سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: جنگناما

باب: 6

صفحو :20

 

 

(احمد خان چيو)

راءِ ته آهي جنگ جي، ٻي چئون ڪيهي
ڪالهه ڪيائون قول تو، وَرنهـَـه جي ويهي
نيٺ هلندين هن هنڌان، هي ديش ڇڏي ديهي
جيهي آهي تيهي، بيهي سر نباهيون.

 

(احمد خان چيو)

راءِ ته آهي جنگ جي، چوَن مرڪڻ مورَ
ويريءَ ساڻ وڙهڻ ۾، ڪهڙي ڪسَ ۽ ڪورَ
هڻنداسون ٻنهي هٿين، زخمان منجهؤن زورَ
 دل وڏا ڏي دَونر، اٿئي سوڀان هٿ ستار جي.

 

(شهوليءَ چيو)

اٿوَ ڀاري اُڙد بلوچ سان، ڏاڍي روح اريڙ
جنهن کي طلب ترار جي، سانگ هليو سانگهيڙ
هڪڙي صباح اڳي ڪيو، پوءِ هلو سـِـرَ ويڙهه
ماڳ سنباهي ميڙ، ڪنهن ڏياري ڏهيءَ کي مـُـنجئون.

 

(ولي محمد چيو)

ڪـُـل پيرن ۾ پڌرو، آهه پارس منهنجو پير
اوکيءَ منجهه اچي ڪري، واهر ڪندو وير
جو رانول راڻيپور ۾، آهه دولهه دستگير
الهه بخش ڇتاڻي امير، اڙهي مڪائين محبوب ڏي.

 

هن حقيقت حال جي، وڃي ڪر دانهن مٿي درگاهه
پـِـيرَ ڪري پيرن تي، پهريون گهرُ پناهه
رندُ مگسيءَ تي ٿو وڃي، ڪاهيو ڪاهه بڪاهه
آئي آهي اهنجي، سختي مٿئون سر آهه
سيد! پهچ سگهو رس، والي ڪر ڪا واهه
وڃ تنهين ڏي ميڙ ٿي، ارڏا لڳ الله
سهڻا ”صالح شاهه“ ٻهڳڻ اچي ٻيلهه ٿي.

 

عاجزَ ٿي عليل، وڃي دانهن ڪئي درگاهه ۾:
مرشد وڃ تون ميڙ ٿي، جانب لڳ جليل
ظاهر باطن زور جي، ڪر ڪا واهه وسيل
ٻيو ڪو ناهه دليل، تو ريءَ ترهو تار ۾.

 

ديس توڻي پرديس ۾، هن دولهه جا ڌاڪا
سـَـڏيو سـَـڏ اچي ڏئي، ورائي واڪا
اڳيؤن ميرَ مطيع سڀ، ٻي ڇا آهي ڇاڪا
جنهن مڃيو ناهه محبوب کي، ٽوڙي تنهن ٽاڪا
ڏائڻ جا ڏاڪا، چارئي ڀڃي چوڙ کؤن.

 

سنڌ جا محبوب جي، صاحب سينگارِي
وڄي طبل وليءَ سندو، چؤڪنڊ چوڌارِي
نـِـوَن اڳيؤن نرَ جي، سنڌ ڪڇي ناڙِي
لکين فيض لهيو وڃن، جي اچن آزارِي
ٿي تڏهن تيارِي، سيد جي سانباهه جي.

 

چڙهيو شاهنشاهه، عاصين کي آڌار ٿي
باندين بند خلاص ٿي، معافي ڏوهه گناهه
مڙي جماعت پـِـير جي، فائق جو فقراهه
سو نـَـر ُ ناڙِي تي هليو، دَونر ڪري درياهه
هن جو ڏس تنبوءَ ۾، ميڙو منزلگاهه
رند پڇائي راهه، اچي ڪامل لٿس ڪنڌ تي.

 

پيرَ کنيو هو پاڻ سان، سخي سو سهراب
لـَـغاري لائق ڀريو، ناميو نر نواب
گهڻي کؤن به گهڻو ڏين، اچيو تنهن کي آب
پهچايائون شتاب، تڏا کٽولا خان ڏي.

