سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: پاڪستان ڪلچر

باب: 5

صفحو :12

 

”اسان جو عقل روحانيت ۽ الاهيات جي ادراڪ ڪرڻ کان قاصر آهي ان جو سبب اهو آهي ته انسان کي جيڪي به جسم واريون شيون آهن تن کان بلند مرتبو حاصل آهي ۽ جمله ترڪيبات عنصري انسان تي اچي ختم ٿين ٿيون، حجاب ۽ ماديت عقل جهڙي منور جوهر لاءِ پردو ٿي پون ٿا ۽ مادي حجاب نوراني عقل کي معقولات جي ادراڪ کان پري رکن ٿا، تنهن ڪري سمورا عنصر پنهنجي ابتدائي حالت کان اختلاطِ ڪثرت طرف ترقي ڪن ٿا ته انساني ترڪيب تي پهچي انهن جي ترقي آخري رتبي تي پهچي ٿي هاڻي جيڪڏهن اهو مرڪب انسان جي مختلف عنصرن جو ادراڪ ڪرڻ چاهي ته جهڙي ترتيب سان عنصري ترڪيب وٺي انسان آخري مرتبي تي پهتو آهي ساڳي ريت انسان ان ترڪيب کي تحليل ڪري ۽ ترتيب اول خلاف هلي، تڏهن آخري رتبي ۾ وڃي عنصر بسيط جو ادراڪ حاصل ڪندو.“

(از فوز الاصفر- ابن مسنڪوبا)

ته اسان ڏٺو ته ان تصورِ حقيقت به پنهنجي زماني ۾ نمايان ڪم سر انجام ڏئي پنهنجي قوت حيات زائل ڪري ڇڏي ۽ ان شڪل تي پيدا ٿيندڙ انسان کي هڪ نقطي تي بيهاري ڇڏيو. هي نظامِ خيال ان مابعد الطبيعات جي تاويل ضرور آهي پر ان ۾ معنيٰ جو اهو روح ۽ انسان کي اڳتي وڌائن جي اها سگهه باقي نه رهي آهي جيڪا ان جي پنهنجي اثر واري زماني ۾ هئي. هاڻي اسان کي ان تصور حقيقت جي نئين تاويل جي ضرورت آهي. مذهب صرف ان لاءِ نه آيو هو ته انسان صرف ان طرف هلي باقي رستن کي ترڪ ڪري ڇڏي ۽ روحانيت جي ان طريقئه ڪار سان پنهنجي عاقبت سنواري. مذهب جو اصل ڪم اهو هو ته اهو دين ۽ دنيا ۾ توازن پيدا ڪري. اهو دين نامڪمل ۽ ڪمزور آهي، جنهن ۾ دنيا جو عنصر نمايان طرح موجود نه آهي. ان ڪري جيستائين انسان زنده آهي هن کي دنيا جي ڪم ڪار ۾ پوري طرح دلچسپي وٺڻي پوندي. ساڳي طرح اها دنيا به غير متوازن ۽ نامڪمل آهي، جنهن جو بنياد دين جي نظامِ اخلاق تي قائم نه آهي. اسان پاڻ وٽ نظام خيال جو بنياد اخلاق تي رکي پنهنجي فڪر ۽ عمل کي نئين معنيٰ ڏئي سگهون ٿا.  مثال طور اڻويهين صدي تائين مغرب جي مفڪرن سائنس جي علمن کي پنهنجي مذهب ۽ اخلاق جو تابع رکيو پر ويهين صدي ۾ اسان ڏسون ٿا ته اخلاقي نظام جو بنياد ڌڏي ويو ۽ سائنس جي علم، ٽيڪنالاجي ۽ انجنيئرنگ جي تابع ٿي ويو. فلسفي جي جاءِ انجينئرنگ والاري. نظام اخلاق سان اهڙي روش انسان کي ايجادن ۽ انڪشافن جي ڊوڙ ۾ اڳتي ته ڪيو آهي، ليڪن هن جي هٿن ۾ خطرناڪ هٿيار ڏئي ساري انسانيت جي سر جي مٿان ڪچي ڌاڳي ۾ ٻڌل تلوار به لڙڪائي ڇڏي آهي. جيڪڏهن ايجادن ۽ انڪشافن جو هي سلسلو مذهب ۽ اخلاق جي تابع رهي ها ته انسانن ۾ خير ۽ شر جو امتياز باقي رهي ها ۽ دنيا ايتري دکي نه هجي ها جيتري پنهنجين سمورين ترقين جي باوجود اڄ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهو ئي اهو عمل آهي، جنهن کي اسلام پنهنجي اڳيان رکيو آهي ۽ اسان جي مذهب جي نين تاويلن جو بنياد ان تي قائم ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ سموري انسانيت لاءِ امن ۽ سڪون جو سبق موجود آهي.

