سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: جنگناما

باب: 6

صفحو :19

 

(شير محمد خان چيو)

منهنجو مير اوهان سان، قبلا آهه ڪلام
جاري ڪندس جنگ جو، سڀاڻي سر انجام
ڪڏهن مـُـڙندس ڪينڪي، هڻندس تيغ تمام
باقبائل بند ڪندس، مگسيءَ کي به مدام
دانهه وجهي دام، آڻيان پيش اوهان جي.

 

باندي هت بـَـٺيءَ تي مر ڍوئن ڪاٺيون گاهه
اِئين ڪيمُ ته واهه، نه ته مان کي مير! نه مڃجو.

 

موڪل ميرن کؤن ڪري، جان اُٿيو اڻ گـِـيلُ
سڏو صبح جو ڪري، مانجهيءَ ڪيو ميلُ
لشڪر آيو لاڙَ جو، ٻڌي ديم دليلُ
تنهن دم ترت تريلُ، چڙهيو اَرڏو آلادين جان.

 

جيئن دوُلهه دودي راوَ تي، چاڙهيو چنيسر
هليو حيدرآباد کان، ڪانَ ڀڃي ڪيبر
وڃي نڪتا ويڙهه جا، دماما ڏهون در
اُسهيو اَلاهر، اَلغرضو اقبال سان.
ڪري ڪارونڀار، سارنگ جيان سنبري هليو
ٿيو کڙو روٿَ کـِـنوڻ سان بادلُ چاڙهي بار
پهري پاونگ تي چڙهيو، جـُـنگ جنگي جنسار
دُرس ڪري ڌڌڪار، لٿو دانهه ديوُ درياءَ تي.

 

پـُـور لنگهائيندي پاتڻي، ماندا ٿيا به ملاح
ٻه ٽي ٻيڙيون گڏ ٿيون، وهڻ لنگهائڻ واههَ
وهن مٿانهون وِير جي، تائين سنجهه صباح
پوءِ ڍَلمـِـي تؤن درياهه، لشڪر سڀ لنگهي پيا.

 

ساڻ کنيا ها سارڌو، سڀ سيڌا ۽ سامانَ
رنگدا وڃن راههَ سان، گلن جا گهمسانَ
ريشم رُپي سون جي، ڪمي هـُـيڙن ڪانـَـه
مانجهي منجهه ميدان، هڪ لحظي منجهه لهي پون.

 

پورَ ٽپائن بـَـرَ تي، سر واڳان ساهيو
دُنگَ جنين جي دست ۾، پـِـيئن مـُـنهن لايو
وٺن هرڻ هٿن سان، ڦيري ڦاسايو
ڪونڌَ وڃن ڪاهيو، ماڳ ڪپيندا منزلون.
جهـُـلي جهانگارن ۾، ڪـُـل ڪٽڪ آيا
رندَ ڪناري روهه جي، هئا هردم همسايا
سرس ڪري سعيا، اُت ڀي جوان کنيائين جوهري.

 

جوان کنيائين جوهري، ڳوڌي ڏيئي ڳـَـن ُ
جنهن کي هـُـيڙو جان ۾، زهرُ اندر سان زن
جوڙي ڪيائين جنگ جو، سڄوئي سر تنُ
دهوڙي دشمن، ذري ۾ ضايع ڪندس.

 

منزلَ منزلَ تي رکن، دانهـَـهَ داداگـِـيرَ
اڳتؤن اُٺَ سامان جا، مهمايا مهميرِ
وڃن ڪـَـرهه قطاريا، بودامنجهه بهير
آيا ساڻ اُڪيرَ، سرحد ڪاڇي سنڌ جي.

 

نـَـرَ کي ناري ڀر تي، رند اچي پئي رات
ماڻهو ملاقات تي، اچن زات بذات،
ڪـَـن مهمانيون ملوڪ جون، طرحين طرحين تات
وَرنهه وائي وات، مـُـور نه مگسيءَ کي ڇڏيان!

