سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :10

 

 

 

19 صدي ۾ رچرڊ برٽن جي قلمبند ڪيل ڳالهه*

چون ٿا ته جڏهن اسلام، سنڌ ۽ ان جي آس پاس وارن علاقن ۾ اڃا پورو نه پکڙيو هو، تڏهن ڀنڀور جي برهمڻ کي هڪ ڌيءَ ڄائي، جنهن لاءِ پيشنگوئي ڪئي وئي هئي ته هوءَ وڏي ٿي مسلمان ٿيندي ۽ پنهنجي ڪٽنب کي ٽڪو لائيندي. پيءُ جي مرضي هئي ته اهڙي ٻار کي ڄمندي ئي نڙيءَ تي ننهن ڏيئي ڇڏجي، پر کيس انهيءَ ڳالهه کان باز آندو ويو ۽ پنهنجي زال جي چوڻ تي ٻار کي هڪ پيتيءَ ۾ وجهي، سرن درياء ڪري ڇڏيو. ڪن ڏينهن کان پوءِ اها پيتي ڀنڀور جي محمود نالي هڪ ڌوٻيءَ کي هٿ آئي. هن کي پنهنجو ٻار ڪونه هو، تنهنڪري نينگر کي گود ورتائين. سنڌي چون ٿا ته جڏهن اها ڇوڪري وڏي ٿي، تڏهن هن جي حسن ۽ فضيلت ڪلور ڪري ڇڏيا. هاڻي شاعر پنهنجو قصو شروع ڪري ٿو:

”ٻاٻيهي نالي هڪڙو هندو واپاري، اتفاق سان ڪيچ مڪران جي حاڪم آري ڄام جا وکر جا اٺ ڪاهي ڀنڀور ۾ آيو. هڪڙي ڏينهن هو هڪ گهر جي آتڻ وٽان اچي لنگهيو. سسئي ۽ سندس سهيليون جي اُتي ويٺيون هيون، تن کيس سڏي کانئس وکر بنسبت پڇا ڳاڇا ڪئي. هن وراڻي ڏني:

”چُوِئا چندن، ڪيوڙا، مون سان وکر جون ويهون
مُلَ مهانگي آءٌ ڏيان، ٻيو کٽيي ٻيڻون.“

انهيءَ جواب تي مايون چونس ٿيون ته: ”توکي زالن سان ڪجهه مروت ڪرڻ کپي. اسان جي آتڻ ۾ ويهي توکي کٽيو کائڻ نه کپي. پنهنجي مُشڪ ڪڍ، اُٺي ۽ حاضرين کي مک!“ واڻيو انهيءَ جو جواب واپارين وانگي ڏئي ٿو ته: ”آءٌ ڌاريو مسافر آهيان، ڇو ڪڍان. زالون ڀنڀور ۾ اهڙا ظلم ڪونه ڪنديون آهن.“

اتي سسئي پنهنجي نيڪي ظاهر ڪري ٿي ته، ”واڻيا، اچ ۽ ڊڄ نه، پنهنجو وکر ڪڍ، آءٌ توکي روڪ پئسا ڏينديس، هڪ خدا ٿو ڄاڻي.“

واڻيو وکر ڪڍي ٿو ته سسئي، سهيلين کي مخاطب ٿي چوي ٿي ته: ”واپاري واڻيو گهمندو گهمندو اسان جي ملڪ ۾ پهتو آهي. سندس سونهن ڏسو. سهيليون! هو ڪهڙو نه سهڻو آهي!“

هندو نهٺائي کان ڪم وٺي چوي ٿو ته: انهيءَ تعريف جو لائق آءٌ نه، پر منهنجي مالڪ جو پٽ پنهون آهي:

آءٌ ڪڄاڙو آهيان، جي ڏسو مون ڀي ڌڻيوم
تهين جي سونهن جو مون کي چاليهون راٽوم.

