سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :11

 

226-  تڏهن موڪل گهري شاهه کان، هو ويا وير وري،
تهن آسري الله جي، وَڌي وک ڀري،
سهسين ڏٺائين ڪيترا، اڳيان ديو پري،
هيڪر جيءَ اندر جانب جي، تهن کي اچي برهه باهه ٻري،
ته اي صاحب سندم سائين، ٻي تو ري ناهه ڳري،
ڏي داتا دلبري، سگهو معلم محب ملاءِ تون.

 

227-  تڏهن سِرَ تاج، هٿ عصا، جوڙو پڳ پيو،
اُڀي حضرت سليمان تي، ٿي درود پاڻ پڙهيو،
ٿيس حاصل بخت، ”براهم“ چوي، واصل ورق وريو،
سو دانَهه در لنگهيو، اندر پيهي آئيو.

 

228-  تان هزارن هزار، ڪمي ديون ڪانه هئي،
پَرين پَرو ناهه ڪو، هيون بيعد بِسيار،
ڪي ديو ڪارا، ڪي ڪمرا، ڪي بدرنگ ڀؤڪار،
ڪي رڇ نسورا پولڙا، ڪي هَمہ هيبتدار،
هئا ڇٽيهه طائفن جا، ليکي منجهه شمار،
ٿي اُنهين وچئون آئيو، موڙيو نه منهن منٺار،
جهن وقت طلب طعام نعمت ٿئي، آڻي کاڌا خبردار،
تان پيئي ڪانه پڪار، پرين پادشاهه کي.

 

229-  سڄو ڏينهن سارو، پئي ڪندو پنڌ ويو،
تان جي منزل ماندو نه ڪيو، هوس جهڄڻ جهيجارو،
ڪَرهه ڪيڏارو، آيس فوج فراق جي.

 

230-  هاڻي اچي پيس رات، ڪهي ڪهن سِرماڳ تي،
اندر عجيبن جي هئي، تهن کي طلب تات،
’نارالعشق آحرق مِن نارجهنم‘ اها برهه سڻايس بابت،
پرهه ڦٽي پرڀات، اُٿي پانڌيڙو پنڌ ٿيو.

 

231-  اٿي پانڌيڙو پنڌ ٿيو، وڃِي رسيو مٿي راهه،
سو ڏينهن سڄو ئي شاهه کي، هئي قدمن مٿي ڪاهه،
اچي نازڪ نماز شام ٿيو، جو هو علي الصباح،
ٽهن بازو مٿي بادشاهه، ٻئي راوت پيئي راتڙي.

 

232-  تان بِي پڇرو ڪون پيوس، پرين جو پادشاهه کي،
سا رات وِهاڻي ڏينهن ٿيو، سورج اُڀريوس،
اچي مَن تي محبوبن جو، دل تي داغ دُکيوس،
ڪو سوزن جي سُرڪ جو، چُهاڪو چکيوس،
نوري نازڪ مُنهن تان، اچي عينن آب وهيوس،
جان  آيو اڳانهين پنڌ تي، قدمن راهه رکيوس،
تان حاصل ورق وريوس، اڳيان پريون ڏٺيون پادشاهه،

 

233-  اڳيان پريون ڏٺيون پادشاهه، هزارين هزار،
ڪوتاهه هين ڪانه ڪا، هيون بيعدد بسيار،
سي ڪنديون وڃن پاڻ ۾ اها ئي پچار،
تن کي حرف حڪايت حاڪم جي، صفت سندي سردار،
تڏهن سڻي سا توار، تنين هليو هيڪاندو ٿئي.

 

234-  هليا وڃن هوء، هي به وِرونهن ويو ٿي تن سين،
الاهي اسرار جو ڪهن نه پرو پوءِ،
هي پسي ٿو هُن کي، هِن نه ڏسي ڪوءِ،
سڄڻ ساريون، هنجون هَاريون، راوت رويو روءِ،
مر مران، مور نه واران، وڃان لالن لوءِ،
ڪاٿي هوندم، آڌر ڏيندم، شال اچي نيندم اوءِ،
سڏ ڪيو سائين چوءِ، ڪري سائل صاحب سڏڙا.

 

235-  جاڳهه نوان ڪوٽ هئا، سي ڏوران ڏٺائين،
ڏسي تان لکين لکائين، پرين پاراندو ناهه ڪو.

