سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب:دودو چنيسر -2

باب: -

صفحو : 17

 

اهو بيت ڪري عالادين چوڻ لڳو چنيسر کي ته: ڇو ٿو ذات لڪائين، ڪير ٿو چوي دايا! چڱا ٿا چون ته  ”اُٺ چوري پکي ۾ نه لڪي، چنڊ ڪـُـوناري هيٺ نه ڇپي“ ، جنهن مرد ۾ مڻ هوندي سو لکن ۾ پڌرو. ڪير ٿو چوي ته هي دايا آهن. اهي صحيح سومرا آهن، مئي مارائي کان سواءِ سڱ نه ڏيندا. سومرا طنبو ۾ گهرائي منهنجي هڙ سڃ ڪرايئي، رَبُ پڄندئي! آڻي پاراتن تي زور رکيئينس. چنيسر چيس ته: ڇـُـٽ جيءُ ڪـَـر، دايا ڏٺا اٿئي، سومرا ڏسندين ته ويٺي ساهه نڪري ويندئي. سڱ ڏيڻ آيا اٿئي، گهـُـر ته مليئي! عالادين ويچار ڪيو ته: چنيسر جي ڳالهه ڏي ڏسان ته اجهو ٿو گهوٽ ٿيان. ننگر تي نظر ٿي پويس ته اِئين ٿو نٽائي جيئن گنجو پاڪي کان لهرائي. چنيسر کي چيئين ته: سڱ وزير وڪيل ٺاهيندا آهن يا گهوٽ مـُـنهن سان گهرندا آهن؟ چنيسر دل ۾ ويچار ڪيو ته پاڻ لهرائي ويو. سو چوڻ لڳو: سائين! وزير وڪيل به ٺاهيندا آهن ۽ گهوٽ به مـُـنهن سان گهر ڪندا آهن. ٻئي ڳالهيون گڏي ڇڏيئين. عالادين چيو ته: آءٌ پنهنجو وزير ٿو گهرايان، جي انهن کي سڱ ڏيڻو هوندو ته منهنجي وزير کي ڏيندا. چنيسر چيو: چڱو، ڀلي تون پنهنجو وزير گهراءِ. انهي وزير جو نالو هو  ”ماڌن مـُـلڪ وزير“ . انهي سان صلاح ٻاهرئون ٿي آئي ته اچڻ شرط سڱ جي گهر ڪجئين.

ماڌن ملڪ وزير اهڙو هو، جو گهوڙي تي چڙهي غريبن کي جهنگ ۾ دڙڪا ڏيندو هو ته: ڪڪڙ يا ڇيلو ڏيو يا هلي پير جي ڀيٽَ ڏيو، جو هن پرئين ڳوٺ ۾ کاٽ لڳي ويو آهي. سو غريبن جا ڪڪڙ ڇيلا کائي گهيٽو بڻجي پيو هو. ماني ٻوڙ پلاءُ کائيندو هو. يادگيري ايندي هيس ته هٿ ڌوئيندو هو، نه ته پنهنجي ڪانچ جي بالي سان اُگهي ڇڏيندو هو. تنهن سان پنهنجي ڪچهري گڏ هوندي هئي. ڇو جو هن کي مکيون ڦـِـريون ويٺيون هونديون هيون. سو ڪچهريءَ ۾ ويهي سڱ جي گهر ڪري ننگر کان، جنهن سان ڪو مردن جو بحث مچي.

ويهي ڪچهري وچ ۾ ڪيو  ”ماڌن“  هي ڳالهاء
آءٌ ته عالادين جو آهـِـنيـَـر ٿي ايندوس
فوجون وڳهه ڪوٽ کي ويجهيون ڦيريندوس
سوا لک مان سومري نکيڙي نيندوس.

ماڌن مـُـلڪ وزير ڪچهري ۾ ويهي ننگر کي چوڻ لڳو ته: عالادين بادشاه کي شهزادي ٻاگهي پرڻائيندس. گهوٽ آهـِـنيـَـر وهاريندا آهن، سو آءٌ وهندس. سوا لک رپين جي لـُـنگي کڻندس ۽ لٽا ڳاڙها ڪندس. هي جائي فوج آهي، سا وڳهه ڪوٽ کي ڦيرائي وهاريندس. اها ڳالهه توکي منظور هجي ته مون کي ورندي ڏي! سو ننگر باشاه ڏٺو ته پرچاء نه ٿيو، جهيڙو لڳو، سو هڪل ڏيئي پٺاڻ کي بيت ڪرڻ لڳو:

چـِـڳدا پـُـٽ چوچڪ جا، اجايو نه ڳالهاءِ
چئي چنيسر جي لڳي اَوَلو نه ڳالهاءِ
آڏو عالادين جي ڪر نه ويڻ وڏاء
ولهيون نه ڀانئجان سومريون، اٿئي والي وڳهه جهل
خبر پوندي دودل راء کي، بـُـهه سان ڀرائيندئي کل.

اهو بيت ڪري ننگر دڙڪو ڏنو پٺاڻ کي ته: اُٿي، نه ته ويٺي ڏاڙهي پٽجي ويندئي. پٺاڻ هڪل سهي نه سگهيو، مڙس ڳري لت، ڀڀري جي ڀيڪڻ، سو ڀڙڪو کائي اٿيو. پير وِچڙي ويس، پنجن ڏهن جي مٿان ڊهي پيو. در کان سومرا ويٺل هئا، اُتئون ڪونه آيو. طنبو ڦاڙي ائين نڪري ويو جيئن چور ڪتو گهر ۾ ڦاسي ۽ ڀاڳيو ڏنڊو کڻي در تي اچي وهي، سڀ واهون وڃنس، پوءِ جنڊو ڦاڙي ائين پٺاڻ ڀڄي ويو. عالادين ڏٺو ته هو مڙس ڇانڊو هو، مون ۾ ڀڄڻ ڪونهي، سو فرياد ڪري چنيسر کي بيت ڪرڻ لڳو، شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

ڪـُـڙهو ڪنبي ويو ڪـُـستان جو، روئي رت ڦڙا
ٻاگهي سندي ٻانهن جي، اسان دلئون ڇڏي دعوا
اوهان پرچو پاڻ ۾ اوهان جو ڪري خير خدا
اوهين وڃو وڳهه ڏي، آءٌ وريو ديس وڃان.

عالادين ٻانهون ٻڌي، چنيسر کي چيو: پنهنجن سان پرچاءُ ڪر، حياتي هوندي ته ٻاگهي جهڙيون ٻانهون اسان کي ڳوٺ گهڻيون. چنيسر عالادين کي چيو ته: ماٺ ڪر بيوقوف! بنيل بازي، کٽيل سوڀ ٿو وڃائين. اهي تنهنجي نوڪر کي سڱ ڪونه ڏيندا، آءٌ پاڻهي ريجهائي توکي سڱ وٺي ٿو ڏيان. اها ڳالهه ڪري چنيسر پنهنجي پـُـٽ جي مـُـنهن تي لـُـنگي جو پاند ڏيئي، پٽ کي ڪـَـن ۾ سمجهائڻ لڳو، سو شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

لـُـنگي لاڙي سومري، ڪيو پٽ سان هي ڳالهاء
ابا! ناحق ننگر ڄائيين، تو ڄمي ڪيڙو ڇا!
ڏسي گولي بادشاهن کي، آهن ڪيڏا ويڻ ڪيا
هـُـن گهري آ هڪڙي، تون گهرينس سؤ سوا
نالو وٺي تو ننگر جو، ڪريانس تخت مٿي تالا
تنهنجي منهنجي ڳالهه جو حامي حضرت شاه.

چنيسر پنهنجي پٽ کي چوڻ لڳو ته: ڊنو ڇو آهين! هـُـن جي نوڪر هڪڙي سڱ جي گهر ڪئي آهي، تون خود عالادين کان سؤ سڱ جي گهر ڪر. تنهنجو نالو وٺي ته توکان اڳي تخت تي ليٽهڙا ڪرايانس. اها ڳالهه چنيسر پئي ڪئي، ننگر ڪنڌ پئي ڌوڻيو. اها ڳالهه ننگر سان ڪري، چنيسر وري عالادين بادشاهه کي چيو ته: سرڪار کي نـَـوَ لک مبارڪون هجن، ڪم ٿي ويو. عالادين چيس ته: ڀلا ڪر حقيقت، تو ڇا چيو؟ چنيسر چيو ته: مون چيومانس ته: ابا! عالادين بادشاه جبل آهي، جبل سان مٿو هڻبو مٿو ڦاٽي پوندو، جبل کي ڪجهه ڀي نه ٿيندو، تنهنڪري نياڻي آهي اَڪ کاڌي، پيٽ ۾ سور پويس مري وڃي، اُها مـُـئي کڻي سهسايو ۽ سڱ ڏيو. اها ڳالهه پئي ڪئي مانس ته ڪنڌ پئي ڌوڻيائين، سو ته تو به ڏٺو هوندو! عالادين چيس ته: برابر ڪنڌ ڌوڻيندي مون به ڏٺو. چنيسر چيو ته: هاڻي ڪنڌ ڌُوڻ مون ڪرائي اٿمانس، باقي مـُـنهان تون گهـُـرينس، سو عالادين ننگر کي بيت ڪري چوڻ لڳو:

اوهين پرچو پاڻ ۾، ٻاگهي ڏيوو مون
 اوهان جا سڀ سومرا پهرايان، ڏيئي دلي سوڌي ڀـُـون.

جڏهن اهي اکر عالادين ننگر سان ڳالهايا، تڏهن ننگر چوڻ لڳو ته: سائين! آءٌ ٿو سڱ ٺاهيان، توکي وڻن تو مون کي اکين تي آهن. عالادين ڏٺو ته واه واه! چنيسر سچو هو، هينئر ٺهڻ وارين ڳالهين ۾ آيو آهي. سو ٻه ٽي هٿ رڙهي ننگر ڏي لهوارو ٿيو. ننگر ڏٺو ته واه موليٰ! دشمن هاڻي پوري بـُـل ۾ آڻي ڏياريو اٿئي، سو ننگر ويهي عالادين سان سڱاوتي ٺاهي، شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي، پر ڀلي بيت ڀـُـڪائي:

ويهي ڪچهري وچ ۾ ڪيو ننگر نر ڳالهاء
ڀاڻيجي هجئي ڀائٽي، منهنجي مـُـنگر کي پرڻاء
جيڪا دلي ۾ اٿئي دادلي سا مونکي مرڪي موڙ ٻڌاءِ
تون سالو، دودو ڀيڻويو، اهڙا جوڙ جڳاءِ
مغل تڏهن ماندو ٿيندين، جڏهن کسي وينداسونءِ ماء
تنهنجون سڀ ٻانهياريون پرڻاءِ، ڪندس پورو هي به پنجاهه.

