سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب:دودو چنيسر -2

باب: -

صفحو : 8


ننگر ۽ ڀونگر، عالادين جو پڇائي وڃي مسيت ۾ نڪتا. عالادين نماز ٿي پڙهي، اتي ننگر سندس سلام ڪيو.

اُرهاٽي اُڙدن مان، ڪيئين کٻي هـَـٿُ سلام
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڪرين کٻي ساڻ سلام؟
چئي: سائو آهيان سومرو، آءٌ وڳهه جو وريام
پٽ چنيسر مير جو آهيان ڀائٽيو دودي راءِ
سائو آهيان سومرو، آهي ننگر منهنجو نام
رکندءِ تاب ترار جو، اڃان محمد منهنجو ڀاءُ
آءٌ سڄي هٿ سلام ڪريان تن جو، جن جو مديني ۾ مـُـقام
تو جهڙن ترڪن کي ڪنديون ترارون سلام.

اِها ڳالهه ٻڌي عالادين حيران ٿي ويو. ويچاريائين ته چنيسر چيو هو ته آءٌ پرڻيل ڪونه آهيان، هي ننگر ۽ محمد ٻه پٽ ڪٿان آيا! عالادين، چنيسر کي سڏايو ۽ کيس چيائين:

عالادين سڏائيو، تون چڙهي چنيسر آءُ
چڙهي چنيسر آئيو، عالادين اڳيانءُ
رُڪ چنيسر لعنتي تو رُليا! ريب ڪيا
ڪري مـِـهـَـه
(1) منگتن جا، تو دودا ديم هنيا
هاڻي تنهنجا منهنجا ماريا، سي پرتا پيرن کي
آئين ڀائر ٻڏي مرو پاڻ ۾، منهنجو واهي الله .

چنيسر ڪوڙ گهڙي ٻڌايو ته:

ديميون ڏسي اچي دَهليو، ڇوڪر سـُـڪو اٿئي ساه
اُڃ مرندي آئيو، پڇائيندي منهنجو نانءُ
پـُـٽ سڏايان چنيسر جو متان مارائي نه بادشاه.

---

ڪونڌر ڪنڌ کڻي نر ننگر ڳالهايو
ته رُڪ چنيسر لعنتي، واتؤن ڪين وڃاءِ
هي جي ڄايون سومريون، تن کي اهڙا ويڻ نه پاءِ
تون صحي هجين ها سومرو ته سڱ نه آڇين ها
تو هت لڄايا سومرا، ٻي لوهر لڄايئي ماءُ
تو کي عقل اڱارن جو، ٻيو سيڪ سنداڻن ساءُ
تو پـُـرس ڪرايو پڌرو عالادين اڳيانء
توکي چـَـس ڏني آ سـِـراڻ تنهنجا لوهار ناناڻا.

ننگر جي انهي جواب تي چنيسر، عالادين کي چيو ته: هيءُ پٽ برابر منهنجو آهي، پر هاڻي ٻاگهيءَ جو سڱ گهرينس. هن مڃيو ته دودو رد نه ڪندو. تڏهن عالادين ننگر کي چيو:

ڀائر پرچو پاڻ ۾ آئين ٻاگهي ڏيو مون
آءٌ سڀئي پهرايان سومرا، ڏيان دهلي سندي ڀـُـون.

ننگر وراڻيو ته:

تون ترڪ، اسين بادشاه، اهڙا ويڻ مَ پاءِ
چرئي چنيسر چـَـئي لڳي، تو ڪٽڪ ڇو کنيا
تو سؤ کا ڏٺا هئا سومرا، لاهي پڳ ڏيندا
هاڻي پڳ ترارن وچ ۾، جو کٽندو سو کائي
ٻاگهي مـُـورهون نه ڏيئين، ٻاگهي مون مائي
تون ڪڍ نه عالادين بادشاه اِها وات منجهان وائي.

چنيسر عالادين کي چيو ته: ڇوڪرو ڊنو بيٺو آهي. سڱ گهرينس ٻه، هڪ پنهنجي لاءِ ۽ هڪ پٽ لاءِ، تڏهن عالادين نينگر کي چيو:

اوهين ڀائر پرچو پاڻ ۾، ٻاگهي ڏيو مون
هڪڙو سڱ مونکي ڏيو، ٻيو سڱ ڏيو سالار
ته آءٌ سڀئي پهرايان سومرا، ۽ دلي ڏيان ڀـُـون.

ننگر جواب ڏنس ته:

مون ڀانيو تون بادشاه، تو ۾ عقل ذري جو ناهه
تون سالو، دودو ڀيڻيجو، اهڙا جوڙ جڳاء
دادلي آندي هوندءِ دلي مؤن، ڀونگر کي پرڻاءِ
آءٌ هلي آيو آهيان تو وٽ، کڻي مونکي موڙ ٻڌاءِ
ماسي چاچي مامي هـُـونئي، مونهنجو پنجاه ڄـَـڻو پرڻاءِ
پوڙهي سوڙهي ڪاڪـِـي هـُـونئي، منهنجي بـَـهري کي پرڻاءِ
آءٌ ڊڄان ٿو در مسيت جي، نه ته ڦري تخت وٺئين
آءٌ پاٿاري مـَـٽ نه ڀانئيان، جيڪر ڏئين سڳي ماءُ.

اتي عالادين کي ڪاوڙ آئي، سو ننگر تي ٿو بڇ ڪرائي:

ڪـَـؤنر ڪچهريءَ وچ ۾، مونکي ڇوڪر ڇاٿو چئي
آهي ڪو مڙس ماڻهو، وٺي ننگر کي
چئي مرد ڏسان ٿو ڪونڪو، مونکي آڏو ڪير اچي
اِتي وٺ وٺ ٿي ننگر تي، جيئن مڪڙ روه وريا
ڏئي چابڪ چيلهه کي، ڪيئين نــِـيري کي نروار
اُڙدن ڳنڍي پاڻ ۾، وري طنبن اچي لٿو
يار! ٿيو نه ويسلا، ڪريو جنگ جو سعيو.

ننگر پنهنجن يارن کي جنگ لاءِ تيار ٿو ڪري:

ڀري دُنگ دارونءَ جا ڏنا هئا ڪلالن
وَٽي ننگر جي هٿ ۾، ٿو ورڇون يار ڪري
وٽي ننگر جي هٿ مان پيئندا پاڻ اچن
نر نشي نروار ڪيا ٿا  ’ايلي ايلي‘  ڪن
 ’ايلي‘  جن جي من ۾ ٿا ياعلي يار رکن
اِت يارن چيو ننگر کي، جوٽ جنگيون ڳنڍ يار
چئي: ائين وڙهان مهڻو لڳي، منهنجا ڪچا قرب چون
اولياء ۽ امرائن سان ٿا چوريءَ چور وڙهن
آءٌ ٽپي پوان چورنگ ۾، ڀلي دودي ڳالهيون ڪن.

ننگر پهرين جنگ ڏني مهندل وزير سان:

چڙهي آءُ تون سنڌ تي، تون مهندل مـَـلڪ وزير
چڙهي آيو سنڌ تي ستن لکن ساڻ
سنڀالي حضرت شاه کي، پهرينءَ ٿيو نروار
ڪاهجي پيو اَڙدن ۾، جيئن ڪارو ڪڪر گڙيو
مردن منجهان شينهن جيئن ٿا قهري ڪانه وسن
بجلي چمڪي اُڀ ۾، تيئن تان ترارون ڪن
مغل ڦـِـريو ماندا ٿيو، پيا پاڻي پاڻي ڪن
پاڻي ملين ڪونڪو، مغل ماندا ٿيو مرن
سـَـٽيندي اُڙدن مان، وڃي مهندل کي پهتو
سنڀالي حضرت شاه کي ڏور ٻڌئين ڀالو
سنڀالي حضرت شاه کي اُڇلي هنيائين ڀالو
ڪلنگي سان ڪري پيو، جنهن جي ڇڄهري ڪيو ڇڻڪو
ڪاٽيو سـِـسـِــي مهندل جي، اچي سوني ٿالهه کـَـنيو
ٽي ڏينهن پڙ واندو ڪري، ست لک ڇڏيئين لاهي
اچي لٿو طنبن ۾ پنهنجا يارهن مارائي يار.

ٻي جنگ ڏنائين عظيم مـَـلڪ وزير سان:

چڙهي آءُ تون سنڌ تي، عظيم مـَـلڪ وزير
چڙهي آيو سنڌ تي نـَـون لکن ساڻ
سنڀاري حضرت شاه کي ننگر ٻيهر ٿيو نروار
ڪاهجي پيو اُڙدن ۾، ٿيو مرد وجهي مارو
اُڀ رَئـِـي سان لٽيو، ناهي سج سماء
جنگ لڳي جانگاه ٿيو، مانجهي ڪين مـُـڙن
وڏ ڦڙو واڪا ڪري، تيئن ڪـَـڙڪا ڪانَ ڪن
سـِـسيون سلطانن جون ٿيون ڪلر منجهه ڪرن
ڌڙ جني جا ڌوڙ ۾، ٿا لوهـُـو ۾ لـُـڙهن
سٽيندي اُڙدن مان وڃي عظيم کي پهتو
سنڀالي حضرت شاه کي، ڏور ٻڌئين ڀالو
سنڀالي حضرت شاه کي اڇلي هنيئين ڀالو
ڪلنگي ساڻ ڪري پيو جنهن جي ڇڄهري ڪيو ڇڻڪو
ڪاٽيو سـِـسـِـي عظيم جي، اچي نيزي پاند کنيو
پنجين ڏينهن پڙ واندو ڪري نـَـوَ لک ڇڏيئين لاهي
اچي لٿو طنبن ۾ پنهنجا پنڌرهن مارائي يار.

