سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: نڙ جا بيت

 

صفحو :14

 288 ڪانگل ڪلالن جا، تون هلي آئين هير

لوڌي ڪڍي لوڪ مان، ڪانگل توکي ڪير

چڙهي ويهه چائنٺ تي، پَسي ڇانوَ ڇڳير

پکي پرين جي سُڻاءِ، دانَهه ڪر نه دير (1)

ڪڏهن ايندم اڱڻ تي، پرين ڀري پير؟

خبر ٻڌاءِ کيانتا، ساجهر تون سوير

سُڻي مانَ سَگهي ٿيان، مَن تان لهي مير

”فني احسن تقويم“ آءٌ ڀڙ سڃاڻان ڀير

سور سڀئي، سانوڻ چئي، آءٌ ونڊيان انهيءَ وير

اچي ڦنگ ڦير، مون جڏيءَ جي جان تي.

 

289 ڪانگا ٿيندئي ڪانه ڪا، جيسين نه ويندين پاڻ

هيڪر حبيبن کي، هلي ڪر تون ڄاڻ

اچڻ وس عجيبن جو، چوڻ تو جڳاڻ

ماري ڪُٽي پاڻ کي، ڪيم رتوڇاڻ

منهندوڪي محبت لاءِ، هٿ به هڻندا هاڻ

مون سڃيءَ کان، سانوڻ چئي، تون پرين نه پلاڻ (2)

ڪهڙي ڪرين واکاڻ، ڪانگا قريبن جي.

 

290 – ڪانگا ڪهڙيءَ ڪنڊ تي، منهنجا سيڻ سجهن؟

آءٌ مران ته موچاري ٿيان، هو حياتي هجن

آهُون عاشقن جون، آڌيءَ رات اٿن

جيئري جانب يار کي، پساهه وڃي پهچن

سپرين منهنجا، سانوڻ چئي، ٿا گهڙيءَ ۾ گهرجن

نينهن نياپن، ڪانگا منهنجي ڪانه ڪيئي.

 

291 – ڪانگا قريبن کان، تو آندو ڪڄاڙو؟

مون کي ڏيئي ويا مون پرين، سورن سوڳاڙو

اٿم آديسيءَ جو، من تي مونجهاڙو

(1) اچي ويهندم اوڏڙا، کڻي ڪات ڪهاڙو

محبن ڏٺي معاف ٿئي، لهي دردن دونهاڙو

آءٌ ساريان ٿي، سانوڻ چئي، جيئن تنواري تاڙو

پرين جو پاڙو، آهي ڪانگا ڪهڙيءَ ڪنڊ تي؟

 

292 – ڪانگا قريبن کان، تو آندي ڪل ڪيهي (2)

مون کي ڏيئي ويا مون پرين، اهڃاڻ اهيئي

دلبر منهنجي دلڙي، آهي ڦوڙائي ڦيهي

دلبر منهنجي دلڙي، آهي رمل سان ريهي (3)

دلبر منهجي دلڙي، آهي ڇرين سان ڇيهي (4)

دلبر منهنجي دلڙي، وڍي ڏس ويهي

دلبر منهنجي دلڙي، ڪا ڳُڻي سان ڳيهي (5)

ڪٿي هوندي ڪانڪا، مُٺي مون جيهي

الله اڱڻ آڻئين، پرين پرڏيهي

سور تني سان، سانوڻ چئي، ونڊيان هوند ويهي

اسان کان سيئي، لاکيڻا لڏي ويا (6)

 

293 – ڪانگا قريبن جي، واتئون ڇڏ وائي

هو پلاڻي پرڏيهه هليا، ٿيا راتوڌا راهي (1)

عجيبن جي اچڻ جو، ناهي ڀروسو ڀائي (2)

هو وساري ويهي رهيا، مون کي اُمنڊ اجائي

حقيقت حال جي، حبيبن ڪانه هلائي

نڪا خبر آندي کيانتي، نڪا وصل واڌائي

سورن ۾، سانوڻ چئي، من ٿئي ثابت سچائي

هر هر هلڪائي، وڃڻ در دوستن جي.

