سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناقبا

 

صفحو :2

 

 

متن

 

مناقبا

 

 

(الف) نبين جا مناقبا

 

 

 

‍‎بسم الله الرحمٰن الرحيم

 

مناقبو حضرت يوسف عه جو*[1]

 

قيوم قادر قدرت جو، مالڪ جو ملڪن،

”جَل جَلالَہُ و عَم نَوالَہُ“ اعليٰ سان اسمن،

جنهن محمد موڪليو، آڌر سو اڙين،

ٻي جيڪا جوڙ جهان جي، سا پسينو پرين،

قصو حضرت يعقوب جو، ڪاتب هينئن لکن:

ٻارهن پٽ حضرت يعقوب جا، جملي جوڙ ڪجن،

تن منجهه يوسف ننڍڙو، سهڻو ڪنا سڀن،

پيءُ جي ياري يوسف سان، محبت مجازن،

تڏهن خيال خطرا ٻين کي، اچي پيٽ پون،

ٻيا پٽ باقي پاڻ ۾، گڏجو گمان ڪڍن،

ته بابو ڀانئي ٿو يوسف کي عشق الولن،

ڪنهن پر پري پيءُ کان جاني جدا ڪجن،

پوءِ پڪ ڀانئي پاڻ کي، بابو محبت رکي من،

تڏهن ڌتاري دلبو ڏئي وٺيو هوت وڃن،

رميو راند ڪرڻ جون، ٻوليون ٻار ٻجهن،

وٺي ڌتاري هليار، جهانگي منجهه جهنگ،

ات لڳا مارڻ ڀاءُ کي، جو محب معصومن،

اچي نڪتا اڳڀرا، جتي کوهر غفائن،

لاهي لٽا لڱن تان، ٻڌي ٻئي ٻانهن،

چڱيءَ طرح چيلهه ۾، ٿا ٻهڳڻ کي ٻڌڻ،

تڏهن رنو يوسف ننڍڙو، دانهن تي دانهن،

عازجيون ۽ وينتيون، سڻن نه سمجهن،

”ادا ادا“ ڪريو ٻَک وجهي، هو کي ڀائرن،

هن کي چنبڙيو هن کي چنبڙي، ٻالڪ ٻاروتن،

’يوسف‘ ’يامين‘ هڪ ماءُ جا، ٻي ماءُ ٻين،

تن کي قياس ڪونه ٿيو، ڌارينءَ جي سببن،

وٺي وڌائون کوهه ۾، هيڪاندي به هٿن،

ويو واڪيندو واءَ جيئن، ٿا پٿر پهڻ لڳن،

تڏهن ملڪن جهٽيو جهٽ ڏئي، کڻي وهاريو وريامن،

اونداهي انڌير گهڻو، هو اونهو منجهه کوهن،

پٿر کڻيو پهڻن منجهان، هٿن سان هڻن،

ته مي ماڳهين وڃي، هڏيو هٿ نه اچن،

نه ته ماريندو بابو پاڻ کي، اهڙا گهاٽ گهڙن،

دل جي دلجاءِ لئي، ور ڏيو پٿر هڻن،

پر پناهه ڏني پاڻ ڌڻيءَ، آگي اُتِ اَمن،

ملڪن پٿر ٿي جهٽيا، اڇليو مشرق مغربن،

جن کي بچائي بادشاهه، مَر لهرون لک لنگهن،

ڀاءُ ننڍڙو کوهه ۾ وجهو ٿا به وڃن،

پوءِ يارهن ئي پٽ يعقوب اڳان، ٿا روڄ راڙو ڪن،

ته بابا! ڀاءُ اسان جو، اڄ کاڌو بگهڙن،

باقي پهراڻ بچيو، جو هو پهريو وريامن،

سڻندي ڳالهڙي ڳامويو، سو يعقوب نبين،

ڪري دانهن درد جي، پيڙو منجهه پَٽنِ،

بيهوش بدن ٿيو، ساڙيو جو سورن،

نه رهي سار سرير ۾، ويو هوش حواسن،

رهبر ڳو رت رُنو، ٿي منجهان اکڙين،

ڏسيو پهراڻ يوسف جو، اچيو دودَ دُکن،

کليا نار اکين جا، پلٽيو پَٽَ ڀَڙن،

وريو پڇي پُٽن کان، ڏسڪيو مان ڏکن،

ته ڪٿي ڇڏيانوَ ڪلهِڙو، نازڪ ننڍڙن؟

ڪٿي ڇڏيانوَ ڇورڙو، ڇولي منجهه ڇپرن؟

ڪٿي ڇڏيانوَ جان گر جو، رولي منجهه رڻن؟

صغير منهنجو سهڻو، ماريو اچن ڪي بُکن؟

سچ سچ چئو ڪِيمَ ڦرو، ڪڍي ڪوڙ قلبن،

جي: بابا! پٽ تنهنجا، ڪوڙ نٿا ڄاڻن،

ڀاءُ اسان جي يوسف کي کاڌو صحي بگهڙن،

تڏهن نبيءَ چيو پٽن کي، اهڙن الفاظن:

ته بگهڙ چڱا چئبا، مرون جي جهنگن،

جن کاڏو يوسف کي، لاهي پهراڻ لڱن،

ڦاٽو ٽُٽو ڪين ڪي، چٻيندي چپن،

عجب جهڙيون ڳالهڙيون، آن کي ڪيئن اچن!

نئين سر نئون روڄ ٿيو، ڪر ڏونگر ٿا ڏرن،

تڏهن ملڪ جبرئيل آيو، اُلهي کان عرشن،

حڪم موجب رب جي، مُڪو جو مالڪن،

ته چئو وڃي حضرت يعقوب کي ساري سلامن،

ته رب تنهنجو ٿو توکي چوي، رهه راضي رضائن،

”فَاصبِر اُولوُالعَمُ مِنَ الرُسُلِ“ ڏاج اِي نبين،

فڪر فريادون في الحال، ڦٽيون هاڻ ڪجن،

اها سڻندي ڳالهڙي، پيو گوهر منجهه غمن،

اکيون پوري ڇڏيائين، ٿا اندر چرڪ چُرن،

ويهي رهيو واحد جي واهه تي، خلوص خاموشين،

”فَاصبُرو صبراً جَميِلاً“ رهڻ رضائن.

وري گذري ڪيترا، ڏينهڙا جي به ڏکن،

تان جبرئيل آيو عرش تان، مَٽائي ويسن،

صورت ٿي حضرت يوسف جي، خواب جي مثلن،

ڏسي صورت يوسف جي، يعقوب ڀريو ڏکن،

ڪٿي يوسف تون هئين، منهنجا جاني پُٽ جگرن!

تڏهن جبرئيل جواب ڏنو، جوڙي جوابن،

ته صبر ڪر صابر ٿِيءُ، ٿِي منجهان صابرن،

تنهن دم تنهن توبہ ڪئي، داور جي درن،

ڪڇڻ پڇڻ بند ڪري، ٿا ماٺ وات وجهن،

وري مولي چوائي موڪليو، جلدي جبرئيلن،

ته تنهنجو درد آسمانن کي، چارئون پاس چلن،

ڏاڍو روڄ راڙو ڪيو، ملڪن ملڪوتن،

پر لهي ويندا لطف سان، سوُرَ سَؤ سالن،

راضي رهو ٿي شاغل، صاحب جي صفتن،

ٿوري گهڻي ڏهاڙي، گوندر سڀ لهن.