ننگر ٽي جنگ ڪئي تالا تمر وزير سان:

چڙهي آءُ تون سنڌ تي، تالا تمر وزير
چڙيو آيو سنڌ تي يارهن لکن ساڻ
سنڀالي حضرت شاه کي، ننگر ٽيهر ٿيو نروار
ڪاهجي پيو اُڙدن ۾ جيئن بحري باز ڇـُـڙيو
بانشي ڏني بانـِـولي، لغڙ جيئن لڙيو
اُڙدن ائين اونداه ڪئي، جيئن وِڄون وسن گهمسان
 ’هڻ هڻ‘  وائي وات ۾، جنهن جو پوئتي ڪونه سـَـٽي
ڌڙ جني جا ڌوڙ ۾، لوهو ۾ لوڙهينِ
جوانن سندي جان مان سمنڊ وهيو سارو
ويرن نديون وهائيون، ٿيون وڳهه پاس وهن
مورچا عالادين جا اُتي ڪپيو ڪيرائين
سٽيندي اُڙدن مان وڃي تمر کي پهتو
سنڀالي حضرت شاه کي ڏور ٻڌئين ڀالو
سنڀالي حضرت شاه کي اُڇلي هنيائين ڀالو
ڪلنگي سان ڪري پيو، جنهن جي ڇڄهري ڪيو ڇڻڪو
ڪاٽي سـِـسـِـي تنهن تمر جي، اچي سوني ٿالهه کنيو
ستين ڏينهن پڙ واندو ڪري، يارهن لک ڇڏيئين لاهي
اچي لٿو طنبن ۾ پنهنجا سڀئي مارائي يار.

ننگر جا سڀ يار مري ويا ۽ باقي ٻه سؤٽ پاڻ ۾ وڃي بچيا. هاڻي نظر بيگ جي جنگ جو وارو ٿيو، سو ڪيئن ٿو ننگر ڏي خط لکي:

نظر لکي خطڙا ويجهو روئي زار زار
منهنجو وارو جنگ جو، آءٌ ڪيئن اچان توتي
ويٺو آهيان طنبو ۾، اچي ماري يار وڃينم
خاطيءَ خط اُٺائيو، اچي در داخل ٿيو
خاطيءَ خط اُڇلي وڌو ننگر جي مهندان
پڙهيو پروانا نظر جا، ٿو مرڪي مير مـُـنهان
اسان کي ڏِسيو ٻه ڄڻان اسان جا هـِـنيان ٿو پرکين
هاڻي ڊوهي اٿئي خدا جي، چڙهي پڙ ۾ آءُ.

نظر بيگ خيال ڪيو ته چنيسر ڏي خط لکان، ڏسان ته ان جي ڪهڙي مرضي آهي:

نظر لکي خطڙا، واريو چنيسر ڏانهن
تون آءٌ ننگر ٽيئي وٺون عالادين کي
تون وري وڃ پـُـٽ سان تنهنجو وڳه ڪوٽ وسي
آءٌ وري وڃان پوئتي دهلي تخت وڃان
ننگر جهڙا پٽڙا، ڪونڌر ڪين ڪهاءِ
ننگر جهڙا پٽڙا مر حياتي هون.

چنيسر جواب ڏنو ته:

لڳو ٿئي لب ننگر جو، توکي ٽـَـڪن ڪيو ٽـُـورو
چئي: نڪي لڳو لب ننگر جو، نڪي ٽڪن ڪيو ٽـُـورو
سڀاڻي ويل سويل جو اچي مڙهه کڻجئين يار.

اتي ننگر ڀونگر کي چيو ته: پاڻ گهوڙا ماري ڇڏيون ۽ طنبو کڻائي ڇڏيون، متان مغل گهوڙن تي چڙهن ۽ طنبن ۾ اچي ويهن.

ننگر پيرين ٿي پيو، ٻولائي مهندان
ٻولايا به الله  جا، ڏاڍي رب رضا
گهوڙن ڳوڙها ڳاڙيا، اسان جي چڙهڻ وارا مرندا
چئي: مار ته ماريون گهوڙا، پاڻ کي گهوڙا ڪوه ڪندا
کائين ته کائون طنبو باقي طنبو ڪوهه ڪندا
گهوڙا ماري هليا، ٻيليئڙا ٻيئي
رات جني کي پڙ ۾، پهرين جا پيئي.

ننگر ۽ ڀونگر نظر بيگ سان جنگ:

چڙهي آءُ سنڌ تي، ناميا نظر بيگ
چڙهي آيو سنڌ تي پنڌرهن لکن ساڻ
ساري حضرت شاه، کي، ننگر چوٿينَ ٿيو نروار
ڪاهجي پيو اُڙدن ۾ جيئن واءُ ڪري وايو
لشڪر عالادين مان ڪڍيو پـَـهو وڃن
سٽيندي اُڙدن مان وڃي طنبوءَ کي پهتو
اِتي عالادين بادشاه، ڳهلي ڳالهايو
ور چنيسر سومرا، مونکي ويري ٿو واهي
اِتي چنيسر سومرو آڏو ٿي بيٺو
چئي: ڪيئن ڪريان، ڪيڏي وڃان، مونکي بابو ٿو مارائي
تيسين ڪوجو ڪانُ ڪپار ۾، لڳو خان ڀونگر کي
روئي ڀونگر رڙ ڪئي، ور ادل جا يار
سؤٽ جي ته ساڙ ۾ پـِـڙ ڪيئين پالهو
اڇا ڪپڙا ننگر جا، ڳاڙهو رت وهيو.

ننگر ۽ ڀونگر کي ڪانَ لڳا، ڪري پيا. چنيسر کان پاڻي گهريائون، پر هن انڪار ڪري ڇڏيو.

چئي: پاڻي ڏيندوسئين ڪونڪو، منهنجا ڪچا ٿيندا قول.

تڏهن وري نظر بيگ کان پاڻي ڍُڪ گهريائون:

نالي نام الله  جي مونکي چاچا! پاڻي پيار
نظر ڪريو گهوڙي تان، ڊوڙيو پاڻي کڻيو اچي
پاڻي پي ڌڪ ٺريا ننگر ڀونگر جا
جمعي ڏينهن اڳينءَ جو آهي ڪـُـونڌ ڪـُـلهو کوڙيو.

هاڻي چنيسر پٽ ۽ ڀائٽي جا مڙهه کڻي وڳهه تي ٿو رسائي:

ڪارو ويس ڪيائين اُٺ جو، ڪارو چنيسر ويس
ميت ڪاڻ ماڻهو، هليو راوت رڻ ڳولهي
پهرين مڙهه کنيائين پـُـٽ جو، ٿو روئي زارو زار
پوءِ کنيائين ڀائٽيي جو، هـَـئي پيو هٿ هڻي
وٺي مهار اُٺ جي هليو وڳهه ڏانهن ڪاهي
ٻاگهي چڙهيو نگاهون ڪري منهنجو اَبل ٿو اچي
رئي ڏٺائين آسمان ۾، ڀانيائين ننگر جي آهي.

پر جڏهن ننگر ۽ ڀونگر جا لاشا ڏٺائين، تڏهن چنيسر کي چيائين:

رُڪ چنيسر لعنتي، تو ڪهڙو ڪم ڪيو!
پٽ مارايئي پنهنجو، تنهنجو ڪهڙو ڪاڄ سريو
هاڻي نڪر ڏانير ڏيهه مان، متان اکيون ڪڍايئين.

اُٺ جي مهار وڳهه در ٻڌي چنيسر پٺتي موٽيو. ٻانهي ٻاهر نڪري ڏسي ته ننگر ۽ ڀونگر جا مڙهه ڪـَـڙيا پيا آهن. ننگر جي ماءُ کي ٿي ٻانهي خبر ٻڌائي:

ٻانهي ڊوڙي آئي، ٿي مريم سڏ ڪري
چئي: ڪُ ويلڙا سڏڙا مونکي ٻانهي ڪوه ڪرين؟
جي آيو هجي ننگر جيئرو ته ڏيئين مـُـهرن ٿالهه ڀري
چئي: مـُـهرون مون نه قبوليون، آيا کهنبي گهوٽ کڄي
 ’پـَـٽـُـل‘  پـَـٽ ڀڃي ڇڏيا، مريم ڪوماڻي
گڏجي آئي مريم سان سونل سياڻي
سونل سؤٽ ننگر سان، جنهن ڀڃي ڇڏي ٻانهين
چئي: سؤٽ! تنهنجي سونهن ڏسيو آءٌ سڙيو وڃان جاني
سڙيو مران ٿي سور ۾ مون سان ڳجهه ۾ ڳالهائين.

