سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: نڙجا بيت

 

صفحو :24

41 – سَس! مونکي ساهڙ جا، تو ٿي ڏنا طعنا

ڪئين هتان حاڪم هليا ويا، ٿيا روئي روانا

ڪرهه ڪرين ٿي ڪامڻي! ڪيو بڇڙا بهانا

جن جا هئا پڪا پروانا، تن مٿان وِير وري ويئي.

42 – وِير وري ويئي ويسلي، ٿيا لهوارا لڪ

ميهر سان، محمود چئي، ڪا پوري ٻَڌئي پَڪ

وٺندئي حرف حساب جا، هڻي ڌوٻيءَ وانگر ڌَڪ

اهو حرف ٿيو اٿئي حق، سو ڪٿي ڏوهه ڏيندئين ڏم جو.

43 – ڏوهه جيڪي آهن ڏم جا، سي مون کي مڙيئي ڪندو معاف

منهنجي دل ميهار ڏي، سچي آهي صاف

پڙهي ويا پريت سان، قابل پورو قاف

سچي نيت صاف، وٺي ڪامل ڏيندو ڪم جو.

44 – تو ڪمائي ڪانه ڪئي، جوءِ! هتي جاڳي

گهڙو وڌئي گهيڙ تي، واڳن سان واڳي

دغا تنهنجي دل ۾، ڪا آهي نيت نڀاڳي

سهڻي سڀاڳي! تو مائٽ سڀ ملهائيا.

45 – مائٽن منهنجو نه ڪيو، سڱ سڻي سمجهي

ڪنهن جي رهندي ڪانه ڪا، جا هوندي ڳالهه ڳجهي

پيتم کير خيال سان، ويم مت منجهي

لٿو ڪلف قلب جو، جنهن جي ڪنهن وٽ ناهي ڪنجي

ناني! تنهنجي ننڍڙي، غافل آهي گجي

جيڪا ساهڙ ٿي سُجهِي، سا مونکي ڪري ٻڌايائين ڪَن ۾.

46 – ڪري ٻڌايائين ڪَن ۾، توکي مٺي ڳالهه ميهار

هلڻ جي هن پار ڏي، ڪيئي پهرئين ڏينهن پچار

محبت جي، محمود چئي، ڪا لڳئي لنئو لغار

ساهڙ ڪانه سنڀار، تنهنجي ڪڏهن لهندو ڪُن ۾.

47 – جيڪو عالم آسرو، سو ڪڍندو منجهان ڪُنن

منهنجي هي ميهار سان، سچي آهي سمن

لنگهي وينديس لهريون، جي ٿيو گهڙي کي گهاءُ نه

حرف ملوڪن هڪڙو، نه گانڊوُ سمجهي گُن

سامَر پيئي اوبي اُنّ، جنهن کي قدر ناهي ڪپاهه جو.

48 – اُنّ اُهي اوبينديون، جن ڪيا ڪم ڪوڙا

گوشن چنا گاهه جا، ٻيٽن تي ٻوڙا

هئا ڪُنڍين جي ڪاپار تي، سي چِت چڙهيئي چُوڙا

محبت جي، محمود چئي، وئين مُنڌ! کنيو مُوڙا

مَڇ ماريندئي مهراڻ جا، ڪري رڇن جيئن روڙا

جن جا ور هئا وسوڙا، تن جو داد ٿيندو درگاهه ۾.

49 – ڪڏهن ملندئي ڪونه ڪو حبيباڻو هيج

کڻيو هٿ هلي وڃين، سُڃي ڇڏيو سيج

لهرن وارو لاڏڪي! توکي مائٽن ڏنو ڏيج

اڳيان ڌٻڻ ڀر درياءَ جي ۽ ريٽن گهڻو ريج

اها تار تَرين ٿي تيج، سو منڌ! وجهندئي مامري.

50 – مامري ۾ ماءُ! آهيان اڳيئي آئون

ڏک اوريو ڏَم سان، ڪرين درد بنان دانهون

سي مون مٿي تي مڃيون، جيڪي ربّ جون رضائون

ڪنهن سان هلنديون ڪينڪي، اهي روح جون رٿائون

لڌم ٿي لائون، ڏَم سان ڏينهن ڏکن جي.

