سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: پاڪستان ڪلچر

باب: 4

صفحو :9

 

(2)

عدم تحفظ جو احساس بذات خود ايترو ظالم احساس آهي جو معاشري يا فرد کي اڳتي وڌائڻ بجاءِ پٺتي ڌڪي ٿو ڇڏي. نه صرف اهو پر انساني جبلت ۽ معاشري جي رشتي کي به ڪمزور ڪري ٿو ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اهو سماجي نظام، جنهن انسان جي طرزِ عمل ۾ تبديلي آندي هئي، پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهي ٿو. اهڙي ريت زندگي ۾ معنيٰ گم ٿئي ٿي فرد (سماجي پيماني جي حساب سان) هڪ درجو هيٺ ڪري ٿو. سماجي ادارن سان معاشري جي جذباتي نظام جو تعلق بلڪل ڪمزور هوندو آهي. عام ماڻهوءَ کي ڪنهن مسئلي، ڪنهن مقصد يا آدرش سان، ڪائي دلچسپي باقي نٿي رهي، ڪجهه اهڙي ڪيفيت جذباتي نظام تي مسلط ٿي رهي جيڪا بي حسي جهڙي هوندي آهي، اهڙي معاشري جا فرد ذهني طرح نيم حيواني سطح تي زنده هوندا آهن. خود غرضي، عدم دلچسپي، غير ذمه داري ۽ تنگ نظري سڀ ان ذهني ڪيفيت جو نتيجو آهن. ان حال ۾ قدرن جو نظام زائل ٿي ٿو وڃي ۽ نظامِ خيال کي ظاهري طرح قبول ڪرڻ جي باوجود معاشري جو ان تي اعتماد نٿو رهي. روايتون ۽ تاريخ ڪنهن پراڻي پٿر وانگر بلڪل بيڪار ڏسڻ ۾ ٿا اچن. اهڙي حال ۾ معاشري جي اڳيان ٻه راهون هونديون آهن يا ته هو پنهنجي خيال جو نئين سر جائزو وٺي ۽ پنهنجي طرزِ فڪر و عمل لاءِ نون نمونن کي ڳولي لهي يا پوءِ بغير ڪنهن ”طرف“ جي زندگي جا عمل جي هن کي تبديل ڪري رهيا آهن تن کي تبديل ڪرڻ ڏي. ٻي حالت قومن لاءِ سخت تشويشناڪ آهي. ان منزل تي معاشرو هر ان فڪر ۽ عمل ۽ خيال کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي، جنهن ۾ هن کي عافيت جو احساس ملندو آهي. دنيا جي هر نئين نظام جي تاريخ ڪنهن معاشري ۾ ان منزل کان شروع ٿيندي آهي.  فرانس وارو انقلاب، اشتراڪي نظام جي ڪاميابي، اسلام جي اشاعت ۽ واڌارو، قديم دنيا ۾ عيسائيت جي نئين روح جي پيدائش سڀ ان لڙهه ۾ اچي وڃن ٿا. عدم تحفظ جو احساس دراصل نصب العين ۽ مقصد جي نه هئڻ جو نتيجو آهي. ”جڏهن سماجي نظام بگڙڻ لڳندو آهي ته نفسي مرض وبا وانگر پکڙجي ويندو آهي ۽ شيطاني قوتون نظامِ عالم سان چهٽيل نه رهنديون آهن پر ان کان جدا ٿي هڪ نئين طاقت بنجي پونديون آهن.“[1] ان جو مثال بلڪل اهڙو آهي جيئن اوهان ڪنهن وڏي هال ۾ ويهي نهايت ڌيان سان سينيما ڏسي رهيا آهيو. سينيما ڀريل آهي. اوچتو اوهان جي نظر باهه جي شعلن تي ٿي پوي. ٻيا به انهن شعلن کي ڏسن ٿا ۽ پوءِ سڀ جا سڀ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ اٿن ٿا. هال ۾ ڊڪ ڊوڙ لڳي ٿي وڃي، هرڪو پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ان ڪوشش ۾ آهي ته جهٽ ٻاهر نڪري وڃي. ان وقت هر ڪنهن کي صرف پنهنجو خيال آهي. سمجهه ۽ عقل جو هر ناتو ٽٽي هر قدر بي معنيٰ ٿي ٿو پوي. ماڻهو پيرن هيٺ لتاڙجن پيا. ڪرسيون ڀڄن پيون. ان وقت عمل ۽ فڪر اجتماعي طرح باقي نٿو رهي. هر  سطح غائب ٿي وڃي ٿي هر فرد ٻي فرد کان جدا صرف پنهنجي پاڻ کي ٿو ڏسي. بلڪل ساڳيو حال ان معاشري جو ٿيندو آهي، جنهن ۾ مقصد، منزل، خيال ۽ قدر يا ته باقي نٿا رهن يا پوءِ بي معنيٰ ٿي وڃن ٿا ۽ انهن ۾ زندگي جي بدلجندڙ ضرورتن ۽ تقاضائن کي پوري ڪرڻ جي صلاحيت باقي نٿي رهي.

