سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :9

 

 

گھوٽيتا شاديءَ جي تاريخ مقرر ڪري، پاڻ مان ڪن چئن چڱن مڙسن کي ”ميڙ“ ڪري ڪنواريتن ڏانھن موڪليندا تھ جيئن ڳالھائي ٻولھائي تِٿ پڪي ڪن.

ڏينھن وٺڻ جو ڪم گھوٽيتن جي طرف کان ٿئي ٿو، ”پر ڏينھن ڏيڻ“ کان ظاھري طور ڪنواريتا نٽائيندا، ۽ ريڙھھ پيڙھھ ڪندا، انھيءَ لاءِ تھ متان ڪو مھڻو طعنو ڏئي تھ نياڻيءَ مان بيزار ھئا، جو يڪدم کڻي ھائوڪار ڪيائون. انھيءَ موقعي تي خوش خيرعافيت ۽ ماني ٽڪي کان پوءِ ڳالھھ ٻولھھ عام طرح ھن ريت ٿيندي:

گھوٽيتا چوندا تھ: اسين ڏينھن وٺڻ آيا آھيون. ڪنواريتا چوندا: ادا ڀلي ڪري آيا. جيءُ ڪري آيا، پر اڃا تڪڙ ڪانھي، ڪجھھ ڏينھن ترسو تھ اسين بھ سانباھو ڪريون، ٻارڙو بھ اڃا ننڍو آھي.

گھوٽيتا چوندا: ادا! نياڻيون بھ ڪي ننڍيون چئجن، اڄ ننڍي سڀان وڏي، ڌيئون ڊڀوريون آھن، سو اچي لائق ٿيندي.

آخر گھڻي ريڙھھ پيڙھھ کان پوءِ ڪنوار جو وارث وڃي زالن سان صلاح مصلحت ڪندو تھ ڪھڙا ڏينھن ڏجن (شاديءَ لاءِ ڏينھن ھميشھ زالن کان پڇي ڏيندا).

ڏينھن ملڻ تي ڌريون گھڻو ڍنڍس ڪونھ ڪن، ٿوري مٺائي ورھائين. گھوٽيتا ۽ ڪنواريتا، گلابي يا ڳاڙھو رنگ ھڪٻئي تي ھارين.

ڪن قبيلن ۾ ڏينھن وٺڻ وقت گھوٽيتا، ڪنواريتن کي ”سانباھو“ ڏين. سانباھي ۾ ٢٧ رپيا يا وت آھر ڪجھھ وڌيڪ ۽ مٺاڻ جا ٻھ – اڍائي سير ڏين[1].

راڄپر، حاجي ۽ نانگور قبيلن ۾ شاديءَ جو سڏ ٻيھر ڪونھ ڏين، پر ڏينھن وٺڻ مھل ئي اھو سڏ بھ ڏئي ڇڏين. ڪم جي ورھاست بھ انھيءَ مھل ئي ڪن. يعني ڪن تي شاديءَ جو سڏ ڏيڻ، ڪن تي ديڳين آڻڻ جو ڪم، تھ ڪن تي ڪاٺين وغيره گڏ ڪرڻ جو ڪم رکن[2].

ھريجنن ۾ وھانءُ بيھارڻ جي شروعات ھميشھ ڪنواريتن طرفان ٿيندي، پوءِ گھوٽيتا تيار ٿيندا. پر جي گھوٽيتا تيار ٿين ۽ ڪنواريتا تيار نھ ھجن تھ وھانءُ ڪونھ بيھندو. جڏھن شاديءَ جون تاريخون پڪيون ڪرڻ گھرندا تڏھن ڪنواريتا، گرڙي کان ’لگن‘  بابت پڇندا. گرڙا جتي ڪٿي ڪونھ ھوندا پر ڳوٺ ۽ پاڙا مقرر ٿيل ھوندا، جن کي ”ججمان“ چون. ڪنواريتا بھ پنھنجي گرڙي وٽ ويندا، پر جي گرڙو ڳوٺ ۾ نھ ھوندو تھ کيس ڳولي لھندا. پوءِ ھو گھوٽ ڪنوار جا نالا پڇي، انھن کان نکشتر ۽ راسيون جاچي، شڀ لگن (مبارڪ گھڙي) ٻڌائيندو. پوءِ ڪنواريتا، سوا ڪوڙي (پنج آنا يا سوا رپيو)، ڪجھھ ان ڇڄ ۾ وجھي، ان تي ڳڙ رکي گرڙي کي ڏيندا جي ڪا مبارڪ گھڙي نھ نڪري تھ پوءِ گرڙا پوڄا ڪرائيندا. پوڄا جا نمونا جدا جدا ٿين. جيئن: سوا ھٿ پِيلو ڪپڙو، سوا سير چڻن جي دال، پنج تولا ھيڊ، پنج سوپاريون ۽ پنج ڦوٽا، يا وري سوا رپيو روڪڙو، لوڻ جون ست ڪڻيون، پنج تولا سنگھھ مصري ۽ پنج اڱر. جڏھن لگن چِٽو ٿئي، تڏھن مانگي کي ٻڌائين تھ فلاڻي ڏينھن تِٿ، فلاڻي ڏينھن مھرات ۽ فلاڻي ڏينھن پارڻيت (پرڻي جي رات) ٿيندي، جيڪو وڃي گھوٽيتن کي ٻڌائيندو.

