سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :21

 

 

ڌڻي بخش ڌونڪائي جا چيل بيت*

1- پنهون موڪليو هو پرٽ ڏي، ٻاٻيهو ٻيهار
سوين کنيائون سوکڙيون، وٺي هليو واپار
گل ڦل بُون کٿوري، عطر آپ اپار
سنگتي کنيائين سڦرا، رکيئين بوتن مٿي بار
وٺي واٽ وندر جي، ڪاهي هليا قطار
اچي لٿا شهر ڀنڀور ۾، نعرو هڻي نروار
هليو هو ڪيچئون ڪري قرار، آءٌ لکندس صورت سونهن ڀري.

2-   صورت لکندس سونهن ڀري، اِتي واڻيي ڪيو ويچار
هندوياڻي آهي جا هڪڙي، ناز ڀري سا نار
پائي پوشاڪون پٽ جون، هَس ڪڙولا هار
مينا ڪاري منڊيون، چوٽي ڦل چوڌار
سوين اچيو سرتيون، تنهن وٽ جويون ڪن جنسار
ٿي ويهي آتڻ وچ ۾، ڇوڙيو وينگس وار
سٺ سهيلين سان ڪري ٿي گويائي گفتار
ٻڌي هٿ هيڪار، هن خبر ٻڌايس خان جي.

 

3- خبر ٻڌايس خان جي، پڇي بيٺي پاڻ
ڪهڙي صحبت سياڻي وٽ، ڪهڙو زيب زبان
چئي: اُتي ڪيچ مڪران ۾، پنهل آهي پهلوان
سو ويهي ويسر وچ ۾، درس رکيو دان
نميو تنهن وٽ ناٿ اچو سَوين ڪن سلام
ڪاهيو اچن ڪچهريءَ ۾، جوڌا اُتي جوان
مرد به ٿو ماني کارائي، طرح طرح طعام
ڀاءُ ته پنهل ڄام جا، آهن گل ڀريا منجهه گام
ادا! ڏي انجام، هاڻي پنهون وٺي آ پاڻ سان.
پرٽ موڪليو هو پنهونءَ ڏي، صبح ساڻ ساهي
نياپا تنهن کي نينهن جا، بيٺي سانئڻ سمجهائي
سگها ورجو سيگهه سين، متان اچو دير لائي
ٻهون تنهن کي ٻاٻيهي چيو، تِل به ترسائي
نينهڻ نڀائڻ، نانگ پنائڻ، وڏو واسينگ آهي
سسئي چيس صحبت ۾، ٻهڳڻ ٻولائي
منهنجو ارادو آهي، ٿيو رايو خان پنهونءَ ڏي.

 

5- ٿيو رايو خان پنهونءَ ڏي، روح ڏنو ريلو
وير وري وڃ تنهين ڏي، سو وٺي آ وهلو
هندو هليو حڪمت سان، ساجهر سويلو
ڏونگر ڏکيا، ناهن سکيا، هُتي ٻُري ٿو ٻيلو
جبل جهنگ، آهن رنگ، اُتي مِرُن جو ميلو
وڇون ونگ، هڻن ڏنگ، اُتي ڪوراڙيون ڪَرڪيو
اُڪرنديس احسان سان، کڻي قادر پير ڪندو
ڪري حاذق سين حليو، ڏيندو سانس ڏس ڀنڀور جو.

 

6-  ڏيندوسانس ڏس ڀنڀور جو، هو خان به خوش ٿيندو
سنگتي پنهنجا سيگهه مان، هو هوت به گهرائيندو
ڏاگها پنهنجي ڏيهه جا، اُٺ به آڻائيندو
گاديون گاشا، پاکڙا، هو حَنهوَر جڙيندو
نڪا خبر پيءُ کي، نڪو هوتو اُتي هو
نڪو نوتي کي تن ڄاڃين ڄاڻ ڪيو
جکري کي جُوءِ ۾، پوءِ پتو هو پيو
هن تي خيال گهڻو هو، اصل آري ڄام جو.

 

7- اصل آري ڄام جو، هو دادلو مٿي پرور
مخفي ۾ کڻي موڪليو هو، نياپو تنهن نڌو
سنڀري پيو هو سنڌ تي، کنيئين سوين سي سوجهر
(1)
ڪيچين تن ڪُستانين جا، ويا اُٺ ڪندي اوڳر
اتي پڇيئين واڻيي کان، ادا! تون ڪا خبر ڪر
ڪيئن ڏسندس سسئي، آءٌ هلي پانَهه ڪهڙيءَ پر
هل اُتي هيڪر، آن جو ملڻ ٿيندو محبت ۾.

