سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :35

 

تعلقي ٽنڊي الهيار مان مليل ڳالهه *

مارئي همير سومري جي ڌيءُ هئي. سندس اصلي نالو ”سُجاڻ“ هو. همير سومرو سماواتي پرڳڻي ۾ هڪڙو نواب هو، ۽ پنهنجي جاگير مٿان حڪمران هو. سنڌ ملڪ تي هميشہ پٺاڻ حملو ڪري، مُلڪ کي ڦُري لُٽي ڀڄي ويندا هئا، جنهن لاءِ پهاڪو ڏيندا آهن ته ”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌارئون جوکو“. هڪ ڀيري انهن پٺاڻن جڏهن سماواتي پرڳڻي تي هلان ڪئي ۽ همير جي جاگير تي پڻ چڙهائي ڪئي، تڏهن هو پٺاڻن سان مقابلي جو ست نه ساري، ڪوٽ مان ٻار ٻچا ڪڍي، ڀڄڻ تي هو ته پٺاڻن سندس قلعي کي اچي گهيرو ڪيو، ۽ ماڻهن کي مارڻ ۽ ڦُرڻ لڳا. اوچتي ڀڄ ڀڄان ۾ ننڍڙي سُجاڻ، جا ان وقت چئن پنجن سالن جي هئي، سا رهجي ويئي جا پٺاڻن کي هٿ آئي. همير جي ڪوٽ کي ڦرڻ کان پوءِ پٺاڻن لکپت، مانڊوي ۽ پور بندر جي ڦرڻ جو ارادو ڪري، اڳتي قدم وڌايو. ننڍڙي سجاڻ خوف ۽ هراس ۾ واٽ تي بيمار ٿي پئي، ۽ جنهن ڦورو پٺاڻ جي قبضي ۾ هئي، تنهن ملير واري حصي جي هڪ ڳوٺڙي جي ”مارو“ نالي هڪڙي پوڙهي ڌراڙ کي اها ڇوڪري ۽ ڪجهه نقد رقم ڏني ته هن ڇوڪريءَ جي هر طرح سنڀال لهج، جيئن چاق چڱي ڀلي ٿئي، پوءِ جڏهن ڪڇ کان موٽي ايندس تڏهن توکي وڏو انعام اڪرام ڏيئي، ڇوڪري پاڻ سان وٺي ويندس. مگر پٺاڻ وڃڻ کي ويا ۽ وري نه موٽيا. اهڙيءَ طرح سُجاڻ، ماروءَ جي پالنا هيٺ رهي، جنهن وري سندس نالو ”مارئي“ کڻي رکيو.

