سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :17

 

ملان بخش سومري جا چيل بيت*

1- سسئي ستي هئي سيج تي، ڪامڻ منجهه قرار
پنهل ساڻ پريت جي، هيس تن اندر ڪا تار
سي آڌيءَ رات اُٿي ويس، ڪاهي ڪيچ قطار
محبت جنهن جي من ۾، هيس توڙاهون تڪرار
ٻرٻر ٻاڪاري اُٿي، جاڳي منجهئون جار
نيڻ پٽي نروار، ٿي ٻهڳڻ ٻاروچل پڇي.

 

2- ٻهڳڻ ٻاروچل پڇي، پنهنجو جيءُ جمال
جيڏيون مون سان جيترو، هوت ورهائيو حال
دم تنهين دوست کؤن، اوري ناالحال
سا محڪم منزل تي هلي، فهميدي في الحال
پَههُ ڪري پاڻ ۾، سرتين ڪيس سوال
موٽڻ جي مصلحت جو، ڪونهي خام خيال
ايندئي آرياڻي وري، لائق تنهنجو لعل
پر پسي پنهنجو، ٿيندئي نار نهال
ور سان شال وصال، تهتان ٿيندو تنهنجو.

 

3- چئي: تهتان آهي تن ۾، هوت بنان سڀ هُوءِ
حيف مئي جي حال کي، اڄ ڪانڌ ويو مون ڪُوءِ
هن جي دل ديوان ٿي، سڄي پنهل جي سُوءِ
ؤوڙيندس وڻڪار ۾، جانب ڪارڻ جُوءِ
آهي مصلحت مُوءِ، جا ٿيون مادر موٽڻ جي ڏيو.

 

4- چئي: موٽڻ موچارو آهي، ڀينر ڪاڻ ڀتار
برهه سندو، بخش چوي، بيحد پيس نِي بار
ماڳ انهيءَ تي موٽي وڃو اوهان تي نانههِ منهنجي ميار
دعا ڪجو دل سان ته وڃيو ملان هيڪار.

 

5- اورڻ اندر جو چڱو، جي جانب هجي جاءِ
پاپن ڪاڻ پَهوڙَ ۾ پاڻ نه هنئين پچاءِ
مرون تنهين ماڳ ۾ تهڙا وتن تاءِ
چيٽا شينهن چُرن ۾ ڪمينا ڪهڪاءِ
سندي بوءِ بشر تي چهٽيا وتن چاءِ
رهزن روهَن ۾ گهڻا بلائون بچاءِ
اٿي جؤڏو ۾ جبلاءِ، تون ترس نه ڪرين تن جو.

 

6- ترس نه ڪيان تن جو، جي بلائون منجهه بر
وتن وگهيڙيون ڪيون، مِرُن جا مهسر
لاهيو لحم لڱن تئون، ڪاڪيون ڪن ڪَتر
ته به وينديسِ ڪڍ قريب جي، پرتئون منجهه پٿر
اوهان کي مَ عجيب جو، عشق نانههِ اندر
محبت جي مون کان پڇيو ڪاڪيون ويهي ڪر
آرياڻي آڌو، ڏيندو پنهنجي ڏاهه کي.

 

7- پتوڙيائين ٿي پَر لئي، ڏونگر ڏکائي
پاهڻ پير پِٿُون ڪيس، ويس کرا کائي
اصل آريءَ ڄام جي، هئي وينگس کي وڌائي
حب ٿي هلائي، بر ڪناري، بخش چوي.

 

8- بر ڪناري بخش چوي، پوءِ کنيائين پور
ڏکيا ڏونگر کي ڪري موٽايون مذڪور
هڪ سسئي ٻيا سور، ٿي ويا وڳندا پاڻ ۾.