اسان جي معاشري جي سموري بي چيني ۽ ساري بي اطميناني جو سبب به اهو آهي ته سماجي نظام جي بگڙجڻ سان جڏهن قدرن جو احساس ختم ٿيو، ڪوئي طرف يا منزل زندگي ۾ باقي نه رهي، لڳ لاڳاپن ۽ خيال جو رستا ٽٽڻ لڳا ته معاشري جو توازن ٽٽي پيو ۽ شيطاني قوتون نظامِ عالم کان ڌار ٿي پنهنجي ڌار شخصيت بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون. آزادي کان اڳ اسان جي قوميت جي واضح شڪل موجود هئي. اسان جو طرف ۽ منزل موجود هئي پر آزادي کانپوءِ اسان جڏهن نئين زندگيءَ ۾ پير پاتو ۽ خيال جي نئين سر جائزي وٺڻ واري ڪم ڏانهن توجهه نه ڏنو ته هوريان هوريا اسان جو سمورو معاشرو سمنڊ ۾ لڙهندو بي سکاڻ ٻيڙي جهڙو ٿي پيو جيڪا ڇولين جي رحم ڪرم تي ترندي آهي. ان کي نه پنهن جي ڪناري جي خبر آهي نه طرف ۽ منزل جي اُها صرف ان طرف وڃي ٿي جيڏانهن هوا ان کي گهلي ٿي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اسان جي وچ ۾ باقي ڪو اهڙو مرڪزي رشتو نه رهيو آهي، جيڪو زندگي جي هر ڪم ۾ مقصد ۽ معنيٰ پيدا ڪري انسان ۾ چاهه، جوش ۽جذبو پيدا ڪندو آهي. هر فرد ٻي فرد کان علحده ۽ بيزار آهي ۽ ”خود حفاظت“ ۾ مشغول آهي. مذهب جو ناتو به انهي نفسي مرض جو شڪار آهي. فرض جي شخصيت ٻه اڌ ٿي وئي آهي. مذهب ۽ اخلاق جو اثر اسان جي ضمير ۾ ڪا به چهنڊڙي نٿو وجهي. انصاف جو شعور اسان ۾ باقي نه رهيو آهي. هن وقت اسان جي معاشري جون ٻه ڳالهيون نمايان آهن، هڪ ”صلاحيت“ ۽ ٻي ”درباريت“. اها ئي اسان جي شخصيت آهي. اهي سڀ اثر مختلف شڪلن ۾ ۽ مختلف سطحن تي اسان کي ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

