سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: نڙ جا بيت

 

صفحو :10

 138 – راڻا! ڇڏ ماڻا، آءٌ چانگي تي چڙهي

برهه باهون ٻاريون، آءٌ ڪاري ٿيس ڪڙهي

سوڍا! تنهنجي سور ۾، آءٌ ساجن ويس سڙي

”هذهِ جهنّم  التّي ڪنتم توعدون“ اهو پنو ڏس پڙهي

جانب تنهنجي جدائيءَ ۾، آءٌ گهاريان ڪيئن گهڙي

لکئي جو لاهوت ۾ پنهنجو ويو انگ اڙي

سُڃي پئي آهي، سانوڻ چئي، مومل جي مڙهي

ارڻا! تو لاءِ رڙي، مُنجهي من ماندو ٿيو.

 

139 – راڻا! راضي ٿيءُ، تون اُٺ به اوري آڻ

ته چاريان چندن ڪاڪ جا، ڏيئي ڏاگهي کي ڏاڻ

مومل روئي ٿي مينڌرا، ساريو روح رهاڻ

ماري ويو آهين مومل کي، هڻي ٻالاپڻ جو ٻاڻ

هڻي ميخون محبت جون، وڍي ويو آهين واڻ

رِيجهِي جِت رهاڻيون ڪيئي، سي ولها ٿيا وٿاڻ

اِها سومل شل سڙي مري، جنهن ڪاڌ وڌي توسان ڪاڻ

سڌ نه پيم سور جي، ته ڪو ٿيندين ڄاڻي تون ڄٽاڻ

وجهه وڃايو اٿئي ولها! هاڻي تندو تون نه تاڻ

جڏهن مَٽي آيو هئين محلي ۾، تڏهن صورت ويهي سڃاڻ

ته آهي منهن مِهري جو، ڪي مرد ڀريوئي ماڻ

سڌ پونئي ها، سانوڻ چئي، هئي سومل ستي مون ساڻ

انهيءَ هاڃي منجهه هاڻ، مري ويندي سئين مينڌرا!

 

140 – راڻا! ڇڏ ماڻا، تون انگل ڇڏ امير

ڪڏهن ايندين ڪاڪ تي، وري ولهيءَ جا وير

توڏي ماڻهو موڪليم، پانڌي ڪري پير

نهاريندي مون نماڻيءَ کي، نيڻين وهيا نير

پلنگ پراڻا ٿيا، ٻيا لٽا ٿيا آهن لِير

راڻا! اچ راڄ ۾، ته آءٌ کلي پيان کير

سرهي ڪر، سانوڻ چئي، تون ڦري اچ فقير

تن اندر تڪبير، ڪانڌ وجهي وئين ڪاڪ تي.

 

141 – راڻا! ڇڏ ماڻا، تون اوٺِي اُٺ اُڏار

هڻي ڪام ڪرهي کي، تون ميو نه مار

وڍي ڏي وَلها! هِن کي ڏاڙهون سندا ڏار

مومل کان سواءِ مينڌرا! گهڙي ايڏهين نه گهار

اِهي حرف حساب جا، ٽِڪي مون تان ٽار

سورن ۾، سانوڻ چئي، مُٺيءَ کي نه مار

نه ته دانهياڻي درٻار، مومل ٿيندئي مينڌرا.

 

142 – راڻا! ڇڏ ماڻا، تون تندا تاڻ مَ تنج

ڇڏ ڏمر ڏاگهي تان، سوڍا لاهي سنج

پرڻئي ٿيا پاڻ کي، پورا ڏينهن پنج

اِهي ٻيڙا، اِهي ٻانهيون، اِهي کُهنبا اِهي کنج

وري اچ وَلها! روح مان ڪڍي رنج

”ومن عصاني فانَّک غفور رحيم“ مون کي گوهر مِلن گنج

سورن جا، سانوڻ چئي، مون کي ڏنئي ڪهڙا ڏنجهه

لڳو موت فراق جو، اٿئي مومل مرڻ منجهه

هوت سمهاري هنجهه، اکيون جهل عجيب جون.

 

143 – راڻا! ڇڏ ماڻا، تون سوڍا سگهي اچ

ڏيئي باهه برهه جي، من تي ٻاريئي مچ

آءٌ سوڍاڪين سمجهان، ته ڪا مون ڪانڌ ڪئي ڪچ

وري اچي ولها، ڪريون روح راضي رچ

ساري عمر، سانوڻ چئي، پيو پريت انهيءَ ۾ پچ

اچين ته اچ، نه ته مري ويندي سئين مينڌرا!

 

144 – راڻا! ڇڏ ماڻا، تون ڪورٺ اچي ڪَرا

راجا رنج رکي رات وئين، مون تي ڳڻ ڳَرا

دلبر دهلجي وئين، ڏسي چانگي جا چرا

سومل ستي هئي سيج تي اچي ڀيڻ مون ڀَرا

مون کي قسم آهي ڪريم جو، ميان مير مينڌرا!

آءُ رنج ڪڍي روح مان، نه ته ٿي مِير مران

اڱڻ اينديس تنهنجي، آءٌ ڪوٺي ڪيترا

ميڙون تنهن مومل جون، واري ڪين ورا

سوڍا! تنهنجي سِر تي، آهن مڙيئي مامرا

سورن جون، سانوڻ چئي، ڏيئي وئين ڄڀيون ۽ ڄَرا

دوست تنهنجي درا، موٽي اچان مان لهِي.

 

145 – راڻا! ڇڏ ماڻا، تون مدي ڏسي نه موٽ

وَرُ منهنجا ولها! ڏيئي چانگي کي چوٽ

ڏياري طعنا تنهنجا، مون کي ور ۾ ڪيم ولهوٽ

سوڍا! تنهنجي سر تان آءٌ گهورون گهوريان گهوٽ

پهرائي پٽ پريت جو، سِگهي سيج سَڀوٽ

مومل ليکي مينڌرا، تون آهين ڪاڪ مٽي ڪوٽ

آءُ اڱڻ منهنجي البيلا! ڏيئي ڏاگهي کي ڏوٽ

سُڻي سڏ، سانوڻ جا، تون مرشد اچي موٽ

الله تن عاشقن تي، پرور ڪندو پالوٽ

راڻا! ڪندي سئين رپوٽ، ملڻ ڏينهن مومل سان.

