سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: جنگناما

باب: 5

صفحو :17

 

17. ڀيمجي جي ميان غلام شاهه سان جنگ

        پنهنجن ڀائرن کي مڃائي مطيع ڪري، ميان غلام شاهه سن
1170هه (1757ع) ۾ سنڌ جو حڪمران ٿيو ۽ ان کان پوءِ ڪڇ جي راءِ طرفان ٿيندڙ زيادتين طرف توجهه ڪيائين. ٻه طاقتور قومون نوتيار ۽ جت ساڳئي وقت ڪڇ توڙي سنڌ (جاتي ۽ بدين) ۾ آباد هيون ۽ انهن جو ڪڇ جي راءِ سان تاريخي ناتو هو. ان وقت ڪڇ ۽ ان کان اڳ ڪڇ جا راءِ، جيڪي جاڙيجا سما هئا، سي عقيدي طور مسلمان هئا. جيتوڻيڪ ڪي هندڪيون ريتيون رسمون به ڪندا هئا، انهيءَ ڪري انهن جا سڱ بند جا به رشتا هئا. ان وقت ڪڇ جو راءَ گوڙجي هو، جنهن جي ڀاءُ آسـُـوجي نوتيارن مان شادي ڪئي هئي، جيڪي ”ٻـَـني“ ۾ ويٺل هئا. اُها ڇوڪري ايڏي همت واري هئي، جو سانـَـهه ڍڳي کي ڪـَـن مان جهلي قابو ڪيو هئائين. کيس ٻه پٽ ٿيا: ڀيمجي ۽ ويسوجي. هو ٻئي همت وارا هئا، پر ڀيمجي وڏو پهلوان هو. سندس ناناڻا نوتيار هئا ۽ سندس شادي به سنڌ جي سوڍن مان ٿي هئي. سنڌ سان سندس گهاٽو تعلق هو. ميان غلام شاهه جي حملي وقت آڻ نه مڃيائين. ”جهاري جبل“ وارو علائقو هنن جي جاگير ۾ هو ۽ ڀيمجي ۽ سندس ڀاءُ ٻئي مقابلي لاءِ ”جهارو جبل“ جهلي بيٺا، ميان غلام شاهه جي طاقتور لشڪر سان پڄي نه سگهيو، پر آخر دم تائين وڙهيو ۽ سـِـر ڏنائين، پرميدان نه ڇڏيائين. تڏهن چيائون ته: ”واه ڀيمجي! جنهن جهارو ملهايو.“ هن جنگ جا هيٺيان بيت اسان ننگر پارڪر جي سگهڙ جي سروپيي فقير ڍاڍي مڱڻهار کان ٻڌا
(1) :

ميان ماڻهو موڪليو، ڀيمجي اوري آءُ
لونگي ٻڌايان لک جي، سوني سروپاءُ.
---
ڀيمجي امان ائين چيو، متان لڄائين کير
چئي: جيئري جهارو نه ڇڏيان ڀلي اچن امير.
لغاري لاشاري چانڊيا، ڀيڙا رند ٻروچ
علي علي ڪري اُٿيا ڪڙڪيا ڪوٽ ڪروڙ.
---
ڀيمجي چيو ڀاءُ کي ڀڄڻ ناهي وير
هڻو تراريون تکيون، پڙ ۾ کوڙيو پير.
---
ڪارو گهوڙو ڪجلو، ملير موراٽو
اچي پيو لشڪر ۾ ڀيمجي ڀالارو.
---
سوڍي راڻي ايئن چيو: ڀيمجي ڪو ڪري
سونَ ڪٽاري هٿ ۾، رُڪ سان راند ڪري.

------

18. ڪڪرالي جي ڪيهرن سان جنگيون(1)

        اوچتي درياءَ جي ڏکڻ وارو پاسو، ڪيٽي بندر شهر کان اُڀرندي وارو پاسو، موجوده سنڌو درياءَ جي اوڀر طرف شاهبندر تعلقو، اهو سڄو ملڪ ڪڪرالو يا ڪڪراڙو سڏبو هو، ۽ آڳاٽي وقت کان وٺي ڪهر قبيلي وارن جي اُتي هڪ مقامي رياست هئي. ڪو وقت هو جو ڪڇ جي اَبڙاسيي واري علائقي ۾ به ڪيهرن جي حڪومت هئي، انهيءَ ڪري ڪڪرالي جي ڪيهرن ۽ ڪڇ جي راڄن جي وچ ۾ ويجها ناتا هئا، خاص طرح سمن جي قبيلن ۾ ڪڪرالي جا حڪمران به ”ڪيهر سما“ هئا ۽ انهي ڪري ”ڪيهر ڄام“ سڏبا هئا. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي اڃا جڏهن حڪومت هٿ نه ڪئي هئي ۽ ڀائرن سان سندس مقابلا پئي هليا، تڏهن هن هيٺ لاڙ طرف پئي گشت ڪيا ۽ ڀانئجي ٿو ته هن ميرپور ساڪري طرف ڌاراجا جي راڻي، ملير ۽ ساڪري جي ڪرمتين ۽ ڪڪرالي جي ڪيهر ڄامن کان مدد گهري. اهي ٽيئي طاقتور ڌريون هيون، پر ميان غلام شاهه ۽ سندس ڀائرن جي جهيڙي ۾ نه پيا. پوءِ جڏهن ميان غلام شاهه حڪمران ٿيو ته انهن ٽنهي ڌرين خلاف قدم کنيائين. ڌاراجا جو راڻو اتي جي ”نڱامرن جي رياست جو آخري“ حڪمران هو، جنهن تي ميان غلام شاهه طرفان ڄام بجار جوکيي حملو ڪيو جو هو مارجي ويو. سن 1173هه جي آخر ۾ ڪڪرالي جي ڄام ڏيسر جي ڪن مهٽ ڪرڻ لاءِ ميان غلام شاهه توجهه ڏنو. پهريائين محمد اويس ۽ ٻين سردارن کي ڄام جي خلاف موڪليائين. انهن ڄام ڏيسر کي هڪ ٻئي پٺيان شڪستون ڏنيون. آخرڪار 7- صفر 1184هه (8- ڊسمبر 1760ع) تي ڄام ڏيسر مجبور ٿي ڀڄي وڃي ڪڇ ۾ پناهه ورتي.

