سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :13

 

 

77-پيا رهيا پڙ ۾، سورهه چڻا ست،
مانجهيءَ سندا مجرا، ڏٺا پئي عورت،
سا هميشہ ديون جي هئي بالا سان برڪت،
’سروان‘ تنهن کي سڏين ٿا، ڏيئي نالي سان نسبت،
سا آئي پيرين پنڌ ڪري، اعليٰ سان عظمت،
تنهن بام اڳيان بهرام جي، اچي نار ڪئي نوڙت:
ته جوٺن جهڙيائي ڪئي، تهڙي ٿين تهمت،
هاڻي شير! ڪريو شفت، جُنگن کي جيئدان جي.

 

78-تڏهن پانوَ پريءَ کي ڇيو، نامئي سخن نهنگ،
ته: ديو آيا پئي دهشتي، زومي منجهاران زنگ،
ڪٺم ڪافرن کي هوند نمايان نسنگ،
پر تنهنجي نمڪ پاران ننگ، ٿو شهزادي! شرم ٿئي.

 

79-ٻڌو پيو هو پر ۾، ڪري ٿو سوال سغفور:*
انهيءَ زور ضرور، ٿَئِي سروان سڱ اسان جو.

 

80-اتي شاهه بهرام چيو: اهي نه ڳالهاء ويڻ،
سروان ڀانيان ڀيڻ، جنهن جو نمڪ آهي هڏ ۾.

 

81-تڏهن پريءَ پانوَ کي چيو، ڪر تون ڏمر ڪيم،
سخن شناخت جو، سو تون سڻ فهيم!
مانجهي! منجهه مهيم، هي ڀي ڪم ايندء ڪاٿهين.

 

82-تڏهن بانڪي ڀلائيءَ پانهنجي، سڀ ڇڏيا ڇوڙي،
اٿيو ڪن ٿا عاجزيون، تابع ٿيا توڙي،
گهوٽ چاڙهي گهوڙي، ڪَنوَر ڪچهريءَ آئيا.

 

83-ڪَنوَر ڪچهري آئيو، ساهو سنگ سردار،
سڀئي آيا سلام تي، ٻيا بهادر بسيار،
تخت روان تاج ڪُلي ڪيس ديون اختيار،
سلطاني سلام جو مڙني ڪيس مختيار،
سڀني مان سغفور کنيو، مُرڇل جو مدار،
تنهن سِر ڇٽ ”ڇتو“ چوي، جوهر جي جنسار،
عدل ۽ عدالت جو، ٿو واهه ڪري ويچار،
سو ساراهه ستار، جنهن مولي هٿ مراتبا.

 

84-منصب ۽ مراتبا، ڏنس راضي ٿي رحمان،
ستوناڻي ست رڇيون، ٻي دلوچا ديوان،
ٿيس موڪ مدارتون، ٻيا شربت ۽ سامان،
ٿيو آلودو عيشن ۾، تنهين ماڳ مڪان،
ٿيو آلودو عيشن ۾، تنهين ماڳ مڪان،
سو ساراهه سبحان، جو اڙين اولو نه ڇڏي.

 

85-هو تان هليو هيڪلو، مانجهي لڳ مجاز،
ٻانهون خاوند جي ڪري، نينهئون نئڙي هاج،
قادر تنهن جا ڪاج، پورا ڪيا پلڪ ۾.

 

86-ساڻ ڀلائي باريءَ جي، ماڻهو نه ٿئي مغرور،
بڻيءَ تي قاصر رهي، ڪري ڪونه قصور،
تنهن کي زود ضرور، ٿو مولو ڏئي مراتبو.

 

87-جنگ ويهي تنهن جاءِ تي، ريجهه وڏو ڪيو رس،
فائق ات سغفور کان، ڏاهي پچيو ڏس:
ووڙڻ منهنجو وس، اوهين ڪَرَ ڏيو ڪا چين جي.

 

88-تڏهن سڻايس سغفور ته: ڪر تون الڪو ڪين،
عاق ڏسين ٿو اکين سين، ظاهر ايءَ زمين،
سا ڀي چند لڳي سان چين، پر ديهه آهي ديون جي.

 

89-اڳهين التماس کان، عاقل هو ارهو،
پوءِ سنگ ٿيو سرهو، سڌ سڻي سغفور کان.

 

90-پيو پچاري پِرَ لئي، نرتئون منجهان نينهن،
اوتي اکڙين مان، مانجهي محبت مينهن،
سالڪ ستين ڏينهن، ڪيو ها گامون هلڻ جو.

 

91-تڏهن باب بهرام اڳيان، ڪئي سغفور سڄاڻ:
ته فائق! فرح ديو جو، تڏ ٻجهي ٿو ٽاڻ،
شوم ڦريو شهرن کي، وڃي ٻيڻا هڻيو ٻاڻ،
خام تنهين جو کوهه ۾، وراهه آهه وٿاڻ،
تون تان تنهين ساڻ، ڪو مانجهي! ڪر مقابلو.

 

92-مانجهيءَ ڪاڻ مقابلي، سورهه ڪيو سرانجام،
ڪوپو ڪهمڪ هليو، بانڪو سو بهرام،
ويا کانوٽيا کنوڻ ڪري، تنهن ماڳ تنا،
اڳيؤن سغفور سلام، ڪيو شهزادي شاهه کي.

 

93-چئي: ديو اٿئي دهشتي، ڏر اچي کي ڏيل،
اڳتي اسان جي اِيل، هاٿڪ آهه هلڻ کؤن.

 

94-چئي: ڀومي هن ڀونيءَ جو، آهين سغفور سونهون،
هو جو دونڪي ٿو دونهون، کاهون ڪنهن جو کوهه ۾؟

 

95-چئي: ديو آهي دهشتي، قداور جيئن قاف،
ٽي مهينا ننڊ ڪري، ڪانه هڻون ٿا لاف،
ٻهڳڻ اٿئي ٻاف، اها وير تنهن جي وات جي.

 

96-چيو مانجهيءَ سغفور کي، ٿيو سورهه، هلو سنگ،
جوان ڪندس آءٌ جنگ، اوهين مڙدنڪي ماندا ٿيو.

 

97-مڙد مَ ماندا ٿيو، ڇڏيو هيبت هول،
چاڙهي م چوڏول، لاهيو مون کي کوهه ۾.