 

294 خبر ڏي کيانتا! ڪانگل  مون  کي  ڪَلَ

لئه لاتيون ڪري، ڏي واڌيون وَل

سگهي ايندم سپرين، ڪي لائيندم پهر پل

ڏي دلاسو دلگير کي، اچي ڳچيءَ پائي ڳل

جانب جي جدائيءَ جا، جيءَ ۾ اٿم جل

سي ڪيئن وساري ويهان، ٿيا اٿم هيئين ۾ هل

لکيم پيغام پرينءَ ڏي، سا ته چٺي کڻي چل

دانهن ڪري در تي، وڃي ٻولج ٻاٻيهل

سورن جا، سانوڻ چئي، مون کي سيني اندر سل

مِلڻو هو ئي ته مِل، نه ته ساهه ڏيندي سئين سِڪ ۾.

 

296 – ڪانگل قريبن جا، تو ڪل آندي ڪيئن

اَٺئي پهر اُداس ۾، اکيون منهنجون اِيئن

ساريو تن سڄڻن کي، روئان راتو ڏينهن

دانهون ڪريان درد مان، جيئن پکي ڪري پيهن

ٻاٻيهو پاڻ ۾، جيئن چتون ڪري چيهن

هينئون منهنجو هولن ۾، جان وڌائين جيئن

سڄڻ ڇڏي سانگ ويا، اٿم تانگهه تيئن

آءٌ جهڄان ويٺي جهوريءَ ۾، جيئن موتي وسي مينهن

ماڻهن ليکي موت، پر لڳو ننڍپڻ جو نينهن

مران ته موچاري ٿيان، لهن ڏولائي جا ڏينهن

منهنجا ڪم ڪريم تي، شرم رکندو شينهن

اوٺي تن عجيبن کي، چئجان سچ سريهن

سورن جا، سانوڻ چئي، ڪانَ هڻي وئين ڪيئن

هوند نه ٿيس هيئن، ڪل نه لڌائون ڪڏهين.

 

297 – ڪانگل قريبن جا توکي آندو ئي اَلله

پڇيو پکيئڙن کان، خبرون خير صلاح

ڪِريو پوي قدمن تي، پايو پاند پلاء

سڻي مانَ سگهي ٿيان، آهي مون ڪُٺيءَ سان ڪربلا

ڀُڻي وتان ڀؤنر جيئن، وٺيو ڳوٺ ڳلا

ڇڻي پيئي ڇاتيءَ جي، قوت سڀ ڪلا

ڦيريدار ڦٽا ڪيا، لاهي ڇير ڇلا

ڪونجن وانگي پئي ڪڻڪي، ڏيو ولر لاءِ ولا

لائق تون لڄ رکجان، ڀاون پير ڀلا

اجهي تنهنجي آهيان، ڪجئين ڀيرو ڀرجهلا

سورن جي، سانوڻ چئي، حقيقت هلا

محي الدين ملا! آءٌ مٽ نه آهيان محبوب جي.

 

298 – ڪانگل قريبن جا، کيانتا کڻي وڃي خط

ويلو نه وجهجانءِ وچ ۾، ڏجان سڄڻن کي ستت

ته پڙهائي ڏسن پروانو، جانب منهنجا جت

سڄڻ ڪهڙي سانگ ويا، آءٌ روئان ويٺي رت

پرين رهيا پرديس ۾، آءٌ ڪنهن سان هلان حجت

واٽون ڏيو واجهائيان، آءٌ نيڻ کڻيو نت

ڪڍي ويا قرب سان، منهنجي من سندي مت

آءٌ پلئو وجهئين ٿي پير جو، منهنجي زور نه آهي زريت

اهي سَڏ سڻي، سانوڻ جا، تون پرور رکجان پت

دل سندي دقت، مِل ته معاف ٿئي.

 

299 – ڪانگل قريبن جا، وڃي لمي ڪر لاتيون

ته سڄڻ تنهنجي سڪ ۾، پيا روئن سڄيون راتيون

اهي ميخون محبت جون، مون پرين توسان پاتيون

هڻي ويو آهين هيئين ۾، قرب سنديون ڪاتيون

دلڙيون دردوندن جون، آهن ڦاهيءَ ۾ ڦاٿيون

عجيب، ڪنهن سان اوريان، اهي بره سنديون باتيون

کڻيو نيڻ نهاريان، اَٿم اکيون آساتيون

سورن ۾، سانوڻ چئي، ڇڄي ويون آهن ڇاتيون

اهي ننگ سنديون ناتيون، مڙهيون ڏينهن ميثاق جي.

