سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :16

 

تعلقي حيدرآباد جي شاعر حاجي حقير جا بيت*

1-

ساراهين صدق سان، اول آءٌ ڪلتار،

پوءِ پنجتن سڳورا، نينهن مان نروار،

پوءِ ٻارهن ئي امام، پوءِ هر هڪ يار،

پوءِ بادشاهه بغدادي، ولين جو مهندار،

پوءِ شاهه لطيف، ڀٽ جو سردار،

پوءِ اولياء اڪرام سڀ، آهن جي چوڌاري،

پوءِ استاد قليچ بيگ، شعر جو سردار،

پڙهائي پنو پرت جو، جنهن ڪيو هوشيار،

هوس ’حاجي حقير‘ چئي، نه ته اڳي سرشار،

آهيان شڪر گذار، تهدل آءٌ تنهن سندو 

2-

تهدل آءٌ تنهن سندو، مڃان ٿو احسان،

هميشہ هو حقير چئي، مون تي مهربان،

سندس فرمائش موجب، لکيو اٿم ديوان،

راضي مٿس شل هجي، سدائين سبحان،

هاڻي عمر مارئيءَ جو، ڪريان ٿو بيان،

پڙهي تنهن کي پرت مان، دانا ڏيئي ڌيان،

هو عمرڪوٽ ۾ عمر حڪمران،

هن جو سڄي سنڌ ۾ ڦريو ٿي فرمان،

ذات جو هو سومرو عمر عاليشان،

سو عادل ۽ منصف هو، سدورو سلطان،

سو سونهن جو سجان، راضي هو راڄ تي.

3-

راضي هو راڄ تي، سدائين سڄاڻ سو،

هر ڪنهن هنڌ ’حقير‘ چئي، هو راضي هرڪو،

ڪنهن به قسم جو ڪنهن کي، هو اهنج نه ڪو،

هئو سندس حڪم هيٺ، ملڪ ملير جو،

ماڙ ۽ کاهڙ پڻ، سڏجي ٿو اهو،

وسيل هو مارن سان، سڄو سو ضلعو،

چوپايو مال هو، تن جهانگين وٽ ججهو،

’پالڻو‘ پريو مڙس هو، سڀني مارن سندو،

هن سان وفادار هو، ننڍو ۽ وڏو،

سدائين صلح هو، مارن سندي راڄ ۾

4-

مارن سندي راڄ ۾، هرڪو هو مسرور،

ڌيءَ هئي پالڻي جي، ’مارئي‘ سا مشهور،

رهي ٿي پيءُ ماءُ کان، دم نه هڪڙي دور،

هن جي حسن جو ڪريان، ڪهڙو آءٌ مذڪور،

هن جي نيڻن ۾ هو، نسوروئي نور،

هن جي نيڻن ۾ هو، عشق جو انبور،

گهائي سگهي ٿي گهڙيءَ ۾، ڏيئي هڪڙي گهور،

حسن تي ’حقير‘ چئي، هئي سدا مخمور،

هر ڪنهن کي هن جي، هئي محبت منظور،

سامهون نه هئس سور، رهي ٿي خوش راڄ ۾.

5-

رهي ٿي خوش راڄ ۾، سنگهارين سان سدا،

اٿي اَسر مهل جو، ڪري ياد خدا،

هر ڪنهن ٿي هاج ڪئي، ويـٖـٺي نٿـٖـي ڪا،

کير ولوڙي خوشيءَ مان، ڪيئون ٿي اڱڻ اڇا،

پَهُون ڏهي پرت مان، ڇوڙيئون ٿي ڇيلا،

ويون ٿي ويڙهين ۾، ماڻيئون ٿي مزا،

چونڊيئون ٿي چاهه مان، پيرون ۽ پڪا،

ڏينهن سارو ڏٿ مٿي، هنيئون ٿي مٿا،

وريون ٿي وچينءَ جو، ڪاهي ڌڻ پنهنجا،

اهڙيءَ طرح ادا! سکيون رهيون ٿي سرتيون.

