سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: چار درويش

امام بخش خادم

صفحو :2

 

*

پيش لفظ

        هن ڪتاب جو مترجم، منهنجو والد بزرگوار، حاجي امام بخش ”خادم“ مرحوم آهي، جنهن سنڌي زبان ۾ ”حاتم طائي“ ، ”چهار (چار) درويش“ ۽ ”الف وليلة“ جهڙا معياري ڪتاب منتقل ڪيا، جن تي سندس زندگيءَ جو وڏو حصو صرف ٿيو. مخدومي ”خادم“ جي سوانح حيات، مون، ”ڪليات خادم“ جي منڍ ۾ ڏني آهي. جنهن کي ٻيهر هت لکڻ جي ڪا گهڻي ضرورت نه آهي. مخدومي ”خادم“ هن ترجمي کي سن 1895ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ اُن کي آنجهاني پوڪرداس، شڪارپور جي مشهور ڪتب فروش ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هن ڪتاب جون ڪيئي ايڊيشنون سندس حياتيءَ ۾ ڇپجي چڪيون هيون. سن 1918ع ۾ مترجم وفات ڪئي. اُن کانپوءِ ڪتاب جي عبارت ۾ آهستي آهستي تبديليون ٿيڻ شروع ٿيون ۽ ٿينديون رهيون. عبارت ۾ ٿوري تبديلي ڪرڻ سان، سنڌ جي ٻين ڪتب فروشن. ٻين  صاحبن جي نالن سان هن ڪتاب کي ڇپائڻ شروع ڪيو ۽ ڇپائيندا رهيا.

        تقسيم کان پوءِ ته هن ترجمي جو ملڻ ئي مشڪل ٿي پيو. مون وٽ جو نسخو آيو، اُهو ڪيترين طباعت جي غلطين سان ڀريل ۽ ان ۾ جملن جا جملا مسخ ٿيل نظر آيا. سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ محترم محمد ابراهيم جويي، بورڊ جي پاران هن ڪتاب جي شايع ڪرڻ لاءِ لکيو. هن صاحب ارادو ڏيکاريو ته ڇپيل ڪتاب تي ئي درستيون ڪيون وڃن. سندس راءِ موجب ڪم نهايت آسان ڏٺم. پر جڏهن تصحيح تي ويٺس، ته ائين ڪرڻ سندس ظاهر ڪيل مقصد لاءِ ڪنهن به فائدي وارو نه ڏٺم. ان ڪري ڪتاب کي وري لکڻ جو بار پنهنجي سر تي کنيم، جنهن تي لازمي طور ڪافي عرصو لڳي ويو آهي. بهرحال ڪتاب کي پيش ڪندي تسلي اٿم ته عبارت جون خاميون گهڻيءَ حد تائين صاف ٿي چڪيون آهن. اُميد ته منهنجي هيءَ محنت برثواب ٿيندي. آخر مان عزيزي غلام احمد بدويءَ جي ڪاوشن کي ساراهيان ٿو، جنهن وڏيءَ محنت سان هن ڪتاب جون تصويرون چٽيون آهن.

شڪارپور                                      لطف الله بدوي

1- نومبر، 1957ع

مرتب جي تمهيد

            ڪنهن به فن جي پرکڻ لاءِ هي ضروري آهي ته اُن جي صداقت کي پرکيو وڃي. اُن صداقت کي ڄاڻن لاءِ وري هي ضروري آهي ته اُن جي مقصد جي حقيقت کي ڄاتو وڃي. آکاڻين جي بيان ڪرڻ جي قدامت کي جيڪڏهن ڏٺو ويندو ته اُها انساني نشونما جيتري قديم آهي. آکاڻين جي ارتقا خود انسان جي تهذيب ۽ تمدن جي ارتقا جي تاريخ آهي. جيڪڏهن هرتخيل جي پيداوار ۾ صداقت جو عنصر يقيني آهي. ته داستان گوئيءَ جي فن ۾ به صداقت آهي. هن فن جي صداقت جو ٻيو هيءُ به دليل آهي ته قصه گوئي ۽ ڳالهين ٻڌائڻ جي عادت هر تهذيب ۽ هر ملڪ ۾ عام نظر ايندي. حقيقت ۾ انسان جو اُٿڻ ويهڻ، سڄو ئي قصي جي طور ۽ طرز تي آهي. هن چوڻ ۾ ڪو به مبالغو نه آهي، ته قصا يا ڪهاڻيون فقط هڪ قومي يا انفرادي جذبي جي تاريخ نه آهن. بلڪه انساني تجربي جو روح آهن. انساني تخليق جي پهرئين ڏينهن کان انسان کي جي قوتون عطا ٿيون. اُنهن جي حرڪتن ۽ عمل، قصي ۽ ڪهاڻيءَ جي صورت ورتي، جنهن کي حيرت جو مقام ۽ موضوع چئجي ته به جائز ٿيندو. هن حيرت ۽ عجب ئي پوءِ ٻين ڪهاڻين ۽ قصن کي وجود ۾ آندو. هڪ ابتدائي انسان پنهنجي سامهون هڪ طاقتور ۽ عجيب الخلقت جانور سان مقابلو ڪيو ۽ اُن ۾ ڪامياب ٿيو، ڏسندڙن سندس بهادريءَ جي ڪارنامي کي ساراهيو ۽ هن ساراهه اڳتي هلي ڪهاڻيءَ جي صورت ورتي. ڇا ڪهاڻيءَ جي هن بنيادي تصور تعمير کان ڪنهن کي انڪار ٿي سگهي ٿو! حيرت ۽ عجب کي سامهون رکندي، ڪنهن به ملڪ جي قديم قصن ۽ ڪهاڻين تي نظر وجهو، ته انهن ۾ اوهان کي هيٺيان مضمون ملندا:

(1)                غير معمولي شجاعت ۽ بهادريءَ جا واقعا.