 

236-  وڌي آيو ويجهڙو، هلي سو هيڪار،
تان هيري لعل زمرد جي، ڪمي ناهي ڪار،
بنگلا جڙيا بستي سان، جنوهر جوڙ جنسار،
سو سڀ طِلا ڪارو ڪم هو، مينا هفت هزار،
چمن گل چٽام هو، چڱا ڪيا قابل ڪاريگر ڪار،
اڃا هئا اپار، جر هئا بنيا فرش بلور جا،

 

237-  سي تان هزارن هزار، اڃا ليکي پرور لک هو،
اهي قائم دائم در تي، ٿا ڇمڪن ڇڙيدار،
تن کي طلا عصائون جوهر جڙيون، هيون مرصع مروار،
تن جو ترس نه رکيو تن ۾، مهائين مزار،
ديون پرين هُل هُڳاءُ ڪيو، در پائي ڌمڪار،
پر غازي گستاخي گهڻي ڪري، سو در لنگهيو دلدار،
هئا سهسين سامان، بنيا محل مڙيئي موچار،
تن ڪڙن چٽ چڱا هئا، رنگ چڱا رنگدار،
سونا فرش ڏٺائين تنهن، بيهي سي بسيار،
ڪمي ڪُرسين ڪانه هئي، جوهري جن جنسار،
پرين پرلو، ساوڻ سرلو، ڪر وچون ميگهه ملهار،
جهڙو ’سليماني‘ شهر سُئو، تهڙا سبز سندا سينگار،
تخت ياقوتي تڪرار، اچي شاهه ڏٺو پادشاهه کي.

 

238-  شاهه ڏسي پادشاهه، کي، ٿيو هاتڪ حيراني،
حيرت ۾ هيڪار پيو، نازڪ پرين نگراني،
اُڀو عاقل اُتهين، ڪا مدت مرداني،
موٽي رکيو راوت روح ۾، خائف ۽ خاني،
پرتو پرين کي پادشاهه، اهو ساز سامياني،
هي به فائق فرازاني، اُٿي عقيب اُنهين جي هليو.

 

239-  هلي آيو اُتهن، جت هئي خوب باغن خوشبوءِ،
ڪمي ميوَن ڪانه هئي، اتي گلن روءِ،
لکين لک وڻن هو، جتهين حيرت جهڙي هوءِ،
جانب پاسن جوءِ، ٿيا وصالي واڻراهه ۾.

 

240-  ٿيا وصالي وڻراهه ۾، جت وهن موچارا واهه،
سي بيعدد بسيار هئا، ڪجي صاحب جي ساراهه،
گل سبزي آب سبزي، باغن سبز بناءُ،
گِران بر ”برهم“ چوي، ميوَن مِڙيو ماهه،
مڙيئي شجر، ”شيخ“ چوي، گل ڦل گلزاراءُ،
ايندي راوت راء، ڏٺي ماڙي مُنارن سان.

 

241-  ماڙي منارن سين، شاهه ڏٺي سردار،
عجب انهي رنگ هو، قصر قيمتدار،
جن تي طلا مرصع، جوپ جڙاءُ، هو بلندي بيشمار،
سهڻي ماڙي سڦري، سهڻا سندس سينگار،
سي چاليهه چمن چوطرفان، جي ڀلا باغ بهار،
تڏهن سئو هزارين پريزادن، ڪڻي خاڪ چمي کينڪار،
جان عاقل هي آئيو، ڪهن ڪنڌيءَ حوض ڪنار،
تهن ۾ ثابت حضرت سليمان جي، رنگ نگين نروار،
تهن تي طلا مرصع موتي هو، جوهري جنسار،
سو آڻي پرين رکيو پاس تي، وهلو تيڏيءَ وار،
جو حرم سندي سردار، سا آڻي ترت وهاري تخت تي.

 

242-  جان اچي ويٺي تخت تي، سا پرياڻي پرمل،
تان بيشڪ بانو حسن جي هئي شڪل شمائل،
دُر عيان اجمل، هئي حورنئون حسين گهڻو.

 

243-  چيو وير وجود ۾، ته الاهي لاشڪ سنديس ماءُ،
هاڻي ڪندو خير خدا، ته اکيؤن آهن اوڏڙا.

 

244-  اُتو تڏهن هن پرياڻيءَ کي، سندس ور وري،
ڪيو آهي اِنهن نانهه ننگ کي، جالاهي ٽڪاڻا ٽري،
ڪري عشق آدمذات سين، اها ڪريل آهه کري،
هاڻي منج دائي ياپري، ته ڪهن وارڻ واريون تهن کي.

 

245-  وانء وهلي وانء، هتي دائي دم نه ويہ تون،
سب سلج ڳالهيون، جيڪي چيون مانءِ،
ته هو بني آدم بيوفا، نڪا توڪل تهين سان،
سڱ نه سياڪو تهن سين، نه پنهنجي قبيلي ڪڙ مان،
ان سين ٻول ٻڌيونءِ ڳالهيون، جي بنهه بيگانا،
مت ڪين پيڪا لڄائين پهنجا، جي سڌر سمانا،
اُلَهه اِنِهه ڳالهان، ان سان رت نه رتيءَ جيترو.