 

(ب) نبي ﷺ جا مناقبا

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: نور جي پيدائش وارو[2]

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو[3])

 

پهريون معجزو ليکيان، سو سُڻو ڪنن سان:

ته جڏهن عالم مڙئي، اڃا ظاهر ڪين هئا،

تڏهن نور نبيءَ جو، ٿيو ظاهر ظهورا،

سائين آڳاٽو خلقيو نور نرمل جو، پنهنجي نور منجها،

سو هو ٻاهتر هزار ورهين اڳي، حضرت آدم ڪنا،

ڪتاب سيرت گاذرونيءَ ۾، اِن پر لکيو آهه،

تنهه پڄاڻا حضرت آدم خلقيو، مولي مُلڪ خدا،

تڏهن منجهه پيشانيءَ آدم جي، نور نبيءَ جو پڌرو ٿيو پيدا،

تنهن پڄاڻا جڏهن حمل رهيو پيٽ ۾ بيبي حوا،

تڏهن لنگهي آئيو ذور سو، ڏونہ بيبيءَ نِراڙا،

تڏهن بيبيءَ ڄڻيو حضرت شيث عليہ السلام وياء،

تڏهن پڻ پيشاني حضرت شيث جي جلوي جوت ڪئا،

انهيءَ پَر پيغمبر پاڪ جو، سو نور تجليٰ،

هيڪ هڪڙي پيٽ ڪنان، آيو لنگهيندي ٻئي ڏانہ،

تان جان اچي عبدالمطلب ٿيو، ظاهر زمين مٿا،

تڏهن ڪيڙس نور نراڙ ۾ جلوو جمالا،

ٿيندو هئس پيشانيءَ ۾، سونهارو شعاع،

چمڪندو هوس منهن ۾، ڪر چنڊ چوڏهين ماهه،

پڻ جڏهن عبدالمطلب ڄائو، گهوٽيو حضرت عبدالله،

تڏهن لنگهي آيو سو نور تنهن جي نراڙ ڏونہ مٿس مُنهن مٿا،

ڪري سوجهرو سج جئن، ڪر وجهي وڄ وراڪا،

سونهن ٿيس اڳري، زينت زياده،

سهائي تنهن جي پسجي، سڀڪي رات منجها،

سائين سڳورو ڪيو، مرسل محمدا.

 

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو:

حضرت جي نور مان عالم جي پيدا ٿيڻ وارو[4]

(چيل آخوند عبدالرحمان جو + [5])

 

ساراهيان سچو ڌڻي جو آگو عليما،

جُڳاءِ جنهن صاحب کي سڀڪا ساراها،

عالم عليم مون ڌڻي، مولو مُلڪ خدا،

ڪير ڪري سگهندو تنهن جي تعريفا،

جو پاڪ پرور پاتشاه، مولو منزها،

جيڪي ٻُجهي مون ڌڻي سو ٻجهن ڪين ٻيا،

جِنهن عرش اپايو، ڪرسي، لوح ۽ قلما،

ڪئو ڪُن سين سَڪي پاڻ ڌڻيءَ پيدا،

سٻاجهو سَڀين پرين ساتِر سَميِعا،

ڪري ڪمڙا پاڻ ڌڻي ”يَفعَلُ اللهُ ما يَشاءُ“،

خالق رازق، رحيم ڌڻي، قائم قيوما،

سميع، صانع، مون ڌڻي، بصير ۽ بينا،

جنهن پيدا ڪيو پاڻ ڌڻيءَ، مير محمد شاه،

سَرور شفيع جهان جو، اڙين آڌارا،

مُهڙ مڙني مڙسلين، سچو ساهن شاهه،

ريٻارو رحمان جو، ختم الانبياءَ،

سونهن سڀني مرسلين، ڏيو ڏينهنئا،

عالم لڳا آسري، آئي احمدا،

موڙهن واٽون لڏيون، پسي کي پيا،

چمڪيو چوڏهينءَ چنڊ جيئن، شافَع جو شُعاع،

اڀريو عالم ۾، نوُري نِشانا،

وڌيو دين حضرت رسول جو، چوڌس چوَڌارا،

ڪافِر مَجوسِي ڪيترا، مَنجهه آيا اِسلاما،

موليٰ مرهي مون ڌڻي، جن آندو ايمانا،

چارئي يار حضرت رسول جا، سڀنئون سوُنهارا،

سچا صحابن ۾ سي ڪامل ڪمالا،

ڪيون تعريفون تن جون مير محمد شاهه،

عادل، عامل، زاهد گهڻو، مَنجهه رضا رحمانا،

عابد عبادت اڳرا، زاهد زمانا،

صاحب شاڪر سڀني پرين، مٿي رب رضا،

ڪنبن نه ڪوڙيين ڀَر، مُطلقا موُرا،

مولي ڏنو مرتبو، تنين کي توڙا،

ساراهجي تنهن صاحب کي، عَجَب جِنهين ايڏا،

ڪين منجهان ڪئين ڪَري، صانع صنعتا،

قادر جي قدرت کي ڪمي مور نه ڪا،

صاحب جي ساراهه کي حد نه حسابا،

هاڻي ڪريان بيان خلقت جو، سو پڻ سُڻيجاه،

ته ڪنهن پَر سي پيدا ڪيا، خالق مخلوقا،

پر اڃا خلقت نه هئي، ڪِٿهين ڪا پيدا،

عرش ڪرسي ڪين هو، نه ڪو لوح قلما،

موُرئون ملائڪ نه هئا، بي جوڙ نه جهانا،

آدم ڪين اپائيو نه ڪا ٻي شيئا،

تڏهن نور نبي ڄام جو پهرين ڪيو پيدا،

مولي ملڪ جِهان جي، پرور پاتشاهه،

پنجاهه لک ورهين جا مُدت مديدا،

ڪن انهان ئي آڳري چئي، هيءَ پڻ روايتا،

مذڪور تنهن جو گهڻين پَرين لکن ٿا علما،

تان جڏهن پيغمبر پيدا ٿيو مير محمد شاهه،

نبُوت نبيءَ جاءِ جي، ٿي ظاهر ظهورا،

آيو جبرئيل جهٽ ۾، صاحب جي پارا،

نازل ڪيو نبي مٿي قادر قرآنا،

پهرين وٺي آيووحي، سو اِقراء سوُر منجها،

ان ڪي ڏينهن ڪيترا اِن مدت پُڄاڻا،

پڻ ايندو جبرئيل هو سيگهه سگهو صحيا،

اچي وهندو سو هو، مهندان محبوبا،

خبرون ڏيندو سو هئو، سنديون ارض سما،

ڪڏهن ويٺو هو حضرت وٽ ملڪ جبريلا،

تڏهن بيبي ’فاطمه‘ پڇيو پنهنجي پيءُ ڪنا،

تان چيو مير محمد ڪارڻي، جي وڏو آءٌ توها،

تان جي وڏو آءٌ آن ڪنا يا رسول الله!

وري چيو رسول رب جي مير محمد شاه،

يا جبرئيل! چَئو تون ڪيڏي ڄمار؟

آهي ڪڻئي ياد ڪِي شمار ورهنئا؟

تان چي: آهي ياد مون کي گهڻو اَپارا،

جئن اڀرندو هو هيڪڙو تارو منجهه عرشا،

ڏٺو هو مون تنهن کي ههڙي طريقا:

جئن سو اُلهندو اُڀرندو هو، تارو منجهه عرشا،

مُدت مدِدي ڪيتري گهڻي اپارا،

جي اڀرندو سو هو تارو منجهه عرشا،

ته ستر هزار ورهين جي ڪندو هو جٽا،

جي وڃي سو اُلَٿو تارو منجهه عرشا،

ته ستر هزار ورهين اڀري نه مورا،

جي وڃي سو اُڀرئو پڄاڻان تهان،

ته اُلهي سو نه مورهين ستر هزار ورهن ڌارا،

ڏٺم اڀرندو تنهن کي ستر هزار ڀيرا،

قادر جي قدرت کي ڪمي موُر نه ڪا.