قصو ڪوتاهه – اُها سجاڻ، مارئي جي نالي سان ڌراڙن وٽ نپجي وڏي به ٿي. جڏهن 15 – 16 سالن جي ٿي، ته ماروءَ کان ڦوڳ نالي هڪ ڌراڙ، مارئيءَ جو سڱ گهريو، پر هن پنهنجي ڀائٽي نالي ”کيت سين“ سان مارئيءَ کي مڱائي ڇڏيو. مڱڻي جو ٻڌي ڦوڳ، همير جي ڪوٽ تي آيو. پر همير اڳ گذاري ويو هو، ۽ ان جو پٽ عمر، جاگير جي سنڀال ڪندو هو، جنهن وٽ اچي مارئيءَ جي حُسن جي تعريف ڪيائين ته: ملير جي ڀاڱي ۾، ڄام جي ڳوٺ ۾، هڪ ڇوڪري مارو ڌرار نپائي آهي، جا پٺاڻ ڇڏي ويا هئا. تون اسان جي جاگير جو نواب آهين. اها تنهنجي گهر ۾ سُونهندي. پر جي جلد نه رسئين ته پوءِ مارو پنهنجي ڀائٽي کيت سين کي پرڻائي ڇڏيندو. عمر پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کان، سُجاڻ جي کڄي وڃڻ جي ڳالهه ٻڌي هئي، سو ڦوڳ ۽ ٻيا ڪي ماڻهو پاڻ سان وٺي، ان ڳوٺڙي تي ڪاهي آيو. جڏهن ڳوٺڙي ۾ پهتا، ته ان وقت مارئي ڇيلڙن کي کوهه تي پاڻي پئي پياريو. عمر وڌي وڃي کيس سوگهو ڪيو، ۽ اٺ تي کڻي آڻي پنهنجي ڳوٺ همير ڪوٽ ۾ ڇڏيائينس. پوءِ کيس سموري خبر ٻڌايائين ته: تون منهنجي ڀيڻ آهين. توکي ننڍي هوندي پٺاڻ کڻي ويا هئا. هاڻي تون هتي رهه. مارئيءَ کي ان ڳالهه جي پڪ ئي نه ٿئي. تنهن چيو ته: تون منهنجو حسن ڏسي، مون کي کڻي آيو آهين، ۽ دوکو ڪري مون سان شادي ڪرڻ ٿو چاهين. آءٌ اشراف آهيان. مون کي اُتي منهنجي پيءُ ماروءَ، منهنجي سؤٽ سان مڱائي ڇڏيو آهي. آءٌ تنهنجي انهيءَ دوکي ۾ هرگز نه ايندس. عمر پوءِ کيس ننڍي هوندي وارين سهيلين جي وچ ۾ ڇڏيو، ۽ انهن کي چيو ته: توهين ننڍي هوندي واريون يادگيريون ڏياريوس، ته من ڳالهه دل تي تري اچيس. پر مارئي انهن کي به نه مڃيو. آخر جن داين کيس نپايو ڪُڏايو هو، سي کيس سمجهائڻ لڳيون ته: تون بادشاهي گهراڻي جي آهين، تون هتي محلاتن ۾ ٿي سُونهين يا جهوپڙين ۾؟ تنهنڪري مارو ۽ کيت کي وساري هتي ويهي عيش ۽ آرام جي زندگي گذار. ان کان سواءِ، عمر پڻ روز رات جو اچي منٿون ڪندو هوس ته: اسان جي خانداني شرافت کي ٽِڪو نه لاءِ، ماٺ ڪري اتي ويهي رهه، جيئن چوندينءَ تيئن ڪندس، پر اها مڱجڻ وغيره جي ڳالهه نه ڪر، آءٌ توکي ڌراڙن ۾ هرگز ڪونه ڏيندس. هت پنهنجي قوم جا سومرا سردار گهڻيئي ويٺا آهن، انهن مان ڪو پسند ڪري توکي پرڻائي ڇڏيندس.

انهن ڳالهين ٻڌڻ کان پوءِ، مارئي هيڪاري شڪجي پيئي ته شايد هي مون کي زوري رهائي به ايتري لاءِ ٿو ته هن کي ريهي ريبي ماروءَ ۽ مڙس تان هٿ کڻايان. تڏهن عمر سومري کي چيائين ته: تون قياس نه ڪر ته جي آءٌ تنهنجي ڀيڻ هيس ته بروقت توهان پٺاڻن جي پٺ وٺي، مونکي ڇڏايو ها. ڀلا جي اها مڙسي توهان کان ڪا نه ٿي، تڏهن به پڇائون ڳاڇائون پيا ڪريو ها. جي ائين به نه ڪيوَ ته تون اتي منهنجي پيءُ ماروءَ  ۽ ٻين عزيزن کي سڏائي انهن جي موجودگيءَ ۾ منهنجي موڪل وٺين ها ته هيءَ منهنجي ڀيڻ آهي، آءٌ هن جي ڳولا ۾ هئس. هاڻ مون کي سُڌ ملي آهي، ۽ کيس ڳولي لڌو اٿم. پوءِ انهن سان سوال جواب ڪري مون کي وٺي اچين ها، ته آءٌ به سمجهان ها ته برابر منهنجو ڀاءُ مون کي وٺي آيو آهي؛ تون چورن ڌاڙيلن وانگر مون کي کڻي ڀڳو آهين، سو آءٌ هرگز مارن تان هٿ ڪا نه کڻنديس. تنهن کان سواءِ آءٌ انهن سان هِري مِري ويئي آهيان، منهنجو مڱڻو به ٿي ويو آهي. هاڻ جي تون مون کي پاڻ وٽ ويهاريندين ته هڪ مڙس جي جيئري هوندي، ٻيو مڙس ڏيندين، جو پڻ اشراف ماڻهن لاءِ ٻڏڻ برابر آ هي. تنهن کان سواءِ منهنجي کڄي وڃڻ جي ڳالهه هاڻ ماڻهن جي دلين مان ميٽجي چڪي هئي، سو تو مون کي آڻي وري ماڻهن کي تازي يادگيري ڏياري آهي. جنهن خواريءَ کان تو بچڻ ٿي چاهيو، سا ته هاڻي ٻيڻي خواري پنهنجي خاندان تي ڪرائي رهيو آهين. جي ٿي سگهي ته مون کي مارن ڏانهن موٽائي اُماڻ ۽ ماڻهن کي چئو ته مارئي برابر مون پنهنجي وڃايل ڀيڻ سمجهي آندي هئي، پر هيءَ اها نه آهي. مگر هن سان آءٌ ڀيڻ وارو سلوڪ ٿو ڪريان، کيس ڏيج پوت ڏيئي سندس مڱيندي سان پرڻايان ٿو. ان ۾ تنهنجي به عزت ٿيندي، ۽ منهنجو به ڪَر مٿي رهندو. نيٺ اها صلاح عمر کي وڻي، سو ماروءَ ڏانهن ماڻهو موڪلي، کيس سڄي حقيقت کان آگاهه ڪيائين، ۽ وڏي ڌام ڌوم سان مارئي کي کيت سان پرڻائي ڇڏيائين.