 

98-ٻڌي کانوٽيو کوهه ۾ مانجهي مڪائون،
رسيون مڙيئي ڪِير سان ٻاهر ٻڌائون،
دل نه جهليائون، ديو ڀڄي ويا ڀيڻ ڏي.

 

99-ڀُڄي آيئو ڀڄڻا، گيدي پنهنجي گهر،
ڀيڻ چيو ٿي ڀائرن کي، ورائي ويتر،
ملهه اچي مزمان ٿيو، هو قضا سان ڪيهر،
اٿي اوهان سان هليو، وير ڪري سو ور،
مُڪوَ خوني کوهه ۾، سو مرد ڪري مڪر،
مارائڻ تنهن مهمان کي، نه اٿو چڱيءَ پر،
ڇوڙي گرز ڦٽا ڪيوَ، ڪاتيون کؤن به ڪمر،
ڇو ڍڪيا اٿو ڪپڙا، ڍڪيو ڪنگو ۽ ڪيسر،
ڍڪيو زالاڻا ڪپڙا، پايو بولا ۽ بينسر،
وجهو واليون ڪنن ۾، ته اٺئي ٺهون اپر،
ٻنڀئون ٻاهر نه ٿيو، ويهو سڀ اندر‘،
هوڏؤن ڀڳا ديو کؤن، هيڏانهن نيزا کنيا نينگر،
تنهن پِتا ٿي ظاهر ڪيا ورائي ويتر،
ملهه انهيءَ ميدان ۾، بيٺا پوءِ پڌر،
ڀَوَ ۾ اچي ڀر، ورتئون خوني کوهه جي.

 

100-ويو کانوٽيو کوهه ۾، اهڙي ساڻ حساب،
هڪ ديو ڏٺائين دهشتي، قداور جيئن قاب،
ٻي هئي صاحب صورت جي، مهانڊي مهتاب،
لالئون لب لطيف هئس، اهڃڻ ۾ آفتاب،
تنهن جي درسن داب، دهوڙيو داناهه کي.

 

101-اندر افضل اهڙي هئي، صورت سونهن سڀر،
ڏسنديئي ڏڪي ويو، انهيءَ جو اوجر،
جي ٿي ڪنهن پار ڏي کڻي نار نظر،
جيڪر هوءِ قمر، ته به تاب نه جهلي تنهن جو.

 

102-نار پڇيو تنهن نر کؤن، هتي آئين ڪئين،
ديو نه ڏسين دهشتي، هيبت جهڙو هيئن،
جاءِ رسين کي جيئن، ڪي اٿئي منشا موت جي؟

 

103-چئي: منشا آهم من ۾، هن با بدوءَ بيشڪ،
هن فرح کي فاروق، آءٌ ترت ڪندس تلوار سان.

 

104-پر جي انهيءَ پڙ مٿي، ديو مون کي ماري،*
منهنجا تنهن گل اندام کي، ڏج سلام ساري،
اچي پيو پناري، پر عاشق سر اختياريو.

 

105-پوءِ پر ۾ پانهه سان ڪئي، تنهن خوشيءَ کان کينڪار،
جيءُ آئين نچ آئين، منهنجا صورت جا سردار!
هي اکيون اوچڻ ڪيان، ٻيا پٿر وڇايان وار،
سؤ ڀيرا صدقو وڃان، سونهن ڀريا سردار!
سٻاجها ستّار! ڏجان سوڀ هن سورهه کي.

 

106-پانهه پڻ پر ۾ ڪئي، خوشيءَ مان کينڪار،
ته تو ڀي وس وڏا ڪيا، هاڻي توتي ناهه ميار،
هٿ چمي هيڪار، ڀَڙَ وٺي سا ڀيڻ ڪئي.

 

107-مانجهيءَ محب کان پڇيو، دانَهه جهلي دل،
ته: ڪهڙي خوءِ خلل، دست آئينءَ هن ديوجي.

 

108-چي: زومي هن ظالم جو ٿيو، مان ڏي چت گهڻيرو چاهه،
جهليائين جاڙ ڪري، سڄي وير ولايت واهه،
تڏهن ڳاڻُن ڳري ڳالهڙي، ڪئي سردارن صلاح،
ته هڪ سر ڏني سهسين ڇٽن، ڪجي عاقل ڪم ادا،
آهيان ڌيءَ سندي پاتشاهه، پر زوميءَ آنديس زور سان.

 

109-زوميءَ آنديس زور سان، کڻي ۾ هن کوهه،
نڪا ساهيڙي ساڻ مون، نڪا وٽ ور ورهه،
پنڊ جالي پرديس ۾، آهي راز وطن ڏي روح،
سنجهي ۽ صبوح، ٿو گَنُوءَ سان گذاران ٿئي.

 

110-ٽي ورهيه ٽاڻي ڪيو، باب بدوءَ هن بند،
سڪي ساري سوز کان، ٿو هينئڙو لاءِ هيڪند،
جڏهن ڪريان آءٌ فراق جي، تڏهن رمي چڙهي رند،
ٽي مهينا پنڌ ڪري، ملائي پيڪاڻي پنڌ،
مون کي تنهين هنڌ، نيئي پهچائي پلڪ ۾.

 

111-ورهه ورهه ۾ ان طرح، افزا اٿئي، منهنجو بادشاهي پايو،
روح گهڻو رايو، آهي منهنجو وير وطن ڏي.

 

112-آکي تنهن عاقل کي، ڪامڻ هيءُ ڪلام:*
ديو اٿئي غفلت ۾، اڙٻنگ منجهه آرام،
مس جهليندين مامرو، هاڙهي اڳيان هام،
ڀڄ بچي بهرام! جو دست چڙهيو آهين ديو جي.

 

113-ڪامڻ ڪامل کي چيو، مون کي واهه وڻي،
سُتو آهي غفلت ۾، ڪندو ننڊ گهڻي،
کنوپ کاءَ هڻي، ماري وجهه مدعي کي.

 

114-بانڪي شاهه بهرام چيو: اهو مردن آهه مرم،
سُورهه سُتي سان وڙهي، اي پڻ ڪچو ڪم،
دنيا ساعت دم، آءٌ راند نه ڪندس ريب سان.

 

115-سورهه سورهه سان وڙهن، وؤنڪا وڄائي،
هڻن هڪ ٻين کي، مر کنا کنوائي،
جنهن کي ڏاتر ڏوائي، سو سوڀ کڻي سنگ راند ۾.