سرڪاري آفيسر انهي صاحبيت ۽ درباريت جي ميلاپ مان بنيا آهن. انهن خصوصيتن جا نمائندا آهن. انصاف، اصول، قومي ۽ ملڪي مسئلن کان بيخبر، طاقت جي نشي ۾ چور، هر وقت هوا ۾ اُڏامندا ٿا رهن. عوام ۽ انهن جي مسئلن سان  هنن جو ڪو واسطو نه آهي. ملڪ جو سمورو انتظام ۽ ذميداري انهن جي حوالي آهي. اصول ۽ انصاف جي ختم ٿي وڃڻ سبب ”سفارش“ ۽ ”سفارش نما“ ملڪ ۽ انتطام جو بنياد ٿي ويا آهن. ڪو ئي ڪم ان کانسواءِ نٿو ٿئي. سفارش جي لغت ۾ ڪو به ڪم ناممڪن نه آهي. بي انصافي ۽ بي اصولي کي قبول ڪري هو پاڻ اندر ئي اندر ڪمزور ٿي ويا آهن، جو اهو ڪم به چڱي طرح پورو نٿا ڪري سگهن جيڪو انهن جي ذمي آهي. ان ڪري نا انصافي ۽ ڏاڍ عام آهي. عام ماڻهوءَ جي حيثيت ڪتي جهڙي ٿي وئي آهي. بي انصافين جو هڪ وڏو سمنڊ آهي جنهن ۾ هر صحتمند قدر ٻڏي ويو آهي.

ان عمل جي ڪارفرمائي ملڪ جي تاجرن ۽ ڪارخانيدارن ۾ ڏسو. انهن جو سڀني کان وڏو قدر دولت ۽ انهن جي حياتي جو مقصد حڪومت کان رعايتون حاصل ڪرڻ آهي. رعايتون حاصل ڪرڻ لاءِ هو اخلاق جي منزل کان وڌ ۾ وڌ هيٺ ڪري پون ٿا، جنهن جو تصور هنن جون وڏيون وڏيون ڪارون ۽ وڏا وڏا بنگلا ڏسي نٿو ڪري سگهجي. هنن جي اڳيان نه قوم آهي نه مذهب. رپيا هنن جو خدا آهن ۽ انهن جو وڌائن انهن جو اصل مذهب آهي. اهي ماڻهو، اعليٰ سرڪاي آفيسرن وانگر معاشري جي اعليٰ طبقي سان واسطو ٿا رکن. هنن ساري معاشري کي هڪ وڏو جهنگل بنائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ خونخوار جانور، بگهڙ ۽ وڏيون بلائون رهن ٿيون.

وچولو طبقو معاشي طرح ايترو ته بدحال آهي جو ان جو ڌيان پنهنجي ڪٽنب جي پيٽ پالڻ کانسواءِ ٻئي پاسي نٿو وڃي ان طبقي جي هاڻي اها ڪوشش آهي ته ڪنهن نموني اعليٰ طبقي سان وڃي ملي. تهذيبي قدرن جي علمبرداريءَ کان هاڻي هي طبقو دستبردار ٿي چڪو آهي. عدم تحفظ جي احساس ۽ معاشي بي انصافين، هن کي وائڙو ڪري ڇڏيو آهي. قدرن  جو احترام به ان بحران جو نذر ٿي ويو آهي. ائين ٿو لڳي نه اها شمع جيڪا هت هن طبقي هميشه روشن رکي آهي، هاڻي تڪڙي وسامي رهي آهي، ۽ هو ان کي روشن رکڻ جو حوصلو به نٿو رکي. ان ڪري اڪيلائي ۽ ٻين کان ڌار ٿي وڃڻ جو احساس هن ۾ شديد تر آهي.

