سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :19

 

ٺٽي شهر جي شاعر زمان شاهه ساقي جون چيل راتيون*

1-

الف ئون آڌيءَ رات جو، پيو عمر کي پور،

هڪڙي باهه برهه جي، ٻيو هڪ اُٿاريس سور،

مهندان مارئي جي اچي، مير ڪيو مذڪور،

ميوا بنگلا باغ هي سڀ، مارئي! ڪر منظور،

ڏسڻ پڇاڙي پنهنجي، آهي دانائن دستور،

”زمان“ پڇ پنهوار کان، وڃي تون وهلور،

ڏوٿي ٿيس ڏور، هي آهي حاڪم هٿ ۾.

2-

بي ئون ڀونگن ساڻ ڪيئن، ڪريان بنگلا برابر،

سي ڪيئن باغن ۾ ڀَرنديون، ٿاڪ جني جو ٿر،

ڪين ڊڄان ٿي قيد کان، شل پت رکي پرور!

ڏسيو ڪين ڏَڪان ٿي، تنهنجو ڏمر،

مٿي مان ملير جي، مون نه ڪڍنديس مَرُ،

سِر وڍي وڃ سومرا! ٻيو ڪوڙ نه مئيءَ سان ڪر،

”زمان شاهه“ زيور زريون، هي ناهي پنهوارن پر،

عمر! مان آخر، وينديس ويڙهيچن ڏي.

3-

تي ئون تپي تاب ڪيو، عمر ٿي اهڙو:

رکنديئن سيل سنگهارن جو، ڪوٽن ۾ ڪهڙو؟

مارئي موٽي هيئن چيو: ڇڏ جهانگين سان جهيڙو،

سڱ وڃي پڇ سومرا! رکي سنڌو ۽ سيڙهو،

مارئيءَ جو ملير ۾، ٿئي مارن سان ميڙو،

ويڙهيچن ويڙهو، ”زمان شاهه“ ڏيهه ۾.

4-

ثي ئون ثاني ناهه ڪو، تو مارئيءَ جو مون وٽ،

ملڪن ۾ آهه مارئي! ڪو مُور نه تنهنجو مٽ،

لاهي لوئي لڱن تان، پهر اُٿي تون پٽ،

عطر، مشڪ، عنبر تون، ڇيريون ٻڌي ڇٽ،

جيڪي گهگهيري گهري، سو جوڙايان جهٽ پٽ،

سگهو پرچ پنهوار تون، قلبئون لاهي ڪٽ،

گهڙي ”زمان شاهه“ گهٽ، ناهي عشق عمر کي.

5-

جيم ئون جهانگيئڙن جو، آهي عيب اِهو،

پنهنجن کي پري ڪري، هڻن ٻاڻ ٻيو،

وڇوڙيم وطن کان، تو ڪوجهو ڪم ڪيو،

روئن سنگهاريون رات ڏينهن، بَرن منجهن بيهو،

توکي پِٽين پنهواريون، واريءَ منجهه ويهو،

کڻي مون کي کوهه تان ناحق تو نيو،

”زمان“ زهر ٿيو، جيئڻ جهانگيئڙن ري.

6-

حي ئون حاڪم اڳيان، ڪر عقل، ڇڏ انڪار،

منهنجي مڃ منٿ کي، هاڻي ٿيءُ هوشيار،

جهومڪ، جهالر، جهرمر، وجهه هَس هَسيون ۽ هار،

ڪاني پائي ڪجل جي، سينڌ ڪڍي سينگار،

هنج ۾ اچ همير جي، کڻي نيڻ نهار،

قيدياڻيءَ تي ڪانَ ڪندا، مارو ڪابه ميار،

ناهي زور ”زمان شاهه“ مون، مارئي ڪي مختيار،

پرچي شل پنهوار، ته ڪر صدقو سِر کي.

7-

خي ئون خدا جي واسطي، سڻ سومرا! سوال،

زيور ۽ زرين جي، مون کي ڳاري ڳال(1)،

سور ٿي ڀايان سومرا، تنهنجا مڏيون ۽ مال،

اٿم لڄ الله تي، ڪندم سوئي سنڀال،

اڄ ڏي موڪل مون کي، تو قيد وڌو آهي ڪال(2)،

سنگهارن جي سومرا! سڀا ايندم سال،

ويڙهيچن وصال، ”زمان“ ٿيندو ٿَر ۾.