 

116-تڏهن ڪام ڪلام، ڪيو شهزادي شاهه سين،
ته جي خونيءَ ڱيپ ڍرو ٿيو، اٿيو مان آرام،
ته هن هاڙيءَ سندي هامَ، ڪومس جهليندو مجري.

 

117-مانجهيءَ ڪارڻ مامري، سيف ڪڍي سردار،
اچي کاهه کڙيءَ ۾، چوڪ ڏنس چونگار،
چُريو پُريو ڪينڪي، سڀ ڀَت ٿيس نه سار،
تڏهن ترت تڪبير هنئي، جنگ سندي جونجهار،
”الله اڪبر الله اڪبر“ وير ڪهيو تنهن وار،
تان اُٿي خوني ديو کڙو ٿيو، ڇڏي کيپ خمار،
هن هنيو گرز هٿ ڪري، وير ٽپيو تنهن وار،
دانَهه ڌڪ ديو جا جهليا سپر تي سالار،
دسي دعويدار، ڪافر کي قتلام ڪيو.

 

118-ماري تنهن مردود کي، ٿيو شهزادو شاد،
ڌڻي ڏنو داد، مانجهيءَ هن مسافر کي.

 

119-ڏسِي کانوٽيو کوهه ۾، ٿو جايون صفحا جال،
منجهيئي موتي مهراڻ جا، هيرا جواهر لعل،
آهي اڪيچار گهڻي مايا مڏي مال،
سنگ ڏسي هي حال، سڏ ڪيو سغفور کي.

 

120-ڪاجا پين ڪنن تي، تاڙيءَ جي تنوار،*
سُڻي سڏ سعيو ڪري، آيا ستئي ڀار،
ڏني سوڀ ستار، بانڪي شاهه بهرام کي.

 

121-هُئا اڳهين اوڏڙا، سي ڊوڙي آيا ديو،
ڏاتر لاٿن ڏِيوَ، خونيءَ تنهين کوهه جا.

 

122-مال مڏي سڀ مهريءَ تي چاهون چاڙهيائون،
ٻاهر کانوٽيو کوهه مان، ڪوپو ڪڍيائون،
چَرن چميائون، مڙئي ديو مطيع ٿيا.

 

123-صورت پسي سهڻي، سوز ڪيو سغفور،
وؤنڪي ڪئي نه وچور، پر درد رکيائين دل ۾.

 

124-خوني تنهين کوهه جا، هاديءَ لاٿن هور،
شادمانا شروع ٿيا، ٽاڻي لڳي ٽڪور،
ڪؤنتل اچن ڪڏندا، بانڪي سواريءَ بور،
ڪوپو سر ڪنگور، رڻ رساڻي موٽيو.

 

125-رڻ رساڻي موٽيو، تجمل سين طولان،
نفيلان ۽ نوبتون، ٻيا نغارا نيشان،
چوڌاري چورنگ کي، هئا ديون جا دوفان،
جس ڪشور شآهه کي، جس پسر پهلوان،
مائر اهڙا مرڄڻي، سورهيه سنگ سجان،
مهت کٽي سين مان، ڪنور ڪچهريءَ آيو.

 

126-ڪنور ڪچهريءَ آيو، بانڪو شاهه بهرام،
سهسين ڪن سلام، ديو اچيو داناءُ کي.

 

127-ديون اتي دهريون ڪيون ماڳين مهمانيون،
آڻيو ڏين اڙٻنگ کي نادر نشانيون،
جندا فدا جانيون، ڪن ڪرنشون قربان ٿيو.

 

128-ڪارنهن ڏينهن ڪارون، تن ويرن وڏو ڪيو وس،
تان رات رهي نه سگهيو، پيڙو پور هيس،
ڏاهي پڇي ڏس، ڪيو هاگامون هلڻ جو.

 

129-سنگ اڳيؤن سغفور ٿو وائي واکاڻي:
آڻي گل اندام ڏيون هن پلڪ هاڻي،
پُري ونءُ پاڻهي، تون پنهنجي وير وطن تي.

 

130-چئي: لائڻ عشق عجيب سان، وڏو ساٺو سور،
ڪرڻ حڪم حبيب تي، واڍوڙين وچور،
رهجي رفيقن سان، پرچي منجهان پور،
(1)
هيڪر منجهه حضور، ويندس پريان پار ڏي.

 

131-هنئين منجهه حبيب جي، ٿيس اندر من اداس،
سٿ منجهان سغفور جي، ڪيو عرض قماس،
ته خدمت ۾ خادم ڏيون، ٻي خاصي چونڪي خاص،
ته وونڪي وائي نه وڻي، وير نه باسي باس،
تڏهن واچا وار شماس، ڏنس راوت پنهنجي روءِ جا.

 

132-چئي: ويلي ڪنهين وار، جي ساڙيندين سا پرس تون،
تنهين دم تيار، اچي هٿ ٻڌي حاصل ٿيون.

 

133-ديون سندي ديس مان، موڪلايو مزمان،
ٻي جا صاحب صورت جي، هئي عاقل ساڻ امان،
هن راوت روزو نه ڀڳو، توڙي هئس سڪ سامان،
گوندر گل اندام جي، بر ڦري بيابان،
پنڌرهن ڏينهن پنڌ سان، جُنگ جفا ڪئي جان،
ٿر بر جهاڳي تانَ، آيو سنگ سمونڊ تي.

 

134-سامهون ڪنڌيءَ جي، ڀِري نهاري ڀَر،
واهه ڏٺائين وسندي، مال مڏي موچر،
طريلي تجار گڏيا، صاحب سوداگر،
ميربحرن اڳيان وڌا چوڙي لعل جوهر،
توشي پاڻي طعام جو، ڪيائون سامانو ثمر،
اٿي الله آهر، ڇوڙيائون به جهاز کي.

 

135-سوداگرن ستت، ڪيون مهمانيون ملوڪ،
تابع ساڻ سلوڪ، اچي هٿ ٻڌي حاضر ٿيا.

 

136-تابع تجارن ڪئي تُرتان تياري،
تن جوڙي خوب جهد سان، مسند موچاري،
سا هيري لعل جوهر سان، سهجان سينگاري،
عاقل اعتباري، تن آڻي وچ ويهاريو.

 

137-ٽي ڏهاڙا تت، رهيو جنگ جهاز ۾،
آڳانڍي عاشق سين، آڌر ڪيائون اُت،
پوءِ سانباهو ستت، ڪيؤن توشي پاڻي طعام جو.