 

8- ملڻ ٿيندو محبت ۾، ڏنا سِکي ٻول ٻڌي
گازر اها سهڻي آهي، ڌيءَ به کٽيءَ جي
 لوڙهي تنهين لهرين ۾، امر هئي آندي
کٽي بيٺو هو کنڀ تي، تنهن کي هلندي هٿ آئي
اصل ائين چون ٿا، آهي ٻيٽي ٻانڀڻ جي
کڻي هليو هو خوشيءَ مان، هن ننڍڙي نپائي
اها صورت سامائي، جنهن جو قرب لڳو ڪيچيءَ سان.

 

9- آري پٽ پڇنڊيا، دانهه مٿان در
هوتو، نوتو، جکرو، هئا وڏا ساڻس سڌو
ٻٻر ٻانهون کنيائون، گهمي ڏسي هلي گهر
ٽلي اچي ٽڪيا هئا، سڏائي به سکر
هنن ڳالهايو پاڻ ۾، ڪا کوٽي هونِ اندر
ڪاجا ڪيئون پاڻ ۾، ڏنئون ڪانه خبر
سسئي سَمَڌي ڪينڪي، ٻولي سا ٻيهر
آيس ننڊ نڀاڳ جي، صبح پيس خبر
سسئي هلي سڃ مان، ڪري هل حشر
ور وٺي ويا منهنجو ڪري ويا قهر
رسي هليا راءِ ڏي، ڪرها موڙي ڪر
هوند وڃي هيڪر آءٌ ڏسان انهيءَ ڏيهه ۾.

 

10- ڏسان انهيءَ ڏيهه ۾، ننگ سڃاڻي نر
جانب انهيءَ جُوءِ ۾، هئي اُٺڻ جي اوڳر
ڏير ڏمرجي هليا، هو وٺي واٽ ونادر
بغدي اُٺ بلوچن جا ويا، توڏا ٻڌي تر
سڻي هڪل هيڻي جي، وجهج نيشن کي نِيرَ
پُوندي ڪيچ خبر، سسئي ملندي سيڻن کي.

 

11- قرب لڳو هو ڪيچيءَ سان، اوٺين ساڻ ائين
وينديس پٺيان پنهل سان، آءٌ سرتيون انهيءَ سيئن
رائو روهه جبل جو، ٻيا تڙڪا تپن تيئن
من ڏس پوي ڏونگر ۾، ٿيندس جوڳياڻي جيئن
اديون! آرياڻي ائين مئيءَ کان ڪانڌ وٺي ويا.

 

12- ڪيچي ڪانڌ وٺي ويا، مئيءَ کي ماريائون
چُڻ ڀُڻ سمجهيس ڪينڪي اوڍين جي آئون
ستي ڇڏي ويا سيج تي، مئي کي ماريائون
اُٿيو آڌيءَ رات جو، ٿي ليڙا لڏيائون
هلنديس هاڙهي سامهڻي، رند وٺي راهون
هلي سڻائينديس هوت کي، جيڪي ڪيم قضائون
ٻانڀڻ ٻئي ٻانهون، وڃي لوڏيندي لاکيڻي.

 

13- وڃي لوڏيندي لاکيڻي، جنهن سين دغا ڪيئون دنگ
لکيو لوح محفوظ تي، اهو اصل هو انگ
ستي ڇڏي ويا سيج تي، ڪونه نڀايئون ننگ
گازين اُٿي گورن جا، تازا ڇڪيا تنگ
”کڌيش گُڏا، مَروشي وڌيچا هَويشي اِلون هَويند
آري کائي زُون هِنڌ، بِيون عيد بلوچ ڪنا.“
(1)

 

14- سسئي ملندي سيڻن کي، هلي لاڳاپا لاهي
هلي شهر ڀنڀور مان، پيادي پڇائي
مهندان ٿي سڃ سجهي، ٿي ڏونگر ڏڪاري
هاڙهي هوياري، ملان تنهن محبوب کي.

