سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: چار درويش

امام بخش خادم

صفحو :15

      ٽئين درويش جو سير

ٽيون فقير گوڏو کوڙي پنهنجي سير جو  بيان هيٺينءَ ريت ڪرڻ لڳو:

يارو، هيءَ درد واري منهنجي آهي ماجرا،

ڇا ڇا عجب عجائب ڏيکاريا خدا!

بيشڪ هي عشق آفت بڇڙي بري بلا،

ويجهو ويهاري دل ۾ پوءِ ٿو ڏئي ڌڪا.

        - هيءُ غلام تابعدار عجم جو شهزادو آهي. منهنجي پيءُ کي مون کان سواءِ ٻيو ڪو اولاد نه هو. مان جڏهن جوانيءَ ۾ آيس، تڏهن هڪ جيڏهن يارن سان پاڻ وندرائڻ لاءِ شطرنج کيڏندو هوس ۽ ڀلن گهوڙن تي سوار ٿي گهمندو هوس.شوق ۽ شڪار ۾ مشغول رهندو هوس. هڪڙي ڏينهن گهوڙن کي سنجائي، تيار ڪرائي، دوستن کي وٺي، ميدان جي  طرف نڪتس، باز، شڪرو، جره ۽ سرخاب، تترن تي اُڏائيندو. پري نڪري ويس. هڪ عجيب بهار ڀريل ٽڪرو نظر آيو. جيڏي به نظر ٿي ويئي، ڪوهن تائين سبز ۽ گلن سان زمين لعل نظر ٿي آئي. هيءُ نظارو ڏسي، گهوڙن جون واڳون ڍريون ڪيونسين. قدم قدم سير ڪندي ٿي وياسون. اوچتو اُن ميدان ۾ ڏٺم ته هڪ ڪارو هرڻ، جنهن تي زربفت جي جُهل پيل هئي ۽ ڳچيءَ ۾ زريءَ سان ڀريل پٽو، جنهن تي سونا گهنگهرو جڙيل هئا، نهايت آرام سان، جت نه انسان هو نه پکي پر هڻي ٿي سگهيو،  پئي ٿي گهميو ۽ چريو.اُهو اسانجي گهوڙن جي سنبن جو آواز کان چوڪَنو ٿيو، ۽ مٿي کي کنيائين ۽ هوريان هوريان هلڻ لڳو.

        مون کي اُن جي ڏسڻ سان دل ۾ عجيب شوق پيد اٿيو. پنهنجي رفيقن کي چيم ته ”اوهان اتي ترسو، مان هن کي جيئرو وٺندس، خبردار متان توهان قدم اڳتي کنيو آهي! منهنجي پوئتان به نه اچجو. ”گهوڙو، جو منهنجي هيٺان هو، سو پکيءَ کان تيز، ۽ جنهن ڪيئي دفعا تکو ڊوڙي، مون کان هرڻ شڪار ڪرايا هئا، اُن جي پويان ڊوڙايم، هُن به ٽپا ڏيڻ شروع ڪيا ۽ تيز ٿي ويو. منهنجو گهوڙو به هوا سان ڳالهيون ڪري رهيو هو، پر اُن جي مٽيءَ کي به پهچي نه سگهيو. ويچارو پگهر پگهر ٿي ويو. منهنجي ڄڀ به پياس کان تارونءَ سان لڳي پيئي. آخر منهنجو ڪو به وس نه هليو. شام ٿيڻ لڳي، مونکي ته ڪا به خبر نه پيئي ته ڪٿان کان ڪٿان اَچي نڪتو آهيان؟ اِتي اُهو هرڻ وري نظر آيو، جهٽ پٽ ڪمر مان تير ڪڍي ڪمان کي ڪَشي، ڌڻيءَ کي سنڀالي، چتائي هيومانس، جو وڃي ٽنگ ۾ لڳس ۽ هو منڊڪائيندو منڊڪائيندو، وڃي هڪڙي جبل  جي پاڙ ۾ پهتو. اُتي مان به پيادو ٿي، گهوڙي کي واڳ کان وٺي، پٺيان پيومانس. تان جو  هُو ڏونگر کان هيٺ لٿو. مان به جبل تان هيٺ لهندو چڙهندو پئي ويس، ته ايتري ۾ پري کان هڪ قبو ڏٺم. جڏهن نزديڪ ويس، تڏهن اُتي هڪڙو  باغيچو ۽ حوض نظر ۾ آيو. اِتي هرڻ منهنجي نگاه کان غائب ٿي ويو. مان ڏاڍو ٿڪل هوس. اُتي ويهي هٿ منهن ڌوئڻ لڳس. ايتري ۾ قبي مان روئڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. پاراتا به پئي آيا ته ”ٻچڙا، جنهن توکي تير هنيو آهي، تنهن جي جگر ۾ شال منهنجي دانهن جا تير لڳندا! شال جواني نه ماڻيندو! خدا ڪندو، جو مون وانگر پيو ڏَجهه ڏسندو!“ مان ٻڌندي ئي اُٿي اوڏانهن هليس. ڇا ڏسان ته هڪ پير مرد سفيد ريش پورا پنا ڪپڙا ڍڪيو، هڪڙي گاديءَ تي چڙهيو ويٺو آهي، ۽ هرڻ سندس اڳيان ليٽيو پيو آهي. پاڻ هرڻ جي ٽنگ مان تير ڪڍي رهيو آهي ۽ پاراتا پيو ڏئي. مون وڃي نئڙت سان سلام ڪيس، ۽ هٿ ٻڌي، چيومانس ته ”سائين منهنجا، هيءَ خطا ازخود يا ڄاڻي ٻجهي  نه ٿيل آهي. مون کي اوهان جي سُڌ نه هئي. الله لڳ معاف ڪريو.“ چيائين ته ”تون هن بي زبان گگدام  حيوان کي ڏک ڏنو آهي. پر جيڪڏهن تو کان غلطي ٿي ويئي آهي، ته خدا تو کي معاف ڪندو.“ اِتي مان به وڃي ڀرسان ويٺو مانس، ۽ هرڻ جي ڄنگهه مان تير ڪڍيومانس، ۽ پوءِ ڦٽ تي مرهم پٽي ڪري، ڇڏيمانس، پير مرد هٿ صفا ڪري، جيڪي حاضر هوس، مون کي کائڻ لاءِ ڏنو. مان کائي پي ڍءُ ڪري، هڪڙيکٽ پيئي هئي، اُن تي ليٽي پيس. ننڊ ۾ اِئين ئي ٿي سمجهيم ته ڪٿان روئڻ جو آواز ٿو اَچي. ڄڻ ته ڪو پارَ پيو  ڪڍي.