پر اسان روحانيت جي ان نام نهاد تصورکي قبول ڪري اهڙي تصورِ حقيقت کي ڀاڪر وڌو آهي جنهن جي اسان جي دور ۾ ڪا ئي خاص معنيٰ نه آهي. اڄ دنيا جا سمورا ملڪ،  جتي مسلمانن جون حڪومتون آهن، هڪ جهڙي پسماندگي ۾ مبتلا آهن. انهن جا طور طريقا، هنن جي سوچ فڪر ۽ عمل ڪيتريون صديون پراڻي روئي تي قائم آهن، جنهن جو روح مرجهائجي ويو آهي ۽ سمورو فڪر ۽ عمل صرف هڪ عادت بنجي ويو آهي. عادت جي خلاف جيڪي ڪجهه هنن کي نظر اچي ٿو هو ان کي دين خلاف تصور ڪن ٿا. هو ڪنهن اهڙي ڳالهه کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، جيڪا هنن جي دز چڙهيل خيالن کي صاف ڪندي هجي. اها ئي اها ڳالهه آهي، جنهن کي ڏسي شاهه ولي الله چيو هو ته اسان جي زماني جا سادا ماڻهو اجتهاد کان بلڪل غافل آهن. اٺن وانگر هنن جي نڪن ۾ ناڪيلي پيل آهي. ڇا ان پسماندگي جو سبب بذاتِ خود اسلام آهي؟ ان جو جواب اوهان وانگر آءٌ به انڪار ۾ ڏيندس. ان جو سبب اهو ئي آهي جنهن طرف شاهه ولي الله اشارو ڪيو آهي ته اسان تبديلي جي فلسفي کي وساري ڇڏيو آهي ته ”نئون فڪر ئي پنهجين روايتن سان وابسته رهي زندگيءَ ۾ انساني، معاشرتي ۽ تهذيبي قوتن کي پورو ڪري نه ته انساني ذهن هڪ هنڌ اچي بيهي رهندو. مسلمانن جون حڪومتون اندروني فتنن ۽ بيروني سازشن سبب ڪمزور ۽ پنهنجي روحانيت جي باوجود غير مسلم قومن جون تابع آهن. ڇا اها صورتحال اسان کي پنهنجي قسمت جو جائزو وٺڻ لاءِ مائل نٿي ڪري؟

هن ساري بحث مان ممڪن آهي ته اوهان اهو تاثر وٺندا هجو ته مان روحانيت جي خلاف آهيان. ليڪن حقيقت ان جي خلاف آهي. مان هڪ طرفي روحانيت جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جنهن اسان کي ذهني طرح مرعوب ڪري ڇڏيو آهي، پر جنهن جو رشتو ۽ ناتو هردم بدلجندڙ، روان دوان زندگي کان ڪٽجي ويو آهي. اسان روحاني طرح به انهن ادارن ۾ ترقي ڪئي آهي۔جڏهن اسان جو مذهب ترقي پذير، فعال قوت جي حيثيت سان دنيا ۾ پنهنجو سڪو قائم ڪري رهيو هو ۽ زندگي جي سڀني طرفن ڏانهن اسان جو ڪلچر پنهنجي پنهنجي نموني نون نون رستن کي تلاش ڪري رهيو هو. جيئن ئي اسان اٺ واري ناڪيلي پنهنجي نڪ ۾ وڌي هوريان هوريان اسان سميٽجي گوشئه تنهائي ۾ ويهي رهياسين ۽ ان عمل کي روحانيت جو نالو ڏيڻ لڳاسين. قدرت جي قوتن کي پنهنجي ڪم آڻي توانائي جا نوان ذريعا دريافت ڪرڻ جو ڪم اسان وٽ بند ٿي ويو. جڏهن ان ڪم کي مغربي قومن پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ توانائي جا نوان ذريعا تلاش ڪري انهن کي پنهنجي ڪم آندو ته اسان ڏٺو ته اتي هڪ اهڙي بيداري ايندي وئي جو اُها هوريان هوريا دنيا جي ڏورانهن گوشن ۾ پکڙجڻ لڳي.