51 – مٿي ڏم ڏکن جا، ٿي اُهين ئي حرف ڪرين

گهڙو کنيو گهيڙ تي، وڃيو تار تَرين

وَڇُن جو وٿاڻ تي، وڃو پاڻي پاڻ ڀرين

محبت جو محمود چئي، نٿي ڌيان ڌرين

ٿي وِهاڻي رات ورين، جيهر ڪري ٿو سج سوجهرو.

52 – جڏهن سج ڪيو ٿي سوجهرو، تڏهن مون گهڙي نٿي گهاري

هلڻ جي هن پار ڏي، ڪيم تيهر تياري

چارئي يار رسول جا، بيٺا آهن چوڌاري

پوئين ڏينهن پساهه جي، ٿيندي منزل موچاري

انهن مهڻن آهيان ماري، ڏنا ساهڙ! تو سامهان.

53 – مهڻا طعنا مٿي تي، رکي ٿئين راضي

هلڻ جي هن پار ڏي، رڳي بنايئي باري

وٺندئي حرف حساب جا، اڳيان قضا جا قاضي

جتي ترندي تارازي، اتي پاڻهي سمجهندينءَ سهڻي!

54 – مونکي ته مرجات جو، ڏاهي ڏنو ڏس

آءٌ ڪُوڙي ڪُوڙي، تون سرهي منهنجي سس

لنگهيو ويس لهريون، جتي هو رهاڻين جو رس

محبت سان، محمود چئي، قلب لٿي هيم ڪس

بچي منهنجي باب ۾، هئي موچاري مس

قضا قلم وهائيو، تنهن کي پيو ڪونه ترس

اهو ڇڏيم گلا وارو گس، جنهن تي ڏم ويٺو هو ڏمريو.

55 – ڏم جي ڏمر جي ته ڪهڙي توکي ڪاڻ

لنگهيو لهرين منجهان، وڃي ڪيئي ٿي روح رهاڻ

انهن ڏکن ڏوراپن جو، تندو هَڏ مَ تاڻ

صاحب وٽ سڀاڻ، ٿيندي پڇا پنڌ جي.

56 – جڏهن پڇا ٿيندي پنڌ جي، تڏهن ٿيندو حامي حضرت پير

دادلو درگاهه جو، وڏو آهي وزير

ڀاڳئي جي ڀاڻ تان، منهنجو سائين رکيو سِير

هو جو کِلي پيتم کير، تنهن لوڙهيس لهرين وچ ۾.

57 – ڇو ٿي لُڙهين لهرين وچ ۾، سهڻي! تون ساڱاءِ

ڏمر ڇڏي ڏم سان، کِلي کُلي ڳالهاءِ

چوڙا، ٻيڙا، هار، هسيون، کڻي هٿين پنهنجي پاءِ

مائٽ اهي ملهاءِ، جن تنهنجو سياڻن مان سڱ ڪيو.

هير ۽ رانجهو

 58ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن رازق جوڙيو رنگ

اجهو آيو عالم ڪارڻي، نبي تنهن تي ننگ

ذاتين نالي سيال هو، چُوچڪ نالي چنگ

هِير هئي نياڻي تنهن جي، جنهن جو امر لکيو انگ

قسمت آندو رانجهو کي، ڪو ورهه وجهي ونگ

مڱيندي هئي، محمود چئي، جنهن جو کيڙي نالي سنگ

جيسين حياتي دنگ، تيسين هلي منڌ حلال ٿيندي.

59 – هلي منڌ حلال ٿيندي، ٿي جهنگل ڍونڍي هِير

سُئي هئائين بين وصال جي، لڳيس ڪا تقدير

نيڻين ننڊ حرام ٿي، جو دل ڦيريس فقير

ڪئين منجهيو، محمود چئي، بيهن ٿا وڏائي وير

لنگهيو وئي ٿي لَڪ مان، سامهون ڪيو سير

پڙدو رکجاءِ پير! جنهن کي رانجهو مليو رڻ ۾.

60 – رانجهو مليو اٿس رڻ ۾، سا راتيان جهنگل، ڏينهن گهاري گهر

پيئي آهيس ماءُ مامري، ويچاريءَ جي وِڪر

چئي: سدا هوندئين سک ۾، تنهنجو بابو بيخبر

ماريندئي، محمود چئي، سو بادشاهه برابر

اها ناهه تنهنجي پر، وري ويهه سرتين وچ ۾.