        اکيون پٽي جان ڏٺم، ته نه اُهو پريو مڙس نظر آيو نه هرڻ! فقط مان اَڪيلو کٽ تي سمهيو پيو آهيان ۽ سڄي جاءِ خالي آهي. مان اُٿي چئن ئي پاسي ڳولا ڪرڻ لڳس. آخر هڪ پاسي نظر پئي، هڪ در ڏٺم، نهن تي  ڇپري پيل هئي، اها ڇپري مٿي ڪري، دروازو کولي ڏٺم ته هڪڙو تخت وڇايل آهي، تنهن تي هڪ نوجوان نينگر تيرهن چوڏهن ورهين جي عمرجي پريءَ کان صورت ۽ شڪل ۾ وڌ، جنهن جون ٻيئي چوٽيون ٻنهي پاسن کان کُلي پيون آهن ۽ منهن پيو مرڪيس، قيمتي نازڪ پوشاڪ پهريل، ڏاڍي ناز سان ويٺي آهي ۽ پيئي ٿي نهاري! هُو پير مرد سندس پيرن تي سَر رکيون زارو زار روئي رهيو آهي. مان اُن پريءَ جي من موهڻي صورت ڏسي، اچرج ۾ اچي، بي سرتو ٿي ڪري پيس. هن پير مرد مون کي بيهوش ڏسي، هڪدم گلاب ڇڻڪاري هوش ۾ آندو. پوءِ مان اُن دلدار جي سامهون وڃي سلام ڪيو. پر نه هن هٿ ئي کنيو، نه چپ ئي چوريو. مون چيومانس ته ”اي دلبر، ايڏو فخر! سلام جو جواب نه ڏيڻ ڪهڙي به مذهب ۾ روا نه آهي. اگرچه نه ڳالهائڻ به هڪ  ناز آهي، پر اهڙو ستم ته ڪٿي نه ڏٺم. هاڻي اُنهيءَ خدا جي نالي، جنهن تو کي پيدا ڪيو آهي، ڪي ته واتئو ڪُڇ! زبان کول! مان به قسمت سانگي اچي هت نڪتو آهيان، مهمان جي خذمت ڪرڻ فرض آهي.“ مون ڪيتريون به منٿون ڪيون، پر قبول نه پيون. ماٺ ڪري بُت وانگر ويٺي رهي. تڏهن مون اڳتي وڌي، پير کي هٿ لاتو مانس، ته سخت لڳو. سمجهيم ته نازنين پٿر مان ٺهيل آهي يا پنڊ پاهڻ آهي. مون هن پير مرد کي چيو ته ”مون تنهنجي هرڻ جي ٽنگ زخمي ڪئي، پر تنهنجي زبان جي نيزي منهنجي اندر کي چيري وڌو آهي، بيشڪ تنهنجي بد دعا مون کي لڳي ويئي. پر هاڻي مهرباني ڪري ٻڌاءِ ته هيءُ طلسم ڪيئن ٺهيو آهي، ۽ تون وسندي ڇڏي، ڇو اَچي رڻ ۾ رُليو آهين؟ جيڪي تو سان ٿي گذريو آهي، سو سربستو ٻڌاءِ.مون جڏهن هن کي گهڻي آزي ڪئي، تڏهن هُن جواب ڏنو ته ”اِنهيءَ ڳالهه تان لهي وڃ. تو کي به برباد ۽ هلاڪ ٿيڻ تي شوق ٿيو آهي ڇا؟ شال رب پاڪ هر ڪنهن کي عشق کان بچائي. هن برهه ڪيڏيون نه هچائون ۽ بلائون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. فرهاد ۽ مجنون جو قصو ته عام آهي. تو کي هن نئين قصي جي ٻڌڻ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ناحق گهر ٻار، دولت ۽ دنيا کان وڇڙي ويندين.“ مون ترش ٿي، جواب ڏنومانس ته ”پنهنجي دوستيءَ جو  گهڻو اظهار نه ڪر. جيڪڏهن تو کي جان پياري آهي ته صاف چئي ڏي!“ لاچار ٿيو، ۽ سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. ۽ چوڻ لڳو ته-

 

قصو نعمان سوداگر ۽ فرنگ جي شهزاديءَ جو

         ”هن عشق جي آزاريل جو نالو نعمان آهي. مان هڪ وڏو واپاري هوس. سوداگر هئڻ ڪري، سڄيءَ دنيا ۾ پيو ڦرندو هوس، ۽ اڪثر بادشاهن سان واقفيت هيم. هڪ ڀيري دل ۾ خيال آيم ته جهان جا چارئي طرف گهميو آهيان، مگر فرنگ جو ٻيٽ اکين سان نه ڏٺو اٿم. اِهو ملڪ به ڏسان ته بهتر. دوستن سان صلاح ڪري، اوڏانهن وڃڻ جو ٺهراءُ ڪيم. پوءِ جيڪي شيون اُتي گهربل ۽ اَڻ لڀ هيون، سي سڀ خريد ڪيم. ۽ هڪڙي وڏي ٽولي سوداگرن جي گڏ ڪري، جهاز تي چڙهي روانا ٿياسين. واءُ سڻائو هو. سو هڪ مهيني ۾ وڃي اُتي پهتاسون. شهر ۾ رهڻ لاءِ جاءِ مسواڙ تي ورتيسون. شهر عجيب ۽ چهچٽي وارو نظر آيو. ٻيو ڪو به شهر اُن جهڙو عمدو ۽ سهڻو مون اڳي ڪڏهن ڪو نه ڏٺو هو. ڇا بازار، ڇا گهٽين ۾ فرش لڳل، مطلب ته هر طرف عجب بهاري ٿي نظر آئي. صفائي ۽ سٺائي ته ايڏي اعليٰ هئي، جو ڪٿي به گند ۽ غلاضط جو ذرو به ظر نه  ٿي آيو. رنگ برنگ عمارتون ٿي ڏٺيون، جن جي رستن تي رات جو قدم قدم تي روشني  جو بندوبست موجود هو. شهر جي پسگردائيءَ ۾ چوڌاري باغ ٿي ڏٺا، جن ۾ عجيب گلن جا ٻوٽا ۽ ميويدار وڻ هئا، جن جي سُڳنڌ کان دماغ معطر ٿي  ٿي ويو. جيڪڏهن مان اُن کي زمين تي بهشت چوان ته برابر ٿيندو.

        ”جڏهن شهر ۾ خبر پيئي ته واپارين جو قافلو اچي شهر ۾ لٿو آهي، تڏهن معتبر نمائندو. گهوڙي تي سوار ٿي، اسان وٽ آيو ۽ پڇيائين ته توهان جو سردار ڪير آهي؟ سڀني مون ڏانهن اشارو ڪيس. اُهو شخص مون وٽ آيو، مون سندس گهڻي عزت ڪئي. مٿاهينءَ جاءِ تي ويهاري پڇيومانس ته ”ڪهڙيءَ ريت اچڻ ٿيو آهي؟“ جواب ڏنائين ته ”شهزاديءَ ٻڌو آهي ته  سوداگر آيا آهن، جي پاڻ سان گهڻو ئي سامان کڻي آيا آهن. اُن ڪري مون کي حڪم ٿيو آهي ته وڃي اُن قافلي جي سردار کي وٺي اچ. هاڻي جو ڪجهه بادشاهن جي لائق ! اسباب هجي. اُن ساڻ کڻي، سرڪار جي چائنٺ چمڻ جي سعادت حاصل ڪر.“