 

246-  سڀ حقيقت سا، جڏهن دائي سُئي دهدار کان،
اٿي هلي اوڏهين، جيڏهين ٿيس صلاح،
شاهه به تهن سين هليو، ثابت سر ڪلاهه،
اڳيان بلندي ڪوٽ بهتر گهڻو ۽ افضل عمارتا،
اتهه اچي چوڪيدارن کان، دائي ڪنجي دست ڪئي.

 

247-  ڪنجي دائي دست ڪري، آئي مٿي در،
تان آڏا در درن هئا، ثابت ست سٻر،
ڪرف ڪنجيءَ سان ڪڍي، تهن ڪيا پيداوار،
تان جَڙيو تخت جوهر، تن کي ناگہ نظر آئيو.

 

248-  تهن تخت اتي تڪرار، بانو شاهه بهرام ڏٺي،
تهن کي آهه ڪري دل دانهه دکي، پر دم رکيو دلدار،
ٻيو ڪامل ڪڇيو ڪين، وير انهيءَ اظهار،
تهن کي اچي نيڻن سان نير وهيو، بره سندو بسيار،
پاسي پئي ڀتار، ويٺو ڪهن وٽ ٿي.

 

249-  تان پيرن نيل زنجير، وار واسينگ وانگي،
سَرونؤن قد ويترو، سونهي شهزادي،
تهن کي دائي سڀائي، اُتا سلام پيءَ ماءُ جا.
(1)

 

250-  ٽڪ ٽڪاڻي کان متان ٽرين، متان پوئي ملام،
ڪڙمن قبيلن اچي، نيڪنام ٿين بدنام،
مت وجهين تون روح تي، ڪي ڪوجها ڪم ڪمام،
هاڻي ويهي پيڪن جا پيغام، معلوم ڪيا مُنڌ سان.

 

251-   هاڻي سڻو بانو جون باتيون، جي ڪيون ٻائي دائي دائيءَ سان،
چئي: هي ڏينهن ڏُجاڻان ليکيان، جي راوت ريءَ رميا،
اوهين ٿا جوڙ پڇو جا تا، پر مون جو پڪو قول قريب سان،

 

252-  رويو رويو جوءِ، تهن دائيءَ درد دل جو،
سو مانَ سج نه لهي، جو پِريءَ ٻاجهؤن پوءِ،
او جانب جي ڏٺوءِ، ته مان کي هوند نه چيئي هيترو.

 

253-  جي هوند دوس ڏٺوءِ دائي [هيڪر هوت اکين سي]
ته هي وڙهڻ جي وائي، هڏ ڪڏهن مان سان ڪياءِ ڪانه ڪا
(1).

 

254-  ڏٺوء جي دائي، هيڪر دوست اکين،
ته لڳئي آگ بدن، هوند بنهه ٻاريوء جندڙو.

 

255-  پر ڪڏهن من نه ٿيوم، ماندو، ٿي وڇوڙي وايون ڪريان،
دائي هن درد کان، من وير ناهي واندو،
پر تقدير تبارڪ جي، امر ائين آندو،
ٿيو هوم هيڪاندو، تهن لاءِ وڍيل من واڪا ڪري.
(2)

 

256-  هاڻي اوهان تان کلن، کلان تان، خوش نه جندڙو،
جيئن ڪئين جهانن ۾، پارڻ سو پيوم،
اڳ به سکن ڏک ڏنوم، هاڻي بِي سو صاحب سک نصيب ڪري..

 

257-  اچي نه ڄاتوم، هي جي هتي هيس حق سين،
پر جيڪين لکيو لوح ۾، پارڻ سو پيوم،
او به سکن ڏک ڏنوم، هاڻي بِي سو صاحب سک نصيب ڪري.

 

258-  اڄ من سرهو سرهي ساهه، سرهو روح سرير ۾،
سکر سوڻ پرين جا، اڄ ويتر ٿيم واهه،
ڄاڻي پاڻ الله، اڄ آيا ڪين ايندا پرين.

 

259-  اچي جي جاني، پرڏيهان پنڌ ڪري،
ته ڪريان هوند قريب کي، آن محبت مهماني،
جا دِل ديواني، سا هوند ڏٺي جاءِ ٿئي.

 

260-  تڏهن شاهه پڙهي شڪران، چيو حمد حڪيم کي،
طالع وريو توهه ٿيو، آگي ڪيو احسان،
جهن جانب مور نه مٽيو، اسان ڏانهن ايمان،
قلب ڪريان قربان، ساهه صدقي سپرين تان.

 

261-  وري سا ويئي دائي دل فرار ڪري،
در واري ڪرف ڪڙن سان، ڪيو محڪم مڙوئي،
تان ڪا پڪار پيئي، حويليءَ ۾ هوء جي.