 

مـُـور نه مگسيءَ کي ڇڏيان، ڪنهن کي ڪندو ڪوڪَ؟
ماڻهو اُنهيءَ حد جا، مليا ساڻ مـَـلوڪَ،
خبر جنگ بنگه هه جي، هر جا پـِـئڙي هـُـوڪَ
ريڍرُ، رندستان جي، ڇا جهليندو ڦوڪَ
جڏهن ڏيندس باهه بندوق، تڏهن روهه رَيون ڪندو.

 

ڪري جمالي چوچرو، راتيان ۽ ڏينهان
جن جا جهيڙي وَرَ جهلي وڌا، سي رڙيون ڪن رِيهان
درد تنين جي دل تي، پلپل ڏي پـِـيهان
ڪـُـوڪ ڪريو ڪـِـيهان، ٿا ڇورن هـِـنيانوَ ڇڄيو پون.

 

شير محمد شور وجهي، چٽو هيئن چيوس
دهوڙي دشمن کي، مـُـدعي ماريندوس
ڳارو وجهي ڳچيءَ ۾، آءٌ ڀي آڻيندوس
نال وٺي نيندوس، جاٿؤن قول ڪري هليس.

 

ٿوري گهڻي ڏينهڙي، آيو ڪهي منجهه ڳوٺ
جيڏي جماليءَ ڪئي، سورهيه ساڻ سهوٽَ
هل ته هـِـتؤن ئي هلون، چڙهه اُٿي ڏي چوٽَ
ڪاهه قلعي منجهه ڪوٽَ، ڀـِـيڙ ته ڀيليون ”جهـِـل“ کي.

 

جي سـَـڏَ ڀائـِـي اٿم سنگتي، سي ميڙيان ڪريان گڏ
ننڊ تنهين کي ناهه ڪا، هـِـنيون جنهنجو هڏ
هڪل هاڙن کي ڪري، سڀني ڪندس سڏ
ٽاڻِ ڀڃندس ٽـَـڏ، جنهن زوراور زور ڪيو.

 

اِتي خبر امير کي، سـُـڌ پئي سارِي
تنهن مـَـڳ مگسين کي چيو، چڙهي ٿيو چارِي
اُڙد ڏسي اُٿلي اچو، پوءِ ڪريو پوئوارِي
تن ڪئي تيارِي، هلوته ڏِيلُ ڏسي اچون.

 

تازين ڇڪي تـَـنگَ، جـُـنگ هليا جاسوس ٿي
ويجها ويرين کي ٿيا، ڪـُـڏائي به ڪـُـهنگ
ڏيهان ڏوُر رهيا، دانهـَـهَ مٿي دَنگ
راوت وقت رات جي، چاري ٿيا چورنگ
سي مـَـڳ موٽيا پوئتي، اُڙدَ ڏسي اڙٻنگ
اچي لٿا آورنگ، وِڀرَ وڏيري جي اڳيون.

 

ويهي وڏيري سامهون، هـُـن جو ڏنائون حال
بيحد آهه بلوچ سان، باري اُڙد بحال
اڃا ٿو اڳتي وڃي، خانـِـي رکيو خيال
نڄاڻي ڪاٿؤن اچي، ڦـِـري سو في الحال
نيٺ ته ايندو جنگ تي، جنهن ميڙيو آهه محال
اُڙدَ اهي احوال، ٻهڳڻ! ٻـُـڌ ٻنهي ڪـَـنين.

 

پـَـهه ڪيو پاڻ ۾، مردَ اڳيؤن مگسين
جيڪي هليا جنگ تي، آخر نيٺ اچن
منهن ڏينداسين مامري، سامهون سيالن
ڀري جامَ شراب جا، تـُـرت پياريو تن
ڏسندي کيڏ کڻن، اٿئي سوڀان هٿ ستار جي.

