سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناقبا

 

صفحو :5

 

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو:

امام حسن ۽ حسين جي گم ٿيڻ وارو[1]

(چيل فقير محمد ماڇيءَ جو[2])

 

راوي روايت ٿو ڪري، ابن عباسا،

ته آيو گهر فاطمہ جي، محمد مصطفيٰ،

روئندي ڏٺو بيبيءَ کي، احمد اُن ڏينها،

پڇيو بيبيءَ کؤن تڏهن، خاصي خيرالوريٰ:

ڇو روئڱين ٺار اکين جي، منهنجي دخترا؟

حضرت جي حضور ۾ ڪيو بيبيءَ بيانا:

ته نڪتا آهين راند تي، پُٽ ٻئي سويرا،

آهن مور نه آئيا، موٽي معصوما،

آهي ڏينهن تکو گهڻو، مٿئون سج شعاع،

متان اُڃارا ٿين، يا بـَر ۾ بُکارا،

رهبر روئان تن لئي، جي اکئين ڏور ٿيا.

پوءِ احمد اُسهيو اوڏهين، ٻيو ساڻس صديقا،

ٿيو معاويه هليو، صحابن منجها،

ڪيائون پنڌ ڪيترو، مڪي جي ٻهرا،

بر ۾ هڪ بُزدار هو، راعي منجهه رڻا،

پُرسش ايلپنهوار کؤن، ڪل پڇائون ڪا.

بات ڪئي بزدار ٿي، جوڙيا جوابا:

ته مون ڏٺا هئا ٻه ڄڻا، صاحب صعيرا،

رمندا ويا ٿي راهه سان، هلندا هيڪاندا،

پوءِ عربي اوڏنهن هلا، جيڏي ويا ورياما،

پرين ڪيو پنڌ مؤن، ڪامل ڪي قدرا،

سدا سوڀارا سڀ پرئين، نرمل ننگ وارا،

هڪ ڏينهن ڪافر ڪونه ٿيو ظاهر اُن هنڌان،

ويچارو واٽ مٿي، هو گڏيو گس مٿا،

سو ڪيڏانهن ويو ڪوهه ڄاڻان، ڪهڙي سببا؟

تڏهن پرين کي تِت چيو، سندن حاضر رفيقا:

اُو اڄ بيمار ٿيو، ڏاڍي سور سختا،

سوريءَ ٻري سونپيل ٿيو، سخت بيمارا،

تڏهن فرمايائون فضل سان، مرسل مهر منجها:

هلو هلي ان شخص کي، آهي فرض في الحالا،

ان کي پڇڻ گهرجي، جو ميض موٿاڄا،

بيواهن کي واٽ ڪجي، رکجي ياري يتيما،

مسڪين تي مِهرون ڪجن، غريبن غورا،

رنن جوين تي ڪجي، اپر احسانا،

انڌن، منڊن، ٽڻدن تي، ڪجن وڙ وڏا،

بکين طعام کارائجي ۽ اُڃين کي آبا.

ائين چئي احمد اُٿيا، ڪامل قرارا،

اچي حضرت هٿ رکيا، ان آڱري تي اصلا،

درد مرض دور ٿيا، نبيءَ جي نظرا،

چوکو سو چڱو ٿيو، تازو توانا،

ڪِري پيو قدمن تي، مڃي رهبر رسالتا،

مڃئين محمد عربي، مڃئين پاڪ خدا،

جي صحيح سُڃاتم سُپين، تون محمد محبوبا،

توتي راز رب جا، هردو جهانا،

تون اگلن تي احسان ڪرين، ڪوجهن تي ڪرما،

بُرن بدڪارن تي ڪرين، لالڻ لائقا،

سچو مسلمان ٿو ٿيان، سڀوئي گهر ٻارا،

وڏا طالع تن جا، جن اڱڻ احمد آيا.

من ڪا مون مسڪين جي، لهين سڌ سماءُ،

قبر منهنجي ڪارڻي، ڪرين مديني مُلڪا،

اوڏڙو عربيءَ جي، قُبي ڪنارا،

ڪي پنڌ ”پانڌي“ چئي، هلي ڏسان حجرا،

ساهه ويم سڪ ۾، ٿين پورا پساها،

پڙهون صلواتون شفيع تي، ساري کڻو ثمرا،

ويندا سي ايمان سان، ڪلمون جي پڙهندا،

لاالـــٰـہ الاالله محمد رسول الله.

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: يتيم ڇوڪر وارو[3]

(چيل حاجي عبدالله ڊکڻ جو[4])

 

ساراهيان سچو ڌڻي، ساتر سميعا،

جوڙي جڳ جهان کي، جنهن ڪيو اظهارا،

شمس قمر آسمان جي ڪئي صانع صنعتا،

ري ٿنڀين ري ٿوڻئي، محڪم مضبوطا،

جِن مَلڪ پيدا ڪيا، خالق مخلوقا،

عرش، زمين، حوران، پريون، لوح ۽ قلما،

مهر منجهان مولي مڪو، محمد مصطفيٰ،

سو شفيع المذنبين، روز قيامتا،

عالم جنهن جي اسري، عاصي اُڪرندا،

وسنديون ٿيون ويران ۾، آئي احمدا،

چارئي يار رسول جا، مشفق موچارا،

پهريون يار رسول جو، سچو صديقا،

عمر ۽ عثمان ڪئي قادر تعطيما،

عظم علي شاهه جو، منجهه سڄي ئي عربا،

حب هِنئين حسنين جي، دائم مداما،

ڏوهٽا نبي ڪريم جا، مُلڪين مشهورا،

شرف وڏي بنيت النبي، فاطمہ الزهريٰ،

چاچا نرمل نور جا، حمزو، عباسا،

مجلسي محبوب جا، هِن عاشق اصحابا.