دُورو منگتو، دودي کي ٿو خبر ٻڌائي:

دُورو ڊوڙي آئيو، ٿو دودي سڏ ڪري
چئي: ڪـُـويلڙا سڏ مونکي دُورا ڪوه ڪرين؟
آيو هجي ننگر جيئرو ڏيئين وڳهه نام ڪري
چئي: وڳهه مون نه قبولي، آيا کهنبي گهوٽ کڄي
سـُـڻندي ڳالهه ننگر جي، دودي ڪاري ڪفني ڪئي
روئندي ٿڙندي آئيو، سمهون راڻين ۾
ڍَڪي ڇڏيو سڀ ڍولڪون، جهومڪ مـِـڙ لاهي
سڄي پنهنجي شهر ۾ آيو ننگر اوٺيڙو.

---

ڦرهو آندائون حد تي، ٻارنهن هٿ چون
ڏئي تڙ تازا ڪري رکيئون ڳاڙهين کٽن تي
نـَـوَ ويهون آيا سومرا، لونگيون لڪائي
لونگيون مون نه قبوليون، آيا کـُـهنبي گهوٽ کڄي
نـَـوَ ويهون کهنبن جون ڪيون سام ننگر تان
دودي کڻي رکيون جوٽ تي ڪلمون پاڪ پڙهي.

---

کڻي کٽولا هليا، ماروئڙي مقام
ماروئڙو مقام هئو اصلي دودن جو
لـَـٽيو لوڙهه گهوٽن جو، ڄاڃي اچن وريا
کڻي هٿ خدا ڏي ٿو دودو دعا پني
سؤکو هوندين جهان ۾، توکي سؤکو رکندو پاڻ
پرتو آهين الله  کي، اٿئي پارت پونين جي.

محمد ٽي مهينا ٿيا جو شڪار تي ويل هو. کيس ننگر ڀونگر جي خبر ڪانه هئي. دودي ساهڙ سومري کي موڪليو ته وڃي محمد کي ڳولي وٺي اچ.

دودي يار سڏائيو ساهڙ! اوري آءُ
ساهڙ هلي آئيو دودي جي مهندان
اِهي مهلون مردن تي، سي مرد به مهلون ڪن
وڃ محمد جي پٺيان، تون محمد ڪوٺي آءٌ.

ساهڙ سومري ورندي ڏني:

ويندس رهندس ڪينڪي، منهنجو اول ڪم اِهو
صبح جو سويل ساهڙ گهوٽ پلاڻيو گهوڙو
پائي پير رڪيب ۾، گهوٽ چڙهيو گهوڙي
لٿو اچي ڪنهن ويڙهه ۾، پنهور جي پاڙي.

پنهور کان پار پڇائين. پهنور پار ڏنا ته:

مون ڏٺو محمد سومرو، جنهن جا سـُـڻ ته سڻايئين پار
وڙڪندي آيو ٻيلن مان، ڪندي ڪانن جا ڪڙڪا
جڏهن محمد ٿي هڪل ڪئي، تڏهن ڏڪيو وڻ ويا
مون ڏٺو محمد سومرو، ٿو لهي نـِـمن جي ڇانوَ.

هاڻي ڪهڙي طرح سان ٿو ساهڙ سومرو، محمد سان ملي:

صبح جو سويرو، ساهڙ گهوٽ پلاڻيو گهوڙو
پائي پير رڪيب ۾، گهوٽ چڙهيو گهوڙي
ڪاهيو آيو ٻيلي مان، سامهون محمد تي
اتي محمد چيو يارن کي اهو مرد اچي ڪهڙو؟
سارو خير وڳهه ڏانهن منهنجو چاچو چڱو ڀلو؟
چئي: سارو خير وڳهه ۾، تنهنجو چاچو ئي چڱو ڀلو
ننگر ڀونگر منهنجا ننڍڙا اهي چڱا ڀلا؟
چئي: ننگر ڀونگر ننڍڙا تنهنجا ٻئي چڱا ڀلا
باقي چاچي چائي موڪليو، اچ محمد کي وٺي.

محمد يار سنڀرائي وڳهه وڃڻ لاءِ:

محمد چيو يارن کي: پلاڻيو گهوڙا
گهوڙا پلاڻي گهوٽ، سنبري ٿيا ساڄا
پائي پير رڪيب ۾، گهوٽ چڙهي گهوڙن
محمد چيو يارن کي: هتان هلنداسين.

ته چاچي ماڻهو موڪلي گهرايو آهي، سو ضرور ڪو قصو ٿيو آهي. ساهڙ نٿو ٻڌائي ته پاڻ ماروئڙي مقام تان خبر وٺي هلنداسين. مقام تي پهتا ته مجاور ٿو چويس:

روئي مجاور ريهه ڪئي، جنهن جا ڳريو ڳچ پون
محمد! وئين تون شڪار تي، ٽئي مهيني آئين
ته هو اٿئي لوڙهه ڀونگر جو، تنهنجو سڳو سؤٽ چون
هو اٿئي لوڙهه ننگر جو، جنهن جا لـَـئي تي موڙ لڏن.

---

سڻندي ڳالهه ننگر جي محمد گهوڙي تان ڪريو
لٽا ڦاڙي ليڙون ڪري، مٽجي مست ٿيو
وجهو ڀاڪر لوڙهه کي ٿو راڻو رت رُئي
نڪري آ ادا لوڙهه مان، ڀاءُ اچي ڀاڪر پاء
ڪڏهن ته ڳاڙهو گهوٽ هئين، ڪڏهن مڙهه مقام
ڪڏهن عالادين بادشاه کي تو جـُـنگ ڏنا جواب
ڪـڏهن ڪـُـڏئين ڪٽڪن ۾، هينئر ڌڱ رکيو آهين ڌوڙ
آءٌ ساڙيان انگ اُنهن جا، جيڪي تو مٿي آيا
آءٌ هجان ها وڳهه ڪوٽ ۾ ته توکي مور نه مارايان
پر اِها رضا مڃون ٿا رب جي، جا باب بـَـندي جي آه.

محمد سومري خيال ڪيو ته وڳهه ڪوٽ تي ڪهڙو وڃان، ٻاهران ئي هٿيار پنهوار کڻي جنگ تي وڃان.

محمد سـَـنئيسِ موڪليو، منهنجو ڇڻڪو ڇوڙي آءُ
زره محمد جي بت جي وڃي ساران کان گهري آءُ
هٿيار محمد جي هٿن جا وڃي ساران کان گهر يار
سـَـنئيس ڇڻڪو ڇوڙيو، ٿو ساران سڏ ڪري
چئي: ڪُ ويلڙا سڏڙا ڪوه ادا سئينس ڪرين؟
چئي: زره محمد جي بت جي، مائي ساران آڻي ڏي
چئي: زره پنجن مڻن جي ڪنهن کان ڪانه کڄي
موڪل محمد مير کي، اچي پنهنجي کڻي پاڻهي.

محمد اچي هٿيار پنهوار کنيا. زال سان ڳالهايائين ٻولهايائين. ٻاگهي، محمد ۽ ساران کي ڏسيو ڇا ٿي چوي:

ڌيءَ ڀونگر راءِ جي مائي ٻاگهي ڳالهايو
ڀڄي آيو اٿئي ڀڄڻو، تو ساران لڄايا سيڻ
تون ۽ محمد ائين سونهون، جيئن ڀيڻ سڄن ۽ ڀاءُ

ساران وراڻي ڏني ته:

تو ڏاڏي ڏنو ڏوهيڙو، مون سارو آهي سمجهو
آءٌ مورت جهڙي ونگ کي کارايان چورو
سانن سڱ سنوان ڪري، محمد ونگن لاهي ور
ماري شينهن مـُـڪن سان، منهنجو محمد آهي اهڙو
محمد ويندو جنگ تي سوڀ کڻي ايندو
هٿ ڀري ايندو رت سان، تنهن مان رڱايان ڪـَـنجرو.

وري ٻاگهي ٿي چوي ساران کي ته:

ڌيءَ ڀونگر راوَ جي اتي ٻاگهيءَ ڳالهايو
ته محمد ويندو جنگ تي، اڌ کان لڳي ورندو
رڍ ماري رڻ ۾ تنهن جو رت مـَـکي ورندو
تنهن مان ڪونج رڱائجئين ڪنجرو، تنهنجو محمد ڪين مرندو
اِهو محمد گهر ويٺي گهائبو، جنهن کي هڻندينءَ ڏوئي ڳن.

ساران جواب ڏنو ٻاگهيءَ کي ته:

ڌيءَ دودي راوَ جي تڏهن ساران ڳالهايو
ڏاڏي! تو ڏوهـِـڙو، مون سارو آهي سمجهو
تونڪي لوڏيو پينگهو ٻار جو، نڪي مرد ڏنئي پاسو
آءٌ هجان ها پٽ اَبي جو، توکي ڇڏيان ها پرڻائي
اڇن ۾ ٿي گهريو وٺين مڙس عالادين بادشاه.

محمد هٿيار پنوهار کڻي ڀاءُ ۽ سؤٽ جو وير وٺڻ لاءِ تيار ٿيو. هاسو سوڍو، محمد جو پڳ مٽ يار هو، تنهن جي شادي جا ٻه ٽي ماڻهو مهندئي آيا. محمد ڪونه هو. دورو منگتو، هاسي جي شادي جي دعوت محمد کي ٿو ڏئي:

دُورو ڊوڙي آئيو، محمد کي سڏ ڪري
ڪُ ويلڙا سڏڙا مونکي دورا ڪوه ڪرين؟
چئي: هاسي جي شادي آهي تو ڏي دعوت موڪلي يار.