 

ڀـَـڙَ چيو ڀائـُـن کي، اَرڏي احمد خان َ
اوهان جي انصاف جي، ڪمي آهي ڪانـَـه
هـُـنَ ڀي ٻه ٽي ٻروچن جا، گڏ ڪيا تـُـمانَ
هيڪڙائي هاديءَ جي، آ ٻئي کي طاقت ڪانـَـه
اسين به آڻيون وٺي ڪي ڪيهر جـُـنگ جوانَ
رازُ جنين رحمان، سوڀ تنين کي سامهين.

 

چڙهي وڃ چانڊيي ڏي، اَٿي دَنگَ ڀائي دِهدار
جنهن جا ڀائر جوهرِي، بـڙا بيشمار
قابل سو ڪاڇي ڌڻي، سورهيه آ سردار
دهڪو دشمن کي پوي، ڏُور ٻـُـڌي ڏهڪار
ٿيءُ تـُـريلا تيار، وڃ وڏيري وِير ڏي.

 

قابل ڪاڇي ڌڻي آ، ولي محمد واههَ
منهنجي ڀي مرضي هئي، پر ڪهڙي ڏيو صلاح
پـُـٽ ڀائٽو احمد خان جا، ها مرد مثل جئن ماهه
مينهان خان ملوڪ هو، ڪوپو ساڻ ڪماهه
ٻيو غازي گهرام هو، بانڪو بيپرواهه
تان ڀي تياري ڪري، اُٿيا علي الصباح
دنگ ُ لنگهي داناهه، وڃي دُولهه ديري ۾ لٿا.

 

گـَـنوَ سين گڏيا پاڻ ۾، فائق سان فرحت
ڏين تعظيمون تنکي، روح گڏين راحت
تان ڀي تواضع ۾ ٿيا، خان اڳيون خدمت
مردن ڪئي محبت، ويهي وڏيرن پاڻ ۾.

 

خبر خانن کؤن پـُـڇي، هو دانـَـههَ جو دستور
چي، سائين! جماليءَ جي جنگ جو، معلوم اٿئي مذڪور
چاڙهي آيو رندَ کي، سور ٻڌائي سـُـور
ميڙيو مڙني کي اچي، ڪي پاڙا جمهور
پيم اندَر ۾ پـُـور، ته وڃان دانهن وٺي داناهه کي.

 

ارڏن کي ائين چيو، مانجهي شير مٿيرَ
ابا! رکُ الله تي، ڪر وڏي دل دلير
هوڏانهن حيدرآباد هجي، هوڏانهن جيسلمير
هوڏانهن حد قلات جي، مر گڏ ڪري گجمير
هڻنداسونس ٻنهي هٿين، شوق منجهؤن شمشير
اٿم اُميد الله ۾، ڏيندم سوڀ سوير
پويان ڏيئي پير، ويندو ڪين وٿاڻ تي.

 

آياسين آس ڪري، وڏيرا تو وٽ
ابا، ڪر اسان مٿؤن، سورهيه سرَ جي سـَـٽ
چوڪنڊ ويرِيءَ ويڙهيو، ڪونه ڀانيو سي گهٽ
ڍوليا، هل تون ڍَٽ، مومل مـِـهڻي هاب ٿئي!

 

(وڏيري ولي محمد چيو)

منهنجو آهه اوهان سان، قسم قول قرآنَ
مـَـرُ جيڪي ميڙيون اچن، آدم ڇا حيوانَ
ڪنهن کؤن ڊڄان ڪين ڪي، توڻي هجن تـُـمانَ
”جهـَـل“ ته منهنجي ماءُ آهه، ڄاڻي هڪ سبحانَ
ڇڏي مادر مانَ، پـُـٽ ويهن ڪيئن پوئتي!

 

سڏايو صوبن کي، ماڻهو مـُـنجي ميرَ
وڃو وڏيرن سان چڙهي، مٿي جنگ مـُـنيرَ
”ڪـُـنڍو“ ڪيهر شينهن هو، پٽ ولي محمد ويرَ
ڏيئي چوٽ چڙهي هليو، حاضر ساڻ حميرَ
جڏهن ڀانيون جنگ جي، سوڙهي اچي سيرَ
ڏاهي مون کي ڏاهه ڏئي، هلي وانگي هيرَ
آءٌ ڀي جلد امير، ڄاڻ اوهان وٽ آئيس.