عدم تحفظ جو احساس هر طبقي کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي. مزدور سرمايه دار کي پنهنجو ويري ٿو سمجهي. هن جو مقصد گهٽ پورهيو ڪري وڌيڪ پيسا ڪمائڻ آهي. غير ذميداري هن جو مزاج ٿي وئي آهي. هاڻي هو هر ان شخص کي جنهن وٽ هو ڪم ڪري ٿو، سرمايه دار ٿو سمجهي ۽ سرمايه دار کي ڌوڪو ڏيڻ ۽ پنهنجو بي خيال ۽ لاپرواهي سان ڪم ڪرڻ هن جي ”مذهب“ ۾ جائز آهي. اهو حال مختلف پورهيتن جو آهي. وڪيل جي پنهنجي اصيل سان همدردي ڪا نه آهي. انهن ٻنهي جي وچ۾ صرف پيسو هڪ ڪوڙو ۽ ڪمزور ناتو پيدا ٿو ڪري. جتي پيسي جو لاڳاپو نه آهي اتي اهو ناتو نهايت غير انساني آهي اهو تماشو ڏسڻو اٿو ته ڪنهن سرڪاري يا ڪنهن خيراتي اسپتال ۾ ڏسو. انسانيت مرندي ۽ فرض کان لاپرواهي موت جي شڪل ۾ ڦيرا ڏيندي ڏسڻ ۾ ايندي. ڊاڪٽر ۽ مريض جي وچ ۾ هر انساني، اخلاقي ۽ روحاني ناتو ختم ٿي ويو آهي. صرف پيسي، انهن رشتن کي پائمال ڪري، مرڪزي جاءِ حاصل ڪري ورتي آهي. انجنيئر به ان نفسياتي وبا جو شڪار آهن. هي ڳالهه عام آهي ته ڇت پوندي ئي ڪري ٿي. رستا تعمير ٿيڻ سان ڀڄڻ لڳن ٿا. بلڊنگن ۾ تيار ٿيڻ سان ڏاريون پئجي ٿيون وڃن. اسڪولن ۾ پيسو دين ۽ ايمان ٿي ويو آهي. مارڪون وڌائڻ، ڪاپيون بدلائڻ، بغير امتحان جي ڊگري ڏيڻ، اسڪولن ۽ تعليمي ادارن ۾ هر ڏينهن جو ڪم آهي، شديد احساس ڪمتري ۽ مايوسي جي احساس انهن کي اهڙي سطح تي آڻي بيهاريو آهي جو اهي تعليم ڏيڻ جي ڪم جي لائق ئي نه رهيا آهن.