پارڻيت جو ڏينھن ٻڌي، گھوٽ جو پيءُ يا وارث پنھنجي برادر وارن کي سڏ ڏيندو ۽ پاڙي جي ڪنھن پير مرد سان پنھنجو احوال اوريندو. ان موقعي تي مانگي کي ويھھ رپيا ڏيندا، جنھن کي ”منھھ موڙ“ چون. مانگو اھي پئسا کڻي ڪنواريتن ۾ ويندو ۽ اتي پير مردن سامھون، ڪنوار جي گھران گھرايل ٿالھي ۾ اھي ويھھ رپيا رکي، ڪنوار جي پيءُ کي ڏيندو. پوءِ ھڪ پير مرد انھن پئسن مان ھڪ رپيو ڪڍي مانگي کي ڏيندو تھ وڃي گھوٽيتن کي ڏئي. پوءِ مجلس مان اھا ٿالھي، ڪنوار جو پيءُ ۽ چاچو کڻندو، پوءِ وري ڀاءُ، سؤٽ يا ڪو پاڙي وارو کڻي وڃي اندر گھر ۾ ڪنھن سھاڳڻ کي ڏيندو. اھا وري اھي پئسا کڻي، ساڳي ٿالھي ۾ ٻھ ملير، ھڪ چوٽيءَ سان ناريل، سوپاري، مڻين ۽ ريشمي ڌاڳن سان مڙھيل ٽِڪ (آرسي)، جنھن کي چوڌاري جھالر ٿئي ۽ گول چڪري وانگر ٿئي، وجھي واپس ڪچھريءَ ۾ موڪليندي.

ٻئي ملير رنگين ھوندا، پر ھڪڙي جا چارئي پلاند ريشم جي ڀرت سان ڀريل ۽ ڪنڊن تي اڇين ڇڳين جا ٽي ٽي جھوڙا ھوندا. اھي شيون اڳئي تيار ڪري رکن. ملير جي چئني پلاندن مان ھڪڙي ۾ پيلو ڌاڳو ھوندو، جنھن کي ست – اٺ ڳنڍيون ڏنل ھونديون، ٻئي پلاند ۾ ٻھ – ٽي کارڪون ۽ مصريءَ جو ٽڪر، ٽئين پلاند ۾ سوپاريون ۽ ٿورا لونگ ۽ چوٿين پلاند ۾ پيلو رنگ ڏنل چانور ۽ ھڪ – ٻھ کارڪون سبيل ھونديون.

اھا ٿالھي ڪچھريءَ ۾ ايندي تھ سڀئي، ان ۾ پيل شين کي ڏسندا ۽ پوءِ مانگي کي ڏيندا: جيڪو ان مان سڀ سامان ڪڍي، ٿورو ڳڙ وجھي ٿالھي واپس ڪندو. پوءِ اھو مانگي وارو ڳڙ وري آيل ماڻھن ۾ ورھائيندا ۽ چوندا تھ ’منھھ کوڙ جھليو آھي‘ (يعني ھاڻ شادي جي بيھڻ جي ٻنھي ڌرين کي خاطري ٿي).

مانگو اھي شيون کڻي اچي گھوٽيتن کي ڏيندو. گھوٽيتا پنھنجا ڀائر گڏ ڪري، اھي شيون وٺي رکندا. ان مھل زالون گيت ڳائينديون، جن کي ڳڙ ورھائي ڏيندا.

سڏ يا نينڍ گرڙي جي وسيلي ڏيندا، تر توڙي پري جي مائٽن کي گرڙو سڏ ڏئي ايندو. اڳي اھو ڪم صرف گرڙي تي رکيل ھوندو ھو، پر ھاڻ گرڙي کان سواءِ بھ سڀڪو پنھنجي سٺي سان چئي ڇڏيندو. ڇا ڪندا جو ھڪ پيلو ڌاڳو کڻي، وھانءَ ۾ جيترا بھ ڏينھن ھوندا، ان کي اوتريون ڳنڍيون ڏئي سڀني ڏي ڏياري موڪليندا ۽ ان سان گڏ تاريخ بھ ٻڌائيندا تھ، انھن ڳنڍين مان روز ھڪ ھڪ ڪري کوليندا وڃجو، جڏھن باقي ھڪ ڳنڍ وڃي بچي، تڏھن اوھان کي پھچڻو آھي. اھڙي طرح سان سڀ مقرر ڏينھن تي اچي پھچندا. باقي بچيل ھڪ ڳنڍ آخر تائين کوليندا. ان کي ”امر ڳنڍ“ چون ۽ ان کي کولڻ خراب سوڻ سمجھن[3].