 

تعلقي ماتلي مان مليل ڳالهه *

همير سومري جون شاديون ست ٿيل هيون، جن ۾ ڪي سوڍيون هيون، ڪي سميون هيون ته ڪي سومريون هيون. انهن مان جاسل نالي هڪ راڻي سمي هئي، تنهن جون ڀيڻون ٽي هيون، جن مان هڪڙي مهر راڻيءَ جي ماءُ هئي ۽ ٻي رهندي هئي جاگير ڀوڏاسر ۾، تنهن کي ’کيت‘ نالي هڪ پٽ ڄائو هو. اڳئين زماني ۾ هندو يا مسلمان سڀ هڪجهڙا نالا رکندا هئا.

جاسل راڻي، پنهنجي ڀاڻيجي مهر راڻي جي شاديءَ تي ويل هئي، جا راءِ لاکو پرڻجڻ آيو هو. جن ڏينهن راءِ لاکو پرڻجڻ آيو هو، تن ڏينهن همير سومرو چاق نه هو، ۽ راڻي جاسل کي پيٽ هو، تنهنڪري همير سومرو شادي ۾ نه آيو هو، باقي راڻي جاسل شادي ۾ آئي هئي.

راءِ لاکي هنن کي ٻول ڏنو هو ته مهر راڻي ۽ گهوٽ ۽ مهر راڻي جي ماسي، اهي رات جي چئن پهرن ۾ ڀُڄ پهچائي ڏيو، جي نه ته جتي سج اُڀريو اتي مهر راڻي جهنگ ۾ ڇڏي هليا وينداسين. تنهن وقت ۾ ڀالواهه جي راجا وٽ هڪ گاڏو هو، جنهن کي روجهڙا هلائيندا هئا.

مهر راڻي جي پيءُ، انهي مهل ئي اوٺي، اُٺ تي چاڙهي موڪليو ڀالواه جي راجا ڏانهن ته اهو گاڏو ۽ روجهڙا مون ڏانهن موڪل، جو مهر راڻي ڀُڄ پڄائڻي آهي. ڀالوا جي راجا پنهنجي سئيس ’پالڻِي‘ پنهور کي چيو ته مهر راڻي گهوٽ سوڌي ڀُڄ ۾ ڇڏي، روجهڙا رات وچ ۾ واپس وارجئين، متان راءِ لاکو منهنجا روجهڙا ضبط ڪري، ڇو ته آءٌ ۽ راءِ لاکو پاڻ ۾ ڪو نه ٺهون.