هاڻي هت اهو سوال پيدا ٿو ٿئي ته مغربي قومون توانائي جا نوان ذريعا دريافت ڪرڻ ۾ ڪهڙي ريت ڪامياب ٿي ويون ۽ مسلم قومون ڇو انهن کي دريافت نه ڪري سگهيون. ان جو جواب اهو ئي آهي، جنهن طرف شاهه      ولي الله جي ناڪيلي جو مثال ڏئي اشارو ڪيو ويو آهي. مسلمانن پنهنجي تصورِ حقيقت کي اٽل سمجهي ان کي زماني سان گڏ تبديل جي تصور کان ”محفوظ“ رکيو ۽  پنهنجي شاندار تاريخ ڏانهن نهاري اهو سمجهيو ته هي اهو تصورِ حقيقت آهي، جنهن صحرائن مان کين بلند ڪري عظيم سلطنتن جو مالڪ بنائي ڇڏيو هو. ان تاريخي مغالطي اها ڳالهه به ذهن مان ڪڍي ڇڏي ته تصورِ حقيقت جي شڪل آخري قطعي يا اٽل نه هئي. ان ۾ به وقت سان گڏ نون زاوين ۽ نئين فڪر جو اضافو ٿيڻ کپندو هو جيئن ان ۾ تبديل ٿيندڙ زماني جي تقاضائن جو به حل ملندو رهي ها. جڏهن نظامِ فڪر ۽ تصورِ حقيقت سماجي معاملن کان الڳ ٿي وڃي ته معاشري جون حقيقي تقاضائون ۽ ان جون ضرورتون خود پنهنجي عمل سان ان تصورِ حقيقت کي رد ڪرڻ لڳنديون آهن ۽ فرد جي شخصيت ۾ ٻه چتو تضاد هن جي فڪر ۽ هن جي عمل کي علحده ڪري ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو ڇڏي.  هڪ طرف عادت جو طلسم آهي جنهن کي فرد باقي رکڻ ٿو چاهي ۽ ٻي طرف زندگي جون نيون تقاضائون آهن جن کي پورو ڪرڻو آهي. اهڙي حال ۾ تبديلي ته ايندي آهي پر فرد ان تبديلي کي سواءِ سوچ جي هوريان هوريا قبول ڪندو رهندو آهي. جيڪڏهن هو انکي فيصلو ڪري قبول ڪري ته هن جو روائتي تصورِ حقيقت مجروح ٿو ٿئي ۽ اها ڳالهه هن کي ڪنهن قيمت تي به پسند نه آهي. اڄ به اسان اهڙي تبديليءَ لاءِ تيار آهيون، جيڪا غير محسوس طور آهستي آهستي، هوريان هوريان اسان ۾ اچي. پر اهڙيون تبديليون جيڪي ڪنهن قوم۾ ان جي تصورِ حقيقت جي گهٽتائي ڪري هوريا هوريان داخل ٿين ٿيون، هن جي تخليقي صلاحيتن کي ايتري قدر بي اثر بنائي ڇڏن ٿيون جو اهو عمل ئي ان قوم ۾ بند ٿي ٿو وڃي ۽ سمورو ڪلچر وڌ کان وڌ هڪ ذيلي ڪلچر ٿي ٿو پوي.  اهو ئي عمل هن وقت پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ان ڪري اسان جو معاشرو بيچين خواهشن جو معاشرو ٿي پيو آهي.

اهڙي وقت جڏهن مغربي قومن جي ترقي سبب اسان ۾ هڪ بيداري جي لهر آئي ته اسان ان جو حل اهو ڳولي لڌو ته مغربي ترقي کي قرآن سان ثابت ڪرڻ لڳاسين، ۽ ان ڳالهه تي زور ڏيڻ لڳاسين ته اها ترقي دراصل قرآن جي تعليم جو نتيجو آهي. مغربي قومون قرآن جي تعليم ۽ ان جي روح تي عمل ڪري رهيون آهن ۽ اسان ان جي روح کان الڳ ٿي ويا آهيون ان ڪري هو ترقي ڪري رهيا آهن ۽ اسين پسمانده آهيون. ذهني فريب جو اهو هڪ مثال آهي. ٻي طرف اسان جي نئين ذهن ترقي جو هڪ رستو اهو ڪڍيو آهي ته اسان ذهني طرح اهو طي ڪري ورتو آهي ته تصورِ حقيقت کي ته ائين باقي رکيو وڃي ۽ ان ۾ ڪنهن قسم جي ڦيرڦار نه ڪئي وڃي ۽ مغرب جي سائنسي علمن کي، جن کي مغرب اسان کان سکي ترقي وٺرائي آهي، وري سکي پاڻ ۾ جذب ڪيو وڃي. اهڙي ريت اسان جو دين به سلامت رهندو ۽ دنيا به هٿ اچي ويندي. هي هڪ نئون فريب آهي ۽ مذهب جو نئون ذهن اڄ ان فريب ۾ مبتلا آهي.