 

15- ملان تنهن محبوب کي، ٿيان گهوري ڇڏي گهر
ستي ڇڏي ويا سيج تي، ڇوري منجهه ڇپر
پنهون وٺي ويا پاڻ سان، ڪري ناٽ نخر
پنهون وٺي ويا پاڻ سان، هو ڪري زور زبر
چيٽا مهندا چُرن ۾، هئا ظاهر زناورَ
ڊپ تني جو ڪونه ڪيئين، هلي آريءَ جي آڌر
هئا ڪي سيڻ سڌر، ڪيچي ڪوڙ ڪري ويا.

 

16- ڪيچي ڪوڙ ڪري ويا، مون سان جاني منجهه جبل
نڌو ڇڏي ويا ننڊ ۾، مٿي سيج ستل
کڻي پير پنهونءَ جو، اُٿي هاڙهي سَمهين هل
قادر لهندم ڪل، اچي ڪندو ٻاجهه ٻروچ تي.

 

17- ڪندو ٻاجهه ٻروچ تي، ٿيندو راضي ربّ جبار
ساري ٿو سيد کي، پورهيت انهيءَ پار
مولى تنهن جون ملڪ تي، تون واڳون ڇڪي وار
ڏاتر سو ڏيکار، اٿم حب حسين جي.

 

18- اٿم حب حسين جي، آهي مالڪ ملڪ ڌڻي
خاوند جنهن کي خلقيو صاحب ڳالهه سڻي
اُٺ ته آري ڄام جا، ويڙا رات گهڻي
رائي منجهه رُني، کنيو پير پنهونءَ جا.

 

19- کڻي پير پنهونءَ جا، هلي جوڳياڻي جهونجهار
جيڏيون مون سين جٺ ڪري، ويا هوتاڻي هزار
سسئي ستي هئي سيج تي، لاهي اوک اوٺار
آڌيءَ اُٺ اُٿي ويا، هو توڏا ٻڌي تار
صبح ٿيم سنڀار، ته پنهون ناهي پلنگ تي.

 

20- پنهون ناهي پلنگ تي، ويا جاني جت وٺي
رلي روهه جبل ۾، سا ڪري ڪيئن ڪُٺي
واٽون ڏکيون، ور گهڻا، ٻيو ماڳن آهه مُٺي
وڃن ڪيچ وٺي، ته لهي سڪ سسئيءَ جي.

 

21- لهي سس سئيءَ جي، جنهن کي جاني جت ملي
ڪريو ووءِ ووءِ وندر ۾، ٿي هاءِ هاءِ هٿ هڻي
وڃان پاس پنهونءَ جي، ٻاٽي پير ڀري
مون کي محب ملي، هلي تنهن هنگلاچ ۾.

 

22- هلي تنهن هنگلاچ ۾، پرين آءٌ پسندياس
نڪو ويلو وچ ۾، نڪو پهه پُوندياس
ڏينهان تپن تڙڪا، آءٌ راتيان پنڌ ڪندياس
ڇولون تنهن ڇپر جون، وڃي سر مٿي سهندياس
ٻانهي تنهن ٻروچ جي، آءٌ گولي وڃي گڏيياس
هوءِ سنجهي ڪين ستياس، هيءَ وڦلي ٿي وڻڪار ۾.

 

23- وڦلي ٿي وڻڪار ۾، هوءِ ٿا هوت وڃن
چڙهي ڏونگر چوٽئين، ويا ليڙا تي به لڪن
مامَ روشي ڪجا، ٿي پهچان کي به انهن
ڏاڍي ڪئي ڏيرن، منهنجو پنهون وٺي ويا پاڻ سان.

 

24- قسمت آندا ڪيچ مان، اهي محب منهنجي لاءِ
اوڳي ذات اُٺن جي، هو ڪُٺا ڪين ڪڇيا
ڪري ڪالهه ويا، هاڃو هوت سسئي سان.

 

25- هاڃا هوت سسئي سان، هيڏا ڪين ڪجن
وندر جي وڻڪار ۾، ڇوريون نه ڇڏجن
سسئي سنبهي هلي، من ڪا سيڻ به سرهي ڪن
آڻي پاڻ هٿن، کڻي سسئي روليئون سڃ ۾.

 

26- سسئي روليئون سڃ ۾، ويا چانگن تي چاڙهي
شيشا لال شراب جا، ويا دارون سان ڌتاري
وکر وڌو هئون وٽين ۾، هٿ سان هاري
هو سيڻ به سنڀاري، ڪالهئون قيام ڪري ويا.

