سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: نڙ جا بيت

 

صفحو :12

اڌ لوئيءَ جو انگ تي، اڌ ڪري نه ڄاڻا 211

ساڳين سنگهارن کي، آءٌ صحيح سڃاڻا

ساڳين سنگهارن جا، آهن واريءَ وڇاڻا

ساڳين سنگهارن جا، آهن ڀٽن مٿي ڀاڻا

ويڙهيچن وسائيا، پڊ به پراڻا

مون ڏي مارن موڪليا، سلام ساڳوڻا (1)

مون ڏي مارن موڪليا، پيرون پراڻا (1)

مون ڏي مارن موڪليا ڪي دعا سندا داڻا

سور تِتي جا، سانوڻ چئي، منهنجي ساهه کي سيباڻا (2)

مون کي مائٽاڻا، سک نه وسرن سومرا!

 

212 – اڌ لوئي جو انگ تي، اڌ انگيائون انگ

مون جيڏيون ملير ۾، هڻن دوديريون دنگ

مکڙيون، مرٽ، مانڌاڻا، ساوا جهلين سنگ

وڄن ٿا وجود ۾، چڙا چوڏس چنگ

کِنوڻن کيڏ مچائيا، راول رتا رنگ

ماروئڙن ملير ۾، مون کي وِرهه وڌا ونگ

سورن جا، سانوڻ چئي، ڏي مَ ڏکويل کي ڏنگ

نيرن لٿي ننگ، آءٌ اُجارينديس اباڻن جا.

 

213 -  اڌ لوئيءَ جو انگ تي، اڌ ۾ پيرون آڻين پنهوار

ونهين ۽ ويڙهيچن تي، منهنجي رهي ميار

اباڻن جي آسري، هي نرمل ڪري پئي نهار

قسمت آڻي ڪوٽ ۾، ڌڪي ڪيس ڌار

منهنجا ڪم ڪريم تي، جو آهي مديني ڌڻي مهندار

حسن مير حسين ۾، آءٌ آهيان طمعدار

قادر ڪڍندم ڪوٽ مان، لاهي بدين سندا بار

سوڙهي ۾، سانوڻ چئي، پرور اُڪاريندو پار

جن کي ڪلمي جي پچار، سي مڙيئي لڪيون لنگهندا.

 

214 – اڌ لوئيءَ جو انگ تي، اڌ ۾ سڱر ۽ سائون

ڪُل وِجهي ڪانبن ۾، ڪَٺا ڪيائون

مِٺي مَڪ ملير جي، چڙهي چونڊيائون

ڇيلا پاس ڇنن ۾، ولر واريائون

وُٺا مينهن مارن تي پلر پيتائون

ويڙهيچا وطن ۾، هِت هيڪلڙي آءٌ

ڇڄي آيس ڇانگن مان، تڏهن ڪريان درد منجهان دانهون

”الست بربڪم قالوا بلى“ لکي لکيائون

قسمت قيد الماءُ، ميثاق واري مَس نه ميٽيائون

تن سنگهارن سان، سانوڻ چئي، آهن جيئري جٽائون

اهي ربّ جون رضائون، نه ته ڪير اچي ها قيد ۾.

 

215 – اڌ لوئيءَ جو انگ تي، اڌ ۾ گولاڙا ۽ گاهه

ماروئڙا ملير ۾، جن کي ساري پيو ساهه

ننڍو ڪري نپايو، مون کي چوڙيلين ڏئي چاه

ساري پيو سنگهارن کي، منهنجو ادا ڙي! ارواح

ڪڍ بندياڻي بند مان، نه ته پڄي ويندم پساهه

ڪڍ بندياڻي بند مان، آءٌ ڀيڻ تون  ڀاءُ

موٽي وڃان ملڪ تي، اٿم آس الله

”الحمد لله رب العالمين“ هادي ٿيندم همراهه

ڪين سمهان سيج بندن تي، ڏيان بنگلن کي باهه

مارن تي آهن مينهن وٺا، ڀريائون تڙ تلاءَ

تن سورن جي، سانوڻ چئي، ڏينديس دستگير کي دانھ

پوءِ شرم رکندم شاهه، محابي محمّد مير جي.