جمجما سلطان

 61ساراهيم سچو ڌڻي، صاحب ربّ ستار

جمجما سلطان هو، بيحد ڏاڍو قهار

هليو ڏاڍي حب مان، ڪرڻ شوق شڪار

جنهن سان ڪٽڪ ڪيترا، ٻي ديمين جي ڌڌڪار

امر ساڻ الله جي، ڪو لڙي پيو هو لار

ويو پرزا ٿي پيرن سان، جنهن جو وري نه گڏيو وار

تنهن سبب، شيخ چئي، تنهن تي ڪاوڙيو قهار

مغز سور مٿي جو، هن لاءِ آيو هو آزار

ڪنڌ مٿو ڪاپار، ڌڙ کان ڀانئي ڌار ٿيو.

62 – تنهن مهل طبيب کي، حڪم ڪيو حاڪم

دوا دارون درد جا، اچي دوست ڪريو هن دم

هنئڙو هيڻو ٿيو، ويڙهي ويا گوندر غم

وسري ويا وجود کان، ڪامل دنيائي ڪم

مُنجهائي معالم، خاتم سڀ خطا ڪيا.

63 – خاتم سڀ خطا ڪيا، ورچي ويڄ ويا

دوا دارون درد جا، هئا ڪاتبن ڪيا

ڦڪي فرق نه ڪري، جنهن کي ٻه – ٽي پهر پيا

جمجما جيها، خاڪ گهڻا کائي ڇڏيا.

64 – سينگاري رکيئون سيج تي، جمجما جوڙي

لنگهي پيس سور لڱن مان، ڇڏيئينس عضوا الوڙي

مغذ سور مٿي جو، ٿو ورنهه ولوڙي

خاڪ اندر کوڙي، ڪيائونس ڌڙ حوالي ڌوڙ جي.

65 – ڌڙ حوالي ڌوڙ جي، جنهن جي مٿي جهلي ٿي مار

جنهن جي مغذ ۾ ماڪوڙن جا، هئا بيحد بيشمار

پهرائي هليا پٽن تي، ڪاهي ڌڻ ڌنار

لڳس کُر لوڻن ۾، ٻيا ڪي سئو هزار

ڌڙ کان ڇني ڌار، هئا سسي کي سال ٿيا.

66 – سسئي کي سال ٿيا، آيو عيسيٰ نبي اتانهين

مٿو ماڙهوءَ جو، ڪو ڏوران ڏٺائين

ڪري عدالت اندر ۾، دل سان دوڙايائين

کڻي هٿ حضور ڏي، اهو عرض ڪيائين:

سسي ۾ ساهه پئي، سڻ سٻاجها سائين!

پڇڻ پهه ٿي ڪيائين، لاءِ حقيقت حال جي.

67 – سسئي ۾ ساهه پيو، ٿو کلي ڳالهائي

هلڻ لاءِ حيران ٿيو، وريو واجهائي

هاٿي هنبارين سان، منهنجا ڪيڏانهن ويا ڪاهي؟

نَوَ سئو نغارچين جا، ويا واڄا وڄائي

سامهون مون سلطان سان، ڪونه لڙائي لائي

جوڙي ڪونه جواب ڏي، اڳيان نه ڳالهائي

دنيا دولت دورنگي، وئي لاڳاپا لاهي

جيڪا ٿو واحد وهائي، تنهن کي اڳيان اچي ٻيو ڪونه ڪو.

68 – صاحب! هن سسي جي، توکي واحد آهي ووڙ

تازي ايندا هئا تڪڙا، ٻيا ڊڊا ويندا هئا ڊوڙ

هاٿي هنبارين تي، مٿي ٻڌندا هئا موڙ

ڪِمِي هوندا هئا ڪيترا، ٻيا رڌيندا ٻوڙ

مالڪ کي، محمود چئي، سگهه جڳائي جوڙ

سور رکي ويم سوڙهه، ڪا پهرين منزل پنڌ ۾.

69 – ڪهڙو نالو تنهنجو، آهي ڪهڙي ذات سندياءِ

يا هئين زميندار زمين جو، تو ڪهڙي ونڊ ونڊياءِ

يا هئين ملو قاضي مسيت جو، تو اُبتا انگ لکياءِ

يا هئين چور چڪار، ڪي ڌاڙيچن منجهاءِ

يا هئين حلوائي هٽ جو، وريئي مچ مٽاءِ

ڪهڙي مرض مارئين، تو ڪٿي جوڙي جاءِ

يا پئي رهيو هئين پٽ ۾، توتي مِرن ميڙا ڪياءِ

سا مون ڳالهه سڻاءِ، ڪا سِسا پنهنجي سور جي.