ننگر بادشاهه عالادين کي چيو ته: اهي سڱ مون ٺاهيا آهن، ۽ هي پنجاهه جوان مون سان نٿي آيو، هنن کي سڱن جا دلاسا ڏيئي وٺي آيو آهيان ته هلو ته پٺاڻيون پرڻايانوَ، اهي سڱ توکي وڻن ته مونکي اڳئي اکين تي آهن. عالادين ڏٺو ته منهنجي نوڪر ڪئي هئي هڪڙي سڱ جي گهـُـر، هن پنجاه سڱ جي گهر ڪئي آهي. اڃان به ڪا ڪسر هن جي رهي آهي جو مـَـڙهـِـي جوسڱ ٿو گهري،جيڪا آهي داراشڪوه جي واري جي، اکين کان جهانوري، ڏند ڏاٺ به اٿس ڪونه، پوڙهيءَ جو وات اهڙو آهي جهڙو اَرڙ بلا جو ڏرڙ، سا ڪهڙي شادي ڪنديّ! سو پنهنجي لشڪر جو بانور ڪري، ننگر تي بڇ ڪري، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

 چاهه رکيو چؤرنگ جو، بڇ ڪري بادشاهه
آهي ڪو اُٿي وٺي هن ننگر نينگر کي
تهتا رکوس تـَـڪ ڪري، واريوس وڳهه ڏي.

عالادين بادشاه دلي جو بادشاه هو، پنهنجي لشڪر کي چيائين: سڀ ڪم ڪوس ٿيا ويٺا آهيو، مونکي ڇوڪرو ويٺو گلم تي گاريون ڏي! سو لشڪر تيار ٿي لڙائي جو شور ڪري، شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي، پر ڪيئن ٿو بيت ڀـُـڪائي:

لک لڙيا لکنؤ جا، لک اُلٽيا اوهيرا
پـُـورب جا پلٽي پيا، جيوين واڪا ڪري واء
چؤطرفا چؤرنگ کي، سڀ ڦري ويا امراء.

عالادين جيڏي مهل لشڪر کي بڇ ڪئي ته اندر چؤرنگ ۾ هزار جوان ويٺل هو، انهين هزار کي طاقت نه ٿـَـئـِـي جو پنجاهه جوانن سان مقابلو ڪن. سڀ طنبو کان ٻاهر نڪري ويا. ٻين لـَـکن کي سـَـڏ ڪيائون ته: اچو ته هاڻي گڏجي وٺونِ، جو اسان جي حاجت ناهي، سويري ڀي اسان جون بـُـڪيون ڦيهي وڌيون اٿن. اتي منگر ڏسي ته لشڪر کي بڇ ٿي اسان تي، لشڪر نڪري ويو، ڏسان ته ڪهڙو جوڙجڪ ٺاهيائون. طنبوء جي قنات کڻي ڏسي ته لشڪر ائين ٿو طنبوءَ تي وسي، جيئن وڏ ڦڙيو مينهن وسندو آهي. سو منگر جو ايمان ذرا ڪجهه لـُـڏي ويو. چوندا آهن ته  ”مرد وٽ ايمان آهي مهمان“ ، وقت جي گهڙي رهي ٿو، وقت جي گهڙي نٿو رهي. رب کي سوال آهي  ”ماري ڀي ايمان سان، جياري ڀي ايمان سان“ ، سو منگر پنهنجي ننگر سؤٽ کي هوشيار ڪري، شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي، سو ڪيئن ٿو بيت ڀـُـڪائي:

منگر چيو هو ننگر کي، منهنجا ادل اوري اء
هي ڊوهي ماراياسون ڊوهه سان، آڻي هن هنڌا
جتي لک لڙندا بادشاهه جا، اتي پنجاهه ناهي جاءِ
ڀــڄ ته ڪا ڀيڻي لهون، متان ڀڄڻ نه ٿيوي جاءِ.

مـُـنگر سؤٽ کي چيو ته: پاڻ کي ڊوهه ڪري، پنهنجي لشڪر کان ڌار ڪري چنيسر ٿو مارائي. جتي لک ليٽي پيا آهن، اتي پنجاهه اَٽي ۾ لوڻ به پورو ناهي. هاڻي اهڙي تجويز ڪر جو هتان ڀڄي هلي پنهنجي لشڪر ۾ پئون. پوءِ پاڻ سان به لک گڏ آهن. هڪ جيترا ٿي منهن ڏينداسون. ننگر چيس ته: ڀڄڻ ڪـُـر مهڻو، متان ڀڄي ذات لڄائين! ڀڄڻ واري لولي مونکي ماءُ پينگهي ۾ نه ڏني. تنهنجي ليکي لشڪر آهي، منهنجي ليکي لـَـنبُ جو گاهه آهي، ڏاٽو کڻي هڪڙي مٿان کان بيهان، ڪـِـلاس وارو ٻـَـنو ٽپائي هـُـن پاسي ڇڏيانس:

متان منگر ماندو ٿئين، مون سان حامي حضرت شاهه
ڏيوڻ ڪنڌ ڪنڌار کي، مونکي لولي نه ڏني ماءُ
تو ليکي لشڪر آهي، مون ليکي لنب جو گاهه
چارا چؤرنگ ۾ ڪيان، جهنور هڻان جام
لاهيان لاڳ لکن جو، وڙهان ڇلين ساڻ ڇڳير
اڃا ڀي وچئون ولهين جو واهرو، منهنجو بابل بيٺو اء
هوندا وير ورهين جا ته به ڇڏي نه هن هنڌان.

ننگر چيو ته: متان ڊنو آهين! اڃان بابو به بيٺو آهي، وير ويرن سان اُڳڙندا، هيءَ مهل پنهنجي ڇڏڻ جي ناهي. اِتي منگر کي به ايمان اچي ويو، ننگر کي چيائين ته: گهوري گهوري، لک خرچ ڪنداسون ته عالادين اهڙو بـُـل پاڻ کي نه ڏيندو. رک عالادين تي هٿ، ماري مٽ ڪري وجهينس، پوءِ پاڻ مري پياسون ته سونَ ٿياسون. پهلوان کي اهو اشارو ٿيو. ڇڪي ترار مياڻ مان ڪڍيائين، ترار جو جـَـنهوردار چمڪو ڪيو ته عالادين پنهنجي حياتي تان هٿ کنيو ته هاڻي مري ويس! چنيسر دل ۾ خيال ڪيو ته عالادين کي ماري وجهندا ته لشڪر هڙ ڀڄي ويندو، سو ڀڙڪو ڏيئي ننگر جي اُره ۾ اچي لڳو. ننگر اُلاريل ڌڪ رَنڊي پيءُ جي منهن ۾ ڏسڻ لڳو. ورائي ٻـِـي وار ڪيائين. چنيسر ٻـِـي وار ڀي پـُـٽ کي اُرهه ۾ اچي لڳو. اتي منگر چوڻ لڳو سؤٽ کي ته: وڏو دشمن اهو آهي جو ويريءَ کي بچايو بيٺو آهي، هڻ انهيءَ کي ڌڪ. ننگر چيو: تنهنجي ڳالهه سچي آهي، پر مائٽ اولاد جي هٿان مري پيو ته انهي جي قيام ۾ به شفا نه ٿيندي. ننگر جا اهي اکر ٻـُـڌي، مـُـنگر چاچي سان پـُـڄي نه سگهيو ۽ اکين مان مينهن جيئن لـُـڙڪ هارڻ لڳو. مـُـنگر جا لـُـڙڪ ڏسي چنيسر کي هـِـيلو آيو. چون ٿا ته  ”رت کان سواءِ رُمي نه لڳي“ .  ”رت دانگي تي سـُـري پوي“ ، سو چنيسر کي خار لڳو ته منهنجا هيڻا ٿي ٿا روئن، سو  ’علي علي‘  ڪري وڃي هٿيار کنيائين ۽ عالادين تي چوٽ ڪيائين، سو شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي، سو ڪيئن بيت ڀـُـڪائي:

مـُـنگر ڳوڙها ڳاڙيا، ڏٺا چنيسر راء
ڪاڪل ڪوٺيو پنهنجا، بيٺو ڪـُـهائي ڪـَـها
آنڊن ڏنس اُڌمان، سڙيو وڃيس ساه
هـَـول ڪنگول ٿو وجهي، پايو زره سندا چولا
ٻڌي ڪٽاريون ڪاتيون، ٻڌي سونهري سروپا
کنيائين ڊگهو ڀالو هٿ ۾، سانگ سمي کي آءِ
جنهن جي دونالي ڌڌڪا ڪري، بـَـغـل بندوق ڀي آ
سوني سيڱ ڪمانگري، بـَـٿـِـي ڪانن هٿ وچا
اچي بگڙيو ديوُ وڳهه جو، جهليو اچي نا جاء
ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، چڙيو چنيسر راء
جنهن جي موزن جي مهميز جا پيا گلمن ۾ گوگياء
اچي هنيائين لت منجي کي، وڃي باهڙيو بادشاه
آيا لک لڙي ويا، ڊڄي خوف چنيسر راء
مـُـنگر ڪيائين ڪوڙي ۾، ننگر ڀاڪر پاء
وٺي آيو پانهنجا، اچي ويڙهيائين ويرا واه
ننگر! هي طنبو آهن اوهان جا، هو اٿوَ جنگ جي جاء.