 

اڌ لوئيءَ جو انگ تي، اڌ ۾ ڏوٿي ڏيج ڏيندا 216  –

مرڻ ويل ملير ۾، عمر اوڍيندا

ڪري پونديس ڪلهن تي، مون کي جهانگي جهليندا

سيراندي سردار جي، منهنجو لاشو لٽيندا

سرهي ڪري، سانوڻ چئي، مون کي نيڙ ڏي نيندا

اتي لوڙهه به لٽيندا، جتي ملڪ محمّد مير جو.

 

217 -  موڪل ڏي ته ملير وڃان، ڍري ڏسان ڍاٽ

ملڪ مارو مير جو، لکپت ۽ لاکاٽ

ملڪ مارو مير جو، سُتيارو سيکاٽ (1)

سانگي منهنجا سنمک سهڻا، ٺهيو ڪن ٿا ٺاٽ

جويون جيسلمير جون، آهن ڪُل ڪنواٽ

نبيسر جون نام ڪٺيون، ٿيون ننگ ڀريون ڪن ناٽ

چولاتن چوڙيلين جا، آهن تونر ٽِڪُن مان ٽاٽ

گهڻي لوڏ لويارين ۾، ٻي سونهن وڏي سماٽ

چڙهيون چوٽ چانڊاڻ تي، ڪُل ڪري ڪڙٻاٽ

هٿن کاريون، ڀڃن ڏاريون، مِرگهيون ڏين موڙاٽ

جِت کيريون ٻيريون ٻاوريون، ٻيا ٻوهن جا ٻيلاٽ

ڏسن قوّت ڪنوارين جي، جي منگهه ولوڙين ماٽ

ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، آهن کِيرن جا کُڙاٽ

ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، آهن ڌونرن جا ڌوڌاٽ

ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، آهن ڇيرين جا ڇڻاٽ

ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، آهن چڙهن جا چونگاٽ

ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، آهن ٻڪرن جا ٻيڪاٽ

ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، آهن گهيٽن سندا گهاٽ

ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، ڀوريون ڪن ڀُڻاٽ.

 

 (1 ) ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، چَتُن جي چيهاٽ

ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، دُکن ٿا دونهاٽ

سدا مند سانگين جا، ڳاڱين مٿي ڳاٽ

پائي پاند ڳچيءَ ۾، مون لکين ڪيا لولهاٽ

پَسي سونهن، سانوڻ چئي، تون عمر نه ڪر اوراٽ

پائي ڳل ڳچيءَ ڳاٽ، وڃي ملان مارو مير کي.

 

218 – موڪل ڏي ملير وڃان، عمر ادا ڙي!

کڻي آئين کوهه تان، چوڙيلي چاڙهي

ڪنواريءَ کي ڪوٽن ۾، ڇڏيئي نِبيرَن ۾ ناڙي

ساريو سانبيڙن کي، ڳوڙها ويٺي ڳاڙي (2)

پلنگ تي پار ڪڍيو، سائي پسو پڇاڙي (2)

سنگهارن جي سومرا! ڌڄ هنيئي ڌاڙي

هن سڃيءَ جا سانوڻ چئي، شل عيب نه اگهاڙي

پنهوارن پاڙي، مُٺي لئي ماتام ٿيو.

 

219 – موڪل ڏي ته ملير وڃان، اول ڇڏ ادا!

ونهين ويڙهيچن کي ساري ساهه سدا

سهڻا سنگهارن لاءِ، مون لوهن منجهه لڌا

خاصا کاڄ کِيڻ لاءِ، منهنجي رفيقن رَڌا

آهي اوراڄو ادا، مون لاءِ ملير ۾.