 

9- سسئي سورن سان ڪئي، سندي پِرَ پچار
هڪ اوساري ته عجيب لئي ورائي ڇَوڙيؤن وار
ٿيو سور سسئي کي، ٻڌي سُورن جا سڏڪار
وينگس جي واڪار، ڇپر تان ڇيتيون ڪيو.

 

10- ڇيتيون تان ڇپر ٿيو، ٿيو ڇيتيون لَڪ.
نڪو ڪَرُ ورائي ڪافي ڏي، نڪو ٽيڪ ٽڪ.

 

11- سور ڏيکاريس سيگهه ۾، سندرو ور وٿاڻ
ورائي ته ور جو وجهي ٻاروچل وارو ٻاڻ
برهه لايُون، بخش چوي، پوءِ نه وجهنديون پاڻ
سور جنهين کي ساڻ، آهي ڪيچ تني جي ڪڇ ۾.

 

12- ڪيچ تني جي ڪڇ ۾، آهي برهه جني باري
سڏ ڪيو ساٿن کي، چوي هِيءَ ويچاري
ڌار جيڏيون ڌاري، اوهين ڪاهيو وڃو قافلو.

 

13- ڪاهيو وڃو ٿا قافلو، وڃ هاڙهي منجهه هليو
پورهيت ڄام پنهل جي، اوهين پاڻئون ڪين پليو
واجهائڻ کئون ور کي جهيڙي ڪيم جهليو
هي بيراهه رليو، تت ماٺ ڪيون نيئون محب کي.

 

14- ماٺ ڪيو نيئون محب کي، نيئون ڪرهل قطاري
اصل ويچاريءَ کي وڌو پيڪن پاساري
سچا هجن ها ساهرا، ته ساڻ کڻن ساري
برسر ”ملان بخش“ چوي، هئي هنجون هاري
لَڳِيوَ جا لاري، سا ڇپر ڪيئن ڇڏيو وڃو.

 

15- ڇپر ڪيئن ڇڏيو وڃو، نيو نماڻي نال
ڇڏيو ڀاڄائيءَ، ڀاءُ نِيو، ٿا چَلو اِهڙي چال
بانڪا بغدي بخش چوي، ساٿ نيو ٿا سال
اِنهن ڳُڻَن جي ڳالهه، مَرُ آري ڄام اُتي ٻڌي.

 

16- آري ڄام اُتي ٻڌي، اِها خان خبر
ڪامل هلي ڪيچ مؤن، لهي ڪوهن ۾ ڪر
ٻڌي نهايت ننگ جي، هئي هئي ڪر هر هر
پُرجهائي پُٽن کي، ٻيا سڱ نه سوداگر
جاڙون جتن سان ڪرين، جي جوڏؤ جناور
سيرو ساٿن کي ڪري وير نه لاهي ور
هوت وٺي هيڪر، ڏئي پورهيائت کي پاند ۾.

 

17- پورهيائت جي پاند ۾، آيس هوت هلي
مڙُي ڪين مُهيم کؤن، توڙي پاڙيچن پلي
راند ڪيائين رڪ سان، جهيڙن ڪين جهلي
آڌار آريءَ ڄام جي، وئي ٿي چست چلي
جڏهن ٿيس سائينءَ ڏَهُون سولي، تڏهن ڪانڌ
گڏيس ڪوهه قاف ۾.

 

18- ڪانڌ مليس ڪوهه قاف ۾، ٿيس ور جون واڌايون
موٽي ٿيون سنڌ کي، دهريون دلجايون
پانڌ پنهل پايون، ٿِي وِهي وَڌِ وڻڪار ۾.

 

ـــــــ

 

 

پانڌي پنهور جا چيل بيت*

1- ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن جوڙ به جوڙي آ
وڏائي واحد کي، ٻئي ڪنهن کي ڪيم جڳاءِ
نبي پنهنجي نور مان ڪيو پاڻ ڌڻي پيدا
عاشق عزازيل هو، ٻيا مڙيئي سڌڙيا
تڙايائين تن کي، جن توڙئون تڪبر ڪيا
قبر جي عذاب کان ڪامل ويا ڪنبندا
هتان ويندين هيڪلو، ماري تو پڇندا
سچي تنهن سيّد تي، ٿي پورهيت پنڌ ڪيا
پانڌي چئي پرين کي، منهنجو ساري روح سدا
ميٽئين عيب منهنجا، قادر ڏينهن قيام جي.