انهي گاڏي ۾ مهر راڻي، راءِ لاکو ۽ راڻي جاسل، اهي ٽئي ماڻهو چڙهيا. ٻي ڄڃ گهوڙن تي چڙهي رواني ٿي. هنن سان گڏ ڳيچ ڳائيندي ست ويهون ڇوڪرين ڪنوارين جون به پويان لڳيون ويون. جڏهن هنن کان ڄڃ نڪري ويئي، تڏهن ڇوڪريون به رڻ تي پُڄي ويون، جو انهن کي سج اُڀري ويو هو، تنهنڪري اهي ڇوڪريون اتي ئي رهيون. انهن کي اُڃ اهڙي تڪليف ڏني جو اهي ست ئي ويهون ڇوڪريون مري ويون. انهن تي قدرت مِٽي واري، تنهنڪري انهيءَ جاءِ کي ’ڪنوار ٻيٽ‘ سڏبو آهي.

قصو ڪوتاهه ته گاڏو ڀُڄ ۾ پڄي ويو ته راءِ لاکو ۽ مهر راڻي لهي پنهنجي جاءِ تي هليا ويا، باقي رهي راڻي جاسل جنهن کي ننڊ اچي وئي هئي ۽ اها گاڏي ۾ ئي رهجي وئي. پالڻي کي خوف هو، تنهن يڪدم پنهنجا روجهڙا واپس واريا ۽ راڻي جاسل انهي گاڏي منجهه رهي. پالڻي واپسي ۾ ڪڇ جو رڻ مٽي آيو، تنهن کان پوءِ هن ڀانيو ته آءٌ گاڏي ۾ سولو ٿي ويهان ته گاڏي منجهه اندر کنگهه ٿي، خيال ڪيائين ته گاڏي ۾ اندر ڪير چڙهي ويو، تڏهن پڇيائين ته ڪير آهين؟ اندران مائي آواز ڏنو ته: ابا! ڀُڄ پڄي ويا آهيون؟ پالڻي چيو ته: راءِ لاکي ۽ مهر راڻي کي ڀُڄ ڇڏي آءٌ واپس وريو آهيان. امان! تون ٻڌاءِ ته  ڪير آهين؟ تڏهن مائيءَ چيو ته: ابا! آءٌ انهي ڄڃ ۾ هيس، ۽ مهر راڻي جي ماسي آهيان. هاڻي مهرباني ڪري مون کي واپس هلي ڇڏي آءُ! تڏهن پالڻي چيو ته: امان! آءٌ واپس هلي نه ٿو سگهان، جو منهنجا روجهڙا ايترو پنڌ ڪري آيا آهن. تنهن کان سواءِ سج به اُڀري ويو آهي، باقي هاڻي تون جتي چوين، اتي توکي لاهي ڇڏيان. تڏهن مائي چيو ته: مون کي ڇڏي اچ مهر راڻي جي ڳوٺ. وري جو مائيءَ چيو ته: آءٌ همير سومري جي زال آهيان، تڏهن هن ڊپ ۾ چيو ته: آءٌ اوڏهين ڪو نه هلندس، باقي ٻئي هنڌ جتي چوين اتي لاهي ڇڏيئين! تڏهن مائيءَ چيو ته: ابا، ته پوءِ مون کي وٺي هل تنهنجي ڳوٺ.

پالڻي، راڻي جاسل کي وٺي آڻي پاڻ وٽ رهايو ۽ کيس ڀيڻ ڪري سڏيائين ۽ ڀالواهه جي راجا کي سموري ڳالهه ڪري ٻڌايائين ته هن طرح هيءَ مائي مون سان ڄڃ مان گڏجي آئي آهي. تڏهن هن چيس ته: جي ٿئي پڇا ته راڻي واپس ڏياري موڪلينداسين ۽ جي نه ته هن کي کاڌ خوراڪ آءٌ پيو ڏيندس، جو مائي مسلمان آهي. رهي ڀلي تنهنجي گهر، جو تو ڀيڻ ڪري سڏي آهي ۽ تون مسلمان آهين.

ٿورن گهڻن ڏينهن بعد جاسل هٿ پير لڌا، ۽ ڌيءُ ڄايس، جنهن جو نالو رکيائين ”مارئي“. آخرڪار مارئي وڏي ٿي ۽ کيتيي نالي جيڪو سندس ڀاڻيجو هو، ان کي گهرائي، مڱڻو ڪري ڇڏيائين. مارئي تمام سهڻي هئي، جنهن جي هاڪ پري پري تائين هوندي هئي. ڏڪار پوي ته انّ ڀرڻ ويندا هئا عمرڪوٽ مان، ته اتي به مارئي جي سونهن جون ڏاڍيون ڳالهيون ڪندا هئا. آخرڪار اها ڳالهه عمر جي ڪنن تي به وڃي پيئي ۽ عمر انهن کان پڇيو ته: اها ڇوڪري ڪهڙي تڙ تي رهندي آهي؟ تڏهن هنن چيس ته: سائين! اها رهندي آهي ڀالواهه ۾.

