندا تھ جن يا پريءَ جي پاڇي پوڻ، يا جن اچڻ سبب لڳت جو حساب ٿيو آھي. انھيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف حصن مان مليل روايتون ھيٺ ڏجن ٿيون:

1.      چوڏھينءَ جي رات کليل جسم نھ سمجھي، مٿان لٽو ضرور وجھي سمھجي. ڇو تھ رات جو آسمان ۾ پريون گھمنديون آھن، تن جو پاڇو پوندو تھ بيماري ٿيندي.

2.     جيڪڏھن جن يا جنڙي پوي، ۽ مريض ڪنڌ ڌوڻي تھ چوندا تھ لڳت يا حساب ٿيو آھي. انھيءَ حالت ۾ ڪنھن پاڙھيٽي يا پير فقير کان جن ڪڍائيندا. [7]

3.     زالون، ٻارن آڏو ”جن“ جو نالو نھ وٺنديون، پر ”مٿيان“ ۽ ”موڳا“ چون.[8]

4.     جنن جا ٻھ قسم ٿين: (١) جِن (٢) ھوسڙا، جيڪي تمام ننڍي قد جا ٿين.

5.     جن پوڻ جا ٻھ قسم آھن: (١) جن جو اثر پوڻ، (٢) جن جو واسو ٿيڻ.

6.     جنھن ماڻھوءَ ۾ جن جو واسو ٿيو، تنھن کي چوڏھينءَ رات جن پوندو، يعني ڪنڌ جھوليندو. اھڙي حالت ۾ بيمار تي ”جاڳر“ وجھائي علاج ڪرائيندا آھن. [9]

7.     جن جي اثر لاھڻ يا جن ڪڍائڻ لاءِ سروري ۽ ميان وال فقير گھرائي، مريض کان مؤج ڪرائيندا آھن. مريض سروز تي ڪنڌ ڌوڻيندو يا لھر ڪندو آھي ۽ ميان وال فقير بھ لھر ڪندو رھندو آھي. آخر ۾ جن پيل مريض يا مريضھ کان ميان وال فقير سوال ڪندو  آھي تھ تو ھن کي ڇو ورتو آھي؟ جنھن تي مريض جواب ڏيندو تھ ”ھن کي فلاڻي ڏکويو آھي، جنھنڪري ھن قلندر شھباز کي مدد لاءِ پڪاريو ۽ قلندر بادشاھھ مون کي حڪم ڪيو، تنھنڪري آءٌ ھت آيو آھيان.“ ميان والي چوندو تھ ”آءٌ ضامن آھيان، آئيندي اھو ماڻھو ھن کي نھ ڏکوئيندو.“ ان بعد جن راضي ٿي ڇڏي وڃڻ کان اڳ ۾ پيالو پيئڻ جي خواھش ظاھر ڪندو. ”پيالو“ ھن طرح ٺاھين: وٽي ۾ پاڻي وجھي. ان ۾ رک ذرو وجھي، جن پيل مريض کي پياربو تھ جن موڪلائي ھليو ويندو ۽ مريض ساڻو ٿي سمھي پوندو.

8.     جن جو ظھور ٿيڻ: چون ٿا تھ مرد کي جنڙي لڳندي آھي ۽ زال کي جن لڳندو آھي.[10]

9.     لڳت واري ماڻھو جي اڳيان سرندو نھ وڄائبو، تھ جھولڻ شروع نھ ڪندو.[11]

10. رات جي پيٽ ۾ ماڻھو انڌو ٿي پوي يا بُت سڪي پوي تھ چوندا تھ پرين جو پاڇو اٿس. وري جڏھن پريون موٽنديون، تڏھن وري سڄو ڪنس يا مارينس.

11.  ٻار سڪي پوي تھ چوندا تھ پرين جو ڇانولو اٿس.

 

 

[1]   ١.  ۽  ٢.  محمد پناھھ ڦرڙو ۽ محمد طالب لوھار.

[2]   محمد طالب لوھار. 

[3]   تعلقو حيدرآباد.

[4]   ٥.  کان  ٧.  محمد طالب لوھار.

[5]   محمد طالب لوھار ۽ محمد پناھھ ڦرڙو.

[6]   تعلقو حيدرآباد.

[7]   محمد طالب لوھار.

[8]   ٣.  کان  ٥.  تعلقو حيدرآباد.

[9]   ٦.  ۽   ٧.  محمد طالب لوھار.

[10]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[11]   تعلقو حيدرآباد.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org