(2)               عورت ۽ عشق

(3)               وهم سان ڀريل واقعا.

(4)               جانورن جون ڳالهيون.

اهو ئي سبب آهي جو انسان کي هر قوم ۽ هر ملڪ جي ”ديو مالا“ ۾ اهي ئي ڳالهيون نظر اَچن ٿيون. هومر جي ”اِليڊ“ هجي يا ”اوڊيسي“، هندن جو ”مهاڀارت“ هجي يا ”رامائڻ“ يا فردوسيءَ جو ”شاهنامو“- اِنهن سڀني ڪتابن ۾ اِهي ئي حقيقتون نظر اينديون، جن جي اُفق يا نگاهه جي حد حيرت ۽ عجب جي مقام سان وڃي ٿي ملي. اهو ئي سبب آهي، جو اسان اِنهن افسانوي حقيقن کي بيڪار ۽ لغو چئي نَٿا سگهون، ڇو ته انسان جي قديم عهد جو گهڻو سرمايو اِنهن حقيقتن مان ئي معلوم ٿو ٿئي.

جيڪڏهن اسان کي ڪهاڻيءَ جي تاريخ کي ڏسڻو آهي ته اسان کي انسان جي تهذيب جي آغاز ڏي موٽڻو پوندو. جيئن يوناني دانائن جو قول آهي ته قصه گوئي، شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جي ديوين کان به قديم آهي، ڇو ته انسان جڏهن ڳالهائڻ سکيو، ته اُن وقت کان وٺي، هي فن وجود ۾ آيو. هن فن جي طويل تاريخ کي درج ڪرڻ، هت منهنجي تمهيدي سخن کان ٻاهر آهي، اُن ڪري هت صرف ڪن سطحي حقيقتن کي بيان ڪندس.

هڪ روايت موجب، سن 1000 قبل مسيح ۾، قصه گوئي باقائده صورت اختيار ڪري چُڪي هئي. مصر، هندستان ۽ يونان دنيا جي تهذيب جا قديم مرڪز آهن. انهن مرڪزن ۾، اسان کي باقاعدي قصا ۽ ڪهاڻيون نظر اچن ٿا. اسان کي ڪهاڻين جو پهريون پهريون مجموعو يونان ۾ ملي ٿو. جنهن کي ”ايسپ جون آکاڻيون“ ڪري ٿو سڏجي. فارسيءَ ۾ هن مجموعي جو نالو ”حڪايات لقمان“ آهي. ”ايسپ“ جي پيدائش محققين جي نزديڪ 620 ق-م ۾ ٿي، ۽ 560 ق-م ۾ وفات ڪري ويو. هو ابتدا ۾ غلام هو ۽ ٻن آقائن جي قبضي ۾ هو. پوئين کيس آزاد ڪري ڇڏيو هو. اُن کان پوءِ کيس حڪومت ۾ عزت ڀريا عهدا به مليا. افسوس جو هُو ڪنهن  غلط فهميءَ سبب قتل ٿي ويو. ڪن مورخن وٽ ته ايسپ جو وجود شڪ ڀريل آهي. ڪيئن به هجي، پنجين  صدي قبل مسيح ۾، سندس ڪهاڻيون اُٿينس ۽ عام طرح مشهور ٿي چڪيون هيون. اُن ڪري ئي اسان کيس ڪهاڻين جي ترتيب ڏيڻ جي حيثيت ۾ پهريون موجد ٿا شمار ڪريون.

يونان کان پوءِ هندستان جو نالو ٿو اَچي. ”جاتڪ“ جي نالي سان پالي زبان ۾ ڪهاڻين جو هڪ وڏو مجموعو آهي، جنهن کي گوتم ٻڌ سان منسوب ڪيو ٿو وڃي. ”جاتڪ“ جي هستي به وهمي آهي ۽ اُن کي 400 ق-م ۾ شمار ڪيو ٿو وڃي. ان بعد ”پنج تنتر“ جو نالو ٿو اَچي. جو دنيا جي وڏن ڪتابن ۾ شمار ٿو ٿئي. دنيا جي جدا جدا زبانن ۾ اُن جو ترجمو موجود آهي. اُن جي مصنف جو نالو وشنو شرما  ورتو ويو آهي، جو 200 ق-م ۾ ڪشمير ۾ ٿي رهيو. هن ڪتاب جو برزويه سن 550ع ۾ پهلوي زبان ۾ ترجمو ڪيو. ”ڪليله دمنه“، انواز سهيلي، ۽ ”عيار دانش“ جهڙن ڪتابن جو هيءُ ئي ڪتاب اصل آهي. واقعي هيءَ حيرت جي ڳالهه آهي ته ايسپ ۽ جاتڪ جي آکاڻين ۽ ”پنجتنتر“ ۾ گهڻي يڪسانيت ۽ مماثلت آهي. آخر هيءَ يڪسانيت ڇو؟ ا اُن قديم زماني ۾ اِهي ڪهاڻيون هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ۾ پهچنديون ٿي رهيون؟ ٿي سگهي ٿو ته ائين هجي. اُن  دني اجي هڪ ڇيڙي کان ڪو انسان ڀٽڪي ٻئي ڇيڙي تائين پهتو هجي، ۽  هن پنهنجي اڳئين وطن جي ميراث کي وطن ثانيءَ جي رهندڙ اڳيان پيش ڪيو هجي. هن قياسي حالت کان درگزر ڪندي، هيءَ حقيقت به غور طلب آهي ته انسان کي جي خصوصيتون فطرت کان عطا ٿيل آهن، اُنهن ۾ به گهڻي قدر مماثلت ۽ هڪجهڙائي آهي، اِهڙيءَ حالت ۾ انهن خصوصيتن کائنس اهڙيون ڪهاڻيون بيان ڪرايون هجن، جي ٻين ملڪن ۾ به رواج هيٺ هجن. مان هن حقيقت تي ڪو به بحث نه ڪندس، ڇو ته اِنهيءَ امتياز لاءِ ڪا به روايت موجود نه آهي. شهادت جي غير حاضريءَ ۾ بحث بي نتيجي بڻجي ويندو آهي. رهي درايت جي قوت، اُن لاءِ هر هڪ انسان کي پرکڻ لاءِ پنهنجي دماغي صلاحيت موجود آهي.