 

146 – راڻا! ڇڏ ماڻا، تون هيڪر آءُ هلي

مومل ماري مينڌري، جيئري ويئي جَلي

ليئا پايو ليلهايان، ڳوليان پيئي ڳلي

پلئو وجهئين ٿي پِير جو، وڃ مومل ساڻ ملي

”ثم لتر ونَّها عين اليقين“ خوش ٿي ويهان کلي

مون سُڃيءَ جي، سانوڻ چئي، سيّد ڪندو سولي

ڀينر آءُ ڀُلي، تڏهن ڪيهون ڪريان پئي ڪاڪ ۾.

 

147 – راڻا! ڇڏ ماڻا، تون هيڪر هلي آءُ

نه ته ڳري انهيءَ ڳڻتيءَ ۾، منهنجو سُڪي ويندو ساهه

سيکاري ڇڏيو هو سومل کي، مُٺيءَ منهنجي ماءُ

وڃي رُسائي آءٌ راڻي کي، ته سوڍو مٽي ساءُ

خبر انهي خلل جي، مون کي ڪل نه پيئي ڪاءُ

ته راڻو ايڏو رڻ ڪندو، مون سان وير وڌاءُ

ته سمهان نه ها سيج تي، هو جاڳڻ مون جڳاءِ

ڪاٽيا ها قلب ۾ ”ولهم عذاب“ اوجاڳو اکين لاءِ

هاڻي ڪونج رڙي پئي ڪاڪ ۾، جنهن لاءِ ماتم مينهن وُٺاء

سورن، ۾ سانوڻ چئي، ويندم پڄي پساهه

پوءِ ڪارا رڙندئي ڪانءَ، ڍوليا! انهيءَ ڍٽ تي.

 

148 – راڻا! ڇڏ ماڻا، راڻيون ڪر نه رن

سوڍا! ڳالهيون سور جون ، تون سڻج هيئن جي من

ڪوڙيون ڳالهيون ڪاڪ جون، تون آڻج نه ڪن

مرد پنهنجي مان لاءِ، ٿا سوين، سور سهن

توکي ڪٽر پيو آهي ڪاڪ تي، منهنجي دل تي دود دکن

ساري من سڙي ويو، تو لئي منهنجو تن

حسن، منهنجو هليو ويو، جاني تو لئي جوڀن

ساري عمر، سانوڻ چئي، تنهنجي ڏکويس ڏکن

پوءِ راڻا! تنهنجي رُسامن، منهنجو جيءَ جڏو ڪيو.

 

149 – راڻا! ڇڏ ماڻا، رُسڻ جي ڇڏ راند

ڪٽر تنهنجي قلب تي، وڌو ڪنهن وڙواند

الله ڪارڻ لنڊيون، پيون تنهنجي پاند

سرهي ڪر، سانوڻ چئي، ڪڙو ٻول نه ڪانڌ

پناهه جو پلاند، مَ لاهج مُئيءَ تان.

 

150 – راڻا! ڇڏ ماڻا، سڻ ضعيف سندي زاري

ميو تنهنجو مويڙ هو، جيئن باز ڇٽي بهري

تل به ترسيو ڪينڪي، نڪا ڏنئين ڏيکاري

لتاڙي لڪ چڙهيو، متو مهاري

نڪا رڙ روڏن جي، نڪو اُٺ اوٺاري

تون وساري ويهي رهئين، آءٌ پلپل پچاري

ڪيئن ڪريان، ڪيڏانهن وڃان،مون تي چور گهمن چاري

آءُ ته پرچون پاڻ ۾، رکي حرفِ هزاري

مون سُڃيءَ کي، سانوڻ چئي، آهن ڪانَ لڳا قهري

موٽائي آءُ مهري، ڪرهو پنهنجو ڪاڪ تي.

 

151 – راڻا! ڇڏ ماڻا، سوڍا سٿ تنهنجي

زار زار ٿي زاريون ڪريان، مڃ منٿ منهنجي

هوت تنهنجي هٿ ۾، آهي قرب جي ڪنجي

ڦري وئين فقير ڪري، دلبر دل منهنجي

رات ڏينهن اٿم روح ۾، طلب تات تنهنجي

هينئون منهنجو حيران ٿيو، پيو من منجهي

سڙي مران، سانوڻ چئي، توکي پير ڪري پونجي

اڙي دل اُهنجي، سا مور نه ڇڏي مينڌرا.

 

152 – راڻا! ڇڏ ماڻا، مومل کي نه مار

موٽي اچ مير مينڌرا! گهڙي مون وٽ گهار

نه ته ڏهاڳڻ سڏجان پئي ڏيهه ۾، برهه ٽُٽي پيا بار

دکن دونهان، سور سونهان، ٿيا هينئين منجهه هزار

هيڪر آءُ هلي، جيرا ويم جلي، لاهي وڃ مومل تان ميار

اهي مدايون مڙيئي مون کان ٿيون، بخش کڻي ڀتار

”لقد خلقنا الانسان في احسن تقويم“  ننگ پنهنجو نهار

نه ته مري ويندي سئين مينڌرا، اچي جڏيءَ کي جيار

سورن ۾، سانوڻ چئي، ڪوماڻي وتي ڪنوار

اچي ڀيرو ڪر ڀتار، نه ته قبر ڏسندين ڪاڪ ۾.

 

راڻا ڪر نه ماڻا، تون هئين ڄٽاڻو ڄٽ 153 -

مڙس ڏٺو هئي مومل سان، ته ماري ڪرين ها  مت

هِت لڄايئي ڪاڪ کي، هُت لڄايئي ڍٽ

لاهي لُنگيون، ٻڌ ڌوتيا، پهرين ڇو ٿو پٽ

تن سورن جو، سانوڻ چئي، گهوڙا ڪيئي گهٽ

هاڻ ساهمي، توراڙو، هٽ، مرڪ تنهنجو مينڌرا!

 

154 – راڻا! تنهنجي رهاڻ جي، مون کي تن اندر ۾ تار

سوڍا! تنهنجي سور ۾، مون ساڙيا سڀ سينگار

ٻانهيون، ٻيڙا مون ٻاري ڇڏيا، هَس، ڪڙولا، هار

تون ڪيئن رُٺين راڻا! واڳ وطن تي وار

سورن ۾، سانوڻ چئي، مومل کي نه مار

 ڏينئي سوڀ ستار، مينڌرا! ملي وڃ مومل سان.

