سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: جنگناما

باب: 1

صفحو :2

 

جنگنامن ۾ تاريخي مواد

هن ڪتاب ۾ شامل مواد تاريخي لحاظ سان نهايت قيمتي آهي، ڇاڪاڻ جو اهو سنڌ جي تاريخ جي ڪن وسريل ورقن کي وڌيڪ روشن ڪري ٿو. سومرن، سمن جي دؤر کان وٺي انگريزن جي دور تائين، ذري گهٽ ڇهن صدين واري مدت جا ڪي اهڙا تاريخي ٽاڻا ۽ اهڃاڻ هنن جنگنامن جي روايتن ۾ ملن ٿا، جيڪي يا ته تاريخ جي ڪتابن ۾ ڏنل ناهن ۽ جي آهن ته به ايترو تفصيل سان بيان ٿيل ناهن. هن مواد جي مطالعي مان، سومرن جي دؤر کان وٺي هر دور جي ڪن تاريخي واقعن سان گڏ، سنڌ جي ڪن مقامي رياستن، ڪن خاص قومن قبيلن ۽ سندن بودوباش ۽ باهمي تعلقات تي روشني پوي ٿي.

پهريان ٻه تاريخي شعر:

جنگنامن جي تاريخي موضوع جي اهميت محسوس ڪندي، اسان شروع ۾ مهاڳ طور سنڌ جي سگهڙ حسين چارڻ ۽ لس ٻيلي جي نامياري نم فقير لنگهي جا ’تاريخي شعر‘ ڏنا آهن. نم جو شعر صاف ۽ سمجهڻ ۾ سولو آهي، جنهن ۾ هن لس ٻيلي جي حاڪمن جي مختلف گهراڻن جو سلسليوار ذڪر ڪيو آهي، جن تي اسان ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ ۾ تفصيلي روشني وڌي آهي. سگهڙ حسين چارڻ جو تاريخي شعر ڪن نون حوالن جي لحاظ سان جيترو اهم آهي، اوترو ئي پيچيدو آهي ۽ جيتوڻيڪ اسان ان شعر کي چارڻن فقيرن جي ٻن قلمي نسخن تان ڀيٽيو آهي، تنهن هوندي به متن ۾ آيل ڪن ماڳن ۽ ماڻهن جي نالن کي صحيح طور پڙهڻ مشڪل آهي. ٻيو ته حسين فقير چارڻ سنڌ جي مکيه حڪمران گهراڻن توڙي ننڍين رياستن يا سردارين جي حڪمرانن کي گڏي بيان ڪيو آهي. ٽيون ته ڪي بيت ۽ سٽون هيٺ مٿي ٿيل آهن.(1) ۽ انهيءَ ڪري دور- وار سلسلو ثابت نه رهيو آهي. بهرحال شعر جي موجوده متن مطابق، مکيه حڪمران گهراڻن توڙي ننڍين رياستنن ۽ سردارين جو سلسلو هيٺين ريت بيهي ٿو. سندس پنهنجي بيان موجب اهو احوال ڪو اڻ- ٻـُـڌو ڪونهي، پر ’ٻڌل روايتن‘ مطابق آهي:

*      ناريجن جي حڪومت: آمري کان قنڌار تائين.

*      سومرن جي حڪومت: روپاهه، لاڙ پنهار ۾

*      سمن جي حڪومت: سمن، سومرن کي ماريو.

*      چنن جي حڪومت: ڪڏهن ته سڄي سنڌ چنن جي هئي. ڪاڇي جي ٻنهي ڪنڌين سان سندن ڪوٽ هئا. زالن جي چور تي پاڻ ۾ وڙهيا ۽ مزار مارجي ويو. سٻڙ اُن کي مارائي ويچار ۾ پيو. هن ’هند‘ مان وڃي فوجون آنديون هيون ۽ پاڻ بادشاهه ٿي ويٺو.(2)

*      ڪؤنريجن جي سرداري: چنا ۽ ڪؤنريجا ڄام پاڙيسري هئا. سڱ تان تڪرار ٿيو ۽ چڱي نالي چني سردار، ڪؤنريجي ڄام کي مارايو. ڪؤنريجا پوءِ ماڇي سردار جيسر راوَ وٽ دانهين ويا.

*      ماڇي جي سرداري: ڪؤنريجن پاران جيسر راوَ چنن تي ڪاهه ڪئي ۽ چنا گهڻا سڀ مارجي ويا ۽ باقي ڪي ٿورڙا وڃي بچيا ۽ سندن ملڪ تي ماڇي جي سرداري قائم ٿي.