 

27- ڪالهئون قيام ڪري ويا، جيڏيون منهنجي جيءُ
هاڻي شهر ڀنڀور ۾ مون کي هنڌ نه وڻي هيءُ
پهل پٽولا کٽون، ساڙيان سڀيئي
ڪيچي مون سان ڪيهي، جيڏيون جٺ ڪري ويا.

 

28- جيڏيون جٺ ڪري ويا، مون کي ئي ماري
تن جتن سندي ذات کي، سهجئون ٿي ساري
ڳوڙها روز ڳلن تان، هنجون ٿي هاري
سنجهي ساٿ اُٿاري، ويا ڌاڙو هڻي، ڌڻي بخش چئي.

 

29- ڌاڙو هڻي، ڌڻي بخش چئي، ويا ڏمرجي ڏير
ويچاري وندر ۾، پرهه اُهاڙي پير
(1)
هتي هوت حبيب ري، ٻيو ڪميني ڪير
ڏيئي ويا ڏير، فراق تنهن فڪر جو.

 

30- فراق تنهن فڪر جو، مولى مون تان لاهه
مهندان محمد ڄام جي ميڙي تون مرڪاءِ
پچي جيءُ پنهونءَ لاءِ، ٿو ساريو سڪي ساهه
هاڻي هوت ملاءِ، هيڪليءَ کي حب ۾.

 

31- هيڪليءَ کي حب ۾، ملي ٻاروچل ٻڙي
ملان تنهن محبوب کي، هيڪر آءٌ به هلي
قسمت ۾ ڪيچين سان، آهي دل اڙي
وڃان شل وري، ڪاهي قافلو ڪيچ ڏي.

 

32- ڪاهي قافلو ڪيچ ڏي، هيڪر آءٌ هلندياس
ٻڌي پٽيون پيرن کي آءٌ جبل جهُونجهيندياس
ٻر ڪري آءٌ ٻانهن جو ڏونگر ڏوريندياس
دوڙ ڪري دل جو، وڃي وندر وؤڙيندياس
راتيون رهي رڃ ۾، وڃي گهڙيون گهاريندياس
محبن کي ملندياس، وڃي اڳيان آريءَ ڄام کي.

 

33- ائين جي وڃو ڪيچيئو، پنهل ڪين نهوم
هاڻي شهر ڀنڀور ۾، ويهڻ وهه ٿيوم
پرڻي رات پنهونءَ جي، لکيو ايئن لڌوم
ويا آري چاڙهي اُٺ تي جتن جيڏو ڪيوم
انهيءَ پر، اُداسي چئي، محب اچي ملندوم
قادر شال ڪندوم، ميڙو تنهن محبوب سان.

 

34- ميڙو تنهن محبوب سان، منهنجو شال ٿئي
وندر جي وڻڪار ۾، ور به شال ملي
دانهون هن درد جون، منهنجون رب سڻي
انهيءَ پر، اُداسي چئي، مون تي مولى مهر ڪري
ٿيڙو پنڌ ڪري، هلڻ جو هنگلاچ ڏي.
ـــــــ

نالي چڱي شر جا چيل بيت*

1-  ٻانڀڻ ٻولي ٻي، انهيءَ ٻوليءَ ڏئين هوند ٻن
اسان هندو هو مسلمان، هي ٻڌي ڪيئن جِيئن
مان ڀي ڄائي تن جي، لڳي آڳ انهن
ڀَري صندوقان سورن جون تِتي ڏاج ڏين
مَرجان توبهه توبهه ڪن، ساڳي مِٽ سسئي جا.

 

2-مُنڌ ڄائي مامري پئي، ٻيٽي ٻانڀڻ جي
چئي: نڪي بابي ٻاجهه ڏني، نڪي ماءُ جهليو جهولي
قابو ڪيئون ڪاٺن ۾، سسئي اويلي
پيش ته پئي هئي پير جي، وڃي ساجهر سويلي
گاگن گهر آئي پئي، سسئي اڪيلي
ڏک منجهئون لولي، مان کي کٽياڻي کولي ڏني.