 

155 -  راڻا! تنهنجي رهاڻ جي، مون طلب اندر ۾ تانگهه

وار نه مئيءَ جا ولها، تون ليڙي مٿي لانگ

سامهون ويهو سوڍن کي، تون ٻهران ڏئين ٻانگ

اڄ به تنهنجي اچڻ لاءِ، مون ڪوڙين اڏايا ڪانگ

کامي آءٌ خاڪ ٿيس، سڄڻ تنهنجي سانگ

مون سڙيءَ جو، سانوڻ چئي، تون آتڻ ڪيم اولانگ

نينهن مثل آهي نانگ، خبر کاڌن کان پوي.

 

156 – راڻا! تنهنجي رهاڻ لئي، اٿم قلب اندر ۾ ڪير

کامي من خاڪ ٿيو، پيا چَهَڪ اندر ۾ چير

اچي مل مير مينڌرا! مون کي اندر منجهه اڪير

رُسڻ جي راڻا توکي، ڪيئن مت آئي مير

عقل ۾ اڪابر آهين، پوءِ هيڏي ڪر نه حمير

منٿ مڃي موٽي آءُ، هي دانهون ڪري پئي دلگير

آءٌ رکيو آس الله ۾، پوڄان ويٺي پير

جياري وڃ مون جڏيءَ کي، نه ته آيم وقت اخير

نه ته قبر ۾ ڪاڻيارو ڪندي سئين، اڳيان منڪر نڪير

سُجهي ٿي، سانوڻ چئي، اڳيان قيام ڪَبير

جت سختي لڳندي سِير، اُت شل ڪاڻيارو ڪومَ ٿئي.

 

راڻا! تنهنجي رهاڻ لئي، آءٌ آهيان پرين پياسي157  –

جيئري تو جانب لاءِ، منهنجو هينئون اداسي

ڪونج ويٺي هئي ڪاڪ تي، مومل مَواسي

ٻيٽي راجا ڀوڄ جي، چاندي چڪاسي

پرور منهنجون پوريون ڪندو، اميدون عاصي

نڪو قاصد آيو ڪاڪ تان، نڪا خبر آئي خاصي

سُکا تولئي، سانوڻ چئي، مون بيشڪ آهي باسي

سوڍل سناسي، تون هليو اچج حُب سان.

 

158 – راڻا! تنهنجي رهاڻ لئي، آءٌ ور ڏيو واجهايان

مدايون مڙيئي معاف ڪر، آءٌ ٿي پاند ڳچيءَ پايان

تون راجا آهين روح جو، توسان سينو ڪيئن ساهيان

اهو لکيو هو انگ ازل ۾، تڏهن پئي خطائون کايان

نصيب ڦٽو مون نڀاڳيءَ جو، تڏهن در در پئي دانهيان

مِل اچي تون مينڌرا! ته آءٌ ڪس قلب جي لاهيان

”جنات تجري مِن تحتها النهار“ کاڄ اهو کايان

توکي ڪٽر پيو آهي ڪاڪ کان، آءٌ هت جا ڀاءَ سڀئي ڀايان

سگهو اچ، سانوڻ چئي، ته آءٌ ڇَنا سڀ ڇايان

نينهن نڀايان، تو سان مرڻ سوڌو مينڌرا!

 

159 – راڻا! تنهنجي رهاڻ لئي، ٿي اندر ۾ اداس

انهيءَ مونجهاري ماري آهيان، منهنجو روح نه آهي راس

ڳڻتيءَ ۾ ڳري، وينديس مري، وڪوڙيس وسواس

اندر اداسي، آهيان پياسي، ڏاڍي تانگهه تلاس

وجِهُلي تولئي ولها، مون ماري ڇڏيو ماس

ڪنهن کي سور سڻايان، هي ڪو پرديسياڻي جي پاس

”وفي انفسڪم اَفلا تبصرون“ ڪر نفس کي ناس

موٽي آءُ مينڌرا! ڪر ڪانڌ مٽيءَ تي قياس

ته سڀئي سور لهن، سانوڻ چئي، پڄي اندر جي آس

چندن جي چاس، تو مان مير اچي ٿي مينڌرا!

 

160 – راڻا! تنهنجي رهاڻ لئي، ٿيس جانب جوڳياڻي

نه آهي محرم مئيءَ جو، ڪنهن سان ڪريان ڪهاڻي

تنهنجا سور اچي سامهان ٿيا، ڏک به ڏهاڻي

رات تو لئي روئندي، مون کي ولها وهاڻي

آءٌ سيِتل آهيئين سوڍا! ننگ ڀري نياڻي

اِها مهڻا ڏيئي نه مار، هي بيحد بندياڻي

”جف القلم بِما هو قائما“ نه ته هيس سرتين ۾ سياڻي

هاڻي ڪيئن ڪنڌ کڻان هن ڪاڪ ۾، ٿيس هڪ جيڏين ۾ حرفياڻي

اِهي لِيها مون تان لاهي وڃ، نه ٿيندي سئين دستگير اڳيان دانهياڻي

سردار اڳيان، سانوڻ چئي، جتي تُرندا ڏوهه ڏوهاڻي

جتي سڀن کي سڃاڻي، حرف ملندا حق جا.

 

  راڻا! تنهنجي رهاڻ لئي، خاڪ ٿيس کامي161-

سڙي تنهنجي سڪ ۾، ويس وڪامي

مچ منهنجي من تي، ڪي اُٿيا اُڌامي

ڪين آئين قول تي، تون هئين انجامي

روئندي گذاريم راٽري، ويئي وِهامي

سارو لوڪ ننڊون ڪري، آءٌ نه آرامي

وڃي پيس وهلور ۾، ڇڏي سانگ سلامي

سائين لڳ، سانوڻ چئي، هيڪر ٿي حامي

متان مري مقامي، ملڻ کان نه مهند ٿيان.

 

162 – الف اکر هڪڙو، آهي توڙان ئي تَڪ

مون کي انهيءَ ماهيت جي، پهريان آهي پَڪ

ملان مسيتن ۾، بيٺو بڪئين بڪ

ورق جي وصال جا، ڍول مڙيئي ڍڪ

سڃاڻي، سانوڻ چئي، ٿي ان مٿي عاشق

حميراڻا حق، پارڻ کئون پري ٿيا.