8-

دال ئون دل تي دکڙا، تنهنجا عمر کي آهين،

حاڪم اڳيان هوڏ ڪري، جي سينو ٿا ساهين،

قيدن، ڪوٽن پاڻ کي، سي پاڻهي ٿيون پائين،

ڏاڍي اڳيان ڏاڍ ڪري، سي منٿ موٽائين،

آڇون هي عمر جون، بڇڙيون ٿيون ڀائين،

”زمان“ ڳڻ ڳائين، سڀ عمر جي انصاف جا.

9-

زال ئون ذات اسان جي، پکن جون پوٽيون،

ويڙهيان ڪيئن وطن ري، چيڙهيليون چوٽيون؟

ڏريو کايو ڏٿڙا، پيون لسيءَ جون لوٽيون،

مور نه آءٌ مڃينديس، ڪر ٻڪر جون ٻوٽيون،

هروڀرو تو هيڻن سان، جنگيون ڇو جوٽيون؟

”زمان“ کريون ڪِي کوٽيون، ته به سونهن

 

سنگهاريون سٿ ۾.

10-

ري ئون رات اٿم، تو مارئيءَ جي محبت،

ڪين ڀانئج بڇڙي، عمر جي عادت،

مارئي! ڪين ملول ٿي، منهنجي سهڻي آهي صحبت،

اچان اوڏو جي ڏئين، راضي ٿي رخصت،

حد مٿي جي آءٌ هلان، ته تنهنجي ڇا طاقت؟

”زمان شاهه“ عدالت، اِها آهي عمر جي.

11-

زي ئون زاري تنهنجي، مان مور نه مڃيندياس،

لوئي آءٌ لڱن تان، مور نه لاهيندياس،

عمر! ڇڏين انصاف کي، ته به ڀاڳئون ڀائيندياس،

ڪنهن پر نڪري ڪوٽ مان، وطن ڏي ويندياس،

ٿرن ۾ ٿيندياس، سُکي سنگهارن سان.

12-

مون کي من ۾ مارئي! آهي ”سين“ سچائي سِڪَ،

پرت ڪيو اٿم پڌرو، ڪيئن لوڪان ڪريان لِڪَ،

مارئي! محبت تنهنجي، مون کي ڇرڪ وجهيو ڏي ڇِڪ،

من تڏهن مست ٿيو، جڏهن طلب ڏياريم تِڪَ،

سڄي حڪومت هٿ ڪري، هينئڙي پڃ تون هِڪَ،

”زمان“ پيئندي پِڪَ، منهنجو چِت چريو ٿيو.

13-

شين ئون شاهي شوق جو، ناهي اسان کي نينهن،

هوڏ نه حڪومت تي، توکي شوق ڪيو آهي شينهن،

سرها تيئن سنگهار ٿين، جيئن ڏاڍو تپي ڏينهن،

”زمان“ محبت مينهن، وسي سنگهارن سِر تي. 

14-

صادئون صبر هاڻي، مارئي ناهيم مور،

جيءَ کي ناهي جدائي، تو مارئي جي منظور،

دل کي سورن ساڙيو، چاڪن ڪيو چُور،

آس نه ڀڃ عمر جي، اهو ڪر نه ڪَلور،

قدر منهنجو ڪونه ڪيوئي، نڪي سڃاتئي سور،

”زمان شاهه“ ضرور، منٿ مڃيندي مارئي.

15-

ضادئون ضعيفن تي، نه ڪر حاڪم هلائون،

ڪين رهنديس ڪوٽ ۾، عمر هت آئون،

ڪندو شال! قبول هي، ڌڻي دعائون،

ڪڍان ڏک ڏوٿين تي، ماڻهو مڪائون،

آيو ڪونه اباڻن مان، نڪي نيائون،

جيڪس سڱ سنگهارن سان، ڇني ڇڏيائون،

ڀانيان بلائون، ”زمان“ آڇ عمر جي.

16 -

طوئي ئون طلب ۾ تنهنجي، حال ٿيو اٿم هِي،

نٿي سِڪ سمهڻ ڏي، جلي منهنجو جِي،

منهنجي هن منٿن کي، ڏسي ڏاهي ٿي،

وجهي ميوا وات ۾، اُٿي پاڻي پِي،

ملڪ سڄو ڏئين مارئي! ٻولي وار نه ٻِي،

ڪانه ”زمان شاهه“ ڪِي، سختي هن تي سومري.

17-

ظوئي ئون ظالم! ڇا ڪريان، تنهنجو تخت ۽ تاج؟

متان سمجهين سومرا! مارئي کي محتاج،

”زمان“ ڏونرا ڏيهه ۾، ڏوٿين جو آهن ڏاج،

سنگهارن وٽ سهڻو، آهي رِلُيُن جو رواج،

چڙهيو وڻن جي چوٽيـٖـين، مارو ڪن مواج،

نڪي اوڍيون عاج، نڪي پهريون پَٽ کي.