 

3- کتياڻي کولي ڏني، ٻاجهه منجئون ٻالاءُ
ائين لوڏيائين هندوري ۾، جئين لوڏي نه سڳي ماءُ
توڙئون تڙي سسئي، نڪي جنهن جو ڀاءُ
ابي ۽ امان جو ڄَئيندي نه هُيَڙو ٺاهه
پر کٽي ۽ کٽياڻي ٻئي بهشت ۾ هوندا
الله انگ هَنيا، ته آيا اوجاڳا اکين تي.

 

4- ڦٽو آرام اکين جو، اتي سسئي سامايو
هوڪو ڏنئين حق جو، مان کي اٿو شادي جو سعيو
گهمنديون آيون بازار ۾، اچي ڏٺئون ٻاٻيهو
اچي چيئون سسئي کي، اسان جي ڳالهه ٻڌو
هڪ صورت جو سهڻو جيڪو هيڙو ئي شرمندو
جان وانڪي ماريو آ بادشاهه اسان ڏٺو سوداگر زادو
جلدي هن کي ٻَڌيُون اچو، ساري ساٿ سوڌو
چئي: ساٿ ٻڌايو سيگهه ۾، مان پرديسي ڪهڙو ڏوهه ڪيو
چغلن چيو تنهن کي ته توکي سسئي پرڻي ڪاڻ گهرايو
آڻي ڏنائون سسئي کي، جنهن پيهي بيان پڇيو
ته ڪهڙي بادشاهي جو بادشاهه، ڪر تون سوداگرزادو؟
چئي: هوت بلوچ جي بادشاهي، جاٿي ڪيچ شهر وسندو
هڪ صورت جو سهڻو، ٻيو پنهل ٿس نالو
گهمي رات انڌيري ۾، جيئن چوڏهين چند کليو
هي سارو ساٿ انهيءَ جو، مان ڀي نوڪر تنهين جو
چئي:  مان کي الله ميليندو، کڻي ٻڌو ٻاٻيهي کي.

 

5- ٻڌ نه ٻاٻيهي کي، سنڌ! وٺ منهنجي مَت
نڪي عزيز اُنهن جو، نڪي هوتن سندي سٿ
آءٌ نوڪر خان پنهل جو، مون م ڻاهي سندن گت.

 

6- تون ساٿ سنڀالي جهل، مان هڪ ڪاڇي ڪاهيندس
ڏيئي نشا نينهن جا، وڃي راتين پهچائيندس
ٻڌي دلبا ڪوڙ جا، وڃي هوتن کي ريهيندس
جڏهن هتِ آئي ڏيندس، تڏهن ساٿ ڇڏائيندس سسئي.

 

7- اِتي ڏيئي نشا نينهن جا، راتين وڃي لٿو
لهندي ڪاڇي ڪُڻڪ ڪئي، پنهل پاڻ اٿيو
چئي: ڪهڙي ويڌن توسان، تنهنجو ڪاٿي ساٿ لُٽيو
چئي: ساٿ سلامت هُتڙي، مان کؤن ڀُلي هوش ويو
هڪ صورت جي سهڻي آ، جيئن کنوڻ ڏئي تجلو
هن هوڪو ڏنو آهي حق جو، ته آءٌ ڏٺو ور ڪندو
مان لڏيو ساٿ اُتي ڇڏيو، پنهل اُن سان ٺهندو
چئي: ٻاٻيها اُٺ کي، تون اندر اچ ڪاهيو
ڏس ڪامڻ منهنجي سهڻي، ڪ هن کؤن سهڻي هو
چئي: سائين! لڄائي ٿي بادشاهي، آهي خرچ ٻڌو
چئي: ويهار ٻاٻيها اُٺ کي، پنهون آسڻ منجهه آيو
آڻي ڏنئين سسئي کي، هن جو سارو ساٿ ڇٽو
سسئي حڪم ڏنو حق جو، عالم ڪل اچي ٿيو ڪٺو
ته پنهل منهنجو عهد اِهو ٿِي، جيڪو ڪنگڻ کار ڪندو
ڪپيندو آيو ڪهاڙي سان، هن جو پچي هٿ پيو
امر ٿيس الله جو، هن وٽ اَجڙ وال آيو
ڪپي ٽُڪي ڪهاڙيءَ سان، ڪري ڏنئين ڪُهڙ ڪٺو
ڏنئينس ڀڀڙ باهه جو، پنهون! صبح هيءُ ٺرندو
پنهل! ايتري کار ڇا ڪيندين، ڪجهه اسان کي ڏي ونڊيو
چئي: وينڊو هڻڻ ڏيو ٻانهن تي، پوءِ کڻي کار ونڊيو
هر ڪو وينڊو هڻائي، کار کڻائي، وڃي ٿيو سسئي سان سرهو
سسئي هڪ ڄڻي، کار منهنجي، الله شرع نه ڪيو
چئي: متان منهنجي پنهل سان آهي ڊوهه ٿيو
شرع ڪرين الله واري، ته کار سڀئي هوت جي چئو
چئي: ڪير ڪَهندو ڪوڙ آ، پنهنجي اسان کي ڇو ڏيندو
سسئي! پلؤ لاهينِ ٻانهن تؤن، نالو پنهل جو هوندو
حڪم ڏنئين منگتي کي، ڏؤنڪو ڀير لڳو
پوءِ پنهون سيج چڙهيو، ٻيو سڀڪو روئندو ويو روح ۾.

