سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :30

 

 تعلقي اُٻاوڙي مان صابر شر جي ٻڌايل ڳالهه*

هڪ ڀيري همير بادشاهه پنهنجي اميرن سميت شڪار تي چڙهيو. چيائين ته: جنهن جي سامهون شڪار نڪري، اهو ئي گهوڙو هڪلي:

”گهوڙو سو ڪاهي، مرون جنهن جي منهن پوي.“

اميرن ۽ سپاهين صلاح ڪئي ته شڪار کي ورائي آڻي همير جي مُنهن چاڙهجي ته ڀلي شڪار ڪري ۽ خوش ٿئي. سو هڪڙو مرون هڪلي آڻي اُنهي گهٽ مان ڪڍيائون، جتي همير بيٺل هو. همير کڻي مرون جي پويان گهوڙو ڇڏيو. اڳيان مرون پويان بادشاهه.

اها مند سياري جي هئي، مرون به اُتر سامهون کڻي منهن ڪيو هو. گهڻي دير ڊوڙڻ کان پوءِ ميرون وڃي جهنگ ۾ پيو ۽ ڪنهن ٿم ۾ لڪي ويو. سيءَ ۾ همير جو سڄو جسم سُڪي پيو هو. سندس ساٿي به الائي ڪٿي رهيا، سج به لهڻ کي اچي اوڏو ٿيو هو. هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين، دونيهن جي لاٽ تي نظر پيس، سمجهائين ته ڪا وسؤن آهي، سو اوڏانهن رخ رکيائين.

دونهين واري هنڌ سنگهاري جي وانڍ هئي. سنگهارو ڀاڳيو هو، تنهن جي دونهين پئي دکي. همير بادشاهه به گهوڙو هڪلي اچي دونهين تي بيٺو ۽ ان جو سيڪُ وٺڻ لڳو. سنگهاري جي ڌيءُ ماڏوئي دونهين ڪرڻ آئي ته همير کي ڏٺائين. بادشاهي ويس وڳا ڏسي ڊوڙي اچي پيءُ کي چيائين ته: نيري گهوڙي سوار، بادشاهي وڳو پهريل ماڻهو بيٺو آهي. لاشڪ ته همير سومرو بادشاهه آهي، يا ته ڪنهن ٻيءَ بادشاهيءَ جو ماڻهو آهي.

اوڀاريائون ٿي اُڀريو، نيلي جو هسوار،

لڱ لٽو سڀ لال اٿس، الفو اٿس اسرار،

جان آهي همير سومرو، جان ڀوميو ٻيو ڀتار.

سنگهارو ڊوڙي آيو، همير سومري کي سڃاتائين، سهي ڪيائين ته همير کي سيءُ سڪائي وڌو آهي، سو گهوڙي تان لاهي پنهنجي گهر ۾ آندائينس. اتي ماڻهو اچي مڙيا، هر ڪنهن ڪونه ڪو ڏس ڏنو پر همير جي حالت ساڳي رهي. تڏهن ڪنهن ماڻهو چيو ته ڪنواري نينگر هن سان سمهي ته ان جي گرميءَ تي چاق ٿيندو. ماڏوئي جوان هئي، تنهن کي سنگهاري چيو ته: تنهنجو مڙس اِهو آهي.

 همير سان گڏ ماڏوئيءَ کي سمهاريائون، انهي گرمائش مان همير چاق ٿيو. صبح جو همير اُٿي عمرڪوٽ ڏانهن روانو ٿيو ۽ چيائين ته: ماڏوئي کي وري اچي وٺي ويندس.

همير بادشاهه، عمرڪوٽ ۾ پهتو ته جنگ لڳي، جنهن ۾ همير مارجي ويو ۽ ماڏوئي پنهنجي پيءُ سنگهاري وٽ ئي رهي. ماڏوئيءَ کي همير مان پيٽ هو، ٿوري گهڻي ڏينهن ڌيءُ ڄايس جنهن جو نالو ”مارئي“ رکيائون.