سسئي ۽ سندس سهيليون اها ڳالهه ٻڌي تڪڙو تڪڙو پڇن ٿيون ته: ”واڻيا، تنهنجي ماءُ پيءُ توتي ڪهڙو نالو رکيو  هو ۽ اهو جوان ڪير آهي، جنهن جي سونهن جي تون تعريف ڪرين ٿو؟“ هندو جواب ڏئي ٿو ته: ”منهنجا ماءُ پيءُ مون کي ٻاٻيهل جي نالي سان سڏيندا آهن ۽ انهيءَ جوان کي پنهل خان بلوچ سڏيندا آهن، جنهن جي مون واکاڻ ڪئي آهي.“

سسئي نهايت ئي البيلائي ۽ بيتابيءَ سان منٿ ڪري ٿي ته: ”منهنجا ننڍڙا ٻاٻيهل! بلوچ کي ڪوٺي اچ ته آءٌ کيس ڏسان.“ ٻاٻيهو پهريائين قاصد ٿيڻ کان انڪار ڪري ٿو ۽ طرحين طرحين بهانا ڪري ٿو، جيئن ته”هن کي ماڻس شڪار جي به اجازت نه ڏيندي آهي. بلوچ تي سخت چوڪسي آهي. آءٌ هن کي آڻي ڪين سگهندس.“ پر سسئي انهيءَ ڳالهه کي گهڻو وزن ڪونه ٿي ڏئي ۽ چوي ٿي ته: ”سوين قافلا ۽ لکين ماڻهو اچن وڃن پيا، بلوچ کي اچڻ ۾ ڪهڙي مشڪلات آهي؟“

جڏهن ٻاٻيهو ڏسي ٿو ته سهڻي سسئي مُڙڻ جي ناهي، تڏهن پنهنجو آخري داءُ کيڏي ٿو ته:

”پنهون پرٽ! سهڻو، واڌو جنهن ڄڻ وار
ٻه ڪنواريون تنهن جون، ڪوئل جهڙي ڪار.“

سسئي انهيءَ ڳالهه جي به پرواهه نٿي ڪري، چوي ٿي ته: آءٌ به ڪنواري ۽ ڀنڀور جو نڪ آهيان. منهنجو آواز به ڪوئل جي ڪوڪ کان گهٽ مٺو نه آهي.“

اهڙي حالت ۾ انسان ويچارو ڇا ٿو ڪري سگهي! ٻاٻيهي کي ترس پوي ٿو ۽ هو چوي ٿو ته:

آءٌ پڻ هليس ڪيچ ڏي، ٻائي! الهه توهار
ڪيڙم ٻول ٻروچ جو، لڳ ڌڻي آڌار.

سسئي خوش ٿي چوي ٿي ته:

”ٻاٻيهل! بلوچ کي منهنجا سلام ڏيج.

اي ڄام! آءٌ توکي اُچا اُچا ڪپڙا سوکڙيءَ طور موڪليان ٿي.“

قصي جو پهريون حصو اتي ختم ٿيو. هندو موٽي پنهنجي مالڪ ڏي وڃي ٿو ۽ کيس وڻج واپار جو سمورو احوال ٻڌائي ٿو. موقعي ملڻ تي هو گهر جي لاڏلي پنهونءَ کي پاسي ڪري وڏي شد مد سان کيس احوال کان واقف ڪري ٿو ۽ سسئيءَ جو نياپو ۽ تحفا ڏئيس ٿو. اها ڳالهه ٻڌي پنهونءَ جي دل ۾ محبت جو مچ ڀڙڪا کائي ٿو ۽ هو ڀنڀور هلڻ جي تياري ڪري ٿو ۽ ٻاٻيهي جي اڳيان هيئن دل ڀڄائيندڙ لفظن ۾ پنهنجي انتظار ۽ محبت جو اظهار ڪري ٿو:

”دوس، دماما، دائرا، مون کي ويهڻ وهه ٿيا
توڻي بابو موڪل نه ڏي، آءٌ ڀي هلندس توسان.“

ٻاٻيهو نيزاري ڪري چويس ٿو ته: دل قابو رک، تحمل سان آخر ڪاميابي حاصل ٿيندي.

پيرسن ڄام وري جڏهن وڻج واپار لاءِ قافلي تيار ٿيڻ جو  حڪم ڏئي ٿو ته چالاڪ گماشتو چئيس ٿو ته: جيستائين پنهونءَ کي هلڻ جي اجازت نه ملندي، تيستائين اسان مان ڪوبه ڪونه ويندو. ٻڍڙو وراڻي ڏئي ٿو ته:

”هوتو، نوتو، جکرو، نيو ٻٻر ٻانهو ساڻ.“

انهيءَ  تي ٻاٻيهو ورندي ڏئي ٿو ته: ”هت هوتي، نوتي ۽ ٻٻر ٻانهي جي ڪانهي ڪاڻ، اسان کي پنهون ڏي ته هلي حاڪمن سان گڏجي.“