 

300 – ڪانگل قريبن جي، خبر ٻڌاءِ خاص

آيا ڪي ايندا، پرين منهنجي پاس

اڏامي ويهه اوڏڙو، آءٌ وٺان تنهنجو واس

محبن جي ملڻ جي، اٿم اندر ۾ اداس

کنڀ کيانتا تنهنجا، جهڙو لالڻ جو لباس

”فدمدم عليهم ربهم“ مون کي بوءِ وڻي ايءَ باس

سڻائي حقيقت حال جي، آءٌ رچي ٿيان راس

ڦاٽي من ڦارون ٿيو، نينهن ڪيس ناس

سڻي سڏ، سانوڻ جا، ڪامل ڪر ڪو قياس

جن لاءِ مري ٿي مياس، سي ئي سڄڻ ساريان.

 

301 ڪانگل چئج قريب کي، تون گڏ ويهي گوڏي

پرزو ڏج پرينءَ کي، تون کنڀڙين مان کولي

عرض منهنجو الله لڳ، چهنب چورج چولي

بندو ٿو بندگيون ڪري، تون ڦڦڙ ڏس ڦولي

جيڪي ٻاجهه مان ٻولي، سي اچي ڏج کيانتل خبرون.

 

302 – آندي عجيبن کان، تو ڪانگا ڪل ڪيهي

دلبر منهنجي دلڙي، تو رندن تي ريهي

دلبر منهنجي دلڙي، تون وڍي ڏس ويهي

دلبر منهنجي دلڙي، تو ڇرين سان ڇيهي

ڪڏهن ڏسندين ڪانه ڪا، مُٺي مون جيهي.

الله آڻيندين اڱڻ اسان جي، پرين پرڏيهي

سور تني سان، سانوڻ چئي، ونڊيان هوند ويهي

مون وٽان ويهي، منهنجا لاکيڻا لڏي ويا.

مورڙو

مورڙو مڇ لاءِ، سورهيه ساماڻو 303

ڪاهي پوندو ڪُن ۾، رَڇ کڻي راڻو

پوندو منهن مَڇ جي، اڏيو مڇ به مانڊاڻو

جگر جيرا وڍيندو، گهمائي گهاڻو

سورن ۾، سانوڻ چئي، ملاح مهاڻو

آيو سالڪ سياڻو، مورڙو انهيءَ مياڻ تي.

 

304 – مورڙيو آيو مياڻ تي، ٻڌي سو انجام

نڪي ماريم مڇي، نڪي پاڻي منجهه پيام

نڪي مون جنگ جوٽي، نڪي منهنجو نام

مهاڻيون مياڻ جون، ٿيون طعنا ڏين تمام

مهاڻيون مياڻ جون، آهن حسن ڀريون هام

مهاڻيون مياڻ جون، ڪن صورت ڀريون سلام

مهاڻيون مياڻ جون، وجهن دوديريون دام

ڀائر منهنجا ڀڙ هئا، قابل سي ئي قيام

ماريو اچن مڇي، مون کي ادا ڏين انعام

سوڙهيءَ ويل، سانوڻ چئي، آءٌ ويهان ڪيئن وريام

سيرهين سڏ ڪيام، ادا گهر نه آئيا.

 

305 – ادا گهر نه آئيا، مورڙا! مانجهي ٿيا مهمان

آيس پيغام پرين جو، ٻڌائين بات بيان

ويهڻ جنهن کي ورهه ٿيو، کاڄ نه کائي خان

اوڀائي ان سان، هئا ڪيا نسورا نقصان

آنا ڀڳا اوڀائي، ڪونه ڪيائين ڌيان

ڏسڻ واري ڏٺو پئي، مٿان رب رحمان

سور مڇ کي، سانوڻ چئي، هئا قهري اندر ڪانَ

مڇ سندو مڪان، رهيو ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾.