راجپوتن ۾ جڏھن ڇوڪري جي شادي ڪرائڻ جو خيال ڪن تڏھن گھوٽ جو پيءُ برھمڻ کان لگن پڇندو. جڏھن ھو ڪو مبارڪ ڏينھن ڪڍي ڏيندو، تڏھن ھڪ خاص ماڻھو ڪنوار جي مائٽن ۾ موڪليندا، ميڪو مھورت جي تاريخ ٻڌائي. کين وھانءَ بيھارڻ لاءِ چوندو. جيڪڏھن ڇوڪريءَ جا مائٽ تيار ھوندا تھ پوءِ ھاڪاري ڪري ”منھکوڙ“ جوباب روڪ وٺندا (اھا رقم ٺڪرن ۾ ويھن رپين کان ٻھ سؤ رپين تائين ڏيندا وٺندا). انھيءَ رقم وٺڻ کان پوءِ ٻنھي ڌرين کي وھانءَ جي پڪ ٿيندي ۽ ٻئي ڌريون تياري ڪنديون.

 

چارڻن ۽ بجيرن ۾ بھ ساڳيو دستور آھي.

سوٽھرن ۾ فقط ويھھ رپيا منھھ کوڙ جا ڏين، جيڪي آخرين ڏيتي ليتي وقت ڪنواريتا گھوٽيتن کي مجرا ڏيندا. انھن قومن ۾ منھھ کوڙ (رقم) ڏيئي اچڻ بعد گھوٽيتا، لگن يعني شاديءَ جي تاريخ ۽ وقت برھمڻ کان لکائيندا. اھو لکايل لگن ”بَريءَ“ يا ”پڏلي“ سان گڏ ڪنواريتن کي ڏيندا.

مھشورين ۽ برھمڻن ۾ بَدي جي رواج ھئڻ ڪري شاديءَ جي تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ٺھراءُ ڪنديون. پوءِ مڱ جا مائٽ ٺھراءُ موجب مندر ۾ وڃي برھمڻ کان لگن لکائين. لگن لکائڻ جو دستور ھن طرح آھي: مڱ جو پيءُ پنھنجي گھران پيلا چانور، ڳڙ ذرو، پيلو سٽ، گلال پنو، مس ۽ قلم کڻي مندر ۾ ايندو، جتي برھمڻ مقرر ڪيل تاريخ وارو لگن پني تي لکندو. پوءِ ان پني تي گلال رنگ لڳائي. پنو ويڙھي، اندر پيلا چانور ۽ گلال وجھي، مٿان پيلو ڌاڳو ويڙھي ھڪ ٿالھيءَ ۾ رکن. برھمڻ کي لگن لکائي سوا رپيو يا ڪجھھ گھٽ وڌ ڏين.  جيڪڏھن ٻئي ڌريون ساڳئي شھر ۾ رھندڙ ھونديون تھ مڱ جو ننڍو ڀاءُ اھو لکيل لگن کڻي گھوٽيتي گھر ڏئي ايندو، جيڪڏھن ٻاھر جا ھوندا تھ پوءِ برھمڻ اھو لگن کڻي ويندو.

مينگھواڙن ۾ ڏينھن چٽا ڪرڻ بعد وچوئو، منھھ کوڙ لاءِ مڱ جي مائٽن وٽ ويندو ۽ مڱيندي طرفان ويھھ رپيا وڃي کين ڏيندو. ھو وري موٽ ۾ ٻھ رپيا وچوئي کي ۽ ھڪ ملير گھوٽ لاءِ وچوئي کي ڏيندا، جيڪو ھو آڻي گھوٽيتن کي ڏيندو. ملير ملڻ تي وھانءَ بيھڻ جي خاطري سمجھندا ۽ تياري شروع ڪندا.

ڀِيلن ۾ ڏينھن چٽا ڪرڻ لاءِ برھمڻ يا گرڙي کان لگن پڇندا؛ پوءِ جيترا ڏينھن ھجن، اوتريون ڳنڍيون ھڪ ڌاڳي کي ڏئي، وچوئي کي ڏيندا. وچوئو اھو ڌاڳو کڻي مڱ جي مائٽن ۾ ويندو ۽ کين اھو ڌاڳو ۽ منھھ کوڙ جو باب ھڪ سؤ رپيا يا ٺھراءُ موجب گھٽ وڌ نقد ڏيندو. رپين ملڻ تي ڪنواريتا ڌاڳو وٺي رکندا ۽ شاديءَ جي تياريءَ جي موڪل ڏيندا[4].