تصوف جيڪو ڪنهن وقت انسانيت، نيڪي ۽ بلند اخلاقي جي علامت هو اڄ پيشه ور صوفين وٽ واپار جو مال ٿي ويو آهي. ان ڪري مالدار ۽ وڏن ماڻهن تي هنن جي نظر رهي ٿي، جيڪي مصيبت کي ٽارڻ لاءِ هنن وٽ اچي حاضر ٿين ٿا. سبب الاسباب جو حصو پير صاحب جي ڀاڱي ۾ آيو آهي. اهو حال دين جي عالمن جو آهي. دين کان زياده هنن کي دنيا جي ڳڻتي آهي. هنن جا خيال ۽ فڪر بي جان روايتن ۽ بي معنيٰ قصن ۽ ڪهاڻين تائين محدود آهن. ضعيف الاعتقادي کي پختو ڪرڻ، بي عملي کي اڀارڻ، پنهنجي قسمت کي قبول ڪرڻ هنن جي واعظن ۾ عام آهي. اها خيال جي آزادي جيڪو عالمن جو حصو هئي هاڻي گم آهي. ”هر فتوري کـﮧ درين زمان در تر ويج ملت و دين ظاهر گشته از شوميءِ علما سوء است کـﮧ في الحقيقت شرار مردم و تصوصِ دين اند. اُلائڪ حزب الشيطان الا اِن شيطانِ هم الخسرون.“[2] مذهب هنن لاءِ صرف ڪجهه روايتن جو مجموعو آهي. حالتن ۽ تاريخ جي وهڪرن جي هنن کي ڄاڻ ڪانهي. مذهب کي زندگي کان الڳ ڪري هنن صرف روايتن جو مجموعو بنائي ڇڏيو آهي. هو مذهبي تجربن کان عاري آهن. اسلام جي تحفظ ۽ اشاعت جو واحد طريقو درس نظاميـﮧ آهي جنهن جي تحصيل ڪري ماڻهو پاڙي جي ٽڪين تي ڪنهن مسجد جي پيش امامي ڪري سگهي ٿو. اهو اسان جي اڳيان ڪو ئي اهڙو لائـحـﮧ فڪر ۽ عمل پيش ڪرڻ کان قاصر آهي جنهن ۾ آن حضرت جن جي متوازن ۽ اعتدال پسند فلسفي مطابق دين ۽ دنيا ۾ توازن پيدا ٿي سگهي. ان ڪري عبادت جو اثر انساني اخلاق تي پوڻ بند ٿي ويو آهي. سستي جذبات ۽ فرقي وارانه تشدد ظلم ۽ ناانصافي کي راهه ڏني آهي. تشدد جو هي حال آهي ته هڪ فرقو ٻئي فرقي کي نقصان پهچائي ضمير جي وڊ ۾ مبتلا نٿو ٿئي. هتي انساني ۽ اسلامي ٻئي سطح ڪري گندي جذباتي سطح تي پهچي ويا آهن توڪل، صبر و رضا ۽ قناعت ٽو ٽائپ، بي عملي ۽ بزدلي جو عذاب  اسان تي نازل ڪيو آهي. ”ايمان جي قوت“ تجزئي جي صلاحيت کي ايترو ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي جو هاڻي اسان ڪنهن اهڙي خيال کي نه صرف قبول ڪرڻ پر ان تي غور ڪرڻ جي به همت نٿا ڪري سگهون، جيڪو اسان جي مروج خيال جي مروج معنيٰ مطابق نه هجي. سوءِ فهم جو فتنو عام آهي. اهو ئي سبب آهي جو جديد تعليم يافته طبقو هنن کان بيزار آهي. هو انهن کي پنهنجن انهن معصوم بزرگن جي صف ۾ شامل ٿو ڪري جيڪي وقت کان گهڻو پٺتي رهجي ويا آهن. خدا، انسان ۽ ڪائنات سڀ الڳ خانن ۾ ويٺل آهن، جيڪي الڳ الڳ جزي جي حيثيت نه رکن ٿا، ليڪن ڪل جي حيثيت ۾ باقي ڪين آهن. توحيد جي تصور پاره پاره آهي. مڪمل انسان ان وحدت جو نتيجو ٿي سگهيو ٿي. اڄ مروج مذهب ”قصن ڪهاڻين جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي ۽ جنهن جون پاڙون نهايت اونهيون ۽ نهايت مضبوطي سان دل ۾ سمايل آهن. انهن جو پٽجڻ ۽ انهن جي جاءِ تي ٻين ڳالهين جو ويهڻ، جيتوڻيڪ اهي ڳالهيون ڪيترو به صحيح ۽ سچيون هجن، عالمن ڏاڍو ڏکيو ۽ مشڪل ڪري ڇڏيو آهي.“[3]