        ٿي سگهي ٿو ته ان کان اڳ به ڪلهوڙن حاڪمن طرفان موڪليل لشڪر مٿن چڙهائي ڪئي هجي. اهو به ممڪن آهي ته ٻين طرفان ڪي حملا ٿيا هجن، پر ڪڪرالي جا ڪيهر ميان غلام شاهه جي حملي کان پوءِ ڪمزور ٿي چڪا هئا. هنن بيتن جي ٻولي مان ڀانئجي ٿو ته هي 18- صدي عيسويءَ کان اڳ جا ناهن، هنن بيتن مان ظاهر آهي ته ”بستان بندر“ تي ڪو حملو ٿيو جنهن ۾ ڪيهرن هارايو. ان کان سواءِ ٻي به ڪا لڙائي ٿي، جنهن ۾ ڪيهرن جي لشڪر اچي ”ڳڙهه آباد“ (آباد جي قلعي) ۾ پناهه ورتي ۽ منجهانئن ڪي ملڪ ڇڏي کنڀات طرف هليا ويا. ڄام ڏيسر کان اڳ يا پوءِ ڪيهر ڀوڄراج(1)  ٿيو جيڪو وڏو سورهيه هو. هنن بيتن ۾ ”ڪيهرن جي مخالف“ واري طرف جي شاعر سندن گلا ڪئي ته ”ڪيهرن جي طرف جي شاعر“ ان جو جواب ڏنو.

مخالف ڌر جو بيت

جـُـمعي بعد جا سـُـئي ڪا بـَـستا منجهه بندر(2)
ته ڏسو ڏيسر ڄام جا ڪيهر هئا ڪونڌر
ڌُڪي جي ڌمال سين پير نه کتن پر
وِتائي وڌئون واٽ تي پنهنجا هٿن سان هـَـٿير
(3)
پوءِ ناحق موٽي نر، لـُـڳڙ لوڏي آئيا

 

ڪيهرن جي طرف جو جواب

خدا ڪنان خير پن، وائي ايءَ مَ وار
ڪيهر ڪابل ڪرمي، طالع سندن تار
نيگهـَـڻ، بـُـولو، ڪانهيون، مـُـنگر ُ مـَـل متار(1)
اي چارئي چڙهيا اُمراءَ اچن، ڀڙ جني تي بار(2)
سـَـاڀئـَـه سـَـڄائي چڙهيا، ”ديري“ جن درٻار(3)
اُن سين راڄو روجهيءَ تي چڙهي ٿيو ڀليءَ ڀاڻ سوار(4)
تل واهيندا تار، جي سانهه سانڀٽيا پان ۾(4)

 

مخالف

توجي سانهين سـَـٽ ئي نه جهلي، ٽٺا ٽـَـراهه پئي
ڪي ڀڳا ”ڳڙهه آباد“ تي، ڪن وڃي “کنڀات” کنئي
ڪي لڪا اهڙي للَ سان، جئن لکين ڪونه لهي
جيءَ لڪانيئون جانيون، ٽوئي هيٺ ٽهي
سـُـپت سردارن جي رَئي ڪانه رهي
سانجهر سوير ئي، آيا ”ڳڙهه آباد“ ۾.
---
پر جو لوڏ ڪندو هو لاڏڪو، مڙد سونهريءَ مـُـٺ(5)
سو پڙ کي ڏيئي پـُـٺ، تو جو ڀوڄراج ڀڄي ويو(6)

 

موافق

ان ڀوڄراج جي ڀڄڻ جو، آءٌ سنهن کڻان سؤڳنڌ(1)
ڪَ گنگا اُلٽي وَهي، ڪَ جهـُـري سڪندر ٻنڌ
ڪَ قطب تارو پوئتي، رڙهي وٺي رند
ڪـَـه موٽي پوي ماه ۾، سندو هاٿيءَ ڏند
ته به ڪيهر ورائي ڪنڌ، پڙ کان پٺيرو نه ٿئي.

 

مخالف

پر پـِـڙ کان پٺيرا ٿيا توجا موٽيا مٿيرا
ستن پنجن پاڻ ۾، گهوٽن ڪيا گهيرا
پاڳون پنجاهين جون ڍَري ٿيون ڍيرا
اچن لوڌيل لڪندا، جهڙا ڳڱاٽيل ڳيرا(2)
سانجهر سويرا، آيا ”ڳڙهه“ آباد ۾.

موافق

پڙ کان پٺيرا نه ٿيا جڏ دانهه هئا ”ديري“
وڏي بخت بلند هئا ڪـِــهر ڪڪراڙي
ڪوڪ تني جي ڪڇ ۾ کنڀات ۽ کاري
ڏينهن لڳن راتيون پون،  ورق وجهن واري
وئــــا ٻـــول پنهنجا پـــــاري، ڪــهــر ڪڪراڙي ڌڻي.