ڪيان قي جي ڳالهڙي، هاڻي هن طرحا:

راوي روايت ٿو ڪري، ’اَنس بن مالڪا‘،

ته هڪڙي ڏينهن حضرت هاشمي، نڪتو نروارا،

عيد پڙهائڻ واسطي، خاصو خير وريٰ،

ڏٺائون عيدگاهه ۾، ٻار وڏي عددا،

ماءُ پيءُ جن جا حيات هئا، دار اندر دنيا،

نازئون نچو نخرا ڪيو، پيا ڪن پسارا،

نوان تن جا ڪپڙا، اڇا ۽ عمدا،

کِلن کيڏن پاڻ ۾، راند ڪيو رهلا،

تني ۾ هڪڙو هئو، ڇوڪر يتيما،

تنهن ٿي رنو ريهون ڪيو، اَپر افسوسا،

ڪُهنا هئس ڪپڙا، ليڙون لباسا،

ڏسڻ سان تنهن وٽ ٿيو، نرمل نزديڪا،

تنهن کي پيغمبر چيو، مون سان ڪر خبرا،

ڇو روئين، رڙين؟ ڪر مڙئي مذڪورا،

اڄ ڏهاڙو عيد جو، روئڻ تو نه جڳاءِ.

ڪين سڃاتو نينگري، نبي نور هديٰ،

ڪيائين حال حبيب سان، مٿان ئي موُرا:

ته حضرت جن سان جنگ ۾، ٿيم والد شهيدا،

ماءُ منهنجيءَ ٻيو مڙس ڪيو، پنهنجي راز رضا،

ماريو مون مسڪين کي، لوڌيو تنهن مَردا،

ظلم ڪيائين زور سان، کاڌئين اسبابا،

چيائين منهنجي گهر کان نڪري ٿي ٻهرا،

لٽا سڀ ڦاٽي ويا، ٿيڙس مسڪينا،

نڪو مون مسڪين کي، ڏئي مانيءَ جو ٽڪرا،

نڪا جاءِ وهڻ جي، جنهن ۾ ڪيان سڪونتا،

تنهن سبب ريهون ڪيان، ٿيم الم انبوها.

تڏهن نينگر کي چيا، احمد الفاظا:

پيءُ تنهنجو آءٌ ٿيان، ماءُ بيبي عاشيتا،

ڀيڻ تنهنجي ٿيندي، بيبي فاطمتا،

بيشڪ ڀائر تو سندس حَسن حُسينا،

چاچو خود تنهنجو ٿئي علي المرتضيٰ.

سڃاڻي سردار کي، ٿيو سَرهو صغيرا،

اِها ڳالهه رسول جي، ڪئي ڇوڪر قبولا،

جي اوهين مِٽ منهنجا ٿيو، ٿئي بخت بلند بالا.

ورتو هٿ يتيم جو، حضرت حبيبا،

وٺي ويس گهر پانهنجي، منجهان محبتا،

ڏيب ڏنائينس ڪپڙا، خاصي خلعتا،

پهري پاڪ پوشاڪ کي، ٿيو خوشنودا،

ماني تنهن مسڪين کي، ڏني ڏاتارا،

طعام کاڌائين خونچا، تازا طعاما،

کائي سو ڀرپور ٿيو، ٻهڪي گل مثلا،

مشڪ مليائونس جان کي، عود عنبر عطرا،

بيشڪ بڻجي باغ ٿيو، گلشن گلزارا،

سُرها تيل ڦليل ٿيا، ٻيو اکڙين ۾ ڪجلا،

وٺي ٻاهر شهر کان، ويڙس ورياما،

سنگتين ڇوڪر کي ڏٺو، آيا منجهه عجبا،

چيائونس اڳ تنهنجو هئو غم سان گذرانا،

اڄ ڏسڻ ۾ ٿو اچين، خوش تازو توانا،

هي سِر تنهنجي ساڻ ٿيو، ڪٿان احسانا؟

نينگر سنگتين کي ڏنو، جوڙي جوابا:

پيءُ منهنجي محمد سان ڪئي جنگ ۾ وفاتا،

هاڻي ابو احمد ٿيو، امان عاشيتا،

ڀيڻ ڀلاري فاطمة، ادا حَسنينا،

چاچو علي شاهه کي ٿو سڏيان سڪ منجها.

سڻي حال يتيم جو، ٿيا سڀئي حيرانا:

هَئي اسان جي حال تي، اپر افسوسا،

پِير اسان جا جنگ ۾، جي ٿين ها قتلا،

سِرُ ڏين ها سٽ ۾، مرسل جي مهندا،

ته هيءُ ملي ها مرتبو، سببئون يتيما.

مُنهن مٿو پنهنجو پِٽيئون، ڪري ارمانا،

جن سان رب راضي ٿئي، طالع تن وڏا،

هڻي نبيءَ ڪريم جي، تنهن نينگر تي نظرا،

واقف محلاتن جو ٿيو، نينگر في الحالا،

سڏيندو سردار کي هئو، ادب ساڻ ابا،

بيبي عائشہ کي سڏي، ادب ساڻ اما،

ادي چوي خيرالنساء کي، جا بيبي بتولا،

ادا امامن کي چوي، جي پيارا پرينءَ سندا،

ڪوٺي ڪرم الله کي، چاچو صحيحا،

نينگر نبي ڪريم جو، هو خاصو خداما،

عيش ڪندو هو عشرتون، منجهه حضرت حضورا،

بعد ڏهاڙن گهڻن جي، ڪئي رحلت رسولا،

مُلڪن اندر ماتام پيو، هَي هَي واويلا،

آهون اصحابن ڪيون، ٿيا دکيل درماندا،

درد فراق ڦٽي وڌا، ڪين سوُرن سوراخا،

حرمن حادثو ٿيو، ٿيا مڙئي مغموما،

هارينِ آب اکين مان، ٿيا وري ريءَ ويچارا،

رڙي ۽ روئي نينگرو، ليٽي خاڪ مٿا،

هاري پيو جر جوش مؤن، نديون نيسارا:

ڪيئن ڪيان ڪاڏي وڃان، ٿيس ڇو روبي پِدرا،

هٿ مؤن وٺندم ڪونه ڪو، محمد ميرسوا.

ڪيو امامن اُرهه ۾، پائي ڪنارا،

چيس بيبيءَ فاطمه، ادا! ڪر صبرا،

”فَاصبَراً جَميلا“ آهي قادر ڪلاما،

مائٽ مِٽ تنهنجا، اسين آهيون اقربا.

