سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: نڙ جا بيت

 

صفحو :3

مدو فقير نظاماڻي: مدد علي عرف مدو فقير نظاماڻيءَ سان اسان جون ميرپورخاص ۽ ڀٽ شاهه تي ڪچهريون ٿيون. مدو فقير پنهنجي پاڙيسري بچائي فقير رند کان متاثر ٿي بيت چيا. ڪچهرين ۾ اسان کي سانوڻ توڙي بچائي فقير جا بيت ٻڌايائين. اسان سندس وفات جو ڪونه ٻڌو آهي ۽ شايد حال حيات هجي. ڀٽ شاهه تي مدو  فقير پنهنجا بيت اسان کي پاڻ ٻڌايا ۽ اسان سندس پنهنجي زباني قلمبند ڪيا. ”ناري جي اُٿل“ بابت سندس بيت، لوڪ ادب سلسلي جي ڇٽيهين ڪتاب ”مورڙو ۽ مانگرمڇ“ ۾ شايع ٿي چڪا آهن. انهن کانسواءِ ٻيا بيت جي اسان کانئس ٻڌا سي هن ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن.

بيتن جي ڪچهريءَ جو ساز نڙ

سنڌ ۾ بيتن جي ڪچهرين جو آڳاٽو ساز نڙ آهي. جيتوڻيڪ هن وقت ڪوهستان ۽ لسٻيلي طرف سرندي جي لئي تي ۽ ٺٽي ۽ حيدرآباد ضلعن جي ڏاکڻين ڀاڱن ۾ بينن جي وڄت تي پڻ بيت ڏين ٿا. 1 تاريخي لحاظ سان، نڙ ترڪن ۽ بلوچن جو قديم قومي ساز آهي. اندازً هڪ هزار ورهيه اڳ هيءُ ساز سنڌ جي پاڙيسري ملڪ بلوچستان ۾ بلوچ قبيلن جي مستقل طور رهائش سان عام رائج ٿيو ۽ اتان کان سنڌ جي سر زمين ۾ داخل ٿيو ۽ سنڌي ثقافت جو جُذ بڻيو. بلوچستان جي قديم بلوچ قبيلن، خصوصاً مِرين ۽ بگٽين، جن آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌ جي اترين سرحد سان لاڳيتو سڪونت اختيار ڪئي، تن جو عام مقبول ساز نڙ آهي، جنهن کي هو ”گِرَوِ“ سڏين ٿا. ترڪن جي قديم ”قَبچاق“ قبيلن جي ٻوليءَ ۾ هن ساز جو نالو ”قُرَي“ آهي. ”گِروَ“ ۽ ”قُري“ ٻئي اصل ۾ هڪ آهن ۽ رڳو لهجي جو فرق آهي. سنڌ جي نڙ جي اصولي ۽ بنيادي وڄت جو نالو، جنهن کي گُرُ“ چئجي ٿو، سو به غالباً ”قُرَي“ ۽ ”گِرو“ جو لغوي يادرگار آهي. انهيءَ لفظ مان سنڌ ۾ نڙ جي ساز جي قدامت ۽ ان جو بلوچن ۽ ترڪن جي نڙ سان تاريخي لاڳاپو ظاهر ٿئي ٿو. ڀٽائي صاحب پڻ ”نڙ“ کي بلوچن جي همسايه قبيلن ”جتن“ جو ساز ڪري سڏيو آهي: ”جا وڄائن جتڙا نه تنهن نڙ جهڙي“