*      ارغونن جي حڪومت: حسين ارغون (شاهه حسن ارغون) ڪاهه ڪري سمن کان حڪومت هٿ ڪئي.

*      ترخانن جي حڪومت: سما به ترخانن جا سلامي هئا.

*      ڪوراين جي چڙهائي: چنن ۽ ڪؤنريجن جي سرداري هئي جو ڪورائن (بلوچن)، چنن تي چڙهائي ڪئي. شريف خان وچان پيو ۽ ’اعظم‘ به ان سان گڏ آيو ۽ فتح خان ابڙي سردار کي ماريائون.

]هن بيان ۾ مٿي ڪؤنريجن جي سرداري جي بيان واريون سٽون هڪ جاءِ هجڻ بدران هيٺ مٿي ٿيون آهن. [

*      ابڙا ڄام: انهن جي به ڄامائي هئي ۽ سندن نوبت نغارا وڳا.

*      دريا خان ۽ ڄام نندو: دريا خان، ڄام نندي جو ناماچار وڌايو.

]هن بيان واريون سٽون، مٿي ’سمن جي دؤر‘ واري ڪنهن بيت جون آهن، ۽ هيٺ مٿي ٿيون آهن. [

*      چانڊين جي ڪاڇي ۾ سرداري: ميان (ڪلهوڙن)  جا مريد ٿيا، وار وڏا ڇڏيائون، ۽ ’سـِـرايـَـن‘ (ڪلهوڙن) پاران چڙهايون ڪيائون. سندن سردار غيبي خان وڏا ڪارناما ڪيا.

*      ’سـِـراين‘ (ڪلهوڙن) جو زور ۽ حڪومت: سـِـراين اوچتو حملو ڪري، چانڊئي سردار غيبي خان کي ان وقت ماريو، جڏهن هو ستل هو. سراين مان ميان نصير محمد ’پير‘ هو.

*      مير پنهوار جي سرداري: سندس رياست سيوهڻ سان دنگئي هئي. بکر ڪوٽ سندس گادي جو  هنڌ هو. هن ميان نصير محمد جي آڻ نه مڃي.

*      محمدوئي پڻيار جي سرداري: هن سـِـراين خلاف اورنگزيب وٽ دانهيو، پر ’پير‘ (ميان نصير محمد) پنهنجي پاران قاسم کي وڪيل ڪري موڪليو، جنهن لک رپيا ڏيڻا ڪري صلح جو معاهدو ڪيو.

*      اورنگزيب جي سپهه سالار شيخ جهان جي چڙهائي: اورنگزيب دکن مان ’شيخ جهان‘ کي سنڌ تي چاڙهي موڪليو. اهو آيو ته کيس مرزا خان جو پٽ مليو. فتح خان ابڙو فوجدار به آيو. ’الهيار‘ آيو. ’قنبر‘ به اتي هو (جنهن کي الهيار چيو ته تون مغلن جي لشڪر کي سامهون ٿي؟) مرزا خان جي پٽ دغا ڪري ’محمد جان‘ کي مارايو.

مٿين ٽاڻن مان محمدوئي پڻهيار (؟) ۽ شيخ جهان جي چڙهائي وارا بيان پورا صاف ناهن. ٻيو ته ناريجن جي قومي سرداري معلوم آهي، پر ناريجن جي حڪومت جو ذڪر ڪنهن به تاريخ يا روايت ۾ ڪونهي. بهرحال باوجود ڪوتاهين جي، هن شعر ۾ ڏنل اهڃاڻ نهايت اهم آهن ۽ انهن کي تاريخي حوالن جي روشنيءَ ۾ توري تڪي سگهجي ٿو.

انهن ٻن ’تاريخي شعرن‘ کان پوءِ اسان اندر متن ۾ جملي مواد کي ’تاريخي دورن‘ مطابق ورڇي رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر جيئن ته اڪثر جنگنامن ۾ ڪي به تاريخون موجود ناهن، انهيءَ ڪري انهن جي ورڇ گماني اندازن تي ڪئي ويئي آهي. متن ۾ هر جنگنامي جي مهاڳ ۾ ان جي تاريخي پس منظر کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. هيٺ اسان (الف) پهريائين ڪن جنگنامن جي تاريخي پس منظر جي دور- وار وضاحت ڪنداسون، (ب) پوءِ ڪن قومن قبيلن جي تاريخي رياستن تي روشني وجهنداسون، ۽ (ج) ان بعد سنڏ جي ڏکڻ- الهندي ڀاڱي ۾ ڪوهستان، حب، ملير ۽ ساڪري جي ڪن مکيه قبيلن ۽ سندن قبائلي راجدارين جو ذڪر ڪنداسون.