تڏهن ڏنو جواب جبرئيل کي مير محمد شاه:

ته هو نور اسان جو منجهه تنهين ڌاريئا،

پر اڃا اڳي سو هئو گهڻي مدت مديدا،

مدت پنجاهه لک ورهن جا اڳي خلقت کا،

تِهان پوءِ پيدا ڪئو آڳي ياقوُتا،

هو نور اسان جو تنهين منجهه تورا،

جڏهن نِڱيو نور اسان جو منجهان ياقوتا،

تڏهن ڪنارن شوق فِراق جي ڦاٽي ٿئو ٽُڪرا،

تنهان پوءِ تاري ۾ رکايو مولي مُلڪ خدا،

تان جڏهن تاري منجهان نڱئو سو نور تجليٰ،

تڏهن پيدا ڪئو پاڻ ڌڻي هيڪڙو درختا،

وڏو هو سو ڊيگهه ۾ بُلند گهڻو بالا،

نالو يقين تنهن جو رکئو رحمانا،

مولي مومنن جي دل ۾ سو يقين رکايو آه،

تنهن پُڄاڻان پيدا ڪِئو قادر ڪريما،

منجهان نور نبيءَ جي پاڪيزي پِريا،

صُورت چَتونءَ پکيءَ جي، اُتانهين اعليٰ،

تِنهان پوءِ پيدا ڪيا مولي ڏهه درياء،

پهريون درياء علم جو ٻيو سندو عملا،

ٽيو درياء حِلم جو، چوٿون سندو عشقا،

پنهنجون درياء صبر جو، ۽ ڇهون نِعمتا،

ستون دريا نور جو نازڪ نفِيسا،

اَٺون دريا عقل جو ٿيو ئي پيدا،

نائون دريا شُڪر جو، ڏهون سندو فقرا،

پڻ ڪِنين ٻيا ٻه چيا اُنِين ڏهن تي اڳرا،

هيڪڙو درياء حيا جو، ٻيو معرفتا،

جڏهن هي دريا سڀئي تمام ٿيا،

تڏهن فرمايو پاڻ ڌڻي مولي ملڪ خدا،

حڪم نبيءَ جي نور کي ٿيو ڌڻيءَ جي پارا:

ته آءٌ، اچي گهِڙ تون، ڏي ٽٻي منجهه دَريا،

گهِڙيو نور تن دريائن ۾ موجب فَرمانا،

ستر هزار ورهين هئو مدت مديدا،

جڏهن پورا وَرهه ٿيا ستر هزارا،

تڏهن امر ٿيو نور کي ڌڻيءَ جي پارا،

ته نڪري آءُ ٻهر تون منجهائي دريا،

تڏهن موجب امر رب جي نڱيو هي نوُرا،

ڪنان دريائن سڀني نڪري ٿيو ٻهرا،

تڏهن ٿي سونهن نور کي اپر زيارا،

ڪنا دريائن قدرت جي مولي جيءَ مِهرا،

پڻ رسي حِڪمت نور کي منجهائي دريا،

علم، عقل، عشق، ۽ صبر شڪرانا،

حيا، حلم، حڪم، ۽ معرفت موليٰ،

فقير، قناعت مڙئي، شريعت نبوتا،

ٻيون پڻ هزار حڪمتون، گهڻيون اپارا،

پڻ آهي ڪتابن ۾ اهڙي پچارا،

ته ڪيا نور نبيءَ جي منجهه سڀ ڪنهن درياء،

ڏهه ڏهه هزار ورهين، سجدا شوق منجها،

جڏهن نڱيو نور سو منجهائي دريا،

ٻهر اُڀو سو اچي موجب فرمانا،

صورت شَبيِههَ اڳرو جلوي جمالا،

حُسن حيرت گڏيو خوُبئون خيالا،

مثل سائي پکيءَ جئن اُڀو ادب منجها،

تڏهن حڪم ٿيو نُور کي پارا، ج تاڻيءَ

ته چور تون پانهنجا آنگڙا، اي نوُر مون سندا!

ته ظاهر ٿئي منهنجي، سڀئي حڪمتا،

۽ ٿئي پيدا تو منجهان، منهنجي سڀ خلقتا،

گهيو آهي مون جنهن کي پانهنجي پارا.

تڏهن نوُر نبيءَ ڄام جي ڇنيا انگڙا،

هيڪڙو لک ۽ چوويه هزار ڦڙا ٿيا پيدا،

ڪنهن ڪَم چيا اُن ۾، ڪنهن چيا زادا،

سي ڪِري پيا تنهن ساعت ۾، حڪمت جا قطرا،

منجهان تنهن پيدا ڪيا، مولي مُلڪ خُدا،

هيڪڙو لک نبين جو ۽ چوويهه هزار ٻيا،

۽ وڏا مڙئي تن ۾ ٽي سؤ سٺ هئا،

وري اَمُر ٿيو نوُر کي، مولي جي طرفا،

ته چور تون پانهنجا اَنگڙا، اي نوُر مون سندا،

تڏهن چُريو نوُر نبيءَ جو اَمُر ساڻ خدا،

چورِيو مٿو پانهنجو نرمل نوُر هديٰ،

ٻه ڦڙا ڪِريا وير تنهن جيڻي اک منجها،

پهرئين منجهان پيدا ٿيو ملڪ جبرئيلا،

پيدا ٿيو ڦڙي ٻئي منجهان ملڪ ميڪائيلا،

وري ٿيو مرتبو آئيو آوازا،

نرمل نوُر نبيءَ جي کي مولي جي درگاها،

ته چور تون اک ڏائي اي منهنجا محبوبا!

تڏهن اک چوري پانهنجي، نبيءَ جي نوُرا،

وري ڏائيءَ اک منجهان ٻه ڪِريا ڦڙا حڪمت جا،

پهرئين منجهان پيدا ٿيو ملڪ اسرافيلا،

پڻ عزرائيل پيدا ٿيو ڦڙي ٻئي منجها،

وري اَمر ٿيو نوُر کي ڌڻيءَ جي پارا،

ته چور تون پانهنجا انگڙا، اي نوُر مون سندا!

تڏهن چوريا انگڙا پانهنجا، نوُر سندي نبيا،

ڪِري پيا ڪن منجهان، جيڻي ٻه قطرا،

پيدا ڪيو پهرئين منجهان عرش عظيما،

ٻي منجهان ڪُرسي ڪئي پاڻ ڌڻيءَ پيدا،

اَمر سين الله جي پرور پاتشاه،

وري ڏائي ڪَن مان ڦڙا ٻه ڪِريا،

پهرئين منجهان لوح ڪيو پاڻ ڌڻيءَ پيدا،

قدرت سين قَلم ٿيو ڦڙا ٻئي منجها.

وري اَمُر ٿيو نوُر کي، صاحب جي پارا،

ته چور تون پيشاني پانهنجي، اي نوُر محمد جا!

تڏهن چوري پيشاني پانهنجي، پاڪيزي پِريا،

ڪِريا پيشانيءَ منجهان پورا ٻه قطرا،

پيدا ٿيو پهرئين منجهان سونهارو شمساه،

قمر ٿيو قدرت سين، ڦڙي ٻئي منجهان پيدا،

وري اَمُر ٿيو نوُر کي، ڌڻيءَ جي پارا،

ته چور جُسو پانهنجو نازڪ نوُرا،

ڪِريا ڦڙا ڳلن منجهان سَت تنهن ويرا،

سَت طبقا تنهن منجهان ٿيا اَڀن جا،

وري ڏائي ڳل منجهان ڦڙا سَت ڪريا،

ست زمينون تنهن منجهان قادر ڪيون پيدا،

وري حڪم ٿيو نوُر کي ڌڻيءَ جي پارا،

ته چور جُسو پانهنجو، اي نوُر مون سندا!