مارئي وڏي ٿي ته کيس ”کيت“ سان پرڻايائون. ڦوڳ نالي هڪ شخص جيڪو مارئيءَ تي عاشق هو، تنهن حسد وچان عمرڪوٽ ۾ وڃي عمر بادشاهه کي مارئيءَ جي سونهن جي تعريف ٻڌائي ۽ کيس مارئي کڻي اچڻ تي هرکايائين. عمر اُٺ تي چڙهي اُتي آيو، ۽ مارئي کي کڻي وڃي عمرڪوٽ ۾ بند ڪيائين ۽ ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ چيائين. تڏهن مارئي کيس سموري حقيقت کان واقف ڪيو ۽ چيائينس ته: ڀاءُ ڀيڻ آهيون، پيءُ ٻنهي جو هڪڙو آهي. تڏهن عمر بادشاه پنهنجا ماڻهو موڪليا، جيڪي وڃي مارن مان پڇا ڪري آيا ۽ عمر کي اها ئي حقيقت ٻڌايائون، جيڪا مارئي ٻڌائي هئي. پوءِ عمر، مارئيءَ کي وڏي مان شان سان پنهنجي مڙس ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو.

- - -

 

ڪوهستان جي شاعر علي اڪبر جوکئي جا بيت*

1-

ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان سميع،

خالق ڌڻي خلقت جو، قادر آهي قوي،

پرور تان پيدا ڪيو، پنهنجي نُور مان نبي،

مٺو محمد، مِٺي نالي، شافع آهي شفيع،

جوڙي تان جوڙيائين، سڄو جڳ جميع،

ڪي عاشق الله جا، ڪي مجازي مطيع،

عجب جهڙي اِي، ٻڌيم حڪايت هڪڙي.

2-

ٻڌيم حڪايت هڪڙي، آهي ڳالهه اظهار،

ته ارڏو حاڪم عمرڪوٽ ۾، سومرو هو سردار،

لکين هن وٽ لشڪر هو، سپهه ۽ سالار،

اچي تنهن کي اوچتي، پيئي ڪن پڪار،

ته مارن جي ملڪ ۾، ڪا ننڍي سُڄي ٿي نار،

چغل ڪنهن هن چوري، کريل ڏنا خار،

’ڦوڳ‘ اچي فرياد ڏنو، ته سڻ منهنجا سردار!

منڌ ڏٺيم ملير ۾، آهي ٻالڪ ننڍي ٻار،

ماڙيچم جي ملڪ ۾، ٿي پهون چاري پنهوار،

جهانگياڻي جوکيو چئي، آهي هزارن ۾ حسندار،

سوين سومريون صدقي ڪجن، نالي هن جي نروار،

حُسن سان هُن جي، نه ڪنهن جي هلي ڪار،

ڪنهن ڏانهن هوءَ نه ڪري، ڌران ئي ديدار،

پنهوار اهڙي پار، ٿي ڦر چاري ڦوڳ چيو.

3-

ڦر چاري ٿي ڦوڳ ۾، ڪامڻ کنيو ڪر،

سونهن صورت ۾ سهڻي، ننگ ڀري نينگر،

ڪانه پيئي آهي ڪنهن نر جي، مٿس نرت نظر،

ڪئين وتن ٿا ڪيترا، سندس سڪ ۾ سوداگر،

آڻين ته آڻ ان کي، نه ته هجي ملير ۾ مَر،

ڦوڳ فرياد ڏيئي، کولي ڏني خبر،

اٿاريائين اڪبر چئي، مارئي لئي محشر،

ٻڌي ڳالهه عمر، سومرو اٿي سنڀريو.

4-

سومرو اٿي سنڀريو، عمر ڄام امير،

تر به ترسيو ڪينڪي، وهلو نڪتو وير،

ٻيلهه ٻئي هليا هئا، ترت ڪري تدبير،

قضا جا قادر جي، اچي بيٺي اڪسير،

لکيو جيڪي لوهه ۾، ڏسي حاڪم ۽ حقير،

پهتا اچي ان پنڌ تي، ثابت لنگهي سير،

چار منزلون چون، ملڪ هو ملير،

عمر کي اُڪير، آڻي سهڙايو اتهين.