 

8- آيا ڏير سسئي جا، ڪي مدي پائي من
وجهو آيا شيشن ۾ شراب، واريو ور کي ڏين
نهوڙيو ويس ننڊ ۾، ٻڌيو اُٺ وڃن
نڪي خبر سسئي کي، نه ڪندو چوڏهين سن
ڊوهن مون سان ڊوهه ڪيو، اڄ پنهون جي پيڪن
اُهي هوت حياتي هئن، جيڪي سنڌ ڇڏي ويا مامري.

 

9- نڪي آرام اکين کي، منهنجي نيڻئون نير وهن
مَرن ماڻڪ ماڻهوئڙا، منهنجا ڇپر پيا ڇلن
ٻُڌي ٻَهُڪان اُٺن جون، هِي ٻوٽيون نا پٽجن
نه هئي نگاهه نيڻن ۾، جي اُٿي اوٻر ڪن
هاڻي تڪي تڙن ڏي، اُهي اکيون اڃ مرڻ
اُهي هوت حياتي هئن، جيڪي چوري رات چڙهي ويا.

 

10- چوري رات چڙهي ويا، پاڙي منجهان پرين
ڏسي پير هوتن جا، هينئڙو پيم ڇڻي
وينديس پويئون پنهل جي، مانَ هتئون هڪ ڄڻي
ڪونهي ڏوهه ڪنهن جو اچي بندي باب بڻي
هڪ ٿڌا ٻيا ٿاٻا، پوءِ ڄاڻي پاڻ ڌڻي
جي الله هيءَ وڻي، ته ڏورينديس ڏکن کي.

 

11- ڏورينديس ڏکن کي، ڳچيءَ ٻڌي ڳل
منهنجي پيرن هي حال ٿيا، جيئن جهليا چپڙن ول
چوري رات ڀڄي وئين، هوت نه مان سان گهَل
ڀڃين توڙي ڊُڪين، مان ڀي تنهنجي ڳَل
پر جيڪي آيا ڪلهه، مان سان اڄ به انهن ڪئي

 

12- پر اڄ به انهن ڪئي، سارو ٽوهه پنهون
ويڙهي گهمن ڏومڻيون، جيڪي مون کي بابي ڏنيون
مهڻا ڏنئون هوتن کي، آيا پانگر پلاڻيون
پوءِ آيا ڪَلها ڪاهيون، ستي ڇڏي ويا سسئي.

 

13- ستي ڇڏي ويا سسئي، نڪي ساري ڪيائون سڏ
اُٿان هوند اوچتي، وڃان هوند پنهون گڏ
ڌاري ڪري ڌار ڪيائون، هوت نه منهنجو هڏ
ماڻهو ڏيندا آهن، ميڙيئون، مون کي مهڻو سارو جڳ
پوءِ هندياڻي کي هڏ، هتي هوت ڇڏي ويا.

 

14- هتي هوت ڇڏي ويا، ڇڏي پنهنجو ور
نڪي پاڙو پيڪن جو، نڪي هوت ته تنهنجو گهر
اُٿي ويهي سسئي، جنهن جي اندر ۾ اوٻر
ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان، پنهون پويئون بر
جهاڳيون جهاڳيون جر، وڃي پونديس پيش پنهل جي.

 

15-پونديس پيش پنهون جي، نميو نياز ڪندياس
ٻيئي هٿ پيرن تي، ٻانهان ٻَئي ٻڌندياس
وڃي جائي جيءُ ڪندياس، ڦيڪن پنهون ڄام کي.