تڏهن چوري جُسو پانهنجو، اَمُر سين موليٰ،

ڪِريا جيڻي سوراخ منجهان نڪ جي اَٺ ڦڙا،

منجهان تنهن پيدا ڪيا قادر ڪريما،

بهشت اٺ تنهن منجهان ٿيا ئي پيدا،

پدا ٿيو پهرئين منجهان جنت فردوسا،

هوندا نبي تنهن ۾، ۽ پڻ وڏا عُلماءَ.

ٻي منجهان جنت الماؤيٰ ٿيو ئي پيدا،

هوندا شهيد تنهن ۾، ۽ پڻ متقيا،

ٽئي منجهان جنتُ النعيم ٿيو ئي پيدا،

هوندا ٻانگا تنهن ۾ مولي جي مهرا،

چوٿين منجهان ٿيو بهشت دارُالقَرارا،

هوندا حافظ تنهن ۾ سندا قرانا،

پنجين منجهان قطري ٿيو جَناتُ عَدنا،

هوندا سَخي تنهن ۾، ۽ پڻ عادلا،

ڇهين منجهان قطري ٿيو بهسٽ داراسلاما،

هوندا فقير صابر تنهين منجهه توڙا،

ستين منجهان قطري ٿيو دارُالمقاما،

هوندا مؤمن تنهن ۾ جن جو سچو ايمانا،

اَٺين منجهان قطري ٿيو بهشت دارالخُلدا،

تنهن ۾ هوندا شخص سي مومنن منجها،

جي ڇُٽا فقط برڪت ڪلمي جي هوندا،

وڏيون قدرتون قادر جون ڪمال حِڪمتا.

پڻ امر ٿيو نوُر کي مولي جي پارا،

ته چور جُسو پانهنجو، اي نور مون سندا!

تڏهن چوريو جسو پانهنجو نبيءَ جي نورا،

ڪِريا ڏائي سوراخ منجهان نڪ جي ست ڦڙا،

اُپايائين ان منجهان دوزخ ست سڄا،

پهرئين منجهان قطري جهنم ٿيو پيدا،

ٻئي منجهان قطري پيدا ٿِئو تلظيٰ،

ٽئي منجهان حُطمة ٿيو، چوٿين منجها جحيما،

پنجين منجهان سَعير ٿيو، ڇهين منجهان سقرا،

ستين منجهان هاويہ ٿيو ئي دوزخا.

وري امر ٿيو نور کي ڌڻيءَ جي پارا،

تڏهن چور تون جُسو پانهنجو، اي نور مون سندا!

تڏهن چوري جُسو پانهنجو نبيءَ جي نورا،

نوَ لک ڏڱئا ڦڙن جا، منجهان ڏند نئا،

تارا مڙيئي تنهن منجهان خالق خلقئا،

آهينِ روشن اڀن ۾ رهبر رفيقا،

موڙا لهن واٽون ٿا، پنڌ رَند پيچرا،

پُڻ ٿين روشن رات کي ڏينهان لِڪن ٿا،

حڪيم جي حڪمت کي حد نه حسابا،

قادر جي قدرت کي ڪمي مور نه ڪا.

وري امر ٿيو رب جو نور کي نبيا،

ته چور هٿ جيڻو، اي نور مون سندا!

تڏهن چوري هٿ جيڻو، اي نور مون سدنا!

ڏهه ڦڙا تنهن ساعت ۾ ٿيا ئي پيدا،

ڦڙي منجهان پهرئين باد صر صر ٿيو ئي پيدا،

ٻئي منجهان واءُ فر فر ڪيو ڪريما،

ٽئي منجهان ئي نڱيو رعد نالي واءُ،

چوٿين منجهان وڄ ٿي برق سا پيدا،

پنجين منجهان روح ٿيو سندو مخلوقا،

توڻي مخلوق انسان سي توڻي جننئا،

توڻي مخلوق بر جا توڻي سندس بحرا،

ڇهين منجهان صوُر ٿي سندي اسرافيلا،

ڏيندو ڦوڪ جنهن ۾ مَلڪ ٻه ڀيرا،

ستين منجهان پل صراط ٿي، اَٺين منجهان علما،

نوين منجهان پيدا ٿي سِدره مُنتهيٰ،

ڏهين منجهان قطري ٿيو درخت طوبيٰ.

وري امر ٿيو نور کي ڌڻي جي پارا.

ته چور تون جسو پانهنجو، اي نور مون سندا!

تڏهن چوريو جُسو پانهنجو نبيءَ جي نورا،

ڏهه قطرا انگڙن منجها محمد جي نڱئا،

منجهان تِنهن پيدا ڪِئا قادر ڪريما،

جوڙي جوڙ جهان جِي ڪيائين تماما،

سون پِهرئين قطري منجهان ٿيو ئي پيدا،

رپو پيدا ٻئي منجهان ڪيو ڪريما،

ٿي مِهتر سليمان جي مُني ٽئي منجها،

چوٿين منجهان پيدا ٿي مِهتر موسيٰ جي عصاق،

پنجين منجهان مهتر اسماعيل جو گهيٽو ٿيو پيدا،

۽ اُٺ حضرت صالح جي ٿي پيدا ڇهين منجها،

ستين منجهان قطري گهوڙا ٿا پيدا،

اٺين منجهان حيوان ٿئا، نوين منجهان درندا،

ڏهين منجهان پيدا ڪيا پکي پرندا.

وري امر ٿيو نور کي ڌڻيءَ جي پارا،

وري امر ٿيو نور کي ڌڻيءَءِ جي پارا،

ته چور جُسو پانهنجو، اي نور محمد جا!

تڏهن چوريو جسو پانهنجو نبي جي نورا،

اُرهه منجهان ڏهه قطرا وري ٿيا پيدا،

پهرئين منجهان عاشق ٿيا سندا ئي الله،

ٻئي منجهان شاڪر ٿيا ڪريندڙ شڪرانا،

ٽئي منجهان پيدا ٿيا عارف ۽ عرفاءَ،

چوٿين منجهان خلقيا فهيم فقيها،

پنجين منجهان پيدا ٿيا حافظ قرآنا،

ڇهين منجهان مفسر ٿيا صاحب عقل جا،

ستين منجهان پيدا ٿيا عالم ۽ علماء،

اٺين منجهان عامل ٿيا صاحب تقويٰ جا،

نوين منجهان صالح ٿيا طالب ڏهين منجها.

وري امر ٿيو نور کي ڌڻي جي پارا،

ته چور لب پانهنجا، اي نور محمد جا!

تڏهن چوريا لب پانهنجا نبيءَ جي نوُرا،

ڪريا تنهن ساعت ۾ پورا ڏهه قطرا،

آيو هلي پاڻيءَ تي ڪناري دريا،

ڏٺائين مغروري پاڻيءَ ۾، گهڻي اپارا،

ٿو وهي گهڻي تک سين، ڏاڍو ڏاڍايا،

چيو نور نبيءَ جي سلام پاڻيءَ ڪنا،

واريو سلام نوُر جو، پاڻيءَ تِنهن ويرا،

تڏهن چيو نور نبيءَ جي جواب پاڻيءَ کا،

ته ڪم تون ڪرين ڪهڙو منجهان ڪمنئا؟

تان چي: ڪم ڪريان پاڻهي، جيڪا مون رضا،

چي ناهي رضا ڪنهن کي، ڏيهه ڌڻيءَ ڌارا،

جيڪي گهري سو ڪي، مولو مختارا،

اي پاڻي آهي عيب تو ۾، توکي خبر ڪا؟

تان چي: ڪهڙو عيب مون ۾، اي نور نبيءَ جا!