 

مچن مارڪن ۾، ڪن ٽڪر ٿا ٽوليون
خزان ڪن خوشيءَ کؤن ٻاروچيون ٻوليون
مگسي هن ملڪ کؤن، لهندين ڳلين مون ڳوليون
”جهـَـلَ“ ندر جهوليون، ٻڌندين هن ٻروچ جون.

 

پاسيرو تنهن پير سان، اچي گڏيو منجهه غماز
نڪو عجز نـَـه عاجزي، نڪو نرت نياز
صبر ٿيو سيد کي، ڪئي دولهه دل دراز
روءِ ڪچهري راز، مڙيوئي معلوم ٿيس.

 

خبر پڇائين پيرَ کؤن، منهن ۾ وجهي مير
(پير چيو) گهـُـرون خير خدا کؤن، دل ۾ اٿئون خير
جي خير گهرندين خوش رهندين، ڪونه جوهيندءِ ڪير
مـُـڙي وڃ مگسيءَ کؤن، بخش اسان کي وير
ڪاهه نه ڪمزورن تي، ڪجي اهڙو ڪين انڌير
ڪر ڀلائي ڀير، ته مان مـُـهت لهي موٽي وڃان.

 

(شيرمحمد چيو)

نڪي مـُـڙان مگسيءَ کؤن، نڪي ڪندس خير
هي چرچا ٿو چانڊيو ڪري، سو ٿيندو آهي ڪير؟
اول سمجهي ها ڳالهه کي، پوءِ وجهي ها پير
جايون جوڙايان ”جهـَـل“ ۾، ڍونڍ ڪريان تنهن ڍير
ڪيئن ڪريان وير اوير، نيڻين ننڊ حرام آهه.

 

پلپل پورپون، روز چڪن ٿا چاڪ
ڌرتي ۽ اُڀ ٿو سـُـڻي، وسي ڏنهه نه افلاڪ
جنهن اوجهه ڏاڪيو آهه ڏاڪ، تنهن جو لاهيان ور ترار سان.

 

(پيرَ چيو، ابا:)

جنهن جي وَرُ ترار کي، سا ٿيندي ڪين سنئين
سگهڙ سيد فقير کي، موٽايو نه ڪنهين
ناحق اُڙد نـِـئين، ٿو کپائين کاڻ ۾.

 

(شير محمد چيو)

پيرَ اسان کي پانهنجا، سڏَ سان ٿين ساڻي
ڏسندين خلق خداءَ جي، ڀيليا ڀوتاڻي
چڙهي تنهن چانديي جي، گهمائيندس گهاڻي
جڏهن پرٽيا رڪ پاڻي، تڏهن کاڻ به ويندءِ خاڪ ٿي.
موج آئي ”مهراڻ“ کي، ڪيائين ڪنڌيءَ تي ڪاهه
ڏيئي ڀيڙ ڀڃون وجهي، ڌوڌو منجهه درياهه
آيو جزب جيلانيءَ کي، شوريو شاهنشاهه:
ڇا سمجهيو ٿئي رندڙا! ڇا ڏيکارين ٿو ڏاهه
تون آهين مثل گاهه، اٿئي چانڊيي ڏاٽوهٿ ۾.

 

اٿئي چانديي ڏاٽو هٿ ۾، لاهي ڪندءِ لاب
وڃين ته ويڙهه ڪري ڏس، ته وٺين هڪ حساب
سٽي وجهندءِ سامهون، تيرَ رکندءِ تاب
ٿيندين نئين بـُـهه هاب، ٿو مـُـڙي منافق ڪينڪي.

 

ٿو تڪڙا پوين تنگ، اجها ٿي پيش اچئي
مـُـنڍئون ئي مـُـنڊجي وئي، تنهنجي تيغ تفنگ
جاٿي ڪندين جنگ، ڪڏهن کٽندين ڪينڪي.