        سنڌ جي عوامي روايت موجب نڙ سڪ ۽ سوز جو ساز آهي. چون ٿا ته بيبي زليخا، حضرت يوسف کي سڪ مان ساريندي وضو ڪندي هئي جو انهيءَ پاڻيءَ مان ”ڪنگور“ جو ٻوڙو ڦُٽو، جنهن مان نڙ ٺهيو. ٻيءَ روايت موجب چون ٿا ته جڏهن شمس تبريز جي کل لهرائي ويئي، تڏهن ماڻهن کان منهن موڙي جهنگ جي گوشي ۾ ويهي نڙ وڄايائين ۽ ان ۾ پنهنجي درد جون آهون ۽ دانهون ڀريائين. شمس تبريز تُرڪن جي ”قَبچاق“ قبيلي مان هو، ۽ مولانا رومي جو پير ۽ مرشد هو. ٽين روايت موجب، نڙ جي وڄت ۾ درد انهيءَ ڪري سمايل آهي جو ”ڪنگور“ جي ٻُوڙي مان هڪ سهڻي سائي شاخ کي وڍي ٻين ساٿي لامن کان ڌار ڪيائون: پوءِ ان جا سهڻا ساوا پن سويائون ۽ اندران ان جو ڳڀ ڪڍي ان کي پورو ڪيائون: پوءِ ان جي مٿان اڳڙيون ويڙهي ان کي باهه ۾ لوساٽيائون ۽ پوءِ سيخ تپائي ان ۾ سوراخ ڪڍيائون. اهڙن ايذائن سببان نڙ جي ڪاٺي پنهنجي ساٿي شاخن ۽ ساون پنن کي ساريندي باهه ۾ سڙندي لوساٽيندي، درديلي آواز مان دانهون ڪيون. مولانا رومي ”مثنوي“ ۾ چوي ٿو ته:

بشنو از نئي چون حکايت مي کند

از جدائيها شکايت مي کند.

يعني ته: ”نڙ کان ٻڌو ته ڪهڙي ڳالهه ٿو ڪري: هو جدائيءَ جي (درد جي) دانهن ٿو ڪري؟“ ڀٽائي صاحب تصديق ڪندي، ڪانهه جي سائي ٻوُڙي مان وڍيل ڪانيءَ بابت چيو آهي ته:

جئن سان ڪاني ڪانهه، لُوسيندي لاتيون ڪري

تئن اچي پيئي اوچتي، درد پريان جي دانهه.

۽ پڻ چيائين ته:

”وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪوڪاري

هن پَن پنهنجا ساريا، هي هنجهون هڏن لئي هاري.

        نڙ جي لئي تي بيتن کي انهيءَ ڪري آلاپيائون جو نڙ هڪ درديلو ساز آهي ۽ نڙ جو آلاپ ڄڻ وڇوڙي جو آواز آهي: ٻئي طرف ”بيت“ پڻ عاشق – شاعر جي مجازي محبت جي درد ۽ فراق جي دانهن آهي: جڏهن اها درد جي دانهن، وڍيل جي وائيءَ سان گڏجي ٿي ته ٻئي درديلا آواز پنهنجي ساڳي لئه ۾ فطري طور هڪ ٿي وڃن ٿا. بلوچستان ۾، مجازي ”داستان“ (داستانغ) نِڙيءَ جي ترنم سان نڙ تي ڳائجن ٿا ته سنڌ ۾ وري ”بيت“ سُريلي پر درد ڀريي آواز سان نڙ جي لئي تي آلاپجن ٿا. سنڌ اندر ”نڙ – بيت“ جي ڪچهرين جي ميٺاڄ ۽ مقبوليت جو راز محبت ۽ مجاز جي انهيءَ سوز ۽ درد واري سمان ۾ سمايل آهي.

        نڙ – بيت جي ڪچهري جي نئين ٻڌندڙ کي شروع ۾ سمجهه ۾ ئي ڪونه ايندو ته بيتن جي آلاپ ۽ نڙ جي لئي ۾ ڪهڙي مناسبت ۽ هڪجهڙائي آهي! آخر ڇو بيتن جي اِنهيءَ وڏي سڏچوٽ آواز لاءِ، نڙ جهڙو گهري وڄت وارو ساز چونڊيو ويو. نئين ٻڌندڙ کي ائين معلوم ٿيندو ته ڄڻ بيتن جو آواز الڳ آهي ته نڙ جي وڄت جو انداز جدا آهي پر حقيقت ۾ اهي ٻئي لئي ۾ هڪ آهن: جيئن ته ٻئي درد ۽ فراق جون دانهون آهن، انهيءَ ڪري ٻنهي جو هڪٻئي سان گهاٽو تعلق آهي. مثلاً اهڙو ئي تعلق اٿن جهڙو سانوڻ جي گوڙ ۽ مينهن جو: نڙ جي وڄت ڄڻ هلڪي هلڪي گوڙ آهي جا پنهنجي مسلسل ڌڌڪارن سان، بيتن واري کي اُڀاري، دل ڳاري، سندس زبان مان بيتن جي آلاپ جا اهي ته وڏ ڦڙا وسائي ٿي جو ٻڌندڙن جون دليون ڀِڄيو پون: يا ائين کڻي چئجي ته انهن جو تعلق واء ۽ باهه وارو آهي: نڙ جا مٺا مٺا ٻول وڃڻي جي هلڪي هلڪي واء وانگر، بيت – ڏيندڙ جي درد جي دونهين کي پيا دُکائيندا ۽ جهڙ ڳائيندا، تان جو بيتن جا ڀَنڀٽ ڀڙڪي ٻاهر نڪرندا. مطلب ته ٻنهي جو لاڳاپو فراق ۽ سوز جي مناسبت وارو آهي: نڙ درد جاڳائي ٿو جو بيت ڏيندڙ جي دل ڀرجي ٿي ۽ زبان بي اختيار ٿي بيت چوي ٿي.