جن جي حب حبيب سان، سي مطلب کي رسندا،

اهڙا رحم رسول جا، آهن عاصين انعاما،

پنان پاند پناهه جو، رک منهنجي لڄ شرما،

ڪيم ڪچا ڪم ڪيترا، اپر ڏوهه گندا،

سي سڀ مون کي بخش ڪر، سچا سردارا!

لڏائج ايمان سان، ڪج سهنجي سڪراتا،

ميٽ مدايون مصطفيٰ! ڪر هادي هدايتا،

”حاجي عبدالله“ جي، ڪر احسن آخرتا،

لاهي ڊپ ”ڊکڻ“ جا، ڪر معافي حسابا،

ڪرم ڪميني سان ڪيو، ڪريو مدح مقبولا،

ڏيو لاڳ ”لنگهي“ کي، منهنجا مٺا محمدا،

پائي پاند ڳچيءَ ۾، گهران ٿو هيءَ دعا،

وقت ويل وفات جي، پڙهان ڪلمون ڪريما.

لاالـــٰـہ الاالله محمد رسول الله.

 

مناقبو نبيﷺ جو: يهودي ڇوڪر جي مسلمان ٿيڻ وارو[5]

 

هيءَ حڪايت هيڪڙي، ٻانهان ٻڌيجاه،

ته هئو نينگر هڪڙو، اعرابن منجها،

تنهن ٿي پڙهيو ڏينهن هڪڙي، سبق توريتا،

ته ڏٺائين نالو نبي ڪريم جو، ورائيندي ورقا،

پڇيائين پيءُ ڪنا، جو هو ڪفارن منجها،

ابا! هيءُ اکر ڪهڙو نڪتو، سڳورو صحيحا؟

مون کي پڙهندي پريت ٿي، هينئڙي ۾ هيجا،

تان سو پليت ڊاهيو، سندو نالو نبيا،

نه پڙهج هن حرف کي، اي وِاوَ اسان جا،

موي ڏنائينس ٻئي ڏينهن تي سبق بيهرا،

تان پڻ ڏٺائين پڌرا لکيل، اسم محمد جا،

جي نه ڏٺا هئائين اڳهين، مورهين مڪانا،

پڙهندي ئي عـشق ٿيس، ۾ پڙهندي کٿابا،

محبت ۾ پُر ٿيو، خمي خمارا،

اُليو پوي اُتئون، سندي نالي نبيا،

تڏهن جهلي وڌائونس بند ۾، جڙي جنجيرا.

ٿوري گهڻي ڏينهڙا، پوءِ ڪڍيائون تنهين کان،

پڇيائونس ڪئن ٿيو آهين؟ وِاوَ اسان جا،

چيائين اُڪنڊيو آهيان، مون کي ميليو محمدا،

جنهن ريءَ رهي آءٌ نه رهان، جيسين ملي محٻوبا.

تڏهن لٺيون هڻي ڪڍيائونس، ماري شهه منجها،

پيو ڇُلي پيٺو ڇپرين، عاشق احمدا،

اَن نه چکي آب ڪِي، وسريَس وجودا،

ڪيائين عرض الله کي، مون کي مديني پهچاءِ،

جي مون سچي محبت آهي، تان آءٌ پڻ سچا محمدا!

ڏيکاريم راهه پانهنجو، يا رسول رب جا!

تان پرين سو پهچائيو، آيو مديني ٻهرا،

پڇيائين ڪنهن اصحابي کؤن، جو هو مهاجرن منجها،

ته ڪاٿي قريشي ڪارڻي، نبي نور خدا؟

تنهن ڏينهن لاڏاڻو ڪيو، هو سچي حبيب خدا،

هونِ فراق لاڏاڻي جو، ٿي رُنا رت ڦڙا،

ڪانڌي نبي ڪريم جا، هئا مسجد ۾ ويٺا.

اچي نينگر دانهن ڪئي، مسجد کؤن ٻَهرا،

پَسي صورت امام حسن جي ۽ پڻ امام حسينا،

چيائين اوهان ٻنهي م ڪهڙو آهي، محمد نبيا،

اُتو اصحابي هيڪڙي، جو مهاجرن منجها:

تان صبر ڪر ساعت هڪڙي، اي نينگر اعرابا!

اڃا آهن آرام ۾، ڪامل قرارا،

صبر ڪيائين ساعت ڪا، موٽي دانهن ڪيا،

ته نه وجهو فراق فائق کي، سچا صديقا!

ميليو محبوب سين، ته ٿيان واصل وصالا،

تڏهن پئي اُڇنگار مجلس ۾ رئڻ سڀ لڳا،

پيو غلغلو مديني ۾، ٿيو هل هڳاءُ،

رُنو روضي رسول ڪيم جي، گنبذ گلزارا،

رئڻ سُئائون پڌرو، مڙني حرم منجها،

پئي پچار مڙني ۾، جي حرم منجهه هئا،

پئي خبر خليل جي، بيت برهانا،

ڪعبي ۾ ڪوڪ ٿِي، سندي نرمل نبيا،

ته اڄ مانجهي مسافر ٿو لڏي دار منجهان دنيا،

’صَفا‘ ۽ ’مروه‘ ۾ پئي هيءَ پچارا،

جبل ’اُحَد‘ جو هاريو، جو آهه مديني ٻهرا،

جنهن ۾ امير حمزو، ٿيو هو شهيدا،

تڏهن حضرت ابابڪر، فرمايو اصحابن کان،

ته وٺي وڃو هن نينگر کي، روضي جي اڳيا،

تڏهن وٺي آيس اصحابي، ماڻڪي مهندا،

هٿ کنيائين، عرض ڪيائين مهندا محبوبا:

جي مون سچي محبت هجي، آءُ پڻ تون سچا محمدا!

ڏيکارينم راهه پنهنجو، يا رسول رب جا!

مون کي گهُراءِ پاڻ ڏي، مٺا مصطفيٰ!

تڏهن پڙهيائونس ڪلمون، مٿي محمدا،

پوءِ ليٽي پيو زمين تي، ڏنائين ارواحا،

سِرُ ڪيائين صدقو، مٿان محبوبا،

رکيائونس جنت البقعي ۾، ٿيو پاڙيچو پريا،

خاوند خلاصو سو ڪيو، ڏنهن دوزخ عذابا،

جنهن کي شوق شفيع جو، سي محبن کي ملندا.