آري ڄام پهريائين ته پڙ ڪڍي بيهي ٿو، پر پوءِ جڏهن ڏسي ٿو ته اوٺي ضد ڪيو بيٺا آهن، تڏهن پٽ کي وڃڻ جي اجازت انهيءَ شرط تي ڏئي ٿو ته هو پنهنجيءَ ماءُ کان موڪل وٺندو:

”ته پيءُ پرتوءِ رب کي، جان موڪل ڏيئي ماءُ.“

قافلي وارن  تي انهيءَ جواب جو بجلي جهڙو اثر ٿئي ٿو، قافلي وارا خوشيون ڪن ٿا ۽ کل ۾ سندن وات مان گل پيا ٽڙن.

ٻڍو ڄام پوءِ شهر ۾ هڪ ڍاڍي موڪلي، ماڻهن کي پُٽ جي اُسهڻ جي خبر ڏئي ٿو ۽ هن جي هڪ جيڏن دوستن کي گهرائي ٿو. آخر جڏهن سڀ تيار ٿين ٿا ۽ پنهون پنهنجي دل گهرئي اُٺ تي چڙهي، هٿيار ٻڌي، روانو ٿئي ٿو، تڏهن سندس پوڙهي ماءُ دانهن ڪري چوي ٿي ”اي جوانو! منهنجو پنهون پرتو اٿو!“

اهي لفظ ٻڌي ڀاڄوڪڙ جوان جي ننڍي زال عائشھ، گهر کان ٻاهر نڪري، اُٺ کي مهار کان جهلي چوي ٿي ته: ڀتار! مون کي اڪيلو نه ڇڏ، نالي الله جي هيءَ رات مون سان گهار يا مون کي مائٽين موڪل.

وڏي زال جنهن کي انهن ڳالهين جو زياده آزموده آهي، سا ننڍي زال کي باز آڻيندي ٻڌائيس ٿي ته ڀتار جي دل تي ڪنهن ٻيءَ جو قبضو ٿي چڪو آهي.

پنهون خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ نٿو ماپي ۽ سڄي واٽ قافلي وارن کي مٺين مٺين ڳالهين سان وندرائيندو هلي ٿو. ڪتاب ۾ هڪڙو ٻيو سنڌي ماڻهن جو سوڻن ڏي اشارو ڪري ٿو:

”ڏائو تِتر جي لنئي، ساڄو کان سِراءُ
هڪ کاٽائو سٿ جو، ٻيو پرين مڙاءُ.“

رستي تي هڪڙي شهر مان لنگهن ٿا. اتي هڪ عورت رهندي هئي، جا پاڪدامني جي ڪري نه، پر پنهنجي حسن سببان گهڻو مشهور هئي. البيلي عورت، جنهن جو نالو هو ”سهجان“، تنهن جڏهن پنهونءَ کي هسوار ڏٺو، تڏهن مٿس اڪن ڇڪن ٿي پئي. دل ۾ فيصلو ڪيائين ته پنهونءَ سان ڪيئن به ڪري ملاقات ڪنديس. تنهنڪري مردانو ويس ڪري، لوءِ جي مڪان وٽ قافلي سان اچي گڏي. اتي اوٺي، کجين هيٺان آرام ڪري رهيا هئا ۽ پنهون پنهنجي حال محرم دوست ٻاٻيهي سان شطرنج راند ويٺي کيڏي. پنهون هڪدم راز سهي ڪري ويو. ناز ناريءَ جي سوڀيا کيس موهي وڌو. پنهونءَ سندس دعوت قبول ڪئي ۽ هن جي صحبت ماڻڻ لاءِ قافلو ٽي ڏينهن ترسايو. هوڏانهن سسئي پنهنجي عاشق کي ڏسڻ لاءِ منتظر هئي، سو ويئي منشي آخوند لال جي گهر. ان کي نيزاري ڪري چيائين ته ”بيوفا جوان لاءِ هڪ درد ڀريو خط لکي ڏينم.“ اهو آخوند به سسئي تي ڪو گهڻن ڏينهن کان مفتون هو ۽ هن جي عشق ۾ روئي روئي انڌو ٿي پيو هو، سو چيائين ته ”اکين سان“. قدرت سان ائين چوندي هن جون اکيون سڄيون ٿي پيون. پوءِ سسئيءَ قاصد هٿان چٺي موڪلي، جنهن ”لوءِ“ ۾ پهچي پنهونءَ جي حوالي ڪئي. هوڏانهن سهڻي جوان سهجان جي نرم دل تي اهڙو جادو ڪيو، جو هوءَ وڃڻ جي اجازت ڏئيس ئي نه. آخر لاچار ٿي پنهون هن جي پيالي ۾ آفيم وڌو. ٻاٻيهي کي پٺتي ڇڏيائين ته جڏهن ڦندي ۾ ڦاٿل دلربا اُٿي ته کانئس معافي وٺي. جڏهن رازدار، سهجان کي حقيقت کان آگاهه ڪيو، تڏهن سندس غصي جي حد ئي نه رهي. ٻاٻيهي کي اُڦٽ ماري وجهي ها، پر هن چالاڪي ڪري، ٺاهه ٺاهي چيس ته: ”قاصد خبر آندي هئي ته پنهونءَ جي ماءُ گذاري وئي آهي.“ انهيءَ جواب ٻڌڻ تي سهجان روئي، سڏڪا ڀري، سهيلين کي چيو ته:

”هلو هلو جيڏيون هلي پسو لال لوءِ
اوطاق پنهل ڄام جي، هلي چشمن سان چمو.“

ٻاٻيهي کي ٻائيءَ سوغاتون ڏئي روانو ڪيو ۽ هو جلد وڃي پنهنجي مالڪ سان گڏيو.

جڏهن قافلو منزل کي ويجهو پهتو، تڏهن حرفتي ٻاٻيهي هر هڪ اُٺ جي وات ۾ مشڪ جو ذرو وجهي، سندن ٻوٿ ايستائين ٻڌي ڇڏيا، جيسين وڃي ڀنڀور پهتا. سندن سواري ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا هشام اچي ڪٺا ٿيا. اُٺن ۽ انهن جي پاکڙن جي تعريف مان ڍاپن ئي ڪين. آخر قافلي اچي سسئيءَ جي باغ ۾ منزل ڪئي. پر سسئيءَ کي شرم وچان يا ٻئي ڪنهن سبب ڪري همت ئي نه ٿي جو عاشق کي گهرائي، ساڻس ملاقات ڪري. پنهون ڏاڍا وس ڪيا. آخر ڏٺائين ته هڪڙو ڪبوتر، انب جي وڻ تي ويٺو آهي، سو ڪمان ڪڍي، چست وٺي، اهڙيءَ اٽڪل سان تير هنيائين جو وڃي ڪبوتر کي لڳو ۽ ڪبوتر سسئيءَ جي پڦيءَ جي هنج ۾ اچي ڪِريو. پوڙهيءَ غصي ۾ اچي چيو ته:

”خوني ٻچي خچرو، تو خونيءَ  خون ڪيو
پکي ماري اسان جو، تنهنجو ڪهڙو ڪاڄ سريو؟“

پنهون جواب ڏئي ٿو ته: ”آئون خوني آهيان ۽ خوني ڪم ڪيو اٿم، پر مون کي ان پکيءَ کي مارڻو هو، جنهن مون کي پنهنجي گهران ڪيچ مان گهرايو آهي.“

سسئي اها ڳالهه ٻڌي وٺي ٿي ۽ تير کڻي وڃي پنهونءَ کي ڏئي ٿي. پنهونءَ کي هاڻي ترسڻ لاءِ بهانو ڪونه آهي، پر تنهن هوندي به در وٽ بيهي رهي ٿو. تند مزاج پوڙهي وري اچي مٽجيس ٿي:

”ٽِلين ويڙهن وچ ۾، تون ڪنهن جو مور
ڪر تون کاٽ هڻندڙ، ڪِ تون ڪپڙ چور؟“

پنهون انهن الزامن کان هيٺين ريت انڪار ڪري ٿو:

”ٽلان ويڙهن وچ ۾، دوستن جو مور
نه آهيان کاٽ هڻندڙ، نه ڪپڙ چور.“

آخر سسئيءَ کي جوان تي رحم آيو ۽ ساڻس ملاقات ڪرڻ قبول ڪيائين، ۽ سندس آزمائش وٺڻ لاءِ چيائينس ته: جيڪڏهن منهنجي ٻانهن کپنئي ته منهنجي پيءُ وٽ اچي ڌوٻيءَ جو ڪم ڪر!“ پنهون اها ڳالهه قبول ڪئي، پر سندس اڻڄاڻائيءَ ۽ عاشق معشوق جي ملاقاتن ۽ ٻين عجيب واقعن مان گهڻا گل نڪرن ٿا.