 

138-مڙيئي مڙي، چڙهيا جنگ جهاز ۾،
ٻڌي ٻُٽ ٻُڙي، وهم ڪن ٿا وير جا.

 

139-واهه ڪڍن ٿا وکرين، وير پسيو وڻجار،(1)
ڇل ڇلڪا ڇوليون، جاتي تک وهي ٿي تار،
(2)
سفر سامونڊين جو، سولو ڪر سّتار!
ڇوڙي پڳهه ”ڇتو“ چوي، اُسهيا الله اهار،
پنهنجي توهه تيّار! رکين ٻيڙو ٻاجهه سين.

 

140-ٻيڙو ڇوڙي ٻاجهه، مهاڻا منگن ٿا،
ويرون سمنڊ وڏيون، جنهن ۾ گجن گاج،
وکر وڻجارن جا، رکين صاحب ساج،
جوکي کان جَهاج، ربّ منهنجا! رک تون.

 

141-آءٌ بُڇو بدڪار، تون سرپوش سچا ڌڻي!
مالڪ! مداين جو، وڻجي کنيم واپار،
ڪم ڪچو، ڪشتي ڀُتي، منجهس نازڪ وکر نڪار،
تو آهر تنهن ۾ ڌڻي، باري وڌم بار،
ڇٽڪي ڇوهي سامهون، ٿي آڳانڍي اختيار،
پار پُري وهه وچ ۾، اوري ٿيو اورار،
اور ڪپر اونگ جو، ٿو ڏور ٻجهي ڏهڪار،
مهاڻا ماندا ٿيا، ڪن وڻجارا ويچار،
ته ساٿ سلامت رکين، سندءِ نام ستار،
مهاڙ تنهنجي مصطفيٰ! اچي ٿي اظهار،
تهان پوءِ تڪرار، تڙ ٻيڙو ڪرين توهه سان.

 

142-جتي ونجهه نه واهه، اتي چيون ڪيئن چري سگهي،
ڪشتي ڪاغذ ڪچ جي، چوريم منجهان چاهه،
ڪاڏي آءٌ ڪاڏي ڪنڌيون، ڪاڏي ڪيم ڪاهه،
پسي دور درياءَ جا، ماندا ٿيا ملاح،
شرم بچائج شاهه! تون آن لائق لاڳي جو ڌڻي.

 

143-ڪشتي ڪاغذ ڪڍ جي، کنيم بار ڀري،*
سودو تنهن ۾ سچ جو، وڌم ڪونه تري،
اورين ڀر اوري رهي، پرين ڀر پري،
تنهنجي تُرهي تري، ٻيڙو رکج ٻاجهه سان.

 

144-چاڙهي سڙهه سقلات جا، گهيڙيائون غوراب،
ڇا ڇلڪا ڇوليون، ڏئي اُڇل منجهارا آب،
مئي متي مهراڻ جي، آهي هيبت بيحساب،
منجاه وير وهاب! ٻيڙو رکين ٻاجهه سان.

 

145-چاڙهي سڙهه سقلات جا، ٿيا سڻاوا سير،
ڇسي موج مهراڻ جي وهه ڪرن ٿا وير،
ورتم داوَن تنهنجي دليؤن دستگير!
(1)
سفر سوکو تن کي، عشق جن اُڪير،
پنهنجي قرب ڪبير! ٻيڙو رکين ٻاجهه سان.

 

146-ٻه مهينا پنڌ، جالارا جهاز ڪيو،
وڏو سير سمنڊ جو، اُتي راهه نه رند،
جتي هيبت هنڌ، اچي جوان رسيا تنهن جاءِ کي.

 

147-مهاڻن مڙي ڪئي، ڦٽيءَ دل فرياد،
ته: آهي ڪُن اَپار ۾، آفت هڪ اُستاد،
ڪندي ڪرونڀار ۾، مامرو منتاب،
ٿيو اچانڪ اُفتاد، ٻيڙا ٻوڙي ٻار ۾.

 

148-پڇي بات بلا جي، بانڪي شاهه بهرام:
مهاڻا! مَ ماندا ٿيو، لاهيو هل هنگام،
تنهن جو نسبت نام، اوهان کان اظهار ٿئي.

 

149-جيئرو رهي جَر ۾، نالو تهين نهنگ، اوٿر وانگي اُڀري، زوم منجهاران زنگ،
نمايان نسنگ، ٿو ٻوڙي ٻيڙن کي وجهي.

 

150-تڏهن مانجهيءَ مهاڻن سان، ٿي ڪئي ردبدل،
ته آئي آفت اُڀري، ڏاڍي خوءِ خلل،
مهاڻا ماندا ٿيا، ڳوڙها ڳرين ڳل،
سوداگرن سؤنڪو ٿيو، ڀڳا پري پاڇل،
هي عاشق اُتي آڳل، اڍي سورهه بيٺو سنڀري.

 

151- آئي آفت اُڀري، تان جهازن جوهي،
ڪامل تير ڪمان مان، ڇڪيو سان ڇوهي،
تنهن لوريءَ سان لوهي، زود بلا زخمي ڪئي.

 

152-وري آفت اُڀري، جنهن ڪئي دربر درازي،
چنڀا هنيائين چاهه مان، توڙي تيرن ڪيس تعدي،
هيءُ به سورهيه اٿيو سنڀري، گَنُوءَ گجي غازي،
بلا جي بازي، تنهن ترت ڀڳي تلوار سان.

 

153-آئي آفت اُڀري، ٻيو ڀريائين ٻاڻ،
ٻهڳڻ هڻي ٻاڻ، زود بلا زخمي ڪئي.

 

154-پهس تنهن پاڻيءَ ۾، پيئي آفت اُجهامي،
ويس وسري ويڙهيون، متيون منجهامي،
جنهن طعامي هئي طعامي، تنهن نرهه نراس ٿي.

 

155-تڏهن سوداگر سرها ٿيا، ٿا مرڪن مير ملاح،
ته هن آفت کان الله، سڀ سلامت رکيا.

 

156-تڏهن تجارن طريلي کي، آڻي ناڻو ڪيو نذرات،
عاقل اڳيون ان جي، ايءَ بتائي بات،
چئي: ڪري ڏيو خيرات، هي مال موٽائي پانهنجا.