------

 

19. ميين عبدالرحيم گرهوڙي جي ساميءَ سان جنگ

ڪلام گرهوڙي ۾ آندل روايت(1)

        گرهوڙي صاحب هيءَ جنگ سن 1192ع ۾ ڪئي. مهاڏيو جي مڙهي خيرپور (ضلعي) جي ٿر واري ٽڪر ۾ هئي. چون ٿا ته انهيءَ مڙهيءَ جو بنياد 500هه ۾ پيو. روايت آهي ته مڙهيءَ جو برپا ڪندڙ گنگا نديءَ مان پاڻي کڻي نڪتو هو، انهيءَ ارادي سان ته ڪٿي هڪ وڏي مڙهي ٺاهي وڃي ويهان. ڪٿي ۽ ڪهڙن اصولن تي مڙهي بنائي وڃي، انهيءَ لاءِ گنگا جر کنيو هئائين ۽ دل ۾ رٿيو هئائين ته جنهن هنڌ جو پاڻي گنگا جر سان تور ۾ هڪ جيترو بيهندو، اُتي اها مڙهي اڏائي ويندي. گهڻائي ڏيهه ڏوريائين، مگر پاڻي وزن ۾ گهٽ ٿي بيٺو يا وڌيڪ. آخر جڏهن رلندي رلندي هڱورن وٽ آيو، تڏهن اُتي جو پاڻي گنگا جر سان وزن ۾ ڀچي آيو. پوءِ اِهو ٻائو اُتي مڙهي ٻڌي ويهي رهيو ۽ ان کي مهاڏيو جي مڙهي يا مهاڏيو جو مندر ڪري سڏيائين. آهستي آهستي اُن جي چوگرد شهر بنجي ويو.

        انهي مڙهيءَ جي مهنت کي جادوءَ جي زور تي ڏاڍي طاقت هوندي هئي، جنهن ڪري سڄو ملڪ نميو پيو هوندو هئس. ٻارهين صدي هجريءَ جي آخر ۾ مهاڏيو جي مڙهيءَ جو مهنت سوامي دَنگرُ نالي هو، جو پنهنجي ننڍي ڀاءُ گرت گر جي حمايت سان وڏي هستي رکندو هو. هندو خواه مسلمان هزارن جي تعداد ۾ سندس پوئلڳ هئا ۽ گهڻيءَ پسگردائيءَ ۾ سندس مڃتا هلندي هئي. سندس لنگر هميشه جاري هو، تنهنڪري آيو ويو سندس نمڪ کائي، سندس ارادتمنديءَ جو دم ڀريندو هو. چانيها ۽ گجو ذات جا مسلمان پڻ سندس مريد هوندا هئا. انهن جي استدعا تي سوامي دتگر کين شڌ ڪري هندو ڌرم داخل ڪندو ٿي ويو.

        جڏهن کان مسلمانن جي مرتد ٿيڻ جو پڙلاءُ گرهوڙي صاحب جي ڪن تي پيو، تڏهن کان وٺي دلي ارادو هوندو هئس ته اها مڙهي منهدم ڪري، ساري مانڊاڻ کي نابود ڪري ڇڏيان. هڪ دفعي لنواري شريف ڏي ويندي، مڙهي جي طرف کان ايندڙ يارن وٽان معلوم ٿيس ته بتخانو اڳي کان به وڌيڪ زور ٿي ويو آهي. اها ڳالهه ٻڌندي ڏاڍو جوش ٿيس ۽ يارن کي چيائين ته بتخانو ڊاهڻ ضروري آهي. حاضرين مان هڪ درويش کي پنهنجي پاران خواجه گل محمد صاحب ڏي موڪليائين ته وڃي احوال پهچائي ۽ پاڻ پوئتي موٽيو. انهيءُ درويش خواجه صاحب وٽ پهچي احوال پيش ڪيو ۽ عرض ڪيائين ته شيخ صاحب مون کي اماڻڻ وقت هيءَ بيت روئي پڙهيو هو ته:

جنهن ڪن ٽوپايا ڪوڏ مان، تنهن کي ڪڄاڙو
ماڻس ستاڙو، پڻس نالو ڪينڪي.

        حضرت خواجه صاحب اهو سنيهو سڻي ڏاڍو افسوس ڪيو ۽ فرمايائون ته: ”شيخ صاحب پنهنجي عمر جي پڄاڻي ڏٺي آهي.“

        پوءِ گرهوڙ ۾ پهچي عام پڙهو گهمارايائين ته: ”آهي ڪو غازي، جو جهاد في سبيل الله ۾ ساهه ڏئي“؟ مگر هلي اُهو، جنهن کي ڦڻي ڏيڻ جيڏي ڏاڙهي هجي.۽ ڪل ٻاهتر ماڻهو ساڻس هلڻ لاءِ تيار ٿيا. رواني ٿيڻ وقت هڪ خط مارو ٿيٻي هٿان مير بجار خان ڏي لکي موڪليائين ۽ هي نياپو پڻ ڏنائين ته: جنهن جي نياپي تي مون توهان کي دنيوي رهائش لاءِ هڪ زمين جو ٽڪر هٿ ڪري ڏنو هو، انهي نياپي موڪليندڙ جي ڪم سان مان هتان روانو ٿو ٿيان. توتي هاڻي فرض آهي ته اچي منهنجي مدد ڪر. حڪم موجب مارو ٿيٻي، مير بجار خان کي وڃي خط ڏنو. مير کي انهي وقت ايمان ڇڏي ويو. پاڻ ته ڪونه آيو، پر مدد به ڪانه موڪليائين. پاڻان جواب ڏياري موڪليائين ته: توهين ۽ مهنت ٻئي فقير آهيو، اسان جو انهيءَ ۾ واسطو ناهي، جيئن وڻيوَ تيئن ڪريو. هوڏانهن مهنت کي چوائي موڪليائين ته اسان جو مڱريي جي ڪاهه سان ڪوبه واسطو ڪونهي، توهين مڱريي سان ڪهڙو به سلوڪ ڪري سگهو ٿا.

