سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :36

 

تعلقي اُٻاوڙي جي شاعر شيخ جا بيت *

1-

ڇا ٿي منڌ نالو، ۽ ڇاهي تنهنجي ذات،

منهن موڙي مارئي چيس ته، ڪهڙي پڇين ٿو ذات؟

عمر! کڙي هيس کوهه تي، پرهه ڦٽي پرڀات،

تون چڙهئين شوق شڪار جي، توکي رڻ ۾ پيئي رات،

تنهنجا صاحب ڪم سولا ڪندو، توکي ڏاتر ڏيندو ڏات،

پوءِ ڇو ٿو پڇين ذات، ٻڌ حقيقت حال جي.

2-

ٻڌ حقيقت حال جي، ٿي ڊڄان تنهنجي ڊاء،

بابو پنهنجو بادشاهه، هي قضا ڪم ڪيا،

هوندين پٽ همير جو، تون سَڪو منهنجو ڀاءُ،

مارُن نپايو هو مهِي تي، مري ويئي هئي ماءُ،

هاڻي حڪم ڪين هلاءِ، وري خان ڦٽو ڪر کوهه تي.

3-

ڪيئن خان ڦٽو ڪرئي کوهه تي، اسان سومرا سڏايون،

نبيريون، نِڇيڙيون پاڻ ۾، ٿا حڪم هلايون،

اسان ڏي رنگ پچي راس ٿيا، هُت جڙن ٿيون جايون،

هلي ڏس منڌ محلات ۾، تون ٻالڪ ۽ ٻايون،

خاصيون ڏيندو سانءِ خذمت واريون، در مٿي دايون،

پوءِ ڇڏ وڃڻ جون وايون، تون سار نه سانگيئڙن کي.

4-

عمر! ڪيئن نه ساريان سانگيئڙن کي، مون کي ساجهر ٿي ته سنڀار،

هميشہ هڪ جيڏين جي، مون تي رهجي ويئي ته ميار،

نڪو ڪيم سڏ سرتين کي، نه ڪوٺي چڙهي ڪُوڪار،

ٻڪر ٻاٻاڻن جا، ليان بيٺي لار،

مون سانگياڻي جو، شيخ چئي، نيڻين وهايم نار،

وڪوڙي هان انهيءَ ويچار، تون ڀاءُ ڳِڌيُون وڃين ڀيڻ کي.

5-

عمر تون ڀاءُ، مان ڀيڻ، توکي هيءَ ٻولي ڪنهن ٻڌائي،

مري ته پاڻ کي مائٽ ڇڏي ويا، ڪري جيئري جدائي،

ڪانه ٻڌي سين ڪاٿهين، عمر اهڙي ٻي وائي،

پر ڪرمن جي ڪمائي، اچي پئي مان پيش پنهوار جي.

 


 

تعلقي صادق آباد (بهاولپور) جي شاعر نالي چڱي شر جا بيت *

1-

کڙي هئڙس کوهه تي جيڏين سان جيڪر،

سانگي بيٺيس سرتين جي، مٿئون اچي ويو هيڪر،

ڪِن وٺ وٺ ٻولي وات ۾، ڪِن جهلي ڪئي جهيڪر،

پوءِ ارڏي چاڙهيو اُٺ تي، مان کي ڀري ڀاوَ ڀاڪر،

ڪڙي کڻي قابو ڪيئون، واجهن سان ويتر،

نڪي وسئون ويجها هئا، پوءِ جهليئون باري بر،

وڃي لٿا عمر ڪوٽ ۾، اڳيئون کليو ڏين خبر،

چون چڙهه مارل ماڙيءَ تي، ڇڏ ڪکاوان گهر،

تنهنجا چؤنرا چڳن جا، مان جا بنگلا ڏيساور،

چئي: ساڙيان سڀ هيڪر، مان کي ڀونگا ڀلا پنهنجا.

2

چئي: ڇڏ پچر ڀونگن جي، هاڻي مارُڻ مٿي آءُ،

طعام تيار ٿيو تنهنجي لاءِ، کِلي کانو کاءُ،

عمر! کائينديس ڪين اهو، منهنجو کاڄ کير کُنڀا،

پائي پيندي هان پيٽ ۾ ڇڙو جهڻ جهنگا،

لاهي لوئي ڪر ڪپڙا، تون پٽ پهري پاءِ،

ڏيکارين لِيڙان لاک جون، منهنجا لاکي ويس وڳا،

پرڻي خاطر پيڪين، مان جا ڪيا هئا ماءُ ڪٺا،

هاڻي مهڻا ڏيندا منهنجي ماءُ کي، جنهن وڏو ويهاريو وياءُ،

نانوَ منجهان نالي چڱو چئي، وهلو وريو واء،

هاڻي ڪندي سڏ سچا، ڪانهي مارڻ ملير ۾.

3-

ڪانهي مارڻ ملير ۾، عمرڪوٽ آئي،

موڪل ڏي ته ملير وڃان، هي عمر ادائي،

چئي: ادا سڏ انهن کي، جيڪي پوئِنان ڇيهه ڇڏيائي،

ڪين مُڙندس مارئي! منهنجا اٿئي سِرن جا سودائي،

چئي: ساڙيان سر تنهنجي کي، تون قيامت توڙ ادائي،

ڪاٿي وسن سومرا، ڪاٿي وسي مارڻ تنهنجي ماءُ ئي،

ڪوڙ ڪَهين ڪميني، تون اتي لِڪ رکيائي،

ادا! مون ماءُ کؤن، جيڪا پيڪا ڀي وسندائي،

چئي: هن دِس تي سومرا، اُتي عمر تنهنجي ڀي ڀائي،

مُونجهي ٿيءُ نه مارئي، توکي ڏيندو عيد ادائي،

منهنجا همير سومري سان، حقي حق هيائي،

ماڻهو ڏيندئي مهڻا، چوندا ڀيڻ کڻي ويو ڀائي،

ميڙي وجهندئي منهن ۾، ڇڄ ڀري ڇائي،

ڪوڙ ڪمائينديس ڪينڪي، مان کي اٿئي سُرت سڀائي،

ڳالهيون منهنجي پيٽ ۾، ڏنيون ماءُ به سڀيئي،

منهنجا پيڪا اهيئي، پر هوندي مونجهِي ماءُ ملير ۾.