مٿي مان ڪهاڻين جي قديم مجموعن جو ذڪر ڪري چڪو آهيان. اُنهن کان پوءِ دنيا جي هر حصي ۾، قصه گوئي ۽ داستان نويسيءَ جي باقاعدي نشونما ملي ٿي، جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، هي فن انساني زندگيءَجي دست و گريبان ٿيڻ جو هڪ بامقصد شغل بڻجي پيو. انسان، زندگيءَ ۾ جن  طاقتن سان ٽڪر کائي ٿو، ان جو نقش، انهن قصن جي اندر ڏسي، هو پنهنجي اضطراب ڀريل قلب کي تسڪين ٿو ڏئي. جڏهن ڪو عشق ۽ محبت جي شطرنج تي پنهنجي مُهرن کان مات کائي ٿو، ته سندس لرزندڙ قلب کي، گذريل ناڪام يا مراد انسانن جا هي تخيلي يا روايتي قصا هڪ قسم جو سڪون ڏين ٿا. قصن ۽ ڪهاڻين جي هيءَ روايتي بعضي ته درمانده انسان لاءِ ترياق جو ڪم ڏيئي ٿي وجهي.

مگر قصن ۽ ڪهاڻين جو ٻيو پاسو هن کان به اهم آهي. اُهو هيءُ آهي ته زندگيءَ جي هر هيٺياهين ۽ مٿاهينءَ ۾ هڪجهڙائيءَ جي تعليم ۽ تربيت جهڙي هن فن ۾ آهي، اُها ڪنهن به اَدبي فن ۾ نظر نه ايندي. زندگيءَ جي هيءَ اُها عظيم خدمت آهي، جنهن جو نظير ملي نه ٿو سگهي. وڏا وڏا  جابر  شهنشاه ۽ فاتح، هن فن جي بدولت، زندگيءَ جي نشيب ۽ فراز کي آسانيءَ سان سمجهي سگهيا آهن.

سلطان محمود غزنويءَ لاءِ مشهور آهي ته هڪ ڀيري هُو پنهنجي وزير حسن ميمندي سان ڪنهن سفر ۾ گڏ وڃي رهيو هو، ته راه ۾ کيس  ٻه اُلو ڪنهن وڻ تي چَر چَر ڪندا نظر آيا. هُن حسن ميمندي ڏي منهن ڪري چيو ته ”توکي دعوا آهي ته تون پکين جي ٻولي سمجهي سگهندو آهين، ٻڌاءِ ته هي ڇا پيا چون؟“

وزير برجسته عرض ڪيو ته ”عالم پناه! هي ٻيئي چٻرا سيڻ آهن. هڪڙو ٻئي کان شاديءَ لاءِ ويران ڳوٺن جو انداز گُهري رهيو آهي. ٻيو کيس تسلي ڏيئي رهيو اهي ته جيڪڏهن سلطان جو سر سلامت آهي ته ويران ڳوٺن جي انداز جي طلب جيتري به ڪندي، مان ان کي آسانيءَ سان پوري ڪري سگهندس.“ ميمندي جي هن ننڍيءَ آکاڻيءَ کان سلطان بيحد متاثر ٿيو. قصه گوئيءَ جي هن عملي حسن کان ڪير انڪار ڪري ٿو سگهي. ٻيو ته ٺهيو، پر جڏهن ڪنهن حسين جي دست قاتل جو ذڪر ٿو اچي، ته سامعين قصه گو جي فنڪاريءَ جي تعريف ٿا ڪري اُٿن. اهڙيءَ شيءِ کي فضول ۽ بيڪار ۽ فقط دل وندرائڻ جو تعريف ٿا ڪري اُٿن. اهڙيءَ شي کي فضول ۽ بيڪار ۽ فقط دل وندرائڻ جو ذريعو سمجهڻ، هن فن جي اصليت جي توهين ٿيندي. زندگيءَ جي رشتن ۽ لاڳاپن جي مقصد کي سمجهڻ اسان جو پهريون فرض آهي. قبله ”خادم“ پنهنجي تصنيف ”بهررام گور“ ۾ مٿيئن حقيقت جي وضاحت هيئن ٿو ڪري:

”ڪن ڪن صاحبن جو خيال آهي ته قصن ۽ آکاڻين

پڙهڻ مان رڳو وقت جو وندر کان سواءِ ٻيو ڪو فائدو

نه آهي، مگر اِهو قول سمجهه بيجا چئبي. ڇو ته

شيخ سعدي عليھ رحمت فرمايو آهي-

نگوينــد از ســــر بـــازيـــچــه                 ڪزو پندي نگيرد صاحب هوش

وگر صدڪتب حڪمت پيش نادان      بخوانند آيدش بازيچه درگوش

يعني، جيڪڏهن ڪو دانا ڪا به مسخري يا لهو ولعب جهڙي ڳالهه ٻڌندو آهي، ته اُنهيءَ مان به نصيحت ۽ مت پرائي وٺندو آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن بيوقوف اڳيان سوين ڪتاب ڪڍي وعظ ڪجن، ته هن کي راند پيئي معلوم ٿيندي. انهيءَ طرح قصي جي پڙهڻ مان هڪڙو فائدو هي آهي ته خداوند پاڪ، جو قديم ۽ اول آهي، تنهن جي قدامت جو يقين  مضبوط جائگير ٿئي ٿو، ٻيو اڳين آدمين جي اخلاقن جي خبر پوي ٿي، ٽيون پاڻ کي قوي دشمن شيطان سان مقابلي ڪرڻ جي همت زياده ٿئي ٿي.“

          هن کان وڌيڪ شايد سادن لفظن ۾ ٻيو ڪو استدلال ٿي نه نه ٿو سگهي. خوش نصيب آهن اُهي انسان، جي ماضيءَ جي هنن داستانن کي بي معنيٰ ٿا سمجهن، بلڪ انساني نفسيات ۽ اُن جي خردمنديءَ جو هڪ سلسليوار ۽ لازوال داستان ٿا سمجهن. پروفيسر ممتاز حسين. ”باغ و بهار“ جي تمهيد ۾ لکي ٿو:

”دور حاضر جي ذهن سان، هنن داستانن جي ذهني فضا جو، جيڪو ٽڪر آهي، اُهو هن سبب جي ڪري نه آهي ته اُنهن ۾ خواب جي عالم جون يا سمجهه کان مٿي ڳالهيون آهن، ڇو ته اسان جي داستان جا جن ۽ پريون بلڪل انسان جهڙا آهن. اُنهن جي ڪهاڻي ۽ سرگذشت اسان جهڙي پيئي لڳي. ڪالرج (انگلينڊ جي شاعر) جي لفظن ۾، عدم يقين کي ٿوري دير لاءِ ڇڏي ڏيو. ڇو ته آرٽ جي دنيا ۾ هي بلڪل ضروري آهي. اُن کان پوءِ اوهان ڏسو ته اِنهن کان ڪيئن نه لطف اندوز ٿا ٿيو. اڄ معجزن جي بجاءِ عالم اسباب آهي، زمان ۽ مڪان جو تصور بدلجي ويو آهي، اعتقاد جي جاءِ تي معقولات آهي ۽ هيءُ ذهني تصادم محسوس به ٿئي ٿو-  ۽ اُنهن کي ڪنهن به قيمت تي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. پر هيءَ اسان جي غلطي ٿيندي، جي اسان اَدب کان سائنس ۽ معقولات جو ڪم وٺون. ادب سائنس کان آزاد نه آهي، پر هُو سائنس جو مٽ به  ته نه آهي. ادب ڪجهه ته انسان جي ڦرندڙ گهرندڙ نفسيات جي هڪ ڪهاڻي آهي ۽ ڪجهه انساني قدر جي تبليغ جو هڪ ذريعو آهي، جنهن سان انسان پنهنجي انسانيت کي ڳولي لهي ٿو يا خوديءَ جي پورائيءَ جي ڪوشش ٿو ڪري. هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته زندگيءَ جا ڦرندڙ گهرندڙ اسان کي جذباتي زندگيءَ جي شڪل ۽ صورت کي به متاثر ڪن ٿا ۽ هن تغير ۾ زندگيءَ جي ڪنهن خاص بي بدل پهلوءَ جي طرف اشارو ڪرڻ مشڪل آهي. اُن  هوندي به هئين چئي سگهجي ٿو ته جهڙيءَ ريت سمنڊ ساندهه طوفانن جي زد ۾ رهڻ جي باوجود، پنهنجي ئي جاءِ تي قائم رهي ٿو. اهڙيءَ ريت انساني زندگي به هر قسم جي تبديلين ۽ ارتقا سان سامهون ٿيندي به، زندگي ئي رهي ٿي، جتي اسان جي هڪ سماجي ۽ تاريخي عمر آهي، اُتي اسان جي هڪ طبعي عمر به آهي، جنهن جي موسم فطرت جي موسم وانگر هر صورت ۾ پيئي ايندي رهندي. ننڍپڻ، جواني ۽ پيري- زندگيءَ جون هي موسمون ڪڏهن به نه بدلبيون آهن. اِنهن موسمن کان گذرڻ جا سامان بدلجن ٿا، مگر بذات خود موسم نه. اهڙيءَ ريت دل  جي شيشي جو شراب بدلبو رهندو، پر ان جو ڪيف ۽ سرور ساڳيو ئي رهندو.“

هن کان زيده وضاحت ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟

          ڊاڪٽر گيانچند پنهنجي تصنيف ”شمالي هندڪي“ اردو نثري داستان ۾ لکي ٿو ته ”اردو قصن ۾ ٽي ڪتاب سڀ کان مٿي نظر اچن ٿا، ”باغ و بهار“، ”داستان امير حمزه“ ۽ ”الف ليلا“ ، جي پنهنجي پنهنجي صنف ۾ ٽيئي ممتاز آهن-  امير حمزه“ طويل داستانن ۾ ”باغ و بهار“ مختصر داستانن ۾ ۽ ”الف ليلا“ ڪهاڻين ۾. هنن ٽنهي مان هر هڪ کي بهترين قصو چئي سگهجي ٿو. ”باغ  و بهار“ پلاٽ جي لحاظ کان مڪمل آهي، ۽ جيتري اُن جي شهرت آهي، اِهڙي ڪنهن ٻئي قصي کي نه آهي.“