محمد جواب ڏنو ته:

ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان، منهنجو ڪونڌر ڪالهه ڪـُـٺو
ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان، مون سان ڳالهيون ڪير ڪندو
ٻيو اٿم سور سؤٽ جو ننڍڙو ماريو
هاڻي اول يارانو يار جو، آءٌ پوءِ وٺندس وير
محمد گهوڙو ڇوڙيو سنڀري ٿيو ساڄو.

محمد پنهنجي يار هاسي سوڍي جي شادي تي آيو.

پائي پير رڪيب ۾، گهوٽ چڙهيو گهوڙي
گهوڙو ڪاهيئين تڪڙو سامهون سوڍن ڏي
سڀڪو سوڍو هليو اچي محمد کي ملڻ
ڇني ڇٽيهه ٿوڻيون، جنهن ۾ ٻٽيهه ڏيا ٻرن
ويهاريئون محمد کي ڳاڙهي کٽ مٿي.

دُوري منگتي چيو ته محمد يار جي شادي تي آيو آهي، راڳ ڪريان ته دان ڏئي. تڏهن دوري کي محمد ڇا ٿو چوي:

ڀـَـلي آئين منگتا، مون کي سرهو ساٿ سڻاءِ
چوليءَ مان چاڙهي ڪڍيو، دُوري رُڪ جو طنبورو
طرح چاڙهيئين تند کي، جنهن طبل رکيو تاب
راڳيندڙ تان راڳ ڪري، دوري راڳ ڪيو پورو
محمد ڇوڙائي ڏنو سونن سنجن سان گهوڙو
دُورا! دان سران ٿو ايترو، جو ويو لالن ڪالهه لڏي
نه ته ڏيئين ڪن ڏيهن جو، تنهنجي پونير ڪونه پنيو.

 ---

هاڻي ڪئين تان ناچو آئيا، لکين سناسي سڄاڻ
وڄن شرنايون سوز مان ڌڪڙ ڌمالون ڪن
محمد گهورون ائين ڪري، جيئن موتي مينهن وسن
سائـِـي ملير ڪلهن ۾ هاسي محمد سين وڌِي
قيمتي هو ڪپڙو، جنهن ۾ موتي لک لڏن
ڏياريو لانئون گهوٽ کي هليو ڇني پاس ويهن.

هاسو سوڍو وڃي لانئن تي ويٺو. محمد گهوڙي تي چڙهي تيار ٿيو. دُورو ڊوڙيو ۽ هاسي کي لانئن تي خبر ٿو ٻڌائي:

دُورو ڊوڙي آئيو، هاسي سڏ ڪري
ڪُ ويلڙا سڏڙا، مونکي دورا ڪوه ڪرين؟
چئي: محمد تنهنجو يار هو، سو چڙهيو يار وڃي.
پير پٽ تي، پير کٽ تي، هاسو ڳنڍن سان وري
ڊوڙي اچي هاسو محمد کي پهتو
تنهنجي منهنجي ڳالهه جو مونکي لڳو آهي تماشو
هڪڙي ڊوهي اٿئي الله  جي ٻي ڊوهي ننگر جي
چئي: جنهن جون ڊوهيون ڏئين سو لالن ويو ڪالهه لڏي.

تڏهن هاسي سوڍي چيس:

سـَـل سچي ڪر سومرا، منهنجو ننگر ڪنهن ماريو؟
چئي: سڻندين ڳالهه سڄڻ جي ته ڇـَـنا هڻندين پٽ
وني ماڻيندين ڪينڪي، نڪي خان چڙهندين کٽ
ٻـُـڌان ٿو ڪنن سان اٿئي نظر ننگر ماريو.
چئي: نريون نظر بيگ جون، محمد! هٿن سان ڀڃان
ماريان پڙ سالار کي منهنجا هنيين ٺار ٺرن.

هاسو سوڍو، محمد کي ڇـَـني تي وٺي آيو. ڪنوار جيڪا لانئن تي ويٺي هئي، تنهن هاسي کي چيو:

ڌيءَ اَهـَـلي وِيرَ جي، مائي  ”مـَـهـِـلان“  ڳالهايو
اِها نه ويل وڃڻ جي متان ور وڃين
ور وڃين ٿو ننڍڙو، توکي لڳي نه ڪوسو واءُ
هاسا! ڳالهه چوان، تون دل لائين داناهه
سچو يارانو يار جو اڳي ٿي گذريو
هيلوڪن يارن کان ٿـِـي مـُـٺي ڀـَـلي
اول تڪيندءِ گهر کي، پوءِ سڏيندا يار.
چئي: محمد جهڙن يارن تان هي سر ڪريان قربان
سچو يارانو يارن جو مونکي آخر ڪم ايندو.

ڪنوار چيو:

مينديءَ رڱيم هٿڙا، سي ڪيئن ڪريان ڪاڏي
چئي: نـُـنهن رڱاءِ وڃي نير مان، ڀانءِ ڪين پرڻيو.

پوءِ هاسي سوڍي، محمد کي چيو ته: منهنجي ڪنوار کي به وٺي وڃي پنهنجين سومرين سان گڏ ته سڀئي وِلهيون گڏ هجن.

وِلهي وڃ گڏ وِلهين سان، وِلهيون سور سلين
وِلهي وڃ گڏ ولهين سان، ولهيون ورڇ ونڊين
گڏينس وڃي پنهنجين سان، جيڪي ڏيئي ڳاٽ ڳرن.

هاڻي هاسي سوڍي چيو ته پهرين جنگ  تي، آءٌ چڙهان، پر محمد چئي ته آءٌ. دُورو منگتو ڀان هو، تنهن چيو: ههڙا سورهه مري ويندا، تنهنڪري ڇو نه آءٌ وڃان! توهين ويٺا هجو، مونکي موڪل ڏيو.

دُورو وجهيو ڀاڪر محمد کي، ڪيهر ڪر موڙي
محمد! دعا ڪرينم دل مان منهنجو مـُـهت ٿي وڃي
هڻي هٿ پٺن تي محمد دليؤن دعا ڪيس
ٻٽيهه تندون توکي سيني ۾، جيڏانهن ساهـِـينس تيڏانهن ساه
ست ٻاڙيون سلطانن کي، ٻاري تنهن ڏانه ٻار
چارئي ڪنڊون وڳهه جون، واري تنهن ڏانه وار
وائي نه ڪڍجئين وات مان ٻاگهي جي سڱ جي.

دُورو جنگ تي چاڙهيو:

گهوڙو دُوري ڀان جو نـُـنهن ڀر نچي ٿو
تازي جنهن جا تؤز ڀـَـريا، وڃي واءِ گڏيو
هڪڙي ميزل واٽ تي  ’گـُـنگڙي ٿر‘  لٿو
ميزل سر ميزل ڪري،  ’وايو واه‘  ويٺو
ٽي ميزل واٽ تي  ’وڏيءَ ڍنڍ‘  لٿو
چوٿينءَ کان  ’بڪار‘  ۾، دُوري وڌو ديرو.

ننگر ڀونگر جي مئي کان پوءِ عالادين ۽ مغلن بڪار جو شهر ڦـُـري ڀينگ ڪري ڇڏيو هو. اهو ڏسي دوري چيو: مـُـڙسن مئي سـُـڃون آهن، اڄ ڪو عالادين جو مغل ڏسان ته موڙاٽي ڪنڌ ڀڃانس. هڪڙي جو مڪڙ وانگر ڪنڌ پٽيائين. دل ۾ خيال ڪيائين ته آءٌ وڳهه جو منگتو، متان هن ويس ۾ دليءَ جو بادشاه مونکي راڳ نه ڪرائي، سو وڳهه جو ويس لاهي، مـُـغل جو ويس ڪري هليو:

مغل ماري پڙ ۾، هليو مغل جو ويس ڪري
ڪـَـهندي هن ڪٽڪ ۾، ٿيو پنڌرهون ڏينهن دُوري
سورهين ڏينهن سلطان جي وڃي چؤرنگ تي ڍريو
اِتي عالادين بادشاه ڳهلي ڳالهايو
ڀلي آئين منهنجا منگتا، مونکي سـُـرهو ساز ٻڌاءِ
چوليءَ مان چاڙهي ڪڍيو، دُوري رُڪ جو طنبورو
طرح چاڙهي تند کي، طبل رکيو هو تاءُ
راڳيندل دوري راڳ ڪري، راڳ ڪيئين پورو
دوري آندو دل ۾ اِتي ٺوڪينس طنبورو
سنڀالي حضرت شاه کي دوري ٺوڪيس طنبورو
ڌڪ لڳو ڪينڪي، هڪڙي رتيء ڦير ٿيو
جن کي ڇانئون اولاؤن جون، تن کي ڌڪ لڳن ٿا ڪين
وٺ وٺ دوري يار کي ويا مڪڙ روه وري
ٽپ ڏئي ٽپڪا ڏئي، چؤرنگ تي ڍريو
پنج ماريائين پڙ تي، ڏهه ڏاڪڻ تي پورا
چاليهه ماري چٽ ٿيو، ڀڄي پيس طنبورو.