پوءِ عمر به سنڀري پنهنجي اُٺ تي چڙهي روانو ٿيو انهي ڏس ڏانهن، جتي مارئي جو ڏس مليو هئس. آخرڪار ڪاهي انهي تڙ تي آيو، جنهن تي مارئي پاڻي پئي ڀريو. عمر ڏسي چيو ته ڇوڪري ته اها ئي آهي، تنهن هوندي به ان کان نالو پڇيائين. تڏهن هن ڏسيس ته: منهنجو نالو مارئي آهي. وري پڇيائينس ته: تون پالڻي پنهور جي ڇا ٿين؟ هن چيو ته: اهو منهنجو مامو آهي. اتي مارئي خيال ڪيو ته شايد هي اسان جو ڪو سڃاڻو آهي. هاڻي عمر، مارئيءَ کي چيو ته: مون کي پاڻي پيار! تڏهن مارئي پنهنجي گهران پاڻي جو وٽو ڌوئي ڀري آئي. پر ڪجهه حسن عمر جو ڏسي مارئي به موهجي پئي. عمر وٽو اُڇلي مارئيءَ کي واري چاڙهيو اُٺ تي. اڳئين خاني ۾ عمر هو ۽ پٺئين خاني ۾ مارئي هئي.

جاسل راڻي، مارئي کي ٻڌائيندي هئي ته تون همير سومري جي ڌيءُ آهين ۽ عمر نالي اڄ جيڪو بادشاهه آهي، اهو تنهنجو ڀاءُ آهي، ۽ پوءِ مهر راڻي جي شاديءَ جو سمورو احوال ٻڌائيندي هيس، ۽ هڪڙي منڊي همير جي نالي تي هئي، اها به مارئيءَ کي ڏئي ڇڏي هئائين. ٿورن گهڻ ڏينهن بعد مارئيءَ جي ماءُ گذاري ويئي ۽ همير سومرو به بيماري ۾ گذاري ويو، انهي ڪري راڻي جاسل جي پڇا ئي ڪا نه ٿي. جيڪو همير سومري جو قاضي هو، تنهن کي انهي قصي جي خبر هئي.

عمر، مارئيءَ کي کڻي آيو عمرڪوٽ ۾، ۽ اچي پنهنجي جاءِ تي ڇڏيائين. تڏهن مارئي پڇا ڪئي ته: هي ڪوٽ ڪهڙو آهي؟ عمر ٻڌايس ته: هي عمرڪوٽ آهي. اتي مارئيءَ چيو ته: آءٌ توکي ڪا نه ڦٻنديس، جو منهنجا مارو ڀڄي ايندا ۽ عمر بادشاهه کي اچي دانهن ڏيندا، جو آءٌ انهي عمر جي ڀيڻ آهيان. تڏهن عمر چيس ته: اهو عمر ته آءٌ آهيان. تڏهن مارئي هن قصي جي ڳالهه ڪري ٻڌايس ۽ چيائينس ته پنهنجي پيءُ همير جي نشاني به مون وٽ آهي، جا منهنجي ماءُ مون کي ڏني هئي. پوءِ اها منڊي ڪڍي عمر کي ڏنائين، جو منڊيءَ تي همير جو نالو لکيو هو.

عمر يڪدم پنهنجي پيءُ جي قاضي کي گهرايو، جنهن سموري ڳالهه ڪري ٻڌايس ته راڻي جاسل، مهر راڻي جي شاديءَ تي ويل هئي، تنهن وقت تنهنجو پيءُ بيمار هو ۽ گذاري ويو، انهيءَ ڪري راڻيءَ جاسل جي ڪنهن پڇا ئي ڪا نه ڪئي. اها ڳالهه ٻڌي عمر، مارئيءَ کي پنهنجي ڀيڻ ڪري، يڪدم اوٺي اُٺ تي چاڙهي جاگير ڀوڏاسر ڏانهن موڪليو، جيڪو مارئي جي ماسات کيت کي ڳولي وٺي آيو، جيڪو مارئيءَ جو مڱيجو به هو. عمر، مارئي وٺي کيت کي ڏني،جيڪو کيس اُٺ تي چاڙهي روانو ٿيو پنهنجي ملڪ ڏانهن.