 

2- قادر ڏينهن قيام جي، واهر ٿج وري
پوندئي ڪم ڪريم سين، مٿي ماڳ مري
ايندئي ئي مَلڪ الله جا، کولي در دري
اتي ڏوهه ثواب جي ظاهر ٿيندي ذري
پڇندئي پانڌي چئي، سي وهاري وري
اتي سوال جواب جي ٿيندي ڳالهه ڳري
سي ويندا تار تري، ڪلمون جن قلوب ۾.


 

3- ڪلمون جن قلوب ۾، تن کي لهر ناهي لغار
ماڻهو شهر مصر جا، آهن هندو لک هزار
ٻارهن ويهون ٻانڀڻ هئا، پڙهيل پوٿيدار
تن ۾ نائون نالي ٻانڀڻ هو، جنهن جي ڳالهه بهار
صبح ويندو هو سيفل وٽ، اولاد لاءِ اپار
جڙاءَ ۽ جنهنور دار، ان وٽ ڪمي هئي ڪانڪا.


 

4- دنيا دولت پاڻ سان، ساٿ نه هلندي سا
نرمل پنهنجي نور مان، دليئون ڪيس دعا
ٻولايائين ٻانڀڻ کي، ته تنهنجا ڪم ٿيا
سڻي ڳالهه اها، موٽي محلين آئيو.


 

5- موٽي محلين آئيو، هيءَ پڻ ڳالهه وٺي
جنهن جي نَوَ مهينا نبيءَ ڏي، محبت ڪين مٽي
سون نه پائي سومري، ڄاڻي ڇا ڄٽي
پسيو رمز رانجهي جي، منجهان روپ رتي
رکي آهي ريب جي، موکي ڀري مٽي
ڀريو ڪوڏ ڪلال جي، وير ڏين ٿا وٽي
ٻانڀڻ گهر ٻيٽي، نائون ڄائي آهي نينگري.


 

6- نائون ڄائي نينگري، جنهن کي سڪ اولاد جي سينءَ
ماڻهو ڏينس مبارڪون، هندو هليو هيئن
کليو ٿو کيرون وٺي، مون کي ڏني رب رحيم
هاڻي برهمڻ ڪوٺيو تيئن، پڇي نام نصيب نينگر جو.


 

7- نام نصيب نينگر جو، ويو پوٿيدار پڙهي
جيئري باهه جسم ۾، ويئي ٻانڀڻ کي ٻري
ته هيءَ جا طالع تتي نينگري، ويندي نيات مان نڪري
پوندي منهن مسلمان جي، وڃي لکيو لوڙيندي
پوءِ برهمڻ بات ڪهي، ته هن کي لوڙهي ڇڏيو لُڙ ۾.


 

8- لوڙهي ڇڏيوس لُڙ ۾، پوڄا ڪريوس پو
نائون نرت هلي ويئي، ڪڙهي ٿيو ڪارو
پيءُ پِٽي پاڻ کي، ماءُ ڪري مارو
اهڙي هن اولاد کان، هئس ائين موچارو
پوءِ سهي سور سارو، وڌائون سام صندوق ۾.


 

9- وڌائون سام صندوق ۾ جنهن جو ڀيڻ نڪو ڀائي
ڏني ماءَ ڏهاڳ جي، واري واڌائي
ته ڪين کٽائيندي ڪڏهن، کير کنڊون کائي
پوءِ جتي هئي ڄائي، سُڌ تني کي سورجي.