عالادين بادشاه جو رُڪ جي طنبوري جي ڌڪ کان بچيو هو، سو خير خيراتون ڪيائين، چنيسر کي سڏائڻ جو خيال ڪيائين ته هاڻي ويٺي چڱائي ڪانهي:

عالادين ماڻهو موڪليو ته چڙهي چنيسر آءُ
چڙهي چنيسر آئيو عالادين اڳيان
رُڪ چنيسر لعنتي، رُليا ريب ڪيئي
ڪري مـِـهـَـه منگتن جا دودا ديم هنيئي
تنهنجا منهنجا ماريا، پرتا پيرن کي
ڀائر ٻڏي مرو پاڻ ۾، منهنجو واهي شاه.

چنيسر خيال ڪيو ته سچي ٻڌائيندوسانس ته ويهندو، نه ته ڪونه ويهندو. سو چيائينس ته:

چوري آندو اٿم توکي سنڌ ۾، توکي هاڻي ڪير ڇڏي
پٽ مارايم پنهنجو، ڀانئين ٿو وير ڦٻي ويندو!
پهرين ڀاءُ ٽنگائي ڀالن ۾، تنهن اکين رت ڏسان
وِلهيون ڪريان سومريون، دودو داڳايان
دودي مـُـئي کان پوئتي توکي جيئرو ڪونه ڇڏيان
لوهيڙو لڪڻ هٿ ڪري، لک تنهنجا لاهيان
ماريان ڀڙ سالار کي، منهنجا هنيڙي ٺار ٺرن
ڪن ڪر عالادين بادشاه! توکي ڪچيءَ ڳالهايان.

هاڻي هاسو سوڍو جنگ تي چڙهيو:

لوهيڙو لڪڻ هٿ ڪري، هاسو ڪڍي پڙ ۾ ليڪو
جنهن کي جـُـوفو جنگ جو، سو نڪري جوان اچي!
ستر جوانن پڙ ۾ اچي سوڍي سان بيٺا
اسين تائب تنهنجا، راوَ ڏيو اسان رخصت
ته ڦـُـريون عالادين کان، مڏيون مال ملڪ
ڪـُـهون چنيسر مير کي، ڏئي نڙيءَ لت.

هاسي يارن کي چيو ته: مائٽن کان موڪلائي اچو.

مردن حق بخشي ڇڏيا وڃي پنهنجي کي زالن
زالن حق بخشي ڇڏيا پنهنجي کي مردن
پٽن ٿڃون بخشائيون، پنهنجي کان مائن
مائرن ٿڃون بخشي ڇڏيون پنهنجي کي پٽن
پٽن جهڙا وڇوڙا وڏي ڀاڳ ملن.

---

وجهيو ڀاڪر محمد کي، هاسو ڪيهر ڪر موڙي
محمد! دعا ڪرينم دل مان ته منهنجو مـُـهت ٿئي
هڻي هٿ پٺن تي محمد دليؤن دعا ڪيس
ٻٽيهه تندون سيني ۾ جيڏانهن ساهـِـينس تيڏانهن ساه
ست ٻاڙيون سلطان کي، ٻاري تنهن ڏانهن ٻار
چار ڪنڊون وڳهه جون، واري تنهن ڏانهن وار
وائي نه ڪڍجئين وات مان، ٻاگهي جي سڱ جي.

---

اتي گهوڙو هاسي سوڍي جو نـُـنهن ڀر بيٺو نچي
گهوڙو هاسي سوڍي جو هرڻ حيوان وٺي
تازي جنهن جا تؤز ڀريا وڃن واءُ گڏيا
هڪڙي ميزل واٽ تي،  ’گنگڙي ٿر‘  لٿو
ميزل سر ميزل ڪري وڃي  ’ويرا واه‘  ويٺو
ٽي جا ميزل واٽ تي،  ’وڏڙيءَ ڍنڍ‘  لٿو.

اتي هڪڙو صوبو پاسي سان ويٺو هو، تنهن جا نـوَ سؤ پخالي، سي اچي پاڻي پيا ڀرين.

هاسو چئي يارن کي، هي ڇـِـٻ ڇـِـٻ ٿئي ڪهڙي؟
اُٿيا يار هاسي جا ويا پخالين کي ڀـِـيڙي
سـِـسيون پخالين جون ڀـُـڻا گپن ۾ گارِين
نوَ سؤ پخالين جا چـُـڻيو بيٺا مارِين
پخالي ڇڏيئون ڪونڪو، جيڪو ساندارو ڀري.

هاسي سوڍي چيو ته: پهرين لڙائي جي چوٽ اُنهيءَ سان ڏيان، جنهن ننگر ماريو.

رات وهامي ڏينهن ٿيو ٻانگي ٻولايو
پرهه ڦٽي پرڀات جو اُتي نر هنيو نعرو
اڃا هليو اچي اڳتي ستر جوانن ساڻ
چڙهي آءُ تون سنڌ تي ناميارا نظر بيگ
چڙهي آيو سنڌ تي يارنهن لکن ساڻ
سنڀالي حضرت شاه کي پهرين ٿيو نروار
ڪاهجي پيو اُڙدن ۾ جيئن ترت کڙيو تارو
جنگ لڳي جانگاه ٿيو، مانجهي ڪين مڙن
وڏ ڦڙو واڪا ڪري، تيئن ڪڙڪا ڪانَ به ڪن
بجلي چمڪي اُڀ ۾، تيئن تانَ ترارون ڪن
سر واهيون ترڪن کي واريو وات هڻن
مغل ڦريو ماندا ٿيو،  ’پاڻي پاڻي‘  ڪن
پاڻي ملين ڪونه ڪو سي ماندا ٿيو مرن
سـَـٽيندي اُڙدن کي وڃي نظر کي پهتو
سنڀالي حضرت شاه کي هاسي ڏور ٻڌو ڀالو
ڪلنگي سان ڪري پيو، جنهن جي ڇڄهري ڪيو ڇڻڪو
ڪاٽيو سـِـسـِـي تنهن نظر جي اچي سوني ٿالهه کنيو
پنجين ڏينهن پڙ واندو ڪري، ڇڏيئين يارنهن لک لاهي
اچي لٿو طنبن ۾ پنهنجا پنڌرهن مارائي يار.

هنبس پٺاڻ هاسي سوڍي کي جيئرو جهلڻ لاءِ بادشاه کان موڪل وٺي چڙهيو، سو هاسي کي دڙڪو ٿو ڏئي:

پنج سؤ بانشن وارا، منهنجو روز ٿا شڪار ڪن
نو سؤ ڪتن وارا، روز ٿا لوڌ بڇين
تون سـَـٽ جهليندين ڪينڪي، محمد چاڙهي آءُ!

تڏهن هاسي سوڍي جواب ڏنس ته:

سٽيئين شاه ڪلن سان کوڙايئين کاڏو
بانور ڪيو ٿئي بڇڙا! تنهنجو لهي واءُ ويندو
تـَـنبيو ٿو تڪبر ڪرين، تنهنجا ٿورا ڏينهن ٿيا
ڊوهي اٿئي الله  جي، تون پڙ ۾ چڙهي آءُ.
چڙهي آيو سنڌ تي پنڌرهن لکن ساڻ
سنڀالي حضرت شاه کي ٻيهر ٿيو نروار
ڪاهجي پيو اُڙدن ۾، جيئن ڪارو ڪڪر گـُـڙيو
پندرنهن لک پٺاڻ سان ٿو ماڙهـُـو ماس گهري
سگهو آءُ سوڍا، توکي جيئرو جهليان يار
اُڀ رَئـِـي سان لٽيو، ناهي سـِـڄ سماء
مردن مٿان مينهن جيئن قهري ڪانَ وسن
ڌڙ جني جا ڌوڙ ۾ لوهوءَ ۾ لوڙهين
سـِـسيون سلطانن جون ڪلر منجهه ڪـِـرن
سٽيندي اُڙدن مان وڃي هنبس کي پهتو
سنڀالي حضرت شاه کي ڏور ٻڌئين ڀالو
سنڀالي حضرت شاه کي اُڇلي هنيائين ڀالو
ڪلنگي ساڻ ڪري پيو، جنهن جي ڇڄهري ڪيو ڇڻڪو
ڪاٽيو سـِـسـِـي پٺاڻ جي اچي نيزي پاند رکيو
ستين ڏينهن پڙ واندو ڪري، پنڌرهن لک ڇڏيائون لاهي
اچي لٿو طنبن ۾ پنهنجا ويهه مارائي يار.

هاڻي هاسي سوڍي سان جنگ جو وارو آيو صوبي سالار جو، تنهن کي هاسو - سوڍو ٿو چئي ته:

چڙهي آئين سنڌ تي، تون ڀڙ سالار آءُ
سالار پٽ عالادين جو، چوٿون پايو سڏاءِ
سڏي پنهنجي پيءُ کي ٿو ڪهڙي ڳالهه چوي
ته ٻن پئي تنهنجو سڱ ابا، ٻن پئي تنهنجي پاڳ
ويٺا هئاسين دهلي تي، ٿيو مالڪ ملڪ جا
چئي: ابا! چڙهي تون به وڃ، ڏيوئين ڇليون لٽائي.