70 – نالو سڏايان جمجما، ظاهر ذات نواب

ساعت پسيم سک جي، جيئن خيال پسجي خواب

عزرائيل آيو اوچتو، جيئن ڪاسائي ڪري ڪباب

ملائڪ مهل پڇاڻي جي، ڪو تکو رکائين تاب

مون تي حرف حساب، تنهن فائق رکيو هو ڦر جو.

71 – دانهن فريادي ڦَرڙ جِي، صاحب ربّ سُئي

دنيا دولت دورنگي، هوند ته مون وٽ هئي

خزاني جا کوهه گهڻا، مايا شيءِ مُهي

ويا ٿم ڪنڌ ڪُهي، ڌڙ کان سسو ڌار ٿيو.

72 – جڏهن چڙهي ٿي عرش مٿي، نوح نبيءَ جي ٻيڙي

انهي ملڪ مان مون مايا ٿي ميڙي

سا سهيڙيم، شيخ چئي، مون ناحق ڪئي نيڙي

ڌڙ کان سسي ڌار ٿي، لُکن ڪئي ليڙي

ڪامل تو ڪهڙي، آءٌ سڌ سڻايان سور جي.

يوسف ۽ زليخا

 73ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب سبحاني

مٺو محمّد مصطفيٰ، جنهن جو مَٽ نڪو ثاني

آهي دنيا دم گذر، ٿيندو جڳ سڄو فاني

حضرت يعقوب جو يوسف هو جيءَ سندو جاني

رکي دغا دل ۾، ڪئي ڀائرن بي ايماني

کڻي وڌائونس کوهه ۾، جتي ڪا ڪنڌي ڪانهي

ماري ويا معصوم کي، مرون مرواني

مائٽ کي اولاد جي، لڳي حيرت حيراني

حيوان گهرايائين حڪم سان، جن تي مايا مستاني

يوسف جي جُثي جي، ڪل اسان کي ڪانهي

ويساهه ڪر وينجهار تون نبي نُوراني!

آيو سوداگر ساٿ سان، جنهن وٽ هئي دنيا ديواني

طلب ٿيس طعام جي، چيائين پاڪ آڻيو پاڻي

واريائون ٻوڪو ٻاجهه سان، ڪئي مالڪ مهرباني

تنهن تي چڙهي مرد مٿي ٿيو، سورهيه سلطاني

پسي سوداگر سرهو ٿيو، پڌري پيشاني

مهر منگي، محمود ٿو، اِها ظاهر زباني

جڏهن هن جي ايندي جوڀن جواني، تڏهن مشهور ٿيندو ملڪ ۾.

74 – سنڀالي ساٿ سان، هليو ڪنهن قبلي تي ڪاهي

سوداگر سنگتين سان، ڳهڻو ڳالهائي

چئي: رازق ربّ راضي ٿئي، ته ڪين متيون منجهائي

ڇٽيهه لکڻو ڇوڪرو، اسان وٽ آهي

هي سوغات سهڻي، ڏجي ڪنهن ڏاهي

جڏهن ٻڌائين ڳالهڙي، تڏهين کاڄ نڪو کائي

يوسف شهر مصر لاءِ ويٺو واجهائي

هو پنڌ ٿو پڇائي، سهي سوداگر شام جا.

75 – ڪاهي ڪاهي قافلو، اچي ثابت رسيو شام

سوداگر سوغات جا جتي هئا جام

ڇٽيهه لکڻو ڇوڪرو ويا کڻي وريام

ناڻو تنهن نينگر جو جوڙي وٺيو جام

اها ٻڌائين ڳالهڙي، تڏهن طلب نه ڪري طعام

مهر منگي، محمود چئي، آهيان صاحب! تنهنجي سام

منهنجا صحي نيئي سلام، ڏجو مصر جي ماڻهن کي.

76 – يوسف شهر شام ۾ وڃي وڪاڻو

قيمت تنهن ڪامل جي، ارڙهن درهم ناڻو

نڪو واقف ملڪ جو، وتي ويڳاڻو

سوداگر سرهو ٿيو، جنهن جو ملهه اگهاڻو

پوءِ موٽيو پوئتي، سالم سياڻو

اهڙو موچارو ماڻهو، پيو سيبائي سڀڪنهن کي.