جيئن مون مٿي لکيو آهي ته هر معاشرو ۽ ان جا فرد پنهنجي تصورِ حقيقت تي پيدا ٿيندا آهن. جهڙو تصورِ حقيقت هوندو اهڙو ئي معاشرو ۽ ان جا فرد هوندا. اهو ناممڪن آهي ته تصور حقيقت هڪ قسم جو هجي ۽ فرد ٻئي قسم جا. اسان جي تصور حقيقت ۽ مغرب جي تصورِ حقيقت ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. هنن جو ۽ اسان جو رخ متضاد آهن. ان حال ۾ سائنسي علمن کي جذب ڪري پنهنجي تصورِ حقيقت کي برقرار رکڻ جو عمل اهو فريب آهي، جيڪو اسان هوريان هوريان، آهسته آهسته واري عمل ذريعي، گذريل سو سالن کان کائي رهيا آهيون. مسلمانن جي تصورِ حقيقت ۽ انهن جي مابعد الطبيعات جو ذڪر اسان پهريان ڪري چڪا آهيون، اچو هاڻي ٿورو مغرب جي مابعد الطبيعات کي به ڏسندا هلون، جيئن تصوير جو اهو رخ به اسان جي اڳيان اچي وڃي.

مغرب جي مابعد الطبيعات ۽ ان جو تصورِ حقيقت، جنهن جي شڪل تي ان جا فرد پيدا ٿيا آهن، ان امر تي قائم آهي ته مادو ”حقيقتِ اول“ آهي. ان کي بنياد بنائي ان نظامِ فڪر کي جنم ڏنو، جنهن کي اڄ اسان فلسفئه ماديت جو نالو ڏيون ٿا. هنن مادي کي حقيقتِ اول قبول ڪري هي نتيجو ڪڍيو ته جيڪا ڳالهه عقل جي خلاف آهي اها صداقت نٿي رکي. ايتري قدر جو ابن رشد (جنهن جي فسلفي مغرب کي صدين تائين سيراب ڪيو آهي ۽ جنهن کي مسلمانن هميشه شڪ وارين نگاهن سان ڏٺو آهي) جي ان فلسفي کي ته، ”جيڪا ڳالهه عقل جي خيال کان صداقت رکي ٿي ۽ جيڪا ڳالهه عقيدي جي خيال کان صداقت رکي ٿي هڪ ٻئي کي رد نٿي ڪري سگهي.“ غير عقلي چئي اڻويهين صدي ۾ ئي رد ڪري ڇڏيو ۽ رد ڪرڻ جي عمل سان اهو ثابت ڪيو ته عقيدي جي صداقت ۽ عقل جي صداقت ۾ تضاد هوندو آهي ۽ اهي هڪ ٻئي کي رد به ڪن ٿا. عقل جي ان صداقت تي پنهنجي تصورِ حقيقت جو بنياد رکي هنن طبعي علمن ذريعي ڪائنات جي ذري ذري ۽ ٽڪري ٽڪري جو جدا جدا تجزيو ڪري مادي علمن کي ايترو اڳتي وڌايو جو انساني قوتن ۾ غير معمولي اضافو ٿي ويو. ان قوت جي سهاري مغربي قومن سمورين قوتن کي پنهنجي تصرف هيٺ آندو. اهي قومون ڪڏهن تبديلي جي فلسفي کان پري هيون ۽ صدين کان هڪ ئي ذهني راه تي روان هيون. مغربي قومن جي اها سوچ سٺي آهي يا بري ان جو جائزو مان ايندڙ صفحن ۾ وٺندس. پر هيءَ ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته اها اسان جي تصورِ حقيقت کان نه صرف مختلف آهي پر متضاد به.

هاڻي جڏهن اسان اهو چئون ٿا ته مغرب جي سائنسي علمن کي پنهنجي تصورِ حقيقت ۾ جذب ڪري ان سان هڪ پاسي ترقي جي ڊوڙ ۾ اڳتي وڌي سگهون ٿا ۽ ٻي پاسي پنهنجي تصورِ حقيقت جي روحاني نظام کي به باقي رکي سگهون ٿا ته ان جي معنيٰ ڇا آهي؟ ۽ ائين چوڻ ته اسان وٽ سائنس ۽ مذهب ۾ ڪو تصادم جو سوالئي پيدا نٿو ٿئي- اها ته مغرب وارن جي ڳالهه آهي، جن جو مذهب سائنس وارن جو ضد آهي، جي معنيٰ ڇا آهي؟ هيءَ ڳالهه مون جهڙو گهٽ عقل رکندڙ انسان به ڄاڻي ٿو ته جهڙي ريت ٻن متضاد شين ۾ اشتراڪ نٿو ٿي سگهي يا جهڙي ريت ٻن متضاد ۽ مختلف خيال رکندڙ ماڻهن ۾ دوستي ٿي نٿي سگهي ساڳي ريت اسان جي مابعد الطبيعات ۽ مغرب جي مابعد الطبيعات ۾ برابر سطح تي جذب ۽ قبول جو سلسلو قائم نٿو ٿي سگهي. ان خواهش جو مون کي پوو احترام آهي ته مغرب جا سائنسي علم حاصل ڪيا وڃن ۽ ان سان گڏ پنهنجي تصورِ حقيقت کي به باقي رکيو وڃي پر اهو ڪهڙي سطح تي ۽ ڪيئن ممڪن آهي؟

