سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :33

 

باب چوڏھون

 

خواب ۽ ان جو تعبير

 

سماجي زندگي ۾ ”خوابن“ کي پڻ اھميت حاصل آھي، ڇاڪاڻ تھ انھن جو تعلق پڻ انسان جي جسماني ۽ مالي فائدي توڙي نقصان سان آھي. انھيءَ لحاظ سان ڪي خواب سٺا تھ ڪي خراب تصور ڪيا ويندا آھن، يعني تھ ڪن خوابن جي ڏسجڻ مان فائدو حاصل ٿئي تھ ڪن مان نقصان.

”خوابن“ جو سلسلو نھايت وسيع ۽ لامحدود آھي. تقريبا ھر خواب جو واقعو ۽ سلسلو مختلف ۽ انوکو ھوندو آھي، انھن سڀني کي تفصيل سان بيان ڪرڻ ۽ سھيڙڻ ناممڪن آھي. انھيءَ ڪري ھن باب ھيٺ فقط انھن خوابن جو ذڪر ڪيو ويو آھي، جيڪو مرڪزي نڪتي جي لحاظ کان عام آھن، يا جن جو تصور مقرر ٿيل آھي.

1.      جيڪي شخص ٻئي شخص کي خواب ۾ مئل ڏسي ۽ صبح جو اھا ڳالھھ ڪري، تھ ڳالھھ ڪندڙ جي ڄمار وڏي ٿيندي.[1]

2.     جيڪو ماڻھو پاڻ کي خواب ۾ مئل ڏسندو، تنھن جي ڄمار وڏي ٿيندي.

3.     خواب ۾ جنھن گھر ۾ شادي ڏسبي، ان گھر ۾ قضيو ٿيندو.

4.     خواب ۾ جنھن گھر ۾ قضيو ڏسبو، ان گھر ۾ شادي ٿيندي.

5.     بڇڙو خواب ڏسجي تھ ان جي اثر ختم ڪرڻ لاءِ صبح جو سويل اٿي، ڪنھن سان بھ نھ ڳالھائجي ۽ چلھھ مان ڦلھار کڻي، ان سان ٻئي ھٿ ملي ڇڏجن.[2]

6.     خواب ۾ پاڻ پئسا وٺي يا ھٿ م کڻي تھ نقصان ٿيندس، ۽ ٻئي ڪنھن کي ڏئي تھ فائدو ٿيندس.

7.     خواب ۾ ڏند ڀڳل ڏسي تھ ڄمار وڏي ٿيندي.

8.     خواب ۾ مينھن وسندو ڏسي تھ عزازت يا ويجھڙائي ۾ قضيو ٿئي.

9.     خواب ۾ اٺ کائي تھ بيمار ٿئي.

10. خواب ۾ ڇتو ڪتو ڏسي تھ بيمار ٿئي.

11.  خواب ۾ پاڻيءَ ۾ گھڙي يا ٻڏڻ لڳي تھ علم پرائي.

12. خواب ۾ اڏامي تھ علم پرائي.

13. خواب ۾ نانگ ماري، تھ دشمن تي فتح حاصل ڪري.

14. خواب ۾ گھر سڙندو ڏسي تھ نقصان ٿئي.

 


 

[1]   ١.  کان   ٤.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[2]   محمد طالب لوھار.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org