ٻڪي:

شاديءَ کان اڳ گھوٽيتن ۾ ٻڪي وجھڻ جي رسم ٿئي، جيڪا شاديءَ کان ايڪيھھ، پندرھن، ست، پنج يا ٽي ڏينھن اڳ ٿئي، عموما شاديءَ کان پنڌرھن ڏينھن اڳ اھا رسم ادا ڪن. ڪن ھنڌن تي شاديءَ کان ميھنو يا ٻھ مھينا اڳ بھ ٻڪي وجھن، پر جيئن تھ ٻڪيءَ کان پوءِ گھوٽيتن ۾ روز رات جو خوشيءَ جي مجلس ٿئي، جنھن ۾ زالون ڳيچ ڳائين ۽ ان ۾ ڪجھھ نھ ڪجھھ خرچ پکو بھ ٿئي، تنھنڪري گھوٽيتا پھچ سارو ٻڪي ۽ شاديءَ جي تاريخن ۾ وٿي وجھن. بعضي شاديءَ جي تاريخ سان گڏ ٻڪيءَ جي تاريخ بھ نروار ڪري ڇڏين.

ٻڪي، ڏينھن جي ٽئي پھر يا سج لٿي مھل وجھن. ان ڏينھن تي گھوٽيتا پنھنجن عزيزن کان سواءِ ڳوٺ يا راڄ جون زالون بھ سڏ ڏيئي گھرائين. ٻڪي وجھڻ جو ساٺ ھن ريت ڪن: گھوٽيتن جون ست سھاڳڻيون ”ننگھھ“ جي چوڦير راڳو ڏئي، ننگھھ تي ”داء“ جا ست ليڪا ڪڍن. ان بعد ننگھھ ۾ پنج پاٽيون ڪورن چانورن جون ۽ ست ٻِٽا (=جوڙا، يعني ١٤) کارڪون وجھي، چِٽيل مھرين سان چانورن ڇڙين ۽ انھن مان کارڪون چونڊين. يا وري گھوٽ جي گھر واري جنڊ ۾ ست سھاڳڻيون، چانورن جون ست ٻڪيون وجھي، جنڊ کي چار سبتا ۽ ٽي ابتا ڦيرا ڏيئي اٿن. ٻڪيءَ جي رسم ھلندي گھوٽيتن کي رنگ ھڻن.

ٻڪيءَ جي رسم سنڌ ۾ جدا جدا ھنڌن تي ھيٺين ريت ادا ڪئي وڃي ٿي:

ست مھريون کڻي انھن تي گولائي ۾ ست ليڪا ڪڍن. ننگھھ جي چؤڦير زمين تي بھ اڇي مٽيءَ سان راڳو ڏين ۽ ننگھھ ۾ اندر بھ ساڳئي ڳاڙھي رنگ جا ست ليڪا ڪڍن. پوءِ ھڪڙي سھاڳڻ پنج پاٽيون ڪورن چانورن جون ننگھھ ۾ وجھي. انھن چانورن ۾ ست ٻٽا کارڪن جا بھ وجھن. پوءِ ست سھاڳڻيون، اھي ست مھريون کڻي ويھي چانور ڇڙين ۽ کارڪون چونڊين، ۽ انھيءَ سان گڏ ڳيچ بھ ڳائين. ٻڪيءَ جو ساٺ ڪري مبارڪون ڏين ۽ پوءِ راڄ واريون پنھنجي پنھنجي گھر وڃن، وري رات جو ڳيچن تي اچن[5].

سماٽ قبيلن ۾ ست سھاڳڻيون، ستن گھرن جون مھريون ھٿ ڪري، ستن اکرين ۾ يا ستن ننگھن ۾ کارڪون ۽ چانور وجھي ڇڙين. گھوٽ جي گھر واري مھريءَ ۾ ڳاڙھو ڳانو ٻڌن. ڇڙيل چانور وري نکيٽيءَ رات رڌي، گھوٽ ڪنوار ۽ ٻيون ڏاڏي پوٽيون کائين[6].

وھانءَ تي ڪاڄ ڪرڻ جي حالت ۾ ڇڙيل ان جي ضرورت پوندي، ان ڪري پاڙي وارين ۽ ڳوٺ وارين سمورين عورتن کي ان ڇڙڻ لاءِ ڪانڍ ڏين. ان ڪوٺ تي اوڙي پاڙي جون سڀ ننڍيون وڏيون عورتون اچي گڏ ٿينديون. پوءِ گھوٽيتيون گھٽ ۾ گھٽ پنج پاٽيون ۽ وڌ ۾ وڌ؛ پنج ٽويا ان جا آڻي ننگھھ ۾ وجھنديون، ۽ ست مھريون، جن تي مينديءَ جا گول ليڪا ۽ چٽ ڪڍيل ھوندا، سي تيار رکيون ھونديون. پوءِ ڳائڻ واريون ٻڪيءَ جو ڳيچ شروع ڪنديون ۽ ھيڏانھن ست سھاڳڻيون اٿنديون ۽ ھر ھڪ ڄڻي اٿي چٽيل مري کڻي اچي ننگھھ جو پاسو وٺندي. تان جو ست ئي سھاڳڻيون ننگھھ کي گھيرو ڪري ويھنديون. پھرين مھري تازي پرڻيل سھاڳڻ ننگھھ ۾ ھڻندي، ان بعد ست ئي ڄڻيون واري تي ان ڇڙينديون ۽ ڳائينديون رھنديون.