        ”چيومانس ته ”اڄ ته ٿڪ جي ڪري هلي نه سگهندس. سڀاڻي جان ۽ مال حاضر آهي. جو ڪجهه هن مسڪين وٽ موجود آهي. هلي نذر ڪندس.، هي واعدو ڪري ۽ کيس عطر ۽ پان سان خوش ڪري، کانئس موڪلايم. پوءِ رفيقن کي سڏي، جيڪي سوکڙيءَ جهڙيون شيون وٽن  موجود هيون، سي وٺي گڏ ڪيم. جيڪي مون وٽ هيون، سو سنڀاري رکيم. صبح جو سوير ڪيل انجام  موجب ، شاهي محل جي دروازي تي وڃي پهتس. دربانن منهنجي خبر اندر پهچائي. اُهو ساڳيو نمائندو نڪري آيو، ۽ منهنجو هٿ هٿ ۾ وٺي، گهڻيءَ تعظيم سان اندر وٺي هليو. اي دوست، اندر وڃي ڇا ڏسان ته ڄڻ پرين جا پر ڪاٽي، اُتي کين ڇڏيو ويو آهي. جنهن طرف نهاريم ٿي، نظر کپي ٿي ويئي ۽ ٻئي پاسي ڏسڻ جي خواهش ئي نه پئي ٿي. عقل ۽ هوش ڇڏائجي ويو. بيهوش ٿي ڪرڻ تي هوس، پر جيئن تيئن پاڻ سنڀالي وڃي شهزاديءَ جي سامهون ٿيس. ڏسندي ئي ڏند چپن سان لڳي ويا. غشيءَ جو دورو پوڻ لڳو ۽ عضون ۾ ڏڪڻي پيدا ٿي ويئي. ڏاڍي همت ڪري پاڻ هوش ۾ رکيم ۽ نوڙي سلام ڪيم.

        ”ٻنهي طرفين، سڄي ۽ کٻي، قطار در قطار، نازنين ۽ مهجبين تخت  جي سامهون هٿ ٻڌيون بيٺيون هيون. مون جيڪي لعل، زمرد،  ياقوت، جواهر ۽ عمدا عمدا ڪپڙا آندا هئا، سي سڀيئي پيش ڪيم، جيڪو به سامان ٿي ڏيکاريم سو پسند ٿي آيس. خوش ٿي سمورو مال خزانچيءَ جي حوالي ڪيائين ۽ حڪم ڏنائين ته ”هن جي قيمت تنهنجي چوڻ موجب سڀاڻي تو کي ملي ويندي.“ مون سلام ڪيو، دل  ۾ خوش ٿيس ته ٻئي ڏينهن به ڏسڻ جو موقعو مليو. جڏهن ٻاهر آيس، ته چرين وانگر بڪڻ لڳس. نيٺ انهيءَ حال ۾ پنهنجي جاءِ تي آيس. پر منهنجون ته وايون ولڙيون ۽ حواس گم ٿي ويا. سڀيئي رفيق پڇڻ لڳا ته ”توکي ڇا ٿي ويو آهي؟“ مون جواب ڏنو ته ”ڳچ پنڌ ۽ گرميءَ ۾ اچ وڃ سبب دماغ تي  حرارت  چڙهي ويئي آهي، ٻيو سڀ خير آهي.“ اُها رات لڇندي لڇندي گذاريم. صبح ٿيو ته وڃي حاضر ٿيس. وري به اُن ساڳيءَ محلات ۾ ويس، منهنجي اُها ئي ساڳي حالت بڻجي ويئي. اکيون اُتي ئي اٽڪيل هيون. بادشاهزاديءَ هيءُ ڏسي، سڀني حاضر ٻانهين کي ڪنهن نه ڪنهن ڪم تي موڪلي ڏنو. جڏهن اڪيلي ٿي ته خلوت ۾ ويئي ۽ مون کي سڏيائين. مان اندر ويس ته ويهڻ جو حڪم ڪيائين. مان گهڻي ادب سان ويٺس. چيئين ته ”هتي تون سامان کڻي آيو آهين، اُن جو فائدو ۽ نفعو گهڻو وٺندين؟“ مون عرض ڪيو ته ”مون کي رڳو اوهان جي ديدار جي سڪ هئي، سا ڌڻيءَ پوري ڪئي، جيڪا قيمت مون لکي آهي، سا حقيقتي قيمت کان ٻيڻي آهي- جيئن ته اُن ۾ اَڌ آهي خريدي ۽ اڌ آهي نفعو.“ چيائين ته  ”جيڪا قيمت تو لکي آهي، سا سموري تو کي ملندي، بلڪه انعام بخشش ان کان وڌيڪ، مگر هن شرط ته هڪ ڪم اٿم، جيڪڏهن تون اُن کي ڪري سگهين؟“