چنيسر کي خار لڳو ته منهنجا هـِـيڻا ٿيا آهن تڏهن ٿا روئن. سو خار منجهان هٿيار کڻي، پنهنجن جي دل راضي ڪرڻ لاءِ،  ’علي علي‘  ڪري عالادين کي چوٽ ڪيائين. شاعر ڏيکاريو آهي ته چنيسر، جيڏي مهل عالادين تي چوٽ ڪئي، تيڏي مهل چنيسر جي موزن جا ڪڙڪا گلم تي اهڙا ٿيا جيئن نغاري جي چوٽ ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. عالادين تخت تي ويٺو هو. چنيسر ٺڪاء ٿـُـڏو ڪرايس ته عالادين هيٺان، تخت مٿان. جيئن هيڙهن تي ڍَٻ ڊهي پوندو آهي. عالادين ڏٺو ته اندر جيڪو سندس حاضري جو ماڻهو بيٺو هو، تنهن ٻاهرين کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ وٺي پوڪاريو ته:  ’عالادين في امان‘ ! پاڻ چئون ته  ’مري ويو‘ ، پٺاڻ چون  ’في امان‘ . ٻاهرين اها دانهن ٻـُـڌي ته عالادين سومرن ماري ڇڏيو، سو هڪ ٻئي کي چيائون ته: ڀڄو، متان ڪو ٻيو مري! عالادين جو لشڪر اڌ تي هو صوفي، اڌ تي هو موالي. صوفي سجاڳ ويٺا هئا، سي ڀڙڪو کائي اُٿيا، سـُـبتا سنج وجهي اڳياڙيون پڇاڙيون ڇوڙي، سوار ٿي گهوڙا ڀڄائڻ لڳا. موالي ويچارا پنهنجي نشي جي بهاري ڪيو ويٺا هئا، تن جو اوچتو لشڪر ۾ ڀاڄڙ ڏٺي، تن چيو ته: يارو! خير ڪونهي، ڀڄڻ گهرجي! نشي جي تئو ۾ اُٿي پيا، اُبتا سنج وڌائون، اڳياڙيون ڇوڙيائون پڇاڙيون ڪڍيائون ئي ڪونه، گهوڙن تي کڻي لانگون ورايائون. اچي گهوڙن کي ڏنڊن جون ڄـَـروُن وڌائون. گهوڙا سر ميدان ڊوڙيا. پڇاڙي وارا ڪـِـيرا پڇاڙين ۾ ٻڌا پيا هئا، سي گهوڙن پٽائي وڌا هئا. گهوڙو سرچوٽ ڀڄي ته پڇاڙي وارو ڪـِـيرو مٿي گهمي  ڦـِـري ٺڪاء ٿئي موالي جي ڍُونگي ۽ ڪرنگهي ۾. موالي هڪل ڪن ته  ’گٿو آهين!‘  هنن جي ليکي اِهي سومرا ڪانَ ٿا هڻن. هڪڙو ڪونه بيٺو، ائين ڊَڊا ڊِيه ٿي ويئي. چنيسر پنهنجي ڀائٽي ۽ پـُـٽ کي وٺي پنهنجي طنبن ۾ آڻي بيهاريو. پٽ کي چيائين ته: ابا ننگر! مون کان اها پڳي اٿئي. ننگر چيو ته: بابا! تو چڱي ڪانه ڪئي، ڇو جو اسان عالادين کي ماري وجهون ها. عالادين جو لشڪر اهڙو وڙهي ها، جهڙو سويري ٻڌل گهوڙي تي پئي چڙهيا. چنيسر چيو: برابر، عالادين کي ماري وجهو ها، لشڪر ڀڄي وڃي ها، پر اوهان جو انصاف ڳائجي نه ها. هاڻي اِهو لشڪر ماري کـُـڻين کـُـٽائي، وڃي عالادين کي ماريو، پوءِ اوهان جي ڳالهه اڄ کان وٺي آخر تائين پئي هلندي.

اها ڳالهه ڪري چنيسر عالادين جي طنبو تي آيو ۽ اچي سلام ڪيائين. عالادين سلام نه ورتو، مـُـنهن ڦيرائي ٻئي پاسي ڪيائين. چنيسر پڇيس ته: ڇو نٿو سلام وٺين؟ عالادين چيو ته: سلام ڏبو وٺبو آهي سڄڻ کي. دانهن تنهنجي تي آياسون، وري ڇوڪرا گهرائي مون کي گلم تي گاريون ڏياريئي. جڏهن مون انهن کي مارايو ٿي تڏهن پنهنجا مـِـٺا ڪري مون کي لت هڻي ڪيرائي وڌئي، جو اڃان تائين ڍُڳـَـن ۾ ۽ دُڏَن ۾ سور اٿم، پاسا جهـُـري پيا اٿم، هرين هرين سان ويٺو کڻان. سو ڪهڙو سلام وٺان! چنيسر چيس ته: منهنجو ٿورو ڪروڙن کان وڌيڪ اٿئي. توکي اُڦٽ ماري وجهن ها، تنهنجو لشڪر اهڙو وڙهي ها جهڙو سويري ٻڌن گهوڙن تي پئي چڙهيا. مڙس هجين ته مون کي تخت انعام ڏين. عالادين چيو: برابر سچو آهين، چوڏهن سالن ۾ اڄ سچ ڳالهايو اٿئي. چنيسر چيو: هاڻي ڪڍي رڻ ميدان ۾ ڏنا اٿمئين، جنهن کان وڻيئي تنهن کان مارائينِ. عالادين واعدو ڪيو ته: اُميد آهي ته شڪارين کان مارائيندوسانِ. چنيسر چيو: جيڪا سرڪار جي مرضي. عالادين حڪم ڏنو ته: شڪارين جا جيڪي چڱا مڙس هجن، اُهي مون وٽ وٺي حاضر ڪريو.

شڪارين جا ڀي چار چڱا مڙس هئا، جن جا نالا هي آهن: هڪڙي جو نالو اَڇـُـو، ٻيو بـَـگـُـو، ٽيو ٽـِـنڊوُ، چوٿون چـِـدوُ. عالادين بادشاه جا لاٺڙي دار نوڪر اُٿيا، شڪارين کي اچي سڏيائون ته: هلو عالادين بادشاه گهرايا آهيو! شڪارين کي اڳيئي خبر پئي ته ننگر سومرو آيو هو عالادين وٽ، جو عالادين کي ٿي ڪـُـٺائين. سو پاڻ ۾ مـُـلـِـهـِـن ٺاهي گڏجي آيا ته متان ڪو لڙائي قبول ڪري. عالادين جي طنبو تي آيا. نوڪرن بادشاه کي ڄاڻ ڪيو ته: چار ڄڻا شڪاري حاضر آهن، بادشاهي حڪم ٿئي ته اندر اچن! عالادين چيو ته: انهن مان هڪڙو اندر اچي. شڪارين پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ڪهڙو اندر وڃي؟ چيائون ته اندر وڃي  ’مامو اَڇـُـو‘ ، ڇو جو مڙس ڳالهه جو آهي اَڇو. اَڇـُـو کي روانو ڪيائون اندر، اچي عالادين کي سلام ڪيائين. عالادين چيس: چڙهي وڃي جنگ تي! اَڇـُـو هٿ ٻڌي عالادين کي بيت ڪرڻ لڳو:

 ”سڻ عالادين بادشاه! هجئي لڱن ۾ سور“
سٽي ڪڍونئي سـِـڱين سان، هڻي ڄـَـرُن پهريان تور
سڻج اسان جي ڳالهه جو پهريون اهو مذڪور.

اَڇو چوڻ لڳو ته: سائين! لڙائي نه ڪئي سون نه ڏٺي سون، باقي اسان جو ڪار آهي رت ڪڍڻ، سير ڇوڙڻ، سـِـڱي هڻڻ، سور جي ڪو مرض ٿيو هجئي وائي، بادي، هڏ ڦوڙ، گـَـنٺيو، ڳوه مرض ته تکا تـُـور ڄرن جا چنبڙايونئي. ٻيو ته سـِـير آهي پـِـير. سنڌ سنڌ مان سير ڇوڙيئين، رت ڪڍي وڃئين، پوءِ چاليهه ڏيهاڙا پاسو ۽ پڙڇ. بچين ته هرڻ جهپيندين، مري وئين ته مون تي ناهي. عالادين دل ۾ خيال ڪيو ته سڀڪنهن شيء جو ٿيندو آهي سـَـوَڻ، هن پهريون سـَـوڻ کاري جڏو ڪري وڌو. آءٌ ٿو چوانس ته چڙهه جنگ تي، هي رهندو مونکي ٿو سيرون ڇوڙي ۽ رت ڪڍي. اَڇـُـو کي ڪڍو ٻاهر، ٻيو ڪو آڻيو. هاڻي عالادين جو حڪم ٿيو بـَـگـُـو کي ته: چڙهه جنگ تي! سو بگو پنهنجو بيت بيان ڪري:

هجي شوق شڪار جو، توکي عالادين بادشاه
مل مهاڙيون سي ٻڌون، ٺاهيون کاشائي کـُـڏڻا
نه ته سور ڏينداسونءِ سامهڻون ڪڍندئي اُڇل سان آنڊا.

بگـُـو هٿ ٻڌي عرض ڪرڻ لڳو ته: سائين! اسان جو ڪم آهي شڪار ڪرڻ. جي سائينجن جو شوق هجي ته کـُـڏڻو ٺاهڻ، مـُـهاڙي ٻڌڻ، پنجوڙ اڏڻ اسان جو ڪم آهي. توکي کـُـڏڻي تي ويهاري، جهنگ مان سور تڙي آڻي سامهون بيهارينداءِ، پوءِ الله ڏنئي سوڀ ۽ هڻي ڌڪ مرون ماريئي ته وهواه تنهنجي آهي، نه ته مرون بدنام شيءِ آهي، آنڊا سرڪار جا کـُـڏڻي کان ٻاهر پيا هوندا. عالادين چيو: ٻيو سـَـوَڻ به جڏو ٿيو. بگـُـو کي ڪڍيائون ٻاهر، وري ٽـِـنڊوُ کي گهرايائون. حڪم ٿيس بادشاهي ته: چڙهه جنگ تي! سو ٽـِـنڊوُ پنهنجي حال جي خبر ٻڌائي، شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

ڪـُـنڍِي سان قرب اسان جو، ٻيا ٻڌون ٻهارا
ڪـَـڙيون ٻڌئون بنگلن جون، ڇڄ ٺاهيون کارا
نه ته رکنداسون وڃي سنڌ ۾ ٻنيون ۽ ٻارا.