 

220 – موڪل ڏي ته ملير وڃان، عمر! ڇڏ ارڙا

ونهين ويڙهيچن جا، گهمي ڏسان گهرڙا

ونهين ويڙهيچن جا برن ۾ برڙا

چاريان چوڙيلين سان، ڦوڳن ۾ ڦرڙا

ڇنيو ڏين ڇيلين کي، هت سرتيون سڱرڙا

پهريو پون پنهواريون، وٺيو ولرڙا

منجهه ملير، وهن وير، ڪَسيون ڪپرڙا

ڪنڊيون ڪشمير، ٿڌي هير، ٿمان ٿوهرڙا

نِسري نروار، ٿيا هيڪار، ساڻيهه ۾ سرڙا

کيڙيائون جهانگي، سونهن سانگي، وٺيو ڀٽن جا ڀرڙا

ماکيان مٺا ڀائيان، ڳاڱين جا ڳرڙا

ڪوٽ منهنجي ڪرم ۾، ڪيا نازل نِيَرڙا

وڻن ڪين وجود کي، زيتونن ذرڙا

سام پرتاسين، سانوڻ چئي، اسين عمر اڀرڙا

قيد لاهه ڪرڙو، موڪل ڏي ته ملير وڃان.

 

موڪل  ڏي ته ملير وڃان، موهر پاسي مان221  –

سچي پچي سومرا! مون کي وڪٽ ويهڻ جي ڪانه

راڻيون سونهن محلن ۾، شاه وڏي شان

آءٌ ٿاريلي ٿر ۾، آهيان گولن جي غلام

واري ڇڏ وطن تي، مون کٿيريءَ کي خان

چاريون ڌڻ، پيون جهڻ، ڪريون غاريبو گذارن

مٽي ماٿاريون، ڪن پاٿاريون، جيڏيون اي جام

کلن کيريون، ٿين ڀيڙيون، چوڙيليون چوغان

ڏسيو ڪس، ويهن وس، ڄارين هيٺان ڄام

لويون لالون، مٿس شالون، چولن تي چٽام

جيڏانهن نهارين، تيڏانهن مارين، کلندي ڪن خنام

جيڏانهن نهارين، تيڏانهن مارين، قهري ڇٽا ڪانَ

سئوٽون ماساتون، سئوڻن ويلي، مرڪيو بيهن مٿان

اچو مورو، ڪن گهورون، تيز وڏي طوفان

گلا تن غريبن جي، آءٌ ڪنين سُڻان ڪانه

آءٌ ٿي ڀڻان ڀرم ۾، امن ساڻ ايمان

مر جان ڄائي نه مارئي، جنهن وڌو مارن ۾ ماتام

مون ڄائي مارن کي، ٿيا اوسيڙا ارمان

مون ڄائي مارن کي، ٿيا وڏا غير گمان

مدد ٿيءُ مسڪين سان، مير مديني ڄام

سرتين جا سلام، اڄ آيا عمر ڪوٽ ۾.

 

222 – زمر زخرف سومرا، الحمد پڙهيو هُنين

(1)پنهور تنهنجي پاڙي ۾، آهن مارو مومنين

پنهور تنهنجي پاڙي ۾، آهن مارو مسڪين

پنهور تنهنجي پاڙي ۾ آهن مارو مسلمين

اڌ لوئيءَ جو انگ تي، عمر سي اوڍين

ڏوٿي ڏين ڏيج ۾، تنهن کي کٿي ڪريو ڪوٺين

”والشمس والضحى وليل“ پَٽ نٿا پهرين

نڪي کنيائون خوف کان، نڪي ڏينهائين ڏين

ميان ماروئڙن کي، آهي آفرين

مون سڃيءَ جو، سانوڻ چئي، آهي اَجهو عالمين

عمر! ٿيندين امين، جِت حرف پڇدئي هڪڙو.