چي پوني پليتي تو ۾، سندي مخلوقا،

ڌوئي ڇڏيندا تو ۾، پانهنجو ميلا،

ڪئي عذرخواهي پاڻيءَ پانهنجي پارا،

مهنان نور نبيءَ جي، جو خاتم الانبياء،

ڪئو نور نبيءَ جي امر پاڻيءَ کا،

ته ”پڙهه ڪلمون“ نور چيو، پاڻي آندو ايمانا،

تهان پوءِ نور نبيءَ جو اُٺئو ان ماڳا،

وي موٽي اُسهيو، نور نبيءَ جو ڏونہ خاڪا،

نظر اُڀي جان ڪيو، نبيءَ جي نورا،

ڏٺائين عاجز غريب گهڻي بيحد اپارا،

ڏنو سلام خاڪ کي، نبيءَ جي نورا،

”وَ عَليڪ السلام“ چيو خاڪ تنهن ويرا،

چيو نور ڪلمون، خاڪ آندو ايمانا،

ڪيو قبول خاڪ کي، نبيءَ جي نورا،

اول آخر تنهن کي ڪيو قبولا،

هاڻي خالي ناهه ڪو، ماڙوو مخلوقا،

ڪنان اِن چئن طبعن، جن جو ٿيو مذڪورا،

هيڪڙا آتشي تن ۾ بادي آهين ٻيا،

ٽيا خاڪي تن ۾، آبي آهينِ چوٿا،

خاڪ منجهان پيدا ڪيا، مولي درويشا،

واءَ منجهان پيدا ڪيا، سڀ تڪبر وارا،

۽ ڄيري منجهان بخيل ٿيا ئي پيدا،

پاڻيءَ منجهان پيدا ٿيا، سڀئي زوراوَرا،

تن سڀني کي ٿو رسائي، مون ڌڻي رزقا،

ڪونه واري ڪٿهين برن منجهه بحرا،

توڙي نيڪ بند هونِ سي عبادت وارا،

نيڪن بَدن سڀن کي، رسائي مون ڌڻي رزقا،

توڙي سي بخيل هون، توڻي مُتڪبرا،

توڙي ظالم هون سي، ڪِ وري فقيرا،

توڙي صالح هون سي ڪِ وري بدبختا،

توڙي وحش، سُرڻا، توڻي طيورا،

رزق رسي تن سڀني کي، رات روز مرا،

سين برڪت نور نبيءَ جي محمد مصطفيٰ،

پڻ رمايو پاڻ ڌڻيءَ ملڪ جي موليٰ،

ته مون پيدا ڪيو نور نبيءَ جو پنهنجي نور منجها،

حبيب ڪيم پانهنجو تنهين کي توڙا،

عِزت، شرافت، مرتبو،بُزرگي بالا،

ڪيم مڪان تنهن جو، اُتانهون اعليٰ،

ڪيم ڀلا تنهن جا، سڀ نوراني نالا،

منجهه اُڀين ڀونئين پڌرو، ڪامل ڪمالا،

سونهن صلابت وترو، جلوي جمالا،

مهڙ مِڙني مرسلين، تڏهانڪر توڙا،

ڏيئي شرف شفيع کي، نوازيائين نورا،

”اَنا مولاڪ انت محبوبي“ آهين ايءُ اوڏا،

ٿيو سردار نبين جو، ۽ سندو آخرتا،

شرف ڏنائين شفيع کي سندو قابِ قوَسا،

طــٰـہٰ، يـٰس، تِنهن جو مڙئي مَذڪورا،

”محمد رسول الله“ چيو قادر ڪَريما،

نائب ڪري تنهن کي، ڏنائين نبوتا،

مهند مڙني محمد ٿيو، اول ابتدا،

وڏي شفاعت جنهن جي، شفاعت عُظميٰ،

صاحب شفاعت، صاحب شريعت سندو فُرقانا،

معجزا مشهور جنهن جا، اڀن ۾ اعليٰ،

ڪيون خدمتون تنهن جون، مَلڪ جبرئيلا،

عالي علم تنهن جو، دوري درازا،

آهي قرآن ڪريم ۾، تنهن جو مَذڪورا،

ڪونه ڪي تنهن سين، مباحثو مورا،

موڙهيون متيون ڪافرين، جي صاحب فصاحت جا،

اهڙي عزت احمد ڄام کي، ڏني ڏاتارا،

حبيب ڪيائين پانهنجو، تنهن کي توڙا،

ڏنائين شرف شفيع کي، منجهان حضور.

 

مناقبو نبيﷺ جو: سندن ساراهه وارو[6]

(چيل پير محمد اشرف شاهه ڪامارائيءَ جو[7])

 

”فڪيف الدنيا بالضرورت اخرجت الدنيا“ آدم سان،

ڪيئن نه ضرورت سڄڻين، ڌڪيو ڏونهه دنيا؟

تنگي لاءِ تن جي ڪڍي پاڻ پِريا،

جڏهن نيا دار ۾، هڏ نه هوت هئا،

خلقت جا خليل جي، خلقي هئي نه خدا،

نڪا جوڙ جهان ۾، اصلئون عزما،

نه سُهائو سج جو، نه چنڊ ڪتيون تارا،

نه ظاهر زمين هئي، نه عالم عجيبا،

نه ڪو جن اَنس هو،نڪا مخلوقا،

پيدائش ڪارڻ پرينءَ جي، پرور ڪيو پيدا،

اَهل اِي عرش جو، نبي نوُر هُديٰ،

نالي پنهنجي پاڪ سان، حامي ڪيو همراهه،

ضم ذاتيءَ ۾ ٿيو، اگر نام ناميءَ سان،

لکيو لوح محفوظ تي، نرمل سندو نانءُ،

”محمد رسول الله“ سان اکر پڌرو آهه،

هو پٽ حضرت آدم جو شيث سونهارو نانءُ،

تنهن پڇيو پنهنجي پيءُ کان، ادب سان اڳيا؛

ڪير ٿيندو آخر زماني ۾ نبي جو پيدا؟

تنهان تنهن جو وِترو شرف شان شعاع.

چيو حضرت آدم پٽ کي، هن پر جوابا:

ته ماهيت مراتب جي، مون کي سڌ سڀڪا،

هِنئين لائي هاڻ تون، پارک سڻ پٽڙا!

ويتر تنهن وريام کي، ٿي عزت اڪراما،

مرتبي محبوب جي، ڪنهين جوڙ نه ڪا،

سڀني مرسلن ۾، سندس ناءُ ضياء،

خاص ڇهن خصلتن، آڌار عالم آهه:

پهرين خصلت تن مان، خاصي خاص اِها،

آگو ڏيندو ان کي، جا بيبي منجهه نڪاحا،

نالو تنهن نيڪ جو ”خديجة الڪبريٰ“،

ڪندي دعويٰ دين ۾، ٻَهون ٻهارا،

هوندي همراهيءَ ۾ حضرت سان هر جاءِ،

ٻي خصلت خوب ٿي، تان ڀي تن منجها،

ٿيندو امر اٿڻ جو، عالم کي اڳيا،

چوندا ملائڪ ميت کي، وٺيو نانءُ نيندا،

اُٿي فلاڻا شخص تون، پُٽ فلاڻيءَ جا!