18-

عين  ئون عشق عمر تي، عجب هيءُ آيو،

ننڊون ويس نڪري، سورن ستايو،

بيٺو بيوس آهي، پاند ڳچيءَ پايو،

پيرن تي ڪري پوي، گوليون گهرايو،

راضي ڪري ڪنهن ريت سان، پنوهرِ  پرچايو،

”زمان“ مارئي منهنجي، ڇڏي منٿ موٽايو،

ڪري سڀ سعيو، سمجهايو سنگهارِ کي.

19-

غين ئون غريبن تي، ڪهڙو ٻاريئي ڪُل؟

مارو گذارين ماٺ ۾، هتي آهي هل،

متان ستائين سومرا! ڌنارن جي دل،

آءٌ امانت آهيان، مون کي مارن ڏانهن موڪل!

ڪڍ تون مون کي قيد مان، آهين جي عاقل،

ڀيڻ ڪڍي ڇڏ بند مان، عمي! ٿيءُ عادل،

سمجهه اٿئي ڪا سومرا! ڀيڻ تي نا ڀُل،

لَڄائِي هن لوئيءَ جو، مارو ڪندا مُل،

پُور ”زمان“ پلپل، پُونم پنوهارن جا.

20-

في ئون فوج فراق جـٖـي، نِيو عمر آرام،

مارئي کي محبت مان، وريو چئي وريام،

سڱ نه توسان سومري جو، اِهو آهي الزام،

ڪن مُڪو آهي مون ڏي، پنوهارن پيغام،

تان ڀيڻ ڪري تون ڀانئج! مارئيءَ کي مدام،

مارئي! ڪر ملڻ جي، مان ڀلي ٿيان بدنام،

رکي محبت من ۾، ڪر عمر سان انجام،

ڪڍان توکي قيد مان، قربئون ڪر ڪلام،

”زمان“ دل کي دام، پيو آهي پنوهارِ جو.

21-

قاف ئون قابو قيد، اڃا تون آهين،

مري ويندئين مارئي، ڇو سينو ٿي ساهين؟

زوراور تون زال ٿيو، منٿ موٽائين!

باغ، باغيچا، بنگلا، ڀؤ ڪريو ڀائين،

پائي پٽ پنهوار! تون لوئي نٿي لاهين،

اڃا سنگهارن سِيل کي، پئي پَڏائين،

سِر اڳيان تون سومري، نٿي نمائين،

”زمان“ پڇ پنهوار کي، ڇو پَٽ نٿي پائين؟

چڱو ٿي چائين، ته مارئي! مڃ منٿ کي.

22-

ڪاف ڪِري شل ڪوٽ هي باهه وجهان بنگلا،

جايون شال جُهرن هي، ڀانيان باغ ، بلا،

سمجهي ڪر تون سومرا! مون هيڻيءَ تي حملا،

ڏاڍا ملندئي ڏيهه مان، اي عمر! اوڀالا،

آڇون تو عمر جون، ڀانيان ٿي ڀالا،

ڪيئن لڄايان قيد ۾، ننگ ڀريا نالا!

هِريا ڪِين هَسين تي، گَهگهـٖـيريَنِ گَلا،

ملائي موليٰ، شل ”زمان“ مارن ملائي.

23-

لام لڱن تان لوئي، ڪيئن لاکيڻي لاهيان؟

پائي پوشاڪون پَٽ جون، ڇو لوئي لڄايان؟

نٿي برابر ڀُونگن کي، بنگلن سان ڀانيان،

سِگهو ڪرندو ڪوٽ هي، مان نِيَرن ۾ ناهيان،

ٻانهيون، زيور، زريون، مون کي کڻي ڏي کانيان،

جني سانڍيم سومرا! انهن جي آهيان،

صدقي ٿينديس سومرا! پر وَڙ نه وڃايان،

پٽيءَ نه پايان، ”زمان“ پير پلنگ تي.

24-

ميم ئون مارئي! مون کي اِهو آهي ارمان،

خالي پِيلي ڇو وجهين، جهوريءَ ۾ ٿي جان،

ناهي مناسب مارئي! شاهن سان شيطان،

ڪيڏانهن ڀڄندئين ڪوٽ مان، ڪنڌي آهي ڪان،

مون کي ڪر قبول تون، تان مارُن وَڌٖي مان،

کلي چڙهه تون کٽ تي، شاهي رکي شان،

ڪوٽن قيدن جو ”زمان“ ڇا، ايذاءَ سهي انسان؟

دل تي آڻ ڌيان، مڃي اُٿ منٿ کي.