 

262-  ٿيو حويليءَ هڳاء اپاڙيو آهون ڪري،
جهَلي تان جهِڄي هِنيون، سڏ ڪيو روءِ شاهه،
سُڻي سا سرهي ٿي، ڪري سرگ سماء،
چئي: سچي ساجن آئيو، ٿي جهن کي سڪيو ساهه،
جو ڏک ڪٽي، سک وٽي، ايڏوئي الله،
هاڻي پؤ پڌر اوري آءُ، جان جانب آهين جيئرو.

 

263-  تان لاهي اتان سر ڪلاهه، تهن کي اڳيؤن آيو بادشاهه،
ته ڪر چوڏهين ماهه چنڊ جيئن، ڪيو شعاع شاهه،
پسي پرياڻي پادشاهه کي، دانهه اپاڙي دانهن،
چئي: آندا پرين الله، اڄ سڏ منهنجا صاحب پيا.

 

264-  جيءَ جيءَ سا وير، جهن ۾ وڇوڙيا ملن سپرين،
دوست گڏيا دلجاء ٿي، مڙيا وڇوڙيا مير،
هن آڱر سان اشارو ڪيو، تان پانڊوءُ کنيا پير،
تان زيل ڀڳا زنجير، سي قيد لهي پيا ڪامڻي.

 

265-  محب مليا محبوب سي، منجهه انور عيش اڪير،
ماڳ ٿين من ڌير، ڏس ڪيڏا ڪرم ڪريم جا!

 

266-  جان تهن درن کي هڪ وار، هنئي عصا سليماني،
تان حڪم ساڻ حڪيم جي، ٿيا ڪرف ڪڙن کؤن ڌار،
عجب عبرت ۾ پيا، هئا جي در تي چوڪيدار،
ترت پريون تهن وار، اندر پيهي آئيون.

 

267-  اچي ڏٺائون جان هلي حويليءَ ۾،
تان آواز اچندي اُتهين، ٻِن جو ٻڌائون،
وري وڃي ويجهڙو، پرين پڇايائون،
ائين ئي اُتائون، ته هي قدرت آهي ڪهڙي؟

 

268-  اندر ٻولي ٻن جي، هي ڪوڪٽ ڏسجي ڪو،
چئي: سڀ سلي ڏي ڳالهڙي، ته اسان پرو پوءِ،
اسين پسي مو، ثابت صحي ڪري وڃون.

 

269-  چئي: ڀينر اڄ ڀتار، اديون مان وٽ آئيو،
جليو جندڙو جهن لاءِ، نه هوم قلب قرار،
سوئي پسي پرتو، لٿم جيء تان جار جنجار،
تهن تان آءٌ صدقي ٿيان سؤ وار، مان کي اوهين مبارڪون ڏيو.

 

270-  سو هاڻي ڏيکار، جو ساجن تهنجو سپرين،
جو سڀ گن سالڪ سپرين، تو جو دوست آهي دهدار،
هاڻ هيئن ٺار، پسڻ ٻاجهون پَري جون.

 

271-  تن مان هيڪڙو مُڪائين، ته در مان اچي دائي،
سا وڃي حاضر ٿي حضور ۾، ترت لنگهي تيائين،
تهن دائي سين در حال ڪئي پَري پهريائين،
سا هلي آئي هُئين، تهن وير تتائين،
اچي معلوم بانو ماءُ سين، سڀ مذڪور ڪيائين.
اڳيان سڀ سڻيندي، ڳالهڙي، ائين اُتائين:
جان ڪهن حالت ۾ آهين، تان وڃي پسي پَروڙي آءٌ تون.

 

272-  هلي سا ويئي، دائي در لنگهي ڪري،
وڃي حاضر ٿي حضور ۾، تان ٻولين ٿا ٻيئي،
هيءَ حيرت ۾“ پئي، ته هي عجب عجائب ڪهڙو!

 

273-  بانو خوش ٿَئي خوشحال، جان خوشيءَ ڪري خبرون،
اتي آهي سوجهرو، شاهه پري جو مک ماهه مثال،
پيرن قيد نه ڪامڻي، ٿي ويئي وهسي منجهه وصال،
اچي منجهه استقبال، سا پيئي پرياڻيءَ کي.

 

274-  ڪري ڪنيز ڪرمشون، اُتس ايئن اڳيان:
اي پري پاسي پاهنجي، ڪر آهي آدم آوازا،
پسي پروڙيان ڪينڪي، سو آهِم تن ۾ تَردّدا،
ٿيم عجب عبرتا، سا ڪر معلوم مان کي ڳالهڙي.

 

275-  چئي: سودائي آيم دوست، جهن لاءِ من منهنجو مشتاق هو،
لهرين درد لنگهي ويا، جيءَ تان لٿم جوش
*
..........   ...........    ...........   ..........    ...........  .........