(الف) دور- وار وضاحت

سومرن جو دؤر:

حسين فقير چارڻ جي شعر ۾ سومرن جي حڪومت، لاڙ طرف روپاهه ۽ ٻنگار ۾ ڄاڻايل آهي. اهو سومرن جي حڪومت جو مرڪزي پرڳڻو هو. دودي- چنيسر جي ڳالهه ۽ ٻين روايتن مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته غالباً سيوهڻ کان سمنڊ تائين سڄو لاڙ ۽ مٿي اُتر ڏانهن سنڌو نديءَ جي اوڀر وارو پاسو ويندي بهاولپور تائين- يعني پـُـراڻ، ناري ۽ هاڪڙي جي آبادين وارا پرڳڻا سڌو سنئون سومرن جي حڪمراني هيٺ هئا. سيوهڻ کان مٿي سڄي ڪاڇي تي اتر ۾ ويندي ڪڇي ۽ مولهه جي پاڻي تائين، اتان جي قبائلي برادري جي حڪمراني هئي، جنهن جو تفصيلي ذڪر هيٺ ايندو:

سمن جو دؤر

سومرن جو خاتمو ۽ سمن جي حڪومت: ’ڄام هالي ۽ همير سومري جي جنگ‘ وارين روايتن مان اها حقيقت واضح ٿئي ٿي ته سومرن جو آخري حاڪم ’همير‘ هو، جيڪو ڄام هالي ۽ سندس پٽن جي اڳواڻي هيٺ ڪيل حملي ۾ مارجي ويو. تاريخي ماخذن مان اها تصديق ٿئي ٿي ته همير پٽ دودي جو سومرون جو آخري حڪمران هو ۽ سندس مارجڻ تي سلطان فيروز شاهه سمن تي چڙهائي ڪئي، پر غالباً ملتان جي بزرگن جي وچان پوڻ سببان صلح ٿيو، جنهن موجب سمن جي حڪومت قائم ٿي ۽ همير جي ٻن ڀائرن کي سلطان فيروز شاهه خانديش طرف جاگيرون ڏنيون ۽ هو سنڌ ڇڏي ويا.(1) تاريخن ۾ البت اهو ذڪر ڪونهي ته ڄام هالي ۽ سندس پٽن، جن جنگ کٽي هئي ۽ جيڪي حڪومت جا حقدار هئا، تن جي بدران ڪيئن ڄام انڙ .“
 ڄام جوڻي حڪومت تي قبضو ڪيو! ’سمن جي نسبنامي‘
(1) مان تصديق ٿئي ٿي ته هالو سانداڻي (يعني هالو پٽ ساند جو) سمن جو ’ڄام‘ (پڳدار) هو ۽ هن پنهنجي پٽ هوٿي کي پڳ ٻڌائي، ’پاڳ‘ جو ڌڻي هوٿي هو، پر هن ’واڳ‘ ڏني سؤٽاڻي انڙ کي، جيڪو پوءِ بادشاهه ٿيو. اڳ ’ڄامائي‘ قوم پڳ سان هئي، پر انڙ کان وٺي ’ڄامائي‘ حاڪم جي حوالي ٿي. نسبنامي جي هن روايت مان ظاهر آهي ته هالي ۽ سندس پٽن جي ڀيٽ ۾ انڙ ۽ جوڻو طاقت ۾ زور ٿي ويا. اهو سندن همت ۽ حڪمت عملي جو نتيجو هو، جو ملتان جا بزرگ جيڪي وچان پيا، تن غالباً سندن ئي فائدي ۾ راءِ ڏني.  ان بعد ڄام هالي جي اولاد (هاليپوٽن) جو اثر رسوخ گهٽيو، ۽ کين پاسي تي (ٿر يا ڪڇ ڏانهن) رکيو ويو. اتان پهاڪو مشهور ٿيو ته ”کٽي هـِـڪڙن، کاڌي ٻـِـين.“

ارغونن- ترخانن جو دؤر:

مريد خان بلوچ جو مرزا محمد صالح ترخان کي مارڻ وارو واقعو تاريخي آهي، ۽ مهيني شعبان سن970هه (1563ع) ۾ ٿيو. مريد خان جا ڪيل قول اڃا تائين مشهور آهن: هڪ قول ائين ڪيائين ته:

”ڀيٽيان پير پٺو        کانيا ننگر ٺٽو“

مرزا صالح کي ماڻس چيو ته: ”ٻـُـڌان پئي ته ڪڪو ڪيهر شينهن چڙهيو اچي. ڌيان ڪجانءِ.“ تڏهن مغرور مرزا صالح چيو ته:

”آءٌ زميني، آءٌ ظلمي، مون کي ماري ڪير!“

مريد خان جي ڪيل قولن ۽ سنڌ جي حڪمران کي مارڻ واري قصد ۽ ڪاميابي مان ظاهر آهي ته هو وڏي حوصلي وارو قومي سربراهه هو. هو ’رجيرا‘ قبيلي جي ’پارواڻي‘ پاڙي مان هو. ’رجيرا‘ قبيلو هوت بلوچن جي نسلن مان هو. ساڳئي نسل جي ڪن ٻين قبيلن وانگر هيءُ قبيلو به اصل مڪران ۾ هوتن جي ’ڪلمت رياست‘ جو رهندڙ هو ۽ انهيءَ ڪري ’رجيرا‘ به ‘ڪلمتي‘ (ڪلمت جا) هئا ۽ سنڌ ۾ اهي ’ڪرمتي‘ سڏجڻ لڳا. ’ڪرمتين‘ مان ’رجيرا‘ غالباً سڀ کان اول سنڌ ۾ آيا. ’پارواڻي‘ وڏو ’پاڙو‘ هو ۽ ان جو اهو نالو ’بلوچي’ بدران ’سنڌي‘ ٻولي جو آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته ’رجيرا‘ سنڌ ۾ آڳاٽو آيا. غالباً اهي سلطان ڄام نظام الدين جي وقت ۾ لاشارين سان ڀيڙا ۽ سڱيڻا ٿيا، جيڪي ان وقت حب ۽ ملير جا سربراهه هئا. ان جي تصديق نسبنامي جي روايتن مان ٿئي ٿي، جنهن موجب لاشاري سردار راميڻ خان جو پٽ اسحاق رجيرن مان پرڻيو، جنهن جو اولاد ٿهراڻي لاشاري آهن. اسحاق حب ۽ ملير جو والي هو ۽ کيس سلطان ڄام نظام الدين جي طرفان ’ملڪ‘ جو خطاب مليل هو ۽ ان خطاب سان ئي هو ”ملڪ اسحاق“ جي نالي سان مشهور آهي. حب ۽ ملير وارا لاشاري ۽ رجيرا ٺٽي کي ويجهو هئا ۽ طاقتور قبيلا هئا. سمن سلطانن جي دور کان وٺي لاشاري ۽ ٻيا ساڻن ڀيڙا قبيلا، ارغونن- ترخانن خلاف وڙهيا هئا. انهيءَ ڪري ترخانن جي دور ۾ مرزا محمد صالح ترخان طرفان انهن قبيلن تي سختي ٿي. ان دور جي معاصرانه روايت جيڪا مرزا محمد صالح جي ڀائٽي مرزا مظفر جي زباني ’تاريخ طاهري‘ ۾ بيان ٿيل آهي، ان مان صاف ظاهر آهي ته مرزا محمد صالح رجيرا قبيلي وارن کي ماريو هو ۽ مريد خان به پنهنجن قبيلن وارن عزيزن جي بدلي ۾ ئي مرزا محمد صالح کي ماريو.

مغلن جو دؤر:

هن دور وارن جنگنامن جي مهاڳن ۾ اسان مختلف واقعن تي روشني وڌي آهي. ڪن واقعن بابت ڪجهه وڌيڪ وضاحت جي ضرورت آهي.

مغلن ۽ چنن جي جنگ: ڪاڇي ۽ ڪـَـڇي (سيوهڻ کان وٺي گنداوا) ۾ چنن ۽ ٻين هم نسل قبيلن جي آڳاٽي حڪومت ۽ رياست هئي. ’مغلن‘ مان مراد شايد ارغون هجي. هي جنگنامو تاريخي لحاظ سان توڙي ڳاهن جي ٻولي ۽ قدامت جي لحاظ سان اهم آهي. هيٺ اڳتي هلي، اسان هن جنگنامي جي روشني ۾ چنن ۽ ٻين شريڪ قبيلن جي ’ٻـُـڌيا ۾ حڪومت ۽ رياست‘ جو وڌيڪ تفصيل سان ذڪر ڪنداسون.