        نڙ سان، نڙ وڄائيندڙ جي نِڙي پڻ شامل آهي. نِڙي، نڙ جي لئي کي سهڻو ڪري ٿي: ۽ انهيءَ ڪري نڙ جي لئي گويا خود انسان جي آواز جي لئي آهي، ۽ اها لَئي، ”بيت ڏيندڙ“ جي لئي سان نهايت ڳوڙهي مناسبت رکي ٿي: قابل بيت ڏيندڙ، مٺين مِينڍن ۽ مُرڪن سان پنهنجو آواز نڙ جي لئي ۾ ٻوڙي، نڙ جي وڄت سان ملي هڪ ٿي ويندا آهن.

        ڊيگهه ۽ ڊول جي لحاظ سان ”نڙ“ ٻن قسمن جو آهي، وڏو ۽ ننڍو: وڏو ڪانو جو اندازً ٻن فوٽن کان ٽن فوٽن تائين ڊگهو ۽ ويڪري گهيري وارو ٿئي، تنهن کي عام اصطلاح ۾ ”نڙ“ چئبو: اندازً سوا فوٽ کان پوڻا ٻه فوٽ کن ڊگهي ۽ گهيري ۾ قدري سنهي کي ”ڪاني“ يا نڙاٽي“ چئبو. ”ناري جي نڙ“ جون مکيه وڄتون جي بيتن جي لئي سان شامل ٿين ٿيون سي ٻه آهن: هڪ ”گُر ُ“ ٻي ”ڦُوڪ“، سهوليت توڙي لئي خاطر، گُر گهڻو ڪري ڪانيءَ تي وڄندا ۽ ڦوڪون وڏي نڙ تي، جيئن اسان مٿي چئي آيا آهيون، ”گر“ سنڌ جي نڙ جي بنيادي ۽ قديم وڄت آهي. جنهن جو سلسلو بلوچي ۽ تُرڪي نڙ سان ملي ٿو. ”گُر“ ڄڻ جدا جدا قسم جا سُر ۽ آلاپ آهن، جن ۾ ڪوبه ”ٻول“ ڪونهي. ڦوڪن ۾ اکر، جملا يا ٻوليون (پکين جون) آهن. ڦوڪون ”گُرن“ کانپوءِ نسبتاً پوئين ويجهي دور ۾، سنڌ جي نڙ وڄائيندڙ ماهرن جوڙيون.

        ”ڦوڪون“ ڄڻ مجازي محبت جا سڏ ۽ پيغام آهن، يا وري محبت واري رهاڻ جا چيدا چيدا جملا آهن، جن کي نڙ جي وڄت ۾ ادا ڪيو وڃي ٿو. سنڌ جي عوامي روايت موجب محبت وارو مِٺو نڙ سڀ کان اول ساهڙ ڄام نڱامِري، سهڻي جي سڪ ۾ وڄايو. سنڌ ۾ اڳئين دور جي ناڙين سڪ ۽ سوز جون ”ڦوڪُون“ ٺاهيون ۽ وڄايون ۽ ڪِن ”ڦوڪن“ ۾ اڳين عاشقن جا نالا مثال طور آندائون. اُتر جي هڪ آڳاٽي ڦوڪ جا اڃا تائين وڄائجي ٿي، تنهن جو ٻول هي آهي:

رانجها چور، دليان دا چور

رانجها چور، دليان دا چور

        هن پوئين ويجهي دور ۾، بهرام جمالي (ويٺل تعلقو سانگهڙ) نڙ جو ماهر ۽ نڙ جي ڦوڪن جو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن پنهنجي محبوبه ”صابل“ کي مخاطب ڪندي ڦوڪون جوڙيون جي ”صابل جي ڦوڪن“ جي نالي سان مشهور ٿيون ۽ ”ناري جي نڙ“ 1 جو نمايان نشان بڻيون. ”صابل جي ڦوڪن“ مان ڪن جا ٻول هي آهن:

(1) پيرڙا ڏي!