 

اُسهيو الاهر ٿي، نـَـرُ ڪري نعرو
پارس موٽيو پوئتي، سيد سونهارو
چوايائين الهه بخش ڇتاڻيءَ ڏي، سڀ قصو سارو
ڪيو عالم امارو، دُر ورتيون ٿي دعوتون.

 

دُر ورتيون ٿي دعوتون، نيڪ ته جاءِ نشين
جلوو جيلانيءَ سندو، وڏي رنگ رنگين
سوين سائل سيڪڙا، دنيا ڪارڻ دين
مطلب مڙنيءَ جا ٿيا، ماڻهو جي مسڪين
خاوند خبر ۾ ڏيئي، پهريندين پرين:
معاملو مگسيءَ کؤن، ڪڏهن کٽندو ڪين
اهو سوال امين، اسان دُرس گهريو درگاهه مون.

 

خوش وزيرو خان ٿيو، شاد گهڻيرو شاد
منهنجو تنهن مرشد تي، اصلؤن آهه اعتقاد
چئي پيو چانڊين کي، ٿيو مدعي ماد
الله ڪئي امداد، سڀ اوهان کي سامهون.

 

چڙهيا تنبو جي شهر مان، اُڙد ڪري اوراٽ
لشڪر ليکو ناهه ڪو، جيئن ماڪڙ جا ميلاٽ
وڄن نغارا ويڙهه جا، ڪيون ڪنواٽن ڪڻواٽ
ٿيو سوگهو سج رئي ۾، لٽيو منجهه لڙاٽ
واهه وڌائون واٽ، ويا ملڪ منجهارؤن خانڪي.

 

هاڻي ”شورڻ“ نه هلون، جيتر ڪيون ديکا ديک
مهڙ مگسيءَ کي ڏسون، مر رُڪ گڏجي ريک
بيهي ڪي ڀڄي وڃي، جڏهن ٿئي ترارن تيک
محڪم کوڙي ميک، نئين ڀاڳههَ پنجڪ ۾ هڻون.

 

ڪاهي آيا ڪوٽڙي، لوڏ ڪري لشڪر
ويجهي ڇانو ڇپر جي، ڏسجن پيا ڏونگر
ناميا ڀر نغور جي، ٽڪيا ساڻ ٽڪر
آيا ”پاڇهه“ شهر، منجهه ديهه ديناري.

 

گاجَ گـَـجي جهـُـڙ ڪاج ڪي، ”گاجڻ“ جي مٿؤن
لٿاهون ”شادڻ“ مؤن، جي يار هئا ياقي
سي ڀي سنبرائي کنيؤن، جي هئا بهادر باقي
ڪاهي ڪانڌوريءَ ۾، اڄ ٿيون اوطاقي
جيون پيا جاڪي، ته مگسيءَ لڙ لاهي ڇڏيو.

 

سباڻي سهرا ٻـَـڌي، گهوٽ چڙهيو گهوڙي
مرد بيهو ميدان ۾، جنگ بيهو جوڙي
وَسايو ويريءَ کي، خوب کـَـنا کوڙي
ڳوٺ ڳڙائي نه ٿيو، ته منهن ويندو موڙي
ٿيو ويجها وڪوڙي، ته مـَـرُ اکين ”جهلَ“ جهنڊا ڏسن.

 

وٺايو لشڪر جو، چهرو چهريدار
جلب جتوئي جهوريا، جهيڙي جا جهونجهار
رند، جمالي، عمراڻي، بـُـڙدي بيشمار
گڙد، گبول، گاڏهي، ديناري دهدار
ڪلفر، لاشر، کيڙي، قدَ وَڏي ڪاپار
لاشاري هئا لاڏڪا، جوڙ وڏي جنسار
ٻارهن ٻروچن جا، تمن ٿيا تڪرار
ليکو لشڪر جو ٿيو، ساڍا اٺ هزار
جڏهن گڏجن گهوڙا پاڻ ۾، هانهرُ ڪن هڻڪار
بادل چاڙهيا بار، مورهه ڪاڇي مينهن جا.