77 – ڊوڙي زليخا کي وڃي ٻانهيءَ ٻڌايو

اهڙو سهڻو شام ۾، نڪي سالم سامايو

هل اُٿي حب رکي، سيگهه ڪري سعيو

اچي بيٺي ادب ۾، تنهن ڳهڻيءَ ڳالهايو

اِهو ماڻهو شهر مصر ۾، آهي اسان لاءِ آيو

تنهنجي مرد ملڻ جو هو منهنجي روح اندر رايو

ٿئي سودو سجايو، ويهه مالڪ ٿي هن ملڪ جو.

78 – يوسف زليخا کي ڏنو جواب هيءُ جوڙي

قسمت قيد ڪيو، مونکي مصر کان موڙي

ننڍي هوندي نڪتو هوس، ٿيم ورهيه وڇوڙي

هوندو جيڪي حق ۾، لِکيو سو لوڙي

ڪڏهن پيادو پنڌ ۾، ڪڏهن گهوٽ مٿي گهوڙي

هتي والد ويهي رهيو، واهڻ سڀ ووڙي

ڪڍي منجهان ڪوڙي، جنهن پهر ڪين پري ڪيو.

79 – ڪامڻ لائي ڪن سان، سڄي ڳالهه سئي

محبت سان، محمود چئي، وڌائين ڪاتيءَ ري ڪهي

”تنهنجي مرد ملڻ جي مونکي حب هميشھ هئي

هُونهِين هوند هئي، واليءَ آندو ولهو.“

80 – نڪو وارث ولايت ۾، نڪو سکر سڃاڻي

قسمت قيد ڪيو هئم اُتائين آڻي

مونکي سڪ ساڻيهه جي ٿو ڄاڻندڙ ڄاڻي

توکي مايا آهي مال جي، ۽ نشو آ ناڻي

مُنڌ! اهو ماڻي، منهنجي مدد ڪي ٿئي.“

81 – مدد گهر مالڪ کان، جو سڀني جو سردار

تنهنجو سودو سڻائو ٿيو هاڻي وڻج واپار

ميان! منهنجي مال جو تون مالڪ آهين مختار

مرد بنا مِهريءَ جو، سرهو نه سينگار

ٿيءُ مون ڀوريءَ جو ڀتار، ته سونهان سرتين وچ ۾.

82 – صاحبزادي صبوح جو ڪيو سويرو سعيو

ڏهه ورهيه انهيءَ ڏيهه ۾، هو ڪميءَ ڪمايو

جنهن ناڻو ڏئي نوڪر ڪيو، تنهن کان مرد موڪلايو

محبت سان محمود چئي، هئئين پير وڌي پايو

يوسف کي انهيءَ جوءِ ۾، رهڻ نه آيو

جتي ڦريو ڇٽ فضل جو، اتي امر سان آيو

ٿيو سودو سجايو، وڃي طالب چڙهيو تخت تي.

82 – راجا ٿيو روم جو، سڏجي ٿو بادشاهه

قيمت ڪمي ڪانه هئي، ٿيو بانڪو بيپرواهه

مالڪ انهيءَ مال جو نه ڪنهن سان اهنج ڪري ايذءُ

صاحبزادو شهر جو، ٿو وٺي سڌ سماءُ

محبت سان محمود چئي، وريو آهي واءُ

وِکون ڀري ويجهڙو ٿيو، اچي ڀيڙو ڀاءُ

ڏيو سوداگر! سماءُ، آئيو ڪهڙي ڪم سان؟

84 – ميان! اسان جي ملڪ ۾ پيو ڏولائو ڏڪار

آهيون طالب اَنّ جا، اهو ٿا ڪريون وڻج واپار

بيٺا آهيون بازار ۾، من ڪو ڏسون مرد مڻيار

آهين عاقل عقلدار، ڪو مٺو مودي منهن لائين.

85 – مودي اسان جي ملڪ جا اٿئي ايماني

سانجهي رهي راتڙي، کائو منهنجي مهماني

سڀاڻي ساٿ ڀري ٿيو راهه به رواني

اڻ گهريو انهن کي، ڏنائين قرب قرباني

هيءُ جبو اَٿو جاني! ڏجو والد کي وجهڻ لاءِ.