ڙي صابل! ڦيرڙا ڏي! 

(2)       صابل سائو چولو پاءِ!

صابل ڳاڙهو چولو پاءِ!

 

(3) موٽ سگهو!

دلڙي موٽ سگهو!

 

(4)  تو دير لاتي

ڙي صابل!

ڇو دير لاتي؟

 

(5)    سهڻي ٽور تنهنجي

ڀلي ٽور تنهنجي

منهنجي مور صابل!

        نڙي ٺاهڻ ۽ لئي ٻڌڻ خاطر، نڙ – بيتن جي ڪچهريءَ جي شروع ۾، نڙ تي پهريائين ”گُر“ ۽ پوءِ ”ڦوڪون“ وڄائيندا. ”گُر“ ۽ ”ڦوڪون“، ”ناري جي نڙ“ جي لئي جا ٻه بنيادي پهلو آهن، ”لاڙ جي نڙ“ جي وڄت ۾ ”لهرا“ پڻ هڪ مکيه لئي آهي. ”ڇپر“ يعني ٺٽي ضلعي جي ڪوهستاني ڀاڱي واري نڙ جي وڄت جو نالو ئي ”ڇپر“ آهي، جنهن ۾ ”معذور“ جي لئي ۽ ”وصال“ جي لئي جا اهڃاڻ نمايان لڳن ٿا. اتر توڙي لاڙ ۾ ”بينن“ جي وڄت تي پڻ بيتن جون ڪچهريون هلن. ڇپر (ڪوهستان) ۽ لسٻيلي طرف ”ڪاني ۽ دنبوري“ توڙي .سُرندي ۽ دنبوري“ جي لئي تي بيت چون. بچائي گوندر جي ڪاني ۽ ڌني مڱڻهار جي دنبوري جو جوڙو واهه جو هوندو هو ۽ اڃا تائين پيو ڳائجي.

بيتن جي ڪچهري ۽ بيتن ڏيڻ جي ملوڪت

        ”نڙ – بيت“ جي ڪچهرين ۾ ”ناڙين“ يا نڙ وڄائيندڙن جي ملوڪت کان وڌيڪ ”بيتائن“ يعني بيت ڏيندڙن جي لياقت ۽ قابليت درڪار آهي. ضروري آهي ته بيت ڏيندڙ جو آواز سُريلو ۽ مٺو هجي، سندس ٻول چٽو هجي ۽ هو لئي ۾ پورو هجي. ”بيت جي ڏيڻي“ ڇهن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿي: (1) بيت جي (شروع واري) کڻڻي (2) بيت جي (وچ واري) ڏيڻيءِ (3) بيت جي (آخري سٽ کان اڳ واري سٽ آلاپڻ سان) لاهڻي: (4) بيت جي (آخري سٽ جي آلاپ واري) اوٺائي يا وراڻي: (5) بيت جو هونگارو؛ ۽ (6) بيت جي پڇاڙيءَ واري سٽ جي اُٿلائڻي. ملوڪ بيتائي اهو چئبو جو بيت کي لئي ۾ مٺو ڪري کڻي، سولو ڪري ڏئي ۽ نڀائي. اثر ۽ انداز سان لاهي، مِينڍن مُرڪن واري اوٺاڻي سان اهڙي طرح واري ۽ ڍاري جو نڙ جي لئي ۽ هونگاري ۾ ٻڏي وڃي: هونگاري کانپوءِ پڇاڙيءَ ۾ بيت جي پوئين سٽ کي سوز ۽ اثر سان اُٿلائي. سهُڻو بيتائي اهو جنهن جون موڙون مٺيون هجن. ڪي بيتائي بيت ڏيندي ”اڙي“ يا اڙي ادا“ چوندا پر اهي لفظ کارا آهن. ڀلو ڙي، اي ادا، منهنجا جاني، سڄن سائين، جاني يار ۽ ڍولڻ جهڙا اضافي الفاظ وڌيڪ پيارا آهن.