        ”مون چيو ته ”مان حاضر اهيان، هي منهنجو ساهه به جي سرڪار جي ڪم اَچي ته مان پنهنجو وڏو نصيب سمجهندس. اِئين چئي، مس قلم کڻي، هڪ ڪاغذ تي ڪجهه لکي، موتين سان مڙهيل دٻليءَ ۾ وجهي، ريشمي  رومال ۾ ويڙهي، منهنجي حوالي ڪيائين. هڪڙي منڊي هٿ مان لاهي نشانيءَ لاءِ پڻ ڏنائين، ۽ چيائين ته ”شهر جي ساڄي پاسي هڪڙو باغ اَٿيئي، جنهن جو نالو ”دلڪشا باغ“ آهي، اُتي وڃج. سندس دروازي تي ڪيخسرو نالي دربان ويٺو آهي، تنهن کي هيءُ منڊي ڏيئي منهنجي طرفان سلام ڏج. هن خط جو جواب کانئس وٺي جلدي موٽج. جيڪڏهن کاڌو اُتي کائين ته پاڻي هتي اَچي پيئج. هن ڪم جو  انعام مان تو کي ايترو ڏينديس، جو تون پاڻ ڏسندين.“ مان موڪلائي روانو ٿيس. ڏس پڇائيندو ٿي ويس. نيٺ اُن باغ جي ويجهو پهتس. اُتي هڪ سپاهي، جو هٿيار پهريل هو، مون کي وٺي دربار وٽ آيو. ڇا  ڏسان ته هڪڙو شخص شينهن جهڙو، رُڪ جي زرهه پهريل ۽ رُڪ جي ٽوپي مٿي تي رکيو، سوني ڪرسيءَ تي ويٺو آهي. سندس سامهون پنج سؤ سپاهي هٿيارن سان حاضر بيٺا آهن. مون کيس سلام ڪيو. هن مون کي پاڻ وٽ سڏيو. اُها منڊي ۽ ريشمي رومال مون کيس ڏنو. اُن سان گڏ مون کيس خط جي آڻڻ جو به احوال ڪيو. هُن ٻڌي مون ڏانهن ڏٺو، ارمان ڪيو، ۽ ڪنڌ ڌوڻي چيائين ته ”افسوس آهي، جو اڄ اجل تو کي هتي ڇڪي آندو آهي. خير،باغ جي اندر گهڙي وڃ، اُتي هڪ سَرو جي وڻ ۾ هڪڙو وڏو پڃرو لٽڪيل اٿيئي، جنهن ۾ هڪڙو جوان قيد آهي، اُن کي اِهو پرزو ڏيئي، جلد جواب وٺي، پٺتي موٽڻ جي ڪر.“ مان جلدي جلدي اُن باغ ۾ ويس. اُن باغ جي ڪهڙي واکاڻ ڪريان، ڄڻ ته جيئرن لاءِ خدا جهان ۾ کڻي بهشت پيدا ڪيو هو. سڀڪو ٽڪر باغ جو قسمين قسمين گلن سان پئي ٿي ٻهڪيو. ڦوهارن مان پاڻي ٿي نڪتو ۽ عجيب عجيب پکين پنهنجيون مٺڙيون ۽ وڻندڙ لاتيون پئي ڪيون. اڳتي وڌيس ته هڪڙو سَرَو جو وڻ ڏٺم، جنهن ۾ اُهو پڃرو ٿي لٽڪيو، جنهن ۾ اُهو جوان ويٺل نظر آيو. مون ادب سان نوڙي سلام ڪيو ۽ اُهو ريشمي رومال پڃري ۾ کيس پهچائي ڏنم. جوان اُهو رومال وٺي، ڪاغذ کولي پڙهڻ لڳو. مون کان ويڳاڻن وانگر راڻيءَ جو احوال پڇڻ لڳو. اسان اڃان ڳالهين ۾ هئاسين ته هڪ فوج حبشين جي اَچي مٿان پيئي. مون کي چوڌاري، ويڙهي ويئي ۽  تلوارن جو وسڪارو ٿيڻ لڳو. اک ڇنڀ ۾ مون کي زخمي ڪري وڌائون، پوءِ مون کي ڪا به سڌ نه رهي، مان بي سُرت ٿي  ڪري پيس، ڄڻ ته مري ويو آهيان. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن هوش ۾ آيس، تڏهن ڏٺم ته مون کي کٽولي تي کنيو ٿا وڃن، ۽ اُهي ماڻهو چوندا ٿا وڃن ته  ”هن مردي کي کڻي ٿا کڏ ۾ اُڇلايون. ڀلي ته ڪُتا ۽ ٻلا ۽ ڳجهيون کيس کائي وڃن.“ هڪ چيو ته ”جيڪڏهن اها خبر بادشاهه کي پوي ته اسان جي کَل بُهه سان ڀرائي ڇڏي.“ مون هيءَ گفتگو ٻڌي هنن کي چيو ته ”ڌڻيءَ جي نالي ٻاجهه ڪري مون کي ڇڏي ڏيو. مون کي اڃا حياتي آهي. جيڪڏهن مئل هجان ها ته پوءِ ته توهان بيڏوها هئا. مهرباني ڪري ٻڌايوم ته مون کان  ڪهڙي خطا ٿي آهي، جنهن ڪري هن حال کي پهتو آهيان؟، هنن کي منهنجي حال تي رحم آيو، ۽ چيائون ته ”هو نوجوان جو پڃري ۾ آهي، بادشاهه جو ڀائٽيو آهي. هن جو پيءُ، جو بادشاهه جو، مرڻ مهل پنهنجي ڀاءُ کي چيو هو ته ”هي منهنجو پٽ وارث آهي، جو اَڃا ننڍو آهي ۽ بادشاهي هلائڻ لائق نه آهي، جيستائين جوان ٿئي ته پنهنجي نياڻي کيس پرڻائي، سندس سڄي سلطنت کيس موٽائي ڏج.“ اِها

وصيت ڪري ٿوري وقت کان پوءِ بادشاهه مري ويو. سندس چاچي ڀاءُ جي وصيت تي ڪو به ڌيان نه ڏنو پر اُلٽو ڀائٽئي کي چريو مشهور ڪري، پڃري ۾ بند ڪري کڻي هن باغ ۾ رکيو اٿس، جتي پکيءَ کي به پر هن جي طاقت نه آهي. ڪيترائي ڀيرا کيس زهر ڏياريو اٿس. پر ڌڻيءَ جي طرفان ڪا وڏي عمر اٿس، جنهن ڪري جو ڪو به اثر مٿان نه ٿو ٿئيس. هاڻي، اُها شهزادي، جا اُن جي نالي ۾ ويٺل آهي، سندس عاشق آهي. هوءَ گهر ۾ پيئي ڦٿڪي ته هيءُ پڃري ۾ پيو ڦٿڪي. اڄ تنهنجي ڪاغذ آڻڻ جي خبر بادشاهه جي ڪن  وڃي پيئي، جنهن فوج  چاڙهي موڪلي،  جنهن  توکي زخمي ڪري ڇڏيو. هاڻي هن پڃري واري شهزادي جي مارائڻ لاءِ وزير سان صلح ڪئي اٿس، جنهن نمڪحرام به ساڻس هائو ۾ هائو ڪئي آهي. شايد هوءَ شهزادي خود پنهنجي هٿن سان کيس قتل ڪندي.“

        ”مون چيومانِ ته ”مان به اوڏانهن ويندس. ڀلي ته منهنجو موت ڇو نه ٿئي، مگر مان اِهو تماشو ضرور ڏسندس.“ تنهن تي هنن مون کي ڦٽو ڪيو، ۽ مان رڙهي رڙهي ڪنهن طرح وڃي تماشه گاهه ۾ پهتس، ۽ وڃي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺس. مون ڏٺو ته تخت تي بادشاهه ويٺل هو ۽ اُن نازنين جي هٿ ۾ اُگهاڙي ترار هئي. شهزادي کي پڃري مان ٻاهر ڪڍي بيهاريو ويو. اُتي شهزادي جلاد وانگر پنهنجي عاشق کي مارڻ لاءِ وڌي. جڏهن سندس ويجهو آئي، ته ترار يڪدم هيٺ اُڇلائي وڃي، اُن دوست جي ڳچيءَ ۾ ڀاڪر وڌائين. هي ڏسي اُن بدبخت شهزادي چيو ته ”مان هن موت تي راضي آهيان. هتي به تنهنجي يادگيري آهي ۽ هُتي به تنهنجي يادگيري رهندي.“ شهزاديءَ چيو ته ”مان فقط اِنهيءَ طريقي سان  توکي ڏسڻ لاءِ آئي آهيان.“ بادشاهه هي نظارو ڏسي، سخت ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو، ۽ وزير کي چيائين ته ”شايد تو مون کي هن تماشي ڏيکارڻ لاءِ اَچي هتي ويهاريو آهي!“ وزير ڪاوڙجي، ترار کڻي، اُن شهزادي کي مارڻ لاءِ هليو. ايتري ۾ اوچتو هڪ تير اَچي ڪاپار ۾ لڳس، جنهن ڪري هُو ڪري پيو. بادشاهه هيءَ حالت ڏسي. اُن شهزادي کي وري پڃري ۾ بند ڪري، باغ ڏانهن ڏياري موڪليو. مان اُتان رڙهندو ٻاهر ٿيس ۽ بادشاهزاديءَ جو هڪ موڪليل ماڻهو مون کي پاڻ سان وٺي وٽس ويو. شهزاديءَ هڪ جراح کي سڏايو ۽ کيس منهنجي علاج لاءِ مقرر ڪيو ۽ کيس وڏي انعام جو وعدو ڪيو.