86 – ويهي رهيا ويچار ۾، لاهي بودن مٿان بار

راجا ڌڻي روم جو، الائي ڪهڙا پڇندو پار

اچي اتي اوطاقي ٿيا، جتي هئا هند هزار

تن سان مرد اچي، محمود چئي، کلي ڪئي کيڪار

آهيو ماڻهو شهر مصر جا، حضرت يعقوب سندا پار

سڀئي سهڻا ٿو ڀانئيان، وِٿي نه آهي وار

متان مرد ميار، ڪا عاشق اتانئين ڪري.

87 – حاڪم ڏيئي هنڌ، تن کي وٺي نهاريو

تن جي ميٽن (1) کي، محمود چئي، چندن هئائين چاريو

قسمت جا ڏينهن ڪيترا، هن پئي گوندر منجهه گهاريو

اهو پاڻ ڌڻي پاريو، جيڪو مون ويهي ڪيو واعدو.

88 – پنجين ڏينهن پوئي وريا، اَنّ سان اُٺ ڀري

جهڙي جَتن جاڙ ڪئي، تهڙي ڪونه ڪري

ڀلي وڃن موٽي شهر مصر ڏي، اٿن پنڌ پري

موچاري، محمود چئي، ساعت پئي سري

جيڪو محبت منجهه مري، تنهن جو سانگ سدائين سرهو.

89 – ڪاهي ڪاهي قافلو آئيو مصر ۾ موٽِي:

بابا توکي بات ڏَسِيُون، خبر هيءَ ڇوٽِي

وڃي وٺيسون هُن ڏيهه ۾، پڌرِي پالوٽِي

راجا ڌڻِي روم جو، ڏئي ٿو رهائيو روٽِي

خالي ڇڏي ٿو ڪونه ڪو، جيڪو اچي سو اوٺِي

جُبو لاهي جان جو، ڏنائين لِيڙ به لانگوٽِي

قرب جي ڪوٺِي، اٿئي تنهن مرد جي مِنهين.

90 – ڪامل کڻي ڪپڙو، پاند ڳچيءَ پائي

هِي جُبو يوسف جوان جي اَنگ سندو آهي

هن ۾ بوءِ بدن جي، منهنجي ساهه کي سيبائي

جيڪو وطن کان وڇڙي ويو، سو من مالڪ ملائي

اڄ تنهن ۾ آسرو ٿيو الله لڳ آهي

سو ٿو کِليو ڳالهائي، نڌر نُور نوازيو.

91 - کولي ڏيو خبرون، اوهان ڪٿي ڏوري ڏيهه ڏِٺو

هي جُبو يوسف جان جو، جو منهنجو مُحب مِٺو

نِڌر نُور نئون ٿيو، چوڏهين ورهيه چِٽو

اوهان جو ڀُليا! ڀاڳ ڦٽو، آيئو ڇڏي ڇو غريب کي؟

92 – راجا ٿيو روم جو، ويٺو آهي وير

ٿو عاقل عدالت ڪري، ملڪ انهيءَ ۾ مِير

هي بَٺيون چاڙهيون بنگلي تي، داناءُ نه ٿئي دلگير

هڪڙي موچاري ماني هلي، ٻيو کِليو پياري کير

محبت جي، محمود چئي، ويٺو وٽ ونڊي وزير

اهڙو مڙس امير، ڪونه ڏٺوسون ڏيهه ۾.

93 – يعقوب اُتي يارن کي سَڏيو سمجهائي

هلو ته هلون روم ۾، هتي پنهنجو ڇاهي

هڪڙو سهڻو سونهن ڀريو، ٻيو عقلمند آهي

موتي ڏند ملوڪ جا، کليو ڳالهائي

مال مڏيون، محمود چئي، ڪالهه هليا ڪاهي

لاڳاپا لاهي، ويا ميان شهر مصر جا.

94 – رهيو راجا روم ۾، ڀاڳ ٿين ڀيڙو

جايون اڏايائون جُود مان، ويهڻ لاءِ ويڙهو

محبت سان، محمود چئي، ٿيو مردن جو ميڙو

حضرت يوسف جهڙو، جوڙيائين هِن جُوءِ ۾.

95 – يوسف جُوءِ ڏِسڻ جي، ٿي گهڻي ڳالهه ڳري

آيو موٽي شهر مصر ۾، ويهين سال وري

هئي زليخا جوش ۾، جنهن جي ساعت ڪانه سَرِي

ٻارهين ورهين ٻار ڀلو ٿئي، جنهن ۾ زور ذري

محبت جو، محمود چئي، وڃي ٽِڪو ڪين ٽَري

ٿي پڌري ڳالهه پَري، جيڪو لکيو لوح قلم ۾.