 

10- سڌ تنين کي سور جي، جي پرهه کڻي ٿي پار
ٻانڀڻ جي ٻيٽيءَ جي، پئي پئنچن منجهه پچار
ننڍي هوندي نينگري، ٿي ماءُ پيءُ کان ڌار
ڪين ٿيندي پنهنجي ڪڏهن، لکيو لکڻهار
ڀري ڀاڳ ڀڳوان سان، ڪر پوڄا جي پچار
پوءِ نائون نظردار، توکي نانڪ ڏيندو نينگرو.


 

11- نالي نانڪ شاهه جي، پرچيا ساڻ پرين
دهل دماما ڌوڪڙيون، هت ناچو ٿا نچن
هردم هندو هيترا، مڙيو ميڙا ڪن
ڏيوس ويس وڳا ٿا پيتيءَ کي پوڄين
پوءِ لُڙ ۾ لوڙهيائين، وجهو سام صندوق ۾.


 

12- وجهي سام صندوق ۾، هن کي لُڙ ۾ لوڙهيو
لڙهي لهواري ٿي، جنهن کي لهرين ڪين لٽيو
سورهن ڏينهن سمنڊ ۾، هن کي رزاق رزق رسيو

 

(9)، (10) ۽ (11) حاجي مصري جي روايت موجب

ڪلمون هن جي قلب ۾، واحد پاڻ وڌو
موت مارڻ جو هن کي حڪم ڪونه هئو
تنهن کان پڻ اڳي هو کٽيءَ خواب لڌو
ته مڻيو منهن پوندو، ڌوٻي ڌوندي ڪپڙا.


 

13- ڌوٻي ڌوندي ڪپڙا، اچي ٿيو انجام
آئي صندوق اوچتي، ڦهڪي ڦرهي سام
ڪنجي هئي ڪلف ۾، سا ڏٺي وير وريام
پيتيءَ ۾، پانڌي چئي، هئا هيرا لعل هشام
مورت آهي ماڻهو جي، ٿيو حور ڏسي حيران
ڏس آگي جا احسان، بحر بچايئين وچ مان.


 

14- بحر بچيائين وچ مان جنهن جي ڪل نه پوي ٿي ڪاءِ
لڄ ڀري لڄ سان، ويهي ڳالهه وينجهاءِ
کڻي کٽي هليو، خوش گهڻو ٿيو آءِ
نِئي نينگر کي نپاءِ، تنهن حور کنئي ٿي هنجهه تي.


 

15- حور کڻي هنجهه تي، هلي آيو هيءُ
ماڻهو شهر ڀنڀور جا، تن کي عجب لڳو اِيءُ
مڙيو ڏينس مبارڪون، ڪا ڌوٻي ڄائي ڌيءُ
پاڻ سڏايو پيءُ، نالو تنهن جو سسئي.


 

16- سسئي سڪ سڌير هئي، جيئن ٿي ساماڻي صحتا
پير کڻي ٿي پدمڻي، ويس ڪري وسندا
اکيون جنهن جون آهُو جهڙيون، بِينِ بَشيهر جان
ڪنڌ کڻيو ٿي بند هڻي، ناز نهارڻ سان
حور هڻيو ٿي گهور وجهي، ڏاڍو ڀير به ڀيرن سان
آري ڄام اُتان، سهي سوداگر موڪليو.

 

(14) حاجي مصري جي روايت موجب

17- سهي سوداگر آئيو، مٿان ڍٽ ڍري
ماڻهو شهر ڀنڀور جا، ٿا ميڙا ڪن مِڙي
خبر ڪر کري، ڪو جادو تنهنجي جان ۾.


 

18- جادوگر جهان ۾، جن جو پاڻي پيئڻ پاپ
آءُ واڻيو واپاري آهيان، هو پنهل خان نواب
وير وِهي ٿو وچ ۾ سو درس رکيو ديماڪ
آءٌ خيال نه ڄاڻان خواب، آيس سؤدي ڪارڻ سنڌ ۾.


