سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :14

 


242-مانجهي محبن موهيو، راڻيون رڙن لاءِ وير،
قسم ڪونڌ پکيڙيا، ملڪن تي مهمير،
ڪي تائي ڪاڻ تجار ٿيا، ڪي فائق ڪاڻ فقير،
ڪي ونڪي ولايت ويا، ڪي آتا منجهه اُڪير،
گهمي گهتي موٽيا، جنگ مٿي جاگير،
اچيو چون وير: ڪل قابل جي ڪانه پوي.

 

243-بادشاهه جي بيٽي کي، اندر رمز رهي،
پَڙها گهمايا پاتشاهه: اچو لال لهي؛
ساڳيو وزير هليو، سنڀري سو به سهي،
ڳولڻ هليو شاهه کي، پهلوان پهي،
اڇو صفو ڏٺئين سڃ ۾، پيا لک لهي،
پڇڻ لڳا پيرا مرد کان، ٻاجهارا ٻئي،
هن ڀي ساري سڌ سهي، ڏنن ڏس بهرام جو.

 

244-دانَهه بيٺو در تي، مورت ڪيس مستان،
کائڻ پيئڻ کؤن اڳي، حال ٿيو حيران،
پڇيائين پير ڀري، هُن جو ڪاٿي ملڪ مڪان،
ڏس ڏنومانس ڏيهه جو، سرهو ٿيو سلطان،
نالي گل اندام تان، ڪوڙين ٿين قربان،
راضي ٿيندس رحمان، جو پرين ميليندس پانهنجو.

 

245-هي ڀي هليا اوڏهين، ساجهر ويل سويل،
ديهه آيا ديون جي، پانَهه ڀري پير،
هِي ڀي شاهه ڇڳير، اچي بانڪا لٿا باغ ۾.

 

246-دهلجي ديو ويا، سورهيه سڀيئي،
جي آهن اهيئي، ته نوڪر انهيءَ جي نام جا.

 

247-بانڪو آيو باغ ۾، هيڏي سان همت،
دانَهه ٻڌا ديو ها، سورهيه ڄڻا ست،
اسان ڀي ڪانه ڪئي، عاقل تنهن سان ڪٿ،
سڀ ڇڏيائين ڇوڙي، مير ڪري مروت،
سنگ چاڙهي منجهه سٿ، وير ويهاريوسين وچ ۾.

 

248-وير ويجهيو وچ ۾، ٿو حڪم هلائي،
چئنچل ڏس چين جو، ٿو پانهه پڇائي،
سنگ لڳو سائي، ڪيائين هَوانو هلڻ جو.

 

249-چئنچل آيا چين ۾، سنگ صلابت ساڻ،
پڇڻ لڳو پاتشاه، ترت تنهين کؤن پاڻ:
نه هيڏي سان هلواڻ، ڪٽڪ ڪاڏي هليا؟

 

250-هي جو براق بخت جو، شل ڪنهن کي مَ ڪيري،
آهي بانڪي بهرام جو، ديهه تنهنجي ديري،
تنهن لاءِ شهر تيري، هلي آيون روٿون روم جون.

 

251-جنهن جو نانءُ بهرام، سو جنگي آهي جوان،
ڪهي لک ڪٽڪ کي، ٿيو راتو رات روان،
اسان فائق ڀانيو فرشتو، پر هي آدم، ٿيو انسان،
هڪ نذر نيشاني نيزو چڏيو، ٻيو پانوَ جو پروان،
ڪو خط سڃاڻي خان، هوندو شهزادو هن شهر ۾.

 

252-هن آڻي عَلم پيش ڪيو، ٿا پٽيو خط پڙهن،
تان ڪنهن کي اچي ڪانه ڪا، اوٽ سندي اکرن،
تڏهن وزير ويچار ڪري، کڻي ڏيکاريو ڏاهن،
ته حرف سڃاتا تن، جيڪي مڪتب ملوڪ سان.

 

253-ڳولڻ لڳا ڳوٺ ۾، شهزادي کي شاهه، ماڙيءَ ڌاري محب جي، ٿا نر جي ڪن نگاهه،
ته ڪاري پوش ڪلهن ۾، شهزادي کي شاهه،
ماڙيءَ ڌاري محب جي، ٿا نر جي ڪن نگاهه،
ته ڪاري ڇوش ڪلهن ۾، اچي وير ڏٺائون واهه!
دائن اُت داناهه، سڃاتو سهي ڪري.

