سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :29

 

تعلقي نوشهري مان جڙئي لاشاري جي ٻڌايل ڳالهه*

هڪڙي ڏينهن عمر جي ماسي ۽ سندس ٻانهي، گهمڻ لاءِ محلات مان نڪتيون. ٻاهر همير سومري جو ڇڪڙو بيٺل هو، جنهن ۾ روجهه جوٽيل هئا. هنن جي نظر ڇڪڙي تي پئي ته صلاح ڪيائون ته ڇڪڙو اندران گهمي ڏسون. هي ٻئي ڄڻيون ڇڪڙي ۾ چڙهيون. ان وقت عمر جي ماسي، گنديءَ جو پلاند مٿي ڪيو. روجهه هئا تمام تکا ۽ اشاري وهيڻا، سي ريشمي پلاند جي چمڪار تي ڇال ماري، ڇڪڙو کڻي وٺي اُڏاڻا ۽ ڀڄندا ڀڄندا وڃي مارن جي ملڪ ۾ نڪتا.

ماڻهن جڏهن هڪڙو ڇڪڙو، بنان ڪنهن سوار جي ڏٺو، سي روجهن کي ڦري آيا، ۽ ڪنهن اٽڪل سان کڻي جهليائون. رٿ ۾ ٻه عورتون قيمتي ويس وڳن سان ڏسي، سهي ڪيائون ته ڪنهن بادشاهي گهر جون آهن. هڪ طرف بادشاهي ڇڪڙو، ٻئي پاسي سهڻيون زالون، سو ڇا ڪيائون جو زالن کي ڳوٺ جي چڱي مڙس جي گهر ۾ لڪائي، ڇڪڙو ۽ روجهه گم ڪري ڇڏيائون.

همير جا چاري به سڄي ملڪ ۾ پکڙي پيا ۽ ڇڪڙي جو پيرو کڻي انهي ڳوٺ ۾ آيا. پڇا ڳاڇا ڪيائون، پر مارن صفا انڪار ڪري ڇڏيو ته اسان وٽ ناهن. همير جا ماڻهو لاچار ٿي هٿين ٺلها موٽي آيا ۽ همير کي اچي سموري حقيقت کان واقف ڪيائون، جنهن کڻي ماٺ ڪئي.

عمر جي ماسي اُن وقت پيٽ سان هئي. اتي ئي مارن ۾  کيس ڌيءُ ڄائي، جنهن جو نالو ”مارئي“ رکيائين. مارئي وڏي ٿي ته ماڻس ڳالهيون ڪندي هئي ته ”آءٌ عمر ڪوٽ جي آهيان ۽ عمر بادشاهه تنهنجو ڀاءُ آهي.“ اها ڳالهه هلندي هلندي ڪنهن طرح وڃي عمر جي ڪن تي پيئي ۽ پڪ ٿيس ته منهنجي ماسي مارن لڪائي ڇڏي هئي. وري به پڪ ڪرڻ لاءِ هڪڙي وينجهر کي موڪليائين ته انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري اچي. وينجهر کي اهو به چيائين ته: ڏسي اچ ته مارن کان اهو پلئو ڪيئن وٺجي:

ڪهي ويل ڪهين، آيو وينجهر مارن ۾،

ڏسي حسن مارئيءَ جو حيرت لکيائين

عمر، عمرڪوٽ ۾ اتي خط لکيائين،

ائين لکيائين، ته گجر گهڻين سان گهمي.

وينجهر مارن ۾ وڃي پڇا ڳاڇا ڪري پڪ ڪئي ۽ عمر کي لکيائين ته: بربر مارئي تنهنجي ماسيءَ جي ڌيءُ آهي، جنهن کي مارن لڪائي ڇڏيو هو. تڏهن عمر چوائي موڪليس ته: وينجهر! جلدي موٽي آءُ ۽ ٻڌاءِ ته ڪهڙي حيلي سان مارئيءَ کي عمرڪوٽ ۾ آڻيون. وينجهر آيو ۽ عمر کي چيائين ته: جي لشڪر وٺي هلبو ته مارو به گڏ ٿي مقابلو ڪندا، ۽ وڌيڪ خواري ٿيندي. باقي هيئن ڪجي، جو مارئي پنهنجي سهيلين سان گڏجي روزانو کوهه تان پاڻي ڀرڻ اچي ٿي، اُٺ ڪاهي کوهه تي هلجي ۽ اُتان مارئيءَ کي کڻي اچجي:

آءُ وينجهر ڏي ورندي ته تنهنجي حڪم هلون،

ڪرهو پلاڻيون، خان کڻون هلي کوهه تان.