96 – راجا ڌڻي روم جو، آيو اڪيلو

ٻيٽو حضرت يعقوب جو، هو چلوِلو چيلو

محبت جو، محمود چئي، ٿيو وير ڀلو ويلو

لکيو لهندو ئي ڪين، توڻي جهنگ هجي ٻيلو

زليخا ۽ يوسف جو، موليٰ ڪيو ميلو

جنهن جي روح ڏنو ريلو، تنهن جو ساٿ اچي سولو ٿيو.

97 – پَرڻجي پوئتي وريو، راجا مٿي روم

حاڪم جي حڪومت ۾ هئي ڪامل گهڻي قوم

عاشق امانت جا، مرد ڌڻي مخدوم

موذي ته مري ويا، ٿوري کائي ٿوم

سخي ۽ شُوم، خاوند سڀئي خلقيا.

98 – سخي سخاوت کان نه رهي، غازي هليا گنج

وڃي پاڻيئون پري پيا، جتي واجهه نه رسي ونجهه

نڪا چاڙهي چڙهڻ جي، نڪو سوجو سنج (1)

محبت جو، محمود چئي، نه ڪنهن مرد ڏنو هو منجهه

هيس اندر اهنج، ته به ڪڙو ڳالهائي ڪينڪي.

99 – ڪڙو ڳالهائي ڪينڪي، مِٺو ٻولائي مُک

محبت سان، محمود چئي، سُور ڪيائين سُک

دُعا پنيائين درگاهه مان کڻي ٻاجهارا ٻُڪ

سائين ڏنا سُکَ، تڏهن گوندر پيو گوشو ڪري.

100 – سُکن سان ڏکن جي لڳي لڙائي

زليخا يوسف جي اڱڻ تي آئي

وينگس ويٺي وچ ۾، ٿي ٻانهين جي ٻائِي

سا اچي حضرت يعقوب وٽ سرتين سهائي

اچي لاس لڱن لائي، جيڪا هئي حاڪمزادي حبيب جي.

101 – رکڻ حُب حبيب ڏي، هميشان هوءِ

هتان هرڪو هلندو، لالڻ سنديءَ لوءِ

محبت جي، محمود چئي، اها پُڇا ٿيندي پوءِ

ٻيلي! ٻِيهر پُهچاءِ، اهو واعظ تنهن وريام جو.

102 – واعظ تنهن وريام جو، ڪُوڙو نه ڪَهيج

مهڻا طعنا لوڪ جا، سِر تي سڀ سَهيج

هجي جيڪا حق جي، وٺي واٽ وَهيج

محبت سان، محمود چئي، راز منجهه رَهيج

ويڻ وَرائي وات سان، چُوندن کي نه چَئيج

پوءِ لعلون لک لَهينج، ماڻڪ موتي مهراڻ جا.

103 – ماڻڪ سندي مُلهه جي، قيمت ڪنهن وٽ ڪانه

هتان حاڪم هليا ويا، صوبا ۽ سلطان

ڪيميا ڪمائي ويا، دَهر تي ديوان

محبت جا، محمود چئي، ڪيا اڳين ارمان

اُهي سوداگر سُجان، جن وکر وَهائي رکيو.

104 – جي سچا سوداگر ها، سي وهلو ويا وهي

ماڻڪ سندي ملهه جو، سودو ڪيائون سهي

تيرهينءَ ۾ تار ٿيا، ويا چوڏهينءَ جو چئي

محبت وارا، محمود چئي، ٿيا ڪين ٻئي

کپت خرابي خلق ۾، پسو جا پئي

لڄ شرم لوڪ مان، وئرٿ سڀ وئي

محبت جو محمود چئي، ويو لاڳاپو لهي

جن پريان جي پهي، تن اوريان ڇڏيو آسرو.

105 – اوريان ڇڏيئون آسرو، ڪيائون پرئين پنڌ پچار

زليخا ۽ يوسف کي، سون ڪيو سردار

جن شهيدن سر ڏنا، ڌڙ کان ڪري ڌار

منهن انهن، محمود چئي، حورن ٻڌا هار

مدد ٿيندو مصطفيٰ، عليءَ جي آڌار

ڪيو ڪلمي جي پچار، ته ٻيرو لنگهي ٻاجهه سان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org