 

254-سڃاتو سهي ڪري، اڙٻنگ اعتباري،
بانڪي شاهه بهرام جي، ڪئي طالع تياري،
پاڪيزي پوشاڪ آندائون جوهر جنساري،
سينگاريائون سون سين ٿي هاٿي هانباري،
فائق في الحال فِيل تي، ڪئي هاتڪ هسواري،
وؤنڪي ساڻ وڄڻ لڳي نوبت نغاري،
بڻي بادشاهيءَ جو سلامتي ساري،
ديمن اتي ديم ڪئي، چورنگ چوڌاري،
ڪوپو ڪلاداري، هليو چڙهي هشام سان.

 

255-دانَهه دولت سين ڪئي، گويا گل اندام،
ته هو ملائينم محبتي، پيوند جي پينام،
هليو راڄيو روم جي اهڙي ساڻ هشام.
اسان ڪارون ڪين ڪيون، بانڪي ساڻ بهرام،
دانهه منجهان دام، ٿو وڃي وير وطن تي.

 

256-چئي: دوستن سندي دام ۾، جيڪي پهس پون،
سي لائي لنؤ لالن سين، سُنک ٿي ڪين سمهن،
سي وطن ڪين وڃن، جي نهوڙيا نينهن پرين جي.

 

257-جنهن درويشو درڪ ڪيو، سو دولهه دل دراز،
چڙهيو چاڪرن سين، وڃي گنو غماز،
چائي هليا چين مان، وٺي بر مان بهري باز،
ماري ٿو مجاز، مون کي محبوبن جو.

 

258-لڳي جن لوري، هٿان حبيبن جي،
جهڄڻ ۽ جهوري، دلاسو دوستن جو.

 

259-چئي: هو ملائينم محبتي، پر درد ڪيائين دور،
اڄ ڪڇهريءَ ڪور، ٿو ديکي ڪين دماغ کان.

 

260-ڪنور ڪچهري آئيو، جنگ وڏي سين جوڙ،
مٿس لالان موڙ، ڇٽ شهزادي شاهه تي.

 

261-فائق گڏيو فغفور سان، بانڪو شاهه بهرام،
آکيو عالمگير اڳيان، ڪامل ايءَ ڪلام:
ته جَگ بلغاريءَ جَنگ جي، هئي مبارڪ مدام،
هيڪل ساڻ هشام، ويڙهه ڪئي ڪيئن وير تو؟

 

262-تان چئي: مان وٽ لک، آهن ڪٽڪ باطني،
جيڪا ڪرين پرک، ته ديو آڻيان درٻار ۾.

 

263-ڏسون سي ڏيکار، بانڪا ڪٽڪ باطني،
ويهندي ئي وارن کي، جُنگ جلايو مان جار،
تان ديو لکين درٻار، اچي هٿ ٻڌي حاضر ٿيا.

 

264-پرکا پيئي پادشاهه، انت ورتو عظمت،
تڏهن سنگ اُتي سغفور ساڻ، مير ڳڻي مصلحت،
ته سروان جي آڻڻ ۾، فائق ڪج مَ فرصت،
تنهن ديو چيو داناءَ کي، ته اسان شير شريڪت،
اي تان نهايت، اسين نوڪر تنهنجو نانوَ جا.

 

266-تڏهن وهانوَ جي وائي، ڪئي وير وزير سان،
تنهن سُڌ سڀائي، بات پڇي کان بادشاهه.

 

267-تڏهن وزير بادشاهه سان، وڃي وائي ويچاري،
ته وؤنڪا ڪم وهانوَ جو، هو عاقل اختياري،
ته هوءَ آهي وات وڪيل پنهنجي، سهنجا سچاري،
ٿئي تڏهن تياري، جڏهن اوڏاهون اهنڪر ٿئي.