4-

مونجهي ماءُ ملير ۾، ٿي ڪاٿئون جدائي،

ڀيڻ ڏئي پئي پار، ٻڌي کڻي ڀائي،

پرڻي خاطر تنهنجي ڪيو هن سنبت سعيوئي،

تون چڙهيئين گهوڙن تي، هن رکي روجهن تي ريائي،

آيو ٽاهه روجهن کي، وڃي ملير مئا ئي،

بيوس ٿي پئي ڪامڻي، هيءَ مارُڻ اتي ڄائي،

دُڪي خاطر ڪري، هن ڌڻ به ڌاريوئي،

پهلو ڏنئون ڦوڳئي کي هن ڦر نه ڦيريائي،

ملير جي ماڻهن مڙي، ڏنو خاوند کيت ڪري ئي،

ادا عمر! حق ڳالهه اها ئي، ته ماڏَو ماءُ ٻنهي جي.

5-

ماڏو ماءُ ٻنهي جي، حقي ڳالهه حق،

توسان مدايون مون ڪيون، توکي لک لائق،

چوڏهين سن جي ٽولي کؤن، مونکي بچايئي بيشڪ،

موڪل ٿِي مارڻ، ويهين جان وڃين، توکي اهو جَسُ،

چئي: اڪيلي وينديس ڪا نه ڪا، پوندو مارن ۾ شڪ،

جان پُڄائين پيڪن ڏي، جان ڏي پيغامي کي پنڌ،

چڙهان منهن ماڏو جي، ڪهڙو وٺي نڪ،

خاطي خط لکي کڻي، ته مان ڏي اچي کيت خاوند،

پوءِ رُپي مٿي رند، کڻي اماڻيائين انهن ڏي.

6-

پڙهي پرواني کي چيئون، مڪو عمر وريام،

لکيو هئس لائق سان، ته وڃو پنهنجي وٺي اَمان،

اَکي لڳو هو لوڪن جي، ٿيو برو ڀي بئيمان،

ڪو کاهر ڏنهون کڻي اچي، ڏيندس ڏاج ڏاڻ،

نڪتو کيت خوشي مؤن، ٻڌي اُٺ سمان،

ڪاهي آيو عمر ڪوٽ تي ڪمهلو مهمان،

منگتو آن ڪنهن ملڪ جو، ڪهڙو وٺندين دان؟،

ٻيلي! مان ته وَرُ وينگس جو، انهيءَ مارڻ جو مهمان،

چئي: رات رهي پئو، راڻا، توکي ساجهر ڏيندس ساڻ،

نانءُ منجهان نالي چڱو چئي، پوءِ اوڍڻ ڏنس عام،

ڏينهن تتي جا ڏاڻ ڪيئين، اچي کيٽ گهِڙيو پاڻ،

اڳيان کاڏهوٽِي کِلي پئي، ڪئينس منجهه ماتام،

پنهنجو اڌ کاڌئين پيٽ ۾، ڏنئين وينگس کي بيان،

مهڻو ڏنو اٿس پيڪن جو، جيئڻ ناهه جهان،

ملهير جي وڃڻ کؤن، هاڻي آهي ڪُنبيرِيءَ ڪلام،

وٺي ڪپ ڪيئين هٿ ۾، کڻي پيٽ وهايئين پاڻ،

ڏجئين سِنگِينِ کي سلام، منهنجا ماڏو کي به ملير ۾.

7-

ماڏو! مرين ملير ۾، مون ويٺي وڌئي ڳل هار،

نه مون پاتو نه ڳل لاتو، مان کي ڪيئي مهڻي دار،

ماڻهو ڏين پيا مهڻا، ته وٺي ويئي سومرن جو سردار،

ڪين چيو هيئين مان کي ته ڀيڻ وٺي ويو ڀار،

نه مهاڏي جهڙو ماڻهو هئس، مان هئس نڪارو لاچار،

رقعو مڪائين روح کؤن، جڏهن هيڙو وار سُمار،

ڪاهي ويس عمر ڪوٽ تي اڳيئون هيو قربدار،

موٽائي مان کي ڏنئين، مان ٿيس باغن کان بهار،

مامَ ڏنم تنهنجي مارڻ کي، پوءِ مُيم انهيءَ وار،

تنهنجي ڪامڻ قربدار، جيڪا مهڻي ساڻ مري وئي.


*  هيءَ روايت اتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان محمد حسن مشتاق کان ملي، شاعر جي سوانح معلوم نه ٿي سگهي.

*  هيءَ روايت خود شاعر جي زباني تاريخ 5 – اپريل 65ع تي ڪچهري سنجرپور (صادق آباد) ۾ قلمبند ڪئي وئي. نالي چڱو پٽ ميهو ذات شر، پاڙو تاجاڻي، ويٺل ور واري، لڳ ڍنڍي اسٽيشن تعلقو صادق آباد. عمر 60 سال.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org