        گهٽ آواز واري بيتائي کي گهرجي ته وڏي نڙ تي بيت ڏئي. هيٺين گرام ۾ ساهيءَ سان بيت مٺو ڪري ڏيڻ هڪ ڪاريگري آهي. ڪانيءَ تي بيت مٿي هلندو ۽ تکائي ۽ تڪڙائي سان بيت ڏيندي بيتائي اڪثر ٻتڙبو ڪونه.

        نڙ – بيت جي ڪچهري لاءِ ڪم از ڪم چار ساٿي ضروري آهن: ناڙي، بيتائي ۽ ٻه هونگاري وارا، ”هونگارو“ اها وڏي سڏ واري .ها“ آهي جا ٻئي ڄڻا گڏوگڏ پوري لئي ۽ آواز سان کڻن، يعني ته جڏهن بيت ڏيندڙ بيت کي ورائڻي ڏيئي پنهنجي لئي کي ڍاري ته هونگاري وارا سندس لئي جو جهلاءَ ڪن ۽ ڍرندڙ لئي کي ٽيڪ ڏيئي مٿي ڪري پوءِ هونگاري جي آخري هلڪي ڍار سان وڃي ڍارين. هونگارو بيت جي ڇانوَ آهي. هڪ ساٿي به هونگارو جهلائي سگهي ٿو. بشرطيڪ بيت ڏيندڙ جي ”ها“ به ”هونگاري“ جو ڪم ڏئي پر انهيءَ حالت ۾ بيت ڏيندڙ جي آواز تي وڏو بار پوي ٿو، جيڪو ڪي ٿورا کڻي سگهن ٿا.

        ضروري آهي ته نڙ – بيت جي ڪچهري ٻڌائيندڙ ساٿين جي ويهڻ واري سٽاءَ به سهڻي هجي: هڪ ٻئي ڏي منهن ڪري نه ويهن، پر ڪچهري ٻڌندڙن کي سامهان ٿي ويهن: بيت ڏيندڙ جي کٻي پاسي لڳو لڳ ناري ويٺل هجي ۽ سڄي طرف ڪُلهي کان ويجها ۽ سوڙها هونگاري وارا ٻه ساٿي ويٺل هجن. بيت ڏيندڙ پاڻ پلٿي هڻي ويهي، يا هيٺان پيڙهو ڏيئي اوڪڙو ٿي ويهي: پر سندس هٿ ٻئي ڇٽل هجن، جن مان کٻو وقت سر کٻي ڪن ته رکي آواز کي چوٽ تي چاڙهي، باقي سڄي کي بيت جي ٻولن جي وهڃاڻي خاطر پيو ناز ۽ انداز سان ڊگهيڙي ۽ موڙي، کڻي ۽ ڍاري. راضي فقير مرحوم: سانوڻ جي ”ڏيڻي“ جي ساراهه ڪندي چيو ته ”بيت ڏيڻ وقت سانوڻ سڄي ٻانهن کي واسينگ وارا ور ويٺو ڏيندو هو ۽ بيت جي وراڻي تي ٻئي آڱريون ڪنن ۾ وجهي، ڦٿڪندو ڦٿڪندو، نڙ واري جي مٿان ڇانوَ ڪري وڃي بيت لاهيندو هو.“