ٽـِـنڊو چوڻ لڳو ته: سائين! ڇڄ کاري جو کـَـپ هجيوَ ته کارِي تي کارِي پئي ٺڪاء ڪندي، ڇڄ تي ڇڄ واڪو پيو ڪندي. اسان جو حال اهو اٿئي جو تنهنجي اڳيان حاضر آهي. باقي لڙائي کي سائينجن پاڻ منهن ڏيندا. ويهاريندين ته ويٺا هونداسون نه ته سنڌ ۾ گهڻئي گذر لڳو پيو آهي، وڃي ٻنيون ٻارا ڪنداسين. ٽنڊوُ کي ٻاهر ڪڍيائون ۽ چـِـڌوُ کي گهرايائون. چڌو مڙس ڏِنگاڇو ۽ کـَـهـرُو. اُن سبب هڪڙو گوڏو ٻڌئونس، ٻيو جيئن اُٺ کي تاڙ هڻبو آهي، تيئن تاڙ هڻي عالادين جي روبرا آڻي بيهاريائونس. عالادين پڇيو ته: گوڏو ٻڌي، تاڙ هڻي آيا آهيوس؟ چيائون ته: سائين! گهڻا ماڻهو ٿو ڏسي ته مغز خراب ٿيو وڃيس، ڇيڏڪ پيدا ٿو ٿئيس، متان ڪنهن کي پـُـستي هڻي يا ڏاڙهي وجهي. عالادين حڪم ڪيس ته: چڙهه جنگ تي! سو چڌو پنهنجي درد جي دانهن ڪري، عالادين کي سچ ٻڌائڻ لڳو، سو شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي، پر ڪيئن بيت ڀـُـڪائي:

وڙهندا يار ننگر سان جن کاڌا ٻوڙ پـُـلاء
جيڪي ٻڌن ڪٽاريون ڪاتيون، ٻڌن سونهري سروپا
اسان روٽي کائون رُکڙي، ڏيو اَٽي پاء سوا.

چـِـڌوُ هڪل ڪئي ته عالادين بادشاه کي ته: سرڪار! بتال ته ڪونه ٿيا آهيو! اڄ انهن جو وقت آهي جن مانيون ٻوڙ پلاهه کائي، سونهريون روپهريون ٻڌي، گهوڙن تي چڙهي، غريبن کي جهنگ ۾ پئي دڙڪا ڏنائون، اسان مارو ماڻهو غريب، پاء اٽي جو مليو ٿي ته روز ٿي جـُـڙيوسون، نه ته سدائين چـَـپ ٽـُـورا. اهو سوال ڏيئي چارئي شڪاري جان ڇڏائي، پنهنجي ڳوٺ ڏي وارو ٿيا. عالادين چنيسر کي چيو ته: ڏٺئي، ڪيئن چارئي جان ڇڏائي ويا! چنيسر چيو ته چـُـڪ آهي تنهنجي، ڇا وس آهي رعيت جو، جو راجا کي آڏو جواب ڪري! عالادين چيو: اهو ڀلا ڪيئن؟ چنيسر چيس ته: هڪڙي شڪاري کي گهـُـرائي، اُن کي زوري وهنجاري، پـَـٽ ريشم جا وڳا پارائي، هاٿي تي پالڪي وجهي، انهيءَ ۾ وهاريوس. شراب جي بوتل پياري، ٻي بوتل هٿ ۾ ڏيوس ۽ ڏهه لک پٺيان لايوس. پاڻهي رت ڦٽي ويندس ۽ ڳنڍجي ويندو. اها ڳالهه چنيسر جي ٻڌي عالادين حڪم ڏنو ته: ٻين کي ڇڏي، چـِـدوُ کي وٺي اچو. شڪاري جو ويچارا ڳوٺ پئي ويا، سو پاڻ ۾ صلاحون ڪندا ۽ پـِـيراڻيون باسيندا پئي آيا ته:  ”ڪڻيانس شاه مـُـڙس بچايا آهيون، لاڪاس هلو ته ڪا مٺائي ورهائي منتا ڏيون“ . ايتري ۾ پٺيان عالادين جي نوڪر هڪل ڪئي ته: وَرو پوئتي! اَڇو ڳالهايو: يار! ڀڄو خير ناهي. اها پٺيان کـُـڙي ڇـِـڪ الاجي ڪهڙي ٿي؟ اچي چارئي ڀڄڻ لڳا. ٻين کي ڇڏي ڏنائون، چـِـدوُ کي پٺيان لڳي پيا. ڊوڙندي مڙس کي ڦـِـنجهه ۾ هٿ وجهي وٺي سـَـٽ ڏنائون ته مڙس ڍُونگي ڀر اچي ڪريو. ڇڪي ٽنگون ٻانهو کڻي ٻڌائونس، پوءِ اِيهين ٿي پيو جهڙو پاڻي جو ساندارو. ٽنگن ۽ ٻانهن جي وچ ۾ هڪڙو وڏو لڙهو ڪاٺ کڻي ڏنائونس. ائين کڻي آيس جيئن ڪارو مرون اَلهڙ تي کڻي ايندا آهن. عالادين کي چيائون ته: وڃي وهنجاريوس. پوءِ ٽي ديڳيون گرم پاڻي جون ڀري چاڙهيائون. شڪاري کي يارهن ٻار ڄايا هئا ته پير پاڻي ۾ ڪونه وڌو هئائين، پر ڪڏهن اوچتو مـِـينهن به ڪونه ڀـِـڄايو هو: تنهن تي مڻ مٽيءَ جا ڀي ڪي ڇـَـهه چڙهيا پيا هئا. جيئن اُٺ پاه ڪبو آهي، تيئن شڪاري کي گرم پاڻي سان پاه ڪري، ٺڪريون ۽ ڇوڏا هٿن ۾ کڻي، انهن سان رهڙي گر لاٿائونس. جيڪا پاڻي ۾ لـُـڙهي وئي سا ليکي ۾ ناهي، باقي جيڪا هٿ آئي اُها توريائون ته سوا اڍائي مڻ ٿي. اهو ٿيو پهريون تـَـڙُ، تنهن کان پوءِ ٻيو بادشاهي تڙ ٿيو، جنهن ۾ مـُـشڪ، کٿوري ۽ عنبر جا ليپا ڏنائونس. سوا لک رپين جا موزا پير ۾ وڌائونس. بادشاهي ڪـَـلنگ ڪاپار ۾ پارايائونس. هاٿي تي هنڀاري وجهي، اُن ۾ وهاريائونس. شراب جي هڪڙي بوتل پياري، ٻـِـي هٿ ۾ ڏنائونس. ڏهه لک ڏڦيرن جا، اُهي پٺيان بيهاريائونس. پيلوان ٻولي ڪئي، هاٿي ڀڙڪو کائي اُٿيو. شڪاري ڏسي ته سبحان الله! سڀني کان مٿي ويٺو آهيان، آهيان ڪجهه آءٌ، ٻيا هـُـران ڀـَـران لڏي آيا. سو نشي جي مجاز ۾ عالادين بادشاه کي شڪاري بيت ڪرڻ لڳو:

ڏولي ڏنائون ڏڦير کي، ٿي ڪٽڪ منجهه ڪڏي
سو بادل جيئن برسي چڙهيو، ڪري آگم ميگهه ملهار
جيئن کنوڻ تجلا اُڀ ۾، تيئن جامڪين جنسار
چئي: آءٌ ته چڙهندس وڳهه ڪوٽ تي، جتي دودو ديمين سان.

چـِـدُو شڪاري عالادين کي عرض ڪيو ته: سائين! هن ڳالهه ۾ اسان جو نڪو اچي نڪو وڃي، پر تو جي ايترو قرب ڪيو آهي پوءِ اسان ڀي ڪاري چـمڙي، شل نه بگـڙُون، جي بگڙون ته ٽـِـنڊي ماڪوڙي وانگي رتو رت ٿيون يا پنهنجي مـُـنڍي پٽايون، يا ٻئي جي پٽيون، تنهنڪري مونکي موڪل ملي ته وڳهه ڪوٽ تي چڙهائي ڪريان ۽ دودو ماري فتح ڪري ڏيانءِ، ننگر آهي ڇوڪرو، منهنجي سـَـٽ نه سهندو. عالادين هڪل ڪيس: هلا اٿئي پيٽي! هڪڙو ننگر ماريئي ته ڄڻ ڏهه دودا ماريئي. چڙهي وڃ جنگ تي، وڃي ننگر سان لڙائي ڏي! اتي شڪارين پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته لڙائي نه ڪئي سون، نه ڏٺي سون ٿيندي اَلائي ڪيئن! چـِـدوُ چيو ته: پاڻ کي ڦاسايو آهي چنيسر، هلي ٿا صلاح وٺونس. سو چارئي ڄڻا گڏجي آيا چنيسر وٽ ته اسان کي سمجهاءِ ته لڙائي ڪيئن ٿيندي؟ چنيسر چيو ته: لڙائي جهڙو سولو ڪم دنيا ۾ ٻيو ڪونهي. ويندي جي ويرم ۽ تڙي کڙي جي صفائي. چنيسر پڇيو ته: ڪي پـَـٽا ۽ پنجوڙ اَٿـَـوَ؟ چـِـدوُ چيو ته: هزارون پيا آهن. چنيسر چيو: پٽا ۽ پنجوڙ کڻي، ننگر جي لشڪر کان هيٺيئن واءُ وڃي منڊيو. چاليهه پنجاه مڙس جيڪي واٺا هجن اُهي ڪـَـنَ تي وهاريو ۽ ٻيا ڏه لک وٺي مٿئين واءُ وڃي هـُـل هنگاما ڪريو ۽ تاڙيون وڄايو. ننگر جو لشڪر سمجهندو ته وڏو ڪو غنيم چڙهي پيو آهي، سي ٽاهه کائي ڀاڄ ڪندا ۽ اچي پٽن ۽ پنجوڙن ۾ لڳندا، ائين ڦاسائي، جيئرا ٻڌي ڏيو عالادين کي، اوهين خچرون خزاني جون وٺي دلي ۾ وڃي ٻوڙ پلاه کي پيلڪون چاڙهيو. ٻيا سڀ ويساه ڪري ويا، باقي اِڇو چيو: ڙي مـَـرو ٿا، جنهن عالادين کي ڪـُـٺو، سو تاڙين جي ڀڄائڻ جو آهي! پنهنجو مـُـلهه نامو ٺاهيو، نه ته هڙ ئي ٿا مرو. اها صلاح ڪري عالادين کان جنگ جو سامان گهرڻ لڳا. سو عالادين جنگ جو سامان ڏي، شڪاري رڻ ميدان جي هلڻ لئي، باقي پويون پهر سج جو هـُـجي جو تياري ڪرڻ لڳو، سو شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي، پر ڪيئن بيت ڀـُـڪائي:

سانجهي جو لڏي هليا، شڪاريءَ جا سامان
جنهن کي ٻارهن سؤ ٻـَـگـِـي ملي، ٻيا گاڏين جا گهمسان
سو بادل جيئن برسي چڙ هيو، ڪري آگم مينگهه ملار
جين کنوڻ تجلا اُڀ ۾، ڇنڊي جامڪي جنسار
اچي لٿو رِڻ منهن تي، بيٺو روپاه ڪري الغار.