---

چڙهي آيو سنڌ تي سورنهن لکن سان
سنڀالي حضرت شاه کي هاسو ٽيهر ٿيو نروار
ڪاهي پيو اُڙدن ۾ جيئن بهري باز ڇڙيو
بانشي ڏني بانولي، لغڙ جيئن لڙيو
لشڪر عالادين جي مان پهوڪڍيو وڃن
مردن مٿان مينهن جيئن قهري ڪان وسن
بجلي چمڪي اُڀ ۾ تيئن تان ترارون ڪن
سرواهيون ترڪن کي واريون وات هڻن
ڌڙ جني جا ڌوڙ ۾ لوهو ۾ لڙهن
سـِـسيون سلطانن جون ڪلر منجهه ڪرن
جوانن سندي جان مان سمنڊ وهيو سارو
ويرن نديون وهايون، ٿيون وڳهه پاس وهن
سٽيندي اُڙدن کي وڃي سالار کي پهتو
سنڀالي حضرت شاه کي ڏور ٻڌئين ڀالو
سنڀالي حضرت شاه کي اُڇلي هنيائين ڀالو
ڪلنگي ساڻ ڪري پيو، جنهن جي ڇڄهري ڪيو ڇڻڪو
ڪاٽيو سـِـسـِـي سالار جي اچي نيزي پاند رکيو
نائين ڏينهن پڙ واندو ڪري ڇڏيئين سورنهن لک لاهي
اچي لٿو طنبن ۾ پنهنجا مڙئي مارائي يار.

عالادين پڇيو چنيسر کان ته هي ڪير آهي؟ ۽ چيائينس ته: هاسو سوڍو، محمد جو پڳ مٽ يار اِهو اٿئي. پوءِ چنيسر آيو هاسي وٽ ۽ پڇيائينس ته: سوڍن جي پـَـر تي وڙهندي يا دودي جي؟ اسان دودن جي پر اِها آهي ته جڏهن يار مرن ته نـِـيرَ پيرن ۾ وجهي، اکيون آسمان ۾ ڪري، ڪٽڪ ۾ ڪاهي پئون. هاسي سوڍي چيو ته: آءٌ دودن جي پـَـر ڪندس.

نـِـيرَ ٻڌائين پيرن ۾، اکيون ڪيائين آسمان
ڪاهجي پيو اُڙدن ۾، جيئن واءُ ڪري وايو
لشڪر عالادين جو مان پهو ڪڍيو وڃي
سٽيندي اُڙدن مان وڃي طنبو کي پهتو
اِتي عالادين بادشاه ڳهلي ڳالهايو
 ته ور چنيسر سومرا! مونکي ويري ٿو واهي
اِتي چنيسر سومري کڻي جنگ جو ويس ڪيو
چنيسر ڌَڪ لڪي ڇپي اچي هاسي کي هنيو
ڌڪ لڳي ويو جان ۾، ويو ڦـَـرنا ويهه وَهي
ڌڪ جهليندي جان جو، اچي چنيسر کي پهتو
چاچا! ماري هوند مـَـٽ ڪريئين، پر محمد ڏيندو مهڻا
جمعي جي ڏينهن اڳينءَ جو آهي ڪونڌ ڪـُـلهو کوڙيو.

---

ڪونجن ڀيرو ٻڌو اچي هاسي سوڍي تي
هڪڙي ڪونج اچي ڦنگهن ڇانوَ ڪئي
 هاسي پڇيو ڪونج کان، تو مون تي ڇا ڏٺو
چئي: مون کي پاڻ ڌڻيءَ موڪليو، مون ڦنگهن ڇانو ڪئي.

---

هاسو لکي ٿو خطڙا رويو زارو زار
تون وڃي مائي ڪونجل! منهنجي محمد ڏج سلام
ٻئي تان ماريو ڪونڪو، مونکي ماريو چنيسر پاڻ.
ڪونج اُڏامي آئي ٻارهين پهر روپاهه
تون ته آئين مائي ڪونج! پر منهنجو ور ڪٿي؟
چئي: وير تنهنجو ور هئو، سو رڻ ۾ شهيد ٿيو
سڻندي ڳالهه هاسي جي، مائي سڏڪندي ساه ڏنو.

---

ڪونج اُڏامي آئي، وڳهه ڪوٽ مٿان
ڪونج اُتي ڪرڪو ڪيو، سارو جڳ اُٿيو
تون جا مائي ڪونج! منهنجو يار ڪٿي آهي؟
ادا! تنهنجو يار هو، سو رڻ ۾ شهيد ٿيو
سڻندي ڳالهه هاسي جي، محمد ڪاري ڪفني ڪئي
روئندي ٿڙندي واٽ تي انڌو ٿي پيو
ڪونج وٺيو محمد کي گس بيٺي لائي
آءُ محمد هيڏانهن، هيءُ يار پيو آهي
هٿ چميو ٿو پير چمي محمد هاسي جا
ڪيئن ڪريان، ڪيڏانهن وڃان توکي ڪنهن ويريءَ واهيو؟
چئي: ٻئي ماريو ڪينڪي، مونکي ماريو چنيسر پاڻ
محمد جي هٿن ۾ کڻي هاسي ساه ڏنو.

---

ڪيئن ڪريان، ڪيڏانهن وڃان، منهنجو گهوٽ شهيد ٿيو
ڪيئن ڪريان، ڪيڏانهن وڃان، مون سان ڳالهيون ڪير ڪندو
کڻي پٺن تي مڙس کي هليو وڳهه ڏانهن ڪاهي
دودو چڙهيو نگاهون ڪري، منهنجو ابل ٿو اچي
رَئي ڏٺائين آسمان تي، ڀانيائين محمد جي آهي
پرهه ڦٽي پرڀات جو مڙهه کڄي آئيو
ٻه پـُـرهه ڦرهو آڻي، رکيؤن حد مٿي
ڏئي تڙ تازو ڪري، رکيؤن ڳاڙهيءَ کٽ مٿي
نـَـوَ ويهون سوڍن جون، آيا لونگون لڪائي.

تڏهن دودي انهن کي چيو ته:

لونگيون مون نه قبوليون، آيو کـُـهنبن گهوٽ کڄي
نـَـوَ ويهون کـُـهنبن جون پيون سام سوڍي وٽان
دودي کڻي رکيو هو جوٽ تي ڪلمون پاڪ پڙهي.

---

کڻي کٽولو هليا ماروئڙي مقام
ماروئڙو مقام هو اصلي دودن جو
لٽيو لوڙهه گهوٽ جو، ڄاڃي اچن وريا
کڻيو هٿ خدا ڏي، ٿو دودو دعا پني
سؤکو هوندين جهان ۾، توکي سوکو رکندو پاڻ
پرتو آهين الله  کي، اٿئي پارت پوئين جي.

هاڻي دودو محمد کي ٿو چوي:

محمد چڙهي ويهه تخت تي، هي قلعو ڪوٽ وسي
خوشي سان موڪل ڏي آءٌ وڃان ڀاءُ ڏي
وات جي ڳالهه جا وڃي وڏا گهاوَ وجهان
چنيسر پرچي ڪينڪي آءٌ وري اچان پوئتي
حال احوال جون ڳالهڙيون اچي سـُـڻايان توکي.

محمد وراڻيو ته:

چاچا! چڙهي ويهه تخت تي، تنهنجو قلعو ڪوٽ وسي
خوشي ءَ مان  موڪل ڏي ته آءٌ وڃان پيءُ ڏي
ماڻهو ڏيندا مهڻا، چوندا محمد ته مـُـئو آهي
محمد تان مري ويو، تڏهن دودو چڙهيو جنگ تي،
نـَـوَ لکو گهاڻو کڻي، تنهن جا لشڪر وڃي پيڙيان
ماريان عالادين کي، ڪريان پلنگ تي پورو.

دودي چيس ته: وڃي ننگر جي قبر تي ويهه، پوءِ اُتان جيئن احوال ملي تيئن ڪر.

وٺيو مجاور کي مقام تي، جاڳو يار ويهي
ٽي راتيون ٽي ڏينهڙا، هن جواب ڪين جڙي
چوٿين رات اَسـُـور جو آواز اِهو آيو:
محمد ڀڄي وڃ منهنجي ڀرسان، تون بابي ساڻ وڙهين.

---

محمد! پاڻ ٻه ڄڻا آهيون چنيسر جو به پگهر
پيءُ پنهنجو هڪڙو مريم پنهنجي ماءُ
چئي: بابو اچي ويجهڙو، تنهن ڀڄيو ٿج پري
مهندان ڏينهن محشر جي مـَـتان ڪانيارو به ٿئين.

اُٿلي آيو دودي وٽ، جنهن جي پڇڻ تي خبرون ٿو ٻڌائي.

ابا ڪهڙي وهي واپري، مونکي سڻاءِ سـُـڌ سڌر
چئي: جيڪو حوال ٿي گذريو، مون ورتو سڀ ساري
ورتم واٽ حبيب جي ڪعبي سندي ڪـَـرَ
ننگر مون کي ائين چيو، هن جا لشڪر وڃي پـِـيڙ.