 

چڙهيا لشڪر چانڊڪا، ”ڪـُـنڍي“ سان ڪـَـرڳل
رات پئي هـُـئن وچ تي، ٿاڻا ڏين ٿرٿل
چانڊيا مگسي پاڻ ۾، محڪم گڏيا مـَـل
اڙٻنگ شير اچي لٿا، جهـُـلي رسيا منجهه جهل
ٻڌي هاڪ هڪل، مـَـرُ دهڪو دشمن کي پوي.

 

وڃي پئي وَرنهـَـه جي، پانڌي ڪن پچارَ
لشڪر آيو چانڊڪو، گجي منجهه غبارَ
حد وٺيو هاڙهو گهمن، چوڪـُـنڊَ چوڪيدار
هيڏانهن هوڏانهن خابرو، ڪلَ رکن ڪلدار
ٻول ٻڌائون ٻيهار، ٿيا قولين ”قادر بخش“ چئي.

 

شير چڙهي ويو ”شـَـهولي“، ميڙَ طريقي مـَـلُ
پيش پيو پرڌان جي، دانهـَـهُ دوڙِي دلُ

 

(شهوليءَ رند کي چيو)

صلح صلاحت خير جو، عاقل کي به عقلُ
ڇڏ تون جنگ جنجل، مهلت ٻارنهن ماهه ڏي.

 

(رند چيو)

چار مهينا مهت ٿـِـي، اَگهيو تنهنجو عرض
ڇو وڙهو، ڇاڪاڻ ڳرو، ناهه اوهان جو غرض
اڳيون پويون قرض، ڪـُـل اُڳاڙيان مگسيءَ کؤن.

 

شير محمد شير جئن، گـَـنوَ ڪئي گفتار
پار ٻڌو سڀ يارَ، هيءَ جا ڳالهه ڳڻي اسان.

 

جيڪر هتون ئي هلون، بـُـڙدين ڏي بيشڪ
ڪڏهن هلندي ڪين ڪي، چانڊيي جي چـَـڪ مـَـڪ
وڃي ٿيندو ڪڪ، مرُ جان ميل ڀڄي وڃي.

 

هو وَرنهـَـه ويجهو ”جهـَـل“ کي، ويڙو مرد مـُـڙي
پانؤ پاساهون چڙهي، هليو رند رڙهي
ساري رات صبح تائين، رندَ جي فوج آڙهي
پوءِ لائق شير لڙِي، وڃي ڪونڌ لٿو ڪنڌڪوٽ ۾.

 

ڪونڌ لهـِـي ڪنڌڪوٽ ۾، ماڳي ٿيا مهمان
بانڪن بـُـڙدين جا هئا انهيءَ هنڌ وٿاڻ
مانجهي ملڪن جا ڌڻي، پارس پهلوان
تائي جي تلوار جا، ساڻ کنيائون سرواڻ
جڏهن ٿيا به پرياڻ، روٿَ ويندا رڻَ سامهون.

 

(چانڊين چيو)

خرچ خزاني خورش جي، ناهي ڪا پرواهه
کائن لشڪر لاڏڪا، ويهي ماهه بماهه
جتي خرچ کـُـٽي وڃي، اُٺ اٽن جا ٽاهه
بـُـڙدين مال متاع، آهن سڀ اسانهنجا.

 

ڏينهن ٻه - ٽي ويهي رهيو، ٿاڻ ُ ڪري ٿاڻو
چانڊيو ويهي ڪڪ ٿيو، اڪثر اهڃاڻو:
مانيون کائون مفت جون، ناحق ڏيو داڻو
راز ڇڏيو راڻو، ٿو موڪل مگسيءَ کؤن گهري.