 

306 – ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، آهي غازي گراگر

ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، آهي جوڌو جناور

ڪلاچيءَ جي ڪن ۾، آهي مڇ وڏو مانگر

ڪلاچيءَ جي ڪن ۾، وڏي سان وڳر

ڪلاچيءَ جي ڪن ۾، ڪري ٻيلائي ٻهڪر

ڪلاچيءَ جي ڪن ۾، گجي ٿو گينور

سجهي پيو، سانوڻ چئي، نالي نشانبر

سو واري ڪيئن وڳر، جو واڳونءَ وڌو وات ۾.

 

307 – واڳونءَ وڌا وات ۾، وٺي ڌڱ به ڌمايو

ڪلاچيءَ جي ڪن ۾، ويٺو مڇ به مچايو

اوهين مهاڻا مياڻ جا، هلي سنڀوڙو سنڀايو

اوهين مهاڻا مياڻ جا، هلي رڇ به رمايو

سپڙ سڏي چيو، اوهين پير ايڏانهن نه پايو

ڪونڌر ويندا قوت ٿي، اڳيان اَٿو مڇ به مهمايو

سڄي عمر، سانوڻ چئي، متان وڃي پيڙهي پٽايو

پوءِ اشارو آيو، مڇ جي مارڻ جو.

 

308 – مڇ جي مارڻ جي، ويٺو ڳالهه ڳڻي

ڏنائين دانهن دلوراءِ کي، اهو گهاءُ گهڙي

ڏينم اوزار رڪ جا، ڇڏ ڪائي منجهه ڪڙي

وڙهان وڃي واڳونءَ سان، متان چوٽ چڙهي

ڪانهي ننڊ نار کي، سيرهين پئي سڙي

ڪانهي ننڊ نار کي، ادا آيل ڙي

سورن ۾، سانوڻ چئي، منهنجو ساهه سڙي

شل ڏي قادر پير ڪڙي، ماريان انهيءَ مڇ کي.

 

309 – ماريان انهيءَ مڇ کي، پر مڇ به مهمايو

ڪونڌر ڪئين ڪُهي ڇڏيا، وڃي خان به کپايو

قادر جي قدرت جو، انت ڪنهن کي نه آيو

عاشق عزازيل هو، جنهن کي تڪبر تڙايو

سورٺ سڙي مئي، جنهن کي آب اکين آيو

سورٺ هئي سورن ۾، جنهن کي تندن تپايو

ليلى ڏنا مجني کي، وِهه وَٽا پايو

اڃا گهوٽ پيو گُهري، کاڄ سڀئي کايو

سيل جهليو عمر سومري، جنهن هو ڀيڻ ڪري ڀانيو

سسئي سُتي سيج تي، جنهن کي جتن نه جاڳايو

بوبنا جراڙ جو، لنئو لکئي لايو

بديعل بر ۾، هو سيفل کي روه رُلايو

گندري چوڻ گناهه ٿيو، جنهن کي ڄام چمي چايو

حسن مير حسين جو، ٿيو سودو سجايو

حسن مير حسين کي، هو ناني نپايو

ٿيو قضيو ڪربلا ۾، ويا پاکر گهوٽ پايو

چريو ٿيو چنيسر، جنهن جهيڙو جاڳايو

سڙي مران، سانوڻ چئي، مون ڪونهي ڪمايو

جن رام ريجهايو، سي تري لنگهندا تار مان.

 

310 – اوڀائي جي اولاد کي، پيئي سيرهين سڏ ڪري

اوڀائي جي اولاد لئي، پئي ڳڻتين منجهه ڳري

پيس وڍ وڇوڙي جا، پيئي ماڳ مري

آءٌ به ماريندس مڇ کي، ٻه – ٽي پير ڀري

ماريندس انهيءَ مڇ کي،ڪهڙي ريت ڪري

ماريندس انهيءَ مڇ کي، وڏي دل ڪري

منهنجو ننگ ننگيءَ تي، من منهنجي پت پري

ڏيانس انبوري اوچتي، ڪلين منجهه ڪري

وڃي وڍيان ماس مرونءَ جو، مٿي رت تري

وجهي واجهه ڪڇن ۾، آيس ٻڌي ٻان ڪري

گهوڙيون گهوٽ گڏ ڪيون، ٻڌي ڦَر پري

ڇڪي ويس ڇوهه مان، ڪڍي قيد ڪري

سورن ۾، سانوڻ چئي، ويا نالو نام ڌري

ڪلمون پاڪ پڙهي، جنهن ماريو وڃي مڇ کي.