مارئي

 163ماڙيءَ چڙهيو مارئي، ڏي ڪوٽن مٿي ڪن

ٽليون، ڏئونر، گهنگهرا، واڄٽ ڪيو وڄن

گهيٽا پاس گهرن جي، ولر ڪيو وڙڪن (1)

وڃن ويڙهيچن جا، ڇيلا وٺيو ڇَن

”الذين ينفقون اموالهم في سبيل الله“ اهو سانگ به سنگهارن

مٽر تن مارن جا، ٿا هينئڙي منجهه هرن (2)

جن ري ساعت نه سري، تن ري پئجو پهر وڃن (2)

ڏينهن ڳڻيدي سومرا، مون کي چليو چنڊ وڃن (2)

مون جيڏيون ملير ۾، آءٌ ڪسان منجهه ڪوٽن

اٿم آس الله ۾، منهنجا مارو من موٽن

ڪَل نه لڌي قيد ۾، منهنجي وري ويڙهيچن

وساري ويهي رهيا، آءٌ هت ستياس سورن

ڪيو ويس وچينءَ جو، گهرن پاس گهمن

سک تني جا، سانوڻ چئي، مون کي ويل نٿا وسرن

سي محب پرين ملن، سانگي ماڻهو ساڻيهه جا (3)

 

164 – ماڙيءَ چڙهيو مارئي، ٿي نيڻن وهائي نار

ڪرڙ ڪڪوريا، ڪنڊا موريا، ٽُوهن ڪڍيا ٽار

ٿڌي هير، ڪنڊيون ڪشمير، ٿي ڇنن ۾ ڇنڪار

ٽليون ٽئونر، ڀڻڪن ڀئونر، ڪيا گولاڙن گلزار

ميها موهر ۾، ونگا وَر ۾، لنگي ڏس ليار

سانگي منهنجا سنمک سهڻا، ڍِلڪن ڍِليءَ ڍار

هٿن ڪهاڙيون، ڳنن ڳاڙهيون، ٽليو وڍين ٽار

سانگي سويلا، ڇوڙين ڇيلا، ٻڪر سي ٻنيار

جهانگي جهڻ تي، ڪَٽين ڪڻ تي، اڇو جن اوتار

ڪڙمي ماڻهو ڪک چرو، جن جو وڻن سين واپار

پرين پهريا، وتن ڳهريا، کٿيءَ جي به خمار

لٽڪيو لڪن، گهيٽا گهٽن ۾، ڳنهيو ڪن ڳٽڪار

 (1) وڃن ويڙهي، اچن ميڙي، ڏوٿي ڏونرن ڏار

ڀِنيءَ ڀُڻي، ڪنين سُڻي، هت ٿئي ڪونجن جي ڪٽڪار

نبي سر جون نام ڪٺيون، هت سوڍيون ڪن سينگار

هيءَ ڪوهه ڪنگالڻ قيد ڪيئي، جنهن جي مالي نامقدار

ٽوڙي آندئي ٽولي مان، هيءَ گولي گنگهار

سا ڪيئن وساري قيدن ۾، پنهنجا ڏوٿيڙا ڏيهدار

عمر ساري، ويٺي ويچاري، ڄارين هيٺ ڄمار

جيڏين بنا جاڙ جيان، مون کي ماڙين ۾ نه مار

مري وينديس ماڙين ۾، هُت چِيڄ پڪا چوڌار (2)

سڻي سڏ، گولي گڏ، تون هاديءَ لڳ حبدار

هيءَ سوالڻ، سانوڻ چئي، تون والي وطن ڏي وار

اي سومرا سردار! آءٌ باب نه هيس بند جي.

 

165 – ماڙيءَ چڙهيو مارئي، بيٺي ڏسي اباڻا

پکا تن پهنوارن جا، آءٌ سڀئي سڃاڻا

هو ڀنگا، هو ڀيڻيون، هو ٿاڪ، هو ٿاڻا

هو ٿر، هو ٿوهر، هو ملڪ، هو موهر، هو کٽ،هو کوهر، جت ڪن ٻنيون ٻاٻاڻا

هو وانڍيون، هو ويڙها، هو منڊل، هو ميڙا هو آهن ماڳ به مائٽاڻا

هو پکا هو پيهيون، هو مال هو مينهيون، هو ڀٽون هو ڀاڻا

آءٌ ڪريان پيئي ڪوٽن ۾، رويو راماڻا

بگيون تن جون برن ۾، ڏين اڇيون اولاڻا

(1) اچن وهايو، ڏين اونايو، جن جا دڪن تي داڻا

منگهه ولوڙيو، منڌيون موڙيو، ڪڍن چوڙيليون چاڻا

جهڙ تي جهانگي، سونهن سانگي، مون کي ساهه ۾ سيباڻا

پرين پلاڻي، هليا ساڻيهه، اترئون آڻي، ڪيا مينهن مانڊاڻا

ڏسيو برساتيون، لڳن ڪاتيون، نٿا وڻن وهاڻا

عمر ڄام! تنهنجي سام، اچي پيا آهيون غريب غيباڻا

عمر ڄام! تنهنجي سام، اسين آهيون نڌڪ نماڻا

تن سنگهارن جا، سانوڻ چئي، مون کي سور به ساماڻا

وس ڙي مهراڻا! ته مارو اچن ملڪ تي (1).

 

166 – ماڙيءَ چڙهيو مارئي، ٿي ڪري ڪيهون قريبن

ڪرڙ ڪڪوريا، ڪنڊا موريا، ڦر جهليا ڦوڳن

ڪُونڀٽ، کِيريون، ٻاوُرَ، ٻيريون، وڻ ڇانيا ونگن

چڀڙ وليون، ٿيون ڀليون،پٽ وٺيو پکڙن

راجا رانيو، ملڪ ڇانيو، کِڙي کاٽونين

گرڊ گوساٽا، ٿيا گهاٽا، جتي منڊل ڪيا ميهن

ٿٻا ٿرن ۾، باغ برن ۾، منهنجون ساتاريون سونهن (2)

وُٺي ويچاريون، ڄاپن ڄاريون، لَس لياريون، لهڪن ويڙها

ويڙها ولين ڇانئيا، گس به گولاڙن

لُلر لاڻئي، پلر پاڻي، پٽ پهنواريون پين

ٿر ٿوهر، ملڪ موهر، اٿئي ساڻيهه سنگهارن

گذر جني جو گوڙ تي، سي ساڳ مٿي سرچن

ڪيون ڪينجهر ڪنڌئين، وانڍيون ويڙهيچن

جهانگين مٿي جهڙ ڦڙ لائي، آڻي اوهيرن

مون ليکي مري ويا، نه وريو ڪو منجهان ويڙهيچن

سڪ جني جي، سانوڻ چئي، سي مارو مانَ ملن

هِت ڏاهيون ڏک ڏسن، هُت ستيون سڪن سهاڳ کي.