6-

سکيون رهيون ٿي سرتيون، ملير ۾ مدام،

’ڦوڳ‘ نالي هڪڙو، هو بدڪار ۽ بدنام،

منهن ڏسي مارئيءَ جو، اچي ڦٽس آرام،

مچي ويو اندر ۾، موذِيءَ کي ماتام،

پرت مان پالڻي جو، اچي ٿو غلام،

ڪيائين ٿي مارئيءَ جو، سنجهه صبح سلام،

ساڃهه مان نڪري ويو، نانگو نمڪ حرام،

مارئيءَ کي ارمان ٿيو، وڻيس نٿي طعام،

پچي پئي اندر ۾، ڏسي خارجي خام،

خوشي ٿي تمام، مسڪين مارئيءَ جي.

7-

مسڪين مارئي جي، ڪريان ڪهڙي خبر،

ڇوڙڻ کڻي ڇڏيائين پوءَ ٻاٻاڻا ٻڪر،

مارئي کان منهن چڙهي، پڇڻ لڳا پنهور،

مائي! ڇو ڇڏي اٿئي، پهن سندي پچر،

گڏجي هڪ جيڏين سان، وڃي چار ولر،

وڃي ويڙهين وچ ۾، سيڪي کاءُ سڱر،

ڦلاريا آهن ڦوڳ، ۽ ڀٽن مٿي ڀتر،

ساوڪ آهي حقير چئي، جيڏانهن ڪر نظر،

ڏسجي ٿي چوڏس گهڻي، پوٺن مٿي پهر،

سڀئي سانگي سکر، گهمن ٿا اڄ گوندن ۾.

8-

مارئيءَ مهندان مارن جي، واڻي نه وائي،

مارو پيا عجب ۾، ڏسي رمز اهائي،

هنن ڀانيو ته هن کي، ڪا آهي اگهائي،

آهي هڪدم ”حقير“ چئي، جنهن مارئي منجهائي،

ڪنهن کي ڦوڳ ڦنڌيءَ جي، ڪل نه پيئي ڪائي،

ته ڪا آهي اندر ۾، لُچي کي لُچائي،

ڇو ته مارئيءَ ڪنهن کي، نه هئي ڳالهه سڻائي،

نه ته ڦوڳ جي منهن ۾، وجهن ها ڇائي،

ڪين قوم لڄائي، مارن سندي مارئيءَ.

9-

مارن سندي مارئيءَ، لوئي نه لڄائي،

هن ”حاجي حقير“ چئي، رکي ثابت سچائي،

مارن مڙي پاڻ ۾، صلاح پچائي،

ته هاڻ آهي مارئي، ويٺي سامائي،

هلو اڄ پالڻي وٽ، ڪري ڀائر ڀلائي،

هلي چؤنس منهن چڙهي، سڀ ڳالهه اهائي،

ته آهي تو ڪين اڦا، ڇو مارئي مڱائي،

خوشيءَ مان ڏي ’کيت‘ کي، تون هاڻ واڌائي،

جنهن جي مائي مارئيءَ کان، سونهن سوائي،

سڀني وائي ورائي، ته حاضر آهيون هلڻ لاءِ.

10-

حاضر آهيون هلڻ لاءِ، ڪريو دير نه ڪا،

پوءِ هليا پالڻي ڏي، ننڍا ۽ وڏا،

پالڻو ڏسي خوش ٿيو، ماڻهو راڄ سندا،

چيِ: ڀلي آيا اوهين، اڱڻ منهنجي ادا،

خبرون ڏيو خير جون، لهڻ دک دل جا،

مارن مُرڪي چيو هيئن، پريا مڙس اسان جا،

ڏي مارئي کيت کي، تون وير وڏيرا!

اسان جي ته ادا ڙي! خبر اٿئي اها،

ڪندءِ خير خدا، مڱاءِ مارئي کيت سان.