چانورن ۾ ست مٺيون کارڪن جون بھ ننگھھ ۾ وجھن، جيڪي اھي سھاڳڻيون ان ڇڙيندي چونڊينديون کائينديون وينديون. ان جي ٻڪي ڇڙجي وڃڻ کان پوءِ گھوٽيتيون، اھو ان چني سميت ننگھھ مان ڪڍي، ٿانءُ ڀري رکن. اھو ٻڪيءَ وارو ان برڪت ڀريو سمجھن ۽ ڪاڄ ۾ جيڪو بھ ان استعمال ڪن، ان ۾ انھيءَ ڇڙيل ان مان مٺ ڀري وجھن چون تھ ان ڪري ڪاڄ بھ سرھو ٿئي ۽ ڀت بھ ڪونھ کٽي. آخر ۾ ٻڪيءَ تي آيل عورتن کي پتاشن جون ٻھ ٻھ مٺيون ھر ھڪ گھر لاءِ ڏين[7].

ٻڪي، گھوٽ جي گھر ۽ ڪنوار جي گھر جدا جدا پوندي. پوءِ ست سھاڳڻيون (جن جا پھريان مڙس جيئرا ھجن) گڏجي، پنج چوٿڙا (چوٿايون) کڻي پيھڻ ويھنديون ۽ جنڊ کي گڏ ڦيرا ڏينديون، جيتر ست ٻڪيون پيسجي وڃن. بچيل ان مڱڻھار کي ۽ انھن زالن کي پنج پنج کارڪون ڏين.

ڪنوار جي گھر بھ اھڙيءَ طرح ٻڪي پوندي، پر اھا رات جو چوريءَ وڌي ويندي آھي[8].

لغارين ۾ ٻڪيءَ لاءِ تاريخ مقرر ڪري گھوٽيتا ٻڪيءَ جو سڏ ڏيندا، جنھن تي زالون اچي گڏ ٿينديون. پوءِ گھوٽ جي ماءُ يا عزيزياڻي ٺڪر جي نئين طس ۾ پنج چوٿايون ان وجھي رکندي. راڄ جون زالون اچڻ سان اھو ان اکريءَ ۾ مھري سان ڇڙي ڇنڊي ويھي پيھنديون. مھري، چڪيءَ ۾ گھر جي دروازي جي سردري ۾ ڳانا ٻِڌنديون. ڳانا ڳاڙھي سٽ جا ھوندا ۽ انھن ۾ ڇيڻو ۽ جون جا ڪڻا ٻڌل ھوندا. ڳاڙھي سٽ مان مراد آھي تھ گھوٽ سدائين لال ھجي. ڇيڻي جو مطلب تھ وٽس مال جا سدائين ڀاڻا ھجن، ۽ جون جو مطلب تھ وٽس سدائين ان جھجھو ھجي. پوءِ اھو پيٺل ان کڻي وڃي ڪنوار جي گھر ساڳيون رسمون ادا ڪن.

چون تھ: جيڪو گھوٽ ٻڪيءَ واري عرصي ۾ ڪاوڙيو ۽ گوڙ ڪيو ھوندائين تھ سندس ڀت ۾ بھ گوڙ ۽ فساد ٿيندو، تنھنڪري کيس گھڻو ڳالھائڻ نھ ڏيندا.

ٻڪيءَ کان گھوٽ چڱو چوکو کائيندو، ڪم گھٽ ڪندو تھ جيئن کيس ڪا تڪليف نھ پھچي. کيس خاص ڪري ڏڌ، مرچ، کاري ۽ ڦڪي شيءِ کائڻ کان پرھيز ڪرائيندا[9].

ھرڪا زال ان جا ڪڻا آڻي مڱڻھار جي اڳيان اڇليندي. پوءِ ست زالون ڪوبھ ان کڻي، ان جا ست پڻ ماپي اکريءَ ۾ وجھنديون، ۽ پوءِ وري ست ٻڪ ۽ پوءِ ست لپون ڀري اکري ۾ وجھنديون، پوءِ ست زالون (جن اڳ ۾ ست ڳانا ٺاھي ھڪ گھوٽ کي، ھڪ در تي، ھڪ اکريءَ کي، ھڪ مھريءَ کي، ھڪ جنڊ کي، ھڪ ڇڄ کي ۽ ھڪ مٺائي واري پاري کي ٻڌا ھوندا) سي ساڳيءَ طرح ڪنديون.