اها بنيادي غلطي اقبال مرحوم برگسان، نطشي، لينن ۽ رومي کي هڪ پليٽ فارم تي ڪٺو ڪري ڪئي هئي.  سوال انهن کي هڪ هنڌ جمع ڪرڻ جو نه هو پر  اهو ڏسڻو هو ته انهن جي امتزاج ۽ اشتراڪ پيدا ڪرڻ سان تصورِ حقيقت جي ڪهڙي شڪل جڙي ٿي؟ ڇا امتزاج ۽ اشتراڪ واقعي ممڪن آهي؟ ائين ته نه آهي ته اشتراڪ جي ڪوشش ۾ عقيدي جو تصور باقي نه ٿو رهي. جهڙي ريت صنعتي نظام سان گڏ مغرب جو تصورِ حقيقت هوريان هوريان اسان کي بدلائي رهيو آهي ۽ جهڙي ريت آهستي آهستي اسان ان کي قبول ڪري رهيا آهيون، ان جو لازمي نتيجو هي آهي ته اسان هوريان هوريان پنهنجي تصورِ حقيقت کان پري ٿيندا وينداسين ۽ مغربي تصورِ حقيقت ان جي جاءِ اچي والاريندو. اسلام جي عقيدن جو نظام صرف عبادت جي رسمن تائين وڃي رهندو ۽ان جي نوعيت اهڙي هوندي جهڙي اسان آرتوار آتوار تي عيسائين کي گرجا گهر ويندي ڏسندا آهيون. تصورِ حقيقت پنهنجا علم پاڻ پيدا ڪندو آهي. پنهنجي سائنس پنهنجي طبيعات پاڻ تخليق ڪندو آهي. مثال طور اشتراڪي نظام طبيعات، حياتيات ۽ ٻين علمن ۾ پنهنجي نظرياتي نظام جي بنياد کي باقي رکيو آهي ۽ ان کي اڳتي وڌايو آهي. ان جي ابتڙ اسان صدين کان پنهنجي تصورِ حقيقت کي زندگي جي معاملن کان علحده ڪري صرف ۽ محض روائتي فلسيفانه مسئلن ۽ انهن جي منطق تائين محدود رکيو آهي. پر انهن کي زندگي ۽ ان جي حقيقي مسئلن سان وابسته ڪري ڏسڻ جو عمل بند ڪري ڇڏيو آهي. اها اها بنيادي غلطي آهي، جنهن اسلام کي هن وقت تائين سخت نقصان پهچايو آهي. جنهن ڪري مغربي ترقي اسان کي آهستي آهستي پنهنجي مرڪز کان پري ڪري اهڙي صحرا ڏانهن ڌڪي رهي آهي، جتي منزل ۽ طرف جو تصور ئي ڏکيو ڏسڻ ۾ ٿو اچي. ان جو ٿورو نظارو تعليم يافته نئين نسل ۾ ڏسو جيڪو راه وڃائي مرڪز کان پري ٿيندو ٿو وڃي. انهن ۾ تقليد ڪرڻ جو اندازِ فڪر ۽ عمل موجود آهي، پر اها تخليقي گرمي ڪانهي جيڪا ڪنهن تصورِ حقيقت سان براه راست ۽ زنده تعلق رکڻ سان پيدا ٿيندي آهي.