        گرهوڙ کان پهرين منزل ”رڪن ڍليار“ وٽ ڪيائون، جو کپري کان 5 ميل اوڀر ۾ آهي. اتي ٿيٻن وٽ سرنهن جي وڻ هيٺ ڏينهن ٺاريائون. مارو ۽ الياس ٿيٻو ٻئي ڀائر جهاد لاءِ تيار ٿيا، پر پاڻ الياس کي پوئتي گهر جي سنڀال لاءِ ڇڏيائين ۽ فقط مارو کي ساڻ کنيائين. اُتان ڪوچ ڪري ”راڙ“ جي سيدن ۾ آيا. سيدن کي چيائون ته: ”اوهين سونهان ٿي هلو.“ سيدن چيو ته: ” مهنت تمام ڪرڙو آهي، هي لشڪر ڪڏهن به ڪونه کٽندو، ۽ جيڪڏهن مهنت کي خبر پئي ته اسان سونهپ ڪئي آهي ته اسان کي پيڙي ڇڏيندو.“ ائين چئي هلڻ کان انڪار ڪيائون. سندن ساٿ ۾ ڪامل نالي هڪ ڪوري هو، جنهن چيو ته: مان تازو اُتان اَن خريد ڪري آيو آهيان، واٽ آءٌ به ڏيکاري سگهندس. تنهن تي پاڻ چيائين ته: تون جيڪڏهن هنن ٻاهتر ڄڻن جو سونهون ٿيو ٿو هلين، تڏهن ڏينهن قيامت جي به هنن ٻاهتر ڄڻن جو سونهون ٿي هلندين. هنن سيدن جي سيدي وٺي ٿو ڏيان ڪورين کي ۽ ڪورين جي ڪورپ وٺي ٿو ڏيان راڙ جي سيدن کي.

        ”راڙ“ کپري تعلقي ۾ هڪ ننڍو ڳوٺ آهي، جتي اڃا تائين ڪيترا سيد ويٺا آهن، جي ڪورڪو ڪم پيا ڪن. ڪامل ڪوريءَ جا پويان اڃا تائين گرهوڙي صاحب جي درگاهه جا مجاور ٿيندا اچن. مرحوم سنگهار فقير، جنهن جي واتان هيءَ روايت آندي وئي آهي، سو به ڪامل ڪوريءَ جي ڪڙم مان هو. آخر راڙ مان رڙهي اچي مهاڏيو جي مڙهيءَ کي قابو پيا. ان وقت سڄي عملي وٽ فقط هڪ ڏور واري بندوق هئي.

        مهنت وٽ هڪ ڪشتو هوندو هو، جو هر ڪنهن طرف کان اَنَ، گيههُ ۽ گوشت وغيره گڏ ڪري اچي ديڳ ۾ وجهندو هو، جا رجهي تيار ٿيندي هئي ۽ اُن مان اُتي جا رهاڪو - هندو خواه مسلمان - کائيندا هئا. انهيءَ ديگ ۾ اهڙي حڪمت هئي، جو سوين ماڻهو کائي اُٿندا هئا، پر هوءَ اوتري جي اوتري رهندي هئي. از انسواءِ ڪهڙو به مريض وٽس ايندو هو، ته مٿس ٻه - ٽي لفظ پڙهي شوڪاريندو هو ته مرض لهي ويندو هو. انهن ٻنهي ڪرتبن ڪري ماڻهن ۾ مهنت جي وڏي مڃتا هوندي هئي.

        شيخ عبدالرحيم گرهوڙي شهر جي ويجهو وارد ٿيڻ شرط جـُـتيءَ جي هڪ پادر کي حڪم ڏنو ته ڪشتي کي ڪيڏانهن به نه ڇڏج. سو ڪـِـشتو جيڏانهن وڃي تيڏانهن موچڙا کايو موٽيو اچي ساميءَ جي اڳيان ڪري. سامي حيران ٿي چيو ته شايد ڪو جادوگر آيو آهي جو ڪشتي کي گدائيءَ کان روڪي ٿو. چوڌاري چاري موڪليائين، جن خبر اچي ڏنيس ته ٻيو ته شهر جي ڇڪ ۾ ڪونه آيو آهي، سواءِ گرهوڙ واري مڱريي فقير جي. ساميءَ کي اڳئي سـُـڌ هئي ته مڱريو وڏو درويش آهي، جنهن ميرن کي سنڌ وٺائي ڏني هئي. تنهن تي ساميءَ جي ننڍي ڀاءُ گرت گر کيس چيو ته هن کي ميرن جي ضرور مدد هوندي ۽ از انسواءِ فقير به آهي، انهيءَ سبب ساڻس وڙهڻ چڱو ناهي، بهتر ٿيندو ته منٿ ڪري جند ڇڏائجي ۽ کيس ڪجهه ڏن ڏيئي پوئتي موٽائجي. دنگرُ کي اُها صلاح آئڙي ۽ ٻئي ڄڻا گرهوڙي صاحب وٽ لنگهي ويا. گهڻيئي منٿون آزيون ڪيائونس، سون، هيرن جواهرن ۽ سوڍين عورتن جي لالچ ڏنائونس، مگر گرهوڙي صاحب سڀني آڇن کان انڪار ڪيو، بلڪ ٻنهي ڄڻن کي اسلام جي دعوت ڏنائين ۽ کين صاف چيائين ته: جيڪڏهن ايمان نه آڻيندا ته مان جنگ کان ڪين گسندس. ٻنهي ڄڻن ايمان آڻڻ کان نابري واري. تنهن تي پاڻ کين چار شرط پرکا طور وڌائين ۽ فرمايائين ته: جيڪڏهن انهن مان ڪوبه شرط قبول نه ڪيو ته پنجون شرط تلوار جو آهي، جا پاڻهي فيصلو ڪندي. پهريون شرط: هندن جو سردار اسان وٽ اچي، اسين کيس چاليهه راتيون هڪ ڳڙکين کان سواءِ جاءِ ۾ بند ڪري، ٻاهران قلف ڏئي ڇڏينداسين. اهڙيءَ طرح آءٌ جو مسلمانن جو مهندار آهيان، سو وٽن چاليهه راتيون قلف اندر بند رهندس. پوءِ جيڪو به اسان مان فوت ٿيو، تنهن جو لشڪر آڻ مڃيندو. ٻيو شرط: هڪ ميدان مقرر ڪجي. هندن جو لشڪر هڪڙي طرف بيهي ۽ مسلمانن جو سامهين طرف، جيئن هڪٻئي کي ڏسي سگهن. پوءِ آءٌ ۽ هندن جو سپهه سالار ميدان ۾ ٽي ملهون وڙهنداسين. جيڪڏهن ٽيئي دفعاآءٌ مٿس غالب پيس ته هو مسلمان ٿيندو، نه ته آءٌ جڻيو ٻڌي ساري لشڪر سميت سندس تابع ٿيندس. ٽيو شرط: مون کي ۽ هندن جي سرڪردي کي سڀني ماڻهن جي روبرو پڌري پٽ ساهميءَ ۾ تورين، جيڪڏهن هو باوجود ٿـُـلهائيءَ جي ڳورو ٿيو ته آءٌ سندس رسمون پاڻ تي هموار ڪندس، پر جيڪڏهن آءٌ باوجود ڏٻرائيءَ جي وزن ۾ سرس ٿيس ته هو اسلام آڻيندو. چوٿون شرط: هندو پنهنجي بـُـت اڳيان راڳ روپ ۽ ريتون رسمون ڪن، جڏهن جوش ۾ اچن تڏهن آءٌ تن تنها وٽن حاضر ٿيندس. پوءِ جيڪڏهن مون تي تصرف هلايائون ته آءٌ سندن جماعت ۾ شامل ٿيندس، يا آءٌ ذڪر جي حلقي ۾ اندر ويهي رهندس ۽ سندن سردار اڪيلو اچي. اڃان اوڻيهه وکون پري هوندو ته ازخود ڪلمه شهادت پڙهي مسلمانن جي دين ۾ داخل ٿيندو. پنجون شرط آهي: جهاد، جنهن جي لاءِ سنبري آيا آهيون.