 

هـِـي سو آيو ڪينڪي، وِيڙو پنڌ پري
سانگ چرڻ ويو سڦرو، مالن ڀاڻ ڀري
اڳي پوءِ ايندو اُتي، جو آيو ڪاهه ڪري
مـَـر ُ جان گاهه چري، ”ممـَـل“ ۽ ”روجهاڻ“ جا.

 

هاڻي موڪل ٿا گهرون، دل کؤن ڏي داناهه
جنهن دم اچي جود مان، ڏاهـِـي ڏئي ڏاهه
اينداسين اسين چڙهي، رَمي راتو واهه
اٿئي سوڀان وس الله، ڏاتيون وَس ڏاتار جي.

 

اهو سخن ستار ڏني، چيو چولياڻي
ٻيو ٻٽ ُ تنهين سان ٻيل هو، خيالي قنبراڻي
دائود خان دلير هو، ٻهڳڻ ٻٻراڻي
احمد خان اول جهنڊو، مـُـهڙ ماڻاڻي
ٽلو ٽري ڪينڪي، جيئن پـِـيل ڪري پاڻي
جنگ مـُـهرا ”جنگ دوست“ جا، اڙٻنگ آرياڻي
وتن پٺيءَ ويڙهه جي، کنيو کانڀاڻي
ڇا ڪبي ڪهاڻي، انهن جي انصاف جي.

 

اها ڳالهه ڳڻي، پرسن هيئن پهـِـي
هرڪو جـُـنگ جا ڳاهه ويو، راتيون تت رهي
ڪودم دولهه دير ٿي، ويندو لـُـڙ لهي
ڪـُـنڍو خان ڪهـِـي، ديري آيو دير سان.

 

ڏاهپ ڪري ڏانءُ، دَنگ لنگهي دُور ويو
لڙي ها ته لڙي چڪي ها، هو ويجهو گـَـنوَ جو گانءُ
هن کي ٻين ٻروچن جو، گيرب هيڙو گـِـرانءُ
تنهن جو ٻڌي نانءُ، اڃا ته مرد مڙي ويو.

 

خبر سڻائي خابرو، چونڪـِـي سان چالاڪ
ٻڌائن ٻنهي کي، هاڙهو سان هوشناڪ
منهنجا سواري هيٺ هئا، باقي جا بوراق
پـُـڄي پرڌانن کي ڏهاڙيون پئي ڏاڪ
هئي جنين جي هاڪ، سي چانڊيا ڪالهه چڙهي ويا.

 

خبر پئي تنهن خانَ کي، ويا جوان چڙهي جائي
پهڳڻ تنهن ٻروچ جي، ٿي سورهيه سرهائي
هاڻي مگسي هيڪلو، ويـُـس ڀڄي ڀائي
وات اٿس وائي، ته مور نه مگسيءَ کي ڇڏيان.

 

ٻهڳڻ ٻروچن کي، آندو رند تائين روجهاڻ
فائق فلڪ نه ڪنهن تي، ڪانه ڪنهين جي ڪاڻ
ڪري ڪـُـرنشون تن سان، جن سان روح رهاڻ
ماڳ هلي سان ماڻ، جا ”جهل“ ڏيهي جاگير ٿي.

 

سڀني سردارن ڏي ماڻهو مـُـڪائين
ملي آيا ميل ٿي، جوان چڙهي جائين
ساڻ هلو سائين، ٿيو مير! اسان جا مادتـُـو.

 

ٻول ٻڌائون پاڻ ۾ عهد رهيو اقرار
مر جان ميل ڀڄي وڃن، ديري مؤن دهدار
مٿئون مگسيءَ جي پئون، اُت ڪري الغار
هرڻ چڙهي پـَـٽَ تي، هڻو سندي شوق شڪار
هٿ نه ڀرجي رت ۾، هڻو سڀ هٿيار
ويهون ڀاڱو وار، هوند نه اچي هڪڙي کي.