قصو ڪوتاهه- پنهون آخر ٻاٻيهي سان جهيڙو ڪري ٿو ۽ سسئيءَ سان سندس شادي ٿئي ٿي. پر سندن سک گهڻو جٽاءُ ڪونه ڪيو. سسئيءَ پنهنجي مڙس پنهونءَ کان وچن گهريو ته ڀنڀور شهر جي هڪ گهٽيءَ ڏانهن نه ويندين. هن چڱي مڙس واعدو ڪيو ته آءٌ ان جي ويجهو به نه ويندس. مگر انجام ڪندي ئي ان گهٽيءَ جي ڳولا شروع ڪري ڏنائين. آخر سندس نظر وڃي هڪ سوناري جي خوبصورت زال ”ڀاڳل“ تي پيئي، مائيءَ کي به بلوچ جوان جي صورت وڻي ۽ هن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڏاڍيان چيائين ته: ”شل خدا ميڙو ملائي“ اهي لفظ ٻڌي پنهون گهر ويو ۽ اتان ترار جو مياڻ کڻي مرمت ڪرائڻ جي بهاني سان سونهاري وٽ آيو. سسئيءَ سهي ڪيو ته ڪو مڙيوئي فريب آهي، تنهنڪري پنهنجين سهيلين کي چيائين ته:

”پنهل هليم تيوري، ڀڃي ٿيڪ مياڻ
جيڪس سوناريءَ سهتيو ۽ ڀاڳل هنيس ٻاڻ.“

”ڀاڳل“ هڪ نهايت بدڪار زال هئي. پنهونءَ کي ريبي، سندس دل تي انهيءَ اثر ويهارڻ جي ڪوشش ڪيائين ته سندس  زال ساڻس وفادار ناهي. جڏهن سسئي پنهنجي بيوفا مڙس کي وٺڻ آئي ته سندس رقيب خوب ڳالهايس.

”هٽ مٿيئي سڀ واڻيا، آڏاڻي ڪوري
ڪونه ڇڏيئي ڪو ٻيو، هوءِ جو ٿرن ۾ ٿوري.“

سسئي کي اهي تهمتون ٻڌي ڏاڍو غصو آيو ۽ رقيب کي چيائين ته انهيءَ ڳالهه جو فيصلو  باهه جي آزمائش سان ڪنديونسين. ملڪ ۾ چوڌاري واهه واهه ٿي ويئي ۽ تماشي ڏسڻ لاءِ جتان ڪٿان ماڻهو اچي گڏ ٿيا. ماين جي انهيءَ آزمائش لاءِ ٽي چار مڻ ڪپهه تيل ۽ گيهه ۾ ٻوڙي آڻي گڏ ڪيائون. اهو نظارو ڏسي، بدبخت ڀاڳل جي منهن جو پنو ئي لهي ويو ۽ وٺي ڀڳي. پر سسئيءَ ڪنن کان جهلي زوريءَ باهه ۾ ڌڪيس. سَت جي آخر سَتيا ٿي. سوناري جي زال سڙي ڀسم ٿي ويئي. فقط ڪَن بچيس، جن کي سندس پاڪدامن رقيبھ جا هٿ لڳا هئا. پنهون پنهنجي زال جي وفاداري ڏسي خوش ٿيو ۽ ساڻس گڏجي ساهري گهر آيو.

هن واقعي پوري ڪرڻ کان پوءِ، شاعر پنهنجي اصلي مقصد تي اچي ٿو. ٻاٻيهي واڻئي غصي ۾ ڀنڀور ڇڏي وڃي سموري حقيقت آريءَ ڄام کي ٻڌائي. ٻُڍي کي جو لڳي مٺيان، سو پنهنجن ڇهن جوان پٽن کي موڪليائين ته وڃي ڪيئن به ڪري باغيءَ کي وٺي اچو. هنن جي سفر جو ڊگهو قصو آهي. مطلب ڳالهه جو ته رواج مطابق هو پنهون ۽ سندس ڪنوار کي نشو ڏيئي، اڌ رات جو فقط پنهونءَ کي اُٺ تي ٻڌي کڻي ويا.