 

19- سودي ڪارڻ سنڌ ۾، آيو واڻيو وڻج ڪري
ٻيهر تنهن ٻاٻيهي کي، ٿي سسئي سڏ ڪري
آءُ ته ڪريون ڳالهڙيون، ڪي ظاهر منجهه ذري
پوءِ ماڻهو، مرگهه مِڙي، تنهنجي حسن کڻي حيران ڪيا.


 

20- پَسيو سوُنهن پنهونءَ جي، ٿو ڪري ظاهر زباني
ته پنهون خان نواب جي، ٿي موڪ هلي ماني
هڪڙو اٿس حڪم حاڪميءَ جو، ٻي دولت ديواني
هاڙهي وندر وچ ۾، جنهن جا سوين سلامي
جن پسي پنهل جي پيشاني، سي گهر ڇڏي گهوريون ٿيون.


 

21- گهر ڇڏي گهوريون ٿيون، ڪڄاڙي ڪارڻ
اَڏي ڏيانس اوڏڙي، اندر ۾ اوطاق
ڀورو باغ بلوچ جو، جنهن ۾ گلن جي گلزار
هڪ لَڪڙيو اَٺڙو جنهن جي موتين سندي مهار
مَيي ڪامَ نه مار، آءٌ گهوريان باغ گلن سان.


 

22- پنهل ڏي، پانڌي چوي، ويو قاصد پاڻ ڪهي
رکيئين سمن سسئي سان ته ايندس ويهين ڏينهن وري
متان منڌ ماندي ٿئين، مون کي لڳي پهري گهڙي
هڪيو هوندو ڪونه، ڪو ٻاروچل ٻڙي
چڙهي ٿو شوق شڪار تي هُو مالڪ ملڪ ڌڻي
هاڻي ساري ڳالهه کڻي، وڃي ڪندس حال حبيب سان.

 

24- ڪيئين حال حبيب سان، پاڻ ٻولائي ٻنگ
مون کي آهيس موڪليو، پاڻ ڪرائي پنڌ
جهجهي سونهن سسئي ۾، جيئن چوڏهينءَ کڙي چنڊ
ڳاڙها ڪري ٿي ڪپڙا ۽ وير وجهي ٿي ونگ
پوءِ هلي پَس انهيءَ جو رنگ، ڏٺي لهندئي ڏاکڙا.
پنهل هل ته پرڻايئين، گهوٽ هلي گهر ڏي
ميندي تنهن ملوڪ کي، ٿا موڙ ٻڌن موڙي
سرگس ويل صبح جو، گهوٽ چڙهيو گهوڙي
آيا يار پنهونءَ جا، جن گهور وڌي گهوري
ماڻڪ اُڇليئون مينهن جيئن، ٻيا موتي محل مٿي
لانئن ويل لهي آيون، حورون هنڌ مٿي
پوءِ کلي کٽ مٿي، سيج وڇايئون سڦري.

 

25- سيج وڇايئون سڦري، پلنگ پنهونءَ لاءِ
مهندان تن مَلڪن جي، حورن هار ڪياءِ
سهڻو باغ سسئي جو، جڙي جنت ۾ جاءِ
پوءِ ڏنيس پاڻ خداءِ، کڻي واڳ وندر جي هٿ ۾.

 

26- جُڙي واڳ وندر جي هٿ م، جنهن تي مولو ٿيو مهربان
قادر پنهنجي قدرت سان، هي جوڙيو جڳ جهان
مَرڪن ميھ مهاڻا، جِت پيڙهيءَ چڙهيو پاڻ
لٿ پٿ لانگهو لنگهيو، جِت اوڏڻ ڪيا ارمان
ڪَئين ڪهايئين ڪاڪ ۾، ڳلپٽ ڳاڙها جواڻ
سمهڻ نه ڏين سهڻيءَ کي، هُت ساهڙ جا سلام
سير سڏائي سڀڪو، پاءُ نه سڏائي پاڻ
هيڻن جي حمايت ڪري، سيّد کڻجو ساڻ
پوءِ وندر جا وريام، لاهج پاپ، پانڌي چئي.