پنهنجي تصورِ حقيقت جو جديد ذهنن ۽ مادي تقاضائن مطابق نئين سر جائزي وٺڻ جو ڪم ايترو آسان نه آهي، جنهن کي اسان ٿورن مهينن ۾ پورو ڪري سگهون پر ان جي اهميت ۽ ضرورت جي شعوري ذريعي، اسان وٽ خيال جي تاريخ تخليق ڪرڻ جو عمل شروع ٿي سگهي ٿو. هن وقت خيال جي سطح تي ائين محسوس ٿو ٿئي ته اسان هڪ هنڌ بيهي رهيا آهيون ۽ صدين کان ان هنڌ بيٺا رهيا آهيون. اها به ڪا ڳالهه نه هئي پر جي اسان وقت کي ساڳي هنڌ بيهاري سگهون ها. ان سبب اسان وٽ ذهن جو عمل ٻن مختلف ڇيڙن تي ٿي رهيو آهي، هڪ ڇيڙو اهو آهي، جيڪو ان دائري کي ٽوڙي ٻاهر نڪرڻ ٿو چاهي، هڪ اهو جيڪو هر حقيقت ۽ هر صورت ۾ ان دائري اندر رهڻ ٿو چاهي، هڪ ڇيڙي تي اُهي ماڻهو بيٺا آهن، جيڪي عقيدي جي موجوده تاويل کي ان شڪل ۾ باقي رکڻ لاءِ نهن چوٽي جو زور لڳائي رهيا آهن ۽ هڪ ته اُهي ماڻهو آهن، جيڪي سڀ ڪجهه ڇڏي، مغرب سان ملي، انهن جهڙا ٿي وڃڻ ٿا گهرن. عقيدو نه پهرين صورت ۾ باقي رهي سگهي ٿو نه ٻي صورت ۾. صنعتي ترقي دنيا جي ٻين قومن وانگر اسان جي به منزل آهي ۽ اها زماني جي تقاضا به آهي، مشيني نظام کي جهڙي طرح، اسان قبول ڪري رهيا آهيون ۽ جهڙي طرح مشينون اسان کي متاثر ڪري رهيون آهن اهڙي طرح نوان خيال به اسان جي مزاج ۽ اسان جي عادتن جو جزو ٿيندا ٿا وڃن. اسان جو اخلاق، اسان جي اٿڻي ويهڻي، طور طريقا به آهستي آهستي غير محسوس نموني بدلجي رهيا آهن. اهو عمل جيڪڏهن انهيءَ نموني جاري رهيو ته اسان پاڻ ايترو بدلجي ويندا سي جو عقيدي جي موجوده شڪل ڀي باقي نه رهندي. آخر ٻه تضاد هڪ ٻئي سان ملي ڪيئن هڪ ٿي سگهن ٿا؟ هي اهو بنيادي مسئلو آهي، جنهن تي فڪر وارن کي اکيون کولي، تاريخي وهڪري کي اڳيان رکي ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي. پر جي چوڪيدار ڪتا ٿي رڍن کي کائڻ لڳن ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

پاڪستان هڪ نظرياتي ملڪ آهي، هن ملڪ جي عوام جو پنهنجي مذهب سان گهرو جذباتي رشتو آهي ۽ هو ان کي زندگي جو اهم ترين قدر سمجهندو آهي. پاڪستان ۾ مذهب نه صرف معاشرت ۽ ڪلچر جو بنياد آهي پر معاشري ۾ هڪ موثر قوت جي حيثيت رکي ٿو.  مؤثر ان معنيٰ ۾ ته ان سطح تي ۽ ان معاشري جو هرڪو ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ سان زياده قربت ۽ هڪ جهڙائي محسوس ڪري ٿو. ان رشتي ذريعي انهن ۾ هڪ ٻي لاءِ رواداري جو جذبو پيدا ٿي وڃي ٿو ۽ هو ان جي تحفظ لاءِ يڪ زبان ٿي متحد ٿي وڃن ٿا. هڪ طرف ته مذهب جو اهو عمل ۽ اثر آهي ۽ ٻي طرف اسان جو سوچڻ وارو ذهن ته مذهب يڪ جهتي جي بنيادي قوت هجڻ جي باوجود، زندگي جي مسئلن جو ساٿ نه ڏئي رهيو آهي. اسان پنهنجي آخرت کي سنوارڻ لاءِ هڪڙا عمل ڪيون ٿا ۽ دنيا سنوارڻ لاءِ ٻيا ۽ انهن ٻنهي ۾ ڪوئي مضبوط رشتو باقي نه رهيو آهي.  ممڪن آهي ته ائين چيو وڃي ته ان ۾ مذهب جو ڪهڙو قصور. مذهب ته رستو ڏيکاري ڇڏيو آهي. جيڪو هلندو سو منزل تي رسندو.  جيڪو نه هلندو سو ڀٽڪندو رهندو. مونکي به اهو ئي چوڻو آهي پر فرق رڳو هي آهي ته اسان مذهب جي جنهن شڪل کي قبول ڪري معاشري کي هلڻ جو رستو ڏيکاريو آهي اهو رستو بذات خود منزل تائين نٿو وٺي وڃي. ان تضاد ۽ ٻيائي کي اڀاري آخرت ۽ دنيا کي الڳ الڳ ڪري ڇڏيو آهي. ۽ خود ان جو نظامِ خيال هڪ هنڌ بيهجي ويو آهي. مذهب جي موجوده شڪل هڪ جذباتي قدر جي حيثيت ته ضرور رکي ٿي پر مذهب ذريعي پيدا ٿيندڙ يڪجهتي اهڙي قسم جي آهي، جيڪا دشمن جي خوف کان ٻن متضاد انسانن ۾ اتهاد پيدا ٿيندڙ عمل ۾ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. ان جذباتي رشتي مذهب کي رسمن جي حد تائين غير معمولي اهميت ڏئي ڇڏي آهي. ان سبب اهي رسمون ۽ عبادتون مذهب جو واحد مظهر ٿي پيون آهن. پر ان کانسواءِ مذهب جو رشتو زندگي جي نظام، سائنسي ۽ عقلي علمن، دنياوي ۽ مادي زندگي، صنعت ۽ تجارت ۽ تحقيق ۽ فڪر سان باقي نه رهيو آهي.