 

167 – ماڙيءَ چڙهيو مارئي، ٿي گهيڙ نهاري گهٽ

وسن مينهن، تپن ڏينهن، او گوڙون ڪن گهوگهٽ

مينهن وسايو، ڪاهون ڪاهيو، پلر ڀريا پٽ

ڪَک ڪُنڊاريون، مال چاريو، ٿيا گاهن جا گهاگهٽ

رنڀن رايون، چرن سايون، ڍوليون مٿي ڍٽ

مرڪن مايون، ميڙين ٻولهايون، نوڃڻ پايو نٽ

لوڻ لڳايو، کنڀيون کايو، هڻن جهڻ منجهان سي جهٽ

ٻارڻ ٻاريو، گِهه پهگاريو، هليو وڪڻن مٿي هٽ

ڳهه وجڙايو، ڳچيءَ لايو، ڪن ڇلن جا ڇا نوٽ

ميٽ ملايو، تڙ ڪرايو، لڱن لاهين لٽ

وار ويڙهايو، سرما پايو، سرتيون ڪن سلهٽ

جامان پايو، تلڪ لڳايو، ٻڌن چوڙيليون چٽ

تن سنگهارن جا، سانوڻ چئي، آءٌ مور نه ڀانيان مٽ

جيئن ڀير وڄائين ڀٽ، تيئن سوال ڪريئين ٿي سومرا!

 

168 – ماڙيءَ چڙهي مارئي، ڏي مارن ڏي موڙا

ڪوٽ چڙهيو ٿي ڪوڪرا ڪري، گهر ڏسيو گهوڙا

 (1نهين ويڙهيچن کي، تڙائج نه توڙا

ونهين ويڙهيچن سان، وجهج ڪيم وڇوڙا

ونهين ويڙهيچن جا، اٿم اندر ۾ اوسيڙا (2)

ڪِري پيا ٿي ڪونج کي، ڳل مٿان ڳوڙها

ڀلي مور مرڪن ماٽين، جي وجهن ولوڙا

کير ولوڙين کٿيريون، ڏين منڌين کي موڙا

ڪُنگو رڱين ڪپڙا، ڏيو ٻانهياريون ٻوڙا

سور تني جا، سانوڻ چئي، آهن قلب تي ڪوڙا

ڳاڙيندي ڳوڙها، مون کي رات وهامي ڏينهن ٿيو.

 

ماڙيءَ چڙهيو مارئي، ڏسي ماڳ مانجهاندا (1)169

سڃا سنگهارن ري، مون کي وڻن ڪين واندا

لڏي لاڏاڻو ڪري، ويا هليا هيڪاندا

سکيا ڏينهن سانگين جا، عمر مون آندا

مون سچيءَ لاءِ، سانوڻ چئي، مارو آهن ماندا

پهنوارين پاندا، مون کي پينگهن منجهه پياريا.

 

170 – ماڙيءَ چڙهيو مارئي، ڪري بيٺي قيام

کٿي ڪفن ڀانئيان، جا ڏوٿي ڏيج ڏيندام

مرڻ ويل ملير ۾، سا اچي اوڍيندام

ڪانڌي ٿي ڪلهن تي، کڻي جهانگي جهليندام

سرهي ڪري سومرا، مديني موڪليندام

آءٌ اگلي آهيان، پر هت نه پوريندام

محابي مارو مير جي، اِتي نه پوريندام

محابي محمّد مير جي، اِتي نه پوريندام

”الله نور السمٰوات والارض“ اهو ڍڪ به ڍڪيندام (2)

پيراندي پهنوار جي، وڃي لاشو لٽيندام

سائين لڳ، سانوڻ چئي، بديون بخشيندام

اتيي پوريندام، جتي ملڪ مارو مير جو.

 

171 – ماڙيءَ چڙهيو مارئي، ڏسي طرف اباڻو

ڀريو ويٺا آهن ڀاڳيا، جهليو ملڪ مهراڻو

منڌ سڙي ٿي سڪ ۾، ڏٺئين چڙهندي چانڊاڻو

ته کليان خوشيءَ مان، وڃي ملڪ مائٽاڻو (3)

پچي پيو آهي پٽن ۾، مُرٽ مانڌاڻو

 (1)کائي اتي کاهڙ ۾، ڪيو آهي پرين پراڻو

ويچاريءَ جو وطن لاءِ هِت جيءُ به جلاڻو

قسمت آنديس ڪوٽ ۾، نه ته ٿر هئم ٿاڻو

تون سمو، تون سومرو، تون راجا، تون راڻو

تون حاڪم، تون حمير، تون سالڪ سياڻو

مارو منهنجا مسڪين آهن، جن وٽ دڪو ناهي داڻو

ري گناهه غريبن تي، توکي حڪم نه هلاڻو

ڏوٿين تنهنجي ڏيهه ۾، ڪيو سانگ به سٽاڻو

اهو سڱ، سانوڻ چئي، ڪيئي ٻاڻ ٻاٻاڻو (2)

ٻول به ٻاراڻو، سو پڙي مان پهنوار سان (3).

 

172 -  ماڙيءَ چڙهيو مارئي، ڏسي وطن سندا وڻ (4)

رهن ٿاريلا ٿر ۾، هو سانگي سيڻ سڄڻ

آءٌ انهن جي آهيان، جيڪي جهانگي پين جهڻ

تن سانگين ۽ سنگهارن جي، سرهي آهي سانجڻ

ڪيئن سمهان تنهنجي سيج بدن تي، اوڍيان ڪيئن اوڇڻ

بنگلن تنهنجن باهه ڏيان، کيس کٽون سڀ کڻ (5)

آءٌ آهيان تو وٽ، ڏي اڄوڪي رات به وهامڻ

هن ستيءَ سان، سانوڻ چئي، تون هوڏ به نه هڻ

آءٌ گولي آهيان غوث جي، گجر غلامڻ

مرشد منهنجي من تي، قادر وڌا ڪڻ

مون کي ڪاڻ ڪريم جي، مون ٻوليا ڪين ٻانڌڻ

قسمت آندم ڪوٽ ۾، آهيان ڏکي ڏهاڳڻ (6)

روضي مهندان رسول جي، ٿڃ پيتي اٿم ٿڻ

اُنيهن جي آتڻ، اڇي وينديس اُجري.