        انهيءَ پيغام موڪلڻ بعد عبدالرحيم گرهوڙيءَ پاڻ کي ڪـُـلهن تائين واريءَ ۾ پورايو ۽ سڀني سپاهين کي سڏي کانئن پڇيائين ته ڪهڙي صلاح آهي؟ جيڪڏهن ڪافر چار شرط نه مڃين ته پو”؟ سڀني يڪ آواز چيو:

صلاح ماهمه آنست کـه آن تراست صلاح

(اسان سڀني جي اهائي صلاح آهي، جا اوهان جي آهي)

        تنهن تي پاڻ فرمايائين ته: مون کي هيءَ ڳالهه منظور آهي يعني ته شهيد ٿي پورجون، سڀني چيو ته شهادت جو موت قبول ڪري آيا آهيون. تهان پوءِ زمين کان ٻاهر ڪڍيائونس.

        مٿيان چارئي شرط ساميءَ قبول نه ڪيا. تنهن تي گرهوڙي صاحب کيس ٻيو به وجهه ڏنو ۽ چيائينس ته: اوهين ڪـِـشتو گهرايو ۽ کانئس پڇو ته جيئن هو چوي تيئن ڪريون. ڪـِـشتي کان دريافت ڪئي وئي، پر جواب ندارد. تڏهن گرهوڙي صاحب چيو ته: هاڻي وري جمنيءَ کان ٿا پڇون، پوءِ جيئن چوندي تيئن ڪنداسين. ساميءَ سمجهيو ته جمني به ڪشتي وانگر خاموش رهندي، سو اهو شرط کڻي قبول ڪيائين. جمنيءَ وٺي ڪيو ”دين! دين!“. ساميءَ مڪر ڪري چيو ته: جمنيءَ مان ”ڌن، ڌن“ جو آواز ٿو اچي. تنهن تي ”حق، حق“ جو آواز اچڻ لڳو. انهيءَ ڪشمڪش تي ننڍي ڀاءُ گرت گر وڏي ڀاءُ دتگر کي چيو ته نيزاري ڪري پاڻ ڇڏائجي، نه ته هن بلا مان جند نه ڇٽندي. پوءِ ٻئي ڀائر صلاح ڪرڻ لاءِ اجازت وٺي پنهنجي جاءِ ويا.

        جاءِ تي پهتا ئي مس ته مير بجار خان جو مخفي خط به اچي ملين، جنهن ۾ لکيل هو ته اسان جو مڱريي فقير جي لڙائيءَ سان ڪوبه واسطو ڪونهي، اوهين پاڻ ۾ ڄاڻو. ٻنهي ڀائرن کي مير صاحب جو ڊپ هو، پر جڏهن خبر پين ته مير جو هٿ ناهي، تڏهن پيٽ ۾ ساهه پين ۽ چيائون ته انهن ٻاهتر ڄڻن کي اجهو ٿا گهمائي وٺون. انهيءَ خيال سان وٺي ڀير تي ڏونڪوهنيائون ۽ جنگ لاءِ تياري ڪرڻ لڳا. ايتري ۾ گرهوڙي صاحب جي ماڻهن به اچي احوال ڪيو ته: قبلا، سامي ۽ سندس ڀاءُ ته صلاح مشورت لاءِ وقت وٺي ويا هئا، مگر ڏسجي ائين پيو ته جنگ لاءِ تياري ٿي رهي آهي. تڏهن پاڻ فرمايائون ته: شايد مير بجر ڊوهه ڪيو آهي، ٿيندو به ساڻس ڊوهه:

اسان پاري، بـِـجر نه پاري
وئي بـِـجر جي سرداري.