5-

عمر آيو اتهين، اچي سِٽ سٽيائين،

دغا جون دل ۾، جُڙتيون جوڙيائين،

مارئي ايندي مال سين، ڏورانهن ڏٺائين،

پاڻي تنهن کان پيئڻ لاءِ، وڃي ورتائين،

هيس جيڪا هنئيـٖـن ۾، سا نه سليائين،

ڀاڪر وجهي بلاتي ڪري، کوهه تان کنيائين،

چاڙهي سا چانگي تي، عمرڪوٽ آندائين،

جهانگياڻيءَ سين جوکيو چئي، ڪُہ واجبي ڪيائين؟

نياڻي نيائين، وڌائين بي ڏوهياڻي بند ۾.

6-

وڌائين بي ڏوهياڻي بند ۾، ٿيو هل حشر،

مارئيءَ جِي محلات ۾، دانهن پوي ٿي ڌڌڪر،

چئي: موليٰ ملائين مارن کي، وڃي ڏسان وڳر،

حاڪم ههڙيون هلائون ڪجن نه قهر،

جهنگان مون کي جهلي آئين، جت هئي پنهوار پهر،

وڃي ڏسنديس ويڙهه ۾، ٻاٻاڻا ۽ ٻڪر،

پت رکندو پرور، ملنديس آءٌ مارن کي.

7-

عمر آندي مارئي، ڪري ظلم زورو،

پٺ ۾ پنهوار مان، هليو ڪونه ڳهورو،

چئي ٿي چغلن جي، ڪيئين ناحق نسورو،

چوريءَ سان چاڙهي آيو، ناقص ندورو،

هيءُ نه ڪم حاڪمن، ڪو لنگهو آهي لورو،

عمر چيو مارئي کي، هاڻـٖـي مَ ڪر هورو،

ضد ڇڏي تون زورو، هائو ڪر حمير سين.(1)

8

اٺاويهين رت عمر ٿو، هنر حيلا هلائي،

شاديءَ جي شوق ۾، ٿو قاضي ڪوٺائي،

ماڻهو موڪلي مارئي ڏي، ته وارث ڪير ورائي،

وڪيل ۽ وزير ٿو، هليو پڙهيا سڀ پڇائي،

منٿون ڪريو مارئيءَ کي، ٿو صلاحون سڻائي،

’شرع ۾ شرم ڪونهي‘، ائين عالمن چيو آهي،

پرڻو ڪنداسين پاڻ ۾، هٺ ڇڏ هٽائي،

مير چيو ته مارئي! تنهنجو امر ائين آهي،

محبت ڪر مون سين پيچ ويهه تون پائي،

پوءِ موڪل اٿئي ملير جي، اچ پنهور پرچائي،

جهانگياڻي سين جوکيو چئي، عمر جي دل آهي،

اندر ۾ پڻ آهي، حب گهڻي حمير کي.

9-

چئي: حب وارا حمير! ڪونه هڏ اِئين ڪن،

سڻ توکي سڻايان، جا رسم اسان راڄن:

ته ڌيءُ پنهنجي ڌارين کي، ڏوٿي ڪين ڏين،

سڱ اسان وٽ سومرا، ائين ڪونه ڪن،

مڱايل کي مڙس ڏيڻ، ڪانهي پر پنهوارن،

آءٌ مِلڪ آهيان مارن جي، سڱيڻي سندين.

سي پرڻائيندام پاڻ وٽ، هلي ساڻ هٿن،

منهنجا ٿا مارن لئي، پساهه اڄ پڄن،

وڃي آءٌ ويڙهه ۾، ڏسان کي ڏوٿين،

جيئري آءٌ جوکيو چئي، ڪيئن وساران ويڙهيچن!

نِيرَ جي نڪرن، ته وڃي سِڪون لاهيان سومرا.