        نڙ سان آواز يا نڙي جي ملائڻي، بيت جي کڻڻي، ڏيڻي، ورائڻي ۽ هونگاري جي نوع ۽ نموني جي لحاظ سان اتر، وچولي، لاڙ، ڪوهستان ۽ لس ۾ ”بيتن جي ڏيڻي“ جي لئي جدا جدا نموني جي آهي. اتر ۾ جيڪب آباد طرف، ”بلوچي نڙ ۽ داستان سرائي“ واري لئي جو اثر رهيو آهي. سکر ضلعي جي روهڙي ڊويزن واري اصلي لئي مطابق مٿئين آواز ۾ بنا ڪنهن خاص مينڍ ۽ موڙ جي پر هڪ مخصوص ڍار سان لسو بيت ڏيندا. پوئين ويجهي دور ۾ البت انهيءَ طرف پڻ ”وچولي جي لئه“ جو اثر وڌيو. 1  نواب شاهه واري تر ۽ ان کان مٿي اتر ڏانهن بيتائي اڪثر ڪچهريءَ ۾ اٿي بيهي بيت ڏيندا، انهيءَ رواج کي بيتائي ميان ڏني زرداري پوئين ويجهي دور ۾ زور وٺايو. گاجي شاهه جي ميلي تي انهيءَ نئين رسم جي شروعات ڪيائين. وچولي (سانگهڙ، نواب شاهه، حيدرآباد، ٿرپارڪر، دادو) جي لئي، جا دراصل ”ناري جي لئي“ آهي سا بيت جي ڏيڻي، لاهڻي ۽ ورائڻي ۾ مينڍن ۽ مرڪن سان مالامال آهي. ڪوهستان ۽ لس ٻيلي طرف لسا بيت بنا هونگاري جي هڪ خاص ڍار سان ڏيندا. سندن ”ڏيڻي“ ۾ هڪ قسم جي ڍار بيشڪ آهي مگر مينڍون ۽ موڙون، اٿلو ۽ وراڻيون ڪين آهن. سندن مخصوص لئي جي لحاظ سان، ڪوهستان ۽ لس وارا پنهنجن بيتن کي ”ساکي بيت“ (يعني ”ثابت بيت“ بنا ڪنهن مينڍ مرڪ جي) سڏين ۽ سنڌ (وچولي) جي لئي مطابق بيتن جي ڏيڻي کي ”لوڙائو بيت“ ڪوٺين. ڪراچي ۽ ميرپورساڪري تعلقن تائين اها لس واري لئي رائج رهي: حالانڪه هن پوئين ويجهي دور ۾ بنگل خان مروئي (بلوچ) ”ناري جي لئي“ کي ميرپورساڪري طرف آندو، اسان انهيءَ لئي ۾ سندس ڪچهريون ٻڌيون: هن سانوڻ جا بيت ڏنا ۽ واه جا ڏنا!

        بيتن جي لئي جي انهن مخصوص قسمن کان سواءِ هر خطي جي لئي جا جدا جدا انداز آهن ۽ پڻ هر بيت ڏيندڙ جي پنهنجي چوڪ ۽ پنهنجي ٻڌڻي آهي. ”وچولي واري لئي“ ۾ به هڪ انداز اهو آهي، جنهن موجب بيت ”تکو“ هلندو ۽ ان جي برعڪس ٻيو انداز اهو آهي، جنهن ۾ بيت ڄڻ ته ”ساهي تي“ هلندو. انهيءَ جو هڪ سبب، ڪنهن حد تائين، خود ”بيت جي منظوم سٽاءَ“ آهي: يعني ته جي بيت جون سٽون ڊگهيون ۽ نثر واري اسلوب ۾ هونديون ته بيتائي اڪثر انهن کي ڊيگهه ۽ ساهيءَ سان ورجائيندو. انهيءَ ڪري ئي ڪچهري وارن جو چوڻ آهي ته ”جهڙي بيت جي نمر، تهڙي بيت جي چوڻي“ يعني جهڙو بيت جو نمونو: تهڙي ان جي ڏيڻي. مسلسل قصن (سيف الملوڪ، جمجما سلطان وغيره) وارا بيت اڪثر ڳالهه طور هلندا. سانوڻ بيت تکو ڏيندو هو: ۽ محمود شيخ مينڍ ۽ ميٺاج سان ڄڻ لفظن ۽ سٽن کي وڌائي ڊگهو ڪري بيت ڏيندو هو. بيتائن ۾ هڪڙا ”مٿڙيا“ جي مٿي بيت ڏين ۽ ٻيا اهي جي هيٺين آواز ۾ ڏين. سانوڻ، محمود شيخ، سليمان ملاح ۽ موريو خاصخيلي مٿي بيت ڏيندا هئا.