ڦيري مٿو پانهنجو، ڪڍندو قبر ڪنا،

هوندو حضرت هاشمي مٺو محمدا؛

ٽي خصلت خوب ٿي، چوٿين چاهه منجها،

ٿيندو ڏينهن قيامت جو، ماڻهو جِت مِڙندا،

اولياءَ ۽ انبياءَ، پنهنجيءَ ۾ پوندا،

”يا رب نفسا نفسي“ چِٽو ائين چوندا،

پُٽ نه ويجهو پيءُ کي، ٿيندي ڌيءُ نه ماءُ؛

پنجين خصلت پرينءَ جي، ٿي توڙئون تڪريما،

هلي ايندو عرفات تي، مَرڪي محمدا،

اچي ڇڏائيندو ڇوهه مان، سڀ ڏوهاري ڏُٻرا،

توڻي نيڪ، توڻي بد، توڻي ڏڏ ڏوها،

توڻي عاصي اَڀرا، توڻي متقيا،

منتظر هوندا ماڳ انهيءَ، پسڻ لاءِ پريان،

جاسين نه ويندو جنت ۾، مير محمد شاهه،

تاسين وڃڻ ٻين کي، هوندو حراما،

رس داخل ٿيندو اچي، سڄي اُمت سان؛

ڇهين خصلت ڇيهه ٿي، سندي محمد شاهه،

عاصي هن ”اشرف“ کي، آهي اميدا،

جنهن بيحد بَدين جا، ڀريا آهن ڀانڊا،

ڪندو وڙ ولهن تي، مٺو محمدا،

چئو صلواتون سيد اُتي، دائم سلاما،

ويندا سي ايمان سين، ڪلمون جي پڙهندا.

لااِلــٰہ الاالله محمد رسول الله

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: نور وارو[8]

(چيل پانڌي آريسر جو[9])

 

سدا واکاڻ واحد جي، جو باري برهانا،

قادر پنهنجي قدرت سان، جوڙيا جهانا،

سڀ صفت صاحب جي، ساراهه سبحانا،

’محمد‘ پنهنجي مهر سان، ڪيو پرور پيدا،

عشق اول پيدا ڪئيني، پنهنجي ذات منجها،

قادر قدرت سان رکي، محبت مجازا،

نوُر ڪڍي نوُر مان، ڪيئين نبي نروارا،

اصحاب، ازواج مهر، مولي مرڪايا،

رحمت، عزت، تقوير لائق، سالم ملاما،

حضرت ’علي‘ ٿو ڪري هن پر بيانا،

قول ڪتابن لکيا، ذڪر اذڪارا،

ته جڏهن الله تعاليٰ نه جويو هو، هي جهانا،

زمين نه هئي پَٿريل، نڪو آسمانا،

ان کان اڳ محمد کي ڪيو، پاڻ ڌڻيءَ پدا،

عظمت جبروت ڪيا، چوڌس چمڪارا،

مٺي محمد ڪريم جي، صورت ڪيا شعلا،

الله عاشق پاڻ ٿيو، محمد معشوقا،

ڳالهايائون ٿي پاڻ ۾، گوهر گفتارا:

محبت منهنجي توسان ٿي، محبوب منٺارا!

دلپسند دل جو، تون دلبر دلدارا،

تو ۾ نرمل نور منهنجو، سا منهنجي هدايتا،

بلڪل خزانو مون گهڻو ڏنو توکي اپارا،

بهشت باغيچا جنتون، سج، چنڊ ۽ تارا،

پهڻ، پٿر، نديون ۽ درياهه دادلا،

ڪَڪر، ڇَمر، مينهن ڳڙا، گل ڦل گلزارا،

نور اقدس قيمتي، توحيد تڪرارا،

ائين چئي محمد کي ڪيائون محفوظ پاڻ ڪنا،

ڳجهو رکيائون غيب ۾، پوشيدو پرياڻا.

ٻي پڻ روايت ٿو ڪري علي مرتضيٰ:

هوس حاضر حضور ۾، خدمت خداما،

مون پڇيو پرين ڳنان، محبت منجهان را،

ته اي معزز محترم! ڏي حقيقت حالا،

ته ڪهڙيءَ شي مان ڪيو ڌڻيءَ توکي پيدا؟

تڏهن فرمايو فضل سان، سيد سردارا:

مون پڇيو هو رب کان، جو مالڪ الموليٰ،

ڪهڙي ٽول مان خلقين؟ ڪيو باريءَ بيانا،

جسم جوڙي راس ڪيو، تو ڏيهن ڏاتارا!

تڏهن جوي جبار جواب ڏنو اهڙن الفاظا:

حال حقيقت هيڪڙائي ڪيم ڪم سڀئي سارا،

ٻيو ڀيرو عرض ڪيم، منجهه داور جي درگاهه،

ته ڪهي شي مان جوڙيئي، منهنجو جسم جنسارا؟

تڏهن جوي جواب ڏنو، اگي عليما،

ته مون پنهنجي نوُر کي ڪيو نرمل نظارا،

تڏهن تون پيدا ٿئي، ساڻ عبرت ۽ اعليٰ،

لباس لائق توکي، مون ڍول ڍڪايا،

عظمت ۽ جلال جا ڏنم سارا سامانا،

اُنهنجا اهلبيت ڪيم ڪل تي ڪرارا،

عزت اصحابن کي ڏنم، جي يارن جا يارا،

طالب طلب تنهنجا دوست دلدارا،

عاشق سي عشق ۾، محبتي متوالا،

سڀ روحانتون روح سان، جلوي جمالا،

سارا ڪم اڳي ٿيا، پوءِ ٿيو آدم انسانا،

حضرت آدم کان اڳ، منهنجا پرمل پيارا،

ي هزار ورهن جا منجهئون عرش ڪنارا،

”الحمد“ اکر تولاءِ، ٿي آئي تسبيح تنوارا،

تڏهن تنهنجي نور مان جوڙيم انسانا،

پوءِ رکيم نور آدم جي پيشانيءَ پارا،

جنهن ٿي شمع شعلا ڪيا، تجلي تڪرارا،

ست زمينون آسمان هليا، عشق اولانبا،

مَلڪن اچڌي ميڙا ڪيا، گڏجي گهمسانا،

ڏسي نور نبيءَ ڪيم جو، ڪيا محبت مستانا،

اُڀا سڀ ادب ۾، جوي جامع جماعتا،

حضرت آدم عرض ڪيو، کي رازق رحمانا،

رب منهنجا مون ڌڻي! تون ڏي احوالا،

مَلڪن اچي ميڙا ڪيا، مون مٿي مجازا،

سبب انهيءَ ڳالهه جو، ڪر تون باري بيانا،

آواز اُن دم آئيو، ساڻ قدرت ڪمالا،

سُڻ آدم! تون منهنجي من جو مذڪورا:

اهو نوُر محمد ڪريم جو، ڪي تو ۾ جهَلڪا،

اسين آهيون پاڻ ۾، عاشق معشوقا،

اُن جي سبب توکي خلقيم، ۽ ٻيو سارو جهانا،

لائق لولاڪ جو ڌڻي، رهبر رسالتا،

ڪائنات قريشيءَ سان، ماڻڪ منيرا،

پُٺِ تنهنجيءَ مان پيدا ٿيندو، شمس ستارا،

مون منهنجو محبوب ڪيو ياور يارانا،

هو اول، آخر آهي، ظاهر، باطن بهارا،

عالمين اُمت جو وسيلو ورياما،

مدد محمد مير جي، ڇٽندا جڳ سارا،

محابي محمد ڪريم جي، عاصي ويچارا،

مون ڏنو منهنجي محب کي، ڪوڏئون قرآنا،

سڀ سرهايون سيد کي، واڳون ورياما،

سو پاڪيزو پرمل پرين، پاڪ پٺن ڪنا،

سو ٿيندو آخر زماني جو احمد آڌارا.

وري عرض آدم ڪيو، کي صاحب سوالا،

اهو سڄڻ سلڇڻو، مون کي ڏيکار ڏاتارا!