سسئي جڏهن هوش ۾ اچي ٿي ۽ ماجرا جي حقيقت پويس ٿي، تڏهن واويلا مچائي ٿي، شاعر انهيءَ واقعي جو ڏاڍو درد ڀريو بيان ڪري ٿو:

”سا گهر نهاري سسئي، ته نه مَهاري
ڏٺائين ڏيرن جا اُٺ نه اوتاري
نَيو نهاري، ٿي سَڄر پير پنهونءَ جا.

*

رويو رت ڦڙا، ڪر ٿي ڇر ڇاٽاري
شيشا لال شراب جا، هئي هئي ڪيو هاري
سا گهايل ڪيئن گهاري، جنهن جو جانب جت وٺي ويا.“

پوءِ سندس سهيليون اچي ٿيون کيس آٿت ڏين. ماڻس ياد ڏياريس ٿي ته گهر جو ڪم رهيو پيو آهي ۽ سهيليون انتظار ڪري رهيون آهن. گهڻو ڏک ڪرڻ چڱو نه آهي. ٻائي جواب ڏئي ٿي ته: منهنجو ڀتار ويو آهي ته مون کي هاڻي چرخو مِٺو نٿو لڳي ۽ نڪي مون کي سهيلين جي ڳالهه مان ڪو مزو اچي ٿو. منهنجو ساهه جبلن ۾ آهي، جتي بلوچ اُٺ ٿا ڪاهين.

سسئيءَ کي ڪنهن به ڳالهه مان ڏڍ نٿو اچي. هوءَآخر سهيلين کي چوي ٿي ته مون ڀتار جي پيڇي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سڀ کيس انهيءَ ڳالهه کان باز آڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون ۽ رستي تي جي ڏک ڏاکڙا آهن، تن جي کيس چِٽيءَ طرح تصوير ڪڍي ٻڌائين ٿيون:

”سڃ وڃ نه سسئي، ٿا نئن ۾ نانگ سُجهن
گدڙ، بگهڙ، ڀولڙا، ٿا رڇ راڙيون ڪن
ڪارا نانگ نين ۾ اڳيان واڪا ڪيو ورن
ڏاڍا ڏينڀو ڏونگرين، ڪوراڙيون ڪرڪن
وجهو ور وڻن ۾، لوهاريُون لُڏن
تنهن کان پوءِ سُڄن، پکا پنهونءَ ڄام جا.“

پر سسئي پنهنجي ارادي کان نٿي هٽي ۽ سهيلين کي ساڻ گڏجي هلڻ لاءِ هيٺين لفظن ۾ منع ڪندي چوي ٿي ته:

”وريتيون ورو، آءٌ نه ورندي ور ري
متان اُڃ مرو، منهنجي پنهونءَ کي پاراتو ڏيو.“

پوءِ سسئي رواني ٿئي ٿي ۽ ٽڪرن ڏي منهن ڪري چوي ٿي ته: ”ادي ونگرو! مون کي محبوب جو ڏس ڇو نٿا ڏيو؟ ڪالهه ته اُٺن جي قطار هتان لنگهي آهي! منهنجو دوست دلدار قافلي ۾ نه هو ڇا؟“