 

157-مانجهيءَ مهاڻن کي، پاڻان پهرايو،
سؤ سؤ مهرون سڀن کي، ڏنو صدقو سوايو،
ته باريءَ بچايو، هن جو کي مان جهاز کي.

 

158-ڪپر ڪولاڀوب، جوکو ٿئي مَ جهاز کي،
هن گهيريو غورابؤن سور کين ٻيڙو ٻاجهه سان.

 

159-هو آوتڙ آڻائو، پر ڌڻي کڻي دفع ڪيو،
ٿيو سڀ ڀَت سڻائو، سفر سامونڊين جو.

 

160-نوي ڏينهن نياڻ، لنگهيا لطف ساڻ لطيف جي،
ڀِري لڳو ڀرساڻ، اچي تڙ ٻيڙو تن جو.

 

161-مانجهي مهاڻن کان، بات پڇي بهرام،*
ويندس ولايت چين تي، ڪارڻ گل اندام،
 ڪيو سوداگرن سلام، ڏس ڏنائونس چين جو.

 

162-بندر سندي ڀونءِ کان، هو چار ڏهاڙا چين،
پسي زود زمين، سنگ گهڻو سرهو ٿيو.

 

163-موٽي تهين ماڳ تان، ٿيو سنگ سوار،
راتو ڏينهان روح ۾، جوش رکيائين جار،
ڪاڍي قريبن جي، وچ نه ترسيو وار،
اچي ٿيو اظهار، چئنچل ٻاهران چين جي.

 

164-منجهه مارڪا ماڻهن جا، هئي چرپر اندر چين،
معلوم ٿي نه ملوڪ کي، ٻولي تن جي ٻي نه،
(1)
وچ واقف هو ڪين، خلق ڏٺائين خطري.

 

165-گَنُوءَ کي گام ۾، هڪ اچانڪ اورنگ،
پرڏيهي ڏيهيءَ کي، ٿو چتائي چورنگ،
ته مالڪ هن محلات جو، آهي متارو ۾ ننگ،
تون نر سڃاڻي ننگ، جُنگ! ڪري ڪا جاءِ ڏي.

 

166-وؤنڪو ساڻ وٺي ويو، جنگ پنهنجيءَ جاءِ،
هڪ پاڪيزي پسڻ ۾، هئي وڏيءَ سٽ سراءِ،
در سر کنڊ سون جا، عطر ڪهگل آهه،
مينا ڪاري ملمعو، ڇت ڇڄهريءَ لاءِ،
اچي ايوانن مان، ٿي ٿڌي هير هواءِ،
جنگ اها جاءِ وڻي، انهيءَ ڀلائيءَ ڀاءِ،
تنهن سؤ کان سرس سواءِ، ڪامل ڪِرايو ڏنو.

 

167ڪامل ڪِرايو ڏنو، جنگ کي جاءِ وڻي،
اتهين لڳي عقيل کي، سندي عشق آڻِي،
ٿو ڪري مدارت مهمان جي، حال في الحال گهڻي،
سو ساراهه ٿي، جو اڙين اولو نه ڇڏي.

 

168-اڙين اولو نه ڇڏي، صاحب سدائي،
ٻئي ويٺا پاڻ ۾، کِيَڻ خوسيان کائي،
تڏهن ريلي تجار کان، وير پڇي وائي،
ڪانهي سرهائي، آهي ڪهڙي چرپر چين ۾؟

 

169-چئي: بلغاري بادشاهه آهي، ’بهزاد‘ باريءَ نانءُ،
تنهن ڪاهي لک ڪٽڪ سان، اچي گهيريو آهه گهرانءُ،
فائق سو فغفور کان، گهري زومي زور وهانءُ،
نٿو اهنڪر چوي آءٌ، نٿو پيشڪشي پئسا وٺي.

 

170-چئي: هن بادشاهه، آهن عاجزائون گهڻيون،
ڪئي بلغاري تي ڪاهه، ڪهڙي ڪاڻ وهانوَ جي.

 

171-’فائق هن فغفور کي، آهي دانَهه! هڪڙي ڌيءَ،
جوت چوڏهينءَ چنڊ جيئن، ڏنس سونهن سميع،
آهن عاشق گل اندام تي، ماڻهو لک مطيع،
ڪي مسافر مشائخ ملڪ ۾، پريان ٻڌي ٿيا پيءُ،
هوڏ ڏسين جا هيءَ، سا آهي وير! وهانوَ تي.

 

172-دانَهه چيو دل ۾، نامئي سخن نهل؛
ته چُري آيس چين ۾، ڪنهن موچاريءَ مهل،
ڪاڍي قريبن جي، وڌا جيءَ جنجل،
ڪيئي شهزادا شمع تي، پون پروانا اجهل،
اهڙا خون خلل، آهن گل اندام تي.

 

173-طريلي تجار کي، سالڪ سڏايو:*
بلغاري بادشاهه سان، وڃي ڳوڌا ڳالهايو،
اسان تنهنجي سڱ تي، راض نه آهي رايو،
آٿو بک ٽَڪن جي، ته ٻهڳڻ ٻولايو،
سالڪ! ڪر سعيو، ته جنگ تنهن جگر جي.

 

174-قاصي هيءَ قلعي ڏي، مڪو شاهه بهرام،
بلغاري بادشاهه ڏانهن پهچايائون پيغام،
وڃ ولايت پانهنجي، وٺي هل هشام،
نه ته ٿيندين آڌ اُڌام، آهي سوڀ فغفور جي.

 

175-وٺيو خط خان، ٿو منجهان پرت پڙهي،
عقل جو اڪابر، ٿيو وڏو ڌيان ڌري،
بِگر گل اندام جي، مان ويندس ڪين وري،
پرهه پوندو سانوَ چين ۾، اچي ڪاهه ڪري،
پوءِ جنهن جو ڀاڳ ڀري، سو سورهه وهي سڱ تي.

 

176-سهڪندو سُڏڪندو، آيو راڻو سوجهي راءُ،
طريلي تجار اڳيان، ٿو آکي عرض اُتاءُ،
صبح بلغاري باتشاهه، ٿو ڪٽڪ آڻي چين ۾.

 

177-پئي سنگ سراءِ ۾، راوت هڪڙي رات،
تان اُڻ تڻ آزرديءَ کان، ٻي وائي نه وري وات،
وهاڻيءَ پرڀات، گهوڙو گهوٽ پلاڻيو.