 

27- لاٿا پاپ، پانڌي چئي، هاديءَ پنهنجي هٿ
پنهونءَ جي پرڻي کي، ٿيا سورهن ڏينهن سٺ
ڄاڃي ڄام پنهونءَ جا، ويهي ڪامل ٿيا هئا ڪڪ
چئي: وير ڏجانءِ ڪامت، پاهون ورڻ جي اسان کي.

 

28- پاهون ورڻ جو پوئتي، هنن سنڀري ڪيو سعيو
اؤکي واٽ عظيم جي، جنهن تان گهيڙ به گهڙايو
پيئي خبر خان پنهونءَ کي، جنهن ڳُڙهو ڳالهايو
پوءِ هنن موڪلايو، ته پنهل! پرتو آهين ربّ کي.

 

29- موڪلائي خان پنهل کان، چڙهيا گهوڙن پُٽَ آري
ويلو ڪيئون ٿي وچ تي، جِت هئي وِرهه سندي واري
ٻهران ڪيچ مڪران جي، ڪو آيو ٿي آري
آڻي آب اکين ۾، ڳوڙها پيس ڳڙي
هاڻي پنهنجا ڏس پڙهي، توڏي پنهل آهن پروانا موڪليا.

 

30- پڙهيو پروانا پٽ جا، هن کي پلٽيو پون پور
هڪڙي سڪ سرير ۾، ٻيا اٿم اندر منجهه انبور
وکي هٿ لکي ڏيان حور، اچ ته پنهل پرڻايئين.
ــــــ


* هيءَ روايت اتر (تعلقي ميرو خان) مان غلام قادر کان ملي. ملان بخش سومرو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. سندس اصل نالو ”بخشو“ هو مگر شعر ۾ ”بخش“ تخلص طور آندو اٿس. ملان انهيءَ ڪري سڏيندا هئس جو ڪنهن مسجد ۾ پيش امام هو. شاهه محمد ديدڙ جو همعصر هو. سنه 1308 هه/ 1890ع ڌاري وفات ڪيائين.

*                 متن جو مدار ٻن روايتن تي آهي، هڪ روايت حاجي پير بخش جمالي، ويٺل ڳوٺ پنهنجو، ديهه سنجاپور تعلقو ٽنڊو باگو کان ۽ ٻي روايت حاجي مصري ولد حافظ حسين راٺوڙ، ويٺل ڳوٺ حافظ حسين، لڳ پير سخي جي درگاهه، تعلقو ماتلي جي زباني قلمبند ڪئي ويئي.

پانڌي پنهور ڳوٺ بخش نظاماڻي، تعلقي ماتلي ضلعي حيدرآباد جو ويٺل هو. هڪ روايت موجب ڳوٺ راڄي خاناڻي، تعلقي ٽنگي باگي جو ويٺل هو. پهريائين ڏاڍو مڙس چور هو ۽ ”پارو ابڙي“ سان گڏجي چوري ڪندو هو، پوءِ توبهه تائب ٿي چوريءَ کي ڇڏي، پنهنجو پورهيو ڪرڻ لڳو. پر اڳين ڏوهن سبب پڪڙجي سزا کاڌائين. قيد مان ڇٽڻ کان پوءِ ٻه ڀيرا حج تي ويو ۽ اتيئي وفات ڪيائين. جوانيءَ ۾ مجار جي چوٽ لڳس، ان بعد بيت چيائين. آخر وقت ۾ ميڙن ۽ مجلسن ۾ پنهنجا بيت نڙ تي چوندو هو. سنه 1900ع ڌاري وفات ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org