منجهان ذوق زيارتون ڪريان قرب ڪمالا،

تڏهن حڪم ٿيو آدم کي، داور جي درگاها:

”اَشهدُ اَن لااِلــٰـہ الاالله و اَشهد اَن محمد رسول

الله“ پڙهه آدم! ذاڪرا،

جڏهن نظر نور تي پيو، نبيءَ آدم ڀلارا،

اَشهد آڱر جو ڪيئين اون دم اشارا،

ته تحقيق تون آهين محمد مختيارا،

وري وحدانيت واحد جيءَ جو، آيو اشارا،

سو قائم ٿيو ’التحيات‘ ۾، ٿا پڙهن نمازا،

حضرت آدم وري چيو، ڪي واحد واکاڻا،

ٻيو تو ڪنهن کي نور ڏنو، عجب عجائبا،

ته هِيئن حڪم ٿيو هاديءَ جو، الله جي پارا:

آهي چئن آڱرين ۾، نور تنهنجو آدم سچارا!

چئني يارن جو چوان، جي مجلسي محبوبا،

ابوبڪر، عمر، عثمان، علي حيدر شاهه،

اهي ڪندا سِر صدقو، محمد مٿان قربانا،

پنجين آڱر حضرت آدم جي، پُر ٿي نوور منجها،

سو نور نبي ڪريم جو، هو آڱرين جي پارا،

سارو سرير نور ٿيو، آدم جي اسرارا،

چار يار رسول سچي جا، چارئي چاڳلا،

اهڙن ڀلن جي جو ڪري گلا گفتارا،

سو حرامي هائيءَ ۾، ويندو هڄي حراما،

دءز هٿيڪو دوزخ م، ٿيندو ٻَري اڱارا،

ساٿي ويهندڙ سَٿَ جا، صحبت سونهارا،

اگلايون ”آريسر“ جون، ڍوليا! ڌڪ ڪجا،

پڃرو پسان ”پانڌي“ چوي، سو ماڻڪيءَ منارا،

پڙهو صلواتون سيد تي، لک لک درودا،

ويندا سي ايمان سان، ڪلمون جي پڙهندا.

لااِلــٰـہ الاالله محمد رسول الله

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: سندن نور جي ظهوري وارو[10]

(چيل مولوي محمد صلاح جو[11])

 

بزغ الحبيب المجتبيٰ،

في الشمعت الليل الدجيٰ،

والشمس قطلع في الضحيٰ،

نِڱيو نور نبي ڪريم جو محمد مجتبيٰ،

حسن ڪيو حبيب جي، جلوو جمالا،

ظاهر ٿيو ظلمت ۾، جڏ ڪر ڪبارا[12]

منجهه انڌاريءَ رين رسيو، گوهر گمراهنئا،

هادي اچي هَرائيو، ويڳهه ورياما،

تاريڪيءَ ۾ طلوع ٿيو، لالن لمعانا،

سورج اُڀري صاف ٿيو، ظاهر وقت ضحيٰ،

چرهيو چنڊ چٽائو ڪري، اڇو آساها[13]،

چوڏس چٽو چمڪيو، هادي هدايتا،

مشرق مغرب وچ ۾ سوجهرو، ڪيو رهبر رسولا،

سڀ اُتي سهائو ٿيو، نبيءَ جي نورا (3)،

ويئي اونداهه ڪفر جي، شمس ڪيو شعاع،

دريا گجي گوڙ ڪئي، اُڌمي اوڙاها،

نيئي نڪونج نوڙئين، سائر ڪيو سَماع،

واهڙ مڙيئي وحدت ۾، هلي هيڪ ٿيا،

سانوڻ سويرو نڱيو، ڀرجي برهارا(4)،

ڏيو تڪون تار وَهي، منجهه مظهر محمدا،

ليٽي لڙ لعل ٿيا (5) ورنهه وجودا،

دونڪي (6) دولت محمدي، منجهه فطرت في الحالا،

وڳي نوب نبيءَ ڄام جي، آيو احمدا،

ڀَڀڪي ڀيڙ بهادري، خاتم خير وريٰ

گوهر گجرن ڳائيو، چوڏس چڱائيا،

قريشيءَ جي ڪچهرئين، پيئي پچارا،

راهوءَ سندي رهاڻئين، ورتي (7) ورونها،

هاشميءَ جو هل ٿيو، منجهه مُلڪن مشهورا،

حامي سڀيئي تَهه ڪيا، اڳيان اوتارا(8)،

رسالت رسول جي، جنهن پڙها پَٽ وڌا،

جاڳيو وارث دين جو، ٿيو پيغمبر پيدا،

ڪوٺي ٿو الله ڏونهن، مڙني محمدا،

چئو صلواتون نبيءَ ڪريم تي، لکين دائم درودا،

وڃن سي ايمان سان، ڪلمون جي پڙهندا.

لااِلــٰـہ اِلاالله محمد رسول الله.

 

 

 

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: ڄمڻ وارو[14]

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ[15])

 