 

178-چڙهيو گهوٽ گهوڙي تي، هو اڙٻنگ اعتباري،
ڪمر ڌاري ڪوٽ جي، هئا بانڪا بلغاري،
انهن جي اڙدن ۾ چند پهر رهيو چاري،
سُڌ لهي ساري، موي آيو ماڳ تي.

 

179-موٽي پوڃاڙيءَ ماڳ تان، ٿيڙو سنگ سوار،
چئنچل ٻاهران چين جي، اچي ٿيو اظهار،
پهر پڄاڻان رات جي، وؤنڪي ساڙيا وار،
ته ديو لکين درٻار، اچي هٿ ٻڌي حاضر ٿيا.

 

180-جيئن شاهي دستور، تيئن هٿ ٻڌي حاضر ٿيا،
جنهن لاءِ گهرايئي زود ضرور، سو مقدمو معلوم ڪر.

 

181-چئي: بلغاري بادشاهه جو، هت گهڻو هاگام،
فائق سو فغفور کان، ٿو گهري گل اندام،
ڀڃو تنهن بهزاد جو، جنهن ڪيو اِي ڪلام،
انهيءَ مقدمي مام، ڪوٺيو مانوَ فرار تي.

 

182-اوهين رهو هت، هي صاحب ڪم سهنجو،
عاقل! ڪر مَ اُلڪو، تِر جيڏو تنهن جو،
چئي: هي مقدمو منهنجو، سو ڪيئن ٽڪي هٿ رهان!

 

183-ديون سان ڌوم ڪري، چڙهيو شهزادو شاهه،
راتاهي جي رات ۾، ڪل ڪٽڪ ڪئي ڪاهه،
آفتون اڙدن ۾ نازل ٿيون ناگاهه،
’بِزَن بِزَن‘ بات ڪهي، حرب ۾ هرگاهه،
بانڪن بلغارن سان، ڪئي کيل کني جي کاهه،
ديون دشمنن تي، ڳوڌي ٻڌا ڳاهه،
سڀيئي سردار هئا، ان سين ساڻ سپاهه،
سي رميا راتو واهه، موڪلائي ملوڪ کان.

 

184-اڙٻنگ اڙدن وچ ۾، اڏو ڪيو آباد،
پسي فتح پنهنجي ٿيو شهزادو شاد،
ته بلغاري بهزاد، ڪٽڪ مان ڪٽجي ويو.

 

185-سر نيزي پائي، آڻي دانهه ڱوڙيو در تي،
راتيان رات رقعو لکي ٿو منجهه عَلم اٽڪائي،
ته من ڪو پڇائي، ته هيءَ بانڪي فتح بهرام ڪئي.

 

186-کٽي ڇُٽي خير سان، لالن آيو لوءِ،
پرهه ڦٽي کان پوءِ، وڃي پيئي سُڌ بادشاهه کي.

 

187-تنهن خبر گير اٿاريا، چوڏِس ۾ چاڪر،
 ته راتاهي رات ۾، ڪنهن لنگهايا لشڪر؟
مانجهي موٽي آئيا، دانهه مٿي در،
ته نظر ناگہ آيو، نيزو خط نظر،
سو آڻي هاڪارن حاضر ڪيو، ساڻ عَلم سو سر،
اُپٽي پڙهيو بادشاهه، پروانو جان پر،
خط ۾ اي خبر: ته بانڪي فتح بهرام ڪئي.

 

188-تڏهن وزيرن ويچار ڪيو، کائون منجهه خلق،
ته آهي عاشق گل اندام تي، ڪو فرشتو به فلڪ،
تنهن پِيلِي منجهه پلڪ، هي لشڪر لک گنوائيو.

 

189-نيزو ۽ خط بادشاهه، سوگهو سانڍايو،
پوءِ ٿي پڇتايو، ته سُڌ پوي ٿي ڪانه ڪا.

 

190-گَنُو دنيا جو گوش، فڪر سڀ ڦٽو ڪيو،
دانهه ٿي درويش، اچي مجرو پرياڻيءَ جو ڀريو.

 

191-سر ٽوپي ڪاري، ڪارو پوش ڪلهن ۾،
سپيريان جي صحن ۾، ويڙو هڪ واري،
جانب جمعي ڏينهن تي ڏنيس ڏيکاري،
تان منجهه کيپ خماري، عاشق اوگانا ٿيا.

 

192-عاشق اوگانا ٿيا، سر گنوايو ساهه،
کيپ تنهين ۾ خواهه، موٽيو پسن پرين کي.

 

193-دولت در کان نڪتي، کڻي سرپوش سيمي جان،
سڀڪنهن نر نذرات ڪيو، ترت تنهين ۾ تان،
هن پڻ وينڍو لاهي هٿان، ترت وڌو ان طبق ۾.

 

194-سڄو ئي صحن گهمي، ويئي موٽي منجهه ماڙيءَ،
ترت نيئي طبق کي، وڃي پيش ڪيائين پيءَ،
ته اڳيان گل اندام ٿي، گويا سين گوليءَ،
ته ٿٿ منڊي جا هيءَ، سا ڪهڙي نر نذرات ڪئي.

 

195-تڏهن گولي ڏيئي گوش، ٿي گويا گل اندام سان:
هو جو پسين ڪاري پوش، تنهن وينڍو وير بخشيو.

 

196-تڏهن پسي ڪاري پوش کي، پريءَ ڪئي پاٻوهه،
ته رمز رسي کي روح، پر ڀول پيو بهرام کي.

 

197-نماڻا نيڻ ٻئي کلي کنيائون،
محبتي مشتاق کي وڪڙ وڌائون،
جڙ لڳي جائون، پر ڪل ڪنهن کي ڪانه پئي.

 

198-هيجان لعل حسينِ، دانهن دولت کي چيو:
وينڍو وير بخشيو، هيڏي قرب ڪهينِ،
گهڻو وڌ گهوٽن کان، آهي وڏي قدر قرينِ،
جي چڪي ساري چينِ، ته به ٽاڻي نه اچي ٽڪ جي.

