سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :6

 

19 – صدي ۾ رچرڊ برٽن جي قلمبند ڪيل ڳالهه*

هيءُ قصو ”پالڻي“ جي ڪهاڻيءَ سان شروع ٿئي ٿو، جيڪو هڪ روايت موجب مارئيءَ جي ماءُ ”مهراڏه“ کي، سندس مڙس ”ڦُلالاکي“ جي گهران ڀڄائي ويو هو. خدا جي امر سان مهراڏه ٺٺولين جو شڪار ٿي، پر هوءَ ڄاول يا زر خريد ٿيل ٻانهي نه هئي. هوءَ هڪ ماروءَ تي عاشق ٿي ۽ پالڻي سان ڀڄي وئي، پر قادر جي قدرت سان وڃي ٿر نڪتي. ان کان پوءِ جلد ئي حامله ٿي پئي، تنهنڪري هن جو نڪاح تيستائين پئجي ڪونه سگهيو، جيستائين مهراڏه هٿ پير لڌا. شاعر انهيءَ ڳالهه جو تفصيل سان بيان ڪري ٿو.

هڪ نجومي هيٺين اڳڪٿي ڪئي هئي ته ڇوڪريءَ کي سندس حياتيءَ ۾ عجيب و غريب واقعا پيش ايندا. ڇهين ڏينهن يعني ستينءَ رات ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ هن پيشگوئي ڪئي ته ”تنهنجي ڌيءُ جي قسمت اهڙي ٿيندي جو توهان جي در عمر لنگهي ايندو.“

ماءُ انهيءَ پيشگوئيءَ جو جواب ڏئي ٿي ته:”ڀلي اچي، کيس هيءَ ڦُل جي ڌيءُ ملندي، ساهڙ جي پوٽي، مهراڏ جي ڌيءُ، جا پالڻي جي سام آهي، جو ٿر ۾ رهي ٿو.“

ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪيئن اها ڇوڪري، جنهن جي قسمت جو فيصلو اڳئي ٿي چڪو هو، وڌي جوان ٿي، حسن ڪڍيائين ۽ ڪيترن جوانن کي مست ڪيائين. هن جي حسن جو پهريون شڪار ڦوڳ هو، جو پالڻيءَ جون رڍون چاريندو هو. جڏهن هن کي ڪا اميد نظر نه آئي، تڏهن مالڪ کي چيائين ته مون کان هاڻي نوڪري نٿي پڄي. پالڻيءَ جي مرضي نه هئي ته ڪو اهڙو ڪارائتو ٻيلي وٽانئس نڪري وڃي. هو سندس ناراضپي جو راز سمجهي ويو ۽ ڌيءُ جي سڱ ڏيڻ جو انجام ڪيائينس. ڦوڳ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجو ڪم وڏي چاهه سان ڪرڻ لڳو. شاعر چوي ٿو ته:

من ۾ متارو ٿيو، سيڻن جي سهاڳ

هٿ ڍيري، ٻانهن ويڙهي، ٿو ڪڦتي اُن اجهاڳ

چاري منجهان چاڳ، ٿو پَهُون پاڻ مهاڙيون.

ٿوري وقت کان پوءِ جڏهن ريڍار ڏٺو ته ڪا سِڌ ٿيڻ جي اميد خير ڪي آهي، تڏهن مالڪ کي وڃي دڙڪو ڏنائين ته: وڃي ٿو حاڪم کي دانهن ڏيان ته تو مون سان ڊوهه ڪيو آهي. دغاباز پالڻي چويس ٿو ته: ”عمر عادل بادشاهه ڏُور آهي، هو وڻج وهائن سان دست اندازي نه ڪندو. او ڦوڳ! تون پاڻ کي اجايو نقصان پهچائيندين.“

انهيءَ جواب تي ڦوڳ غصي ۾ ٿر کان عمرڪوٽ تائين ڊگهي مسافري ڪري وڃي بادشاه کي دانهن ڏئي ٿو ته:

پهچ تون پنهوارن کي، اي بادشاهه دوداڻي دس،

ورهه ڏيئي وڏاندرو، مون کي چار چکايائون چس

مون تان مارئيءَ بس، سير توکي سومرا!