        هن جنگ ۾ ڪي ٽالپور به شامل هئا، جن عرض ڪيو ته: قبلا، بجر ته دغا ڪئي، پر اسان ٽالپورن ڪهڙو ڏوهه ڪيو، جو اسان کي به پاراتو ڏنو ويو آهي؟ تڏهن پاڻ فرمايائون ته: ”اوهين مير پيا سـُـکيو پيٽ پاليندا.“ انهيءَ دعا جو اهو نتيجو ٿيو، جو اڄ اڄاڻ تائين سڀڪنهن ٽالپور وٽ ڪجهه نه ڪجهه زمين جو ٽڪر آهي ۽ خوش گذران ڪري رهيو آهي.

        ٿوري وقت ۾ ساميءَ جو لشڪر اچي ويجهو پيو. پاڻ پنهنجي ساٿين سان اڳڀرو وڌيا ۽ رامڻ ٽالپر کي حڪم ڏنائون ته بندوق ڀري ڇڏ. رامڻ جواب ڏنو ته مون اڳئي ڀري ڇڏي آهي. چيائونس ته ٻيوڪان به ڀري ڇڏينس ۽ جڏهن مان چوان تڏهن ڇوڙج. جنگ ڇڙڻ تي پاڻ پرڀرو ٿي رامڻ سان گڏ وڃي بيٺو. مريدن هڪ ترار ۽ ڍال واري کي موڪليو ته وڃي ڀر ۾ بيهه ته وقت سر ڍال سان بچاءُ ڪري سگهجي. پاڻ يڪدم ڍال واري کي هٽائي چيائين ته:

سـِـپر سـُـورڪندياءِ، مرڻ باس ته مير ٿين

        پوءِ ته مجاهدن وٺي هندن جي لشڪر تي هلان ڪئي. گرهوڙي صاحب پاڻ نڪو هٿيار هلايو ۽ نڪي ڪو ڪاوڙ يا پٽَ جو لفظ وات مان ڪڍيائين. رڳو ”اياک نعبد و اِياک نستعين“ واري آيت پئي دهرايائين. ايتري ۾ سامي دتگر، ڪاري گهوڙيءَ تي چڙهيل، ڪٽاري چيلهه سان ٻڌل ۽ نيزو هٿ ۾، لشڪر اڳيان گهوڙيءَ کي ٽپائيندو ۽ ڪڏائيندو نظر آيو. پاڻ رامڻ ٽالپور کي حڪم ڏنائون ته سامي جي سيني ۾ بندوق هڻ. بندوق لڳڻ سان سامي گهوڙيءَ تان آهٽجي پيو ۽ سندس ٽنگ رڪيب ۾ ڦاسي پئي. هندن جي لشڪر جڏهن ڏٺو ته سندن صوبوڪري پيو آهي ۽ گهوڙي کيس گهليندي وتي، تڏهن چيائون ته پهرين ساميءَ کي بچايون ۽ پوءِ انهن ٻاهتر ماڻهن کي گرفتار ڪندي ويرم نه ٿيندي. دشمنن ۾ ٽاڪوڙو ڏسي مسلمان پٺيانئن ڪاهي پيا. اهو وجهه وٺي، دشمن جا ڪي آدمي گرهوڙي صاحب تي آور ڪري آيا. پهرين پهرين لکاني چانهين گرهوڙي صاحب تي بندوق ڇوڙي، پر بندوق ڦاٽي پئي. پوءِ بندوق اڇلي اچي کس بڙڇيون هنيائين ۽ ستابي گجوءَ ترار جا ڌڪ هنيا ۽ هڱورني ۽ راڄڙ مٿس ڪهاڙين جي وار ڪئي. ماروٿيٻي جڏهن هيءُ حال ڏٺو تڏهن ڊوڙندو ڊوڙندو ”ابو، ابو“ ڪري اچي گرهوڙي صاحب جي مٿان پيو ۽ انهن ساڳين نامرادن کيس ترار هڻي ماري وڌو. اهڙيءَ طرح گرهوڙي صاحب جي ماروءَ جي حق ۾ پيشنگوئي پوري ٿي ۽ سندن رت گڏيا.

        ايڏن زخمن هوندي به گرهوڙي صاحب جي بدن مان رت جو هڪ ڦڙو به نه وهيو ۽ سڀئي گهاءَ اندران اڇا ڏسڻ ۾ پئي آيا. انهيءَ حادثي بعد پاڻ ٽي ڏينهن جيئرو رهيو. ساميءَ جي لشڪر تي اچي الاهي مصيبت ڪڙڪي، جو سڄو ناس ٿي ويو. گرهوڙي صاحب جا به ڪيترائي اصحاب شهيد ٿي ويا. پاڻ پنهنجي لشڪر کي حڪم ڏنائين ته مڙهيءَ کي ڊاهيو ۽ بـُـت ڀڃي ڀورا ڪريو. پوءِ انهيءَ جاءِ تي مسجد ٺهرايائين ۽ مٿس مجاور مقرر ڪيائين. لشڪر کي هدايت ڪئي وئي ته کائڻ پيئڻ مباح آهي، مگر ڪنهن شيءِ کڻڻ جي اجازت ناهي. ٽن ڏينهن اندر سارو انتظام پورو ڪري پوءِ دم ڏنائين.