ويندا سي ايمان سان، جي ڪلمون پاڪ پڙهندا.

لاالـــٰـہ الاالله محمد رسول الله.

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو:

يهودي ڇوڪر جي مسلمان ٿيڻ وارو[6]

(چيل حاجي عبدالله ڊکڻ جو[7])

 

ساراهيان سبحان کي، جو رازق رحمانا،

قادر قدرت جو ڌڻي، جنهن جوڙيا جهانا،

سج چنڊا تارا ڪتيون، ارض آسمانا،

ديوڦ پيون جن ملائڪ، اپر انسانا،

پيدا ڪيائين نورَ مؤن، محمد امينا،

اَجهو عاصيڙن جو، مدد مسڪينا،

ڪَرم ڪميڻن سين، ڪري ارحم احسانا،

نازل نبيءَ ڪريم تي، ڪيو قادر قرآنا،

چار چڱا چيدا چوان ياور يگانا،

پهيون پاڪ صدق، ۽ عمر عثمانا،

علي، شير الله جو، جابر جوانا،

رکان حب حسنين جي، صِدقون يقينا،

نياڻي نبيءَ ڪريم جي، جنت خاتونا،

چاچا مرسل مير جا، مشفق مَردانا،

مير محمد جي مٿان، هِن اصحاب قربانا،

ڪيان حڪايت هيڪڙي، سا سڻو بيانا،

ته هو ڪافر هيڪڙو، منجهه اڳئين زمانا،

پڙهندو هو توريت کي، ڪري الحانا،

ڏٺو پهرئين سبق ۾، تنهن اسم عجيبا،

اسم احمد ڄام جو، ٿيڙس نصيبا،

ڏسي اسم رسول جو، ٿيو ويتر مؤدبا،

محبت تنهن جي من ۾، ٿي قائم قريبا،

چيائين پنهنجي پيءُ کي،ڏس نالو نجيبا،

پُٽ مٿان پيءُ ڪاوڙيو، ڪافر ڪذابا،

ته هيءُ نالو پڙهبو ڪين ڪي، آيو ۾ غضبا،

نالي ڊاهڻ جو ڪيو، خارج خطابا،

نالو ناقص ڊاهيو، کڻي ڪتابا.

عاشق اُسهيو عشق مؤن، شوقئون شتابا،

آيو وٽ اُستاد جي، ڇڏي اسبابا،

ٻيو ڀيرو ٻئي سبق جي ڪئي طالب ٿي طلبا،

ڏٺا تنهن توري ۾، اسم عجيبا،

اسمن ليکو ناهه ڪو، حد نه حسابا،

ڏسڻ سان مخمور ٿيو، عاشق جي قلبا،

بيوس بي اختيار ٿيو، رئندي روز شبا،

ساڙيس سوز فراق جي، ڦِريس ترت طبعا،

بيخبر بيحال ٿِيو، بيحد بسيارا،

درد منجهئون دانهون ڪري، راتيان روزمرا،

وري ويو گهر پانهنجي، وٽ مادر ۽ پدرا،

حالڏنائون هِن جو، هيڻو حقيرا،

چيائون پنهنجي پر مان، ويو نڪري نروارا،

هِن جو هوش هليو ويو، ٿيو عقل بيڪارا،

مڙي مائٽن پاڻ ۾، ڪيون تدبيرا،

ته هاڻي هن کي بند ۾، ڪيون اَسيرا،

ته اچي مانَ عقل ۾، ٿئي هوشيارا،

وٺي وڌائونس بند ۾، جڙي جنجيرا،

قيد ڪوٺيءَ ۾ هيو، ڪن ڏينهن جو قدرا،

تان ڪڍيائونس قيد مان، ساجهر سويرا،

ويجهو ويهاري ان کي، چيائون ڪر خبرا،

هاڻي پنهنجا حال ڏي، ساري سمورا،

حاذق هي احوال ڪيو، مڙئي مذڪورا،

ڪيو عشق عجيب جي، منهنجي اندر ۾ اثرا،

هينئڙو پرت پروڻ ڪيو، محبت مخمورا،

وسواس وهم وجود جا، خام ويا خطرا،

نيڻن نڊ حرام ٿي، مون کان وسريو وجودا،

کيڻ پيڻ وهه وير جو، ڪري هيءَ ندا،

ته مون کي محمد مير جِي، سيني سڪ سدا،

ٻَڌم سندرو سچ جو، ڪندس سِر فدا،

هاڻي اماڻيو اوڏهين، ٿيان تان نه جدا،

هتي رهندس ڪينڪي، مون کي ميليو محمدا،

مار ڏئي مسڪين کي، تڙيئون تنهن هنڌا،

لوڌ ڪيائونس لٺين جي، ولهين وير وڌا،

نڪتو ٻاهر شهر کان، راهه مٿي رڙندا،

سگهو رسج رسول تونل، سرور سيدا!

پهچ پرين هن پلڪ ۾، نبي نور هديٰ،

سبب سڪ سچيءَ جي، سار سگهي لهندا،

عرض سندو ڪر غرض تون، انور احمدا!

مون کي مديني شهر ۾، نيو لڳ خدا،

پرين سو پهچائيو، پنهنجي در مهندا.

اهو ڏينهن رسول جي، رحلت جو چون ٿا،

مسجد ۾ ويٺا هئا، ڪانڌي پرينءَ سندا،

تن ۾ تنهن پڪار ڪئي،پرتئون پديدا،

ڏٺائين حسنين کي، خوب ڪري خيالا،

سهڻا صورت ۾ هئا، حدِ ڪمالا،

پيارا پرين رسول جا اصلئون اربيلا،

مهانڊي محبوب جي، حاذق حسينا،

تڏهن عاشق حسن حسين کي، چيو هي قولا،

ته اوهان ۾ ڪير آهي، راحم رسولا؟

ورندي عاشق کي ڏني، تن ڦري في الحالا،

ته سُتا پيا هِنِ ننڊ ۾، ورنهه وسيلا،

صبر ساعت ڪر تون، هڪ قدر قليلا.