          قبلا ”خادم“ ، ”باغ  و بهار“ جو ئي ترجمو ڪيو. اُردو ۾ هن جو لکندڙ مير امن دهلوي هو. ”ارباب نثر“ اُردو جو مصنف، مولوي سيد محمد صاحب، مير اَمن جو نالو مير امان ٿو لکي، ۽ سندس تخلص ”مير اَمن“ ٿو ڏئي- مگر ڊاڪٽر گيانچند سندس نالو ئي مير اَمن ٿو وٺي.مير اَمن جو خاندان، همايون جي عهد کان وٺي عالمگير جي زماني تائين، جوابدار منصب تي فائز ٿيندو رهيو. مگر آهستي آهستي سندن خاندان تي زوال ڇائنجي ويو. سنه  1761ع جي اوائل ۾، جڏهن سورجمل جاٽ دهليءَ کي اُجاريو، تڏهن هن  مير اَمن جي خانداني جاگيرن تي قبضو ڪري ورتو. ساڳئي سال، احمد شاه ابداليءَ دهليءَ تي قبضو ڪيو. ان وقت دهليءَ جي جا حالت ٿي، اُن جو نقشو مير اَمن هيئن ٿو  ڪڍي:

”جڏهن احمد شاهه اَبدالي ڪابل کان آيو ۽ شهر کي لٽايائين، ته اُن وقت شاهه عالم ڏکڻ جي طرف هو. ڪو به ملڪ جو وارث ۽ مالڪ ڪو نه هو. شهر نڌڻڪو ٿي ويو. سچ آهي ته بادشاهه جي اقبال سان شهر جي رونق ٿئي ٿي. اوچتو تباهي آئي- اُتان جا رئيس ڪو ڪٿي ته ڪو ڪٿي، جنهن کي جيڏانهن دل ۾ آيو اوڏانهن نڪري ويو.“

          مير امن به ٻين سان گڏ پهريائين عظيم آباد ۾ پهتو. ڪيترائي سال اُتي رهيو، پر جڏهن اُتي ڪنهن به روزگار جو بندوبست ٿي نه سگهيس، تڏهن اڪيلو ٻيڙيءَ تي سوار ٿي، ڪلڪتي ۾ پهتو، جتان جي هڪ رئيس نواب دلاور جنگ کيس پنهنجي ڀاءُ جو استاد مقرر ڪيو. ٻن سالن کان پوءِ اُن جي ملازمت مان به تنگ ٿي پيو. آخر هڪ دوست منشي بهادر علي، صدر شعبه هندي، جي معرفت فورٽ وليم ڪاليج ڪلڪتي، ۾ کيس ملازمت ملي ويئي.  ”باغ و بهار“ جي ديباچي ۾ لکي ٿو ته:

”آخر بخت جي مدد سان، ههڙي جوانمرد (جان گلڪرايسٽ“ پرنسيپال، فورٽ وليم ڪاليج) جي دامن کي هٿ لڳو آهي، سمجهان ٿو ته چڱا ورندا. . . . هيءَ غنيمت آهي ته ٽڪر کائي، آرام سان سمهان ٿو. گهر ۾  ڏهه ماڻهو ننڍا وڏا پلجي اُن قدردان کي دعا ڪندا رهن ٿا.“

          مير اَمن ”باغ بهار“ سنه 1802ع ۾ لکيو. سندس ٻيو ڪتاب ملا حسين واعظ ڪاشفيءَ جي مشهور تصنيف ”اخلاق محسني“ جو ترجمو آهي. معلوم ائين ٿيو ته هن باڪمال شخص اَسي ورهين جي وڏيءَ عمر ۾ سن 1217ع هجري ڌاري، وفات ڪئي.

          مير اَمن ”باغ و بهار“ جي تمهيد ۾ لکيو آهي ته ”چار درويش“ پهريائين امير خسرو لکيو هو، پر اُن جي بعض محققن ترديد ڪئي آهي. اُنهن محققن مان پروفيسر محمود شيراني هڪ هو. جيئن ته اسان کي امير خُسرو جي حياتيءَ جو احوال ملي سگهي ٿو، اُن ۾ ڪٿي به ”چار درويش“ جي تصنيف جو نالو نه ٿو اَچي. پروفيسر شيراني هڪ فارسي قديم نسخي جو بيان ٿو ڪري، جنهن جو مصنف محمد علي آهي، جنهن کي معصوم خان به سڏيندا هئا. هي صحب محمد شاه مغل (1131-1121) جي زماني ۾ هو. هُو پنهنجي ديباچي ۾ لکي ٿو ته هُن  هي قصو محمد شاه کي هندي زبان ۾ ٻڌايو هو، جنهن کيس فارسي زبان ۾ لکڻ جو حڪم ڪيو. ڪاتب هن ڪتاب جو نالو ”حڪايات عجيب و غريب“ لکيو آهي. مگر بوڊلين لئبرري آڪسفورڊ ۾، هن نسخي کان به اڳ جو هڪ نسخو موجود آهي. بهرحال فارسي زبان ۾ ”چار درويش“ جا چار نسخا ملن ٿا، جن جي مصنفن جا نالا آهن: محمد علي، ”انجب“، محمد عوض ”زرين“ ۽ صفي. چار درويش جي هڪ فارسي مثنوي به آهي، جا سنه 1206 هجري  جي تصنيف آهي. هنن سڀني ڪتابن ۾ ڪي خفيف اختلاف به آهن. اُردو ۾ ”چار درويش“ تي ٽي مشهور تصنيفون آهن، جن جو ذڪر معلومات لاءِ ڏجي ٿو:

”نو طرز مرصع“ :هن ڪتاب جو لکندڙ جو نالو حسين عطا خان هو. هن پنهنجي حياتيءَ جو گهڻو عرصو فيض آباد ۾ شجاع الدوله جي خدمت ۾ گذاريو. هُن هيءَ ڳالهه نواب کي ٻڌائي، جنهن کيس هندي زبان ۾ لکڻ جو حڪم ڪيو. حسين عطا خان ڪتاب کي نواب شجاع الدوله جي حياتيءَ ۾ ختم نه ڪري سگهيو، پر سندس فرزند نواب آصف الدوله، (1775-1795ع) جي عهد ۾ لکي پورو ڪيائين.