ڪجهه ماڻهو، جيئن مون مٿين سٽن ۾ چيو آهي، اهو چون ٿا ته سائنس ۽ اسان جي مذهب ۾ عيسائيت وانگر تضاد نه آهي، ان ڪري اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي مذهب جي موجوده شڪل تي قائم رهون ۽ ان سان گڏ سائنسي علم سکي نظام حيات کي اڳتي وڌايون. پر اسان تجزيو ڪري ڏٺو آهي ته مغرب، جيڪو هن وقت سائنسي علمن جو اجاره دار آهي، ۽ جنهن حيرت انگيز حد تائين ان کي ترقي ڏني آهي، جنهن مابعد الطيبعات تي عمل ڪري رهيو آهي ۽ ان جي علمن جو بنياد جنهن تصورِ حقيقت تي قائم آهي اهو اسان جي تصورِ حقيقت کان بلڪل مختلف آهي ۽ اهو ناممڪن آهي ته اسان متضاد ۽ مختلف تصورِ حقيقت رکندي هڪ وقت پنهنجي مذهب جي تصورِ حقيقت کي به محفوظ رکون ۽ سائنسي علم به حاصل ڪندا رهون. ان حال ۾، جيئن مون چيو آهي، يا ته ائين ٿئي ها ته اسان جا صاحبِ فڪر بزرگ پنهنجي تصورِ حقيقت جو جائزو وٺي پنهنجا علم ۽ پنهنجي سائنس پاڻ پيدا ڪن ها، جنهن ڪري هڪ طرف اسان جي تصورِ حقيقت جو انڪار نه ٿئي ها ۽ ٻي طرف اهي علم اسان جي زندگي جي رفتار کي سهارو ڏئي اڳتي وڌائن ها يا وري اسان پنهنجي تصورِ حقيقت جو نئين سر جائزو وٺي اهڙن عنصرن جو اضافو ڪريون ها، جيڪي اسان جي ضرورتن ۽ خواهشن کي پورو ڪن ها. پر اسان جا فڪر جا سمورا رستا بند آهن ۽ اسان مذهب کي، جيڪو مڪمل دين آهي ۽ جنهن لاءِ اسان جي دعويٰ آهي ته زندگي جون سموريون سرگرميون ان ۾ شامل آهن، صرف ۽ محض نام نهاد روحانيت جو ذريعو بنائي آخرت سنوارڻ جو وسيلو سمجهي قبول ڪيو آهي ۽ زندگي جي باقي سرگرمين کان ان جو رشتو ڇني ڇڏيو آهي. ان طرز عمل مذهب کي صرف ذاتي سڪون ۽ موت کان پوءِ حياتي ۾ جنت حاصل ڪرڻ جو ذريعو بنائي ڇڏيو آهي. مثلاً اسلام دنيا جي ناپائيداري ۽ دنيا جي فاني  هجڻ جو تصور دين ۽ دنيا ۾ هڪ صحتمند توازن قائم رکڻ لاءِ پيش ڪيو هو پر اسان ان کي اڄ جنهن نموني سمجهي رهيا آهيون ته ان جو مطلب آهي ته دنيا سان دلچسپي رکڻ گناه آهي. دنيا اصل ان لائق ئي نه آهي جو ان ۾ اهڙو عمل ڪيو وڃي، جيڪو دنيا جي سرگرمين کي اڳتي وڌائي. دنيا هڪ اهڙي بدصورت ڏائڻ آهي، جنهن سان هر قسم جي رغبت بري آهي. اهڙي ريت اسان توازن پيدا ڪندڙ تصورِ حقيقت کي زندگي جي نفي واري عمل ۾ لڳائي ڇڏيو. ۽ مذهب ۽ دنيا کي ٻن علحده خانن ۾ ورهائي ڇڏيو، جنهن دنيا سان محبت ڪئي اهو دنيا کان بيگانو ٿي ويو. جنهن مذهب جي رسي کي جهليو اهو دنيا کان محروم ٿي ويو.