وري عاشق دانهه ڪئي، ترتئون تعجيلا:

ڏيکاريوڏيهه ڌڻي، جانب جميلا،

مجلس ۾ ماتام پيو، ٿي هر هنڌ واويلا،

هَي هَي حاديثو ٿيو، منجهه ڪڙم ۽ قبيلا،

واڪا روڄ رڙيون ٿيون، منجهه ماڙين ۽ محلا،

رئندي حرم هلاڪ ٿيا، بيحد بيحالا،

دائم درد راق ۾، ٿيا عاجز اٻالا،

جلين جيرا جوش ۾، ريءَ مجلس ريءَ وصلا،

روضي پاڪ رسول جي، ڪيو ماتاما،

روئڻ لڳو ريهون ڪري، ويڙس آراما،

مصلي مسجد ٿي رُنو، آهه ڪري الما،

رات ڏينهان اوندهه ۾ دائم مداما،

محب وڏي ارمان ۾، پيا لڇن تماما،

ساڙين ڦٽ فراق جي، جان اندر جسما،

يار وري لاچار ٿيا، منجهه جهوريءَ جي زخما،

هارين آب عذاب ۾، منجهائون چشما،

ٿيا ڏکايل ڏيل ۾، عاجز اماما،

حسن حسين حزين کي، ٿيو زهر مثل طعاما،

کيڻ پيڻ ۽ گفتگو، ٿيڙن حراما،

ماري فلڪ فنا ڪيا، محبت معصوما،

سَڏ ڪيون سردار کي، گذرين اياما،

لڏي، ڏيهه ڇڏي ويا، وارث ورياما،

جبلن به جر هاريو، لئي نبي ڪريما،

اُحد جبل آهون ڪيون، جتي حمزه مقاما،

ملڪ فلڪ غمگين ٿيا، عرش عظيما،

شمس قمر شيدا ٿيا، خسته نجوما،

حورن هنجون هاريون، ڪري انبوها،

هَي هَي ٿي هر ملڪ ۾، سنجهي صبوحا،

ابابڪر صديق ڪيو، امر آگاها،

چيائين ڪنهن اصحاب کي، ڪري نگاها:

وٺي عاشق کي وڃو، جت جانب جاڳاها،

روضي منجهه رسول جي، ڪيو داخل درگاها.

آيو جڏهن حضور ۾،چيائين هن طرحا:

صاحب رب سڻيج تون، هي عرض الــٰها:

ميلو ڪر محبوب سان، جو شاهن جو شاها.

چيائين رسول ڪريم کي، جو هيڻن همراها،

تون سچو رسول الله جو، منهنجو سچو ويساها،

مطلب توڙ رساڻ تون، ڪر نه ڪوتاها.

چئي هيئن سمهي پيو، پوءِ ڏنائين ارواحا،

رکيائونس جنت البقيع ۾، نيئي ناگاها،

سو مومن مسلمان ٿيو، روشن چُون ماها.

اهڙا رحم رسول جا، جنهن جي سچي ساراها،

منهنجي ڪر مقبول تون، محمد مداحا،

”حاجي عبدالله“ جا، سڀ ميٽيو گناها،

لاهيو ڊپ ”دکڻ“ جا، ڏيو معافي مباحا،

عمر وڃايم احمد، ڪري گناها،

سخت سُجهي سڪرات ٿي، ڏج تنهن کؤن پناها،

ڪلمي ساڻ ڪريم جي، شل پڄن پساها.

لاالـــٰـہ الاالله محمد رسول الله.

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: مائي رڪنا وارو[8]

(چيل فقير محمد ماڇي جو[9])

 

ساراهيان سبحان کي، جو آگو عليما،

پيدا ڪائين نور مان، محمد مصطفيٰ،

اچي اسلامين تي، ڪئي شفي شير شفا،

ڏنا ساري ڏيهه کي، ٿي نافع نور نفعا،

تنهن جي تعريفن جا، ڪريان ڇا ته قصا،

دل لائي دل سان ٻُڌو، مڙئي مومنا،

نه هئي عورت هيڪڙي، ڪفارن وياء،

مَڪي مبارڪ شهر ۾، ساڪن صحيحا،

مڃيندي هئي محمد کي، مَن ۾ موجودا،

’رُڪنا‘ نالو تنهن جو، منجهه مُلڪين مشهورا،

پڙهي صلوات سيد تي، دائم درودا،

پنجئي فرض نماز جا، پڙهي پرت منجها،

ڏيکاري نه ڏيهه کي، لِڪي لوڪ ڪَنا،

خاصي ڪيس خواب ۾، گوهر گفتارا،

ڪُنواري ڪامڻ ڪانه هئي، هُئي پرڻيل ڪافر سان،

مڙس انهيءَ مهريءَ جو، هئو جانٺو جملن کان،

اوڏو نه اسلام کي، وصل ونگ پيا،

هڪ ڏينهن ’رڪنا‘ رهبر کي، ڪيون زاريون زهد اڳيا،

ته اچا رسول رب جا، مٺا محبوبا!

اچان هوند مسجد ۾، هلي هيج منجها،

ٿيان ڪنيزڪ تنهنجي، پورهيت پيغمبرا،

پر ڪَٽا ڪافر ڪيترا، بَدوُ بسيارا،

موڳا ميڙ ڪري اچي، ڪن جنگيون جُٺيارا،

لرزان لُچن کان گهڻو، مان خَرن جي خوفا،

تڏهن توکي ٿي ڪريان، مان احمد ايلازا،

ته ڪر صدا صاحب کي، جو ۾ولڪن جو موليٰ،

ته ٿئي منهنجي مڙس کي، اِهو اِلهاما،

مڃي دين تنهنجو، پنهنجيءَ ساڻ رضا،

واڳ ڌڻي واندي ڪري، منهنجي ڪفر ڪنا.

تڏهن فرمايو حبيب خدا جي، انهيءَ عورت کان،

ته سپنو لڌءِ سِڪ جو، يا مخفي مذڪورا؟

تڏهن ڳَري ۽ ڳالهيون ڪري، احمد جي اڳيا،

ته آيو شخص هيڪڙو، حاذق هڪ راتا،

اچي مون کي خواب ۾، ڪيائين تَلقينا،

پاڙهي فريض نماز جو، ڏنئين صلوات جو سبقا،

گوهر پوءِ غائب ٿيو، محمد مون وٽا.