چـِـڌوُ شڪاري رڻ ميدان ۾ ڏهه لک فوج وٺي آڻي لٿو. ننگر جا يار نالي مـُـنگر پٽ دودي جو، سـَـوائـِـي سمون، ڇـُـٽو، جاڙيجو، ڀٽي، رڻ ميدان جو سير ڪندي گهمندي آيا. شڪاري جي لشڪر تي هنن جي نظر پئجي ويئي. هنن کي اڳئي شراب جا نشا هئا. لشڪر ڏسي يڪدم ننگر سومري وٽ پهچي ويا. سو ننگر کي ٻانهون ٻڌي عرض ڪري، هي بيت ڪرڻ لڳا، سو شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي، پر ڀلي بيت ٻڌائي.

آيا يار ننگر جا، ٿا عالم تو چون
نر نشي نوازيا  ’علي  ’علي‘  ڪن
تون جوٽ جنگيون منهنجا پرين، اهڙيون مهلون ڪير لهن
ڀلي بادل برسن رُڪ جا، اڄ جنگيون جوڀن ڪن.

ننگر کي يار چوڻ لڳا: اهي اسان جا رڻ ميدان جا سـِـر جا سوداگر اچي لٿا آهن. اسان کي موڪل ملي ته نشي جي بهاري ۾ انهن جي تيرن جي مهماني ڪريون. هتان نـَـوَ لک ڌڪ ڇـُـٽي وڃي، اهو لشڪر گم، سڀاڻي وري ليکو نئين سئين. اتي ننگر يارن پنهنجن کي هي بيت ڪرڻ لڳو:

خلقيا آهن خدا جا، اُمتي مصطفيٰ
نـِـيمڪ سندي ننگ تي اچو صدقو ڪيو اٿن ساه
سڀاڻي سوڀون وس ستار جي، جني ڏياري الله.

ننگر چيو ته: چوري وڙهندا آهن چور، اهي ويچارا مسڪين پاءُ اٽي جو کائي اچي نيمڪ تي سـِـر ڏنو اٿن. پاڻ جهڙا ماڻهو آهن ۽ الله خلقيا آهن. جڏهن پاڻ سان وڙهندا ته وڙهنداسونِ نه ته سدائين سام ٿيا ويٺا هجن، پنهنجا رڻ ڀائي مهمان آهن. متان ڪو چوري وڙهي. ڀلي ته رات جا پهر سڀ ڪنهن کي خير مان گذري وڃن، سڀاڻي رڻ ميدان ۾ جيترو گهوڙو مرد ڊوڙائيندو اوتري سوڀيا ڳائبي. اها ڳالهه ڪري ويهي رهيا. مٿان رات پئجي وئي.

باک ڦٽي، ڏينهن وارو تارو اُڀري مٿي ٿيو. شڪاري ڏسي ته ڏينهن ٿو ٿئي، پر سومرا ماٺ ڪيو ويٺا آهن. ڇو نه جنگ جو نغارو اڳ ۾ آءٌ وڄايان. سو شڪاري جنگ جون ڀيرون وڄائي نعرا هڻي ۽ ننگر جي لشڪر تي تياري ڪري، شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي، ڀلي پيو بيت ڀـُـڪائي:

رات وهاڻي ڏينهن ٿيو، اُڀريو تارو
غوث بهاؤالحق جو نر هڻن نعرو
ڀڀڪي ڀير دليءَ جي، وڳو شڪاري نغارو
ڌچر ٿو ڌان ڌان ڪري، هلي آءُ ننگر تون آءُ
ننگر چڙهيو هو ديم سان، ساري حضرت شاه
ساوا پيلا گلاب جا ٻڌا جهـُـڙ جهنڊين
گاجين گجيا گـُـرزڙا، تاوَ رکيا توفن
گـُـل ميخون گاڏين کي، بيٺا جوان جـَـڙن
لارين لاهه وڏا ڏنا، بس نه بندوقون ڪن
ڪارابينِ ڪـَـهڪـِـي پيا، ٻيون دناليون دهڪن
تکا تـَـماچا ڇوڙيئون، ٻڌي ٽهه ٽهه ٽاڪوڙن
رُڪ ٻـِـيانا هٿ ۾، جهانگي جهنگ هڻن
ماڪڙ وانگي مينهن جينءَ اچيو ڪانَ ڪـِـرن
رڻ ۾ راهو منڊيو، گهوڙن ۽ گهوٽن.

گهوڙن ۽ گهوٽن اچي ميدان وسايو. پهرين لڙائي شروع ٿـَـئـِـي توف، بندوق، ڪانَ، ڪمانَ، شيها ۽ دارون. هڪٻئي تي پري کان وسائڻ لڳا. ڪانن جون برساتون وُٺيون، جنهن ۾لاکؤن لاک سڙي ڀـُـڄي ويا. ساوا پـِـيلا جهنڊا کنيو مردن پئي لڙائي ڪئي. سالڪ ٿا چون:

ڪڏهن ڳاڙها گهوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾
واري سندا ڪوٽ، اڏي اڏيندين ڪيترا.

وري سالڪ چيو آ: لوهه جا لڳا، پکي ڀڳا، نرنان اُٿي جا ٿيا. لوهه جا = ڪانَ، پکي = ڪانئر، نرنان = سورهيه، اَن جا = ٽـُـڪر.

ڪانَ لـڳا، ڪـانـئـر ڀڳا، سـورهيه اُتـي پئي ٽـُـڪـر ٿـيـا.

اهو آهي پهرين لڙائيءَ جو بيان. تنهن کان پوءِ مرد کـَـني جي کيڏ ڪن. ڪاتي ۽ ڪٽاري جو جهيڙو. هو ته لڙائي هئي توف ۽ بندوق جي، جو پري کان ٿي ساڙيئون، جنهن ۾ همت جي اَئـُـون بي همت جي خبر نٿي پئي. ترار ۽ ڪٽاري ۾ مرد جي ۽ نامرد جي خبر پوندي، سو سمان سوڀون ڪن، شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي، پر ڀلي بيت ڀــُـڪائي:

اچي وڙهيا ڪٽاريين ڪاتين، ٿا بڙڇون ڀالَ هڻن
مردن مٿان رڪ جون، تاوَ تراريون ڪن
مـَـرد سي مائن ڄائيا، اورانگهيو اچن
کنا خفيفن جا واڪي ساڻ وڄن
ڌڙ جني جا ڌوڙ ۾، للهنگ پيا ليٽن
سسيون شڪارين جون پيون ڪلر منجهه ڪرن
تان ڀي ڏاڪر پوي پئي ڏڦير جي، بيٺا  ’دودو دودو‘  ڪن
پـُـرزا پوشيدن جا اُڏريو عرش وڃن
نديون نير پلوٽيون، ٻيا وڳهه واهه وهن
اُن ۾ عضوا اُمراهن جا پيا لوهـُـو منجهه لـُـڙهن
ڀڙ پوٽا ڀونگر راوَ جا، ڏس رؤنشي راند رهن
سـَـٿريون پيا وجهن سومرا، جـِـيوين لـَـنب جو گاهه لـُـڻن
هئي هيٺان جنگ ننگر جي، مٿان مينهن ٻڌو مارو
هيٺان جنگ ننگر جي، مٿان ڳجهن ڏنا ڳارا
ٻگهن بر وسائيا، ڪونجون قطارون ڪن
شيشا لال شراب جا، ڪڍيا ڪلالن
ننڍڙا يار ننگر جا، پيئندا پاڻ وڃن
 ’هڻ وڙهه‘  وائي وات ۾، ٻـِـي نا ٻولي ڪن
ننگر سندي جنگ کان شڪاري توبهه توبهه ڪن
نائين  ڏينهن نـِـڌان ٿيو، اچي رڻ ڀيليو راوَن
هڪڙا ڌڙي ڇڏيئون ڌوڙ ۾، ٻين جا ناري ڏس پـَـون.

اچي مردن جي تلوار جو چٽڪو لڳو. ائين ٿي بيٺا، صفون ٻڌي، پـَـري مـُـنهن ڀاڱا کنيائون، جيئن تکو ڪانـِـڙو ڪانا لـُـڻي، تيئن اچي تلوار جو تيغ چلايئون. پوءِ اڳيان پڳڙ ساٿ ڊهيو پون، پٺيان سورهيه غازي هڪڙي هڪڙي وک لک لک جي کنيو اچي اڳتي سـِـر ڏين. ٻيا وري  ’دم ڳانڊو شهيد‘ ، جيڪي پـَـل (ڀت) جا مارا ۽ ديڳ جا دشمن، اُهي ڇا ڪن، کنيو ماڻهؤ جو مڙهه هڻن انهي هيٺان ٽـُـٻي. مڙهه مٿان، پاڻ هيٺان. ڄڻ هي به اڳي مئا پيا آهن. وري هڪٻئي کي پيا چون:  ”ادا، سـِـر لڪاءِ، ڌڙ ڀلي پيو ڌوڙ پائي. موادي ڪو اوچتو ڌڪ لڳي ويو ۽ ٻنڍڻ وڍجي پيو ته ڦٽ ايرجي ويندو، ڌڪ ڇٽي ويندو، الله ڪندو حياتي هوندي ته ڀت گهڻا کائبا. شڪارين جون سسيون اِئين پيون ڪلر ۾ وسن جن جو شرو ناهي شمار. تان ڀي ڏڦيرن جي ڏاڪر پئي پوي ته: هن جنگ مان چڙهو ته دودي ڏي تياري ڪريون. هيڏانهن سومرا آهن، انهن جي تلوار جو چٽڪو اهڙو ته هليو جو سڄي کٻي ترار وهايئون، رڳا ڌڙ پيا ڏڪن، سـِـر لڀي ڪونه ڪو. لاکئون لاک ڪوس ٿي ويا. اچي رڻ ميدان مان رت ريلا ڪري هيٺاهين تي وهڻ لڳو، جو ويراواهه ۾ رت ايترو زور رکيو جنهن جي حد ڪانهي. ٻيو ته وري قدرتي مٿان مينهن اچي اڳئي پئي وُٺو. ماڻهو جي رت اڳئي اُڏامندي آهي، رت جو مينهن اڳئي پئي وُٺو، وري جو مٿان قدرتي مينهن وٺو ته رت پاڻي گڏجي پيو. ڍنڍون ڍورا تلاء ڀرجي ويا، جنهن مان ويراواهه وهڻ لڳو. شڪارين جا عضوا مٿي اُڏامي اچيو رت ۾ ڊهن، رت ۾ تاريون کائيندا وڃن. ڍنڍن ۾ ڍورن تي ٻگها ڪونجون قطارون ڪري لهي پيا. مٿان ڳجهن، سرڻن ۽ سانباهن اچي لامارا ڏنا ماڻهوءَ جي مار تي. ننگر جا يار آهن، شراب پيو، کـِـيرا ٿيو نشي ۾  ’هڻ وڙهه‘  وائي وات هجين، ۽ ٻي ڪا ڳالهه نه هجين. نـَـو ڏينهن نـَـو راتيون لڙائي ڪيئون. لشڪر سڀ مارجي ويو شڪاريءَ جو. اتي ننگر جي ترار کان شڪاري  ’توبهه توبهه‘  ڪرڻ لڳا. پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته: ننگر جي ترار جبل جهلي، سمونڊ جهلي، انسان جي طاقت ناهي. هاڻي ڀڄو ته ڪو ٻج بچايو، تـُـور ٿو وڃي. جيڪي ماريا سي مارجي ويا، باقي جيڪي بچيا، اُهي بادشاهي هٿيار ۽ انهي لشڪر جو خزانو کڻي اچي ڀاڄ ڏنئون. پنڊڻن سان کـُـڙيون، سـَـٽوڙَٽ ٻـَـٽوڙَٽ، ٺا ڦا، اُڏامي ويا. سـِـنڌڙي واري موري مٽي هـُـن پاسي خزانا ڏئي، پنهنجون زمينداريون وٺي، زميندار ٿي ويهي رهيا. هڪڙو ڪونه بچيو جو دانگي جي دَٻڪي تي اچي.