 

268-تڏهن روح افزا راحت ڪڍي پي سروان نال،
گڏيو گل اندام کي، اچي کيڪاري، خوشحال،
ان به بادشاهزاديءَ سين، ڳوريءَ ڳرهي ڳال،
ته مون هان موچاريون گهڻيون، آهيو اوچي سان اقبال،
سي وڻيون نه بهرام کي، ڀينر! ڪهڙي ڀال؟
اسين بادشاهزاديون برحال، پر آهي طالع اُتم تنهن جو.

 

269-همشيره ديون جي، هيو سروان جنهن جو نانءُ،
سا آئي گراوني ڪوٽ مان، ڪارڻ واڪ وهانوَ،
ته عظمت وٺي آءٌ، ڪنا فائق ڌيءَ فغفور جي.

 

270-روح افزا رهاڻ ۾، اچي ويڻ ٻڌايو واهه،
سڄڻ ڀريءَ سٿ ۾، هيءَ ڳالهائي ڳاهه
(1)،
هٿ شهزادي شاهه، آهي واڳ وهانوَ جي.

 

271-تڏهن دايون دانائن ڏانهن، آيون کاڄ کڻي،
کاڏائون خوشيءَ مان، وين واهه وڻي،
مچايائون منڌ کي، ڏيئي گهُر گهڻي،
پر ديون جا ڌڻي! متان ڦٽائين فغفور کي.

 

272-تڏهن سُڻي ڪيائون سڀڪا، ساهيڙن سڀر،
هِنئين ۾ حبيب جي، هيس اڳهين سڪ اپر،
لونگ ايلاچيون ان کي، گهڻيون ڏنائون گهر،
ٿيون سرهيون سربسر، ته ڪامڻ ڪانڌ قبوليو.

 

273-پوءِ موڪلائي تنهن ماڳ تان، جُنبيون پنهنجي جاءِ،
ساهيڙيون وٺي ساءُ، سڀ سرهيون آئيون.

 

274-روح افزا رهاڻ ۾، اچي ڪهڻي ايءَ ڪهي:
ته سويرو سعيو ڪيو، سهجان سڀ سهي،
ٿين ٻهڳڻ ڪاج ٻئي، اهو عزم گل اندام ڪيو.

 

275-تڏهن ساڙي وار سراءِ ۾، ديو آندا داناءُ،
سنگ اڳيان سغفور جي، ٿو ڳالهه ڳالهاءِ:
ته سرو سان صلاح، آهي سٿ هن سڱ جي.

 

276-تڏهن ديو اڳيان داناءَ جي، ڪيا سغفور سلام،
ته اسين مايا ملڪ مڏيءَ سين، آهيون گولا تنهنجا غلام،
هاڻي ڀر تون هامَ، هي سرو سان صدقو ٿئي.

 

277-انهيءَ وير وهانوَ جي، ٿيو بانڪو خوش بهرام،
روح افزا راحت ڪيس، باريءَ بخش انعام،
شاديون ٿيون شآم، ته راڄو ريڌو روم جو.

 

278-ويهندي وهانوَ جا، سڀني ڪيا سعيا،
فائق مَنهَن فغفور جا عاقل اڏايا،
ديو مڙي داناءُ وٽ آڳانجها آيا،
سڀ سڻي سختي، مانجهيءَ مرڪايا،
چند ٽيئي اسي چين ۾، پانڊوَ پهريا،
ڪيا صاحب سوايا، وري ڪاج ڪرم سين.

 

279-ڏيهان رس راڳن جا، هيون راتيان رهاڻيون،
ٿيون ماڳ مهمانيون، نت فائق فغفور جون.

 

280-ماڳ مهمانيون هيون، نت ٿيون مان نينهن،
گذريا پورا پنڌرنهن ڏينهن، ته راڄو سنڀريو روم جو.

 

281-شهزاديءَ کي سغفور چيو: هل تون اسان ساڻ،
نوازيو نوڪر کي، هلي ماڳ ٿيو مهماڻ،
ديو اڏائي پاڻ، پانڊوَ پلڪ پڄايو.

 

282-وڻ ڪيتڪي وطن مان، کوهي هن کنيو،
سڄو درخت مشڪ جو، اچي پڙ پيو
(1)،
ڀُڻڪو تنهن ۾ ڀؤنرن جو، تنهن ويل ويو
(2)،
ملهه مهمان ٿيو، ديهه اچي ديون جي.