 

199-’وير ولايت جو ڌڻي، آهي شهزادو شاهه،
نماڻا نيڻ کڻي ٿو، مانجهي محبت مان،
دولت آهه داناءَ، پر ڪنهن درد هڻي درويش ڪيو.‘

 

200-ڪوٺي ڪاري ويس کي، اُٿي دولت آڻ،
منهن مقابل ڳالهيون، ڪريون ريجهه رهاڻ،
تڏهن ٻانهيءَ ٻائيءَ کي چيو، سالڪ مت سڄاڻ:
ته نر ناميا ڪيترا، آهن ويٺا وير وٿاڻ،
پڌرو ڪيئي پاڻ کي، پهرين وڌءِ پاڻ،
تان تون سڪ ساٽاڻ، جان آءٌ واقف ٿيان وچ جي.

 

201-’منڊيءَ تي مشغول ٿينءَ، متان هجئي ڪو فقير،*
متان ڪو چور چريو هجي، توڙئون ڪو تقصير،
اهو ويڍو وير، مُڪو ٿَئي ڪنهن منگتي.‘

 

202-’مُور نه مُنجن منگتا، جي پنڻهار پنن،
سي ڪيئن چور چريا ٿيا، جي آڻين هنڌان ٻين،
ٿا شاهه سخاوت ڪن، پينو پنن پنجڪڻي.‘

 

203-پوءِ دولت ڊوڙي آئي، وٽ تنهين سا وير،
پڇي ٿي پاونگ کان، عاقل ساڻ اُڪير:
ته ملڪ سندو تون مير، ڪي پيوند اٿئي پيڏ جا.

 

204-چئي: جهڙو اٿم ويس، آءٌ ذات به اهڙيائي آهيان،
پري پرانهين ڏيهه تي، آهي دولت منهنجو ديس،
ايءُ عاشقن انديش، جو ڌريم درويشا ڪپڙا.

 

205-چئي: درويشي داٻ ڪري، ڪي سمهه سروپاءِ،
آهين شهزادو شاهه جو، ڀطير اهڙيائي ڀاءُ،
ڇُپي ڪيم ڇپاءُ، صورت سلطانيءَ جي.

 

206-’صورت سلطانيءَ جي، چپائي نه ڇپي،
دولت! درسين دوست جو، ٿو هئين منجهه هپي،
ساري چِينَ تپي، جنهن هي مسافر موجود ڪياءُ.

 

207-’هيجان لعل حسين، من منهنجو موهيو،
جڏهانڪر جانب سين، چِيٽڪ لڳو ۾ چين،
هيج هئي هيڪڙي، ٻولِي ٻولِي ٻي نه،
هي جو محبتي مسڪين، تنهنجي سانول سُڌ لهج تون‘.

 

208-’دانهن دولت ڏيج، نيئي سنيهو کي سڄڻين،
ته سڪائي سوز ڪيو، هنيو تنهنجي هيج،
سانول! سُڌ لهيج، هن محبتي مشتاق جي.

 

209-سڻي سنيها سڪ جا، دولت ويئي دوڙي،
پهس لنگهي پؤڙي، اچي هٿ ٻڌم حاضر ٿي.

 

210-’سڻ سانول سوڍا سپرين! درد سندو دلبر،
آهي ان عاشق کي، تنهنجي سڪ سڀر،
ته سڪائي سوز ڪيو، هنيو تنهنجي هيج،
سانول! سُڌ لهيج، هن محبتي مشتاق جي.

 

211-’محبتي جان محبت ۾، من کي نه ماري،
آڻبو آب اکين مان، ٿو ڏيهه کي ڏيکاري،
ٿو پڌرو پڇاري، ته آءٌ ڀي عاشق آهيان.‘

 

212-’باز مٿي ۾ مجني، آڻي ڪيو هو آکيرو،
بيٺو هو ڀر پيرن جي، محبتي مٿيرو،
دولت! هن درويش کي، سڪ نه ڪيو سيرو،
ٿو در وجهي ديرو، ته آءٌ ڀي عاشق آهيان.‘

 

213-تڏهن وري ڪارڻ ڪام، موٽي ماڙيءَ مان هلي،
اچي ٿي عاشق ڏانهن، گولي گيز گام،
تنهن بام اڳيان بهرام، آڻي پارانڀا پيش ڪيا.

 

214-سڻ دانهه! ٿو دوست چوي: تون دهوڙين نه درد،
ڀؤنر پرائي ڀُونيءَ جا، هلي آيا هن هنڌ،
ڪوڏيا ڪينڪيءَ جا، ٿين آلوليا اڌ،
تون سڪ رکين ٿو سَڌ، ته آءٌ ڀي عاشق آهيان.

 

215-چئي: دولت! آندءِ دوست جو، سختيءَ سنيهو،
نمڪ ڦٽ نسارا، جل وڌءِ جيهو،
ماڳهين مهمانن لاءِ، هي ڏاڍو آهي ڏيهو،
روح جنهين ريهو، سي ڪندا مهر مشتاق تي.

 

216-’بلبلان باغن ۾، جيئن ڳاهٽ ڪيو ڳٽڪن،
تيئن ماڙيءَ ڌاري محب جي، ايءَ پر عاشقن،
دولت! هن درويش جو، جيءُ جڏو ڪيو جن،
سي موٽي مانَ پڇن، هن محبتيءَ مشتاق کي‘.

 

217-تڏهن سڻي سنيها سڪ جا، دولت وئي دوڙي،
پهس لنگهي پؤڙي، اچي هٿ ٻڌي حاضر ٿي.

 

218-اڳيون گل اندام جي، اچي ڳوريءَ ڳرهيو حال:
آهي هن عاشق کي، پرت ڪيو پئمال،
ساجن! لهج سنڀال، هن محبتيءَ مشتاق جي.

 

219-اچي رمز پريان جي روح جي، ڀاتيءَ رکي ڇڪ،
لائي لنؤ لالن سين، لوڪان ڪجي لڪ،
هي سَڌ رکي ٿو سڪ، ته آءٌ ڀي عاشق آهيان.

 

220-’پسي شعاع شمع جو، جيئن پروانا جلن،
دولت! هن درويش کي، آهي خام محبت من،
ٿو ٻڌائي ٻين، ته آءٌ ڀي عاشق آهيان‘،

 

221-تڏهن وري ڪارڻ ڪام، موٽي ماڙيءَ مان هلي،
اچي ٿي عاشق ڏانهن، گولي گيز گام،
تنهن بام اڳيان بهرام، آڻي پارانڀا پيش ڪيا.