11-

مڱاءِ مارئي کيت سان، ڏي وير واڌائي،

خان! ڪر تون کيت تي، خدا لڳ ڀلائي،

سڻي خبر سانگين جي، وير وائي ورائي،

آءٌ ڏيان ٿو کيت کي، ميان! مارئي مائي،

مڱڻو ڪريو مرد جو، ڀلي اوهين ڀائي،

مارو مڙئي خوش ٿيا، سڻي ڳالهه اهائي،

ڌڻيءَ آس پڄائي، مارئي مڱي کيت سان.

12-

مارئي مڱي کيت سان، خوش ٿيا سڀ سنگهار،

ڦوڳ ڦندي سڙي ويو، لڳس ڏاڍا خار،

اٿي هليو عمر ڏي، چڱي نه ڪئي نِڪار،

اچي چيو عمر کي، بيهودي بدڪار،

ميان! تون ملير جي، سڻ ڪا خبرچار،

مارئي نالي هڪ آهي، عورت شهريار!

سرس آهي سج ڪنان، سونهن ۾ سردار،

سهڻي نه اهڙي سنڌ ۾، آهي ڪا مختيار،

سوين تنهنجي سونهن ۾، ٿيا وتن سرشار،

هلي تون هڪوار، ميان ڏس مارئي.

13-

ميان! ڏس مارئي، مڃ منهنجو سوال،

حاڪم! هلي ڏس سگهو، تنهن جو تون جمال،

عرض تنهن اناڙيءَ جو، عمر ڪيو بحال،

مارئيءَ جي ڏسڻ جو، اچي ٿيس خيال،

هليو ملڪ ملير ڏي، سو بلند اقبال،

ساڻس هو ’حقير‘ چئي، ڦوڳ بد خيال،

اچي پهتو لال، مارن سندي ملڪ ۾.

14-

مارن سندي ملڪ ۾، عمر ڄام آيو،

کوهه جي ڀرسان تنهن کي، وڃي ڦوڳ لڪايو،

چي: اينديون هت پاڻيءَ لاءِ سرتيون ڪري سعيو،

مارئي به ايندي تن سان، ٿيندو لايو سجايو،

سرتيون آيون کوهه تي، تڏهن ڦوڳ سڻايو

اٺ پنهنجو عمر ڄام، کوهه ڏي هلايو،

ٿيس سوز سوايو؛ ڏسي منهن مارئيءَ جو.

15-

ڏسي منهن مارئيءَ جو، عقل ٿيس خطا،

چيائين چوڙيلين کي، سُکيون هجو سدا،

اسين مسافر اڃ ۾، اڄ مايون! مرون ٿا،

پاڻي پياريو اسان کي؛ ڪريو نه دير ڪا،

مارئيءَ چيو چاهه مان، اچي پيئو ادا!

پوءِ هڪدم ”حقير“ چئي؛ اٺن تان لٿا،

مارئي کڻي گهڙا، آئي اڳيان عمر جي.

16-

آئي اڳيان عمر جي، نار ڀري ناري،

کڻي زوريءَ خان سا، اُٺ تي ويهاري،

اٿاري اُٺ وطن ڏي، وير واڳ واري،

آئي عمرڪوٽ ۾، ويچاري ڌناري،

سومرٖي پنهواري، آڻي ويهاري ڪوٽ ۾.

 

 

17-

آڻي ويهاري ڪوٽ ۾، عمر ڄام نار،

چيائين: اي مارئي، پاڻ نه مفت مار،

گهر ڌياڻين وانگي، ويهي گهر سنڀار،

هي ٻانهيون، هي دايون، آهن تنهنجون ڌنار!

ايندس تو وٽ رات جو، آءٌ روز پنهوار،

درد پنهنجي دل تان، سهڻي! سڀئي ٽار،

دل گهري دلدار! وسار تون وطن کي(1)......

18-

اٺاويهين رات ڪوٽ ۾، عمر اچي ڏٺو،

ته هيڻو حال ”حقير“ چئي، آهي مارئيءَ جو،

آهيس ٿيو نِيرَن ۾، ساڻو بت سڄو،

طاقت ڪانهي چوڻ جي؛ چوري ڪيئن پاسو،

ٿيو عمر ڄام کي، دل ۾ دک ڏاڍو،

تنهن چيس ڙي مارئي! اڄ اٿيئي ڇا ٿيو؟

آهين تون بيمار، يا اٿئي مڪر ڪيو؟

جي منهنجو مڃين چيو، ته ڪڍان توکي قيد مان.