 

223 – زمر زخرف سومرا، حمد جنين جو حق

”اِهدنا الصراط المستقيم“ ايها پنهوارن پڪ

”انعمت عليهم“ ڌڻي ميٽين ڌڪ (1)

کاڌو ٿي کٿيرين سان، نماڻي نمڪ

لٿو لويارين تان، شاهه تنهنجو شڪ

تن سنگهارن ڌاران، سانوڻ چئي، ناهي صبر سِڪ

آءٌ لنڊي لري لِڪ، وينديس ويڙهيچن ڏي.

 

زمر زُخرَف سومرا، ”الحمد“ پڙهيائون هِل 224

ڏوٿي پنهنجي ڏيهه ۾، پيا کائين تَمر تل

دنيا کان دور ٿيا، رکيائون دين مٿي دل

تن سنگهارن تي، سانوڻ چئي، آهي واءُ نڪا ول

جا انهن وٽ اگهاڻل، سا ڪيئن ويهندي ڪوٽ ۾.

 

225 – زُمر زخرف سومرا، ”الحمد“ پڙهيائون هيج

”اِهدنا الصراط المستقيم“ اِهو پنهوارن پاريج

سُڃي ڏسي سومرا، حڪم نه هلائيج

عمر! منهنجو ڀاءُ ٿئين، تون ڀيڻ ڪري ڀانئيج

مارو منهنجا مسڪين آهن، سومرا! مَ ستائيج (1)

سدائين سانوڻ چئي، تون نالو نام ڏيج

حق مٿي هليج، توکي ناحق نه گهرجي ناميا!

 

226 – زمر زخرف سومرا، ”الحمد“ پڙهيائون هير

هو اڳئين کان اڳرا، تن ۾ فرق نه ڀائنج ڦير

مُڪائون ملير مان، لکي زَبر زير

مُڪائون ملير مان، سوغاتون سوير (1)

پرزا جي پرين جا، ڪاغذ پڙهندو ڪير

تن سنگهارن، سانوڻ چئي، شَت مون سان وڌا وير

تنهنجي پلنگن تي پير، ڏيان تان ڏوهارڻ ٿيان.

 

227 – زمر زخرف سومرا، قوت جنين جو ڪاف

چڙهيا انهي چاڙهيءَ تان، سڱر کائي صاف (2)

مڃيائون امر الله جو، ٿيو موت انهن تان معاف

پڙهيو ڏينهن پناهه جي، ويڙهيچن وَضاف

سام پرتئي، سانوڻ چئي، عمر! ٿي اشراف

انهن جا انصاف، ڪيئن ويهي وڃايان ڪوٽ ۾.

 

زمر زخرف سومرا، لحم جنين جي لاس 228

ماروئڙا ملير ۾، مرڪيو کائين ماس

انهن کي اَنّ جي، بوُ نه وڻي باس

اوڍين ٿا انگ تي، لوئيءَ جو لباس

جهڻ پين، جهنگل رهن، ٻي مَڏي نه ميراث

پرو! تون پوري ڪر، اڙيا تن جي آس

ونهين ويڙهيچن جي، وائي نڪا واس

ونهين ويڙهيچن جي، مون چڙهي ڪي چڪاس

تن سنگهارن جي، سانوڻ چئي، مون کي تانگهه تلاس

ڪج هيڪر حق تپاس، پوءِ مرضي مالڪ تنهنجي.

 

229 – زمر زخرف سومرا، قل جنين جو ڪرم

جهڻ پين، جهنگل رهن، ڪن ڌاريليون ڌرم

قسمت آنديس ڪوٽ ۾، ڪو جو واءُ وريم

ونهين ويڙهيچن جو، مون کي ماري ٿو مرم

عمر! ادو تون ٿئين، توکي ناهي، شاهه شرم

سامم پرتئي، سانوڻ چئي، ڇڏ ڪوڙائيءَ جا ڪرم

ڀونگين جو ڀرم، ڪونه وڃائينديس ڪوٽ ۾.