لاشارين، ڪرمتين ۽ ڀڙجن جي جنگ: لاشاري ملير ۽ حب جي اتر- اوڀر ڀاڱي ۽ گڏاپ واري اراضي ۾ آباد هئا، ۽ ڀڙج حب ۽ ملير جي هيٺين ڏکڻ الهندين اراضي ۾. مغلن جي دور ۾ ڪرمتين جي طاقت وڌڻ لڳي، ۽ ڪرمتين ۽ ڀڙجن جو ٽڪر شروع ٿيو، جنهن ۾ لاشارين، ڪرمتين جي مدد ڪئي. هيٺ اسان انهن ٽنهي قومن بابت وڌيڪ تفصيل سان ذڪر ڪنداسون.

برفتن، گانئـچن ۽ ڇڇرن جو وير: هيءُ اهو وقت هو، جڏهن حب- ملير ۾ ڪرمتي طاقتور ٿي چڪا هئا، ۽ برفت به ڪوهستان مان اتر- اوڀر طرف وڌي رهيا هئا. هن موقعي تي ڪرمتين ۽ برفتن جو پاڻ ۾ اتفاق هو، ۽ ڪرمتين جي مـَـلڪ، برفتن جي سردار ’دابِيد‘ جي مدد ڪئي، جنهن ڪري بارڻ جي اتر- اولهه طرف گائيچن ۽ ڇڇرن جو زور ٽٽي ويو، ۽ بارڻ سڄي برفتن جي قبضي ۾ اچي وئي.

جهوڪ ۾ صوفي شاهه عنايت الله جي شهادت: هيءُ مشهور تاريخي واقعو آهي، جنهن جا ڪي ٽاڻا صوفي آسورام جي چيل بيتن ۾ وڌيڪ روشن ٿين ٿا.

ڪلهوڙن جو دؤر:

مغلن جي زوال ۽ ڪلهوڙن جي دور وارن جنگنامن ۾ جيڪي ’باب چوٿين‘ ۽ ’باب پنجين‘ ۾ ڏنل آهن، ڪافي تاريخي مواد موجود آهي، جنهن مان خاص طور تي سنڌ جي اتر- الهندي پرڳڻن (موجوده ضلعي دادو کان وٺي جيڪب آباد ۽ ڪڇي ضلعن تائين) توڙي ڏکڻ الهندي علائقن (دادو ضلعي جو ڏکڻ، ڪوهستان ۽ بارڻ کان وٺي حب، ملير ۽ ڪراچي تائين) ۾ رهندڙ قومن، قبيلن، راڄن ۽ راڄدارن جي طاقت ۽ باهمي تعلقات توڙي سنڌ ۽ قلات جي حاڪمن ۽ لس ٻيلي جي خانن طرفان انهن قومن ۽ قبيلن جي حاڪمن ڏانهن اختيار ڪيل رخ تي روشني پوي ٿي.

ڪلهوڙن جي قوت ۽ طاقت جو بنياد ميان نصير محمد ڪلهوڙي وڌو. سندن طاقت جو مرڪز موجوده دادو ضلعي جي اُترئين ڀاڱي ۾ هو، ۽ بالآخر سندن پهريون گاديءَ جو شهر ’خدا آباد‘ به انهيءَ علائقي جي ڏاکڻي ڀاڱي (موجوده دادو تعلقي) ۾ قائم ٿيو. انهيءَ ڪري اتي جي پاڙيسري قومن قبيلن تي سندن دٻاءُ پيو، خاص طرح پنهورن تي، جن جي مقامي طور رياست ۽ سرداري هئي.

انهيءَ ساڳئي دور ۾ سن1115هه ۾ برفتن جي سردار پاهڙ خان لس ٻيلي تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي هئي، ۽ مٿي دادو جي اتر کان هيٺ ويندي ٿاڻي بولا خان کان اڳتي دُريجي تائين، سڄي ڪاڇي ۽ ڪوهستان جي سرحد لس ٻيلي سان ملندڙ هئي، پوءِ انهيءَ سڄي ايراضي ۾ برفتن ۽ ساڻن ٻين شريڪ قبيلن جو زور وڌڻ لڳو. ميان يار محمد ڪلهوڙي سن1117هه ۾ پاهڙ خان کي شڪست ڏني. ان کان پوءِ غالباً ڪو معاهدو ٿيو، جنهن موجب ڪلهوڙا حڪمران ۽ پاهڙ خان مٿي حب ۽ ملير طرف ڪرمتي ملڪن جي خلاف هم صلاح رهيا.