هتي شاعر رستي جي ڏکن، ڏاکڙن، گرمي ۽ مائيءَ جي دل جي امنگن ۽ اورچائيءَ جو نهايت صاف ۽ چٽو نقشو چٽي ٿو ۽ ڏيکاري ٿو ته هوءَ ڪيئن گرمي، سردي، هوا ۽ ٿڪ وغيره جي پرواهه نه ڪندي، ڦٽيل پيرن سان هلندي هلي ٿي. آخر کيس هڪڙو ٻڪرار گڏجي ٿو، جنهن کي چوي ٿي ته: ادا ٻڪرار!  شل ڌڻي تنهنجي ٻڪرين ۾ برڪت وجهي، شل تون هر تڙ تي مشهور هجين! نالي خدا جي ٻڪرار، مون کي ڏيرن جو رستو ڏيکار! پر  هيءُ بدبخت، انسان نه هو، بلڪه هڪ بدصورت بڇڙو ڀُوت هو. کيس سندس ڪُراڙي ڏائڻ ماءُ چيو هو ته توکي جهنگ ۾ هيرن جواهرن ۽ پٽ پٽيهرن سان لال ڪنوار ملندي. سسئيءَ کي ڏسي سمجهيائين ته منهنجي لال ڪنوار اها آهي. سو نهايت اڍنگي ۽ اڻ سهائيندڙ روش اختيار ڪيائين ۽ فضيلت جي ليڪي کان لنگهڻ لڳو. مائيءَ اڃ جو بهانو ڪري ڀيانڪ بدوءَ کي عرض ڪيو ته: ”مون کي اڃ لڳي آهي، ٻڪري ڏُهي پيار.“ هن چيو ته ”مون وٽ ٿانءٌ ڪونهي.“ ان تي حسين خاتونء پنهنجو لوٽو ڪڍي ڏنس. هو ٻڪري وٺي اچڻ لاءِ ويو ته مائي پٿر کڻي لوٽي جي تري ۾ ٽُنگ ڪري ڇڏيو. بدوءَ جون اکيون، مائيءَ جو حُسن ڏسي، اهڙيون انڌيون ٿيون ۽ هن جا حواس ايترو خراب ٿي ويا، جو اها ڪل ئي نه پيس ته لوٽو ڇو نٿو ڀرجي. سسئي لاچار ٻيو چارو نه ڏسي، ٻاڏايو ته ”اي ڌڻي، سَت رک، زمين ڦاٽي پوي ته آءٌ ان ۾ غرق ٿي وڃان.“ نيٺ ڌڻيءَ هن جو عرض اونايو ۽ زمين کيس اوچتو ڳيهي وئي. بدبخت ٻڪرار پنهنجي خطا محسوس ڪئي پر ”ڏڌو کير ٿڻن نه پوي.“ سو نازنين جي يادگيريءَ ۾ ان جاءِ تي لوڙهه ۽ مَنهن ٺاهي ڇڏيائين.

هوڏانهن قصن جي دستور مطابق، پنهون ڀائرن کان جند ڇڏائي ”لالو“ نالي ههڪ ٻانهون ساڻ ڪري، تڪڙو تڪڙو ڀنڀور ڏانهن پئي آيو سو اتان اچي لنگهيو. لوڙهه ڏسي وڌي اوڏانهن ويو. اڃا ويهڻ تي هو ته سندس ڪنوار قبر مان پڪاري چيو ته:

”پنهون آءُ پيهي، سوڙهي پانءَ مَ مَنهَي
اندر باغ بهاريا، ميوا منجهيئي.“

پنهون، لالوءَ کي سڏي اُٺ جي مهار هٿ ۾ ڏيئي چيو ته: ”وڃي منهنجي قسمت جو سمورو قصو، منهنجي پيءُ ۽ احبابن کي ٻڌاءِ.“ پوءِ ڌڻي در ٻاڏايائين ته: ”يا الله! مون کي سسئي سان ملاءِ.“ قدرت مالڪ جي، زمين ڦاٽي پئي ۽ عاشق اندر هليو ويو. آخر لالو، ٻُڍي ڄام کي پنهون جي آخري گهڙيءَ جو احوال ٻڌائي ٿو ۽ قصو ختم ٿئي ٿو:

”ويو وڇوڙو، پرين گڏيا پاڻ ۾
عاشقن روح رتا؛ گل ويو گلزار ۾.“

هي واقعو اهڙي ريت ڏند ڪٿا پيو لڳي. ليڪن اها به حقيقت آهي ته ڪيترا سنڌي، ان قسم جي ڪرامتن ۾ اعتبار ڪونه ٿا ڪن. اهڙن ماڻهن وٽ وري ٻي روايت مشهور آهي ته پنهونءَ کي لالو بدمعاش ماريو هو، جو پنهونءَ هن کي پنهنجي ڪنوار سان ڏسي ورتو هو، بلڪ هو ائين به چون ٿا ته لالو، پنهونءَ کي مارڻ کان پوءِ، هڪ هفتو سسئيءَ سان رهيو هو. ان بعد معاملو لئي مِٽي ڪرڻ لاءِ سسئيءَ کي به ماري ڇڏيائين ۽ پوءِ ٻُڍي ڄام ۽ سندس رشتيدارن کي مٿين ڳالهه ٺاهي وڃي ٻڌايائين. اهڙن شخصن کي، يورپ جي انهن آزاد خيال ماڻهن مان شمار ڪرڻ گهرجي، جيڪي ”ٽراءِ“ جي گهيري ۽ ”اينيسس“ جي سفر کي ڏند ڪٿائون ڪري سمجهن ٿا.


* هي ڳالهه رچرڊ برٽن جي ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“ (سنڌي ترجمو) سنڌي ادبي بورڊ پريس سنه 1971ع تان ورتل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org