 

230 – الف اکر هڪڙو، مڃيو ملوڪن

عين اکر انهين کي، سٽيو سنگهارن

مارو ميرين ڪپڙين، آهي ميم جني جي من

”والشمس ولضحى واليل“ وينديس ويڙهيچن

”لَم يڪن الذين ڪفرو من اهل الکتٰب“ اهو فقر فقيرن

سانگي سنمک سهڻا، ويران وير وڌن (1)

سانگي سنمک سهڻا، مان وڏي مرڪن

(1)سانگي سنمک سهڻا، ڪوڙ نه ڪنهن سان ڪن

سانگي سنمک سهڻا، اهو لائق نه لاکيڻن

سانگي سنمک سهڻا، ڀٽن ۾ ڀڻڪن (1)

سانگي سنمک سهڻا، لوين ۾ ليٽن (1)

سانگي سنمک سهڻا، ماٽين تي مرڪن (1)

تن سنگهارن جا، سانوڻ چئي، مون تي هٿ هجن

هو ٿا ويڙهه وڃن، مون ڏکيءَ ڪهڙا ڏوهه ڪيا (2)

 

231 – اوّل هِن اکر کي، مڃيو ملوڪن

وُٺا مينهن ملير تي، ڪيا گُل به گولاڙن

وُٺا مينهن ملير تي، ٿيا پِپوُن پوُڄ پٽن

وُٺا مينهن ملير تي، ڪيون ساوڪون سبزين

ڪڍ بندياڻي بند مان، ڪُٺي آهيان قيدن

سا لوئي ڪيئن لڄايان، جا ڏني ڏاڏاڻن

شراباً طهورا، ٿا پلر پاڪ پين

سدا ساهيلين لاءِ، ٿيون اکيون اُڃ مرن

راتيان ڏينهان روح ۾، ٿي ونجهل ويڙهيچن

مولى! مون کي ميڙئين، کڻ مَنَهن ماروئڙن

چُمان چانئٺ رسول جي، ٿيان پيراندي پرين

مرڻ ويل مسڪين کي، ڏج ڪلمون منجهه قلبن

سڻج سڏ، سانوڻ جا، تون موليٰ ڌڻي مُلڪن

اهي مارو شال ملن، جن جي سچي سڪ سرير ۾.

 

232 –  عمر! اوٺي آئيو، قاصد هتي ڪال

کينئين جون ڏنئين خبرون، ڪيئين ڳوٺاينهن جي ڳال

کٿيرين جي خير جو، هي ڏنائين حال

چڱا ڀلا سپرين، چڱي سندن چال

ملڪ مارو مير جو، بيحد آ برحال

وُٺا مينهن ملير تي، ڦوڳ ڦٽي ٿيا ڦال

آءٌ سڪان ٿي، سانوڻ چئي، ساڻيهه ڏٺي ٿيم سال

شاهه ڪري شال! منهنجو ميلو ماروئڙن سان.

 

عمر! اسان جي ملڪ ۾، چڱي آهي چال 233  -

سُڻ ته سڻايانءِ سومرا! ويڙهيچن جو حال

جهڻ پين، جهنگل رهن، مارو چارين مال

غاريباڻي حال تي، آهن ڏوٿيئڙا نهال

کڻي آئين کوهه تان، ويڙهيچن جو ٻال

موڪل ڏي ته ملير وڃان، تون نِيرَ ڦٽا ڪر نال

مديني جي مير کي، آءٌ سدا ڪريان سوال

مديني جي مير جا، مون وٽ آيا احوال

اهو سڱ، سانوڻ چئي، تو نه ٿيندو بحال

ڪالهوڻي ڪال، هئس سڳر ڀيڙي سومرا!