هي مختلف ڳالهيون، مختلف معاشرتي، معاشي ۽ تهذيبي سطح تي ساري معاشري کي هڪ کوه ۾ اڇلي رهيون آهن جنهن مان ٻاهر جون وسعتون ڏسڻ ۾ نٿيون اچن. جتي انسان صرف پنهنجي محدود ماحول، پنهنجي محدود پسگردائي ۽ پنهنجي ذات کي ڏسي ٿو. انهن ڳالهين ملي هڪ طرف انصاف  ۽ مساوات جي تصور کي مجروح ڪيو آهي ۽ ٻئي طرف معاشري جي هر سطح تي عدم تحفظ  جي احساس کي مضبوط ڪيو آهي. تهذيبي وحدت جو اهو نظام جنهن تي اڃا تائين اسان جي معاشري جي زندگي هلي رهي هئي ڀڄي ٽٽي ڪمزور ٿي ويو آهي. ان جي معنيٰ هيءَ آهي ته هاڻي اسان کي اهڙي خيال ۽ قدرن جي ضرورت آهي، جنهن جو رشتو اسان جي ماضي سان پڪو ۽ پختو هجي ۽ جيڪو اسان کي علاقائي قوميت، شخصي تنگ نظري کان مٿي کڻي قومي يڪجهتي تائين پهچائي سگهي ۽ ان سا گڏ جديد زماني جي ضرورتن ۽ تقاضائن کي به پورو ڪري سگهي. جنهن ۾ معاشري جا سڀئي ذهني، جذباتي، روحاني ۽ مادي وهڪرا اچي ملندا هجن، جيئن مختلف ۽ متضاد عنصر هڪ ٻئي سان ربط پيدا ڪري هڪ وحدت ٿي سگهن. ان وحدت ذريعي فرد جي طرزِ فڪر ۽ عمل متعين ٿئي ٿو. فرد ۾ زندگي سان زنده رهڻ جو شعور پيدا ٿئي ٿو ۽ انهيءَ وحدت جي سهاري فرد زندگي جي هر قدم ۽ هر موڙ تي پنهنجا ننڍا وڏا مسئلا  حل ڪري سگهي ٿو ۽ هن جي شخصيت ۾ خود غرضي ۽ تضاد نٿو پيدا ٿئي، هن جي فڪر ۽ هن جي عمل جا بنياد واضح، اونها ۽ هن جي شعور ۽ مزاج جو هڪ حصو ڀي ٿين ٿا. يڪجهتي، حب الوطني، قرباني، رواداري، فراخدلي جهڙا عنصر ان وحدت مان پيدا ٿين ٿا. پر جڏهن خيال ۽ قدرن جي نظام جي ڀڄڻ ڀرڻ سان قومي بيٽري ڊائون ٿي وئي هجي ته روشني ڪيئن ۽ ڪٿان اچي سگهي ٿي؟ جڏهن مضبوط نظام جو هي رشتو ئي نه رهيو هجي ته يڪجهتي، حب الوطني ۽ عظيم پاڪستان جي خواهش به ڪنهن چانئٺ تي پنهنجو مٿو ڦاڙي سگهي ٿي.

اُهي ڳالهيون جيڪي مون هنن صفحن ۾ بيان ڪيون آهن ڏاڍيون ڀوائتيون آهن. ليڪن ان تصوير کان ڊپ ڪرڻ جي ڳالهه ڪانهي. ان تصوير جي هيءَ شڪل ان ڳالهه جي علامت آهي ته انهن منفي قوتن جي افق مان مثبت ۽ تعميري قوتن جو سج اڀرندو- جيڪڏهن معاشرو ان منزل تي نه اچي ته نئين فڪر کي قبول ڪرڻ جو عمل بي معنيٰ ٿي وڃي. سرءُ ۾ ٻج ڇٽڻ جو ڪم ٿيندو آهي ۽ ننڍي ننڍي ٻج مان وڏا وڻ پيدا ٿيندا آهن. هن وقت ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته کليل دل ۽ دماغ سان پنهنجي مسئلن، پنهنجي فڪر ۽ پنهنجي سماجي ۽معاشرتي ڳالهين جو جائزو وٺي انهن کي نين تقاضائن مطابق بدلائجي ۽ ترتيب ڏجي. فڪر جي قومي سطح تي ئي انهن سڀني مسئلن جو حل تلاش ڪري سگهجي ٿو.