 

ساز وڄن ٿا سـُـرندڙا، رنگ لايو شعرن
ساز کڙا ڪيا سارنگن، تارون طنبورن
نادَ نفيلن نوبتن، ناز ڪيا نقرن
ساز سنباهيو جنگ جا، ويلون ويل وڃن
اڄ صبح اُڙدن، آئي مند ميلاپ جي.

 

اولاهو ٿي اُڀريو، ڪاري ويسَ ڪڪر
ٿيو کڙو روٿ کنوڻ سان، باني ڏيئي بر
وسندي ورچي ڪينڪي، سانوڻ مينهن سـَـپر
جڏهن پيس ڏکڻ جو ڏر، تڏهن ڪڪر نه ڪڪريءَ کي گڏبو.

 

ڪاهيو ڪاهه ڪري، ساجهر آيا سٽهه تي
پهڻ کنيائون پاڻ سان، جهوليون جهول ڀري
اول جنگ اِها ڪريون، بيهي پنڌ پري
جنهن کي جان ۾، ڪري زخم ذري
جان پڻ مرد مري، جان وري ايندو ويجهڙو.

 

لنگهي پيام لغڙ، شوريا ڪاڻ شڪار جي
بحريون باشن سان گڏيون، ڪاهن ٿيون ڪڙڪڙ
ڪڙڪيا ڪانڌوريءَ تي، جوان وڏي سان جر
ڇڏي ور وڪڙ، سڌا ٿيا ساڙيهه تي.

 

رات ته ”روهيلن“، ديم لهي ديرو ڏنو
ماڻهو ملڪ ڇڏي ڀڳا، مڙيا کان ميلن
هڪ ديهه داڻو گاهه ٿي، بنا ٻـِـن ويلن
تائين تنبن اُڙدن، کائي ملڪ خزان ڪيا.

 

عصر ويل کي ڪئي، تان ڀي تياري
”جهـَـل“ هتان اَٺ ڪوهه ٿـَـوَ، منزل موچاري
پهر ڏينهن هلي پڄون، ڏيون ڏيکاري
نيٺ هڪ واري، اڄ اَٿوَ ڏينهن مقابلو.

 

بيبيون آيون ميڙ ٿي، بالا سان برڪت
سـَـتيون ساداتيون هيون، اعليٰ جن عزت
قرب ڪرامتَ اڳريون، قوي سان قوت
صاحق ّآيا سيگهه ۾، راحم سان رحمت
مرسل مير مدد، ڪر عربي ڄامَ اسانهنجي.

 

آياعلي الصباح، ڪنهن هنڌ حاويليءَ لٿا
پاڪ ته پهري پوش هئا، پهري منجهه پناهه
آڻايائون ”ارغون“ کي، جائي تنهن جاڳاهه:

 

(بيبين چيو)

ابا توتي شير محمد، سندي رب نگاهه
مـُـڙي وڃ مگسيءَ کؤن، ڪسـَـت ڦٽي ڪر ڪاهه
اڳ موٽايئه ميڙ کؤن، سهڻو ”صالح شاهه“
اسين به توڏي آئيون، وٺي اسم الله
ڪر معافي ڏوهه گناهه، ڏي مهت هن مصحف کي.

 

ڏي مهت هن مصحف کي، ته ٿيئه دعا نصيب
چوين ته آڻي پيش وجهون، مگسي آهه غريب
هي جي هت ڏسين ٿو، هلندو ڪونه قريب
اڪثر سان عجيب، پوندو ڪم ڪريم سان.

 

(شير محمد چيو)

نڪي مـُـڙان مگسيءَ کان، نڪي ميڙ مڃان
اڄ آءٌ ڏينهن مقابلي، هرگز ڀون نه ڀڃان
هڪ نه پڳي اٿم هڪڙي، جا اٿم اميد اڃا
پوءِ سو واهه وڃان، وڃي ”شورڻ“ شڪاران ڪيا.

 

(بيبين چيو)

جي جنگ نه ڇڏين جوان، ته ڪر چارمهينا دير
فوجون ڦيرائي هتان، وڃ موٽي پوئين پير
نيٺ ته هلبو اڳتي، هت نه رهندو ڪير
مڃ تون منٿون ميڙ، ڏي ڪو مـُـهت مصحف کي.