        چون ٿا ته وصال وقت امر ڪيو هئائين ته مون کي يڪدم نه پورجو، جو ٽن ڏينهن بعد جيئرو ٿي اُٿندس، پر جيڪڏهن منهنجي مڙهه تي ڪا مک ويهي ته پوءِ هڪدم دفن ڪيو وڃي. سندس همراز ساٿي اڃا پٺ ۾ سندس حڪم موجب ڪم ڪري رهيا هئا ته سندس جنازو اچي گرهوڙ ۾ پهتو. سندس شهادت جو ٻڌي ڪيترائي ٽالپور به اچي گرهوڙ ۾ ڪٺا ٿيا هئا. جڏهن انهن کي خبر پئي ته گرهوڙي صاحب جو هي فرمان آهي، تڏهن کين اچي ڊپ ورتو ته جيڪڏهن گرهوڙي صاحب جيئرو ٿي اُٿيو ته اسين سخت ڏوراپي هيٺ اچي وينداسين، جو اسان سندس سڏ نه ورنايو هو. سو اچي تاهوت مچايائون ته بزرگ کي هڪدم دفن ڪيو وڃي. آخر انهن جي زور تي جنازو تڙتڪڙ ۾ زمين داخل ڪيو ويو. جڏهن سندس سچا ساٿي پهتا، تڏهن ارادو ڏيکاريائون ته قبر کوٽي جنازو ٻاهر ڪڍي رکون، مگر خواب ۾ اشارو ٿين ته اهو هلي چليءَ جي برخلاف ٿيندو، تنهنڪري ضرورت ناهي.

        مهاڏيو جي مڙهيءَ واري شهر جو نالو مٽائي دينپور رکيو ويو. اتي جا مجاور اڃا به گرهوڙ جي درگاهه تي ايندا آهن ۽ هر سال اُتان جي کجور نذراني طور رکي، ڪجهه نه ڪجهه وٺي ويندا آهن.

عليم فقير مڱريي جي روايت

        فقير عبدالرحيم مڱريو، مڙهي ڀڃڻ لاءِ گرهوڙ مان ٿي نڪتو ته نياڻيون قرآن شريف کڻي ميڙ ٿي آييس ته نه وڃ. تڏهن چيائين ته:

ڳؤرا ٻئي بار، هؤرو بارنه هيڪڙو
وهان تان ويرم پئي، نينهن پئي نهار
هت وعدي جي وار، هت سؤٽينم سرتيون.

        جهاد لاءِ تيار ٿيو ته ساڻس ڪل ستر ماڻهو هئا، ايڪهتريون پاڻ هو.

        شادي پلي ۾ آنس پلي هو، جو پڻ تسبيح کنيو پيو ٺڙڪائيندو هو ۽ ميين گرهوڙيءَ کي چيو هئائين ته آءٌ به جهاد تي هلندس. ان کي فقير صاحب سڏيو، مگر هن چيوته اوهين هلو، آءٌ اچان ٿو. انهيءَ تي فقير صاحب چيو ته:

آنس پلي، ٺڙ ٺڙ ٺلهي
جيڏانهن ميدان علي، تيڏانهن پير نه کڻي پلي.

        فقير صاحب اُتان رڪڻ ڍليار (کپري کان 5 ميل سر اوڀر) ٿيٻن منجهه ويو، جتي هڪ سـَـرنهه هيٺ وڃي ڏينهن ٺاريائين(1). رڪن ٿيٻو مڙني جو وڏو هو، اهو نه هليو، پر مارو ۽ الياس ٻه ٿيٻا ڀائر آيا، تن چيو ته: اسين هلنداسين. فقير صاحب چيو ته اوهان مان هڪ پوئتي جي سنڀار لاءِ رهي. پوءِ مارو گڏ هليو (2) .

        رڪڻ ڍليار کان ڍيڍاڙي (کپري کان اُتر ڇهه ميل) پهتا. اتي سيدن ماني کارائي. فقير صاحب کين دعوت ڏني، پر هنن چيو ته اسان کي ڪم ڪار آهن. ڪنهن چيو ته اسان کي جهنگ وڍڻو آهي. اتي فقير صاحب چيو ته: اوهان جي ناني جي ٻنيءَ ۾ جهنگ ٿي ويو آهي، سو اسين وڃي ٿا وڍيون، اوهين ڀلي وڃي پنهنجي ٻنيءَ جو جهنگ وڍيو. رڳو مڙهي ڏيکارڻ لاءِ به ڪو گڏجي نه هليو. اتي ميرن جي ڳوٺ ۾ ڪامل نالي ڪوري هو، تنهن چيو ته: آءٌ ٽيو ڏينهن مڙهيءُ تان اُنَ جو اُٺ ڀري آيو آهيان، جي اکيون ٻڌي ڇڏيندين، ته به هلي ڏيکاريندس. تنهن تي فقير صاحب ڪامل کي چيو ته: آءُ اي ڪامل، بهشت جا سونهان! تنهنجي ڪورپ ڏيان ٿو سيدن کي ۽ سيدن جي سيدي ڏيان ٿو توکي. پوءِ اُتان آيا، سي اچي مڙهيءَ کان ميل - ڏيڍ پنڌ تي هڪ ڪنڊيءَ هيٺ لٿا.

        اها مڙهي کپري کان اٽڪل ٽيهه ڪوهه اتر - اوڀر طرف هئي. اتي ٻه تڙ ”رَهو“ ۽ ”ڏيڏرو“ هئا. ”رهو“ مڙهيءَ کان ڏکڻ طرف چار ميل پري ۽ ”ڏيڌرو“ مڙهيءَ کان اولهه طرف ٽن ميلن تي هو. فقير صاحب جنهن ڪنڊي هيٺ اچي لٿو هو، اهو ڏيڌرو تڙ لڳ، اُلهندي طرف دڙي تي هو.