 

جاٿي ڏينهن ٻه ٽي رهي، هرڪو ٿيو حيران
آهنجا اُڙدن کي ڏين، سڀ سيڌا ۽ سامان
مٿو ماڻهن جو ڦري، ڏيندي آب و نان
ماڳ ٿيو مهمان، ڏاتي پٽ غلام عليءَ جو.

 

فوجون ڦيرائي ڪري، آندا اُڙد امير
ڏاتو پـُـٽ غلام عليءَ جو، بڙدي بلند بهير
خبر کاڻوٽي جي ٻڌي، ولي محمد وير
ترت ڪيو تدبير، من ڪو پڳهه پڄي پوي.

 

ويهي وڏيري کي، چانڊين هيئن چيو
ڪاڏي حيدرآباد ٿي، ڪاٿؤن پنڌ پيو
ڪڏهانڪون مگسيءَ سان، وڃي واه وڙهيو
ترسيو آهه توکؤن، تڏهن رند رهيو
جنهن سو قول ڪيو، ڪڏهن مـُـڙندو ڪينڪي.

 

منهن مـُـهاندر ڪهڙي، پانوَ پائيو پير
هاڙهي هيس هڪجهڙو، مصري خان مٿير
مڃي منٿ مـُـڙي وڃي، ڇڏي جنگ ڇڳير
خاصو آهي خير، بهتر جنگ بنگاهه کؤن.

 

اچڻ وڃڻ جي واٽ آهه، بڙدين ساڻ ڀلي
آهن عذر انهن جا، ڏيون هلو ته هلي
هي ڀي لٿل اتهين ڪٽڪ ساڻ ڪلي
سائل ٿي سندايون، عرض ڪيو عقلي
ڇڏي ڇوهه ڇلي، مـَـنَ مڇي منٿ مـُـڙي وڃي.

 

فائق فاتح ڪاڻ چڙهيو، ساڻ ٿورن سوارن
ساڻس صوبا ڪيترا، سرڪش سردارن
رس رکيا هئا پاڻ ۾، گهوڙن ۽ مهرن
بانڪا منجهه بڙدن، اچي جـُـنگ لٿا ”جويو“ چئي.

 

جـُـنگ لٿا تنهن جاءِ تي، عاقلَ اوتاري
ماڳين مهمانن کي ٿيا خوش ٿي کيڪاري
اڳيؤن اُڙدَ لٿل هئا، شهرون پساري
سڀ عذر ساري، فهميدي فاتاح ڪئي.

 

ماڳيين مهمانن جي، ڪن خاصي خدمت خاص
ناهه بکيو نغن جو، آيو وٺڻ واس
ڏسي اُڙد امير جا، هر ڪنهن ٿئي هيراس
پر منجهه تائين پڌرو، رند مثل راڪاس
مانيون چانورماس، گهوٽن تن گهڻا ڪيا.

 

گـَـنوَ کي گڏجڻ گانءُ ۾، رند نه آيو رات
ٿيو وهم وڏيري کي، گهڻو عجب لڳس اثبات
جيءُ ته پنهنجي جيءُ کي، چڱيءَ طرح آهه تات
جي مرد رکن مرجات، سي سرندي ٽرن سارڌو.

 

اٿي اوڏانهن هليا، ساجهر ساڻ صبوح
گـَـنوَ سين گڏيا پاڻ ۾، ويهي ڪن ورونهه
شرم ڌڻي تون شير محمد، رنج ڪڍج مؤن روح
لهس ڦٽي ڪر لــُـوهه، ڇو هلان هيڻن تي ڪرين.

 

تون ٻهڳڻ ٻروچن ۾، جيئن چوڏهينءَ جو چنڊ
سونهين سڀنيءَ وچ ۾، جيئن کير گڏجي کنڊ
گوڙ ڦٽي ڪر گنڊ، ڇو هلان هيڻن تي ڪرين.

 

سڀ گگيلا تنهنجي، آهن منجهه اَمر
هڪ مگسي آهه هيڪڙو، ٻي واهه نه ٿس واهر
منهنجا قسم ٻروچ سان، آهن ٻول ٻڌل ٻيهر
ڇڏ ته پاڻ ڇڏائيان، ڪنهن حرفت ساڻ هنر
هو جي ڏوهن کان ڏمر، هن باندن تي بخشيش ٿي.