دودي چيو ته: ابا! ڀانن کان خبر وٺون ته پنهنجن سومرن ٻاهرين ڪنهنکي سڱ ڏنو! حيدر هولاڻي فقير هو، تنهن کان ٿو دودو پڇي:

گهڻيون پيڙهيون ٿو سنڀرين، تون حيدر هولاڻي؟
چئي: ٽي پيڙهيون ٿو سنڀران، ٽي ڪارا دودا ڀينءَ
نڪو سڱ ڏنو سومرن، نڪو ڪنهن کـُـؤن ورتائون
راڄ ڪـَـچو اسان ڪونه ڏنو، نڪا سومري ڏنائون سلطان.

دودي پڇيس ته: اسان جي ستن پيڙهين جي خبر ڪير ڏيندو؟ حيدر هولاڻي چيو ته: چـَـنڊ فقير مڱڻهار. دودو اُنهيءَ کان ٿو خبر وٺي:

گهڻيون پيڙهيون ٿو سنڀرين، چنڊ مڱڻهار فقير؟
چئي: ستئي پيڙهيون ٿو سنڀران، ست ڪارا دودا ڀينءَ
نڪو سڱ ڏنو سومرن، نڪو ڪنهن کان ورتائون
راڄ ڪـَـچو اسان ڪونه ڏنو، نڪا سومري ڏنئون سلطان.

فقير کي چيائين ته: اهڙي ڌر ڏس، جيڪا اسان جي سام جهلي. فقير ٿو پهرين ڌُر ڏسي:

پهرين ڏسيئين ويجهڙو،  ’اوڍر‘  ڪوٽ اَڏيو
اوڍر تنهن جوان جا تو سڻ سڻايان پار
اوڍر تان اڳي هئو، سـَـمن جو ڌراڙ
سمن مال بخشيو، تنهن مان اوڍر ٿيو شاهوڪار
ماڻهو ڏيندا مهڻا، چوندا سام جهلي ريڍار.

---

ٻيو ڏسيئين ٿو ويجهڙو،  ’ڪـَـنڊير‘  ڪوٽ اڏيو
ڪنڊير تنهن جوان جا، توکي سڻ سڻايان پار
نـَـوَ ڇليون، ڏهه صوبا، تپي جهليندا تاوَ
سٽ جهليندو ڪينڪي، ڀڄي ويندو ڀاءُ.

---

ٽيون ڏسيئين ٿو ويجهڙو  ’موريل‘  ڪوٽ اڏيو
موريل تنهن جوان جا سڻ ته سڻايئين
نـَـوَ ڇليون ڏهه صوبا، جڏهن تپي رکندا تاوَ
سٽ جهليندو ڪينڪي، ٻاري ڏيندا باهه.

---

چوٿون ڏسيئين ٿو ويجهڙو، سـَـهتي ڪوٽ اڏيو
سهتي تنهن جوان جا توکي سڻ سڻايان پار
سهتو پٽ مـَـهتي سندو، سام جهليندو ڪين
ماڻهو ڏيندا مهڻا ته سام جهلي واڻئي.

---

پنجون ڏسيئين ٿو ويجهڙو اٿئي لال قلندر پير
مڙني موچارو اٿئي  ”ابڙو“  جوان وري.

پوءِ دودو ۽ محمد، ابڙي ڏي خط لکن ٿا.

دودي لکي خطڙو، واريو ابڙي ڏانهن
ڀينرون اچن ٿيون ڀائرن ڏي، تن جو ابڙا ٿي ڀاءُ
خاطي خط اُٺايو اچي در داخل ٿيو
خاطي خط اُڇلي وڌو ابڙي جي مهندان.

---

پڙهيو پروانا دودي جا، روئي زار و زار
روئندي ٿڙندي آئيو، سـَـمهون راڻين ۾
ڍڪي ڇڏيو ڍولڪون، جـُـهمڪ مڙ لاهي
سڄي پنهنجي شهر ۾ آيو دودي اوٺيڙو.

ابڙي خيال ڪيو ته راڻين کان اَنت وٺان راضي آهن يا نه؟ سو پهرين ماءُ کان پڇيائين:

روئندي ٿڙندي آئيو، سمون مائي ماڻس وٽ
ڪـُـ ويلڙا پٽ! مون وٽ آئين ڪهڙي منشامن پائي
چيائين سام آيون سومريون، مون ڇڏيون آهن موٽائي
چئي: ابا! واري آ واڳ ولهين جي، ته پـَـٽ ٻـُـهاريان آءٌ.

وري زال کان ٿو پڇي:

روئندي ٿڙندي آئيو، سمون مائيءَ  ”مکڻ“  (1) وٽ
ڪـُ ويلڙا منهنجا ور! ؟آئين ڪهڙي منشامن پائي؟
سام ٿي آيون سومريون، مون ڇڏيون آهن موٽائي
تڏهن مينڍا تيل ڦليل جا، ٿي مکڻ ڇوڙائي
ته مڙي اچو ڏاڏي پوٽيون، اڄ ابڙو مئو آهي
تون واري آءُ واڳ ولهين جي، آءٌ پخالڻ ٿيان.

وري ڀاڄائي جو اَنت ٿو وٺي.

روئندي ٿڙندي آيو، سمون مائي ڀاڄائيءَ وٽ
ڪُ ويلڙا منهنجا ڏير آئين ڪهڙي منشا من پائي
سامون ٿي آيون سومريون، مون آهن ڇڏيون موٽائي
چئي: ادا هري هري اِها ڳالهه ڪر، متان سپڙ ڳالهه سڻي
سر تنهنجو ابڙَا ادا، متان ڇڏي کنن سان کائي
تون واري آءُ واڳ ولهين جي، من جنڊ ڪڍان آءٌ.

ابڙي ڀاڄائي کي چيو:

سومريون آيون آهن ڪينڪي، اڃان منگتو آيو آهي
اِتي ڀاڄائي لاهي ڏنو ستين سوين جو هار
ادا! هي وڃي ڏي منگتي کي، جنهن جي زال سندو سينگار
ته ڳائي وڳهه ڪوٽ ۾! ابڙو ههڙا دان پيو ڏئي.

سيفل، ساهڙ ۽ سپڙ، ٽيئي ابڙا هئا.

ٻاگهي نڪتي وڳهه مان، آڱر لائي راڄ
هلي آئي اڳتي، ڪوٽ ڪــُـنگرو ڏٺائين
پڇي پٽ محمد کان، هي ڪنهن جو سائين؟
ڏاڏي! اَلله نٿو ڀـُـلائي، آهي ڪنڊير ڪنڊاڻي
پـُـٽ! لهه ته ڪريون ويلڙو، متان پوءِ ٻٽاڪ هڻي.

---

ڪنڊير پلٽي پيو، ويهه مڻ رڌائين انَ
لشڪر پوري ڪين پيو، ڇڊي پاڍي ڪن
ته به پوري ڪين پيو، بچيا پنج ٻانهيءَ جا.

---

اتئين اُٿي هلي ڳوٺ وڏيري، آڱر لائي راڄ
پڇئين پٽ محمد کان، هي ڪنهن جو سائين؟
چئي: ڏاڏي! الله  نٿو ڀلائي ته اوڍر ڪوٽ اڏيو
ابا! ڪاهي ڏس اوڍر کي پوءِ هڻي نه ٻٽاڪ
ڏاڏي! اوڍر پٽ ريڍار جو، سام ڏيندوسانس ڪين
ماڙهو ڏيندا مهڻا ته سام جهلي ريڍار.

---

اتئين اُٿي هلي راڄ وڏيري آڱر لائي راڄ
ٻاگهي نڪتي ڪجاوي مان ڏٺئين ڪنگرو
پڇي پٽ محمد کان هي ڪنهن جو سائين
الله  نٿو ڀلائي ته ابڙي ڪوٽ اڏيو
سومريون سام پيون، ابڙي ڄام وٽ.

سومريون سام ڇڏي ابڙي وٽ، محمد وري آيو وڳهه ڪوٽ تي.

لوهيڙو لڪڻ هٿ ۾ ڪريو، ڪڍي پڙ ليڪو
جنهن کي جوفو جنگ جو، نڪري يار اچي
نوي جوانن پڙ ۾ اچي محمد سان بيٺا
اسين تائب تنهنجي راوَ ڏئين رشخت
ڦريون عالادين کان، مڏيون ۽ ملڪيت
ڪـُـهون چنيسر مير کي، ڏيئي نڙيءَ لت.

اِنهيءَ ڳالهه کي ڪجهه وقت پئي ويو:

گهوڙو يار محمد جو بيٺو نـُـنهن ڀر نچي
گهوڙو سيفل يار جو هرڻ حيوان وٺي
گهوڙو يار ساهڙ جو، جنهن تازي تنگ ڪيا
ستاويهه ڪوه وڳهه کان پين پنڌ پري.

---

 

عالادين ۽ چنيسر خط لکيو محمد ۽ دودي کي ته يا جهيڙو ڏين يا پڳ ۽ سڱ ڏين. محمد ۽ دودي جي شبيهه ۽ بت ڪاٺي هڪ جهڙي هئي.