 

 

(3)

مون هن وقت تائين هر مسئلي کي قومي نقطهء نظر سان ڏٺو ۽ سمجهيو آهي. انهن ڳالهين ۽ عنصرن کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪي قومي ڪلچر جي پيدا ٿيڻ ۾ رنڊ ڪ آهن.  قومي ڪلچر نه هئڻ سبب زندگي، معاشرو ۽ فرد سسي ايترا محدود ٿي ويا آهن، جو وڌڻ جو عمل ئي بند ٿي ويو آهي. ان ڳالهه جي بند ٿيڻ جو نتيجو هي آهي جو فرد کي معاشري سان ڪا به دلچسپي نه رهي آهي. معاشرو مجموعي طرح هڪ وحدت جي حيثيت وڃائي ويٺو آهي. اها قوتِ حيات جنهن کي  برگسان Elan Vital  جي لفظ سان ادا ڪري ٿو، جنهن کي برنارڊ شا Life Force جونالو ڏئي ٿو ۽ رومي ”جانِ جهان“ ڪوٺي ٿو اسان جي اندر ۾ مرده ٿي وئي آهي ۽ اسان انساني ۽ سماجي سطح کان هڪ درجو هيٺ ڪري پيا آهيون. اڄ ڪجهه ائين محسوس ٿو ٿئي ته اسان قومي نقطـﮧء نظر کان سوچڻ جي صلاحيت کان محروم ٿي ويا آهيون. ان ڪري مختلف علائقن ۾ پنهنجي پنهنجي پيٽ ڀرڻ جو عمل ڏسڻ ۾ ٿو اچي ان ڪري فرد به مختلف سطحن تي ان عمل ۾ مشغول آهي. بي انصافي، ڏاڍ ۽ استحصال، ظلم ۽ عدم مساوات سڀ ان جو نتيجو آهي.

ان کان اڳ جو اڳتي هلون اهو ضروري آهي ته قومي نقطهءِ نظر کان يڪجهتي جي ان مسئلي کي به ڏٺو وڃي جنهن ۾ اهي ماڻهو شامل آهن، جيڪي هندوستان جي مختلف علائقن مان هميشه لاءِ هن نئين ملڪ ۾ اچي رهيا آهن. پاڪستان صرف انهن ماڻهن جو ملڪ نه آهي، جيڪي صدين کان هتي رهن ٿا پر هن ملڪ تي انهن ماڻهن جو به ايترو حق آهي، جن ان کي پنهنجين آرزوئن جو ڪعبو بنائي وجود بخشيو هو ۽ جي جاگرافيائي اعتبار کان هندستان جي ڪنهن ٻئي علائقي سان تعلق رکندا هئا ۽ جن کي اڄ عام طرح ”مهاجر“ جي نالي سان ڪوٺيو وڃي ٿو. پاڪستان جي جدوجهد ۾ سڀ کان اڳرا رهندي اقليتي صوبن جي مسلمانن اهو تصور به نٿي ڪري سگهيو ته پاڪستان سان انهن جو روحاني ۽ مادي رشتو نه آهي ۽ پاڪستان ۾ انهن سان ڪنهن قسم جي بي انصافي ٿي سگهي ٿي. هنن لاءِ پاڪستان هڪ مقدس سرزمين، هڪ عظيم آدرش جو درجو رکيو ٿي. سوچڻ جي ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪڏهن هو ائين نه سمجهندا هجن ها ۽ پاڪستان سان هنن جو ناتو روحاني ۽ ذهني عمل جي سطح تي نه هجي ها ته آخر هو اهو عمل پاڻ ڇو ڪن ها؟ صرف ان بنياد تي ته  جاگرافيائي اعتبار کان هو هن سرزمين سان واسطو نٿا رکن. هنن کي هتان جي قديم باشندن جي برابر حق نه ڏيڻ بذاتِ خود اهو عمل آهي، جنهن جو بنياد نه صرف بي انصافي ۽ ظلم تي آهي پر جنهن سبب قومي يڪجهتي جو عمل به ڍلو ٿي ويو آهي. مختلف طبقا، مختلف آباديون هڪ ٻئي ۾ سمائجي نه رهيون آهن ۽ پاڪستان هڪ ڄاتل سڃاتل قوم جي تصور کان اڃا تائين محروم آهي.


[1]  Man and society P. 117.

[2]  مڪاتيب شيخ احمد سرهندي.

[3]  سر سيد تفسيري مضامين. مطبوعـﮧ مجلس ترقي ادب ص- 204.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org