 

غلام محمد گوڙ ڏئي، ڪيو گوڌي هيءُ ڳالههءُ
ادا ولي محمد وچ ۾، تون اسان جي نه پئهُ
اسين مگسي پاڻ ۾، مرڌاڻي ڪيو ڊءُ
اسين ادا تنهنجا، تون چڱيءَ طرح سان چئهُ
مـَـٽ وڏيرو شير محمد، واڌو ناهي جئهُ
تيز ڪرين ٿو تـَـئهُ، تون رند وٺي هن راهه سان!

 

ورائي ورندي ڏني، جماليءَ جواب
تون آهين چانڊيو اهڙو، ناهي ڪنهن جو باب
ايندءِ شير محمد شتاب، ته سڀ ديري وڃي دانهون ڪندؤ

 

(محرم چيو)

زور وڌو ٿئي زيادتي، ڏسي اُڙدعميق
ٻيا ڀي آڻي ايترا، گڏج ساڻ رفيق
دَرَ دَرَ مٿي ميڙيون، شامل ڪئي شريڪ
جڏهن مگسي هو هيڪلو، تڏهن ڪرين ها توفيق
تڏهن وهندءِ.....، جڏهن ايندءِ مهڙدار محرم جو.

 

چڙهي ويئي رند کي، ڪاوڙ ڪاپاري
تون آهين اُمڙ گاهه جو، مگسيءَ سر باري
وڃي گڏج پيءُ سان،متان ٿئين مياري
جلدي ايندس ”جهل“ تي، بار کڻي باري
دائود خان، ٽلو خان، ڪئي گويا هي گفتار
ڇڏ وڏيرا ڇوهه ڇنڊي، سر هلي تان هاڙي
جنهن ڏني آهه ڏاڙهي، سو پلڪ نه رهندو پوئتي.

 

آين ڪاوڙ قهر جي، ڦيري رمز رندن
هنيائون حملو ڪري، هٿن تي هٿيارن
دستين بندوقون کنيون، چاهه منجهان چانڊين
وچون پئي بڙدين، هـُـو ڇني هوڏي ڪيا.

 

مهمانن سان مامرو، ناهي رسم رندن
جنگ نه جڳائي تن سان، جي پيهي اڱڻ اچن
ساڻ تڏي آين، هوت نه گهرجي هيتري.

 

اَٿئـَـيِِ سوڀان هٿ ستار جي، گهڻي ٿوري ناهي
ڏسي اُڙد اُڀاروان، تون ٿو بانور ڀائين
سر تنين تؤن صدقي ٿيا، جنين جيءَ تائين
جڏهن آياسون جائين، ته واه جا جنگ مزو ڪندي.

 

اسهيو الاهر ٿي، دولهه چاڙهي دم
گنوَ سان نڪتا گام مون، بـُـڙدن وڏو بم
وري وڃون پوئتي، ماڳين ٿيون محڪم
گهڻن ٿورن سان مرڻ، اهو آهه اسان جو ڪم
هوندو جيئن حڪم، تنهن مان لـِـک نه لهندي هڪڙي.

 

ارڏي احمد خان کي، نيئي چارڻ چـِـتايو
چانڊيي چوٽ اُتي ڏنيس، پر بـُـڙدن بچايو
ڄاڻ ته جهـُـلي ”جهل“ تي، اڄ سڀان آيو
سـَـنبري ڪر سعيو، مگسي ننڊ متان ڪرين.

 

وري وڏيرو آئيو، جاڳهه پنهنجيءَ جاءِ
مان جي ٻول ٻروچ سان، ويهي قول ڪياءِ
اٿم اُميد الله ۾، پوءِ ڏيندو سانس پاءِ
يارو، جيڪا راءِ، سا ڀلي ٻڌايو ڀائرو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org