وينجهر مارن ۾ وڃي پڇا ڳاڇا ڪري پڪ ڪئي ۽ عمر کي لکيائين ته: برابر مارئي تنهنجي ماسيءَ جي ڌيءُ آهي، جنهن کي مارن لڪائي ڇڏيو هو. تڏهن عمر چوائي موڪليس ته: وينجهر! جلدي موٽي آءُ ۽ ٻڌاءِ ته ڪهڙي حيلي سان مارئيءَ کي عمرڪوٽ ۾ آڻيون. وينجهر آيو ۽ عمر کي چيائين ته: جي لشڪر وٺي هلبو ته مارو به گڏ ٿي مقابلو ڪندا، ۽ وڌيڪ خواري ٿيندي. باقي هيئن ڪجي، جو مارئي پنهنجي سهيلين سان گڏجي روزانو کوهه تان پاڻي ڀرڻ اچي ٿي، اُٺ ڪاهي کوهه تي هلجي ۽ اُتان مارئيءَ کي کڻي اچجي:

آءُ وينجهر ڏي ورندي ته تنهنجي حڪم هلون،

ڪرهو پلاڻيون، خان کڻون هلي کوهه تان.

عمر اها صلاح مڃي، ويس بدلائي، اُٺ تي چڙهي، مارن جي ملڪ ۾ آيو. ان مهل مارئي به پنهنجي سهيلين سان گڏجي کوهه تان پاڻي ڀرڻ آئي. عمر، مارئيءَ کي سڃاتو. پوءِ پاڻي پيڻ جو بهانو ڪري، مارئيءَ کان پاڻي گهريائين. هوءَ پاڻيءَ جو وٽو کڻي جيئن ئي عمر جي ويجهو آئي، تيئن ئي هن کيس ٻانهن کان جهلي کڻي اُٺ تي ويهاريو ۽ اُٺ کي ڀڄائي اچي عمرڪوٽ ۾ نڪتو.

مارئي محلات ۾ آئي ته سهي، پر مارن ۽ ساهيڙين کي ياد ڪري زار زار روئڻ لڳي:

ونهين ويڙهيچن جا، اٿم پهرين رات پچار،

سڱر ساهيڙين جا مون کان ڇني ڪيئي ڌار،

ويڙهيچا وينجهار، منهنجا اُٺي پاس وري ويا.

عمر کيس گهڻيئي دلداريون ڏنيون ۽ طرحين طرحين طعام ۽ ويس وڳا آڻي سندس آڏو رکيائين ۽ چيائينس ته: تون منهنجي ڀيڻ آهين. بادشاهي گهراڻي مان آهين، توکي محلاتن ۾ ئي رهڻ جڳائي. پر مارئيءَ چيو ته: آءٌ ڄائي نپني مارن ۾ آهيان، تنهنڪري جيڪا خوشي مون کي انهن وٽ رهڻ ۾ ملندي، سا هتي هرگز نه ملندي.

وطن وائي وات ۾، مون کان مور نه ٿي وسري،

کڻي آئين کوهه تان، مون سان ظلم زور ڪري،

ڏٿ ڏوئي مارن لاءِ، آئي هيس ٿانءُ ڀري،

تن مارن بنان، محمود چئي، منهنجي سومرا نٿي سري،

ٿورو ٿر ڪري، موڪل ڏي ته مِٽين وڃان.

تڏهن عمر چيس ته: مارئي! انهن کي ٿي سارين، جن وري تنهنجي سار به نه لڌي آهي، جي انهن مان ڪا پهر نه آئي ته پوءِ تون به وطن ورڻ جي وائي نه ڪج.

جن ڀري ڀيرو نه ڪيو، اهي ويڙهيچا وسار،

روئي رتولن ۾ تون نيڻن جر نه هار،

وطن وائي نه وار، موٽڻ جي، محمود چئي.

 اهڙيءَ طرح عمر گهڻائي حيلا هلايا ته من مارئي عمرڪوٽ ۾ ويهي، پر هن سندس هڪ به نه ٻڌي، تڏهن لاچار ٿي مارئيءَ جي ٻانهن مارن کي موٽائي ڏنائين.

-         - -

-          

تعلقي ميرپور ماٿيلي مان غمٽار مهر ۽ ماڻڪ ڪولاچيءَ جي ٻڌايل ڳالهه*

همير سومرو، عمرڪوٽ جو بادشاهه هو، سندس راڻيءَ جو نالو ’ماڏوئي‘ هو. عمر ٻيءَ راڻي مان هو. هڪ ڀيري روجهن وارو ڇڪڙو عمرڪوٽ ۾ آيو. ڇڪڙو تمام سينگاريل ۽ سهڻو هو. ڇڪڙي جي هاڪ محلات ۾ پهتي ته سڀيئي راڻيون به ڇڪڙي کي ڏسڻ آيو. ماڏوئي به انهن ۾ هئي. ٻيون راڻيون ته ڇڪڙو ڏسي لهي آيون، پر ماڏوئي اندر رهجي وئي. ڇڪڙو روانو ٿي ويو ۽ وڃي مارن جي ملڪ ۾ نڪتو، اتي ڇڪڙي هلائڻ واري کي خبر پئي ۽ ماڏوئي به سجاڳ ٿي. چيائين ته هاڻي ڪهڙو منهن کڻي موٽي وڃان، اتي ئي لاهي ڇڏ. ڇڪڙي واري به ڏٺو ته جي موٽي عمر ڪوٽ ٿو وڃان ته متان بادشاهه مارائي ڇڏي، تنهنڪري ماڏوئيءَ کي هڪڙي وسئون جي ويجهو لاهي پاڻ هليو ويو. هوڏانهن همير کي جڏهن ماڏوئي جي گم ٿيڻ جي خبر پئي، تنهن اها ڳالهه خواريءَ جي ڊپ کان ڍڪي ڇڏي.