”فاني دنيا“ جي ان متوازن تصورِ حقيقت جڏهن روحانيت جي جمود جو وڳو پهريو ته اسان جو حقيقي مذهبي رويو هي ٿي ويو ته اسان زندگي جي وهڪري ۾ هڪ هنڌ بيهجي ويا سين ۽ زندگي جو انڪار اسان جو مذهبي عمل ٿي ويو. اسان اهو وساري ڇڏيوسين ته جيڪي اڄ پوکيون ٿا سو سڀاڻي لڻنداسين.  جنهن ميوي جو ٻوٽو اڄ لڳايون ٿا تنهن جو ميوو ايندڙ نسل کائيندا. منهنجي زندگي فاني ضرور آهي. هي دنيا به فاني آهي پر ان فنا ۾ بقا ۽ ثبت ان ريت پيدا ٿئي ٿو ته ايندڙ نسل منهنجي طرزِ عمل، منهنجي سوچ ويچار، منهنجي خيالن جي تسلسل کي باقي رکن ٿا. جيڪڏهن مون  پنهنجي طرزِ عمل ۽ پنهنجي سوچ ويچار جي ذريعي دنيا کان انڪار ڪيو ته ان جي معنيٰ اها ٿيندي ته مون ايندڙ نسلن جو به انڪار ڪيو. منهنجو ڪم ته هي آهي ته پنهنجي فڪر ۽ عمل سان اهڙو سامان ضرور مهيا ڪريان جو ايندڙ نسل ان مان فائدو وٺن ۽ زندگي کي اڳتي وڌائن. هن وقت اسان جي مذهب جي موجوده تصورِ حقيقت ان تضاد کي زياده وسيع ۽ شديد بنايو آهي. مجموعي طور عملاً سان هڪ طرف اسان مذهب کي زندگي کان علحده ڪري ڇڏيو آهي ٻئي طرف پاڻ نفسي وبائن، ذهني الجهنن، اختلافن ۽ انتشار ۽ تضاد جي بحران ۾ مبتلا ٿي نين ڳالهين ۽ نون خيالن کان خواف کائڻ لڳا آهيون. اسان جي ذهني ڪيفيت ان مفرور جهڙي آهي جنهن جو ڪنهن ماڻهو تي اعتبار ڪونهي ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ کان ڊپ ڪري ٿو.

اهڙي وقت اهو سوال ته اسان مذهب جي موجوده طرزِ عمل ۽ جامد تصور حقيقت رستي زندگي جي قوتن جو ڪيئن ساٿ ڏئي سگهون ٿا، سڀ کان اهم سوال ٿي اسان جي اڳيان اچي ٿو. مان قبول ڪريان ٿو ته پاڪستاني ڪلچر جي تشڪيل ۾ مذهب جو نظامِ اخلاق هڪ اهم رول ادا ڪندو آيو آهي.  ۽ آئنده به ڪندو رهندو. معاشري جي تخريبي طاقتن کي قابو ڪرڻ لاءِ حڪومت جي قوت کان زياده نظامِ اخلاق جو زنده احساس وڌيڪ اثرائتو ثابت ٿئي ٿو.  ان جي ڪري اسان يڪجهتي  جي رشتي ۾ زياده آسانيءَ سان سمائجي سگهون ٿا پر ان لاءِ ضروري آهي ته پهريان پنهنجي موجوده تصورِ حقيقت جو نئين سر جائزو وٺون ۽ پنهنجن  ذهنن کي، مذهب جي تعلق سان زندگي جي وسيع دائري ۾ رکي صاف ڪريون. جيڪڏهن تاريخ جا واقعا ميڪا نيڪي وهڪري جو نالو نه آهي ته ان جي معنيٰ اها ٿيندي ته انسان پهريان پنهنجي مذهب جو انتخاب ڪري ٿو ۽ پوءِ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ذريعا ۽ وسيلا مهيا ڪري ٿو مقصد نه هجي ته پوءِ وسيلا بي معنيٰ ٿي وڃن ٿا. مثلاً  اسان برصغير پاڪ ۽ هند جي مسلمانن لاءِ ملڪ حاصل ڪرڻ جو مقصد مقرر ڪيو پوءِ ان مطابق تاريخي معاملن کي سامهون رکندي وسيلا تلاش ڪيا. نتيجو اهو نڪتو ته اسان پنهنجو مقصد حاصل ڪري ورتو. هاڻي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ هڪ نئون مقصد اسان جي اڳيان ضرور اچڻو هو جنهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ سموري قوم پنهنجي سطح تي شريڪ ٿئي ها. پر پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ اسان اڄ تائين مقصد کي مقرر نه ڪيو آهي. اسان کي اهو پتو نه آهي ته اسان کي ڇا ڪرڻو آهي. اسان کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي. اسان اڄ تائين مختلف مقصدن جو اظهار ته ڪيو پر دل سان ڪنهن  تي به ايمان نه رکيو. مذهب، معاشرت، معاملا ۽ سياست وغيره جي سطح تي اها افراتفري ان سبب ڪري موجود آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org