        ”مان ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شفاياب ٿيس. شهزاديءَ ۽ رب پاڪ جا شڪرانا ڪيم. شهزاديءَ جراح ۽ مون کي وري  انعام ڏيئي رخصت ڪيو. مان پنهنجي سڀني  ساٿين سان روانو ٿي. جڏهن هن جاءِ تي سهڙياسون، تڏهن سڀني کي چيم ته ”اوهان پنهنجي وطن وڃو. مان هتي ئي رهندس.“ پوءِ شهزاديءَ جي صورت ٺاهي هتي رهي پيس. نوڪرن کي هيترو چيم ته ”جيستائين مان جيئرو رهان، منهنجي قوت جي پرگهور لهندا  ڪجو.“ هاڻي هُو پنهنجي نمڪ حلاليءَ سان منهنجي کاڌي ۽ خوراڪ جي خبر گيري ڪندا رهن ٿا. مان هميشھ هن بت جي پوڄا ۾  مشغول آهيان. هيءَ آهي منهنجي سرگذشت جا تو ٻڌي.“

        اي فقيرو مان هن قصي کي ٻڌندي ئي ڪفني ڳچيءَ ۾ وجهي، وڏي شوق مان فرنگ جي ملڪ ڏسڻ لاءِ روانو ٿيس، ڪيتري وقت کان پوءِ جهنگ ۽ جبلن جو سير ڪندي، مجنون ۽ فرهاد جي صورت بڻجي ويس. نيٺ وڃي اُن شهر ۾ پهتس، گهٽين ۾ چرين وانگر پئي گهميس. شهزاديءَ جي محلات  جي آسپاس پئي ٿي رليس، پر اُن تائين پهچڻ جو ڪو به وسيلو نظر نه ٿي آيو. عجيب حيراني هئي، جنهن لاءِ هيڏو پورهيو ڪري آيو هوس، اُهو مطلب هٿ ئي نه آيو. هڪ ڏينهن بازار ۾ بيٺو هوس، ته هڪدم ماڻهو ڀڄڻ لڳا. دڪاندار دڪان بند ڪري هليا ويا. يا ته هوءَ رونق هئي، يا  ته چوڌاري ويراني ٿي ڏٺي. ايتري ۾ هڪ رستم جهڙو جوان،  جنهن جي ڇاتي شينهن وانگر ٿي ڏٺي، ٻن هٿن سان هوا ۾ تلوار هڻندو ٿي آيو. سندس بدن تي فولادي زرهه چڙهيل هئي، مٿي تي هول ۽ ڪمر ۾ طمنچو ٿي لڙڪيس. نشئيءَ وانگر بڪندو ٿي ويو. سندس پويان ٻه غلام هئا، جن کي بنات جي پوشاڪ پهريل هئي، جي هڪ  تابوت کي کنيو ٿي ويا، جنهن تي ڪاشاني بخمل جو پوش چڙهيل هو.

        مون هي تماشو ڏسي، اُن سان گڏجي وڃڻ جو ارادو ڪيو. جنهن به ماڻهوءَ جي مون   تي نظر پيئي، اُن مون کي ائين ڪرڻ  کان منع ٿي ڪئي. مگر مان کين ٻڌڻ وارو نه هوس. هلندي هلندي هُو جوانمرد هڪ عاليشان مڪان ڏانهن هليو. مون به سندس پٺ ورتي.هُن ڦرندي ئي گهريو ٿي ته مون کي ترار سان ٻه ٽڪر ڪري،  ته مون چيومانس ته ”مان به اِهو ئي ٿو چاهيان. مون توکي پنهنجو خون معاف ڪيو. مون کي ڪنهن به ريت هن عذاب جي زندگيءَ  کان ڇڏاءِ، ڇو ته مان اُن کان بيحد تنگ آهيان. مان ڄاڻي ٻجهي تنهنجي سامهون آيو آهيان. دير نه ڪر.“ مون کي مرڻ لاءِ تيار ڏسي، خدا سندس دل ۾ رحم وڌو ۽ ڪاوڙ ڍري ٿي ويس. نهايت توجهه ۽ مهربانيءَ سان پڇيائين ته ”تون  ڪير آهين، ۽ ڇو پنهنجي زندگيءَ کان بيزار آهين.“

        مون چيس ته ”ويهو ته پنهنجو احوال اوهان کي ٻڌايان. منهنجو قصو وڏو آهي.مان ڪنهن جي محبت جي آزار ۾ اڙيل آهيان، تنهن ڪري بيوس آهيان.“ اِهو ٻڌي هُو ويهي رهيو، هٿ منهن ڌوئي ڪجهه کاڌائين ۽ مون کي کائڻ لاءِ ڏنائين. جَڏهن خلاصا ٿي ويٺاسون، تڏهن مون سمورو  احوال نعمان سوداگر جو ڪري ٻڌايومانس ۽ پنهنجي شڪار تي وڃن جو ذڪر به ڪيومانس، ٻڌي اکين ۾ پاڻي آندائين. چيائين ته ”نراس نه ٿيءُ. اُميد ته تون منهنجي مدد سان پنهنجي مطلب کي حاصل ڪندين.“ حجام کي حڪم ڪيائين، جنهن منهنجي سنوارت ٺاهي، مون کي وهنجاري سهنجاري، ۽ عمدي پوشاڪ پهرائي، اُن شخص جي سامهون پيش ڪيو. هن چيو ته ”هي  لاشو جو تو ڏٺو سو اُن شير شهزادي مرحوم جو آهي، جو باغ جي اندر پڃري ۾ بند هو. اُن کي آخر ٻئي وزير فريب سان ماري وڌو.  مون اُن جي پالنا ڪئي هئي. مون به ان وزير کي اُڦٽ ماري وڌو. بادشاهه کي مارڻ لاءِ ويس، پر هُو اچي ششدر ٿيو، قسم کڻي چوڻ لڳو ته ”مان بيڏوهي آهيان، مون کي اُن واقعي جي ڪا به خبر نه آهي. مون ان کي نامرد سمجهي ڇڏي ڏنو. اُن وقت کان وٺي اڄ تائين، منهنجو اهو ڪم آهي ته هر ماهه جي  پهرين جمعي تي اِنهيءَ تابوت کي انهن ٻن ٻانهن کان کڻائي، انهيءَ شهر ۾، اُن شهزادي جو ماتم ڪندو آهيان.“ شهزادي جي موت جو ٻڌي ارمان ٿيم. سندس ڳالهه ٻڌي پڪ ٿيم ته هيءُ مون سان هاڻي ضرو مدد ڪندو ۽ سندس ئي هٿان منهنجو مطلب پورو ٿيندو. سچ آهي ته رب راضي ته ڇا ڪري ملا قاضي.