 

173 – ماڙيءَ چڙهيو مارئي، بيٺي ڪٿ ڪٿي

عمر اسان جي ڏيهه ۾، ڪپهه ڪونه ڪتي

سدائين سنگهارن جا، آهين لڏا لڪ مٿي

آڻين چاڙهين سومرا، ڦڙي ڦڪ مٿي

 (1 ) آڻين چاڙهن سومرا، جن جا جهوپا جهڪ مٿي

آڻين چاڙهين سومرا، چُرون چڪ مٿي

آڻين چاڙهين سومرا، ڪينجهر ڪپ مٿي (1)

کاهڙ پاسي کوڙيائون، مَنهن مَڪ مٿي

مَرُ نه سهان مارن جو، آءٌ نماڻي نڪ مٿي (2)

سدائين، سانوڻ چئي، هو آهن ٽاڻي ٽڪ مٿي

جيڪي هونديون حق مٿي، سي ثابت وينديون سومرا.

 

174 – ماڙيءَ چڙهيو مارئي، ٿي ڏسي اباڻا

مارو مٽ ملير ۾، ٿي سانگي سڃاڻا (3)

ڏکڻ سندي ڏس ڏي ٿم ڏوٿي ڏاڏاڻا

ڪينجهر سندي ڪنڊ تي، اٿم مارو ماماڻا

ڪعبي سندي ڪنڊ تي، آهن نبي ناناڻا (4)

رکن روزا، پڙهن نمازون، ريلن ۾ راڻا

ٿوهر ٿرن ۾، بدو برن ۾، نيڪ به نماڻا

ڇيلا ڇرن ۾، گهيٽا گهرن ۾، ويٺا وڻن ۾، اڏي پکڙا پراڻا

آءٌ انهن جي آهيان، هو مَر پيا ڪن ماڻا

راجا منهنجي روح کي، اهي سانگي سيباڻا

راجا منهنجي روح ۾ آهن اولاڻا

ڏسان تن ڏيهاين کي، پير ڀري پاڻا

وڇوڙي جا وجود ۾، گهمن پيا گهاڻا

ميگهن ۽ مينهن جا، ٿيا مٿن مانڊاڻا

ساڻيهه ۾ سڪار ٿيا، پڪا مرٽ مانڌاڻا

کائي تن کاهڙ ۾، ڪيا پرين پراڻا

سيڄن ۽ سينگارن مان، آءٌ ڄٽي ڇا ڄاڻا

منهنجا سوال، سانوڻ چئي، وڃي عرش اگهاڻا

(1)سنڌ به مائٽاڻا، سهج ماڻيندي: سومرا

 

175 – ماڙيءَ چڙهيو مارئي، ڪري نِڌَڪ نگاهون

سدا وسن سيڻن جا، پکا من پاهون

اصل اباڻن جون، ٻرن بر مٿي باهون

وس وڃڻ جون ويڙهيچا، ڪن سانگي سٽائون

ڪُسان پئي قيد ۾، ڪريان درد منجهان دانهون (2)

ڪسان پئي قيد ۾، منهنجي ڪل نه لڌائون (2)

ڪسان پئي قيد ۾، مون تان لاڳاپا لاٿائون (2)

سنيهڙو سانگين جو، اڄ آيو اتاهون (3)

اڄ سڀاڻي، سانوڻ چئي، هو ڪاهيندا ڪاهون

ميڙ نه مڪائون، هو وساري ويهي رهيا (4)

 

176 – ماڙيءَ چڙهيو مارئي، ٿي ڪري هُل حشر

منهنجا سانگي اچن سيگهه مان، جي پري ٿيا پهنور

ڏٺم مينهن ماڙيچن تي، ڪالهونڪر ڪڪر

لڳي هير هينئين کي، مون کي کوڻين ڏني خبر

نيڻن ننڊ ڦٽي، سڻي ساڻيهه جا سانڀر

وُٺا مينهن ملير تي ٿيا آب وڏا اَنڇر

ملڪ مڙيئي مڃر ٿيو، ڀريا پٽ پلر

کِهه، کُرسڻ، ڪانهه، ڪلورو، ٻيا ساوا ٿيا سر

ڏنوهي، ڏنگڻي، ڏير، ڏاڪر، ڇانگون چرن ڇٻر

مُرٽ، مکڻي، مرگهه، مانڌاڻو، ٿيا ڀٽن پاسي ڀر

ڀرٽ ڀَچُٽي، کيرول کٿوري، ٻيا لوڻڪ ٿيا للر

سر، سانئون، ساوڙي، ٿي منڍيري مڃر

لنب، لاڻي، ڪوتڪ، ڪرانجهڙو، ٿيا ڪنڌيءَ پاس ڪپر

ڪيسر، ڪنڙو، ڪونڀٽ، ڪامهي، ٿيا ڪاري منجهه ڪلر

نير، نانگلي،اهريو، اڪڙي، سي ڦٽيو جهلين ڦر

پَڇر، پنير، ٻڪن، ٻاوري، ٿيا ٿوهر مٿي ٿر

ڀاڄي، ڀنگريو، ڦاڙهه، ڦڪريو، ٿيا ڍورين منجهه ڍير

موٺ، مريڙو، مانجهلي، سنا ۽ سينور

ڊم، ڊامڻ ڳاڱيون، ڳنڍير، پسيون کين پهنور

ڦوڳ ڦٽي پيا ڦاروا، پيا گوڙ مٿي گگر

واهون ولهيون، ٻُوهه، توهه، اتي ٻهون پڪي ٻاجهر

کنڀيون، کٽونبا، پڪا، پيرون، ٿيا مڱ مٽر

چونرا، ڏونرا، کير، ڌونرو، اُٿيو پين اَسُر

آءٌ ماکيان مٺا ڀانئيان، سي ساڻيهه جا سڱر

چارين چوڙيليون، ٻڌيو ٻيلون، ويڙهه مٿي ولر

ڪارا ڪُرا، ڪڪا، لَمان، ٻيڪون ڪن ٻڪر

ڀورا، ڀولا، ڪَتا، ڪجلا، ڪن ڪڏڪارون ڪينجهر

ڇڏ ته وڃي ڇيلا چاريان، ادا ڄام عمر!