          هن نسخي ۾ ڪي ڳالهيون ٻين کان مختلف آهن، جيئن ته بادشاهه جو نالو فرخنده سير ڏنو ويو آهي. درويشن جي ترتيب مير امن جي ڪتاب جهڙي اٿس، پر بادشاهه جي سرگذشت منجهس ٽئين فقير کان پوءِ ٿي اچي. هن ۾ ٻيون ڪي خفيف تبديليون به آهن.

          ”نو طرز مرصع رزين“: هن ڪتاب جو مترجم محمد عوض ”زرين“ آهي. هُن هنديءَ کان سواءِ فارسي ۾ به هن قصي کي لکيو آهي. بادشاهه جو جو قصو هُن ٻئي درويش کان پوءِ ڏنو آهي، پر آذربائيجان جي رهندڙ جو قصو ڌار ڏنو اٿس. هي سڄو ڪتاب فقط 28 صفحن ۾ ڏنو ويو آهي، جو نهايت مختصر آهي. زرين، يوسف سوداگر جي محبوبه حسين ڏيکاري ٿو، نه بدشڪل. هُو ڏيکاري ٿو ته يوسف جي قتل کان پوءِ شهزادي روزانه درويش وٽ ايندي ٿي رهي ۽ پوءِ فرار ٿي وڃي ٿي.

          ٻئي درويش جي بيان ۾ ڏيکاري ٿو (”باغ و بهار“ جو ٽيون درويش) ته شهزادو وزير جي هٿان مارجي وڃي ٿو ۽ وزير وري ڪنهن اجنبيءَ جي تير سان مارجي وڃي ٿو. خواجه سگ پرست کي زرين ڏيکاري ٿو ته ڀائر فرنگ جي ولايت ۾ زخمي ڪن ٿا، پر ”باع و بهار“ ۾ سرانديپ آيل آهي. هن ڪتتاب جي آخر ۾، ملڪ صادق کان ڇوڪري وٺي چين جي شهزادي کي ڏني ٿي وڃي ۽ چين جي شهزادي ملڪ صادق کي.

          ڪنهن حد تائين ڏٺو وڃي ٿو ته ”باغ و بهار“ جو ماء خذ ”نو طرز مرصع تحسين“ آهي- جنهن جو طعنو ڊاڪٽر عبدالحق به مير اَمن کي ڏئي ٿو. ”باغ و بهار“ ۾ قصن جي ترتيب ٻين ڪيترن ڪتابن جي مرهون منت آهي. بهرحال ڪي ڳالهيون ”الف ليله“ سان ٿيون ملن، ته ڪي ”گل صنوبر“ جي قصي سان، ٻئي درويش جي ڪهاڻيءَ جو منڍ، حاتم طائي“ جي حسن بانو جي ڳالهه سان ٿو ملي. بادشاهه صادق جي ڪهاڻي هڪ ترڪي ڪهاڻي ”الفرج بعد الشدت“ (ڏک پٺيان سک) جهڙي آهي.

          ”فسانه عجائب“ (سنڌي ترجمو ”گل خندان“) ۽ ”باغ و بهار“ (سنڌي ترجمو چار درويش) جي ڀيٽ به ڊاڪٽر گيانچند لکي ٿو:

”هنن ٻنهي ڪتابن جي ڀيٽ به فيشن ۾ داخل آهي. ٻنهي ۾ ڪا به هڪ جهڙائي نه آهي، پر ڀيٽ ضرور ڪئي وڃي ٿي- فقط انهيءَ جي ڪري ته سرور (فسانه عجائب جي مصنف) مير اَمن تي قدرتي تنقيد ڪئي آهي. اُن هوندي به اسان هن چوڻ کان رهي نٿا سگهون ته ”باغ و بهار“ جو قصو ”فسانه عجائب“ کان گهڻو عظيم آهي. زبان جي لحاظ کان هي ٻيئي ڪتاب هڪ ٻئي جا حريف آهن،  ”باغ و بهار“ هڪ طرز جو پيشوا آهي ته ”فسانه عجائب“ ٻيءَ طرز  جو. ٻنهي ۾ وڏو تفاوت آهي. عمدي مذاق جي تقاضا آهي ته فطرت کي تصنع تي ترجيح ڏني وڃي، تيز رفتار کي سست رفتار کان بهتر سمجهيو وڃي. ”باغ و بهار“ کي ان ڪري ”فسانه عجائب“ کان گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو.“