 

16- اجهو ڪنهن جو نه آسرو، هاڻي الله جي آڌر
پنهون وٺي ويا پاڻ سان، چيلهه ٻڌي چادر
سرتيون! سک ڪيئن سمهان ڪيچ وينديس جيڪر
ڏسي اکيون عيدان ڪنديون، هوت ڏسي هيڪر
ور ولهيءَ جا ور، مان کي ڏونگر ٽورڻ آئيو.

 

17- ڪيچئون ڪيچي آئيا، پاکڙا هئن پُٺن
جوڙين پير جُود منجهان عضوا سڀ اُٺن
قابو ڪيئون ڪامڻي، ڪِن ڳالهين ۽ گفتن
آڌريءَ رات آهون ڪيئون، اها عات آهي اُٺن
اُٿان اسر ويل کي، ته هوت هنڌ تي ناهن
وري اچان ور لئي، ته خالي کٽان آهن
اُهي هوت حياتي هون، جيڪي چوري رات چڙهي ويا.

 

18- ڪيچئون ڪيچي آئيا، ڪاهي جوان قهري
روپيون لاٽيون نڪن ۾، آهن بهادر مهري
نانءَ منجهان، نالي چڱو چئي، آيا پنهونءَ لئي پهري
پنهون خاطر سسئي، ڪين دُباري واري
ڇوڙي ڇڏياون باغن ۾، توڙي وڻ ڀڃڻ ٽاري
آئي ننڊ ازل جي، ويا وٺي رات ڪاري
اُٿي اسر ويل کي، وجهي مٿي ۾ واري
سسئي ويچاري، دانهون ڪندي آئي دڳ سان.

 

19- دانهون ڪري دڳن تي، هن کي پلين سِنگيون ساهيڙيون
صبر ڪر ڙي سسئي، توسان هوتن ڪيون هايون
چئي: ڪونهي ڏوهه هوتن جو، ون کي مقدر ۾ آيون
تنهنجا بي وڙا بلوچ هئا، جيڪي لڄ ويا لاهيون
چئي: جک نه ماريو جيڏيون مان وينديس اوڏاهون
سمجهه ڪر تون سسئي، ڇڏي وڃڻ جون وايون
چئي: اوهين ويهو ورن سان، ري وري آئون
جهلئي جهلبس ڪانه ڪا، وينديس پنهون جي پاهُون
اوکا پنڌ پهاڙ جا، ٻيون اٿئي بريون بلائون
چئي: مران ته ڪونهي مهڻو، وينديس پهڻن مان پايون
پوءِ دلي ڪري دانهون، جو ور وڃايو ويسلي.

 

20- ور وڃايو ويسلي، صبح ڪري سعيو
چئي: جيڏين سِنگين کي کڻي پيرن پَڙ پايو
اوکي پوءِ نه اُٺن کي، جن پنهل کي چايو
جبل مون جالي ڇڏيو، مان پنهل پير وڃايو
وؤڙيندي وئي واٽن تي، اڳيئون آ جڙ وال آيو
چئي: جيڪي چيو ٿي مائڙي، مان کي ڏاتر ڏِوايو
چئي: لهه ڳهلا انهيءَ ڳالهه تئون، مان هوت وڃايو
ڦوليندي وتيس فقيرن جان، وندر ۾ واجهايو
چئي: ڇڏ پچر پنهل جي، هاڻي ڪر شادي جو سعيو
چئي: ملڻ منهنجو مٽيءَ سان، ٻيو پيچ پنهل پايو
ڪين مڙيو هُو ڪميڻو، ڊوڙي ويجهو ٿي آيو
هُن ڀي ڪيا عرض الله کي، ته بدوءَ کان بچايو
هُن ڪيا وس وٽيءَ سان، هِن ڌرتي دانُ گهرايو
چئي: هوت تنهنجي هارايو، هاڻي سنڌ ملي آن مان کي.

 

21- چئي: سنڌ ملندئي ڪانه ڪا، ڇيلا ٿيءُ نه ڇتو
نڪي توتي راض ربّ جو، نه توسان منهنجو لکيو
ڏسي سونهن سسئي جي، ويتر بدون بر ڏٺو
رات ڪلهوڪي، ڏينهن اڄوڪو، کڻي ڪامڻ ور گُٿو
مان ڀي سوالڻ هوت سندي، کڻي مولو ميليندو
جو دم حياتي آهيان، منهنجو حَقي هوت هِڪو
پر پورهياتِي جو پورهيو، شل سائين ساب وجهندو.