ماڏوئي مارن ۾ آئي، جن هڪڙي جهوپڙي اڏي ڏنس ۽ گهر گهر مان هڪڙي ٻڪري به ڏنائونس ته چاري پئي پيٽ گذر ڪري. پوءِ ماڏوئي اتي ئي رهي.

ماڏوئي کي همير مان پيٽ هو. هيءَ بادشاهي گهر جي هئي، سا ڇا ڄاڻي ٻڪرين چارڻ مان. تنهنڪري مارن صلاح ڪري ڦوڳ کي چيو ته: تون هن مائيءَ جون ٻڪريون پيو چار، ڇوڪري ڄائي ته توکي پرڻائينداسين. ڦوڳ انهيءَ لالچ ۾ ماڏوئي جون ٻڪريون چارڻ لڳو ۽ ماڏوئيءَ کي ماس ڪري سڏيائين.

ڦوڳي هو ڦرن سان، ڳجها ڳڻ مڃي،

دعا ڪريو ڙي جيڏيون ته ماسي ڌيءُ ڄڻي.

ڦوڳ پيو خدا کان سوال گهرندو هو ته مَن ڌيءُ ڄمي. آخرڪار مارئي ڄائي. ڦوڳ مارئيءَ کي ڏسي پيو خوش ٿيندو هو، ۽ ٻڪريون چاريندو هو. جڏهن مارئي وڏي ٿي ته کيت سان مڱايائون. اهو ڏسي ڦوڳ ڪاوڙجي ويو عمرڪوٽ.

ان وقت عمرڪوٽ جو بادشاهه عمر سومرو هو. ڦوڳ ساڻس مارئيءَ جي سونهن جي اهڙي تعريف ڪئي، جو هو مارئيءَ کي کڻي اچڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ ڦوڳ سان گڏ ملير ۾ آيو.

مارئي اُن وقت پنهنجي ساهيڙين سان گڏجي کوهه تان پاڻي پئي ڀريو ته عمر اچي اُٺ جهُڪايو ۽ مارئيءَ کي چيائين ته: مسافر آهيان، پاڻي ڍڪ پيار. مارئي جيئن ئي پاڻيءَ جو ٿانءُ ڀري عمر وٽ کڻي آئي، تيئن ئي عمر کيس کنڀي کڻي اُٺ تي چاڙهيو ۽ مينهن واءُ ڪندو عمرڪوٽ ۾ آيو.

مارئيءَ کي سندس ماءُ ماڏوئي پئي ٻڌائيندي هئي ته تون همير جي ڌيءُ آهين ۽ عمر تنهنجو ڀاءُ آهي. جڏهن مارئي، عمرڪوٽ ۾ آئي ته خبر پيس ته مون کي عمر بادشاهه کڻي آيو آهي، تڏهن چيائين ته: ادا! تون ڀاءُ، آءٌ ڀيڻ، پنهنجو پرڻو ڪو ٺهي ڇا! ڇڏ ته موٽي مارن ۾ وڄان، جتي ڄايس نپنيس، سرتيون ساهيڙيون سڀ اُتي اٿم.

عمر ساڌ نه، سومرو، عمر رُوڙو راءُ،

کڻي آيو کوهه تان، ڏَکو ڏيئي ڏاءُ،

پيءُ ٻنهي جو هيڪڙو، عمر ڀانيان ڀاءُ،

سس نه ڪنديس سومرا! عمر تنهنجي ماءُ،

جهلندو ئي الله، ڳهلا! انهيءَ ڳالهه کُون.

مارئيءَ جي ڳالهه ٻڌي عمر به محلات مان پڇا ڳاڇا ڪئي. آخر جڏهن پڪ ٿيس ته مارئي منهنجي ڀيڻ آهي، تڏهن مارن کي سڏائي، مارئي سندن حوالي ڪيائين.


*  هيءَ روايت جڙئي لشاري، ويٺل سليمان چانهي، تعلقي نوشهري فيروز ضلعي نواب شاهه جي زباني قلمبند ڪئي وئي.

*  هيءَ ڳالهه تعلقي ميرپور ماٿيلي جي ٻن سگهڙن غمٽار مهر ۽ ماڻڪ ڪولاچيءَ جي زباني قلمبند ڪئي وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org