10-

اوڻٽيهين رات عمر آيو، ڏاڍي ساڻ ڏمر،

مارئي! آهين موت کنئي، وجهي ويٺيينءَ ور،

وساري ويڙهه کي، ڇڏ پنهوار جي پچر،

نه ته مڃائي آءٌ مارئي! وجهندس مارن ۾ محشر،

جيئرو آءٌ جهانگين مان، نه ڇڏيندس ڪو نر،

سڃي! سمجهين ڪينڪي، آهيان آءٌ عمر،

مارئي! تنهنجو موران ئي، ڪنڌ ڀڃندس ڪر،

جهانگياڻي تي جوکيو چئي، ڏاڍو ڪيائين ڏمر،

الستي ڪو اکر، لکيو هوس لوح ۾.

11-

چئي: لکيا هئم لوح ۾، الله جي طرفان ادا!

چغل توکي چوري ڪنهن وڍ آهن وڌا،

سومرا! تنهنجي صاحبيءَ ۾، مون لوڏا اچي لڌا،

موت هئم ماڙين ۾، پر هيام قسمت ڪا،

عمر آهيان آءٌ تنهنجي والد جي وياءُ،

پرڻو نه ڪنداسين پاڻ ۾، بردار آهيم، ڀاءُ،

قسم اٿم ڪريم جو، سڻ حقيقت سا،

وير! تون وسهيـٖـج، مون پڇي پنهنجي ماءُ،

چئي: حمل ٿيوم حمير مان، خاوند ڄاڻي خدا،

شرع ڪر ڙي سومرا! الله ڪارڻ ادا!

جهانگياڻي جوکيو چئي، نه جاليندي جدا،

پٽ پنهوار جا، وڃي ڏسنديس ملير ۾.

12-

ٽيهين رات ٽري ويو، عمر ڇڏيو آر،

چي: مارئي تو مون کي ڏنو سانگياڻي ساڙ،

ڪٿي پنهوار پَن چرا، ڪٿي سومرو سردار!

ڪٿ عمرڪوٽ آهي، ڪيڏانهن ملير مهاڙ!

ڪيئن ٿيو سڏ عمر کي، ورنہ کڻي ويچار!

حمير ڪيئن هلي ويو، پنهوار جي پار،

ملڪ ملير جو چون، هتان منزلون چار،

مون کي تون مارئي، نه دلاسن سين ڌتار،

هنر هلين حرفتون، جيئن ٻالڪ ڌتارجن ٻار،

منڌ! مڪر ٿي ڪرين، تيرهين سن جا تار،

مڙان ٿو مرضيءَ تي، نه ته سومرو آهيان سردار،

حڪم کڻي هلايان، جي نه ڪريان ڪا ٻي نهار،

ته پوءِ مارو مون سين، ڪهڙي ڪندا ڪار

نه ڪو اُڊو اٿم ان جو، هو دز آهن ڌنار،

پر سٿ ۾ سردارن جي، ملوڪ ڏيندم ميار،

ته بادشاهه بيرحم ٿي، ڪونه ٿئي قهار،

جهانگياڻي! توکي جوکيو چئي، آهي عمر جو آر،

ويڙهه کڻي وسار، ڇڏ پار پنهوارن جي.

13-

چئي: ويڙهه ڪين وسارينديس، ملير اٿم من،

سومرا! توکي سڻايان، سچو هيءُ سخن؛

مون پڇيو ماءُ کي، ويجهو ويهي وٽن،

حقيقت پڇيم حال جي، سربستي سندين،

ته مون جهڙي مور ڪا، منڌ نه منجهه مارن،

ڪين پسان ڪنهن ۾، ههڙو امان! حسن،

ڪي وياءُ والد جو، ڪي هڏ منجهان حرامن،

قسم توکي ڪريم جو، جو ڏاتار آهي ڏيهن،

ڪي تخم توهان جو، ڪي اولاد اشرافن،

امڙ! منجهان اُن، حقيقت ٻڌائينم حال جي.

14-

حقيقت پڇيم حال جي، جواب ڏنائين جوڙي،

ته: قلم قسمت جو لکيو، هر ڪو ٿو لوڙي،

باري جن کي بچائي، تن کي ٻيو ڪونه ٻوڙي،

ڪين ڇٽجي قضا کان، توڙي ڊڄي ڪو ڊوڙي،

لکيو لوح قلم جو، سگهي ماڻهو ڪونه موڙي،

جيڪي اُو جوڙي، سو اچي ٿو انسان تي.