ڳاني ٻڌل مھريءَ سان، ڳاني ٻڌل اکريءَ ۾ پيل ان کي ھر ھڪ زال ست ست ڌڪ ھڻندي ويندي. پوءِ اکري مان ان ڪڍي اچي ڳاني ٻڌل جنڊ تي ويھنديون. جنڊ ۾ ڳاني سان گڏ ست ڇھارا بھ ٻڌل ھوندا. پوءِ ست ئي زالون گڏجي جنڊ ۾ ٻڪي وجھنديون. پوءِ ھڪ ھٿ سان جنڊ ڪاھينديون ۽ ٻئي ھٿ سان ھڪ ھڪ ڇھارو ڪڍنديون. پوءِ پنج زالون بنا ڳالھائڻ اٿي ھليون وينديون. ڇھارا مٺ ۾ ھوندن، اھي ڇھارا انھن جا ٿيا، پوءِ وڻين تھ پاڻ کائين، وڻين تھ ٻارن کي ڏيئي ڇڏين. باقي جيڪي ٻھ ڄڻيون جنڊ تي بچنديون، سي بنا ڳالھائڻ اھو سڀ ان پيھي اٿنديون ۽ اڍاري پوءِ ڳالھائينديون. جن زالن اھو ڪم ڪيو ھوندو، گھوٽيتيون تن کي مٺائي کارائي وات مٺو ڪرائينديون. ان ڪم کان اڳ، راڄ ڀاڳ ٻڪي بيھاري مٺائي وٺي ھليو ويندو. مٺائي ورھائڻ واري زال (جيڪا مڙس جي زال ھوندي) ان جي عيوض رئو وٺندي. اھو پيٺل ان رکي ڇڏينديون.

ٻئي ڏينھن تي گھوٽيتن طرفان وھانءَ لاءِ چانور يا ساريون ڪڍي رکبيون، جيڪي وري بھ ست زالون اچي، اکريءَ ۾ وجھي ڇڙينديون. وري بھ ھڪ ٻن ڌڪن ھڻڻ بعد پنج زالون ماٺ ميٺ ۾ اٿي وينديون، ۽ باقي بيھي ڇڙينديون. پوءِ اھا اکري ڇڙي ڇنڊي صاف ڪري رکنديون باقي ان مشين تي ڇڙائين[10].

ڪلھوڙن ۾ ٻنپھرن ڌاري ٻڪي ڪن. سڏايل راڄ کي ڪنوار جو پِڙو، گھوٽ جا لٽا ۽ ڪنوار جا زيور بھ ڏيکارين. جنڊ واري ڳاني ۾ ست ڇھارا ٻڌن. پوءِ ست سھاڳڻيون، ڪوبھ ان کڻي، ھڪ ھڪ ٻڪي وجھي جنڊ ڪاھينديون ۽ ھڪ ھڪ ڇھارو بھ کائينديون وينديون. پوءِ ست ٻڪيون پيھي بس ڪنديون. ٻڪيءَ وارو پيٺل حجامڻ کي ڏينديون[11].

’تنين‘ ۾ ٻڪي، ونواھھ کان پوءِ ڪن ۽ وناھھ وقت ٺاھيل ڳانن مان ھڪ ڳانو جنڊ کي ٻڌن ۽ ان ۾ ست ڄڻيون ڏاڏي پوٽيون، جنڊ ۾ ست ٻڪيون وجھي گڏجي پيھن. پوءِ ھرھڪ، ھڪ ھڪ ڇوھارو کائيندي. باقي بچيل ان ۽ پيٺل اٽو حجم کي ڏين. ھن رسم کي ”جنڊ – ٻڪي“ بھ چون[12].

سماٽ قبيلن ۾ جڏھن گھوٽيتا راڄ ۾ شاديءَ جي تاريخ ظاھر ڪن، تڏھن ٻڪيءَ جي تاريخ بھ مقرر ڪن. ٻنھي تاريخن جي وچ ۾ ھفتي کن جي وٿي ضرور رکن. پوءِ ٻڪيءَ واري تاريخ تي گھوٽيتيون، ڪنواريتن ۾ اچي ڪنوار کي سيڌو ڏينديون ۽ ساٺ سوڻ ڪنديون. انھيءَ سان گڏ انھن جي جنڊ تي ان جي ٻڪي وجھنديون.

گھوٽيتن ۾ بھ اھو ساٺ ان ڏينھن تي ڪيو ويندو. ست سھاڳڻيون گھر واري جنڊ کي چار سبتا ٽي ابتا ڦيرا ڏيئي، ان جون ست ٻڪيون وجھنديون.ل ان ڏينھن کان گھوٽ جي گھر دھل ۽ ڳائڻ جون مجلسون ٿينديون[13].

چانڊين ۾ ونواھھ واري ڏينھن، پھرين گھوٽ جو ڳانو ٺاھين، جنھن ۾ ست ان جا ڪڻا وجھن ۽ ڳاڙھي اڳڙيءَ ۾ لوھي يا روپو ڇلو ٻڌن. اھڙا ڪل ٽي ڳانا جوڙين. انھن مان ھڪ لاک جو ۽ ٻھ ڳاڙھي اڳڙيءَ جا ٺاھين. لاڳ وارو ڳانو ڪنوار لاءِ ھوندو، باقي اڳڙيءَ وارن مان ھڪ جنڊ ۾ ٻڌن، جنھن ۾ ست ڇھارا بھ ٻڌن ۽ ٽيون دريءَ ۾ يا جاءِ جي لاٽڻ ۾ ٻڌن. پوءِ گھوٽ جون ست ڏاڏي پوٽيون، ان جون ٽي يا پنج پاٽيون کڻي اچي ان ڳاني ۾ ٻڌل جنڊ تي ويھن. پوءِ ست ئي سھاڳڻيون، ٻڪي جنڊ ۾ وجھي جنڊ ھلائينديون، سھرا ڳائينديون ۽ ھڪ ھڪ ڇھارو بھ کائينديون: ست ٻڪيون پيھي، پوءِ اھو پيٺل ان گڏي رکن، جيڪو پوءِ مڱڻھار کي ڏين. ٻڪيءَ وارو راڄ جو ان بھ مڱڻھار کي ڏين.