ننگر بادشاه چـِـدوُ شڪاري جو سـِـر ڀالي ۾ نشان ڪري پنهنجي طنبو اڳيان  بيهاريو ۽ عالادين ڏي پنهنجو خط روانو ڪيئين. خط ۾ لکيئين ته: گيدي! ڇو ٿو مسڪينان مار ڪرائين، آءُ علي جي ميدان ۾ ته ڪا خبر پوئي! خط عالادين کي مليو. خط پڙهي چوڻ لڳو: الله اڪبر! اهڙو ڪو ڀاناسـِـر آهي، جنهن ۾ لشڪر پيو ته هڪڙو ڪونه وريو جو خير جي خبر اچي ٻڌائي ها! اتي چنيسر کي گهرائي چوڻ لڳو ته: چنيسر! مهرباني ڪري پنهنجن سان ڪر پرچاءُ. حياتي هوندي ته ٻاگهي جهڙيون ٻانهون ڳوٺ گهڻيون. چنيسر هڪل ڪيس ته: کـَـلا ٿـَـئـِـي! شڪارين به ڪڏهن سوڀ ڪئي آهي؟ ٻيو ڪو پهلوان صوبو اُماڻ. تنهن تي عالادين چيو ته: اهو ڪهڙو صوبو آهي جيڪو سومرن کان پهلوان آهي؟ تنهن تي چنيسر چيس ته: تنهنجي لشڪر ۾ جيڪو شيدي آهي، اهو ڪـُـستاني ڪـُـڙهو آهي ۽ لشڪر ٻيڻ تي اٿس. ننگر وٽ آهن نـَـو لک، شيدي وٽ آهن سورهن لک، ۽ شيدي جي قوم چري آهي. لڳي کان پوءِ ماڻهو جو ماس پٽي چـَـڪن سان کائي ڇڏيندا. ۽ چون ٿا ته سنڌي کان شيدي اڍائي پاسراٽيون وڌيڪ آهي. سو شيدي بانڪي برخوردار کي جنگ تي اُماڻ. اها صلاح ڪري عالادين پنهنجا ٽاپرو نالي راهب ۽ صاحب، انهن کي بيت ڪري ۽ چوڻ لڳو. شاعر چوي ٿو:

راهب صاحب ٽاپرو، سنڀايا سلطان
تازي ڇوڙيئيون تڪڙا، ڪـُـڏايئون ڪهڪان
پڇن ٿا دربان کان، ڪٿي بانڪو برخوردار؟
چئي: کائي ستو خومچا، آهي شيدي منجهه آرام
سڀاڻي صبوح جو ڪندو سلطاني سلام.

عالادين پنهنجي حاضري جا نوڪر نالي راهب ۽ صاحب ٻئي تيار ڪيا ته مون وٽ شيدي حاضر ڪريو. نوڪر آيا، شيدي جي در جي دربان کان پڇا ڪرڻ لڳا ته: بانڪو برخوردار ڪٿي آهي؟ شيدي پنهنجي وات تي هٿ رکي ۽ هـِـنن کي اشارو ڪرڻ لڳو ته: ماٺ ڪريو، هـَـري ڳالهايو! شيدي نيرن ڪري سـُـتو آهي. جي گوڙ ٿيو، هـُـل تي جاڳي پيو ته اهڙو حرامي آهي جو پنج ست ڄڻا کائي، ڦٽي، ڏاڙهي ماريندو. عالادين جا نوڪر پڇا ڪرڻ لڳا ته: ڪهڙي نيرن ڪئي اٿس؟ سندس دربان چوڻ لڳو ته: ارڙهن ڍاڪون يخني جا، ڪاسو ڦـُـلن جو، چوڏهن ڪـِـنگريون پاڻي جون پـِـي، سارو گـُـهمرو نار جو سـُـڃ ڪري هاڻ ســُـتو آهي. منجهند واري ماني ٺهيس پئي. آرام ڪري اُٿندو، ماني کائيندو. حڪم جا بندا حڪم سارو هلن. وڌيڪ قدم نه کنيائون. موٽي عالادين سان اچي احوال ڪيائون. جا حقيقت شيدي جي نوڪر ڪئي هئي، سا اچي عالادين سان ڪيئون ته: آيو ته ايندو، نه ته سڀاڻي ايندو. عالادين چيو ته: سورهن لکن جو صوبو آهي، ته به مون وٽ پاءُ اٽي جو نوڪر آهي. وڃو، ڪنن ۾ هٿ وجهي، مون وٽ حاضر ڪريوس! سو حڪم جا بندا حڪم سارو هلن. اهي شيدي کي وٺڻ اچن، سو شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي، پر ڀلي بيت ڀــُـڪائي:

اُٿ شيدي پـُـٽ شنگور جا، تون گولي پٽ غلام
هـِـت کائي ستو آهين خومچا، هـُـت مغل نه کاوي طعام!

شيدي ستو پيو هو. مٿو، پـُـٺا، پير اُگهاڙا هئس ۽ سـُـتي پـِـئي تي نوڪرن جي ٻـَـڌ ٻـَـڌ ٿي وئي. ائين ڪنن ۾ چهٽي ويس جيئن بـُـلٽاڪ ڪتا مرونءَ سان ڪنن ۾ بندجي وڃن. ائين نوڪرن ڪنن کان وٺي ڇڪي اُٿاريس، ته: اُٿي شنگور جا پٽ! گهڻا ڏينهن يخنيون کاڌيون اٿئي، هل عالادين بادشاه وٽ! شيدي ڏٺو ته ڇا مجال آهي نوڪرن جي، جو مونکي ڪنن ۾ وٺن، اهي هٿ عالادين جا آهن. سو شيدي، پنهنجو سـُـور ورائي پيٽ ۾ وڌئين ۽ چپ ورائي وات ۾ وڌئين. پوءِ جي شيدي جا چپ سنهان هئا، ته به ڍَڪڻ  جي ڏُنڊ کان تـُـلها هئا. جيسين عالادين تائين رسيو، تيسين پنهنجا چپ چار آڱر ڪـُـرٽي کائي ويو. عالادين کي چيئين: سائين! ايڏي هلان؟ عالادين چيس ته: تو منهنجا نوڪر واريا. شيدي چيو: مون نه واريا. چئي: تو نه واريا ته تنهنجي دربان واريا. شيدي کي پڪ ٿي ته چـُـڪ اِها دربان جي آهي، نه ته ڇو منهنجا ڪن پٽجن ها. ائين سمجهي، عالادين کي چوڻ لڳو ته: سائين! حڪم. عالادين چيس ته: چڙهي وڃ ننگر سان لڙائي تي! ننگر جو نالو ٻڌي شيدي تڪبر ڪري، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

ننگر ماء جي ٿڻن تي، جنهن کي وهي کير مـُـنهان
مـَـسڙي ناهيس منهن تي، اٿس چـُـوڻن سان ڏاڍو چاهه
آءٌ چڙهندس وڳهه ڪوٽ تي، جتي دودو ديمين سان.

بانڪي برخوردار شيدي، چنيسر جي روبرا، عالادين کي چيو ته: ننگر جي چپن مان ماءُ جي ٿڻن جي ڌپ پئي اچي، سو ڇوڪرو آهي، منهنجي سٽ نه جهلي سگهندو. جي مونکي اُماڻين وڳهه تي ته دودو ماري فتح ڪري ڏيئين. چنيسر روبرا بيٺو هو، تنهن پنهنجي لــڄ جي ٿڻن جا نالا شيدي جي واتان ٻڌا، سو شيدي کي دڙڪو ڏئي بيت ڪرڻ لڳو:

شيدي پٽ شنگور جا! اجايو نه ڳالهاءِ
آڏو عالادين جي، ڪر نه ويڻ وڏا
متان ڏئي لت چـَـڏن تي، چيري ڪڍئين ساه
تون ٿلها ٿو ٿٿڪين گهڻو، آءٌ ڊڄان نه تنهنجي ڊاء
توکي ست زهون آهن سيڱ تي، جيڪا ڪاهين سا وڃي ڪاهه
وڃي ڀيڙو ٿج ننگر سان، سڀاڻي ويڙهيان ويراواهه.