25-

نون ئون نڪري آئي، ڪا دائي مٿي در،

سڏ ڪريو چئي سومرا! ڇڏ هي هُل حشر،

ڪير وِڌي تو ڪوٽ ۾، آڻي هت عمر؟

سڻ تون منهنجي سومرا! اٿم خان خبر،

سانڍيم توکي ساهه سان، جڏهن ننڍڙو هئين ننگر،

مارئي سانڍي مون هئي، وجهي هنج هيڪر،

ٻنهين ڌاتو دائيءَ کي، ڪڏندي کڻيو ڪر،

بيشڪ تنهنجي ڀيڻ ٿئي، ڇوري هيءَ ڇوڪَر،

پت رکي پرور، ”زمان“ ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي.

26-

واو ئون ويٺو وير اُتي، رت ورنو روئـٖـي،

آهي حرف حمير کي، ٿو چرين جيئن چوئـٖـي،

ڀاڪر وجهيو ڀيڻ کي، پيرن پيو پوئـٖـي،

وڃي پنهوارين پهچندئين، شل حياتي هوئـٖـي،

سچ جو ٻڌو سندرو، هن جهانگياڻي جوءِ،

کڻي ويئي ”زمان شاهه“ هيءَ گهگهـٖـيري گوءِ،

نيڻ نه نچوئـٖـي، سڪ ۾ سنگهارن جي.

27-

هي ئون هيڻن سان ٿيو، هادي هت همراهه،

پرور! ٿئين پنهوار جي، تون ئي پشت پناهه،

هاڻي پهچائينم ان سان، جن کي سڪي ساهه،

اٿم اباڻن جي، پکن منجهه پساهه،

منهنجو ڏڪي ڏيل پيو، باري بيپرواهه،

موليٰ سڀئي معاف ڪندو، گوليءَ جا گناهه،

زاري ”زمان شاهه“، منهنجي در ڌڻيءَ جي.

28-

لام ئون لائق تو ڪيو، عمر آءٌ اڻ ڄاڻ،

مون کي موڪل ڏي ميان، سگهو سواري آڻ،

ڏسان وڃي مان ڏيهه ۾، ويڙهيچن وٿاڻ،

سڏ ڪريو چئي، سومرا عمر! مون اُماڻ،

اوٺي آندو اُٺڙو، وجهي پرت پلاڻ،

چڙهي ويٺي چاهه مان، هليو وڃي  ٿي هاڻ،

پهتي پنهوارن کي، قادر لاٿس ڪاڻ،

ويهو ويڙهيچن وچ ۾، ڏي عمر جا اهڃاڻ،

عمر جي انصاف جي، وات اٿس واکاڻ،

”زمان“ مارئي ملڪ ۾، ملي سنگهارن ساڻ،

چون پنهواريون پاڻ، اديون! عمر کي آفرين هوءِ.

29-

الف ئون اچو اوڏڙيون، چون سنگهاريون صاف،

وڌيڪ تنهنجي سِيل کان، آهي عمر جو انصاف،

مردن سان مقابلو، ڇا ڪنديون زالون ضاف؟

”زمان“ هو اشراف، سڀ چون ٿيون سومريون.

30-

يي ئون يارن ساڻ، رک ”ساقي“ سچائي،

اڃا اُڃايل آهيان، ڏي سرڪي سوائي،

قادر سي ڪنڌيءَ ڪيا، جي تڙ کان توائي،

منهنجي آس اندر جي، پرور پڄائي،

مارئيءَ مليون مبارڪون جا اَباڻن آئي،

مون نه ”زمان شاهه مهدي“ ڪِي ڪا ڪمائي،

پر ڪيم ڪريمن صدقي، سائين سڻائي،

اکر ٽيهه اچي ويا، آءٌ ڀانيان ڀلائي،

وات ڏجان وائي، ڪلمي جي ڪريم تون.

 

لااِلٰہ الا الله محمد رسول الله

 

------


+  زمان شاهه ”ساقي“ ٺٽي شهر ۾ 1308ع ۾ ڄائو. رضوي ساداتن مان هو. پنهنجي وقت جو سٺو شاعر هو ۽ همعصر شعراء ۾ نمايان حيثيت رکندڙ هو. سندس ڪلام ۾ ڪافيون، غزل ۽ ڏوهيڙا مشهور آهن. 1345هه/ 1926ع ۾ وفات ڪيائين.

*  لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان محمد طالب کان مليل روايت.

(1)  ڳال = ڳالهه

(2) ڪال = ڪالهه

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org