سيد! پوءِ سجاڳ ٿيس، اُٿيس اُن ويرا،

پڙهيم فرض نماز جو، جر جي وقتا،

سچي دل صلوات کي، پهان روزمرا،

ڏٺيم صورت تنهنجي، ٿيو مون کي مجازا،

ڪر عنيت عربي تون، مون تي مصطفيٰ!

تڏهن فرمايو حبيبِ خدا جي، انهيءَ عورت کا:

ته خوش ٿي، خاموش وٺج، نه ٿي دلگيرا،

موليٰ مدد تنهنجي، آهي والي وارثا،

ڪي دن تون دير ڪر، صبر ساعت ڪا،

ته ڪانڌ ڪچهري تو سندو، ايندو مون اڳيا،

داخل ٿيندو دين ۾، سگهو سِڪ منجها.

پوءِ خورم ۽ خوشحال ٿي، ڪامڻ قررا،

دلاسي دوستن جي، ٿي نازڪ نهالا،

سا ترندي تنبندي تيز مان، گهمندي ويئي گهر ڏانہ،

سِر نايو سجد ڪري، قُمري ڪعبي ڏانہ،

پڙهي نفل نماز ۾، سُنتون سِڪ منجها،

پنجئي فرض ادا ڪري، قادر جو قرضا.

مڙس انهيءَ مهريءَ جو، هو نالو ’ڪڪوسا‘،

هڪ ڏينهن واديءَ تي ويو، مڪي جي ٻهرا،

ڌاوڻ اشرب ۾ اچي، ٿيو نزد نهر مٿان،

لباس لاهي پانهنجا، انگ تان انگوڇا،

آب اندر پيهي ويو، اونهو عميقا،

اُتي اشرب ڪونه هو، نڪا خلقت ڪا،

چمن چوڌاري اوتي، گلشن گلزارا،

کٽ سوني بُستان ۾، هُئي پيئي پاتارا،

جوهر ساڻ جڙاوتون، مڙهيل موتين سا،

خواجا خضر کٽ تي، هو ويٺو ورياما،

نبيءَ نور خداءِ جو، عزت ڀريو اَصلا،

پيش پيو اچي پير جي، اُهو ڪهي ’ڪڪوسا‘،

تڏهين خضر پڇيس خبرون، مڙئي مقالا،

ته ڪير آهين، ڪٿي رهين، ڪهڙو ٿئي نسبا؟

ڇاهي نالو تنهنجو، ڪهڙو مذهبا؟

تڏهن ٻڌي هٿ ادب جا، اُڀو ڪري عرضا:

ته حضرت، ڪافر آهيان، موُر نه مذهبا،

نالو ’ڪڪوس‘ منهنجو، مُلڪ مدينو آ،

وهنجڻ واديءَ ۾ هلي، آي آب مٿان،

لباس لاهي پانهنجا، ڪامل سڀ ڪپڙا،

غوطي گوهر هيڪڙي، مان آيس تو اڳيا،

ائين گفتاريندي پاڻ ۾، ٿين ويرم ڪا،

ته آيا مرون، مڇيون بحر مان، چُري چوڌارا،

غوڪ، مانگر، ڪڇئون، باخہ بسيارا،

ٻهون ٻُلهڻيون، سوين سيسر، نهنگ نروارا،

درا دوٿر، پوئڪي، موسا موجودا،

رڙا، راشڪ، روش، رهلي، سڻي سرس سوا،

پلا، پليون، پوپريون، زيرڪ، منڍا موجودا،

کڳا، گانگٽ، گوجيون، ڦاٻڻ في الحالا،

ٿر مڇي، ٿيلهي، ڀلي ڇلي ڇوهه منجها،

ٽپلي، ٽِڪري، شينهڙو، سيڱ

اري، ڊاگرين ڍير ڪيا،

ٻَٽا ٻَٽيون، ٽِڪر، ڍڳڻ، وؤنچ سڀ وريا،

گلا، گڏهڙا، کنڀڙا، ڪُرڙا ڪيچ ٿيا،

پر مهاهي، مڇي، مڪ، رڪ رڪ ساڻ رضا،

رَتڪ، ريڍي، ٻارسا، اسبي ان ويرا،

مورک، موري، سم سم، سِرهيا سؤ ڄرڪا،

ٽپ ٽپ سائي، سوچڻي، سرهين سيگهه ڪيا،

جَلوان، جر ماڻهو مڇي، لُهڙن لک ٿيا،

نڪري آيا آب مان، سڀئي ساهه وندا،

خواجا جي سلام تي، همہ هيڪاندا،

تڏهن ’خضر‘ پڇيون خبرون، مِرُن، مڇين کان،

تڏهين ڪيائون پير سان، حقيقت حالا،

ته اسان کي ارمان آهي، وڏو وسواسا،

ه آيو تو وٽ آدمي، ڪافر قزاقا،

آهي عدو نبيءَ جو، دشمن ديوُثا،

نٿو سڃاڻي رب کي، نڪو مڃي محمد کا،

موُر نه مڇيءَ جيترو، آهي عقل اوڳي کا،

ڏس جيڪي آسمان ۾، چنڊ ڪيون شمسا،

نو لک تارن جا آهن، سارا منجهه سماءِ،

آگي سڀ اُپائييا، وڻ ٽڻ ورياسا،

سي سڀ پڙهن صلواتون سيد تي، دائم رودا،

هي بَدو آهي بيحد بڇڙو، سرسو سُوئر ڪنا،

اسانکي تون موڪل ڏي، رخصت ساڻ رضا،

ته پٽيون ماس پليت جو، لحم لڱن مٿا،

هڏا حراميءَ جا، ڀڃي ڇڏيون ڇوهه منجها،

جو نٿو سڃاڻي رب کي، مڃي نه محمدا.