19-

آهي هيڻو حال ٿيو، قيدن ۾ منهنجو،

نِيرَن ميان! ڏنو مون کي، آهي ڏک ڏاڍو،

هئي هئي آهي ادا اڙي! ٿي پيو بت جڏو،

هاڻي بچڻ بادشاهه! منهنجو نه ٿيندو،

جيڪڏهن قيد ۾، پساهه ٿئي پورو،

ته موڪلج ملير ڏي، تون منهنجو لاشو،

ته مڙي سڀيئي مارو، مچائين ماتم ڪو،

مير! عرض اهو، اونائج نام ڌڻيءَ جي.

20-

اوڻٽيهن رات سومريون، آنديون عمر خان،

تن چيو: ڙي مارئي! ڪرتون ڳڻتي ڪان،

هٿ اٿئي موجود سڀ، سک سدا سامان،

سهڻي! ويهه سيج تي، کاءُ اٿي پڪوان،

تون راڻي، ٻيون گوليون، کاءُ ڦوٽا ۽ پان،

توتي آهي مارئي! رحم ڪيو رحمان،

هل تون حويليءَ ۾، گهمي ڏس مڪان،

چلي ڏس چوگان، مارئي! تون محلات جا.

21-

صلاح اهڙي ڪينڪي، مونکي ڏسو مايون،

ڪريو نه منهنجي منهن تي، هي ڳالهيون اجايون،

بيوفائي نه ڪنديس، ٻاٻاڻن سان ٻايون!

آهن ڪين بيحيا، مارن جون ڄايون،

اسين ڪين ملير ۾، پٽ ٿيون پايون،

نه ڪي اوڍيون زربفت، نه ڪي شالون سايون،

آهن اديون! وطن ۾، سدائين سرهايون،

هي متيون منجهايون،  منهنجون قيد سومريون.

22-

ٽيهين رات عمر ڪيو، ويهي هيءُ ويچار،

ته: مارئي آهي ٿي پئي، بند ۾ بيمار،

ثابت آهي سيل تي، ڄاڻي ٿو ستار،

اشراف آهي بيشڪ، ڪانهي ڪا مڪار،

هاڻ کڻي موڪليانس، ملير جي پار،

پوءِ آيو مارئيءَ وٽ، سومرو سردار،

چيائين: سڻ مارئي! حقيقت هڪوار،

هتي آهين ’حقير‘ چئي، مارئي! تون بيزار،

موڪليان ٿو مارن ڏي، هاڻي اُٺ سوار،

هتي ايندو سو وٺي، تنهنجو کيت ڀتار،

وڃج تنهن سان وطن ۾، تون ناز ڀري نار،

هاڻي ڪندس نه هرگز، توسان آءٌ تڪرار،

دين جي ڀيڻ توکي، سڏيان ٿو نروار،

پوءِ نِيرَ ۽ هٿڪڙيون، لاهڻ لڳو سالار،

لٿا نِيرَ ۽ هٿڪريون، جهڪو ٿيو آزار،

مارئي ڪڍي قيد مان، سرهو ٿيو سالار،

لٿس انتظار، هنئين تان ’حقير‘ چئي.

23-

قيد مان نڪتي مارئي، ٿيس ساهه سڌير،

چيائين: ادا ڙي عمر، رکيئي خوش قدير،

آهين بيشڪ سومرا، بادشاهه بينظير،

ڪنديس توکي دعائون، وينديس جڏهن ملير،

سدائين سکيو رکندءِ، پنهوارن جو پير،

عدل ۽ انصاف تي، هلندو جو امير،

ادا ڙي! دلگير، ڪڏهين ٿيندو ڪين سو.