 

عصر ويل اُٿي ڪري، سوارن وڌا سنج

 

(شير محمد چيو)

دعا ڪريو تان فتح ٿئي، ڏيندس گهڻا گنج
ساعت سيڙائو ڪريان، توڻي رهو منجهه رنج
سجهو تائين سنج، اڄ فوجن ٿيندو فيصلو.
بيبيون بيٺيون ئي رهيون، هن پڪڙيو هٿ لغام
وڌئين پير رڪيب ۾، نڪڙ ساڻ تمام

 

(بيبين چيو)

ادا رند! اسانهنجو، ٻـُـڌ هي قرب ڪلام
وڃ ته وڍجين ويڙهه ۾، اڄ اَٿئي انجام
سڀان پڄندين اُت وڃي، جاٿي ماڳ مقام
آهه پاڻي اَن حرام، جيتر لاشو لنگهندي نه ڏسون!

 

وڃ ته وڙهيا ويڙهه ۾، ويٺا اَٿئي واسينگ
هي جي گڏهه کنيئه گجرات جا، سي هڪ نه ڏيندءِ هينگ
مهٽَ نه ”چانڊيي“ جي جهلن، تنهنجا ڍڍر ڍينگ
ڀيلي ڪندءِ ڀينگ، ساڙي باهه صفا ڪندءِ.

 

پاڪ ته موٽيا پوئتي، ڏاڍي ساڻ ڏمر
وڃي ويٺا شاهه تي، ققـُـّي ڏيئي دَر
جڏهن لاشو لنگهي هتان، پارؤن هن شهر
پوءِ لهـِـي ڪا ڪـَـر، هلي حاويلين وڃون!

 

جنهن ڏينهن هليو  سٽهه کان، داميو دلاور
ڏاهي هليو ڏاهه تي، صبح کي ساجهر
اڏاڻو به عقاب جيئن، راهه وٺي رهبر
بحري ڇـَـٽـِـي برَ تي، لنگهي ”شاديهڙ“
شهر پريؤن پرواز ڪيئين، پرَ ساهيائين پر
داخل ديريءَ ۾ ٿيو، جان گذريس هڪ پهر
وڏيرو ويٺوهو، ڪونڌ ڪچهريءَ ڪر
ايندو ڏٺائونس اوچتو، درس لنگهيو هو در
دانهينءَ اچي دانهن ڪئي، اٿي شيرَ سنڀر
جنهن جو ڏُور ٻڌو هوءِ ڏر، سو سرَ تي آيو سارڌو.

 

خاطيءَ کان خبرون پڇي، واتؤن وکاڻي
ڪـَـههُ لشڪر ڪاٿي ڇڏيئه، آيوڪنهن ٽاڻي
ساجهر هليو سٽهه کان، لڏي پلاڻي
مون کي هيڏي موڪليو، رقعو ڏئي راڻي
دير نه سهي دم سگهان، هل چڙهي هاڻي
ساجهر سڀاڻي، اٿئي جائزو جنگ بنگاهه جو.

 

اُٿي خان کڙوٿيو، ڪيو نعارو نـَـر
وڳو نغارو ويڙهه جو، ڪئي دمامن ڌڌڪر
پري وارا ڪين پڳا، لحظي ۾ لشڪر
ٻـَـڌي خان خوشيءَ کان، سورهيه سيف سپر
جنگي جـُـنگ زيور، جادم پهريان جان تي.
وڳو نغارو ويڙهه جو، عالم سڀ آيا
سايون سرخيون بيرقون، جهنڊن جهـُـڙ لايا
سڀني ڪيا سعيا، بانڪن دل بهار ٿي.

 

کنيا هٿ خداءَ تي، ولي محمد ويرَ
چڙهان تنهنجي آسري، قادر رب قدير
مرشد منهنجا مادتوُ، ڪامل قطب ڪبير
پارس سهڻا پيرَ، اچي ٻهڳڻ مون سان ٻيلهه ٿي.