چنيسر شيدي کي دڙڪو ڪيو ته: هڪ ته غير نالا ٿو وٺين، چـَـڏو  چڏي تي رکي چيري ڇڏيندوسئين، دودي جا نالا ٿو وٺين، پهريان مون سان مقابلو ڪر پوءِ دودي جا نالا وٺ! شيدي چنيسر کي اَڌ مان بيت کسي ويو. شيدي چيو: تو ٻيا ڊيڄاريا آهن، آءٌ تنهجي ڊيڄارڻ جو ناهيان. هاڻي توکي به موڪل آهي، تون به وڃي ننگر سان ڀيڙو ٿي. تنهنجيون منهنجيون ڳالهيون رڻ ميدان ۾ ٿينديون. اها ڳالهه ٻڌي چنيسر کي سک نه آيو، سو يڪدم پنهنجي گهوڙي تي زين ڪيائين، گهوڙي تي سوار ٿي سٽڪو ڪيائين ننگر جي طنبوءَ تي. اچي ڏسي ته واهواه! شڪاري جو سر ڀالي ۾ نيشان ٿيو پيو آهي. گهوڙي تان لهي پيو، اندر طنبوءَ ۾ آيو. ننگر بادشاه ستو پيو هو، ٻيا سندس يار پنهنجي راند ۽ مزي ۾ ويٺا هئا. ڪابه ڳڻتي ڪانه هونِ. چنيسر پٽ جي پيرن کان بيهي بيت ڪيو:

لـُـڱـِـي لاڙي سومرا، سـُـتين ڪهڙي ساء
سڀاڻي سورهن لک شيدين جا، ماڻهو ماس گهرن
ڏجان راتو رات جو، سڀاڻي پڄڻ ناهي جاءِ.

ننگر بادشاه پيءَ جو اهو بيت ٻڌي، ڀڙڪو کائي اُٿيو. سو پيءُ کي ورندي ڏئي، شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي. پر ڀلي بيت ڀـُـڪائي:

توکي عقل اڱارن جو، سيڪ سنداڻن ساء
پڳ وڃائي هيئي پانهنجي، پڇڻ هليو هئين ماء
تو ۾ لـِـڇ لهار جي، ساري عالم کي اوڳاء
نڪي آهن دور درياه جا، نڪي ٻري ٿو آڙاهه
آهي آدم جو پٽ آدمي، ڏئي لت ڪڍانس ساه
نه ته سوڀون وس ستار جي، جنهن ڏياري الله.

ننگر بادشاه چوڻ لڳو ته: بابا! تنهنجو ڏوه ناهي. تنهنجي نانـِـي آهي نڀاڳي، سو تڏهن پيو اهي صلاحون ڏين. پاڻي ناهي جو ٻوڙي وجهندو. آڙاه ڪونهي جو ساڙي وجهندو. اسان جهڙو ماڻهو آهي. سوڀ ملڻي هوندي ته لتن سان جـَـهڙي ماريندوسانس، ۽ جي سوڀ نه ملڻي هوندي ته ڇا به ڪندس ته به ڪجهه به نه ٿي سگهندو چوندا آهن ته  ”چوري وڙهن چور، مرد جو ڪم آهي مـَـري ماري ٻولائي“ . چنيسر اهي پٽ جا لفظ ٻڌي چوڻ لڳو: ننگر! بيشڪ غازي آهين، بهادر آهين. پوءِ چنيسر ننگر وٽ رهي پيو ته واهواهه پيو ٻڌان، روبرا انصاف اکين سان ويهي ڏسان ته ننگر ڪيئن ٿو جنگ ڪري. پوئتي شيدي کي وِهڻ بي آرام ٿي پيو، سو يڪدم رڻ ميدان ڏي هلڻ جي تياري ڪيائين. شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

پهر سج جي لڏيا، شيدي جا سامان
ٻارهن سؤ ٻـَـگـِـي ملي، گاڏين جا گهمسان
بادل جيئن برسي چڙهيو، ڪري آگم مينگهه ملهار
اچي لٿو رڻ مـُـنهن تي، بيٺو روپاه ڪري الغار.

شيدي لڙائي جو سامان کڻي رڻ ميدان ۾ پهچي ويو. شيدي جو لشڪر لهندي ڏسي ننگر جا يار، ننگر کي چوڻ لڳا ته: اڳي به توکي ستايو هئوسون، وري هينئر به ٿا ستايون، سو بيت ڪري عرض چوڻ لڳا:

اسان ڄاڃي آئيا، اچي ويڙهيئون ويرا واهه
تون جوٽ جنگيون منهنجا پرين، مهل موچاري آهه
ڀلي بادل برسن رڪ جا، جنگ جو جوڀن آهه.

ننگر هڪل ڪئي ته: اڳي ڀي مون اوهان کي چيو هو ته ڪوبه وڙهي ته وڙهجئون نه ته پنهنجو ڀاءُ ڪري سمجهجئو. جيڪو اڳرائي ڪري انهي سان جهيڙو آهي. ائين چئي ننگر بيت ڪرڻ لڳو:

خلقيا آهن خداء جا، اُمتي مصطفيٰ
نـِـيمڪ جي ننگ تي، صدقو ڪن ٿا ساهه
سڀاڻي سوڀون وس ستار جي، جنهين ڏياري الله.

ننگر چيو ته: رات جا چار پهر سڀڪنهن کي ڀلي خير سان گذرن. سڀاڻي رڻ ميدان ۾ جيترو گهوڙو ڪاهبو اوترو مرد ڳائبو. آخرڪار ڳالهين ڳڻيندي سج لهي ويو. ننگر جا يار ويهي رهيا. جنگ جا جوڙ، رٿائون ۽ صلاحون پچائڻ لڳا ته هن ريت سان سر ڏيئي سوڀ پائينداسون شيدي جو لشڪر اچي لڳو آهي کاڌ ۽ کـُـونڌ کي. ٻنهي طرفين خير جي رات گذري. پرهه باکون کڻي، شيدي جنگ جو نغارو ڪري، شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي، پر ڀلي بيت ڀـُـڪائي:

رات وهاڻي ڏينهن ٿيو، اُڀريو تارو
 ’علي علي‘  وات ۾، پڙهيئون حسيني ڪيڏارو
ڀڀڪي ڀير دليءَ جو، لڳو شيديءَ نغارو
ڌچر ٿو ڌان ڌان ڪري، هلي آءُ ننگر تون آءُ
ننگر چڙهيو هو ديم سين، ساري حضرت شاه
ساوي پيلي گلاب جا، ٻڌا جـُـهڙ جهنڊين
گاجي گجيا گـُـرزڙا تاوَ رکيا توفن
گل ميخون گاڏين کي، بيٺا جوان جڙن
لارين لاهه وڏا ڏنا، بس نه بندقون ڪن
ڪارا بـِـينِ ڪـَـهڪـِـي پيا، دُناليون دهڪن
تکا تماچا ڇوڙيئون، ٻـَـڌي ٽـَـهه ٽـَـهه ٽاڪوڙن
ماڪڙ وانگي مينهن جيئن اچيو ڪان ڪـِـرن
رڻ ۾ راهو منڊيو، گهوڙن ۽ گهوٽن.

شيدي جنگ جو نغارو ڪيو. ننگر بادشاه تيار ٿيو نـَـو لک فوج سان. اچي مردن پري کان هڪٻئي تي شيها دارون، ڪانَ ۽ توفن جا مينهن وسائيا، تنهن ۾ لکئون لک لشڪر سڙي ڀـُـڄي مري ويا. تنهن کان پوءِ هلي کـُـني جي کيل. شاعر ٿو چوي، فقير چئي ٻڌائي:

وڙهيا ڪٽارين ڪاتيين، ٿا بڙڇون ڀالا هڻن
مردن مٿان رڪ جون تاوَ تراريون ڪن
مـَـر سي مائن ڄائيا، جي اورانگهيو اچن
ڌڙ جني جا ڌوڙ ۾، للنهگ ٿا ليٽن
کنا خفيفن جا، واڪي ساڻ وڄن
پـُـرزا پوشيدن جا اُڏريو عرش وڃن
سسيون آهن شيدين جون، ڪلر منجهه ڪرن
هيڏنهن به سانَ ڪريو پون سومرا، پـَـها پٽ پون.
نديون نير پلوٽيون، رت سان وڳهه واهه وهن
ڀڙ پوٽا ڀونگر جا، رونشي راند رهن
سـَـٿريون وجهن ٿا سومرا، جيئن لـَـنب جو گاه لڻن
پالڪيون پرزا ڪري ننگر هول ڀڳا هاٿين
ڀؤ ڀڳئين ڀـُـورن جا، ڪـِـريو ڪڪا ڪيهون ڪن
تيرهن ڏينهن ترار سان ڪيو مقابلو مردن
چوڏهين ڏينهن چوگان ۾ڪي ڪي ديميون پيون دؤنڪن
پنڌرهين ڏينهن شعاء ٿيو، سج ڏٺو مردن
شيدي بچيو ڇهن سين، ننگر ساڻ نـَـون.