عدل ڪر، عادل ٿي، ڪر نماڻيءَ تي نظر

”ليس الله باِحڪم الحاڪمين“ ڏاڍو اٿئي ڏاتر

جي نبي هئا نالي مٺا، سي به مڃي ويا آگي جو امر

جن دورا ڪيا هن دنيا تي، لاءَ وٺي لشڪر

تن ڇڳيرن تي پئي ڇٽ جهُليا، هئن نالا نشانبر

سي سڀ مري، ويا ڳري، ٿيا قوت قبر

ڪر ڪو خوف خداء جو، بندا ڪر نه بانور

مڃي منٿ مارئي جي، ڪڍ نماڻي جا نيئر

ته وڃي کيرون ڏيان کاهڙ ۾، هڪ جيڏين کي هيڪر

سڻي سوال، سانوڻ جا، تون بديون بخش ڪر

دانھ! تنهنجي در، هي پيئي ستائي سومرا

 

ماڙيءَ چڙهيو مارئي، ڪري سانگياڻي177 سٽا –

پکا تن پهنوارن جا، هئا چوڙيلين چٽا

ڇوڙيا هئم ڇنن ۾، ڪري ڦر ڦٽا

گهمندي تن گهرن ۾، مون ڏوٿيڙا ڏٺا

ڪالهونڪر ڪاهي ويا، ملڪ مينهن وُٺا (1)

آءٌ سڪان ٿي، سانوڻ چئي، مون کي وساري ويٺا (2)

هيئين جي هيٺا، مِٺي هيس مارن کي.

 

178 – ماڙيءَ چڙهيو مارئي، ڪري نِڌڪ نهار

اچي ويٺم ويجهڙا، ڀري پٽ پهنوار

پهه ڪري هليون پاڻيءَ تي، ڪري ڪونجن جيئن قطار

چوٽا تن چوڙيلين جا، آهن تيل منجهارا تار

هڪ صورتون سهڻيون، ٻيا واڌو سندن وار

کٿيريون خوشيءَ مان، کليو ڪن کينڪار

سڀني ۾، سانوڻ چئي، ڪا مارئي هئي مهندار

لڏڻ کي لاچار، ڇني ويا ڇانگ مان.

 

179 – ماڙيءَ چڙهي مارئي، ڏٺئين ٻيلو ۽ ٻنهنوار (3)

آڻي آب اکين مان لڙڪ ٿين لهنوار

ٻڌان نه ٻاٻاڻن جا، هتي هل هونگار

نڪو جانب جوءِ ۾، نڪو تڙ تنوار

ڀڄي ويا ڀئو کان، پٽ ڇڏي پهنوار

(1) اوڏا هئا ته آئيا، شت اڪري ويا اونهار

آءٌ سڪان ٿي، سانوڻ چئي، جو آيو ڪونه اوڏيار

ويچارا وانڍيار، کنوڻ پاس کڻي ويا.

 

180 – ماڙيءَ چڙهيو مارئي، ڏئي ڏُسڪيو ڏيکاريون

ڏٺم ڏوٿيڙن جون پڊ ۽ پاٿاريون

چرن چوٽ چانڊاڻ تي ڀوريون ڀٽاريون

ڪينجهر ٻنهين ڪنڌئين، ٿيون مرڪن ميهارون

ڦوڳن هيٺ ڦرڙا، ٿيون ٻڌن ٻانهياريون

سڪ جني جي سومرا، سي من لهان لوياريون

سائين لڳ، سانوڻ چئي، من پرچن پهنواريون

گڏجي گذاريون، حال حياتي ڏينهنڙا.

 

181 – ماڙيءَ چڙهيو مارئي، ٿي اُڀي اوساري

منهنجا مارو مير کي، ڏجيئن سنيهڙا ساري

هڪڙو ڪوٽ ڪٺي آهيان، ٻيو وڇوڙو ماري

سنگهارن جي، سانوڻ چئي، هو گهنگهر ويٺي گهاري

وڃيم جي واري، ته گڏجي گوندر لاهيون.

 

182 – مارو مٽ ملير ۾، سانگي سرت سجان،

ڏوٿي پنهنجي ڏيهه ۾، ٿا مرڪن وڏي مان

وٺ مَ ويڙهيچن جا، عمر! تون امتحان

سانگي منهنجا سنمک سهڻا، ٿر جنين جو ٿان،

جهڻ پين، جهنگل رهن، جن جو گوڙ مٿي گذران

آءٌ صدقي وڃان سومرا! تن ڪونجن تان قربان

سي سنڀوڙيون سڱر تي، ڳاڙها ٻڌي ڳان

سي سنڀوڙيون سڱر تي، جامان پائي جان

سي سنڀوڙيون سڱر تي، مور وٺي ميدان

ڏونري ۽ ڏٿ جا، آڻي ڪيائون ارزان

ڏونري ۽ ڏٿ جا، سڀن ڪيا سامان

سانجهي آيا سومرا! منهنجي مارن وٽ مهمان

مون ڪُٺي ڪين قبوليا، تنهنجا کٽ خزان

مون ڪُٺي ڪين قبوليا، تنهنجا موتي ۽ مرجان

مون ڪُٺي ڪين قبوليا، تنهنجا پلنگ پان

عمر! منهنجي اکين کان، پري ڪر پڪوان

ڪنهن نه ويهاريون ڪوٽن ۾، ٻايون ڪري ٻان

مَن منجهي ماڙين ۾، حال به ٿيم حيران

ساڻ نه هلندئي، سانوڻ چئي، اهي ماڳ مڪان

منهنجو ميڙائو مانَ، ٿئي مارو مير سان.

 

183 – مارو مٽ ملير ۾، سکر ڏينهن سارين

آڻين چاڙهين سومرا، اَنّ نه اُڌارين

ڪارهين قادر محي الدين جي، هو وڌايو وارين

آءُ انهن جي آهيان، مون کي ويل نه وسارين

مون کي ماروئڙن جون، ٿيون ميارون مارين

ڀَليون وس ڀاڳين جي، هو ڌُڻيوئي ڌارين

ڪينجهر تان ڪاهه ڪريو اچو ڍٽ مٿئون ڍارين

تن سنگهارن جون، سانوڻ چئي، ڳالهيون ٿيون ڳارين

هو چڙن سان چارين، ساڻيهه ۾ سانگ ڪيو.