 

چڙهيوملهه مهم تي، هاتڪ پهري هول
”شهوليءَ“ منع ڪيس، ڏي نه اسان کي ڏول
مٿو پهڻ سان هڻڻ،مغز ڀڇي منهن مول
سو ساٿ ڏائين جمهوريا، ماڻڪ موتي ڏهول

 

(ولي محمد وير چيو)

ٻڌل هن ٻروچ سان، ٻهڳڻ منهنجا ٻول
اسان سر اختيار ڪيو، ڪارڻ منجهه الول
پارت غيبيءَ جي اَٿيئي، آهه تنهنجي واهه وندول
”ڪـُـنڍو“ ڪرَ موڙي چڙهيو، چنچل ڏيئي چپول

 

(ڪنڍي چيو)

پوءِ نه رهندس پيءُ کان، گڏجي ڏيندس گول
شال منهنجا قول، قادر ڪوڙا نه ڪري.

 

چڙهيو ملهه مهم تي، قابل ڪئي ڪاهه
اٿئي مدد منهنجي، شاهن سندا شاهه
سنمک ٿيا وڃي سيال سان، البت لڳ الله
تريون ٽپائن تيز مان، گهوڙن ڏيارين لاهه
لٿا راتون واهه، وڃي شهر ته ”شاديهڙ“ ۾.

 

اَرڏا اَجهاپو ڪري، اُٿيا هئا اڌ رات
ڏيئي چوٽ چڙهي هليا، ساجهر ٿي سنهات
سمنڊ، سونهاري، سرخا، گهوڙا ڀاتون ڀات
پرهه ڦٽي پرڀات، جهاڳي آيا ”جهـَـل“ ۾.

 

ٿيو جاري سر جنوب، جهڙ روٿ اظهار ٿيو
تان وڄون ڪن تن سان، سهڻو سرنگ روپ
وڄ کؤن وينگس سهڻو، منهن روشن محبوب
آهه اُداسي جنهن لئه، ”قادر بخش“ قلوب
کيٽ پـُـنان خوش خوب، سڀ ساوا ٿي سرحال ٿيا.

 

اڱڻ آيم سپرين، ساريندي سي ئي
جنهن جي ڪارڻ جيءَ ۾، هيم اُڪنڊ اڳي ئي
ٿيا ويجهو سارڻ کؤن، هئا پرين پري ئي
هر سر صدقي ئي، گهر آين تان گهورجي.

 

اڄ ملي اچي مون، جنهن لئه جيءُ اداس
ويٺي واٽ نهاريم، روح نه هوڪنهن راس
جانب آيم جوهري، جن ڏٺي ڏينهن ٿياس
اچي ڪنهن اخلاص، مليا مشفق پاڻ ۾.

 

ملي مشفق پاڻ ۾، خوب ٿيا خوشحال
وٺن ويٺا پاڻ ۾، ورنهه حال في الحال
ڪيو قدر آ گهڻو، اسان جو اقبال
مايا مڏي مال، گهورِن مٿؤن گهوٽ جي.

 

ماڳين مهمانن جون، تن ڪيون تلافيون
لکين شعر لنگها چون، ڪي چون ڪافيون
ملڪ پنا معافيون، تن آين کي امداد ٿيا.

 

چڙهي ويا چارڻ ڪاڻ، گهوڙا ڪاهي گهوٽ
جوان بهانه جنگ جا، اَرڏا ڪونڌ آموٽ
مـَـڙدن منهن اچي ڪڍيا، چانڊين ٻڌي چوٽ
سي مڳ موٽيا پوئتي، مڙد ڏسي اڻموٽ
سندي رند رپوٽ، اچي جوانن جلديءَ سان ڪئي.

 

اُڀري سج سنئون ٿيو، آيا فريادي
ڪي ماني کائي خوش ٿيا، ڪن ويٺي کاڌي
پاکر پشت پناهه ٿئي، هر ويلي هادي
دم بهاوالحق هادي، نعرو نر ڪري اٿيا.