شاعر ڏيکاري ٿو ته سومرن جو ۽ شيدين جو اچي پاڻ ۾ ترار جو چٽڪو لڳو. اڳيان پڳر ڙهيو پون، پٺيان غازي مرد لک لک رپي جي وک کڻي اچيو اڳي سـِـر ڏين. لک شيدين جو ڊهيو پوي ته هزار سومرن جو به ڇٽ ٿيو وڃي. ننگر ڏسي ته هاءِ گهوڙا! لشڪر مارجي ٿو وڃي. شيدي ٻيڻ تي آهن، سو ڪهڙو ڪم ڪيئين جو ٻه ترارون هٿن ۾ کنيئين. سڄي کٻي ترار وهائڻ لڳو ۽ دل ۾ ويچار ڪيئين ته اهي جيڪي سپه سالار جنگ جا هاٿين تي چڙهيا پيا هوڪارين، اهي چـُـنڊي ماري وڃان. صوبا مرندا لشڪر ڀاڄ ڏيندو. وٺي ڪاهه ڪري. ٻنهي پاسي ترار وهندي وڃي. رڳا ڌڙ پيا ڏڪن، سـِـر لڀي ئي ڪونه ڪو. جيسين صوبي تائين رسي تيسين هزار جا هزار سـِـر لڻيو وڃي. جڏهن صوبي کي رسي ته پري کان هاٿي ڪـِـيهه ڪري، هسوار ته ويو پر آءٌ به ويس. ننگر سومرو  ’علي علي‘  ڪري ٺڪاء ڪرائي ترار. صوبي مان، پالڪي مان، هاٿي مان وڃي زمين ۾ وات هڻي. ائين صوبا چـُـونڊ ڪري، لشڪر هڪڙو ماريئين، ٻيا اڃان ڪي ڪي رڻ ميدان ۾ ٽولا ڏسڻ ۾ اچن پيا، تن مان به هڪڙا ماريا، ٻيا ڪي رهيل ڀڄي ويا، سي ننگر جي نظر تي نه چڙهيا. باقي بانڪي برخوردار پنڌرهين ڏينهن کان پوءِ ننگر سومري جي نظر پئي. شيدي ساڻ گڏ شاعر ڏيکاريو آهي ڇهه ڄڻا هئا. انهن کي هڪل ڪئي بانڪي برخوردار ته: ڀڄو! ڪو تـُـور ڪرڻ لاءِ ٻج بچايو. ننگر ذاتِ - مارَ ڪري ڇڏي. شيدي ڪٿان پيدا ٿيندا، ڪير ملهون وڙهندا، ۽ اميرن جا ديڳڙا ڪير چٽيندو؟ اچي شيدي ڀاڄ ۾ پيا. بـَـڪار جي ٻيلي جو پاسو ورتئون. چنيسر پنڌرهن ئي روز لڙائيءَ ۾ روبرو هو. پر ڪنهن طرف به وڙهيو ڪونه ٿي. هٿيار کنيو، گهوڙي تي سوار ٿيو، زرهه پايو، پاڻي جي کلي گهوڙي جي ڀـِـرڻي ۾ رکيو، چڙهيو ويٺو هو. سو چنيسر به انهيءَ بڪار جي ٻيلي جي ڪـَـس مان بيٺل هو. شيدي جي قسمت ڦٽي، سو به اُتئون اچي جتان چنيسر بيٺل هو. ڏسي چنيسر ته جنهن شيدي ايڏا تڪبر ڪيا سو رڻ ميدان مان ڪيئين بچيو ٿو وڃي! سو هڪل ڪري چنيسر ننگر کي بيت ڪرڻ لڳو، بيت شروع ڪري، فقير بيت ٻڌائي، پر ڪيئن ڀـُـڪائي:

چنيسر چيو هو ننگر کي، اڃا شيدي جيئرو آهه
مار مرد ميدان ۾، جنهن ويڙهيو ويرا واهه
بابا! ان ناهي پاڻي پيٽ ۾، مونکي پنڌرهن روز لنگهيا
منهنجي نيري ناچ ڦٽا ڪيا، جـُـنگ ڇڏي نا جاء
منهنجا پير ڀڄي پـُـرزا ٿيا، سـَـت مـُـونن ۾ ناهه
مون کي بابا نام الله جي پاڻي ڍڪ پيار.
چئي: ابا! ماس پٽي ماني ڪر، توکي آهي رب مباح
ڏي بانولي منگر، پٽ دودي جا راءَ
چئي: چاچا! ان نه پاڻي پيٽ ۾، مونکي ڀي پنڌرهن روز لڳا
منهنجي نيري ناچ ڦٽا ڪيا، جـُـنگ ڇڏي نا جاء
منهنجا پير ڀڄي پرزا ٿيا، سـَـت مونن ۾ ناهه
چاچا! نام الله جي مونکي پاڻي ڍڪ پيار.
چئي: ابا! ماس پٽي ماني ڪر، توکي به آهي رت مباح
اچي بگڙيو ديهه وڳهه جو، جهليو اچي نا جاء
ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، چڙيو چنيسر راء
موزن جي مهميز جا پيا ڌرتيء تي غوغياء
چنبو وڌائينس چـُـوڙ ۾، ٿيس اَمر ڏانهن الله
پڇاڙي پرزا ڪيئين، جيوين ڌوٻي ڌوئي ڪپڙا
شيدي! آڏو عالادين جي تو ڪيا هئا ويڻ وڏا
هاڻي ڊگها ٿو گهيگهٽيون ڪرين، ڇڏيئين نه هن هنڌان
موزون رکيائينس اُره تي، ٻيو خنجر ڪنڌ مٿان.

چنيسر شيدي کي جيئرو ڏسي پنهنجي پٽ کي هڪل ڪئي ته: جنهن تڪبر ٿي ڪيو سو جيئرو ڀڳو ٿو وڃي. ٻيا اَونڌي ماريا اٿئي، مار شيدي کي، جنهن آڏو ويڻ ڪيا هئا! ننگر چوڻ لڳو پنهنجي پيءُ کي ته: بابا! مونکي پنڌرهن روز لنگهي ويا آهن ته ان ۽ پاڻي نه ڏٺو اٿم. گهوڙو چلڻ کان چٽ ٿي ويو آهي، منهنجي جان هـَـني ۾ سـُـڪـِـي پئي آهي. گوڏن ۾ ست ڪونهيم، نڙي جا سنگ اُڃ کان سڪي ويا اٿم. تو وٽ پاڻي آهي. پاڻي پيارينم ته شيدي کي خواب ڪري وٺان. پٽ کي چيئين: پاڻي مون وٽ آهي، آخرين  وقت دودي کي ڏنم ته ڏيندس، اڃارو هجين ته ماڻهو جو رت پـِـيءُ. بکارو هجين ته ماڻهو جو ماس کاءُ. ڇو ته جنگ ڪرڻ وارو آهين. توکي رت ۽ ماس کائڻ جي منع نه آهي. اها ڳالهه ڪري وري مـُـنگر کي هڪل ڪيئين. مگر ڀي ساڳي حقيقت ننگر واري ٻڌايس. منگر کي به چيئين ته: اُڃارو هجين ته رت پيءُ، بکارو هجين ته ماس کاءُ. چنيسر ڏٺو ته هنن ٻنهي پهلوانن مان هينئر سوڀ نه ٿيندي ۽ شيدي ڀڳو وڃي. پر مونکي ڏٺو اٿس. اسان پاڻ ۾ هڪٻئي کي خوديون ڏنيون هيون، سو ائين وڃي چوندو: سائين! نالو ننگر جو، لشڪر ڀينگ رڳو چنيسر پيو ڪري. ننگر جو انصاف گم ڪندو، مون تي وڃي دانهـِـيندو. سو جذب مان  ’علي علي‘  ڪري، گهوڙي تان لهي پيو. گهوڙو ٻڌي، چنيسر شيدي تي چوٽ ڪئي. شاعر ڏيکاريو آهي ته چنيسر جي موزن جا غوغياء ائين زمين تي پيا جيئن نغاري جي چوٽ وڄندي آهي شيدي ڀڳو ٿي ويو، ڀڄندي کي چنيسر جو ٻانهن ۾ هٿ پئجي ويو ۽ شيدي جا ڏينهن پورا ٿي ويا. چنيسر شيدي کي ائين زمين تي ورايو جيئن تـِـکو کٽي ڦرهي تي لـَـٽي کي سٽيندو آهي. هڻندي کڻندي  شيدي جون هڏيون کل کان ٻهران ڪڍي وڌئين. شيدي لڳو الله جا نالا وجهڻ چنيسر کي ته: پاڻ هڪڙي ٻيڙي جا ماڻهو آهيون. چنيسر چيس ته: انهي ڏينهن ڪهڙيون پئي ڳالهيون ڪيئي ته توکي به موڪل آهي، هاڻي نه ڇڏيندوسئين. شيدي جي سيني تي لت رکي چنيسر ٺڪاء ڪرايس خنجر. سر جدا ڌڙ جدا. شيدي ائين وڃي ڪريو. جيئن لـَـڏي مان مـُـهري ڪري پوي. سـِـر ڀالي ۾ نشان ڪري چنيسر سڌو ننگر جي طنبوء تي آيو. ننگر جا باقي نـَـو ڄڻا سپاهي بچيا هئا. سو چنيسر اچڻ شرط ننگر کي بيت چوڻ لڳو:

شڪاري ماريئي پتشاهه جا، جيڪي ڪندا هئا گهوڙن جو گاه
شيدي ماريئي پتشاهه جا، جي ڄاڻن ملهه منجهان
سڀاڻي ڳاڙها ڏينڀو ڏونگري، چيلاٽا چهٽن
پلٿي باز پٺاڻ آهن، هڪڙا اُٿن ٻيا ويهن
گهوڙا پاريل تن جا، جي ڊوڙيو ڌڪ هڻن
هنيو سنگينون سامهڻيون وڃيو گهوڙي پيٽ لڪن
ڀڄ ته ڪا ڀيڻي لهين، متان پوءِ نه وڃڻ ڏين.

چنيسر اچڻ شرط پـُـٽ کي چوڻ لڳو ته: ابا ننگر! شڪاري ويچارا گهوڙن جو گاه آڻيندا هئا، شيدي ملهه وڙهندا هئا، جيڪي ماريا اٿئي. لڙائي وارا اڃان توکي مليا ڪينهن. اهي پلٿي باز پٺاڻ آهن، جو تنهنجي حاجت ناهي. لشڪر مارجي ويو اٿئي. هاڻي ڀڄي وڃ! ننگر چيو: بابا! ڀڄڻ واري لولي مونکي ماء پينگهي ۾ نه ڏني. ٻيو ته چاچي سان واعدو ڪيو هئم ته پرچاءُ ٿيو ته فتح ڪري ايندس، جي پرچاءُ نه ٿيو ته منهنجو مـَـڙهه کڄي ايندُئي. دنيا دم گذر آهي. جـِـي جـِـي آخر مرڻو آهي. ٻه جـُـڳ ڪير ڀي ڪونه جيئندو. سو ڀڄي ڪـُـر نه لڄائيندس. اُهي ٻيا ڊيڄاريا اٿئي، آءٌ تنهنجي ڊيڄارڻ جو ناهيان. ڏٺو چنيسر ته ننگر سورهيه غازي آهي. چنيسر  چوڻ لڳو ته: چاچهين ڏي خط لک ته لشڪر جي مدد توکي ملي. ننگر چيو: مدد موليٰ کان گهـُـري اٿم، وڌيڪ چاچي کان گهـُـر نه ڪندس. اِهو ذڪر ڏِسي سـُـڻي، چنيسر پنهجي طنبو تي آيو. جيڪي ڇهه ڄڻا شيدي بچيا هئا، اهي عالادين جي اڳيان اچي فرياديون ڪن، سو شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

هـُـل ٿيو حبشياڻين جو، پٽيو پار ڪڍن
آڏو عالادين جي لـُـڌڙي جيئن ليٽن
وارث جن جا ماريا، تن جا ڪـَـلها ڪيهون ڪن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org