          منهنجي نظر ۾ ڊاڪٽر موصوف جي راءِ تي گهڻي وقيع آهي. جيئن ته ”فسانه عجائب“ ۽  ”باغ و بهار“ جي ڀيٽ منهنجو موضوع نه آهي، اُن ڪري زياده بحث موزون نه ٿيندو. انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته ”چار درويش“ هڪ صوفيانه تصنيف آهي ۽ ان ۾ هڪ فنڪار ظاهر ۽ باطن جي  تاڃيءَ ۽ پيٽي کي نهايت عمديءَ طرح سان اُڻيو آهي. منڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين اخلاقي نڪتن سان معمور آهي، جن کي چئن درويشن پنهنجي پنهنجي سير ۾ نهايت سادگيءَ سان بيان ڪيو آهي. اگرچه عشق و محبت جا داستان ۽ تذڪرا منجهس هر هنڌ نظر اچن ٿا، مگر هن کان ڪير انڪار ڪري  سگهي ٿو ته انسان جي تخليق جي پهرئين ڏينهن ئي کيس عشق ۽ محبت جي خمير مان پيدا ڪيو ويو هو. هن اسباب جي جهان ۾، هن ئي جذبي کي عزت ۽ توقير بخشي ويئي آهي-  اگرچه هُو تخليقي ۽ تخريبي ٻيئي طاقتون پنهنجي اندر رکي ٿو. هڪ پاڪباز صوفي ئي ان جي تخليقي قوت جو اقرار ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪو گمراهه پنهنجي آئيني ۾ اُن کي تخريبي ڏسي ٿو، ته  هيءَ اُن پاڪ جذبي جي توهين نه آهي. مگر تخريب پسند عنصر جو هي پنهنجو عمل آهي. جنسي ڪشش به عشق ۽ محبت جي هڪ صورت آهي. اُن ۾ به تخريبي ۽ تخليقي ٻيئي طاقتون موجود آهن. ”چار درويش“ هن حقيقت جو  حامل آهي ته ”بيوفا انسان با وفا حيوان کان بدتر آهي.“

          پهرئين درويش جي سرگذشت روحانيت سان معمور آهي. هُو شروع ۾ پنهنجي دولت کي بيدريغ لٽائي ٿو ۽ آخر ۾ تباهيءَ جي ڏک ۾ وڃي ٿو ڪري. ڀيڻ وٽ پهچڻ کان پوءِ، منجهس وري احساس پيدا ٿئي ٿو ۽ نئين عزم ۽ ارادي سان زندگيءَ ۽ عمل جي طرف قدم کڻي ٿو- يعني، عيني مشاهدي کان پوءِ علم اليقين کان مٿي حق اليقين ڏي موٽي پوي ٿو. ڪوٽ جي دروازي بند هئڻ سبب ٻاهر ترسي ٿو ۽ هڪ صندوق ۾ هڪ زخمي عورت کي ڏسي ٿو. ڪنهن به واقفيت جي نه هوندي به، هو اُن مرڻينگ عورت کي پاڻ سان کڻي شهر ۾ اچي ٿو. قبول ڪجي  ٿو ته هُو اُن عورت جي حسن ۽ ملاحت تي موهجي پوي ٿو، پر درحقيقت کيس سندس بچڻ جي گهٽ اُميد هئي- اهڙيءَ حالت ۾ سندس هيءَ بي لوث خدمت ڪيڏيءَ نه انسانيت جو عظيم مظاهرو آهي. درويش جو هي اخلاق انسانيت جو  جوهر آهي. اُن پريءَ جي رفاقت ۾، سندس دل ۾ محبت جي جوت جاڳي ٿي، جا غير فاني بڻجي وڃي ٿي. مگر ٻئي طرف ٿوريءَ ئي خطا تي اُها پري پيڪر کانئس منهن مٽائي ٿي. هن قصه گو ڪيتريءَ نه صاف محبت جي آئين ۽ اُصول کي بيان ڪيو آهي. هڪ گهڙيءَ جي غفلت، محبت جي آئين ۾، هزارن ڪوهن جي دوري آڻي وجهي ٿي. عرفي شاعر فرمائي ٿو:

رفتم ڪم خار از پاڪشم، محمل نها شد از نظر

يڪ لحظ غافل گشتم و صد ساله راهم دور شد

”ويٺس ته پير مان ڪنڊو ڪڍيان، دوست جو ڪجائو نظر کان اوجهل ٿي ويو، هڪ گهڙيءَ جي غفلت جي سبب، واٽ سو سالن جي دوريءَ تي وڃي پيئي.“

          هن حقيقت جي صداقت هڪ باخدا صوفي ئي ٻڌائي سگهي ٿو. آخر هوءَ  پريءَ درويش جي خطا ته، سندس احسان ۽ مروت جي باعث، عطا جو پردو وجهي ٿي. مگر جيئن ته وصال صوفين وٽ فراق کان گهٽ اهميت رکي ٿو-  ”من اندر جي لوچ ملڻ سان ماٺي ٿئي. ”هوءَ پري وري هڪ ڀيرو وڌيڪ درويش کان جدا ٿي وڃي ٿي. اگرچه سندس خواب ختم ٿي وڃي ٿو، پر هتان سندس ”بيم ۽ رجا“ جي منزل شروع ٿي ٿئي. جا صوفين وٽ وڏي اهميت رکي ٿي.

          ٻئي درويش جو قصو حاتم جي بي نظير فياضيءَ سان شروع ٿئي ٿو. سخاوت، انسانيت جي گڻن مان صدر نشينيءَ جو گڻ رکي ٿي. ”اخلاق جلالي“ جو صاحب، سخيءَ جي تشريح هيئن ٿو ڪري ته هُو ٻئي غم ۾ نه فقط شرڪت ٿو ڪري، مگر ٻئي جي غم جو طبيب ٿو بڻجي وڃي. درويش کي راڻي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي ٿي- اُن ۾ ڪيڏي نه همت ۽ حقيقت دلاوري آهي. ”حق تي هل ته رک خدا جو آسرو“-  اُن جي هيءَ ڪهاڻي پوري پوري آئينه دار آهي. شيڪسپيئر به ته ”ڪنگ ليئر“ ۾ اِنهيءَ نڪتي جي وضاحت ڪئي آهي.