 

چـَـينُ وڏيري چاءَ، ته چانڊيا گهوڙي نه چڙهون
هر ڪو پيادو ٿي هلي، توڻي شاهه گداءَ
پيءُ نه ساري پـُـٽ کي، پـُـٽ نه ساري ماءَ
مڙس نه ساري زال کي، ڀاءُ نه ساري ڀاءَ
سيالَ اڳيون اَٿوَ سامهان، هلي لهو سڌ سماءَ
ڏسي ترارن تاءَ، متان پوندي ڀـِـيڙ ڀڄي وڃو.

 

لهي ٻڌائون لاڏڪيون، بورقون بوراڪ
قوائد ۾ قابو رهيا، انهن جا املاڪ
جڏهن گهڙياسين گهر ۾، ڏس اسان جا ڏاڪ
جيڪي ٿيو وس واڪ، مـُـڙون ته مهڻي هاب ٿيون.

 

جهـُـلي نڪتا ”جهل“ مون، جهنڊا جهڙلائي
چوٽ دمامن تي چڙهي، طبلن کؤن تائي
مهاڄڻ مڙي هليو، پخالون پائي
اڄ ته پنهنجي اُڙدن ڏيون، پاڻي پهچائي
هندو هيبت نه ڊنا، ٿيا سـُـورهيه سر آئي
وياورنهه واڌائي، سانگا لاهي سر جا.

 

نڪتا شير شهر مؤن، گنوَ گڏجي غازي
آڳانڊو اڙ جو ڪجي، بنائي بازي
ايندو اُرهه سامهون، مر تير ڪنس تازي
دستين درازي، پوءِ ڪجو دلاور دوبدو.

 

گجي رعد گروڙ ڪئي، دمامين داناءَ
ڪري مينهن لسي لهي، جيئن ٻائر ٻوڙ
وٽجي وَرُ وجهي هليون، کنوڻن لامان کوڙ
تنهن دم رسيا توڙ، هڪ واهي اڙ کان ويجهڙي.

 

اَهنيا ويس خوشيءَ سان، گنوَ پهريا گهرام
ڀاٽيو احمد خان جو، جنهن ڪيا ڪونڌ ڪلام
اَرڏو جنگ امام ٿيو، ڇڪي لشڪر لام
جتي تنهن گنوَ گام، تتي ٻيا ڀي شير شتاب ٿيا.

 

احمد خان ائين چيو، هڻو گڏ ترار
چانڊيا مگسي پاڻ ۾، ديم ٻڌو درڪار
ولي محمد وير چيو، متان ڏئي ڪو گار
ڪين مڃيندس ڪار، اها ارڏا ڳالهه اوهان جي.

 

چانڊيو مگسيءَ کان ٿئي، ڇڄي ڌارو ڌار
جي ڀڳو چانڊيو ڀيڙ مان، ته به گانڊو گلادار
جي مـُـڙيو مگسي پوئتي، ته چانڊيي سرَ ميار
خوب کٿوريا
(1) سڏجو، اڄ اَٿوَ پرکا پار
هاڙهي ٿيو هشيار، ڀڄي ڀڄي سامهون.

 

آڙَ ۾ آڻي توبچي، ويهاريا وينگس
صف جوڙيائون سيگهه مان، گام پري کان گس
اڳي اٻاهر نه ڪجو، اچي ويجها ٿين منجهه وس
جزارن تي جامڪون، چاڙهيائون چوڪس
شهتائون ششخانيون، ڪن رانئي بندوقن رس
ڪيئي ڪوٺيدار هيون،لاريون لوهن لس
ست سا هٿ بندوق هئي، ڌار هڻن تي دس
تڏهن ڇوڙيو دَس، جڏهن دارؤن ئي ڌڌڪو ڪري.

 

اوڀارو مگسي ٿيو، چانڊيو اولاهين ٻانهين
پير نه رکجو پوئتي، جـُـلهه ڪجو جائين
چهرا ٿي به چڙهي اچن، مـَـرُ و آڙَ تي آڳاهين
تاءُ ڪجو تائين، جڏهن چڙهن بندوقون ڪينڪي.


(1)  چانڊين کي کٿوريا چيو ويندو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي کٿوريءَ يعني خوشوءِ وارا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org