 

276-  ..........   ...........    ...........   ..........    ...........  .........
پسي شعاع شاهه جو، اُهمون ٿيس ارواح،
دهشت دائي نه سهي سگهي، سدي راجا راءُ،
ٿيو شمس مقابل شاهه، اڃان ڪين راوت رونق وٺندو.

 

277-  تڏهن بغل ويهاريو بهرام، ٿو دلاسي دائي،
عزت شرف شعور سين، تهن توجهه ڪيس تمام،
پسي تهن پاتشاهه کي، ٿي دائي دل آرام،
چئي: ’نيڪ ٻڌم جو نام، تهن کان هي ڏاتر ڏهه ڀاڱاوترو‘.

 

278-  چئي: سڀ عمر ساري، ههڙي صورت ڏٺيم ڪانڪا،
هڪ صاحب صورت جو ڌڻي، ٻيو عاقل اعتباري،
جهن ٿر، ڏونگر، روهه، رُلي پهنجي پت پاري،
هاڻي هتي وير وهڻ واري، شال شاهه ڪندو شادي جي.

 

279-  ’اي بانو! ڀلي ڪري آيوءِ، آءٌ ٿي وڃيو ٿو جِي مائِين معلوم ڪريان‘،
سا وري ويئي پوئتي، دائي در لوءِ،
سا پاهنجي اڳيان پادشاهه کي، هٿ ٻڌو هيئن چوءِ،
چئي: سو آيو بهرام بادشاهه، جهن جهڙو ڪٿ نه ڪوءِ،
جيئن سورج شعاع صبوح جو، روشن راتيان پوءِ،
سور صورت سيرت سڀ گنون، اهڙو مون اڳ نه ڏٺوءِ،
دل درياءِ دادلو، جاني ڏٺم جو،
تهن ماهه مڙيو، [تارا پڻ تائب ٿيا].

 

280-  تهخاني اچي خان، پڇيو پري پرياڻيءَ کان،
اي پري، جا مون سان ڳرهياءِ ڳالهڙي، ڪري زائفان زبان،
سي سڀ رکيون سين روح ۾، ساڻس بابت بيان،
هي گت پت ڳالهه گمان، ڪا ڏس نيڪ نصيحت ڪامڻي.

 

281-  چئي: هن مقابلي ڪوهه ڪشال، وڏا روهن وس ڪيا،
هي اُنائون آئيو، جتان ٻئي جي ناهه مجال،
گهر تڙ گهوري هليو، مُلڪ خزانا مال،
سڻيو ٿو گهڻُ سوز ٿئي، انهيءَ جو احوال،
پر ساڻس حضرت سليمان جي، برڪت آهي برحال،
مڙيئي ان مذڪور جي، آهي ساري سرت سنڀال،
مانَ ٿين وصال، هاڻي لکيو قلم قبول ٿيو.

 

282-  تڏهين مير، وزير، مُتَصَدي آيا اڪابر،
تن مڙي مصلحت سان ڪئي، ڏسي خوب خبر،
چون: سڻ پادشاهه پرين جا، دانَهه دلاور!
ته جو آيو بادشاهه، ڏر ڏوري ڏونگر،
تو وٽ ڪمي ڪانه هئي، پر الاهي امر،
انهن لاءِ مزار تي آهن، عدل عمل اڪثر
*
پر هاڻي غمن گڏجي آئيو، جيڪس لکيو لوح اکر،
سندي سبز سليماني شهر ۾، هئي حقيقت هيڪر،
اٿي دل جا دلاور، تهن کي رضا رخصت راءُ ڏي.

 

283-  تڏ شاهه سرهو سلطان، پرين و پادشاهه ٿيو،
چئي: مصلحت مڙني ڪئي، بد لٿو بهتان،
مليو لائق لک پرين سان، اچي ٿيو اڳوان،
ملڻ ڪاڻ ملوڪ جي، خوشيءَ هليو خان،
اچي هيبت هل هڳاءُ ٿيو، غوغا گوڙ گران،
سو سڻيندي شاهه ٿيو، نازڪ دل نگران،
تهن وير تهن پڇيو، بانو کؤن بيان،
رکي گوش گيان، ڪر پڇائي پروڙ تون.

 

284-  اڳيان اوڏو باغ هو، سو پريءَ پڇايو،
ته ڪهڙو اندر جهڳڙو، سو ڪِين سمجهايو،
تان ڊوڙي دائي، تهن اچي ٻهون ٻاڏايو،
چئي: ترس نه ڪريو تن ۾، اوهين ڀؤ نه ڪو ڀانيو،
هيءُ سَگهو سردارهن شهر جو، آهي اوهان ڏانهن آيو،
ٿو اچي کيڪارڻ خاطر خان جي، تهن کي هن جو آسعيو،
تهن دائي ويهي شاهه کي ثابت سڻايو،
تڏهن خوشيءَ کِلايو، تهن شڪرانا شروع ڪيا.