15-

اچي سو انسان تي، ٻي ڪانه ملي ٿي ڪار،

سڄي ٿي سخت گهڻو، صاحب جي سرڪار،

باري شل بخشي، ڪوجهي اسان جي ڪار،

پر مارئي! ٿي پڇين، جي حقيقت هيڪار،

ته مخفي رکج مام ۾، گذري هيءَ گفتار،

متان ماڻهو ملير جا، ڪن خلق ۾ خوار،

سڀ هاڻي هيءُ سڻج، ورنہ تون ويچار،

ته ملير جي ملڪ ۾، اچي پيو ڏيهه ڏڪار،

مارو مال ڪاهي ويا، وس چرڻ وسڪار،

ڪهي ڪي ڪيڏانهن ويا، اسان ٻڌو عمرڪوٽ آر،

انهيءَ وقت عمرڪوٽ جو، سومرو هو سردار،

حاڪم زماني جو حمير، نالو هوس نروار،

ڪامل ڌڻي قضا جو، سندس عادل جهڙا آچار،

منهنجو تنهن ملوڪ سان، ڪيو دل قرار،

انگ ان سين اٽڪي پيو، هئي لکئي جي لغار،

کاڌو پيتو خان ٿي، ڏنو اسان کي اپار،

ويلا اسان اڳ وٽايا، لنگهڻ ۾ ٿي لاچار،

جُوف پٺيان ’جوکيو‘ چئي، سنگتي ٿئي سچار،

اکيون مليون اکين سان، ڌُران نه ٿيو ڌار،

تخم مان تنهن جي، مون کي حمل ٿيو هيڪار،

تون آهين تنهن مان، حمير به هو حسندار،

موٽي موليٰ مند ڪئي، سائينءَ ڪيو سڪار،

وري وطن آياسين، لٿو ڏرت ڏڪار،

جيڪي جوڙي جبار، اچي سو انسان تي.

16-

اچي سو انسان تي، جيڪي لکيو جيئن،

ڪنهن کي نه اچي شل، ڏولائي جو ڏينهن،

اَنّ جو اسان تي، تنهن مِير وسايو مينهن،

حمير هليو اسان جي حال تي، نباهيوسين نينهن،

شير جهڙو شينهن، سو ذات سڏائي سومرو.

17-

ذات سو ظاهر ٿو، سومرو سڏائي،

اُن جي اولاد مان، اڄ عمر چون ته آهي،

سو به پيءُ وانگر پڌرو، حڪم ٿو هلائي،

ادا عمر! ڏس هاڻ تون، ويچار ورهائي،

ڀاءُ کي ڀيڻ جو، ادب رکڻو آهي،

هيءُ تان ڪم حاڪمن جو، ادا! ڪين آهي،

سچي حقيقت سومرا! اها امڙ جي آهي،

جهانگياڻي ’جوکيو‘ چئي، مَ سانگياڻي ستائي،

ميان عمر! موٽائي، مون پهچائج پنهوارن ڏي.

18-

سڻي ڳالهه سانگياڻيءَ جي، سربستي سمجهيائين،

ويهي جان ويچاري، شجرو سنڀاريائين،

من ۾ آيس مارئيءَ جي، ڪن ڳالهه ڪيائين،

تڏهن مارئي کي محلاتن منجهان ڪوٽن ڪڍيائين،

ڀيڻ سان ’بنديچو‘ چئي، ڪُواجبي ڪانه ڪيائين،

ماڻهو ملير ڏانهن، عزت مؤن اماڻيائين،

ڪهڙو هيءُ ڪيائين، ڏسو انصاف ’اڪبر‘ چئي.