عمر خيال ڪيو ته مون مارئيءَ کي ڏيج ته ڏنو ئي ڪونهي، سو ڳوٺ ويندي شرط هن کي ماروي مهڻا ڏيندا ۽ هو چوندا ته عمر تنهنجو ڀاءُ هجي ها ته ضرور توکي ڏيج به ڏئي ها، انهي ڪري عمر ڏيج کڻي ’مور‘ گهوڙي تي چڙهي، انهن جي پٺيان روانو ٿيو. کيت ۽ مارئي عمرڪوٽ کان چار ميل پنڌ جا ڪري ٿر جي علائقي ۾ گهڙيا ته اتي مارئيءَ ڇانهان ڏٺا. مارئيءَ پنهنجي مڙس کي چيو ته ڇانهون پنهنجي ملڪ جو آهي، پٽي آءُ ته کائون. کيت اُٺ جهلي لهي پيو ۽ وڃي ڇانهون پٽيائين. وٽس چاقو هو، جنهن سان چتي هڻي، ڇانهين جي اندرين ڳر ڪڍي، وري انهي ڇانهين کي اها ئي ساڳئي نموني چتي هڻي، ڇانهون آڻي مارئيءَ کي ڏنائين ۽ پاڻ اُٺ تي چڙهيو. مارئيءَ هن کان چاقو وٺي ڇانهين کي وڍيو ته اهو خالي نڪتو. تڏهن کيت کان پڇيائين ته هي ڇا ٿيو؟ کيت چوڻ لڳس ته: عمر به توکي کائي اهڙو ئي کوکو ڪري مون کي ڏنو آهي. مارئي انهي وقت الله کان دعا گهري ته: الله سائين!تون مون کي اتي ئي ماري ڇڏ، آءٌ هاڻي ڪهڙو نڪ کڻي ٿر وينديس. ائين چئي اُتان ئي کڻي ٽپ ڏنائين ۽ هيٺ وڃي ڪري ۽ اتي جو اتي دم ڏنائين.

کيت، مارئي جي مٿان گندي وجهيو بيٺو ئي هو ته عمر به ڏيج کڻي اچي پهتو. تڏهن عمر پڇيو ته: مارئي مري ويئي ڇا؟ ته کيت ڊڄندي چيو ته: ها سائين. تڏهن هن کان عمر پڇيو ته: هيءَ ڪيئن مئي؟ تڏهن هن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. اتي عمر چوڻ لڳس ته: هيءَ منهنجي ڀيڻ هئي، تنهن لاءِ آءٌ ڏيج کڻي آيو آهيان، جو مون پنهنجيءَ ڀيڻ کي ڏيج ڏنو ئي ڪين هو. پوءِ عمر انهي ڪست منجهان گهوڙي جو تنگ ڍرو ڪيو ته گهوڙو به اتي ڪري پيو ۽ مري ويو.

پوءِ عمر اها مارئي کڻائي عمرڪوٽ لڳ سيد غلام نبي شاهه جي ڳوٺ جي ڀرسان مقام آهي، اُن ۾ رکايائين، جتي اڄ تائين به مائي مارئي جو ڏهاڙو ٿيندو رهي ٿو ۽ جنهن جاءِ تي مارئي مئي هئي ۽ عمر جو گهوڙو مئو هو، اتي گهوڙو پورايائين، جيڪو ’مور لڪ‘ سڏيو وڃي ٿو، جو عمر جي گهوڙي جو نالو ”مور“ هو.