سا ٻُڌڻ سان ٻُٽجي ويو، ’ڪڪوس‘ ڪيفيتا،

هوش منجهان بيهوش ٿي، پييو پٽ مٿا،

پوءِ اُٿيو اُن جاءِ تان، ڪِن پهرن پڄاڻا،

’خواجه پير خضر‘ کي، ڪري هر هر ايلازا،

ته پرور لڳ پهچاءِ، مون کي مڪي هن مهلا،

ته ڏسان روءِ رسول جي، مان احمد اکين سان،

پاڙي پاڪ رسول جي، وڃي مان مران،

آجو عيبن کؤن ٿيان، جي ڪيم ڪرت ڪچا.

پوءِ ’خواجه پير خضر‘ ڪيو، ان کي اشارا،

اچيي ساڳئي آب مان، نڪتو نروارا،

ڪپڙا اُت پيا هئا، جت لاٿائين لباسا،

پهري پوش پانهنجو، هليو گهوٽ گهر ڏانہ،

اچي عورت کي ڏنئين، مرڪي مبارڪا،

ته چئو ڪلمون، مَڃ دين تون، محمد مصطفيٰ،

سچو رسول رب جو، خاص دوست خدا،

بُت باطل، ڪوڙا ڪافر، رُليا راهه ڪنا،

مال مڏيون ملڪيتون، کڻ سڀ خزانا،

ته لُٽي لوڪن کي ڏيون، گهوري گهوٽ مٿا،

سبق سِک صلوات جو، هَلي هوتن کان،

آهي سڀ اموُر جي، سِپر صلواتا،

’رڪنا‘ تي رب راضي ٿيو،مَرڪي مرد اڳيا،

سرمو پائي، ڳت ڳنڌائي، ٿي چٽائي چهچا،

عطر لائي، مشڪ ملائي، زيور پائي، ڏندڻ

ٺاهي، ڏئي ڏند مٿا،

مايا چائي، مال اُٺائي، گهميو گهر منجها،

سڀ خرچائي، ڪونه بچائي، ماڙيون ۽ محلا،

زر کڻائي، اُٺ ڀرائي، ڪفر گهائي، هلي هوتن ڏانہ،

محمد مسجد ۾ هئو، سچو سردارا،

وعظ ورنهه ٿي ڪيو، نرمل نصيحتا،

مجموعو ماڻهن جو اُتي، ڪُل عرب اصحابا،

ڪي گداگر فقير هئا، ڪي ماڻهو مسڪينا،

مهل انهيءَ ”ماڇي“ چئي، ڪڪوس ۽ رڪنا،

اچي قدمن تي ڪريا، محمد جي مهندا،

چُمن پير پرينءَ جا، سچي صدق منجها،

”فقير محمد“ چئي، جيڪو هُينِ مال متاع،

لُي لوڪن کي ڏنئون، گهوري گهوٽ مٿا،

سڀئي فڪر فساد جا، لاهي لاڳاپا،

داخل ٿيا دين ۾، ڇڏي شڪ شبها،

پورهيت پرينءَ جا هئا، جيڪي دِن جيا،

رحلت ويل رهبرا، شافي ڪَيُن شفا،

جوهر جنازو پڙهي، داور دفنايا،

ايڏا عاصين سان ڪيا، وارث وڙ وڏا،

جن کي محمد من ۾، تن کي ڪهڙو پرواها،

چئو صلواتون نبي شفيع تي، دائم درودا،

ويندا سي ايمان سان، ڪلمون جي پڙهندا.

لاالـــٰـہ الاالله محمد رسول الله.

 

مناقبو نبي ﷺ جو:

عقاش اصحابيءَ جو مهر نبوت ڏسڻ وارو[10]

(چيل رمضان جو[11])

 

’اَلحَمدُلِلهِ’ عزت ۾، ’فاتح‘ ۾ فضلن،

’بقر‘ ۾ ڏس برڪتون، مناجات منگن،

عجب هو ’ال عمران‘ ۾، باتيون بيانن،

نڱيو ’نور‘ ’النساءَ‘ مؤن طــٰــہٰ‘ تعريفن،

’مائده‘ ۾ مصطفيٰ آهه ڌوئلُ ڏيهه ڌڻين،

اُچو ٿيو ’انعام‘ ۾، قادر جي ڪرمن،

روشن ٿيو ’الرحمـٰن’ ۾، ڏيو منجهه ڏيهن،

قادر ڪيو قرآن ۾، مٿي کان مڙين،

عمر عربيءَ ڄام جي، ٽي ورهيه سٺ چون،

شش چار ڏهه ڏينهڙا، منجهه ڪتاب لکن،

پُنا پورا ڏينهڙا، ٿي پڄاڻي پرين،

ملڪ الموت مٿان لهي، آيو ڏانهن اُڀن،

پانوَ پيهي آئيو، مثل ٿي مردن،

اچي عزرائيل سڏ ڪيو، ڏنو سڏ سپرين،

”الفِراق اَشدُ مِنَ الموتِ“، تِر نه ڪو ترسن،

اُتس بيبيءَ فاطمہ، چيو ساڻ چپن،

ته ڏڪِين ڪيئن ڏاتار تون، اي مهندا رمڙين!

چي، وٺڻ روح اسان جو، آيو عزرائيل عرشن،

تيلاهون ڏيل ڏڪي ويو، اي اما ٺار اکين!

تان ويا وارث اَڳرا، چارئي يار چون،

ڪيئن لڏيندين ڪريم تون، اي واهر ولهن،

ڪان سجهي ٿي سيدا! ٻي وَسنءُ ويچارن،

تون آهين مرهم مريضن جو، دارون دردوندن،

ڪيو توشو تار ۾، اوهان ياور يتيمن.

اُتي پيغمبر پار تون، ڪيون مڙني اصحابن،

ته آهي اڌ قرآن ۾، ڪئي پارت پاڻ پرين،

تو پڄاڻا مسجدون آهن ڀليون کان ڀلن،

تحمل تسبيحون تن ۾، وٺجو وظائفن،

ختم تنهن جو خير سان، انهيءَ رمز رهن،

ثمر ڪجو سڪرات جو، منجهئون فائدن،

اَچيوَ ڪم قبر ۾، آڏو کان عيبن،

ڏينهن قيامت جي آن ٿيندو ذمو ضعيفن،

بن بخشائيندس بديون ڪل، حق جي حسابن،

اُمت ڪارڻ ڪيترا، ڪندس سهسين سوالن،

ته آگا! منهنجا اُمي، ڪر آجا کان عيبن.