        جڏهن سج لٿو ته هن جوان هڪڙي ٻانهي جي مٿان تابوت لاهي منهنجي مٿي تي رکيو ۽ پاڻ سان وٺي هليو. چيائينم ته ”هاڻي هلان ٿو شهزاديءَ وٽ، تنهنجي پارت ڪندومانس، تون اُتي نه ڪڇج. ماٺ ڪري ويٺو ٻڌج.“ مون عرض ڪيومانس ته تُنهنجي حڪم مطابق هلندس، ڪڏهن به غافل نه رهندس.“ پوءِ هُو جوان شاهي باغ ڏانهن هليو، جڏهن اندر ٿياسون، تڏهن اُتي هڪ بنگلو سنگ مرمر جو نظر آيو، جنهن جي چوڌاري عجيب باغ رکيل هو. هڪ تخت تي اطلسي گادي هئي، جنهن تي وهاڻا رکيل هئا، سڄو تخت هيرن ۽ جواهرن سان جڙيل هو. هُن جوان اُهو تابوت اُتي رکايو ۽ اسان کي چيائين ته ”وڃي وڻن هيٺ لڪو.“ اسان وڃي لڪاسون. ٿوريءَ دير کان پوءِ شمعدان، مشعل ۽ شمعون روشن نظر آيون. راڻي ڪيترن سهيلين ۽ ٻانهين سان اُتي آئي ۽ ايندي ئي تخت تي ويٺي. هُو جوان ادب سان هٿ ٻڌي بيٺو ۽ پوءِ تخت کان گهڻو پري نياز سان ويهي رهيو. فاتحه پڙهي، دعا گهري، پاڻ ۾ ڳالهيون ٻوليون ڪرڻ لڳا. مون به پئي اُنهن جون ڳالهيون ٻڌيون. هن جوان چيس ته ”ڌڻي شال اوهان کي سلامت رکي، التجا آهي ته هڪڙو عجم جو شهزادو ، واهان جي نيڪيءَ جي واکاڻ ۽ سونهن جي صفت ٻڌي، پنهنجي بادشاهي ڇڏي، ڏک واکڙا سهي، هتي اچي سهڙيو آهي. هو اوهان جي سِڪ ۾ سڙي ۽ ڳري پيو. اوهان کان سواءِ ٻي ڪا به وائي وات ڪا نه آهيس. مون کيس چڱيءَ ريت آزمايو آهي. هُو پوريءَ ريت لائق ڏسڻ ۾ آيو، تنهن ڪري مون هن جو ذڪر ڪڍيو آهي. جيڪڏهن  حضور هُن مسافر تي نوازش فرمائي،ته چڱو.“

        شهزاديءَ ايترو ٻڌي، چيو ته ”جيڪڏهن شهزادو آهي ته ڪا حرڪت نه آهي، ڀلي اَچي.“ تڏهن اُهو پهلوان اُتان اُٿي مون وٽ آيو ۽ مون کي وٺي، سندس ڪچهريءَ ۾ پهتو. شهزاديءَ کي روبرو ڏسندي ئي، عقل ۽ مَت هلي ويئي. حيرت کان ڳالهائي نه سگهيس. ايترو سَتُ نه ٿي ساريم، جو ڪجهه ڳالهائي سگهان. ايتري ۾ اُها نازنين اُٿي ويئي ۽ هُو جوان به پنهنجي گهر ڏانهن هليو. گهر اچي چيائين ته ”مون تنهنجي سڀ حقيقت اول کان آخر تائين راڻيءَ کي ٻڌائي آهي. هاڻي تون هميشھ رات جو اُن وٽ ويندو ڪر.“ هيءُ ٻڌي، مان سندس پيرن تي ڪري پيس. هن به مون کي ڀاڪر پاتو. مون سڄو ڏينهن پئي ٿي گهڙيون ڳڻيون ته ڪڏهن ٿي سانجهي ٿئي، جو مان وڃان. جڏهن رات ٿي ته مان اُن جوان کان موڪلائي، هليس، ۽ باغ ۾ پهچي، ملڪه جي چبوتري کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيس. کن پل کان پوءِ اُها نازنين هڪ ٻانهيءَ سان گڏجي آئي ۽ اچي پنهنجي تخت تي ويٺي. خوش قسمتيءَ سان هيءُ ڏينهن ميسر ٿيو هو. مان سندس قدمن ۾ ڪري پيس. هن منهنجو مٿو کڻي، مون کي به ڳل لڳايو. چوڻ لڳي ته ”هن فرصت کي غنيمت سمجهه ۽ منهنجو چوڻ مڃ. مون کي هتان وٺي ڪنهن ٻئي ملڪ ڏي هل.“ مون عرض ڪيو ته ”هلو!“ اِئين چئي. اسان ٻئي باغ کان ٻاهر ٿياسون. حيرت ۽ خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيس. انهيءَ وچ ۾ رستي کان ڀلجي وياسون. هڪ طرف پنڌ ڪندا  رهياسون. پر ڪا به منزل ۽ مقصد هٿ نه ٿي آيو. آخر ملڪه ڪاوڙجي چيو ته ”هاڻي مان ٿڪجي پيئي آهيان. آخر تنهنجي جاءِ ڪٿي آهي؟ جلدي هلي پهچ، نه ته الائجي ڇا ٿيندو؟ منهنجي پيرن ۾ لڦون ۽ ڦلوڪڻا پَئجي ويا آهن، متان ڪٿي ويهي رهان، ته پوءِ اُٿڻ اوکو ٿئيم.“ مون ڪوڙ ڪري ٻڌايس ته ”منهنجي هڪ غلام جي جاءِ ويجهي آهي، تنهن کي اِجهو ٿا پهچون. ڪجهه اڳتي هلو ته ڄاڻ پهتاسون.“ دل ۾ چيم ته ڪوڙ ته ڏاڍو هنيو اٿم، هاڻي وٺي به  ڪيڏانهن وڃانس!

        اوچتو ئي رستي تي هڪڙيءَ جاءِ جو بند ٿيل دروازو ڏٺم. مان ڌڪ هڻي، قلف ڀڃي، دروازو کولي، اُن جي اندر وٺي ويس. جاءِ عاليشان هئي. فرش وڇايل هئا، رنڌڻي ۾ هر هڪ قسم جا طعام تيار ٿيل رکيا هئا. اسان ماني کائي پي، سڄي رات گڏجي گذاري. صبح ٿيو ته شهر ۾ اَچي هل متو ته شهزادي الائجي ڪيڏانهن هلي ويئي آهي.  در در، گلي گلي ۽ رستن تي ڍنڍورا پئي گهميا. ڌوتيون ۽ سپاهي گهر گهر ڳوليندا پئي وتيا. شهر جي سڀني دروازن تي بادشاهي نگبان ويهي ويا. مسافرن کي حڪم ٿيو ته اجازت کان سواءِ ڪو به ٻاهر نه وڃي ۽ جيڪو شهزادي جو پتو ڏيندو، اُن کي هار اشرفين جو انعام ملندو.