        ساميءَ کي اڳي چوائي مـُـڪو هئائين، تنهن کي به فقير صاحب جي اچڻ جي خبر پئي. تنهن وري چوائي موڪليو ته: اسين ٻئي فقير هڪ گودڙيءَ ۾آهيون، پاڻ ۾ صلح ڪريون، وڙهون نه. فقير صاحب اها ڳالهه نه قبولي. پوءِ ساميءَ صبح جو وقت جنگ لاءِ مقرر ڪيو. فقير صاحب به پنهنجي ماڻهن سان صبح جو سوير اتي پهتو. فقير صاحب سان گهڻا سندس شاگرد هئا، پر انهن مان هڪ شاگرد ٽالپور، جنهن وٽ بندوق هئي، ان کي چيائين ته: جڏهن آءٌ چوان تڏهن بندوق هڻجان. اول سامي جي طرف وارن بندوقون ڇوڙيون. سڄو ميدان دونهون ٿي ويو. سمجهيائون ته فقير گرهوڙي وارا ختم ٿي ويا. سامي بندوقون جهلايون ۽ پاڻ اڳتي وڌيو. ان وقت فقير صاحب حڪم ڏنو. ٽالپور جي بندوق سان سامي وڃي ڪريو ۽ ٻيا جيڪي سامي سان گڏ هئا، اهي پئي ڀڳا. انهيءَ جهيڙي ۾ فقير صاحب جو هڪ به ماڻهو شهيد نه ٿيو. پوءِ فقير اتي مسجد ٺهرائي، جا اڃا بيٺل آهي. هڱورا، جي مڙهيءَ جا ويٺل هئا، تن کي چيائين ته مسجد جي سنڀال ڪجو.

        ساميءَ جي مارجڻ کان پوءِ، فقير صاحب ۽ سندس ساٿي مڙهي وٽ هڪ ڪنڊيءَ جي هيٺ اچي ويٺا. ان وقت ستابو چانيهو ۽ لکانو گــُـجو (چانيها ۽ گجو مڙهي تي ويٺل هئا)، سي بڙڇيون لڪائي، فقير وٽ زيارت لاءِ آيا ۽ بڙڇيون هڻي فقير کي سخت زخمي ڪري وڌائون. مارو ٿيٻو هاءِ هاءِ ڪري اچي مٿان پيو، ٻئي فقير سمجهيو ته ميين گرهوڙيءَ کي ”مارو“ شهيد ڪيو آهي، تنهن تڪڙ ۾ ترار هنئي ته مارو مري پيو. ايتري ۾ قاتل وٺي ڀڳا، تن جي پويان فقير صاحب جا ماڻهو ٿي ويا، پر فقير صاحب منع ڪئي ته انهن کي ڪجهه به نه چئجو. عيوض نه وٺجو، عيوض مون کي ڌڻي ڏيندو. فقير صاحب پوياڙي جو شهيد ٿيو. سج لٿي لاش اُٺ تي ٻڌائون. ٻئي ڏينهن سمهاڻيءَ وقت گرهوڙ تي رسيا. فقير صاحب جي شهادت تي الياس ٿيٻي چيو:

عبدالرحيم اڌ ٿيو، ”مارو“ تنهن مٿا
اُني جا الياس چئي، ليکا سڀ لٿا

        فقير صاحب جي شهادت تي ڪنهن شاعر ”ستابي“ ۽ ”لکاني“ کي بد دعا ڪئي ته:

ستابو ٿيو عتابو، جنهن ڌڪيل ڌڪ هنيو
لک لعنت لکاني تي، جنهن سورهيه ڪين سڃاتو.


(1)  مرحوم محمد اسماعيل خان نون ۽ صوبيدار سوڍي ستيڏاڻ جي مهربانيءَ سان فقير حيدرآباد آيو ۽ اسان جو مهمان ٿيو، جتي ساڻس 29-فيبروري 1960ع کان ٻه - ٽي ڏينهن رهاڻ ٿي.

(1)  هي بيان ساڪري جي داناءُ سگهڙ حاجي سرماڻ خان مرحوم کان 1951-1955ع ۾ ڪيل ڪچهرين ۽ ان بعد سندس سڄاڻ فرزند حاجي محمد سوڍي کان 13-جنوري 1963ع تي ميهر شاهه جي ميلي (بٺورو) تي ڪيل ڪچهري ۾ قلمبند ڪيا ويا.

(1)  مسلمان هو، پر ڪيهرن ۽ پڇم جي سمن ۾ ڀوڄراج ۽ پرٿوي راج نالا هلندا آيا، جيتوڻيڪ اهي صدين کان وٺي مسلمان هئا.

(2)  جمعي نماز بعد هي ڳالهه بستا بندر ۾ هلي.

(3)  وتائي وڌئون = ڦٽا ڪيائون. هٿير = هٿيار.

(1)  اهي چار ئي وڏي همت وارا.

(2)  امراءِ = امير. ڀڙ = همت ڀريا، سگها.

(3)  ساڀئه = سانبهه، گڏ، جن جي درٻار يا گادي ديري ۾ هئي.

(4)  راڄو = سردار. روجهي = گهوڙي، روجهه جي رنگ واري. ڀليءَ ڀاڻ = چڱي سوڻ سان، ڀلي ڀيڻي تي.

(4)  رت جون ترايون وهائيندا. سانهه = سگها سوره. سانڀيٽيا = ٻکين پيا، جنگ ۾ مقابل ٿيا.

(5)  سندن ترار سوني مٺ سان هئي.

(6)  توجو = تنهنجو.

(1)  آءٌ قسم ٿو کڻان ته هو ڪڏهن ڪونه ڀڳو هوندو.

(2)  سيءَ جا سٽيل ڳيرا پکي.

(1)  ڪلام گرهوڙي شمس العلماءَ ڊاڪٽر دائود پوٽو، سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچي، 1954ع

(1)  عليم فقير چيو ته مون جوانيءَ ۾ اهو سـَـرنهه ڏٺو هو. عليم فقير سن 1972ع ڌاري 110 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي.

(2) هڪ روايت موجب فقير صاحب چيو ته ٻاهتر ڄڻا بس آهن، جو حضرت امام حسين عليه السلام سان به ٻاهتر ڄڻا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org