خاطي آيو سيگهه مان ڪيائين محمد جو سلام
جان آهين دودو سومرو، جان آهين دودي جو ڀاءُ
جان آهين چنيسر سومرو، جان تون محمد آهين پاڻ
ڌمڻ لٿو پيو اٿئي واٽ تي، جنهن سان ست لک ڄڻا
آهي تنهنجي ميزل تي، تون سـِـگهي لهينس سنڀال.

---

رات وهامي ڏينهن ٿيو، ٻانگي ٻولايو
پرهه ڦٽي پرڀات جو اُتي نر هنيو نعرو
اڃان هليو اچي اڳتي نوي جوانن ساڻ
هڪڙي ميزل واٽ تي  ’گنگڙي ٿر‘  لٿو
ميزل سر ميزل ڪري وڃي ڌمڻ کي پهتو
سيفل پيو سٽڪا ڪري، پئي عرشن ۾ اوڇنگار
ساهڙ پٽ پهلوان جو بيٺو واڄٽ وڄائي
اُٿيو جيڪي پڄن تن کي محمد ورائي
اوٺارو واري اٺين کي، بيٺو وڳ ورائي
جهليو ڌمڻ کي ٽنگ مان سپڙ ڦيرائي
ٽئين ڏينهن پڙ واندو ڪري، ڇڏيؤن ست لک لاهي
اچي لٿا طنبن ۾ هن کي جيئرو جهلي.

ڌمڻ چيو ته: مون کي اسم الله  جي جيئدان ڏيو. آءٌ ڪٽڪ ۾ ڪونه ٿو وڃان، ٻيو پاسو ڏئي وڃي ٿو ٻني ٻارو ڪريان. محمد چيو ته: ڇڏيوس ته وڃي.

اِتي سنڀالي حضرت شاه کي محمد ٻيهر ٿيو نروار
چڙهي آءُ تون سنڌ تي،  ”نانوان خان“  وزير
چڙهي آيو سنڌ تي نـَـون لکن ساڻ
ڪاهجي پيو اُڙدن ۾ پيو مرد وجهي مارو
جنگ لڳي جانگاه ٿيو، مانجهي ڪين مـُـڙن
وڏ ڦڙو واڪا ڪري، ڪڙڪا ڪان به ڪن
بجليون چمڪيون اُڀ ۾، تان ترارون ڪن
سرواهيون ترڪن کي واري وات هڻن
سٽيندي اُڙدن مان وڃي نانوين کي پهتو
سنڀالي حضرت شاه کي ڏور ٻڌئين ڀالو
سنڀالي حضرت شاه کي ڀر هنيو ڀالو
ڪلنگي سان ڪري پيو، جنهن جي ڇڄهري ڪيو ڇڻڪو
ڪاٽيو سـِـسـِـي  ’نانوين‘  جي، اچي نيزي پاند رکيو
پنجين ڏينهن پڙ واندو ڪري، يارنهن لک ڇڏيئين لاهي
اچي لٿا طنبن ۾ پنهنجا پنڌرهن مارائي.

---

چڙهي آءُ سنڌ تي، تون  ”ٽاهو خان“  وزير
ڇڙهيو آيو سنڌ تي ٻارهن لکن ساڻ
سنڀالي حضرت شاه کي ٽيهر ٿيو نروار
اُُٿلي پيو اُڙدن ۾، جيئن ترت کڙيو تارو
اُڀ رَئي سان لٽيو، ناهي سج سماء
مردن مٿان مينهن جيئن قهري ڪان وسن
بجلي چمڪي اُڀ ۾ تان تراريون ڪن
سرواهيون ترڪن کي، واريو وات هڻن
ويرن نديون وهائيون، وڳهه پاس وهن
سٽيندي اُڙدن مان وڃي ٽاهوءَ کي پهتو
سنڀالي حضرت شاه کي ڏور ٻڌئين ڀالو
سنڀالي حضرت شاه کي ڀڙ هنيو ڀالو
ڪلنگيءَ سان ڪري پيو، جنهن جي ڇڄهري ڪيو ڇمڪو
ڪاٽيو سـِـسـِـي ٽاهوءَ جي، اچي سوني ٿالهه کڻيو
ستين ڏينهن پڙ واندو ڪري، ڇڏيئين ٻارنهن لک لاهي
اچي لٿا طنبن ۾ پنهنجا پنجويهه مارائي.

---

چڙهي آءُ سنڌ تي، تون  ’فتح خان پٺاڻ‘
چڙهي آيو سنڌ تي پنڌرهن لکن ساڻ
سنڀالي حضرت شاه کي چوٿينءَ ٿيو نروار
ڪاهجي پيو اُڙدن ۾ جيئن واءُ ڪري واڪو
سيفل سٽڪا ڪري، پئي عرش منجهه اوڇنگار
ساهڙ پٽ پهلوان جو، بيٺو واڄٽ وڄائي
جيڪي اُٿيو ڀڇن، تن کي محمد ورائي
اوٺار واري وڳن کي، تيئن وڳ پيو ورائي
سٽيندي اُڙدن مان وڃي فتح کي پهتو
سنڀالي حضرت شاه کي ڀڙ هنيو ڀالو
ڪلنگيءَ سان ڪري پيو، جنهن جي ڇڄهريءَ ڪيو ڇمڪو
ڪاٽيو سر فتح جو اچي نيزي پاند رکيو
نوين ڏينهن پڙ واندو ڪري، پنڌرهن لک ڇڏيئن لاهي
اچي لٿو طنبن ۾ پنهنجا ٽيهه مارائي.

---

چڙهي آءُ سنڌ تي  ’احمد خان پٺاڻ‘
چڙهي آيو سنڌ تي ارڙهن لکن ساڻ
سنڀالي حضرت شاه کي پنجينءَ ٿيو نروار
ڪاهجي پيو اُڙدن ۾ جيئن بحري باز ڀڙيو
بانشي ڏني بانوِلي لغڙ جيئن لڙيو
جنگ لڳي جانگاه ٿيو، مانجهي ڪين مڙيو
وڏڦڙو واڪا ڪري، ڪڙڪا ڪانَ به ڪن
بجليون چمڪيون اُڀ ۾ تانَ ترارون ڪن
سرواهيون ترڪن کي واري وات هڻن
مغل ڦريو ماندا ٿيو، پاڻي پاڻي ڪن
پاڻي ملين ڪونڪو ماندا ٿيو مرن
ڌڙ جني جا ڌوڙ ۾ لوهو منجهه لوڙهين
سـِـسـِـيون سلطانن جون پيون ڪلر ۾ ڪرن
جوانن سندي جان مان سمنڊ وهيو سارو
ويرن نديون وهائيون، پيون وڳهه پاس وهن
مورچا عالادين جا نر ڪپيو ڪيرائين
سٽيندي اُڙدن کي، وڃي احمد کي پهتو
سنڀالي حضرت شاه کي ڏور ٻڌو ڀالو
سنڀالي حضرت شاه کي ڀڙ هنيو ڀالو
ڪلنگيءَ سان ڪري پيو، جنهنجي ڇڄهري ڪيو ڇمڪو
ڪاٽيو سـِـسي احمد خان جي اچي سوني ٿالهه کنيو
يارهين ڏينهن پڙ واندو ڪري، ارڙهن لک ڇڏيئين لاهي
اچي لٿو طنبن ۾ پنهنجا مڙئي مارائي.

---

هتان آيا محمد تي مغل نوَ ڄڻا پهلوان
ٻه وري ويا پوئتي ستن ڌڪ هنيو
ڌڪ لڳي ويو جان ۾، ويو ورنهه وهه وهي
ڌڪ جهلي جان ۾، پٽيئين ٻٻر پاڙان
واريئين ٻٻر ستن تي، ستئي ڪيائين پورا
پوءِ خان ستو کٽ تي ڊگها پير ڪري.

اِنهيءَ کانپوءِ دودو رات جو جنگ تي چڙهندو هو. سندس گهوڙو اُڏامندو هو، ۽ رات جو عالادين جي لشڪر ۾ مارو ڪندو هو، لشڪر کٽندو ويو. عالادين پڇيو چنيسر کان ته: هي ڇا آهي؟ بنان جنگ جي لشڪر ڪيئن پيو کٽي! چنيسر چيس ته: دودو رات جو گهوڙي تي اچي ٿو ۽ اچي ٿو مارو ڪري. پوءِ صلاح ڏنائين ته: کوه کڻائي ڀالا اُڀا هڻائي ڇڏ. عالادين ائين ڪيو. رات جو دودو چڙهيو. عالادين ڀالن واري کوه وٽ بيهي چيس ته: مڙس وانگر مقابلو ڪر، رات جو چورن وانگر نه وڙهه. دودو ڪاوڙيو ۽ گهوڙو ڪڏائي آيو ته واٽ تي کوه ۾ ڪري پيو. ڀالا گهوڙي مان پار ٿي دودي کي لڳا. پوءِ عالادين ترار سان سر وڍيو. اِتي عالادين جا باقي پنج ست ماڻهو وڃي بچيا. چنيسر چيو ته: هي سڀ مون ڪيو آهي، نه ته ههڙا ڪونڌر ڪي تو کان مرن ها! پوءِ عالادين کان سڀ ڪجهه ويو، سو پوئتي موٽڻ بدران سنگتين سميت گوري کائي مري ويو.

-----


(1) مـِـهـَـه = بهانو.

(1) مکڻ = ابڙي جي زال.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org