 

مارو مٽ ملير ۾، مون کي ڳڻتين جون ڳاريون 184–

ڇيلا پاس ڇنن ۾، ولرڙا واريون (1)

بريون برن ۾، ڀوريون ڀٽاريون

گريون گسن تي، ٿيون مچي متاريون

ڄاريون ويچاريون ڦُٽي ڦُڙين تي ڪنڊيون ڪنڊاريون

ويهن واڍاريون، ڪَن ڪڇن ۾، سٺيون سانداريون

(1 ) تڙن تي تساريون، مڙن مهنداريون، ڀرين پاريون ڀوريون ڀٽاريون

ڏهيو ڏهرن ۾، پين پنهواريون ڪنڍيون ڪانگهاريون

ڍنگر ڍاريون، ويهن وانڍياريون، ڪن ڪچهاريون

سانڍين سنگهاريون، ڳچيءَ ڳاريون، ڪري زاريون

سورن جون سانوڻ چئي، آهن دل ۾ دوناريون

ٻُڌم ٻيلاريون، ڪي وُٺي ويڙهيچن جون.

 

185 – مارو مٽ ملير ۾، شل سانگي سرها هُونِ (2)

سنجهي سمهن ڪينڪي، وچين ويٺا هون

مقالون مينهن جون، چارئي پهر چُون

ڏوٿي منهنجا ڏور ٿيا، گهر جنين جا گهُون

عمر! اڃان اکين سان، مارو ڏٺا مون نه

ونهين ۽ ويڙهيچن لاءِ، مست آهيان مجنونَ

ونهين ۽ ويڙهيچن لاءِ، کپي ٿينديس خون (3)

سدائين، سانوڻ چئي، منهنجا سانگي مسافروُن

کِلن جي رونِ، ته به موت تن جي مٿي تي.

 

186 – مارو مٽ ملير ۾، عمر! جي آيا

مندر جي مهراڻي جا، آهن وري وسايا

سانگي منهنجا سنمک سهڻا، سونهن سوايا

پکا تن پوشيدن جا، بوندن برسايا

وُٺا مينهن مارن تي، کنوڻن کيڏ مچايا (4)

آءٌ سڪان ٿي سومرا! هو نياپي نه آيا

آءٌ سڪان سومرا! ڏوٿين ڏينهن لايا (4)

 (1) دردن منهنجي دل تي، آڻي دود دکايا

سُور تني جا، سانوڻ چئي، سِر جِي سامايا

لکئي لوڙايا، نِيَرَ نماڻيءَ کي.

 

187 -  مارو مِٽ ملير ۾، تنهنجي ڀو ڀڳا

ڏٺم ڏوٿيڙن جا، وڃي پير پڳا

هڪڙا ڏوٿي ڏونجهه تي، ٻيا جي لير لڳا

لاکيون لال ڪُلهن تي، ڪن ٽِليدار ٽڳا

سانگي سنمک سهڻا، چارين ڍور ڍڳا

ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، حُسن جا هُڳا

ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، ڀوريون ڪن ڀُڳا

ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، ڇاڻيو اچن ڇُڳا

جهَڻ پين، جهنگل رهن، ڪن تنهن تي تڳا

هن سڃيءَ ڏي، سانوڻ چئي، اچي پيغام پڳا

راجا سائين رڳا، تنهنجي جهڻڪن کڻي جهيڻا ڪيا.

 

188 – مارو مٽ ملير ۾، عمر! چونم آءُ

ساريو سنگهارن کي، سڪي منهنجو ساءُ

لڳي هِير، ٿي اڪير، وريو وطن واءُ

بت بيراڳي بند ۾، جيئڙو ناهي جاءِ

کٽون کهنبا کائيان، ڇيٽين ڪريان ڇاء

مارو ڏيندم مهڻا، ويڙهي چوندم واءِ

منهنجو روح ريهون ڪري، عمر انهن لاءِ

سڀڪو پرائي ساء، منهجي ساه سور پرائيا.

 

189 – مارو مِٽ ملير ۾، آهن، عمر! آجاتي

آڻين چاڙهين سومرا! هو کاڄ به خيراتي

آڻين چاڙهين سومرا! ڀيڙا ٿيو ڀاتي

تن ونهين ويڙهيچن سان، اٿم سڱ سڱاوتي

تن ونهين ويڙهيچن کي، آءٌ ملان منداتي

اَٺئي پهر اُداس ۾، اٿم جهنگل ڏي جهاتي

ميان! ڪيئن موٽائيان، کاهڙ جا خاطي؟

سجهن ٿا ساڻيهه ۾، وارث ولاتي

حَسن مير حُسين جي، پاکر مون پاتي

سوڙهيءَ ۾، سانوڻ چئي، ٿيندا مدد مماتي

آهيان آساتي، مديني جي مير جي.


(163) ظ ، ل، هه، بچو کور (تعلقو حيدرآباد) ۽ احمد خان ”آصف“ (تعلقو ڪڪڙ). (1) ل. (2) ر. (3) ل: شل وڃان ويڙهيچن، وطن تي وسون ٿيون. (164) کان (168) ظ، ل، هه ۽ بچو کور (تعلقو حيدرآباد)

(169) ظ، ل، هه ۽ عبدالرزاق (تعلقو روهڙي). (1) ل. مارو پنهنجي ملڪ ۾، ڪن ماڳين مانجهاندا. (170) ظ، ل، هه ۽ رائچند (تعلقو ڇاڇرو) (2) ظ ۽ هه. (171) کان (173) ظ، ل ۽ هه (2) هه: کلي خلق سان، مون ڏٺو ملڪ مائٽاڻو.

(1) هه: ڌوٿي آياسين ڏيهه ۾، اسان جو ساهه به پراڻو. (2) هه: اهو سڱ، سانوڻ چئي، توکي ٻانڌڻو نه ڪرڻو هو ٻاٻاڻو. (3) هه: ٻول به ٻاراڻو، سو پاريم ڪونه پهنوار سان. (4) ل: مارو مٽ ملير ۾، آهن منهنجا سيڻ. (5) ل. (6) ظ: ڪيئن ويهان تنهنجي ڪوٽ ۾، آءٌ آهيان ڌيءَ ڌڻ.

(1) ر. (2) ل. (174) ظ، ل، صالح محمد سمون (ڪراچي) ۽ قاضي نور محمد (تعلقو هالا). (3) ل. (4) ل:

قطب سندي ڪنڊ تي منهنجا عمر اباڻا.

راجا انهيءَ رُخ تي، منهنجا نبي ناناڻا.

(1) ظ.                

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org