19-

ڏسو انصاف ’اڪبر‘ چئي، ڪير ٿو ائين ڪري،

جي حڪم کڻي هلائي، ته سردار کي سري،

عدالت عمر جهڙي، ڪونه ٻيو ڪري،

حڪم منجهان هاديءَ جي، ٽِڪَ به ڪين ٽريٖ،

اڄ عمر ٿو هاڻي، پت پنهوارن سين پري،

جهانگياڻي ’جوکيو‘ چئي، وطن ڏي وري،

قادر جيڪي ڪري، اچي سو انسان تي.

20-

اچي ڪين انصاف تي، موٽي سو مور،

مارئي ملي مارن کي، لٿو قيد قصور،

بند هئي بنگلن ۾، چارئي بازو چُور،

جهانگياڻي ’جوکيو‘ چئي، هئي ڏوٿين ڪنان ڏُور،

پيو عمر کي پُور، تڏهن ڪڍيائينس ڪوٽن مان.

21-

ڪڍيائين قيد مان، وڃي وڻڪار وسايائين،

مِلي وڃي مارن سان، ڳالهيون ڳايائين،

سرتين وٽ ساڻيهه ۾، هاڪون هلايائين،

جهانگين کي ’جوکيو“ چئي، ڏوراپو ڏنائين،

وڃي لکيا لڌائين، پهچي پنهوارن پر ۾.

22-

پهچي وٽ پنهوارن، وڃي ڏوٿي ڏٺائين،

مزا عيش ملير ۾، وڃي موجون ماڻيائين،

هڪڙو مانُ مائٽن جو، ٻي رضا رکيائين،

کِلي وڃي کيت سان لائون لڌائين،

جَس مليس ’جوکيو‘ چئي، ننگ پاڻ سين نيائين،

قيد سڀ قبوليائين، هائو نه ڪيائين حمير سين.

23-

هائو نه ڪيائين حمير سين، نه ڪي منٿ مڃيائين،

آزيون منٿون عمر جون، قبول ڪين ڪيائين،

ڏک جيڪي ڏٺائين، سي سڀ سرتين سليائين،

کاڌا، طعام خشڪا، چيز به ڪين چکيائين،

عطر ۽ عنبيرن کي، منهن تي ڪين مکيائين،

پلنگ، کٽون، پٿراڻيون، ڏورانهن ڏٺائين،

ماڙيون، محلل، بنگلا، تن کان ڀؤ ٿي ڀانيائين،

جهانگياڻيون ’جوکيو‘ چئي، پئي سرتيون ساريائين،

ويٺي لکيو لوڙيائين، قيد هئاس قسمت ۾.

24-

قيد هئا قسمت ۾، پر ورتي باري بچائي،

مُزرائي مارئيءَ کي، پر انصاف عمر جو به آهي،

بيگاني زال بر ان، مرد ڪونه موٽائي،

پوءِ ڳائي وڄائي، ملايائين مارن سين.

25-

مارئي ملي مارن کي، پيئي ملڪن منجهه مقال،

بچي ويئي بڇڙائي کان، جو چڱکي هيس چال،

ربّ رکي ورتي، نه ته منڌ کي ڇا مجال!

قابو هئي ڪوٽن ۾، ڪُڙهي ساڻ ڪمال،

جهانگاڻي جوکيو چئي، هيبت وڃايس حال،

ساڻس ڀلائي ٿيو ڀال، تڏهن مارڳ پهتي مارئي.

26-

مارڳ پهتي مارئي، جنهن پئجي ويئي پڪار،

ساري لوڪ سئي هئي، ترت اها تنوار،

اَسِي بيتن ۾ ’اڪبر‘ چئي، شاعر ڪئي شمار،

مارئي آهي مائٽن جو، ڪيو نالو پڻ نروار،

نه ته قابو ڪوٽن ۾، هئي منڌ بي ميار،

ستيءَ سيل رکڻ سان، ڪري ڇڏيو قهار،

منڌ صرف مارن لئي، ڏنو جيءَ کي جنجار،

تيئن ساهڙ ڪاڻ سهڻي، ڪيو درياءَ ۾ ديدار،

هٽي ڪين هيبت کان، لُڏي ڪين لغار،

هيس سڪ ساجن جي، موهي وڌي ميهار،

صورت پسي سيفل به، ٿيو لاکيڻو لاچار،

مجنون ويچارو مستيءَ ۾، ٿيو دنيا کان ڌار،

سڪ هئي سسئيءَ کي، ڪندي ويئي پنهل جي پچار،

جبل ۾ ’جوکيو“ چئي، سئائين هوتن جي هونگار،

اهڙا ڪئين عاشق ٻيا، نينهن ڪيا نروار،

ڪلمي ساڻ قطار، ٿي ويندا ميڙي محّمد جي ۾.