 

222-سڻ تون دانهه! دوست پوي: سا ٻُڌ سڪ سوغات،
ٻڌائج مَ ٻين کي، سندي طلب تات،
وحدت مان واصل ٿي، ٻي محبت جي ميراث،
ٻي وائي ڪج مَ وات، ته آءٌ ڪو عاشق آهيان.

 

223-جار جثي جانب جو، ٽري نه اتان ٽاڪ،
لائي لنؤ لالن سين، عاشق تون ٿي خاڪ،
ڪج عاجزي عجيب سين، جيڪا وس پڄيئي واڪ،
هي جو محبتي مشتاق، تنهن جي سانول سڌ لهيج تون.

 

224-پسي شعاع شمع جو، آتو ٿيو عشاق،
مانَ ميٽائي مون پرين، سندو ڦٽ فراق،
دولت! چئج دوست کي، سندو سڪ سراغ،
هي جو محبتي مشتاق، تنهن جي سانول سڌ لهيج تون.

 

225-تڏهن سڻي سنيها سڪ جا، دولت ويئي دوڙي،
پهس لنگهي پؤڙي، اچي هٿ ٻڌي حاضر ٿي.

 

226-سڻ سانول سوڍا سپرين! جاني جانب يار،
عاشق کؤن اکين مان، ٿو جر وهي جالار،
ساجن! لهج سار، ڪا محبتيءَ مشتاق جي.

 

227-دولت! ونءُ مَ دوست ڏي، متان لکيئي لوڪ،
ٿئي سڪ ۾ ساجن سوڪ، ته ڪا پيوند جي پر کاپوي.

 

228-پريان سندي پار جا، ويٺو گهڙي گهاٽ،
اوڏاهون جي اچڻ جي، ويٺو نهاري واٽ،
انهيءَ چيٽڪ چاٽ، ڪيو مائل محبوبن کي.

 

229-اڄ تان عجيبن جو، ڪو اوڏو نه آيو،
ڪنهن جنهن رمز رفيق سو، ريهي رهايو،
ورايو وماس ڪري، چت کي چوايو،
ته لالن لکايو، جيڪس ڏمر ڏيل ۾.

 

230-قاصد قريبن کان، الله اڄ ڪو آڻ،*
منهن مقابل ڳالهيون، ڪيون روح رهاڻ،
اڄ نه آيو هاڻ، ڪو قاصد قريبن جو.

 

231-ڏمريا ڪهڙي ڏوهه، هن محبتي مشتاق تي،
گوليءَ اچڻ ڇڏيو، ٻاجهه مَ پوي پوءِ،
سي تسي ڪندا توهه، پنهنجي مهر مشتاق تي.

 

232-پهر پڄاڻا رات جي، ڪامل کنيو ڪمند،
چڙهيو ملهه ماڙيءَ تي، ڪري فڪل فند،
هوڏانهن هو دلبند، اچي دوست دريچا ديکيو.

 

233-گوليون گل اندام جون، هيون ٻارهن هزار،
تن کي ويس قرمزي ڪيسري، جوهر جي جنسار،
سر کنڊ رپي سون جا، هئن ڳلي ۾ هار
(1)،
مڙئي من موهڻيون، سهجؤن ڪن سينگار،
جيئن کنوڻ ٿي کاهه ڪري، چمڪن تيئن چوڌار،
پسي تن جا پار، عاشق اوگانو ٿيو.

 

234-پسي کاهون کوئن جون، ٿيو عاشق اوگانو،
تت پڻ تعظيمن جو، جنگ ڀريو جانو،
ڪري آگو احسانو، جو پر پهچڻ جي ناهه ڪا.

 

235-لهي ملهه ماڙيءَ تان، هلي آيو هيٺ،
انهيءَ ڏسڻ ڏيٺ، ڪيو ديوانو داناءُ کي.

 

236-دانهه ديوانو ٿيو، عاشق ڪري آهه،
قاصد قريبن جو، آڻين ڪو الله!
نه ته ڪو رهبر راهه، آڻين اباڻن جو.

 

237-دانهه ديوانو ٿيو، آيو جنگ تنهين جاءِ،
ٿو ويهڻ ات ورجاءِ، سالڪ صبر قبول ڪيو.

 

238-سالڪ صبر قبول ڪيو، نت نمايو نينهن،
مانجهي محبت مينهن، ٿو اوتي اکڙين مان.

 

239-اچي سڪ سانوڻ ڪيا، دانهه کي درياهه،
جگر ٻيڙو جر تي، ٿيو من ملاح،
موجودن جي محبت جون، سي ٿو سهجان جهلي ساهه،
عاشق اکين ماهه، اچي ڇول ڇَران ڪيو.
 

240-ڪشور شاهه ڪٽڪ ڪڍيا، روٿون منجهان روم،
تن جو ديس ڪوهين ديرو پوي، ايڏي ڪٽڪ قوم،
سي پُريا پير پانوَ جي، زابر منجهان زوم،
ايڏي ساڻ هجوم، ٿا پڇائن پرڀونءَ ۾.

 

241-ڪٽڪ ڪاهي ڪوٽ ۾، آيو وزير وري،*
تنهن سڻائي شاهه کي، خبر هيءَ کري:
بانڪي شاهه بهرام کي، لڳي ذوق ذري،
شهزادو چڙهيو شڪار تي، وهلو تت وري،
آهُو نڪتو اوچتو، صورت سونهن سري،
جان پيڙس پڙ پري، جان هرڻ نه آيس هٿ ۾.


*  بيت (79) ۽ (80)  د روايت مان ورتل آهن.

*  بيت (104)، (105) ۽ (107)  د روايت مان ورتل آهن.

*  بيت (112) ۽ (113)  د روايت مان ورتل آهن.

*   (120) بيت  د روايت موجب آهي.

(1)   هي مصرع  د روايت موجب آهي.

(1)    مصرعون    روايت موجب آهن.

(2)   مصرعون    روايت موجب آهن.

*    (143) بيت د روايت مان ورتل آهي

(1)    هي مصرع د روايت موجب آهي

*     (161) د روايت مان ورتل آهي. 

(1)    هي مصرع د روايت موجب آهي.

*    (173) کان (177) تائين بيت د روايت مان ورتل آهن.

*    (201) کان (202) بيت د روايت موجب آهن.

*    (230) بيت د روايت مان ورتل آهي.

(1)    هيءَ مصرع د روايت موجب. (236) بيت د روايت مان ورتل آهي.

*    (241) کان (248) تائين بيت د روايت مان ورتل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org