 

234 – عمر! اباڻي پار کان، جهانگي آيو جهلڪي

عمر! اباڻي پار کان، آيو ٽولي مان ٽلڪي

عمر! اباڻي پار کان، ماڻهو آيو مُلڪي

سچي پچي سومرا! تو کاهڙ تي کِل ڪِي

ڏوهه ڪنهن جو ناهه، منهنجي ڀاڳ کڻي ڀُل ڪِي

تو جا هڪل ڪِي،، ڇرڪ منهنجي ڇاتيءَ تي.

 

عمر! اسان جي ڏيهه ڏي، چرخو نا چوئِي 235

آڻين چاڙهين سومرا! ڏونرن جي ڏوئِي

آڻين چاڙهين سومرا! ڪن گڏجو گاموئِي

آڻين چاڙهين سومرا! ڇڙيو ڇنڊيوئِي

سنگهارن جي، سانوڻ چئي، اٿم لڱن تي لوئِي

کڻي خرچينديس ڪينڪي، اٿم ڍٽ منجهان ڍوئي

مون کي ڏني ڏاج ڪري، ڌارن ڌوئي

اکيون رت روئي، مانديون ٿيون مارن لئي.

 

عمر! اسان جي ڏيهه ڏي، دڪو نه ٿئي داڻو 236

سانئين ۽ سڱر جو، ڇڻي پيو ڇاڻو

نئون جن کي نصيب ۾، اهي پاڇي ڪن نه پراڻو

سام پرتئي، سانوڻ چئي، اٿئي گام به گيباڻو

پوءِ موت پڇاڻو، منهنجي مارن تان معاف ٿيو.

 

237 – ماڙيون موت ڀائيان، ڪوٽ ڀايان ڪُول

سک نه اچي سومرا! مون کي ماڙين منجهه مُول

 نٿ نه وجهان نڪ ۾، باهه وجهان بُول

رپو منهنجي روح کي، سون نه اچي سول

کٽون کهنبا کائيان، تنهنجا تخت ۽ طول

لڄون لاکيڻن جون، تون ڏاڍا ڪرم ڏول

عمر! منهنجو ڀاءُ ٿئين، توکي ڪيئن ڪريان قبول

سوڙهيءَ وقت، سانوڻ چئي، رسج تون رسول

ڪٿي آهين ڪارڻي! موليٰ جا مقبول

نِيرَ، ڪڙيون، نُول، موليٰ مون تان معاف ڪرئين.

 

238 – تون سمون آهين سومرا! عورت آءٌ آسٽِي

ڏسڻ کان ڏور ٿي، منهنجي مڙهه مِٽي

ڦوڙائي فراق ۾، ڦري ٿيس ڦِٽي

سنگهاري هيس سومرا! ڪا چند کان به چِٽِي

حسن مير حسين جِي، منهنجي قلب تي ڪِٽي

ساري عمر، سانوڻ چئي، مون سولي ڳالهه سِٽي

جِن پنهوارن پِٽِي، سي دُعاگو دور ٿيا.

 

239 – يارهين مون کي ياد پيا، هينئڙي ۾ هُٽڪي

(1)مارن مون کي موڪلي، ڪا چٺيءَ جي چٽڪِي

ساري رات سومرا! آءٌ ڀٽن ۾ ڀُٽڪِي

ٻڪر ٻاٻاڻن جا، ويا ڇنن ۾ ڇٽڪِي

گهيٽا پاس گهرن جي، ويا لاکيڻا لٽڪِي

تن سنگهارن جي، سانوڻ چئي، تو ڪمائي ڪُٽ ڪِي

گوندر جي گُهٽڪِي، ماري ٿي ماڙين.


(1) ل: ............ ڌڻي ميٽ نه ڌڪ.

(233) بچو کور (تعلقو حيدرآباد). (234) خليفو احمد فقير (تعلقو ٽنڊو باگو).

(1) ر: پڙهي تو نه پروڙي، چوڏس جي چٽڪي) (241) ل.

(242) قاضي نور محمد (تعلقو هالا).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org