لا الٰہ الا الله محمد الرسول الله.

- - -

 

لسٻيلي جي شاعر يوسف موندري جو بيت*

سا بني ساريم سومرا، مون کي ڏيهه وڻ ڏور ٿيا،

منهنجا ماروءَ ڄام سين هئا پرتئون پيچ پيا،

سا ويندي، رهندي ڪينڪي، آهي هت ته گهارڻ گهاءُ،

حق حوالي هيڪڙي، آءٌ اڳ مڱائي آهه،

ساور مٽي ٻيا ور ڪندي، ڪهڙي لالچ لاءِ،

پَٽ نه پهريان سومرا! تنهنجو وڳو تان نه سيباءِ،

گندي ’کيئت‘ گهوٽ جي، لوئي تان نه لڄاءِ،

ماءُ ’ماڏوئي‘، پِهءُ ’پالينو‘، راڄـٖـين ڌي جهلياءِ،

ڪر ڀلايون ڀيڻ سين، تون عمر ٿورو لاءِ،

سچ ڪريان ٿي سوڳند توسين، آهم ادا تون اصلاءِ،

مون ستيءَ  جو سڀين پرين، ٿيو نام سچو نرواءِ،

’پِهءُ ٻنهي جو هيڪڙو‘ مون کي چيو ماءُ،

سِڪ سچائي ساڃاءِ، وڃي ملندي ماروءَ ڄام کي.

 

- - -


*  سگهڙ صابر شر، ويٺل تعلقو اُٻاوڙو جي زباني قلمبند ڪيل.

*  هيءَ روايت ڪراچيءَ مان شمس الدين جوکئي کان ملي.

علي اڪبر ولد ميانجي آدم، جوکيا قوم جي ’بنديچا‘ وراڻ مان هو، انهيءَ ڪري پنهنجي شعر ۾ ’اڪبر‘ ’بنديچو‘ ۽ ’جوکيو‘ تخلص ڪم آندو اٿس. سندس ڳوٺ الله بندو جوکيو، ڪراچيءَ جي ڪوهستاني حصي ۾ آهي. سندس ڄمڻ جي صحيح تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي، پر سندس والد جي روايت موجب ’بکراڻي واري مسجد‘ جي تعمير کان هڪ سال پوءِ ڄائو هو. مذڪوره مسجد جي تعمير جو سال 1329هه آهي. هن پنهنجي ڳوٺ مان پهرين شادي ڪئي. اتفاق اهڙو ٿيو جو سندس گهر واري شاديءَ جي چوٿين ڏينهن وفات ڪري ويئي. انهيءَ صدمي جو مٿس اهڙو اثر ٿيو جو بيخوديءَ جي عالم ۾ شعر جوڙيندو رهيو. سندس ڪلام تمام گهڻو آهي، جو اڪثر بيتن جي صورت ۾ آهي. 1944ع ۾ وفات ڪيائين.

(1)  هن بيت بعد مارئي جي ٽيهن راتين جا بيت آهن، اُنهن لاءِ ڏسو لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب ”هفتا، ڏينهن، راتيون ۽ مهينا“

*  ”ٻيلاين جا ٻول“، مطبوع سنڌ پرنٽنگ پريس حيدرآباد، ڇاپو ٻيو 1971ع تان ورتل. يوسف پٽ جمال ذات موندرو، کارڙي ناڪي (لسٻيلي) جو ويٺل هو. سنه 1943ع ۾ 35 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. سندس ڪلام بيتن تي مشتمل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org