24-

اٿي عمر صبح جو، هڪ ماڻهو گهرايو،

حاڪم تنهن کي حال هي، ويهي سڻايو،

ميان! وڃ ملير ۾، سگهو ڪري سعيو،

وڃي چئو مارن کي، آهي عمر سڏايو،

هلو ’حاجي حقير‘ چئي، وقت نه وڃايو،

مارئيءَ تي عمر کي، آهي رحم آيو،

وٺي اچوس وطن ۾، هلو دير نه لايو،

آهي سڪ ملير جي، مارئيءَ کي تپايو،

ويٺي آهي وطن لاءِ، ماتم مچايو،

اٿس سوز سوايو، سار لهوس سيگهه ۾.

25-

سار لهوس سيگهه ۾، اهو ڏج پيغام،

متان وڍين واٽ تي، گهڙي پل آرام،

هليو وڃج ’حقير‘ چئي، تون صبح ۽ شام،

سنڀري قاصد نڪتو، وٺي رب جو نام،

اچي رسيو ملير ۾، ڏٺائين ڳوٺ گام،

ڪيو اچي قاصد جو، سنگهارن سلام،

سي ٿيا خوش تمام، ڏسي اُٺ سوار کي.

26-

ڏسي اُٺ سوار کي، سرها ٿيا سنگهار،

پڇيائون پانڌيءَ کان، ساري خبرچار،

هن ڪئي حقير چئي، اڳيان هي گفتار،

آهي سڏيو اوهان کي، سومري سردار،

مون سان هلو گڏجي، ٻه چار پنهوار،

وٺي اچو مارئي، يڪدم اوهين يار!

ماندي آهي ڪوٽن ۾، ڌنارن کان ڌار،

اٿس ادا! اوهان جي، اٺئي پهر پچار،

نڪاح لاءِ عمر ڪيا، حيلا لک هزار،

پر مڃيو ڪين مارئيءَ، رکيس لڄ ستار،

جوروجفا نه ڪئي، عمر شهريار،

لڄ هن جي ڪين لٽي، زوريءَ نامدار،

سڏي آهي ڀيڻ ڪري، هاڻي تاجدار،

ڇڏي سڀ ويچار، هلو عمرڪوٽ ڏي.

27-

هلو عمرڪوٽ ڏي، مون سان گڏ ادا!

ڏوٿي ڏاڍا خوش ٿيا، ٻڌي ڳالهه اها،

هن کي ’حاجي حقير‘ چئي، هيئن چوڻ لڳا:

اڄ ترس، تڪڙ نه ڪر، اوٺي عمر جا،

سڀان هلبو توسان، ڪندو خير خدا،

مارو مڙئي پالڻي وٽ، وڃي گڏ ٿيا،

هنن چيو: ميان! هاڻ ڪرڻ گهرجي ڇا؟

هن چيو: هڪڙو وڃي، متان هجي دغا،

پوءِ جي عمر ڄام، ڏيکاري مهر ڪا،

ته پوءِ هلنداسين ميان! مڙي مارو جهجها،

منهنجا مائٽ مٺا! حال موڪليو هڪڙو.

28-

حال موڪليو هڪڙو، چونڊي ڪو جوان،

ڏسون ته ڇا ٿو ڪري، تنهن سان عمر خان،

ويڙهيچن کي وڻيو، هي پالڻي جو بيان،

ٻئي ڏينهن قاصد سان هڪڙو پهلوان،

موڪليائين عمر ڏي، گهڻو ڏيئي مان،

ڏوري اچي تن ڏٺو، سومرو سلطان،

ويو لهي ارمان، مارو ڏسي مير جو.

29-

مارو ڏسي مير جو، سڀ لهي ويو غم،

چيائين تنهن ماروءَ کي، ٻيا مارو آڻ هڪدم،

مارئي مچايو ويٺي آهي هت ماتم،

نيو تنهن ملير ۾، آيو اٿم رحم،

ڪونهي ٻيو اوهان ۾، ميان! منهنجو ڪم،

قادر جو قسم، ڪانهي دغا دل ۾.