پنجون معجزو ليکيان، سو پڻ سڻيجا،

ته جڏهن سيد سِرجيو، مرسل مجتبيٰ،

آيو ماءُ جي پيٽ ۾، پيءُ جو پُٽٺ ڪنا،

ٻارهين تاريخ هئي رجب جي، مبارڪ سني سا،

رات جمعي جي پڻ هئي، سونهاري سهجا،

تڏهن آيو نور نبيءَ جو، نڪري ’عبدالله‘ ڪنا،

ڏنہ بيبي ’آمنت‘ جي، جا مادر محمدا،

اڳ حضرت عبدالله کي هئو نور نراڙ ۾، ظاهر ظهورا،

منجهه پيشانيءَ پڌرو، هلندي ڏئي اُهاء،

سج چنڊ کان سهڻو، سيد جو شعاع،

لکن ڪتابن ۾، ٿا اهڙي روايتا،

ته جڏهن اڃا مَڱي هئي حضرت عبدالله سين، بيبي آمنتا،

هئو ڏينهن باقي هيڪڙو، پرڻجڻ وِچا،

تڏهن هئي عورت هيڪڙي، عربياڻين منجها،

’فاطمہ‘ نالو تنهن جو، هئي منجهه سونهن سونهاري سهجا،

سا هئي مالدار گهڻو، ڪن وڏيرن وياءُ،

اچي عبدالله گذر ڪيو، تنهن ڏينهن اُن وٽا،

پڙهي اوءِ ڪتاب هئي ٻُجهندي اِيءَ خبر،

ته نڪرندو آخر نبي زماني جو، هيڪ هيڪڙي پُٺ ڪنا،

ٿيندو مالڪ مُلڪن جو، نالي حضرت محمدا،

جان تنهن عورت نهاريو، حضرت عبدالله ڏنہ کڻي نيڻ کا،

تان ڏٺائين نور نبيءَ جو، منجهه پيشانيءَ ان جي پيدا،

جَرڪي جهمڪي نور نرمل جو، جهُلي جهتون ڏئي جلوا،

ته سا عاشق ٿي عبدالله تي، پسي احمد جو اُهاءُ،

مڪائين حضرت عبدالله ڏونهن، ڳجها پيغام نياپا،

ته جي تون مون کي قبول ڪرين، نازڪ نڪاح لاءِ،

ته هوند هئان ڪنيزڪ تنهنجي، ۽ گولِي غلاما،

پڻ ڏيان سؤ اُٺن جو خدمت ۾، تحفي طريقا،

حضرت عبدالله پڻ سرهو ٿيو، سُڻي اِي پيغاما،

ڀانئي نڪاح پڄاڻان بيبي آمنت جي، پرڻيندس اِها،

وري مينديءَ رات ۾ حضرت عبدالله سين، پرڻي بيبي آمنتا،

پرڻيندي حمل رهيو، کي مرسل رسندي ماءُ،

لنگهي آيو نور نبيءَ جو، ڪنان پُٺ حضرت عبدالله،

ٿيو آمنت جي مُنهن ۾، شافع سندو شعاع،

جان رات گذري ڏينهن ٿيو، ڦٽيءَ پرهه پجھاڻا،

وڃي گذر ڪيو عبدالله، فاطمه وٽا،

جنهن هئا نياپا موڪليا، نرتئون نينهن منجها،

ڳالهايائين تنهن کي، ڪري مِٺي زيانا،

چي، قول پاڙج پنهنجو، ڦِرج مَ فاطما،

تان چي، توکي ڏٺم نور اکين ۾، جو ڪالهوڻي ڪالها،

جو ٿي چمڪيو چوڏهينءَ چنڊ جيئن، ڏئي جلوو چوڌارا،

اجھ نه ٻُجهان مون پرين، ساهِي ڪانهي ڪاءِ،

عاشق ٿياسين جن تي، سي سجھڻ ڪين پسان،

توڏنهن منهنجي تَن جي، ڪَڍ نه هئي ڪا،

ڀانيم اچي ڪنهن پَر مان ڪي، مون ڏنهن محمدا،

ڏٺم تنهنجي نراڙ ۾، نور جنهين جو تجلاس،

تان جيڪا رضا رب جي، سا سوُنهاري سڀڪا،

جئن گهري تيئن ٿئي، وس نه ڪنهن جي ڪا،

آهينِ سوُنهاري سيد جا، اهڙا معجزا،

پڻ جنہ رات سرجيو، نبي نور هديٰ،

تنہ رات در بهشت جا، آگي اُپٽايا،

جيڪي هئا بُت ڪافرن جا، سڀ اونڌا ٿي پيا،

پڻ  هئا بادشاهه زمين تي، جيڪي تنہ ڏينها،

تخت تن جا وري ٿيا، سارا اُٿلي اُماٽا،

پڻ پيا اُڀن ڀونين ۾، تنهن رات پَڙها،

ته سچو سيد سِرجيو، ٿيو ساهو ارض سماءِ،

سڀني ڀتين سوجهرو، سرهو کٿوريا،

سونهين سيد مرسلين، رهبر رهنماءِ،

پڻ هئا آڳاٽا قريشن ۾، ڏاڍا ڏڪارا،

سِرجڻ پجھاڻا سيد جي، سڀ سڪار ٿيا،

سُڪا سُڃا پَٽڙا، وَسِي مينهن ڀريا،

ٿيا سبزا زمين تي، وڻ ٽڻ ڦَريا،

گل ڦل ٽڙي سڀ هار ٿيا، ٿيا باغن بهارا،

گِڙن کٽڻهار جئن، آپر آشجارا،

جيڪو اچي جنهن ڏينهنا، سو آڻي خوش خبرا،

ڏينهن ورهيه کي ’ورهيه فتح‘ جو، ماڻهن رکيو نانءُ،

ڌڻيءَ سندي دوست جا، عجائب اهڙا.


[1] - هن مناقبي جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهر زادي کان ملي آهي. هيءَ روايت اڻپوري آهي، ۽ شاعر جو نالو پڻ معلوم ٿي نه سگهيو آهي.

[2] - هن مناقبي جو متن ”قوت العاشقين“ مطبوع مسلم ادبي پريس حيدرآباد سنڌ، سن 1950ع تان ورتل آهي.

[3] - مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ميرپور بٺوري (موجوده ضلعي ٺٽي) ۾ سن 1104هه/ 1693ع ۾ ڄائو. بهرام پور ڳوٺ ۾ درس تدريس جو سلسلو شروع ڪيائين، جتان پوءِ لڏي اچي ٺٽي ۾ رهيو. سنس علميت ۽ قابليت جي واکاڻ ٻڌي آسپاس جا سوين شاگرد فيض حاصل ڪرڻ لاءِ وٽس اچڻ لڳا. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، کيس ٺٽي شهر جو قاضي القضاة مقرر ڪيو. سن 1135هه ۾ حج تي ويو، جتان موٽندي صورت بندر ۾ پهچي سيد محمد سعدالله جي بيعت ڪري خلافت جو خرقو اوڍيائين. ان بعد ٺٽي آيو، جي حياتيءَ جا باقي ڏينهن خدا جي ياد ۽ خدمت خلق ۾ گذاري، سن 1174هه ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار مڪليءَ تي آهي. مخدوم صاحب پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو. نبي ﷺ جو عاشق ۽ سنت نبوي جو پورو پابند هو. عربيءَ ۾ نبي ﷺ جن ي سوانح حياتي لکيائين، سنڌيءَ ۾ سندن معجزن بابت ڪتاب ”قوت العاشقين“ جوڙيائين.

[4] - هن مناقبي جو متن ”مقدمة الصلوات“ مطبوع ڪريمي لٿو پريس بمبئي سن 1327هه تان ورتل آهي.

[5] - سوانح عمري معلوم ٿي نه سگهي آهي.

[6] - هن مناقبي جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان يار محمد مهاڻي جي قلمي نسخي تان ورتل آهي.

[7] - پر محمد اشرف شاهه ڪامارائي سن 1214هه/1799ع ۾، ڳوٺ ڪرم خان جمالي، تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ڄائو. ننڍي هوندي کان ئي فقيري خيالن ۽ شاعري ڏانهن لاڙو هوس. سندس مداحون، مولود، مناقبا ۽ ڪافيون مشهور آهن. سندس ڪيترو ڪلام رسالي جي صورت ۾ ڇپيل آهي. ڳوٺ ڪاماري شريف تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ وفات ڪيائين، ۽ اتي ئي سندس درگاهه آهي.

[8] - هن مناقبي جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهر زادي کان ملي.

[9] - پانڌي ولد مانجهي آريسر ڳوٺ جارڪي، تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ رهي ٿو، هو 1898ع ۾ ڄائو. سندس تعليم پارسيءَ ۾ ”ڪيما“ ۽ ”مامقيما“ تائين آهي. هن وقت درس تدريس ۽ حڪمت، سندس خاص شغل آهن. سندس ڪلام مداحن، مناجاتن، معزن، مناقبن ۽ مولودن تي مشتمل آهي.

[10] - هن مناقبي جي هڪ روايت درويش محمد صلاح جي اولاد مان مولانا عبدال (عمر اسي ورهيه) کان ملي، ۽ ٻي يار محمد مهاڻي (تعلقي ٽنڊي الهيار) جي قلمي نسخي تان ورتل آهي.

[11] - محمد صلاح بن محمد عارف، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو همعصر هو؛ سندس مستقل سڪونت ٽنڊي قيصر (ضلعي حيدرآباد ۾ هئي، جي اڃا تائين سندس اولاد رهي ٿو. هيءَ مناقبو هڪي واقعي کان متاٿر ٿي چيو اٿس، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اڪبر بادشاهه، دهليءَ جي هڪ عالم بزرگ عبدالنبيءَ کي چيو ته ’منهنجي تعيف ۾ خطبو ٺاهي پڙهه‘ پر، هن درويش اڪبر بادشاهه جي مدح بدران حضور جن جي مدح ”بزغ الحبيب المجتبيٰ.... الخ“ نظم ڪئي، ۽ درٻار ۾ پڙهائين. اڪبر بادشاهه ڪاوڙجي درويش عبدالنبيءَ کي قتل ڪرائي ڇڏيو. انهيءَ مدح کي سنڌ ۾ ’بزعل‘ جو ڪلمون سڏيندا هئا. مولوي صاحب انهيءَ کان متاثر ٿي ’بزغل‘ جا ڪلمان جوڙيا، جن مان هڪڙو هتي ڏجي ٿو.

[12] - ڪفر ڪنبايا.

[13] - اڇو اُها سها.

[14]  هن مناقبي جو متن ”قوّت العاشقين،“ مطبوع، مسلم ادبي پريس، حيدرآباد، سن 1950ع تان ورتل آهي.

[15]  سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص؟.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org