بيتن جي شاعرن ۽ سندن راوين جو نظام

        غالباً سنڌ ۾ عربن واري دور حڪومت کان وٺي عرب ”شاعرن“ ۽ راوين“ جي نظام جو اثر سنڌي شاعرن تي پڻ پيو ۽ هڪڙا ”شاعر“ ٿيا جن شعر چيا ۽ ٻيا سندن خاص ٻالڪا يا ”راوي“ ٿيا، جن سندن شعر پڙهيا. سومرن ۽ سمن جي دور ۾ قصه خواني ۽ داستان گوئي جي ذوق هن رواج کي ويتر وڌيڪ فروغ ڏنو: شاعرن قصا جوڙيا ۽ ڀانن چارڻن ۽ مڱڻهارن اهي ڳايا. غالباً ڪلهوڙن جي دور کان وٺي ڪي نالي وارا ”سگهڙ“ ساماڻا جن جدا جدا شاعرن جي شعرن توڙي ٻين سهڻن گفتن ۽ ٻولن کي رهاڻ خاطر ياد ڪيو. ”بيتن“ جا هڪڙا ”شاعر“ ٿيا، جن ”بيت چيا“، ۽ ٻيا سندن ”ٻالڪا يا راوي“ ٿيا جن ”بيت ڏنا“. اهڙيءَ طرح هڪڙا بيتن جا ”چوندڙ“ (شاعر) ته ٻيا بيتن جا ”ڏيندڙ“ (بيتائي ٿيا. ڪچهريءَ جي دانائن ڳڻ ڪري چيو ته: بيت ڏيندڙ (راوي) کي گهرجي ته بيت ائين ڏئي جيئن چوندڙ (شاعر) چيو هجي. سڄاڻ سگهڙ بيگوءَ جي قول موجب:

جئن ٿا چِيندڙ چِينِ، تئن جي ڏِيندڙ ڏِينِ،

ته بيتن کي ”بيگو“ چوي هوند ڪَڪَر ڪِين پِين.

        سنڌ ۾ ”شاعر“ ۽ ”راوي“ غالباً آڳاٽي وقت کان وٺي هلندا آيا  پر نسبتاً پوئين ويجهي دور ۾ بيت چوندڙ شاعرن جا ٻالڪا يا راوي ساماڻا جن نه فقط انهن شاعرن جا بيت ياد ڪري زباني چئي ٻڌايا پر هو ”بيتائي“ بنيا، يعني ته نڙ – بيت جي ڪچهرين ۾ لئي سان پنهنجي استاد شاعر جا بيت ڏنائون. سانوڻ بيتن جو غالباً پهريون شاعر هو، جنهن ڪچهرين ۾ پاڻ پنهنجا بيت ڏنا: کانئس پوءِ اهو رواج شروع ٿيو ۽ سانوڻ جي مڙني ساٿيارن (مولا بخش خاصخيلي، محمود شيخ، بچائي رند ۽ الله ڏني نوناري) پاڻ پنهنجا بيت ڪچهرين ۾ ڏنا. باوجود انهيءَ جي جو منجهائن هر هڪ کي پنهنجا ٻالڪا يا راوي هئا، جن پڻ سندن بيت ڏنا. سانوڻ جا ٻالڪا گهڻا هئا پر سندس مکيه ”راوي“ علي خان ڪورائي ٿيو، جنهن سانوڻ جا بيت سولا سوڌا ۽ سهڻا ڪري ڏنا، ۽ ائين ئي ڏنا جيئن سانوڻ پاڻ چيا. مولا بخش خاصخيلي جو مکيه راوي حسين فقير هڱورو آهي. محمود شيخ جا ٻالڪا ٻيا به هئا پر سندس خاص راوي جمعو شيدي هو. بچائي فقير رند جو راوي مدو فقير نظاماڻي آهي. الله ڏني نوناري جا بيت سندس پٽ حاجي سهراب ڪلوئي ۽ ٻين ڏنا پر سندس مک راوي عرس ماڪوڙاڻي ٿيو. جمعي ٻارچ جو خاص راوي عبدالله ڀنڀرو (ويٺل ڳوٺ مارک ڀنڀرو، تعلقو شهدادپور) هو، حالانڪه بچي کور کي پڻ سندس گهڻا بيت ياد هئا. مدو فقير نظاماڻي پاڻ پنهنجو راوي آهي. انهن کان سواءِ ٻين بيتائي شاعرن جا پڻ پنهنجا پنهنجا راوي هئا ۽ آهن. شاعر حڪيم ڏاهري (وفات 1910ع) جو راوي عثمان ڀٽي (عمر 85 سال) اڃا زنده آهي: ٿر ڏانهن ڏيپلي تعلقي جي مشهور بيتائي شاعر مرحوم گُلو مياڻي جو راوي مجنو پاڙهو (سمو) هو 1؛ ۽ موجوده دور جي شاعر فقير عبدالرحيم ڏاهري (ويٺل لڳ ٻانڌي، ضلعو نواب شاهه) جا راوي قادر بخش رند ۽ ڦتو ٽالپر آهن.