        مون کي خبرئي نه پيئي ڪو ٻاهريون دروازو کليل آهي، اوچتو هڪ پوڙهي ڌوتي، هٿ ۾ مالها کڻي، اندر لنگهي آئي، ۽ اُن نازنين اڳيان هٿ کڻي دعائون ڪرڻ لڳي ته ”سهاڳڻ ڀاڳ واري هجين، مون مسڪين رن زال کي هڪ ڌيءُ آهي، جا ستين مهيني تي آهي. اوچتو اچي سور ٿيا اٿس. سندس ويم لاءِ مون وٽ هڪ پائي به نه آهي. خدا شال خير ڪري! جي مري پيئي، ته ڪفن دفن لاءِ به ڪوڏي  ڪا نه اٿم. جي ٻار ڄڻيئين ته دائيءَ کي ڇا ڏينديس، کيس ڇا کارائينديس ۽ ڪٿان دوا درمل ڪنديس! اڄ ٻيو ڏينهن ٿيو اٿئون جو لنگهڻ تي آهيون. اي صاحبزادي، پنهنجي مٺي سر جو صدقو ڪجهه ڏينم ته کائي پاڻيءَ ڍڪ پيان، من بت ۾ سانت اچيم.“ شهزاديءَ ترس کائي ٻه چار مانيون ۽ ڪباب ۽ هڪ سوني منڊي آڱر مان لاهي کيس کڻي ڏني ۽ چيائينس ته ”اِها وڪڻي وڃي پنهنجو پيٽ گذران ڪر“ رن خوش ٿي، جو راڻيءَ جي تلاش لاءِ آئي هئي سا اکين سان ڏٺائين ۽ نشاني به حاصل ڪيائين. پر خدا کڻي اُن آفت کان اسان کي بچايو. جيئن هُوءَ رن ٻاهر نڪتي، تيئن جاءِ جو اصل مالڪ اچي سهڙيو. تنهن جو پنهنجي جاءِ جو قلف لٿل ۽ دروازو پٽيل ڏٺو، تنهن اُنهيءَ کي چوٽيءَ کان جهليو ۽ گهليندو اندر وٺي آيس، ۽ ٻيئي پير نوڙيءَ ۾ ٻڌي، قابو ڪري کڻي هڪ وڻ ۾ لٽڪايائينس، جتي هن ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏنو. مان ان ڌارئي شخص کي ڏسي، ايترو ڊنس، جو بيهوش ٿيڻ تي هوس، پر اُن نيڪ مرد اسان کي ڊڄندو ڏسي،دلداري ڏني ۽ چيائين ته ”اوهان جو نصيب ڦٽو هو، جو دروازي کي کولي ڇڏيو اَٿَوَ.“ راڻيءَ مرڪي چيس ته ”شهزادي مون کي چيو ته هي اسان جي غلام جي جاءِ آهي، پر لاشڪ اهو بهانو ڪيو اٿس.“ تڏهن اُن شخص چيو ته ”شهزادي جيڪي فرمايو آهي، سو سڀ سچ آهي، ڇو ته رعيت هر بادشاهه جي لاءِ اولاد جي برابر آهي ۽ اولاد غلام ئي  ٿيندو آهي. مان اوهان جو غلام آهيان. پر ڳجهه لڪائڻ به دانائن جو ڪم ٿيندو آهي. اي شهزادا، تنهنجو ۽ شهزاديءَ جو هن گهر ۾ اچڻ منهنجي لاءِ وڏي سعادت ۽ نعمت آهي. هي سڀ مال، جان ۽ اسباب اوهان لاءِ حاضر آهي. خوشيءَ سان هتي رهو ۽ بيفڪر گذاريو. اِها ڏائڻ جيڪڏهن سلامت ٻاهر وڃي ها ته وڏو فساد اُٿاري ها، اُن ڪري مان اُن کي ماري وڌو. هاڻي جيڪي اوهان کي گهرجي، اهو بيحجاب چئي ڏيو.“

        اُن جوان جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي، بلڪل تسلي ۽ دلجاءِ ٿي. مون کيس شاباس ۽ آفرين چئي ته ”بيشڪ تون لائق ۽ نيڪ مرد ٿو ڏسجين. هنن مهربانين  جو بدلو ڪنهن نه ڪنهن وقت ادا ڪندس. تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن چيو ته ”غلام جو نالو بهزاد آهي.“

        هن ڇهه مهينا برابر اسان جي خذمت، دل ۽ جان سان ڪئي. هڪڙي ڏينهن مون کي پنهنجا والدين ياد پيا ۽ دلگير ٿيس، منهنجو منهن ملول ڏسي، بهزاد خان هٿ ٻڌي. اڳيان اچي بيٺو، ۽ چيائين ته ”اي صاحب، جيڪڏهن مون کان ڪا ڪوتاهي يا خطا ٿيل آهي ته معاف ڪندا. اوهان اڄ ڇو اُداس ٿا ڏسجو؟“ تڏهن مون چيس ته ”ڌڻي شاهد آهي ته اسان کي تو اهڙو خوش رکيو  آهي، جو جيئن ڪو ماءُ پيءُ پنهنجي اولاد کي رکندو آهي. نه ته اهڙي سخت حرڪت مون کان ٿيل هئي، جو جيڪر ٻيو ڪو هجي ها ته ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏي ها. هتي ڪو به سڄڻ اسان جو ڪو  نه هو، جنهن وٽ ڪو ٿورو دم رهي آرام ڪجي ها. ڌڻيءَ پاڪ تو کي خوش رکندو. هاڻي مون کي  پنهنجي وطن جي يادگيري پيئي آهي، خيال اٿم ته اوڏانهين روانو ٿيان.“ تڏهن چيائين ته ”جيڪڏهن اوهان جي دل هت خوش نه آهي، ته حڪم ڪريو ته جتي به چئو ته سلامت پهچايان.“ مون چيومانس ته ”جيڪڏهن وطن پهچائين، ته چڱو. ماءُ پيءُ کي وڃي ڏسان. جڏهن منهنجو حال هتي هيءُ آهي ته هُو ڪيترا نه غمگين ۽ اُداس هوندا! مان جنهن ڪم لاءِ نڪتو هوس، سو ڌڻيءَ  پورو ڪيو آهي. هاڻي خبر نه آهي ته مران يا جيئان، اُن ڪري هيڪر ته وڃي پنهنجي مائٽن کي ملان. هُو ته مون کي مئل سمجهي ويٺا هوندا.“