ڪنوار کي جيڪو ڳانو ڏيڻ وڃن، تنھن ۾ پنج ڇھارا ٻڌن. پوءِ پنج عورتون ان کڻي اچي جنڊ تي ويھن ۽ پنج ٻڪيون پيھي، ھڪ ڇھارو کائي، اھو پيٺل ۽ اڻ پيٺل ان لنگھي کي ڏين[14].

ڪوھستان ۾ ونواھھ ٻڌڻ کان پوءِ ”ٻڪيءَ“ جي پر پوري ڪن. ھن رسم ۾ زالون، جنڊ جي پڙن، ڪير، ھٿيي ۽ مڪڙيءَ کي ڳاڙھي رنگ جا ليڪا ڪڍي، پوءِ انھن ۾ ڪڻڪ پيھن ۽ ان سان گڏ ڳيچ بھ چون[15].

لاڙ ۾ ھن رسم جي ادائگي ھن طرح ڪن: ست سھاڳڻيون، ست مھڙيون ھڪڙي گنديءَ ۾ مٺيي وٽان ٻڌي، ھيڊو رنگ ڏيئي چانورن تي رکن. پوءِ اھي سھاڳڻيون ٻڌل مھرين جي مٺيي کان جھلي چانور ڇڙين. ڇھھ ست مھريون ھڻي، اھي کولي جدا جدا ڪن ۽ پوءِ ھڪ ھڪ ڪري نڀنگھھ ۾ ھڻن. ساڳئي وقت ڳيچ بھ چون. لاڙ ۾ ٻڪي، وناھھ کان پوءِ ڪن[16].

ھريجنن ۾ ٻڪيءَ جي رسم ھن طرح ٿئي: پنج ڪنواريون ڇوڪريون، پنج مھريون اکرين ۾ وجھي جھلي بيھن. پوءِ ٻاجھريءَ جا ننڍا لولا پچائي ڳڙ جي پاڻيءَ ۾ ٿوري گيھھ سان مکي، پيلي سٽ جي ڌاڳي ۾ پنج پنج لولا پوئين، جنھن کي ’ڇڳو‘ چون. پوءِ ھرڪا ڇوڪري مھريءَ سان گڏ ھڪ ھڪ ڇڳو جھلي بيھي ۽ زالون ڳيچ ڳائين، جڏھن ڳيچ پورو ٿئي، تڏھن اھي لولا ڌاڳي مان ڪڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ٿانو ۾ وجھي، زالن ۾ ورھائين. جيڪي زالون ٻڪيءَ ۾ نھ آيل ھونديون، انھن کي بھ گھر ڏياري موڪلين. پوءِ مھريون ڪڍي رکن ۽ اکرين وارا داڻا ڪڍي، ان جا ٽي حصا ڪن- ھڪ گرڙي کي ڏين، ٻيو موچيءَ کي ۽ ٽيون ڪنڀار کي. ان جي عيوض ڪنوار جو پيءُ، سوٽھڙ کي ’تورڻ‘ ٺاھي ڏيڻ لاءِ چوندو، ڪنڀار کي ”چؤنري“ ٺاھي ڏيڻ لاءِ موچيءَ کي وري جتي ٺاھي ڏيڻ لاءِ چوندو. جتيءَ کي ”ور ھولو“ بھ چون[17].

 

نينڍ موڪلڻ يا سڏ ڏيڻ

وناھھ ٻڌي اچڻ کان پوءِ گھوٽيتن ۾ وڏا شادمانا شروع ٿين. پري پري جي مائٽن ۽ يارن دوستن کي سگھريون ۽ ڇڙيون نينڍون (دعوتون) ھلائين. عزيزن قريبن جون نياڻيون سياڻيون ٽڪائڻ لاءِ گھرائين ۽ انھن کي وناھھ کان شاديءَ تائين پاڻ وٽ ترسائين. شاديءَ  جي سڏ کي ”سڏ ڏيڻ“، ”ڪوٺ ڪرڻ“، ”نينڍ ڏيڻ يا نينڍ ھلائڻ“ ۽ ”دعوت ڏيڻ“ چون[18].

جنھن ماڻھوءَ جو جيترو لاڳاپو ھوندو، شاديءَ جي موقعي تي ھو پنھنجن عزيزن کان سواءِ ٻين کي بھ اوتري ئي ڪوٺ ڏيندو. ان لاءِ ڪن ھنڌن مڱڻھار وڃي دعوت ڏيئي اچن تھ ڪن ھنڌن تي راڄ جي چڱي مڙس جي ھٿ ۾ اھو ڪم ڏين، جيڪي پاڻ وڃن يا سندس پٽ يا ڀاءُ وڃي دعوت ڏئي اچي[19].