 

22- سائين ساب وجهندو، پر تو ويل وڌو وائڙا
ڪٽيندئي ڪامڻ سان، جن جا ڇڏيئي آجڙ اُگهاڙا
چئي: مان کي به دعا انهن جي، جن جا ڇيلا ڇيڪاريا
چئي: دڳ ويندي سان دغا ڪئي تو ناحق نِڪارا
چئي: سسئي! امان اُتم ڀانيان پاڻ کي، جيڪي مڙد ڀي موچارا
چئي: ٻڌان پئي ٻروچ جا، توکان ڀنڀي ڀلارا
ڪانه ڪنديس ڪيچي ڪارا، کڻي مٽي ورائينديس منهن تي.
مٽيءَ نه ڏجانءِ منهن تي، توکي پيو ٻاٻيهو ٻولائي
هڪ راڙهو آهي راڻين ۾، ٻيو آيو ڀائر رنجائي
اُٿي نڪر ٻاهر سسئي، تو وٽ هوت آيو آهي
چئي: ڪانه نڪرنديس ٻاهر، جو تنهنجي ڀائرن ڇڏيو مُسائي
چئي: سسئي! لِکئي مان لِک ڪانه لٿي، توڙي ڇڏيئون لوڙهائي
چئي: ٻاٻيها! جيڪي ڀوڳ مان ڀوڳي آئي هان، ويل وڏا پائي
چئي: پنهون آندو اٿم پريت سان، پيچ وڏا پائي
سڃاڻ تان ساڳيو ٿي، نه ته مُنجان موٽائي
پوءِ مهڻو مون کي آهي، جو پاهون موٽايان پنهل کي.

 

24-پاهون موٽ نه پنهون، مان پيرن ڀر کڙي
لهي اچين ته لائق ٿي، پئي هان اَولي هنڌ اَڙي
وٺتي اٿم گڏ خوشيءَ  سان، منگي پاڻ گهڙي
جيڪي مهڻا ڏنا جيڏين، مان سَٺا سڀئي
ڪيل قول پنهنجا پنهل پاڙ اچي اُهيئي
اڄ سَڀي ثاب پيائي، جڏهن پنهون پيهي آئيو.

 

25- پنهل پيهي آئيو، مُڪئين پيغام پوئتان
حال سڀني سڄڻن کي، ٻيو راڻين کي چئجان
برسيون بادشاهيون بيران ڪري، ڇڏيم تخت ديوانا
هڪ ايٽ اُلاڻا ڇڏيم، ٻيا کوهه ڇڏيم کامان
ننگي نار ڪري ويا هئا، هلي هوتن کان
رنج رکيو هئين ڀائن سان، ڪري ڪيچين ڪامان
سنڌ کَٽي وئي مامرا، پنهنجي نيت سان
نه ڪنهن جو ڏوهه چوان، قلم قادر هٿ ۾.

ـــــ


* هيءَ روايت خود شاعر جي زباني قلمبند ڪئي ويئي. ڌڻي بخش پٽ علودو خان ڌونڪائي بلوچ. ويٺل لڳ سامارو، ضلعو ٿرپارڪر. اندازاً 1890ع ڌاري ڄائو. کيس ٻين به ڪيترن ئي شاعرن جا بيت ياد آهن. اڻ پڙهيل آهي، ٻني ٻاري تي سندس گذر آهي.

(1) سوجهر= سولجر

(1) کڌيش = ڪيائون، گڏا= پوءِ، وڌيچا= پاڻ ۾، هويشي الون هويند= اها اتي ئي ڇڏينداسين. کائي زون هند... = سردار اتي ايندو پوءِ عيدون ٿينديون.

(1) اُهاڙي= ڳولي.

* نالي چڱو پٽ ميهو ذات شر، پاڙو تاجاڻي، ويٺل ورهاري، لڳ ڍنڍي اسٽيشن تعلقو صادق آباد، عمر 60 سال. هي روايت خود شاعر جي زباني تاريخ 5 اپريل 1965 تي ڪچهري سنجر پور (صادق آباد) ۾ قلمبند ڪئي وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org