        بهزاد خان چيو ته ”ڀلي تيار ٿيو.“ اِئين چئي، هڪ سامونڊي گهوڙو، جو سَؤ ڪوهه جي هڪ منزل ڪندو هو، آندائين. اسان ٻنهي کي اُن تي چاڙهيائين ۽ پاڻ سڀ هٿيار پنهوار پهري، پنهنجي گهوڙي تي چڙهي تيار ٿيو. چيائين ته ”مان اڳ ۾ ٿو هلان ۽ اوهان منهنجي پويان بي ڊپاٿي هليا اچو. جڏهن شهر جي دروازي تي آياسون، تڏهن بهزاد خان دربانن کي سخت الفاظ ڳالهائي ۽ گهوري چيو ته ”پنهنجي بادشاهه کي وڃي چئو ته بهزاد خان راڻي مهرنگار ۽ شهزادي ڪامگار کي، جو تنهنجو ڄاٽو ٿئي، سڀني جي سامهون وٺيو  ٿو وڃي، جيڪڏهن ڪا طاقت اٿئي ته نڪري نروار ٿيءُ! اِئين نه  ٿئي جو، پوءِ چوين ته چورن وانگر اُنهن کي وٺي ويو.“ بادشاهه کي جڏهن اِها خبر پهتي، تڏهن هن وزير ۽ حاضريءَ جي اميرن کي حڪم ڏنو ته ”انهن ٽنهي ڪمبختن کي ٻڌي مون وٽ آڻيو. يا سندس سسيون کڻي حاضر ڪيو.“ اڃا کن نه گذري ته ميدان لشڪر سان ڇائنجي ويو ۽ چوڌاري  آنڌوڪار ٿي ويو. اُن وقت بهزاد خان اسان کي اوٽ ۾ پري لڪائي ڇڏيو ۽ پاڻ گهوڙي کي ڊوڙائي وڃي اُن ڪٽڪ جي مٿان پيو. سندس ڪاهه شينهن وانگر هئي. ٿوري وقت کان پوءِ لشڪر ۾ اچي ڀاڄ پيئي. بهزاد اُنهن کي ماريندو، وڃي سردارن جي مٿان آيو. ٻنهي سردارن جون سسيون لاهي رکيائين. بچيل لشڪر وٺي ڀڳو. هن وچ ۾ خود بادشاهه وڏيءَ فوج سان اَچي پهتو. خوب جنگ جوٽيائون، آخر بادشاهه شڪست کائي ڀڳو. اها ڳالهه سچ آهي ته هار جيت خدا جي هٿ ۾ آهي، پر هن جنگ ۾ بهزاد خان اهڙي سورهيائي ڏيکاري، جا رستم پهلوان کان به نه ٿي سگهي ها. جڏهن بهزاد خان ڏٺو ته هاڻي مقابلي وارو ڪو نه  رهيو آهي، تڏهن دلجاءِ ڪري اسان وٽ آيو ۽ پنڌ پياسون. ٿورن ڏينهن ۾ ڪهندي ڪهندي اچي درياهه جي ڀَر تي  پهتاسون، جا اسان جي ملڪ جي سرحد هئي. مون اُتي پهچي، هڪ عريضي پيءُ جي خدمت ۾ سک سلامتيءَ سان اچڻ جي ڏياري موڪلي.

        بادشاهه منهنجو خط پڙهي بيحد خوش ٿيو ۽ گلاب جي گل وانگر ٽڙي پيو. ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ شڪرانو ڪرڻ لڳو. پوءِ پاڻ سان امير ۽ وزير ساڻ وٺي، اچي درياهه جي ٻئي ڀر بيٺو۽ اسان جي استقبال لاءِ ميربحر کي پتڻ تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. مان ٻيءَ ڀر بادشاهه جي سواري بيٺل ڏسي، ٻئي گهوڙي تي سوار ٿي، درياهه ۾ گهڙي پيس ۽ اچي پار نڪتس.بادشاهه مون کي کڻي سيني سان لاتو. اُن وقت هڪ اوچتي آفت اچي مٿان ڪڙڪيم،. مان هن گهوڙي تي پار لنگهي آيو

هوس، اهو اُن گهوڙيءَ جو ٻچو هو، جنهن تي راڻي سوار هئي. گهوڙي پنهنجي ٻهاڻ کي پار ويندو ڏسي، پاڻيءَ ۾ڪاهي پيئي ۽ ترڻ لڳي. راڻيءَ گهٻرائجي، اُن جي واڳ کي ڇڪيو.هوءَ منهن جي نِرم هئي،جنهن ڪري اونڌي ٿي  پيئي، ملڪه غوطا کائيندي گهوڙي سميت ٻڏي ويئ ۽ وري انهن جو نشان نظر نه آيو. بهزاد خان هيءُ حالت ڏسي، پاڻ کي راڻيءَ جي مدد لاءِ درياهه ۾ گهوڙي سميت اڇلايو. جڏهن اُن ڪُن ۾ آيو ۽ هُو به نڪري نه سگهيو، گهڻائي هٿ پير هنيائين پر ڪو به نتيجو نه نڪتو ۽ هو ٻڏي ويو، جهان پناهه، هيءَ واردات ڏسي، مون  وڏا ڄار گهرايا، جي درياهه ۾ وڌا ويا. ٽوٻن کي گهرايو ويو، جن پاڻيءَ جا ڪنڊون پاسا، پري پري تائين ڳولي ڏٺا، پر ڪو به نشان نه  مليو. افسوس، جو کن ساعت ۾ ٻه اَمل ماڻڪ هٿن مان نڪري هليا ويا.

        اي فقير صاحبو، هيءَ واردات مون سان اهڙي ٿي گذري، جو سودائي ۽ ديوانو ٿي پيس. گداگرن ۽ پينن وانگر هيئن چوندو ٿي وتيس ته ”هو به ڏٺم، هيءُ به ڏٺم، پر مليم ڪُجهه به نه.“ اِهي سڀ اسرار اکين ڏيکاريا. شهزادي جيڪڏهن پنهنجيءَ مريءَ مري پوي ها، ته اُن جي غم کي سهسائي ويهان ها، پر  هيءَ ته عجيب ماجرا ٿي گذري. آخر ٻيو اُپاءُ نه ڏسي. ارادو ڪيم ته وڃي، انهيءَ درياهه ۾ جان ڏيان ۽ پنهنجي پياريءَ راڻيءَ تان قربان ٿيان. هڪڙيءَ رات اِهو پَڪو پهه پهچائي، اچي درياهه ۾ داخل ٿيس، پاڻي ڳچيءَ تائين پهچي ويو. گهريم ٿي ته اڳتي وڌان ۽ پاڻ کي ٻوڙيان، ته اُهوئي برقعي سوار جنهن  اوهان کي بشارت ڏني هئي، اچي پهتو ۽ منهنجو هٿ وٺي دلاسو ڏنائين ته ”دلجاءِ ڪر، راڻي ۽ بهزاد خان جيئرا آهن. تون پنهنجي جان اجائي ٿو وڃائين.دنيا جا اِهي ڏک سک ٿيندا آهن. اُهو ڪو ماڻهو ئي نه هوندو، جو ڪنهن نه ڪنهن غم ۾ گرفتار نه هوندو. مگر ڌڻيءَ جي درگاهه مان نااُميد نه ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن حياتي اَٿيئي، ته هڪ ڏينهن اُنهن سان وڃي ملندين. هاڻي روم ولايت ڏي وڃ. اوڏانهن ٻيا فقير دلگير به ويا اَٿيئي. تون جڏهن اُنهن سان گڏبين ته تنهنجي مراد پوري ٿيندي.“ اِئين چئي، هو نقاب پوش سوار غائب ٿي ويو. مان پنهنجي هاديءَ جي حڪم سان هتي اچي حاضر ٿيو آهيان، ۽ گهڻي اُميد اَٿم ته هر ڪو صاحب پنهنجي مطلب کي پهچندو. اي فقيرو، منهنجو اِهو احوال آهي، جو سمورو پيش ڪيو اَٿم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org