 

تعلقي ٽنڊي الهيار جي شاعر اميد علي لغاري جا بيت *

1-

الله ڪارڻ اي ادا، منهنجو عرض سڻ عمر،

بيوس رکيئي بند ۾، ڪري ڪوپ قهر،

راجا ٿي رعيت سان، نه ڪجن ڏاڍايون ڏمر،

منهنجا ليلا لڀن ڪينڪي، ڇڏيم ڇيل منجهه ڇپر،

اچن مال اجهور تي، تن جون کَرڪيون ڏين خبر،

ڇانگون چارين ڇوڪرا، ڏيو ڀٽن جي ڀر،

مارو پهرن مال سين، هجن ڏوٿي ڏينهن ڏهر،

راڳ ڳايو رانديون ڪن، اهي راڳي روح وندر،

هت قابو آهيان ڪوٽن ۾، ملڪ ته منهنجو ٿر،

ٻه حق نه ڪنديس سومرا، هو حق منهنجو ور،

سڳيون ڀيڻون، جويون نه ٿين،  اها ٻڌين ڪيئن هلر؟

عدل ۽ انصاف ڪر، تون سمجهي سر بسر،

عمر اجائي ڪم کان، مون کي پناه ڏي پرور،

منهنجو ساهه سڪي سانگين لئي، ساري جان جگر،

موليٰ ڪر مهر، ته ٿيان آجي عمرڪوٽ کان.

2-

ٿيا آجي عمرڪوٽ کان، منهنجو باري رک ڀرم،

پنوهارين سان پاڻي ڀرڻ آيس، بي ڊپي، بي غم،

تو کنڀي کنيو کوهه تان، زوراور ظالم،

ڳري ويو ڳڻتيءَ ۾، هڏ، ماس ۽ چم،

جڙي جان جنجيرن سان، لوهُو ساڻ لحم،

اظهر اميد علي چئي، عدل ڪر عالم،

ڪڍ بندياڻي بند مان، رب ڌڻي راحم،

قادر ڪري ڪرم، ته وڃي سکي ٿيان ساڻيهه ۾.

3-

وڃي سکي ٿيان ساڻيهه ۾، سرتين ساڻ سڌير،

وڃي پيان پنهوارين سان، کلي کنڊون کير،

قيدڻ ڪٺي آهيان، منهنجو ملڪ ملير،

نڪري ڪوڙ قلب مان، رهي صاف سچ سير،

منهنجو ساهه سرير، اَڻهي ماندو مارن لئي.

4-

لوئي لڄائينديس ڪينڪي، آءٌ عمر اباڻي،

تون سردار سپهه سالار، آءٌ تان ڏڏ ڏوٿياڻي،

تون پائي سلوار کڻي تلوار، اسان گوڏ غريباڻي،

تون شفقت سان پِين شربت، اسان پلر پيون پاڻي،

تون بادشاهه بي پرواهه، آءٌ تان ناقص نماڻي،

نه ڪرين ڀَؤ، هلين ارڏو، آءٌ تان بند ۾ بندياڻي،

نِيرّ نُڪتا، وجهو پختا، ڪرين ڏِيڪر ڏهاڻي،

ڏئي بهتان، ٿين بي ڌيان، گهڻا گمان ڇو آڻي،

مون ڀيڻ، ڏين ٿو ويڻ، نڪما نيڻ، نه کڻ هاڻي،

ستيءَ ست، رک رب پت، مٿي حرمت حبيباڻي،

وڍي ويري، ڦر ڦيري، ڪرائي نه ميري مائٽاڻي،

اميد علي، حُبئون هلي، ڪئي مارويءَ موڪلائي،

ڀل ڪُلير! ڀاءُ، اوڏو نه آءُ، مٿئون وجهه پوتي پهرائي،

لاهي ڦند، کول بند، غيرت مند هميراڻي،

شل سرور ٿئي ساڻي، ته ملڪ وڃي هي مارئي.

 


*  هيءَ ڳالهه وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهر زادي کان ملي.

*  محمد اسماعيل گشڪوري بلوچ، ويٺل ڳوٺ ڇتو گشڪوري لڳ دنبالو نئون، تعلقو ماتلي کان مليل روايت.

*  هيءَ روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهر زادي کان ملي.

اميد علي پٽ ولي محمد ذات لغاري، پاڙو بلوچاڻي، ويٺل ڳوٺ جادو لغاري تعلقو ٽنڊوالهيار، ضلعو حيدرآباد. سنڌي ست درجا پڙهيل آهي. سندس ڪلام بيتن، دراون، ٽيهه اکرين، مولودن ۽ خطبن تي مشتمل آهي. سنه 1910ع / 1328 هه ۾ ڄائو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org