عمر چيو ته: ”واهه، هيءَ ته وعدي شڪني جي عجيب سزا آهي.“ ڦوڳ کي حسن جي پرک جي ڄاڻ آهي يا نه، تنهنڪري سندس امتحان وٺڻ لاءِ هو کيس پنهنجي حرمسراءِ ۾ وٺي ويو. پر تنهن کان اڳ هن پنهنجي راڻين کي خوب هار سينگار ڪرائي ويهاريو. ريڍار جي جڏهن راڻين تي نظر پيئي، تڏهن عرض ڪيائين ته ”قبلا! وڏ گهراڻين ۾ هڪ به اهڙي نه آهي، جا ٿريچڻ جو مٽ ٿي سگهي“. آخر شاعراڻي انداز ۾ چئي ٿو ته: ”او عمر سومرا! تنهنجي ڀيڻ جي شڪل ڪجهه مارئيءَ جي شڪل سان ملي ٿي، پر اها به هن جي مٽ نه آهي. هن جو نيلوفر جهڙو نڪ، هن جو ڳل جيئن امبر تي سُهائو، هن جي مٿي جا ڪارا وار ۽ چيلهه جيڏا چوٽا، ڏسڻ سان تعلق رکن ٿا. او عمر سومرا مون تي ويساهه ڪر!“

آخر عمر، ريڍار جي راءِ سان متفق ٿي هلڻ لاءِ تيار ٿيو. شاعر هنن جي سفر جو بيان هن ريت ڪري ٿو: جڏهن سومرو، جبرو حاڪم روان ٿيو، تڏهن ڦوڳ پٺيان پيادو ۽ عمر اُٺ تي سوار. آخر ٻئي ڄڻا ماڳ تي پهتا ۽ سهڻي شهر ملير جا وڻ ڏٺائون.

پهرين پهرين سندن نظر ٻن ماين تي پئي، جي هڪ کوهه تي بيٺيون هيون، جن جو تعارف شاعراڻي ڍنگ ۾ هن طرح ڪرايو ويو آهيِ:

”جيئن ڪؤنرن ۾ ڪُنگو، تيئن مهراڏي سين مارئي“

اوپرن کي ڏسي، مارئي چوي ٿي:

اما! عمر آئيو، سومري جو سوار

قادر لهي قرار، پر سنڌي ڀانيان سومرو

عمر اُٺ بيهاريو ۽ ڳالهه ڇيڙڻ جي ارادي سان اُڃ جو بهانو ڪري، مهراڏي کي چيائين تهل اُڃ لڳي آهي، ٿورو پاڻي ڍڪ (کوهه مان) ڪڍي ڏي ته پيان! حسين مهراڏي سندس ويس وڳي جي پرواهه نه ڪري، هڪدم ڦهڪائي ڏنس ته: ”اي مسافر! توکي پاڻي کپي؟ سچ چؤ ته تون ڄاڃي آهين يا خود عمر!“ عمر جواب ڏنو ته: ”نڪي آءٌ ڄاڃي آهيان، نڪي عمر؛ پر اُڃايل ضرور آهيان.“ تنهن تي شاعر چوي ٿو:

تڏهين مارئي ماڳهين ڪڍيو، آب آڇيو، ڪَ کير،

انگڙيا ويڇو ڪري، لاهيو وجهي نِير،

منجهان حب همير، ٿو گهرون وجهي گهوٽيو.

 ڳچ مهل کان پوءِ عمر ٽپ ڏيئي اُٺ تان هيٺ لهي پيو ۽ البيليءَ کي ٻک وجهي، اُٺ تي چاڙهي عمرڪوٽ کڻي آيو. ويچاريءَ گهڻيون ئي دانهون ڪوڪون ڪيون، پر وريس ڪي به ڪين. مارئيءَ چڱو ٿي پاڻي پياريو! کاڌي پيتي کي هٿ ئي نه لائي ۽ نه سوال جواب ڪري. پر شاعر چوي ٿو ته: ”بک بڇڙي بلا آهي“. پيٽ جون علامتون دفع ٿيون ته عمر، حسينه جي خاموشي جو علاج ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. ڏينهن جو روز هن کي ٻيڙيون وجهي، زنجيرن سان جڪڙي ڇڏيندا هئا. جڏهن رات ٿيندي هئي ته هن کي عمر جي ڇپر کٽ تي نيندا هئا. ٻنهي جي وچ ۾ هڪ سوني ڪٽاري رکي هوندي هئي. هيءُ ماجرا جڏهن ڪجهه وقت هلي، تڏهن مارئيءَ چيو:”او سومرا! هي شاديءَ جي ناتي ڳنڍڻ جو رستو ناهي. تون جنهن سان محبت ڪرين ٿو، ان کي ٻڌين ٿو. هي محبت ڏيکارڻ جو عجيب طريقو آهي! افسوس، آءٌ ٿر ڏسڻ لاءِ مران ٿي. پنهوارن جا پاڪ پير، شال آءٌ ماروئڙا ڏسان!“

شاعر، مارئيءَ کي هيٺين لفظن ۾ آٿت ڏئي ٿو ته:

ماندي ٿي مَ مارئي، هنجون هڏ مَ هار،

ڏکن پٺيان سکڙا، سِگها ٿين سڪار،

ڀڃي زيرين ٻار، توتان بند بِدا ٿيو.