ڪوھستان ۾ ”ڏينھن مقرر ڪرڻ“ بعد ڳوٺ راڄ کي دعوتون ڏيڻ شروع ڪن. دعوت ڏيڻ جو دستور ھي آھي تھ ھڪ چڱو موچارو ماڻھو لٺ ھٿ ۾ کڻي، گندي ڪلھي تي رکي، ڳوٺ ۾ دعوت ڏيڻ نڪرندو. اھو ھرھڪ پاڙي يا ڳوٺ جي فقط ھڪ چڱي مڙس کي چوندو تھ: ”فلاڻي جي ڪاڄ جي فلاڻي تاريخ سڄي پاڙي يا ڳوٺ کي دعوت آھي.“ اھو چڱو مڙس وري جواب ۾ چوندو: ”ادا، اسان جون اکيون ٿڌيون- دعوت قبول آھي.“ پوءِ دعوتو وري ٻئي پاڙي يا ڳوٺ ۾ ويندو. چڱو مڙس، جنھن کي سڄي پاڙي يا ڳوٺ جي دعوت ملي، سو وري اچي پنھنجي پاڙي يا ڳوٺ وارن کي چوندو تھ: سڀني کي فلاڻي جي ڪاڄ جي فلاڻي تاريخ تي دعوت آھي. شادي مرادي جي دعوت ”کڻ“ کان مھينو يا ٻھ ھفتا کن اڳ ضرور ڏين[20].

ٿري ھندن ۾ نينڍ موڪلڻ لاءِ گرڙي کي چوندا ۽ پنھنجي منھن بھ چون. ماڻھو پيا ڳوٺن مان ايندا ويندا، تن کي ھٿيڪا نياپا ڏين ۽ کين ھڪ پيلو ڌاڳو نياپن جيتريون ڳنڍيون ڏيئي موڪلين. اھڙيءَ طرح سڀني لاڳاپي وارن کي ڪوٺ ڏين[21].

 

شادي ۽ ڪاڄ

خوشيون ٻين موقعن تي بھ ٿين، جھڙوڪ: پٽ ڄمڻ، ڇٺي، عقيقو، سکا، طھر وغيره پر سڀني ۾ شاديءَ جي خوشي تمام وڏي خوشي ڪري ملھائين. انھيءَ موقعي تي غريب توڙي امير پنھنجي پڄت سارو دل کولي خرچ ڪن. پوءِ ان لاءِ کين ڀلي کڻي قرض کڻڻو پوي تھ بھ فڪر ڪونھ ڪن. نالي ۽ ناموس خاطر خرچ بھ ايتريقدر ڪن جو غريبن جو تھ جھڳو ئي جھڻ ٿيو وڃي، پر اميرن کي بھ لوڏن ۾ وجھيو ڇڏي. غريب ماڻھو جيڪڏھن ٻي ڪنھن خوشي ڪرڻ جو ثمر نٿو سنڀالي سگھي، تھ بھ شادي تي مري مٿو ڏيندو. اھڙي غريب اولاد جا مائٽ ھر وقت چون تھ: ”الله سائين! اسان کي ھن ’سدا ھوندي‘ جون آسون اميدون شل جيئري اکئين ڏيکارين؛ پوءِ مئاسين تھ سون ٿياسين“؛ پوءِ سندن اولاد کڻي چريو کريو ئي ھجي. انھيءَ ڪري ئي چوندا آھن تھ: ”راڻن کي راڻا مٺا، ڪاڻن کي ڪاڻا مٺا“[22].


 

[1]   لغارين جون رسمون: علي اڪبر لغاري، تعلقو سنجھورو.

[2]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[3]   ھريجنن جون رسمون: رائچند ھريجن تعلقو ڇاڇرو.

[4]   ٿر جي ھندن جون رسمون: ڪيشولال گوڌيا، ٿرپارڪر.

[5]   مائي زيب النساء، تعلقو ٽنڊوباگو.

[6]   ماھنامه شاعر، ”رفيق حيات“ نمبر ١٩٥٧ع.

[7]   محمد طالب لوھار، ٽنڊوباگو.

[8]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[9]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[10]   غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[11]   غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[12]   غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[13]   رحمت الله ونڊير، تعلقو خيرپور.

[14]   غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[15]   محمد عرس سمو، نئين زندگي، ماھھ آگسٽ ١٩٥٧ع.

[16]   محمد سومار شيخ، تعلقو بدين.

[17]   رائچند ھريجن، (تعلقو ڇاڇرو).

[18]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[19]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[20]   ماستر عبدالعزيز جو کيو: ماھوار ”نئين زندگي“ اپريل ١٩٥١ع تان ورتل.

[21]   رائچند ھريجن، (تعلقو ڇاڇرو).

[22]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org