سامونڊي

311 سامونڊي سنڀوڙا، جاوي وڃن جام

ٻيڙا ٻڌل ٻيٽ ۾، غورابن گُدام

سودي سُتيون سور جون، سفر سنڀوڙام

هلڻ هارا سپرين، پرهه پنڌ پوندام

وري وڻجارن کي، آيل! دِل اُڪنڊيام

پرين ٿي پرديس ويا، تن کي روئي رات رنڊيام

هو جي هنئين جا، ويهي ڇوهه ڇنڊيام

کامي من خاڪ ٿيو، ويا وڻجارا وٽام  (1)

ويچارا وڻجارا ويا، ڇني سڱ سندام (2)

ڏاڍا جي ڏکن جا، تن سان ڳنڍ ڳنڍيام (2)

پکين ۽ پرديسين جا، ڪهڙا مڙهه مقام

سور پريان سين، سانوڻ چئي، وهاڻيءَ ونڊيام

ائين چئي چُڪام، ته اسان اچڻ ايترو.

 

312 – سامونڊي سنڀوڙا، وڻجاران ويندان

مادر مڃيائون ڪينڪي، مون منٿ ڪئي مهندان

بتلجي بيهي رهيا، نَھ ڪري نادان

سودي سنڀري هليا، شِدّ وجهي شيطان

سڃا سامونڊين ري، ملڪ مڙئي ميدان

پکين پرڏيهين جا، ڪهڙا مڙهه مڪان (3)

جس تن جهونجهارن کي، شرف انهن جي شان

سودي سُتيون سور جون، مون وهايون وٽان

ڇٽڪي پيا ڇوهي ۾، ٻيو وٺو مينهن مٿان

ٻيڙا ٻاون وير جا، دبيا ڪنهن دُوفان

رسيو رفيقن کي، ات ننڊ مجهان نقصان

آءُ آسروندڙي آهيان، موٽي اچن مانَ

وري تن وڻجارن لئي، آيلون اُڪنڊيان (1)

جن سان نينهن نباهيون، سي پرين ياد پيان

مون نُنَهن سين نپائيا، آءٌ پِير ڪريو پُوڄيانَ

ثابت سيڻ، سانوڻ چئي، شل اچن ساڻ آمانَ (4)

جيڪي جاوي ويا جوان، سي کيلي ورن خير سان.

 

313 – سامونڊي سنڀوڙا، مليون کاري کيرايون

رکيم رفيقن جون، وٺي واڌايون

مت مون معذور کي، ڪو ڏس ڏيو ڏاهيون

هلڻ هارا سپرين، ڪن وڃڻ جون وايون

بلڪل بيهندا ڪينڪي، تن کي تل به ترسايون

ٻهران ويهي ٻيڙن جي، پهرا هلي پايون

سي مهندان ملاحن جي، آس ڪري آيون

ننگ وجهي نابود ڪري، ان کي لڄ وجهي لاهيون (1)

پر ڏسي ڏکوين کي، هنن ڪشتيون کڻي ڪاهيون

دنگ وجهي دور ٿيا ننگ نه نباهيئون (1)

آڌي ڏيئي اجهائي ويا، بندر تان باهيون

پرين پرئين پار ڏي، واڳون ورايون

وڃن ٿا وڻجارا، هوت ڪري هايون

ڪيم ڪاڇاين سان چيٺي چڱايون

مڃڻ وارا مري ويا بيحد ڀلايون

رلي انهيءَ راهه تي، سوين ساڱايون (2)

ساب وجهندو، سانوڻ چئي، منهنجون قادر ڪمايون

جن جون جاوي منجهه جايون، سي ورڻ کان وڏا ٿيا.


(288) ظ، ل، عبدالحڪيم پلي (تعلقو کپرو) ۽ عبدالرزاق (تعلقو روهڙي).

(1) ل: پکي آهين پرينءَ جو، منجهه منهنجي دانهه آهي دلير

ر: تون پکي پرينءَ جي پار جو، آءٌ تنهنجي دائي دلير.

(311) ظ، ل، صالح محمد سمون (ڪراچي) ۽ قاضي نور محمد (تعلقو هالا)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org