 

285-  سو اچي پُرهه پسي پادشاهه، هيڪر هيبت ۾ پيو،
صورت ڏسي سلطان جي، پيو عجب ۾ اُمراء،
نه جيڏا ڪرم ڪريم جا، ڪجي واحد واکاڻا،
باري بيپروا، سو ڪِين منجهان ڪِن ڪري.

 

286-  تڏهن اڳيان دلبر يار، اي دل ۾ داناء دور ڪيو:
پرين پئي پاتشاهه کي، خان ڏيان کينڪار،
تان پغل ۾ بهرام جهليو، عادل عقلوار،
نازڪ نمڻ نه ڇڏيو، سُپتئي سردار،
تهن ويهاريو تخت تي، مرڪڻ مڻيادار،
جِيءُ تون جانب آئيين، مهنجا محب مٺا منٺار!
تو جهڙو ڪامل راجا ڪون ڏٺو ٻيو مون ساري سڀ ڄمار،
اچي بيٺا ادب سين خاصا خدمتگار،
پڳ چميو پيزار، ٿو ڪامل تان قربان ٿئي.

 

287-  تن بانو باخبر، آڻي پيرن وڌي پيءُ کي،
اڳيون اُن به آڌر ڪري دِلاسي دختر،
سڻي سا سرهي ٿي نهايت نينگر،
وهسي وهسي ويتر، تهن شڪرانا شروع ڪيا.

 

288-  هاڻي ڪامل، قاضي، مفتي، تهن عالم آڻايا،
تن مغنين مولودن سين، راوت ريجهايا،
ملا، مولوي ماڳ تهن علماء آيا،
ٿيا شاهه شاديءَ جا سعيا، مڙني جي مصلحت سين.

 

289-  سا سڄيائي رات، هئا وحدت وجدانيءَ ۾،
رين وهاڻي روشن ٿيو، اچي پرهه ڦٽي پرڀات،
اها سڀڪهن وائي وات، ته اڄ سمن شادي شاهه جي.

 

290-  تهن سڄي ساري 0ينهن، وڏا سازن وس ڪيا،
دهل، دماما، ڌڪڙ دنبورا، هنئي تال طنبورن ٿيئن،
تار، ستار، پڪار، ڏونڪلي، باجيگر، مور چنگ، مرلي جيئن،
رنگ رباب رس ريجهه گهڻو، ڪئي جنڪ جنو ڪن جيئن،
دنبورا دف دست بجاون، چوچا چنگن ايئن،
سي ليکي کيڪيان ڪيئن، جي سهسين سرمنڊل هئا.

 

291-  ڍانڍي ناچو منگتا، بيٺا ڀانَ ڀڙن،
محنت محابي منگنا، وٺيو ڏان وهن،
گهورون پون گهوٽ تان، ڳانجهه نه ڳاڻيٽن،
جيئن مند مينهن وسن، تيئن ٿي پاڻيٽن پاليٽ ڪئي.

 

292-  مبارڪيون محبوب کي اچي ڏنائون،
خاص خوشيءَ جون خبرون، جوهر جڙيائون،
اتي تخت طلا، مرصع موتي ماڻڪ مڙهيائون،
زريون زيور زينتي، پرهڻ پرهيائون،
هيري لعل زمرد کي، ماڻن سين ميائون،
دلاسي داماد کي ڏيج ڏنائون،
ڏيئي آڌر آندائون، خلعت خاني خان پرهي.

 

293-  شربت شير شراب، وٽون وراهن وتريون،
طرحين طعام تيار ٿيا، ڪمي هئي نه ڪباب،
تن گوناگون گلاب، ڇڻيا عطر عنبير سين.

 

294-  سهسين ساٽ ڪرين، سهڄان شاهه کي شهپريون،
ميندي تيل ملوڪ کي، ڌوپيو دست ڌرين،
لِڱن مشڪ ملين، تهن کي قيفن منجهه ڪافور سان.

 

295-  پري سندي پادشاهه، اي فائق فرمايو:
هاڻي مفصل مجمل کي، سي پڙهي پڄايو،
تهن دير مَ ڪريو ڪا جا، آسائتو آئيو،
سو پرين پَرهايو، عقد پڙهيو عالمين.

 

296-  تڏهن سرهو ٿيو شاهه بهرام، تهن شڪرانا شروع ڪيا،
مليا پرين مُهت ٿيو، اڄ الله اڱڻ پرين آندام،
سا خوشيءَ چوي ٿي خبرون، سيئي ساٿ ٿيام،
هينئڙي منجهه هئام، جن سين ڳجهه ڳجهاندر ڳالهيون.