مشهور بيتائي

        سنڌ ۾ نڙ – بيت جون ڪچهريون ڪافي آڳاٽي وقت کان پئي هليون. لس طرف شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاهه جي بيتن جا مارڪا آڳاٽو شروع ٿيا. سنڌ ۾ پڻ سانوڻ واري دور کان اڳ جي شاعرن جا بيت نڙ – بيت جي ڪچهرين ۾ عام رائج هئا. بچائي فقير رند چيو ته: اسان کان اڳ ٻانڌي پنهور جا بيت هلندا هئا پر اهو اسان ڪونه ڏٺو. 1. هه. بچائي فقير جي زباني موجب اهو اندازً سنه 1900ع ۽ ان کان اڳ وارو دور هو، جڏهن بيتائي ٻانڌي پنهور جا بيت ڏيندا هئا. پڻ لاڙ ۾، سانوڻ جي شاعريءَ کان اڳ، علي خان ڪورائي، عرس پٺاڻ ۽ خيرو لغاري بيت ڏيندا هئا. سنڌ ۾ سوين قابل بيتائي ٿيا، ۽ آهن، پر اهي بيتائي جن جي اسان واکاڻ ٻڌي ۽ ٻيا اهي جن جون ڪچهريون اسان پاڻ ٻڌيون، تن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

- پير بخش (ڏَندي تعلقي بدين جو) ۽ منگواڻو، 19 صدي جي آخر  ۽ 20 صدي جي شروعاتي دور (1880 – 1915) جا وڏا ڪاريگر بيتائي هئا ۽ ان دور ۾ جهڙن ڪونه ٿيو.

- انهيءَ اوائلي دور ۾، ٽنڊي باگي – ڊگهڙي واري پاسي تاجو زون (وفات 1915ع ڌاري) ۽ بدر سينهڙو بيتن جا سدا ملوڪ هئا. تاجو پاڻ شاعر هو. بدر سينهڙو بيتن جو وڏو گوهر هو ۽ کيس گهڻن شاعرن جا بيت ياد هئا.

- ٽنڊي باگي طرف علي خان ڪورائي ۽ سندس ساٿي عرس پٺاڻ ۽ خيرو لغاري موجوده. صدي جي شروعاتي (دور جا) قابل بيتائي هئا. علي خان ۽ عرس ٻيئي پير بخش جا ٻالڪا هئا. علي خان ڪورائي، سانوڻ جو مک راوي ۽ لاڙ سڄي ۾ نالي وارو بيتائي ٿي گذريو آهي.


1  لاڙ ۽ بينن جو رواج پوين ويهن سالن اندر پيو. جڏهانڪر نڙ وڄائيندڙ ٿورا ٿي ويا.

1  يعني ”اُڀرندين ناري“ واري طرف جي نڙ جي لئي جا سانگهڙ ۽ سنجهوري تعلقن جي نڙ وڄائيندڙن ايجاد ڪئي ۽ ”ناري جي نڙ“ جي نالي سان مشهور ٿي.

1  اهو اثر خاص طرح فريد خان گڏاڻي جي ذريعي وڌيو، فريد خان هن وقت بلڪل پير مرد (عمر 95  سال) آهي مگر هو پنهنجي جواني واري دور ۾ نڙ توڙي بيتن جو ملوڪ ۽ روهڙي ڊويزن طرف ”نڙ بيت“ جي ڪچهرين جو اڳواڻ هو. اسان جون ساڻس سنه 1958ع کان وٺي ڪچهريون ٿيون ۽ ”ناري واري لئي“ ۾ بيت ٻڌايائين.

1  گلو مياڻو اصل ويٺل کجروڙي جو ۽ پوءِ اچي (ٺَٽ) (لڳ جهن تعلقو ڏيپلو) ۾ رهيو، سندس راوي ”مجني پاڙهي“ سان اسان جون ڪچهريون 21 – 24 آگسٽ 1953ع ڏيپلي ۾ ٿيون. ان وقت سندس عمر 70 ورهيه کن هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org