تڏهن روڄ پيو خلق ۾، اندوهه منجهه حرمن،

پکين پاڻ پڇاڙيو، اُهي چوڻو ڪين چڳن،

ڏنو نه کير ٻچن کي، لڳي ماٺ مرن،

هوتن هالاڻو ٿي ڪيو، هَي هَي هال ٻين،

نرمل ڏيئي نصيحتون، ورتي موڪل محبوبن،

ته ڏس ڏورانهون پنڌ، سفر سانگيئڙن،

ملڻ موٽڻ مس ٿئي، وري هن ماڳن،

ويا جي هن پار ڏي، سي مويا ڪين وطن،

مون کي بخشيو مهربانو! جي هجي تفاوت ڪِن،

تان اُٿيو اصحابي هيڪڙو، نانءُ ’عقاش‘ چون،

ڳُجهه پريان جي ڳالهڙي، سڻايائين سڄڻن،

يارو! هياسين ننڍڙا، مثل معصومن،

راند ڪندي رسول! تو، هنيو لڪڻ منجهه لِڱن،

اڄ اڄوڪيءَ احمدا، آهي ڪهڪاءُ منجهه ڪلهن،

ڪين بخشيندس ڪڏهين اوهان، ڪامل! ڪيو ڪن،

تڏهن اُتي ’عقاش‘ کي چيو، ڏسي ڏيهه ڌڻين،

ته متان مالڪ ملڪ جا، مون ڏنہ رنج رکن،

اُٿي عقاش! تون کڻ، لڪڻ منجهه دستن،

اُي عقاش عرض ڪيو، بييهي باادبن:

ته مون کي هنيو هئو مصطفي! ڪامل ريءَ ڪپڙن،

جنسي پيٺو جان ۾ ور وجهي وڪڙن،

اڄ اڄوڪي احمدا! اُهي وڪڙ ڪين وڃن،

اُتي عقاش کي چيو، نرمل نور پاڪن،

ته حرف نه ڪر سانگو ڪو، هڻ اڳي کان اڳرن،

تان وٺڻ ڪاتر وير جي، آيو با ادبن،

جُبو لاٿو جان تان، حضرت ساڻ هٿن،

بلبل بديع بوستان هو، جسم جانيئڙن،

چمڪيو چوڏهين چنڊ جان، اُهاء منجهه اُڀن،

شافع جي شعاع جو ٿيو انواع منجهه عرشن،

سَنگي سج سُسِي ويو، جهونو ڪيو جلون،

تڏهن آهو ڪيون ’عقاش‘ کي، مڙني مومنن،

ته هڻ اسان کي هڪ هزار، تون بدران ڀلارن،

انهن اُليلون ٿي ڪيون، اکيون سور سهن،

منجهه ڪچهريءَ روڄ پيو، ٿيو حاديثو حرمن،

اکين کؤن اُليا، لڙي لڙڪ وڇڙين،

ڄڻ قيامت ڏينهن ٿيو، تيئن ٿا لعل لڇن،

اچي قدمن تي ڪريو اُتي ”عقاش“ چون،

چي، مور نه هئي مون پين! ڪا بي منهنجي من،

تيلاهون ٿي ڪيم ڪارڻي! مڪر محبوبن،

ته ڏسان مهر نبوت جي، جا آهي قابو منجهه ڪلهن،

اکر جنهن جا اهڙا، چا لفظ لکن:

” لاالـــٰـہ الاالله محمد رسول الله“ مٿي پاڪ پڙهن،

نقل جنهن جي نهال ڪيو، ڏنو طالع تن،

مڙني زور زيارتون، ڪيون مڙي مومنن،

هُين بيبي عائشہ جا حاضر حبيبن،

روح ڏنائون رب کي، هاديءَ جي حڪمن،

لڏي لاڏاڻو ڪيو، دنيا مہن دوستن،

هوڏانهن حضرت سان هليا، ميڙاڪا ملڪن،

دوزخن در پوريا، پٽيا در بهشتن،

بنيا باغ بهشتي، باغيچا بنگلن،

سڄڻ ماري سون جي، سهڻي ۾ صفتن،

جنهن کي سرخ بينيون سون جون، گهـڙيون غلمانن،

جنهن کي جهرمر جوهر جهالريون، ڪن عاشق معشوقن،

چوي ”رمضان“ منگتو، منجهئون پينارن،

مقصد گهري ٿو منگتو، ڏيو ڏات ڏڏن،

ڪيم گدائي ڪم جي، ڪوجها ۾ ڪرتن،

ڍڪڻهار ڍڪيج تون، بديون بدڪارن،

هِت هُت حضرت هاشمي! مرڪيائين مومنن،

ڪلمي ساڻ ڪريم جي، منهنجا پويان دم پڄن.

لاالـــٰـہ الاالله محمد رسول الله.


[1]   هن مناقبي جي روايت اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

[2]   سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 47.

[3]   هن مناقبي جي روايت اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

[4]   حاجي عبدالله ولد محمد فقير سومرو ڊکڻ، ڳوٺ الهرکئي جلباڻي، تعلقي نصيرآباد، ضلعي لاڙڪاڻي جو رهاڪو هو، سن 1287هه/ 1870ع ڌاري ڄائو. عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم روهڙيءَ ۾ حاصل ڪيائين. راڳ جو به چڱو ڄاڻو هو. سنس ڪلام جو گهڻو حصو مداحون، مناجاتون ۽ ٽيهه اکريون آهن. سن 47-1349هه/ 28-1930ع ڌاري وفات ڪيائين.

[5]   هن مناقبي جون ٻه روايتون مليون، هڪڙي اُتر (تعلقي ميرو خان) مان غلام قادر کان ملي ۽ ٻي يار محمد مهاڻي (تعلقي ٽنڊي الهيار) جي قلمي نسخي تان ورتل آهي. شاعر جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

[6]   هن مناقبي جي روايت اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

[7]   سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيه، ص 213.

[8]   هن مناقبي جي روايت (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

[9]   سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 47.

[10]   هن مناقبي جي روايت اتر (تعلقي روهڙي) مان عبدالرزاق کان ملي.

[11]   سوانح عمري معلوما نه ٿي سگهي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org