درويش صاحب توڪل، فقر ۽ قناعت جي پوري پوري تصوير ٿو نظر اَچي.

          ٽئين درويش جي قصي ۾ ڪا به اهڙي خاص ڳالهه ڪا نه آهي. محبت جي روئداد جا ٻه نقش البت دلپذير آهن. هڪ نعمان جي فرنگ جي شهزاديءَ جي مجسمه جي پرستش، ۽ ٻيو، مقتول شهزادي جي جنازي جي نمائش. محبت جي محلات جي  چانئٺ تي اِهي ئي قربانيون چڙهنديون آهن.

          چوٿين درويش جو سير وڏي آزمائش ۾ ابتلا آهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي هن بيت جي پوري پوري تصوير آهي:

سر جي تان سور، ساماڻي تان سک ويا

اِهي ٻيئي پُور، نماڻيءَ نصيب ٿيا.

          ”دولت ۽ حڪومت کان بي نياز ٿي،هُو پري پيڪر جي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي قوي دشمن سان به مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. اگرچه کيس خبر هئي ته سندس رقيب جو زور ۽ طقت کانئس ڪيئي  درجا وڌيڪ هئي، مگر اُن سودي ۾ فقط سر هو، جنهن کي هُو ڏيئي سرخرو ٿيڻ لاءِ تيار ٿي ويو، آخر وفا به ته اِنهيءَ قربانيءَ جو نالو آهي. جيڪڏهن علامه اقبال معزول شهنشاهه ايڊورڊ اٺين لاءِ فرمائي ٿو:

هو مبارڪ اُس شهنشاهه نڪو فرجام ڪو

جس ڪي قرباني سي اسرار ملوڪيت هين فاش

ته هيءُ درويش تحسين جي لائق ڇو نه ٿئي؟

          خواجه سگ پرست جي سڄي زندگي انساني ڪشمڪش جو پورو عڪس آهي انسان جي خود غرضي، بيوفائي، احسان فراموشي ۽ سفاڪيءَ جو هڪ  بهترين داستان آهي.  اگرچه منجهس جغرافيائي، يا تخيل جون ڪي لغزشون موجود آهن، ته اُهي اسان جي جديد ناولن ۾ به موجود آهن. مون کي ته هن سڄي قصي ۾ ڪا به اهڙي شيءِ نظر نه آئي آهي،جنهن جو ذڪر اسان پنهجي روزاني زندگيءَ ۾ نه ٻڌو هجي. هي قصا ڄڻ مانوس پيا لڳن. اِهو ئي سبب آهي، جو هن قصي جون جدا جدا ايڊيشنون هر سال پيون شايع ٿين. منهنجي نظر مان، هيٺيون اشاعتون گذري چڪيون آهن:

باغ و بهار        --        نولڪشور پريس لکنو

باغ و بهار        - -       مرتب ڊاڪٽر  عبدالحق

باغ و بهار        --        مرتب پروفيسر ممتاز حسين

باغ و بهار        --        مرتب پروفيسر وقار عظيم

باغ و بهار        - -       نيا اداره (اختتاميه، ڊاڪٽر سيد عبيدالله)

          ”چار درويش“ قصي جي هن کان وڌيڪ شهرت ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ! مير اَمن کي هن  قصي مرتب ڪندي، هيءُ خواب ۽ خيال ۾ به نه هو ته کانئس پوءِ بهترين دماغ، سندس پورهئي کي ترتيب ڏيندا ۽ سندس قصي جي شهريت دنيا جي پرانهن حصن تائين وڃي پهچندي.

          گارسان دتاسي، مشهور فرينچ مستشرق، هن قصي لاءِ لکي ٿو ته:

          ”مير اَمن جو باغ و بهار“ ،  فارسي ”چهار درويش“ جو ترجمو نه بلڪ هڪ نئين تصنيف پيئي معلوم ٿئي“.

          ”باغ  و بهار“ جو، اُردو کان سواءِ، ٻين ٻولين ۾ هيٺينءَ ريت ترجمو ٿيو آهي. (1)

          هندي –                    جيوارام جاٽ سنه 1877ع ۾ ترجمو ڪيو.

          گجراتي –        ممبئيءَ ۾، سنه 1877ع ۾ ترجمو ڪيو.

          ارمني –                    گارسان دتاسي هن ترجمي کي ڏٺو هو.

          فرينچ - گار سان دتاسي ترجمو ڪيو. ا

          لئٽن -            ”باغ و بهار“ جون ٻه ايڊيشنون فاربس ۽

مونيروليم سنه 1859ع ۾ شايع ڪيون.

          انگريزي-          ايل- ايف- سمٿ، سنه 1813ع، ڪلڪتو،

                             فاربس، سنه 1851ع، سملو

                             ايسٽوڪ، سنه 1856ع، هرٽفورڊ.

                             جي- ايف بينس، سنه 1887ع،  ڪلڪتو.

                             اِي- ايف- پئري، سنه 1890ع، لنڊن

                             ايڇ- ڪئينٽن، سنه 1901ع، ڪلڪتو

                             راجه ڇجو سنگهه، سنه 1904ع، لنڊن

                             اينڊرسن (2) ، سنه 1925ع، لنڊن.

هن کان وڌيڪ هن ڪتاب جو ٻيو ڪهڙو اعزاز ٿي سگهي ٿو!


 

(1)  ڊاڪٽر گيانچند: اُردو ڪي نثري داستانين، ص 576.

(2)  اينڊرسن جي ايڊيشن ۾ خواجه  سگ پرست جي آکاڻي نه ڏنل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org