پاهڙ خان جي وفات کان پوءِ سن1155هه ۾ لس ٻيلي جي حڪومت ڪؤنريجن ڄامن جي هٿ ۾ آئي، جن برفتن جي مخالف قبيلن مان جوکين جي پٺڀرائي ڪئي. ڪلهوڙن به ائين ڪيو، جنهن ڪري ڪوهستان، حب ۽ ملير طرف جوکين جي طاقت وڌي ۽ برفتن ۽ ڪرمتين جي طاقت گهٽي، جنهن جو ذڪر اڳتي هلي ڪنداسون.

هن دؤر ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ مير عبدالله خان جي جنگ، سنڌ ۽ بلوچستان جي حڪمرانن جي وچ ۾ هڪ وڏي طاقت آزمائي هئي. فتح سنڌ جي لشڪر جي ٿي، پر قلات جو خان مير عبدالله خان جيڪو هن جنگ ۾ پاڻ سپهه سالار هو ۽ وڏو سورهيه ۽ بهادر هو، تنهن جو جنگ جي ميدان ۾ لاش نه ملڻ ۽ پوءِ به ڪو پتو نه پوڻ هڪ معمو بنجي ويو. ايتري قدر جو ان دور ۾ سنڌ جي ٻن ناميارن شاعرن جلال کٽي ۽ جمن چارڻ انهيءَ باري ۾ هڪ ٻئي سان ڏي وٺ ڪئي. هن جنگ بابت جمن چارڻ جو چيل ’جنگنامو‘ هڪ تاريخي ۽ ادبي شاهڪار آهي.

مير علي شير قانع ’تحفـتهِ الڪرام‘ ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي وفات جي تاريخ ذرا شڪ شبهي سان هن طرح لکي آهي:

”روز دو شنبـه يا سـه شنبـه پانزدهم
ذي قعده سال هزار و صد و سي و يک“

(يعني ته ”آچر يا سومر ڏينهن تاريخ پندرهين ذوالقعده سن1131هه“)

مگر پنڌرهين تاريخ جمعي جو ڏينهن هو ۽ نه آچر يا سومر. آچر تاريخ ڏهين هو ۽ سومر تاريخ يارهين. انهن ٻن مان ئي ڪا صحيح تاريخ ٿي سگهي ٿي. متن ۾ ڏنل جمن چارڻ جي بيت مان اهو تصديق سان معلوم ٿئي ٿو ته ميان يار محمد 11- تاريخ ذوالقعده سن1131هه تي وفات ڪئي:

”تان ڪارهين سا ذوالقعد سنه ڪارهن سؤ ايڪٽيهه ورهيه
تنهن راڻي رحلت ڪئي جو هو بانڪو بخت بنياد“
                                           (ص 120)

ٻن تاريخي ڪتابن ’دولت عباسيـه‘ ۽ ’جواهر عباسيـه‘ ۾ به صحيح تاريخ ’يارهين ذيقعد‘ ڏنل آهي.

ٽالپرن جو دؤر:

هن دؤر جون جنگيون ۽ جنگناما ’باب ستين‘ ۽ ’باب اٺين‘ هيٺ بيان ٿيل آهن ۽ هر هڪ جي ٽاڻن ۽ اهڃاڻن تي آڏو مهاڳ ۾ روشني وڌي وئي آهي. ڪي وڌيڪ وضاحتون هيٺ ڏجن ٿيون:

اُتمين واريون جنگيون: ’اُتمين‘ يا ’اتومين‘ بابت هڪ عام روايت اها آهي ته اهي سامونڊي ڦورو يا ڌاڙيل  هئا، جيڪي اوچتو حملو ڪري ’اُتئون يا مٿان‘ اچي پوندا هئا، ۽ انهيءَ ڪري ’اتومي’ سڏيا ويا. مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ’يادگيريون‘ (ص81) ۾ لکيو آهي ته: ’عطوفي‘ يا ’عطوبي‘ عربن جو هڪ قبيلو هو، جن 1779ع يا 1784ع ۾ بحرين جا ٻيٽ يا موتين جون کاريون فتح ڪيو هيون، هو مسقط ۽ ايران جا خراج بردار هئا. نائون مل جي ياداشت (ڊائري) ۾ به 1828ع ۾ “عطوفي“ نالي سامونڊي ڌاڙيلن جو نالو اچي ٿو. غالبـاً اهي ساڳيا ئي ’عطوفي‘ يا ’عطوبي‘ هئا، جن کي سنڌ وارين روايتن ۾ ’اُتومي‘ (عطومي) سڏيو ويو. سنڌ ۾ بهرحال ’اتومي‘ نالو مشهور ٿيو، جو حمل خان پنهنجي هڪ بيت ۾ چيو آهي ته:

”مزگان دي مـُـرچي مارڻ آون،
جيوين اُلٽن اُڙد اُتويان دي.“

ٿي سگهي ٿو، ته اصل صحيح نالو ’عطومي‘ هجي. لس ٻيلي جي ڄام مير خان اول جي دؤر (1776ع-1784ع) ۾ مسقط جي ’راسل چشمه‘ جي رهندڙ سامونڊي ڌاڙيلن سون مياڻي تي حملو ڪيو هو. ٻين حوالن مطابق 1808ع ۾ ’جواسمي‘ عرب ڦورن سونمياڻي بندر تي حملو ڪيو ۽ ان کي ساڙي ڇڏيو. ٿي سگهي ٿو ته ’جواسمي‘ اصل ۾ ’چواشمي‘ (’چشمه وارن‘ جو جمع) هجي، پر سنڌ جي روايت ۾ انهن کي ’جيشمي‘ يا ’جاشمي‘ سڏيو ويو آهي:

”جـَـر ۾ جيشمين جا ڍونڍ ڪيائين ڍير
مر سـُـڻي جيسر مير، ته ڪرمتين ڪيڏي ڪـِـي.“

ڪن سگهڙن پهرين سٽ ائين ٻڌائي ته ”جر ۾ جاشمين جا“. البت ٻيءَ سٽ ۾ ’جيسر مير‘ وارو لفظ صحيح ناهي. ٿي سگهي ٿو ته ’چشمه‘ يا ’جواسمي‘ جي لحاظ سان، اهو نالو اصل ۾ ’جواسمير‘ يا ’چاشمير‘ هجي.

کرڙي جي جنگ: هن جنگ بابت ضروري معلومات جنگ جي مهاڳ وارن صفحن (278-280) ۾ ڏنا ويا آهن. وڌيڪ تفصيل خليفي نبي بخش صاحب جي رسالي ۾ (صفحن 274-280 تي) آندل آهي. 7- مارچ 1969ع تي ميرپور ماٿيلي ۾ ڪيل ڪچهري ۾ اسان کي سگهڙ محمد خان گڏاڻي سندس پڙ ناني مرزي خان گڏاڻي جو کرڙي واري جنگ بابت بلوچڪي ۾ چيل شعر ٻڌايو. مرزو خان وڏو شاعر هو ۽ ان جنگ واري دؤر ۾ به وڏو هو. هن شعر ۾ مير سهراب خان، مير رستم خان ۽ مير نصير خان جا نالا آندل آهن. ٻين اڳواڻن مان مير مبارڪ خان، گولي شاهه، نور شاهه ۽ بهادر خان کوکر جا نالا آيل آهن. جنگ جي سپهه سالارن ۽ ٻين سپاهين ۽ بهادرن جن ميدان ملهايو ۽ سـِـر ڏنا، تن مان هي نالا اچن ٿا: غلام علي (جنهن چيو ته، جيڪو موت قبول ڪري سو نڪري اچي)، سيد قاسم شاهه، دوس محمد، لقمان ۽ ٻيا. لاشارين ۽ مـَـرين جا لشڪـر تن وڏا مقابلا ڪيا. ٻارنهن پهلوان لاشاري پـِـڙ جهلي بيٺا ۽ مري ويا ۽ پوئتي نه هٽيا. نـَـو ويهون پهلوان مـَـرين مان مئا، جن مان عيسفاڻي ۽ ڏاهياڻي پاڙن جا گهڻا جوان هئا. مرين جي لشڪر جو سپهه سالار جهان خان هو. سندس ٻه پٽ احمد ۽ محمد حسن، ۽ براهم، سوڀو، گل حسن ۽ ٻيا ميدان جهلي بيٺا ۽ ميدان ۾ مئا. مرزي خان گڏاڻي جو چيل هي تاريخي شعر ڪافي ڊگهو آهي ۽ سگهڙ محمد خان کي ياد آهي. شروع واريون سٽون هن طرح آهن:

هر صواحان ياد کاران منوي پيغمبرا
دلدلي رازي زواران چهار ياران جـُـختگان

آخوند محمد عالم خيرپوري پڻ پنهنجي مختصر ’مثنوي شاهنامـه‘ (فارسي) ۾ ’کرڙي جي جنگ‘ بابت ڪي شعر ڏنا آهن، جيڪي هيٺئين طرح آهن:

سپاس است مر حضرت ذوالجلال
کريم الرحيم است قادر کمال(1)
عجب بين کـه ان بادشاهِ شجاع
کـه از ملک آواره بود از نزاع
بيامد(2) فقري شده بادشاهه
رسيده تهي دست بادستگاهه
قشون فرستاد آنکه آتش فشان
سمندر صفت با سمندر نشان
تفنگ افگنان لشکر فوج فوج
بلکه روي دريا شده موج موج
چو روئين تنان قوم روهيلها
فرود آمدند از جبل خليها
کمين گاه کردند از پشت کوه
ز توب افگنان هم شدند آن ستوه

جتن ۽ چانگن جي ڇاڻيءَ واري جنگ: جتن مان راڌن جو سردار
شير خان هو ۽ ٺـَـٽيارن(1) جو سردار ان وقت لاکو هو. شير خان چانگ جو ڳوٺ ’وَڏا چانگ‘ ۽ پيروز شاهه ٻوڙي جو ڳوٺ ’مزاراڻي چانگ‘ (تعلقو بدين) هو. هن جنگ ۾ جيڪي چانگ مئا، تن کي ’رحمان ٻارهي‘ (رام ٻاراهي) جي مقام ۾ دفن ڪيائون. اهو مقام اسان وڃي ڏٺو. شير خان چانگ جي قبر ڏکڻ طرف ۽ پيروز خان ٻوڙي جي قبر اتر طرف آهي. وچين ايراضي ۾ پڪين سرن جو چورس ٺل آهي، جنهن ۾ باقي سڀ چانگ ۽ ٻيا سندن طرفدار جيڪي مئا، تن کي گڏي دفن ڪيائون. هن مقام ۾ هڪ پڪي پٿرائين قبر آهي، جنهن تي هيٺين عبارت لکيل آهي:

لشڪر خان ولد شير

خان بن شهڪ قوم

چانگ تولد شد در سن 1103 رحلت

کرده در تاريخ پنجم ماه جمادي الاول سن1187 در

ايام حاکم ملک شد امير صاحب فتح علي تالپر

شير خان چانگ جيڪو جتن ۽ چانگن واري جنگ ۾ ماريو، سو غالباً هن لشڪر خان جو پٽ هو ۽ مٿس سندس ڏاڏي شير خان جو نالو هو.


(1)  بيت نمبر (8) کان نمبر (12) تائين بيتن جو سلسلو هيٺ مٿي ٿيل آهي ۽ پڻ وچ ۾ ڪافي ڪي بيت کٽل آهن. بيت نمبر (9) هيٺ دل ملهايا درهه خان واري سٽ ۽ بيت نمبر (11) هيٺ ٻه سٽون جيڪي درهه دودو ۽ هن هن سان شروع ٿين ٿيون، سي مٿي سمن واري دؤر بابت ڪنهن بيت جون آهن، ڇاڪاڻ جو انهن ۾ دريا خان (درهه خان) جو نالو اچي ٿو. بيت نمبر (11) ۽ بيت نمبر (12) جون سٽون هڪ ٻئي سان گڏجي ويون آهن: انهن مان هڪ بيت غيبي خان بابت آهي ۽ ٻيو سراين (ڪلهوڙن) جي زور ۽ غيبي خان کي مارڻ بابت.

(2) بيان صاف ناهي. ٿي سگهي ٿو ته جيڪو حڪمران ماريو، تنهن کي صفاتي طور مزار (= شينهن) سڏيو ويو هجي، ۽ اڳئين نالي واري سٽ ضايع ٿي وئي هئي. اهو پڻ ممڪن آهي ته مزار صفت آهي سٻڙ جي، ۽ سٻڙ کي مارائي ويچار ۾ پيا. انهيءَ حالت ۾، سٻڙ واري سٽ کان پوءِ ٻي سٽ کٽل آهي، جنهن ۾ شايد ان شخص جو نالو هجي، جنهن وڃي هند مان فوجون آنديون.

(1) تفصيل لاءِ ڏسو سماهي رسالي مهراڻ (سنڌي ادبي بورڊ: نمبر 3، سال 1981ع) ۾ هن موضوع تي راقم جو مضمون.

(1)  ”نسبناما هڪ اهم تاريخي ماخذ آهي. راقم ڳچ عرصي کان وٺي سنڌ جي نسبنامن جو مطالعو پئي ڪيو آهي، ۽ جي حياتي وفا ڪئي ته ان بابت ڪيل تحقيق کي پورو ڪري شايع ڪيو ويندو.

(1)  هن کان پوءِ 53 بيت ثنا ۽ تعريف جا آهن، ۽ ان بعد ٻيا هيٺيان بيت.

(2)  بيامد، يعني شاهه شجاع آيو.

(1)  يعني ٺـَـٽي وارا (ڳائي مال وارا)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org