اهڙيءَ طرح مارئي پهرين بازي کَٽي، عمر قيديءَ کي آزاد ڪيو ۽ کيس محل جي ٻين زال سان رهڻ جي اجازت ڏني. موقعي ملڻ تي مارئي پنهنجي سئوٽ ماروءَ کي نياپو موڪليو ته اچي بند مان آزاد ڪر. مارو اُٺ تي چڙهي، راتو واهه عمر ڪوٽ ۾ آيو ۽ اچي هڪ پير جي خانقاهه ۾ لٿو. اُٺ، پير جي حوالي ڪري، محل جون ڀتيون ٽپي اچي انهيءَ ڪمري ۾ داخل ٿيو، جتي عمر ۽ مارئي ستل هئا. مارئي جاڳي. ماروءَ جي مرضي هئي ته عمر کي پورو ڪري ڇڏي، پر مارئيءَ کيس انهي ڳالهه کان باز آندو.  آخر صلاح مصلحت کان پوءِ فيصلو ٿيو ته سوني ڪٽاري ڪڍي ان جي جاءِ تي چانديءَ جي ڪٽاري رکجي. ان کان پوءِ مارو مجاور جو ويس ڪري وڃي خانقاهه ۾ آرامي ٿيو. صبح جو عمر، ڪٽاري ڏٺي. مارئيءَ کان پڇيائين ته هي ڇا آهي؟ مگر هن سموري حقيقت کان اڻ ڄاڻائي ڏيکاري.

پنجن ڇهن ڏينهن کان پوءِ مارئيءَ، خانقاهه تي زيارت لاءِ وڃڻ جي اجازت گهري، جو چيائين ته ڪا باس ڏيڻي اٿم. عمر کي ڏٽو ڏنائين ته؛ زيارت ڪري اچان ته پوءِ جيئن تنهنجي مرضي هوندي ائين ڪنديس. عمر خوش ٿي پنهنجي ڀيڻ ۽ هڪ ٻانهيءَ کي مارئيءَ سان گڏ موڪليو. ممڪن آهي ته هن کين مارئيءَ تي نظر رکڻ جي ارادي سان موڪليو هجي.

مارئيءَ مقبري تي زيارت ڪري، دعا گهري، پنهنجي سئوٽ ڏي اشارو ڪري ماين کان پڇيو ته: توهين هن منهنجي ڀاءُ فقير سان گهمڻ وينديون؟ عمر جي ڀيڻ چرچو ڪري چيو؛

مارو ڇڏي ملير ۾، ٻيو مون ڀاءُ هٿ ڪيو

اهڙي نواڙي تو، وڃ هلي ٻين سين.

مارئيءَ انهن لفظن مان سٺو سوڻ ڪڍيو. جلد ئي سهيلين کان جدا ٿيڻ جو موقعو مليس ۽ ماروءَ سان گڏ اُٺ تي چڙهي سڌو ملير جو رخ ڪيائين.

عمر کي اها خبر پئي، پر عزيزن ۽ دوستن جي چوڻ تي مارئيءَ سان شادي ڪرڻ جو خيال لاهي ڇڏيائين. پوءِ پاڻ ملير وڃي کيس چيائين ته اجھ کان وٺي تون منهنجي ڀيڻ لڳين. هن کي اهو فيصلو ٻڌائي، ملير مان موٽي آيو. پر سندس عشق جي آگ اڃا ڪانه اجهاڻي هئي ۽ وجڃي بستري داخل ٿيو. ڀيڻ بيماريءَ ۾ پڇڻ ايندي هيس، پر هن جو حال ويو هيڻو ٿيندو. آخر هڪ ڏينهن مارئي، عمر ڏي وڃڻ لاءِ تياري ڪري رهي هئي ته کيس ڪنهن اچي ڪويڙي خبر ٻڌائي ته عمر گذاري ويو. هن کي ان ڳالهه تي ايترو ته صدمو پهتو جو سندس روح خاڪي پڃري مان پرواز ڪري ويو. عمر کي جڏهن مارئيءَ جي مرڻ جي خبر پهتي ته هو به بنا هچڪيءَ جي حياتيءَ کي خيرباد چئي ويو.


*  رچرڊ برٽن جي ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ قومون“ (سنڌي ترجمو)، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ پريس، 1971ع تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org