 

297-  سي پرين هئا پرڏيهڙي، ڪهن سين ڪين ڪَهيوم،
جان سين اچي محب نه مليا، تانسين ڳجهه ڪهن سين نه ڳرهيوم،
سِي ٿي وَرهان وَڌِ ڀاتوم، جي پيم پرين پڄاڻا راتيون.

 

298-  هاڻي صاحب سڏ سندام سئا، پر سائي سرهي آهيان،
تن من تازائي ٿي، دليئون دک لٿام،
ويا ورهه ورهن کي، گوندر غم گيام،
قادر ڪرم ڪيام، واليءَ واڳون ورايون.

 

299-  واليءَ واڳو ورايون، آيل آسون پنيون،
دلاسي دلگير کي، ڏسي ڏنائون،
سڀ پوريون ڪيون پادشاهه، من جون مدعائون،
جا ٿي عيب واري ڪئي، سي بي گَيون گلائون،
هاڻي پنيم سکائون، جو گهريم سو گهر آئيو.

 

300-  جي گهريم سي گهر آئيا، دوس مليم دلجاء،
هاڻي والي ورق وراءِ، ٿو دلاسي دلگير کي.

 

301-  لٿي برهه باهه، ”براهم“ چوي، اڄ آيم هينئڙي ٿڌي هير،
طالع وريو، توهه ٿيو، ڏنيم گهر گهر خوشيءَ جي کير،
تهن ساجن سرت سڌير، مان سين دهرا دلاسا ڪيا.

 

302-  جيئن آهن هي محب مليا پاڻ ۾، شال ٻيا ڀِي محب ملن،
جيڪي سچي سڪ سڪن، تن کي صاحب تون نه سِڪائين.

 

303-  پر ٻئِي حقيت، هاڻي سڻو هيڪڙي:
هڪ ڪاذب ديو قوّي هو، خر گهڻي خلصت،
سو مردود هڪ مزنون آهي، نالي زلزلت،
سو ڏيوَ ڏيا ۾ ڏاڍو، هو پاران پربت،
ڪوئي ليکي ڪونڪو، سو مست متوالي مت،
هو مانجهي مور نه مڙڻُو، بهادر بر همت،
چئي: جهن آمدزادو آدمي ڪيو آهي ناٺي نت؛
سو سورهه ساري ست، چئن لکن سان چڙهيو.

 

304-  چئي: تهن کي ڀِيڙي هڻندس ڀونءسين، هيڪر پائي ڳراٺي،
جا هيم من ۾ شاديءَ جي، سا ويئي هٿان هٿ هاٺي،
اڳيان ڏاڍي جي ماٺي، نه صحي ديکيندس سبز کي.

 

305-  خبر ساري شهر ۾، پچر ائين اچي پيئي،
سي ماڻهو متفڪر ٿيا مشڪل مڙيئي،
ڪهن وير اچي ويٺا تخت تي، ٻهڳڻ ڄام، ٻيئي،
سو نِت گوندر نيئي، هيڪر غم حليم ڪيو.

 

306-  چئي: ڪهڙو ڏک لڳوء، ڪهڙي ڳريو وڃين ڳال،
چئو حقيقت پاهنجي، اي مڙوئي حال احوال،
ته اُڀي تهن اموال، پوئتان پئون اسين.

 

307-  تڏهن چيو تن کي، ديو مڙوئي مذڪور،
تڏهن آيو پهس پانڊوُ منجهه پور، سو مست وانگي مست ٿيو.

 

308-  ڏس ڏاتيون ڏاتر اوڏڙو، سو سڀ سهکي ڪندو،
جيڪو ڪم سندوءِ سو راڄا معلوم ڪر سڀڪو.

 

309-  چئي: هڪ آهي ديو دوار ۾، احمق اوڏانهن،
سو چئين لکين سان چڙهيو، اچي هلکيو هيڏانهن،
سو بدبخت بدڪار بڇڙو وڃي جيڏانهن،
تحقيق تيڏانهن، خبر نه اچي خير جي.

 

310-  تان چئي: من ڪر مردانو، مت ڪين لائق دل کي لوڏئين،
جي قادر ڪريندو ڪرم سين صاحب سمانو،
ان ديو کي دردانو، ڪندس فضل ساڻ فتاح جي.

 

311-   تڏهن چئن ديون جا چار، ورنهه وار دکائيا،
ڪروڙيون ٽي ڪوهه قاف مان، اچي وييون ٻهار،
بيحد سي بسيار، اڃان پسڻم پدم هئا.