30-

ڪانهي دغا دل ۾، سگهو آڻ سنگهار،

وڃ هاڻ وطن ڏي، آڻ جهٽ پٽ پنهوار،

پوءِ موڪلايو مير کان، ڌڱ مڙس ڌنار،

هليو ’حاجي حقير‘ چئي، ملير جي پار،

پهتو اچي پالڻي وٽ، ڪيائين خبرچار،

سڻي عدل امير جو، لٿن وهم ويچار،

سنڀريا عمرڪوٽ ڏي، پنج ڏهه وينجهار،

ساڻ کنيائون ٻه چار زالون ۽ ٻار،

هليا عمرڪوٽ ڏي، ڪري الله توهار،

سڻائي ڪئي ستار، آيا هلي عمرڪوٽ ۾.

31-

آيا هلي عمرڪوٽ ۾، ويچارا پنهوار،

ڏنو مان تن کي، سومري سردار،

آندي ’حاجي حقير‘ چئي، مارئي مختيار،

مارئي ڏسي خوش ٿي، ساڻيهه جا سنگهار،

دور سندس درد ڪيو، ڏيهن جي ڏاتار،

عمر جي انصاف جا، ڳايائين ڳڻ هزار،

سرها ٿيا ڌنار، منهن ڏسي مارئي جو.

32-

منهن ڏسي مارئيءَ جو، لٿي حيراني،

مرڪي مارن جي ڪئي، مير مهماني،

خوشيءَ منجهان خان جي، مارن کاڌي ماني،

عمر ڪئي انهن تي، گهڻي مهرباني،

ٿيو رحم رحماني، عمر ۽ مارئي تي.

33-

عمر ۽ مارئي تي، مولا ٿيو مهربان،

بچايا بڇڙيءَ کان، آگي ڪري احسان،

هاڻي ’حاجي حقير‘ چئي، سڻو هي بيان،

چوڻ لڳو چاهه مان، کٿيرن کي خان،

ترسو مون وٽ ڪي ڏينهن، ڪريو نه ارمان،

سمجهو هن ڪوٽ کي، ميان پنهنجو مڪان،

سولي ڪندو سبحان، ڳڻتي ڪريو ڪانه ڪا.

34-

ڳڻتي ڪريو ڪانه ڪا، چيو مڃيو سنگهار!

چيو مڃي مير جو، ٽڪي پيا پنهوار،

سکيو سانگين کي رکيو، سومري سردار،

ٻه ٽي ڏينهن ٽڪي پيا، خوشيءَ سان ڌنار،

پوءِ موڪلائي هليا، وطن ڏي وينجهار،

ڏنو هٿ دين جو، مارئي کي مختيار،

چيائين: مائي معاف ڪج، مونکي لڳ ستار،

رپيا ڏنائين روڪڙا، ۽ جاما جلويدار،

مارو تاجدار، چاڙهي چانگن تي ڇڏيا.

35-

چاڙهي چانگن تي ڇڏيا، عمر بادشاهه،

هليا ملڪ ملير ڏي، وٺي سي راهه،

رسيا اچي راڄ ۾، ڪري قربئون ڪاهه،

مارئي ڏسي خوش ٿي، وطن جي وڻراهه،

ڪئي مهر الله، مارئي ملير ۾.

36-

مارئي آئي ملير ۾، وريون واڌايون،

هن وٽ ’حاجي حقير‘ چئي، سرتيون سي آيون،

ويا ڏينهن ڏولائي جا، ٿيون آهن سڻايون،

آهيون ادڙيون ڙي پاڻ ۾، اڄ مالڪ ملايون،

گڏجي ڳڻ ڳايون، ويهي هاڻ واليءَ جا.

37-

ويهي هاڻ واليءَ جا، ڳايون ڳڻ مائيءَ!

جنهن آهي اديون ڙي! منهنجي لڄ بچائي،

وري آهن ڏيکاريا، جنهن ڀيڻون ۽ ڀائي،

هلي هاڻي ڏيکاريو، ٻڪريون مونکي ٻائي!