 

312-  سي سهڄان پڙهن سلام، ڪيائون مُزرو مير کي،
’وعليڪم السلام‘ چئي بيگ اٿيو بهرام،
سي مليا مسيا پاڻ ۾، توجهه ساڻ تمام،
’ڪهه ڪهڙو اٿئي ڪام، جان معلوم ڪريون مذڪور کي!‘

 

313-  تڏهن اُتائين اوڏانهن ٿي ته، وڙهو ويرين ساڻ،
دعويٰ کڻيو ديو اچي، تهن کي پهچو پاڻ،
ماري اچو مدعي کي، هاڃو ڪري هاڻ،
تهان پوءِ روح رهاڻ، ڪنداسون ڪا قرب جي.

 

314-  تڏهن هيڏانهن بڇڪرهن ڪئي، هوڏانهن معلوم ڪيو هن،
اچي سانن سڱ اڙائيا، رونشو ڪيو رُڪن،
هٿ ٻه جهيڙو جنگ ڪئي، مَلهن مهاين،
لڳي رُڪ ريون ڪيون، جهُڙڪٽ جهميرن،
آُڀيندين انگيرن جا، ڌڙ سِر ڌار ڌٻن،
سر ڌڙ ڌڪاءُ ڪيو، جيئن ٿا گير گوڙ گڙن،
تن ڪوري ڪُومي ڪيترا، ڪپيا ڪر ماڻين،
جيئن وجها ان سنگ گجادم ديو، گجو گهاؤ هڻن،
تن کي ماري مات ڪيو، رڻ کٽيو راوَن،
جن کي سائين سوڀون ڏنيون، سي مُنهن اچي مرڪن،
اهڙن اهڃاڻن، لک ڪروڙين لوڌيا.

 

315-   لک ڪروڙين لوڌيا، سي ڏاڍي ڏؤ ڏڪار،
شال قادر ڪهن تان مَ ڪري، گيرب جا گفتار،
جيئن ڪري، تيئن ٿئي، ڏس انهي جا اسرار،
تن کي ڀيڙا ٿي رسيا، مانجهي مَل متار،
تن ظالم زلزلت جهليو، هٿ پڄي هيڪار،
ات هئي بانو حسن، شاهه بهرام سين عاقل عقلندار،
تهن ڪمند ڪاذب کي وجهي، واريون قدمين تيڏيءَ وار،
آيو شاهه اڳيون سردار، حاضر ديو حضور ۾.

 

316-  تڏهن سو دلاورن بڇي هو مارايو مير،
سڀ گونڌر لٿا غم گيا، گهر گهر کليو پين کير،
آگي جي احسان سين، ٿيا سرها منجهه سرير،
تڏهن شاهه موڪلايو شاهه کان، سالڪ سڌ سڌير،
ته ملڪ بيگانو مالڪ ري، وڃي تهن توڙ ڪريان تدبير،
تڏهن تخت سڀ تيار ڪيا، ويتر گهڻا وير،
هي به راهه وٺي روانا ٿيا، دولهه دنيا گير،
تهن سندو تخت امير، اُپاڙيو آڪاس ڏانهن.

 

317-  اُپاريو آڪاس ڏانهن، هي به شاهه چڙهيو سر تخت،
سوين سوکڙيون ڪيتريون، اڃان ديون ڪئي ڏيوت،
شاهه موڪلايو شاهه کان، ڪري ماڳ چڱي مصلحت،
ٻيا وري وڃو سڀ وطن تي، آءٌ سورهه نيان نوبت،
جهن جو سِر مُهرو ديو سفيد، تنهن جي روح رسي راحت،
ٻيا سڀ اُبيٺا ادب سين، خاڪ چمي خدمت،
ته شال ملندين پاهنجي مالڪ کي آڳي جي عظمت،
قادر جي قدرت، من مرادون پُنيون.

 

318-  من مرادون پنيون، آسون الاها،
اچي مليس ڪرم ڪريم، جا ٿيو سرهو ساهه،
وهسي وهسيو وير پڙهي، در صاحب شڪرانا،
پُنا فارس شهر ۾، آندائونس سز ملا،
تهن لائق ورهه لنگهائيا انهن طريقا،
هڪ آڳي اولادي ڪيا، پاهنجي قادر قدرتا،
ڪمي هيس ئي ڪانه ڪا، سندي مال متاع،
مٺو زبانا، پڙهو ڪلمون مير محمّد تي.
لا اِلٰہ اِلاالله محمّد رسول الله


(1)  هن بيت جي روايت ۾ نقص آهي.

(1)  اصل هي بيت بگڙيل صورت ۾ قلمبند ٿيل هو.

(2)  اصل : ورڪا ڪري.

*  اصل نسخي ۾ پني ڦاٽل هئڻ سبب چار بيت کن هن جاءِ تي رهجي ويا.

*  اصل ۾ ائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org