هلو ته هاڻي ويڙهين ۾، ڏسون ساوڪ سائي،

اٿم لٿي اگهائي، مارو ڏسي ملير جا.

38-

مارو ڏسي ملير جا، پيس نيڻ ٺري،

گڏجي ڌڻ ڌنارين، لڳي چارڻ وري،

پرڻي گهوٽ کيت سان، ناري ناز ڀري،

پاتس ويس سهاڳ جو، خوش ٿيا سڀ ٿري،

مارئي ريءَ مائٽن جي، ساعت نٿي سري،

تن تان ’حاجي حقير‘ چئي، ويا سور ٽري،

سمجهڻ لڳا پنهنجو، سي بخت سڪندري،

لٿي تن جي دلين تان، وِرهه جي ڄري،

رحم جي دري، خدا کولي مارن تي.

 

تعلقي هالا جي شاعر موسي فقير ڏيٿي جا بيت*

 

 

1-

مٿو ڌوءُ مارئي، تو هيءُ وڃايو حال،

سون سڀو تو ڏيان، مڏيون اهي مال،

ماڙين ۾ موسو چوي، ديواني ٿئين ديال،

پهرئين ٿي پَهُن سان، جت مارو چارين مال،

ايڏو جڙت جمال، تو ويهي ڇو وڃائيو.

2-

مون ويهي ڇو وڃائيو، حاڪم ٻڌ سوال،

ترس نه پيئي تن جو ڏسي هيڻو حال،

تو منجهه بادشاهن جو آهي ڪونه افغال،

گُڏيندءِ گرزن سان، پڇاڙيءَ ڪندءِ پائمال،

مون سنڀالي سو حال، ثابت ٻڌو آهي سندرو.

3-

ثابت ٻڌو آهي سندرو، مٺي هن مجال،

تو کان اڙٻنگ هئا سي مون سٽي ڪيا سال،

آندم عمرڪوٽ ۾ خوشيءَ پئي خيال،

سي تان ڏينهن سنڀال، جو ڦرينءَ ٿي ڦرن سان.

4-

ڦريس ٿي ڦرن سين، منهنجي ڪرت اها ڪار،

ڏڌيم ٿي ڏيٿو چوي، ڌارايم ٿي ڌار،

پکيڙي ڏنم پٽن تي ڏؤنرن سندا ڏار،

وجهي ويهنديس ڪينڪي، هڏ به تنهنجا هار،

مري بت، موسو چوي، جنهن لئي آهي سسيءَ ۾ سار،

پوءِ جي ڪيم قول قرار، سي پارينديس پنهوار سان.

5-

پاريندئين پنهوار سان، پر ماڳ اٿئي ماڙيون،

کلي ويهه کاڄ تي، وساري ٻيون واڙيون،

توتان بند بِدا ٿيو، طاق اهي تاڙيون،

سمجهي سياڻيون، کلي ويهن کاڄ تي.

6-

کلي ڪيئن وهان کاڄ تي، مون کي الله لڳ اُماڻ،

موليٰ ري، موسو چوي، مون کي ڪنهن جي ناهي ڪاڻ،

ڪانه ٻڌيسون ڪڏهين، ڪا رضا جي رهاڻ،

عمر! مون اُماڻ، موٽائي ملير ڏي.

7-

موٽي سو ملير ڏي، ويندئين ڪيئن وري،

اصل اباڻن جي مٿيئي هوڏ هِري،

منٿ مڃ، موسو چوي، ٻي چيتو ڪر چَري،

ويهه ٿڪي، ويهه ٿري، تولئي محل جوڙايا اٿم مارئي!

8-

محل ته منهنجا ملير ۾، وئين ڇوهـٖـي ۾ ڇني،

پلئه پاسو پنهنجو، ٻيو لانجهو ڪيم لڄي،

ڪو امر الله جي کان ڇُٽي ڪونه بچي،

ايندءِ ملڪ الله جا ڪري گوڙ گجي،

اهڙي ڳالهه ٻڌي، سمجهي رهه تون سومرا.

9-

سمجهندو سڀڪوئي، پروڙيندو پوءِ

مُٺي اُن مارن لاءِ، هئي هئي ڪر مَ هوءِ،

جن جو حال ڏٺوءِ، تن لاءِ مرڪ ٿورو مارئي.

10-

مرڪي ڪيئن مارئي، ڪيئن کڻي قيدياڻي ڪنڌ،

ڪونه هلندو سومرا، توسان حرص سندو هنڌ،

پوءِ نپوڙي جند، ساهه ڪڍيدءِ سومرا.

11-

ساهه ته سڀڪوئي ڏيندو، آهي هر ڪنهن تي حق،

دڙٖي ديوانپ گهڻو جي اجايو احمق،

چري! تنهنجو چرخ، مَٽيو ڪيئن ڙي مارئي.

12-

منهنجو مَٽيو ڪينڪي، هَيا! چوان حق،

پٽي ڪڍندءِ پاڙون، ڌريئون هڻي ڌڪ،

 نه آهي راحت روح کي، نڪو مزو ۽ محبت،

سائين سلامت، پهچاءِ تنهن پنهوارن کي.

13-

پهچايان ڪيئن پنهوار کي، جنهن پٺيان وهلو ڪونه وريو،

پنچري پٽن تان وٺي اهو وريو،

ڏيئي وراڪو ويڙهه ۾ ماروءَ جيئن ميو،

غريب آباد گڏ ٿي جيڪو راجا راڄ رهيو،

کنڀي تو کنيو، تهتان ماڻهو تڙ تان.

14-

تهتان ماڻهو تڙ تان، تو زوري آهه جهليو،

ناهي جميعت جيءَ کي ٻيو ڦوڙائي آهه ڦٽيو،

ٿيندءِ ڪونه کٽيو، جو سؤدو ڪيو اٿئي ساهه جو.

15-

کٽئي ۽ ڇيهي جي، مارئي قادر کي ڪل،

ڪئين ڀڙ ڀلجي ويا، مُوسا انهي مهل،

پيم ڪانه ڪل، جڏهن کنيم خوشيءَ مان.

16-

کنيئي ٿي خوشيءَ مان، سو تاب گهڻو تَو

وڃائيندءِ ويرم ۾، اهو مستي مَو

ڍرو ٿيندءِ ڍَر، تڏهن ساڱائيندين سومرا!

 

-----


*  ڇپيل ڪتابڙي ”عمر مارئي – راتين ۾“ تان ورتل.

حاجي ”حقير“ ولد مڱڻ خاصخيلي ٽنڊي قيصر جي ويجهو قبول خاصخيلي جي ڳوٺ ۾ 1318 هه/ 3- اپريل 1900ع ۾ ڄائو. فارسي، عربي ۽ ڪي قدر گجراتي به ڄاڻي ٿو. پنهنجي ڳوٺ ۾ طبابت جو ڌنڌو ڪندو آهي. نثر توڙي نظم ۾ سندس جملي ايڪيهه ڪتاب ڇپيل آهن، جن مان ڪجهه طب تي آهن. شاعريءَ ۾ سندس استاد شمس العلماء مرزا قليچ بيگ هو ۽ مير عبدالحسين ”سانگي“ جو به صحبتي ٿي رهيو آهي.

(1)  هن بيت کان پوءِ ستاويهه راتيون، بيتن ۾ عمر مارئي جا سوال جواب آهن جيڪي قصي جي ڊيگهه ٿيڻ سبب شامل نه ڪيا ويا آهن. انهن راتين لاءِ ڏسو لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب ”هفتا، ڏينهن، راتيون ۽ مهينا“.

*  هيءَ روايت  قاضي نور محمد ويٺل مٽياري، تعلقو هالا کان ملي.

موسو فقير ڏيٿو، مٽيارين جي پسگردائي ۾ ڳوٺ بچل ڏيٿو، تعلقي هالا جو ويٺل هو، اڻ پڙهيل هو، سندس چيل مداحون ۽ بيت مشهور آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org