 

283-ديهه اچي ديون جي، ملهه ٿيو مهمان،
ڪارون ٻڌا ڪيترا، ڪن سهنجا سورهه ساڻ،
پانڊوَ تان پاڻ، ٿا گهوريو گهورين جندڙو.

 

284-پيارين پانوَ کي، ديو اچيو دارون،
ڪوڙين تن ڪارون، ٻيا وس وڏا ڪيا.

 

285-چڙهي چاليهين ڏينهن تي، ڪهيا سڀ ڪٽڪ،
سڀني مهمانن جون، ٿا سهجان ڪن سلهٽ،
طنبو توشا کٽ، مڙني کي موجود ٿيا.

 

286-تيرهين ڏينهن تيار، وريو وير وطن تي،
ناميا نائين ڏينهن تي، نڪري ٿيا نروار،
ڪٽڪ سان ڪشور شاهه، آين واڳيوار،
وڇڙيا ورهين جا، ڪري جمع جبّار،
سؤ ڀَت سرهايون ٿيون، تسيون توه تبار،
جن جو ڪلمي ساڻ قرار، هوندا سي ايمان سان.

 

287-بانڪي شاهه بهرام جو، قصو پڙهن ڪيئي،
پڙهڻ ساڻ پري ٿين، غم غدود سڀئي،
مالڪ مڙيئي، غم لاهي غمگين جا.

 

لا اِلٰہ اِلاالله محمّد رسول الله 

 

 

 

بانڪو شاهه بهرام*

 چيل بهاول مهر جو*

 

1-ساراهه ڪيان سبحان جي، ساراهه جنهن جو شان،
نُور مؤن نروار ڪيئين، سهڻو شاهه زمان،
نازل ڪيئين نبيءَ مٿي، فيض وارو فرمان،
عليءَ شير امير کي، ڪيئين شاهه والي شان،
اهڙو مالڪ مهربان، سو ويهه وساري ڪينڪي.

 

2-ايشيا جي اولهه ۾، آ روم ملڪ مشهور،
’ڪشور شاهه‘ سلطان اتي هو، بخت سان ڀرپور،
نامور نادر هو، زابر سو ظهور،
فرزند تنهن فائق کي، هو سهڻيءَ چال شعور،
نالي ’شاهه بهرام‘ هو، باڪو سو ڪُهنور
(1)،
سو هردم شوق شڪار سان، مرد هيو مخمور،
من هيس مذڪور، شب ۽ روز شڪار جو.

 

3-هردم شوق شڪار جو، هو جيءَ اندر ۾ جوان،
هڪ ڏينهن اُسريو شڪار تي، کڻي تير ڪمان،
اڙدن سان امير هليو، سڀ کڻي سامان،
نوبتان وڄائي نادري، هليا يار يگان،
مصلحت اتي مڙني ڪئي، اهڙي بات بيان،
سامهون جنهن کي شيء ٿئي، ڪري ڪاهه سين ڪان،
اهڙي صلاح سنبري هليا، مرد سڀئي مردان،
اڳنؤن نڪتو اوچتو، مرگهه مٿئون ميدان،
وارو اتي وير ڪيو، پرس پهلوان،
گُٿو وارو گوهر سندو، ڪئي ڪاهه ڪويسر خان،
موجب لِکئي لوح جي، گهميو باڪو بيابان،
سبب انهيءَ سبحان، بهريوند بهرام ڪيو.

 

4-بهريوند بهرام هو، اصل ڄائي ڄام،
ڏوريندي هڪ ڏينهن ۾، آيو سهڻو ويلي شام،
رئيس رهيو ات راتڙي، باڪو شاهه بهرام،
ساڻ نه هو ڪو شاهه سان، گهوڙي ريءَ غلام،
اتي وير ويچار ۾، ڪيو قادر جو ڪلام،
ڪيئن يوسف کڻي کوهه ۾، وڌو ڀائن وير وريام،
اُٿؤن زابر لاءِ زليخا جي، ڪيو ٿرن ۾ ٿهرام،
اهڙا ڪم قادر جا، آهن ملڪن منجهه مدام،
اهڙيءَ طرح تمام، ڪئين راتيون گذاريئين رڻ ۾.

 

5-راتيون رهندو رڻ ۾، اڳتي وير ويون،
نه جهانگي ڏسي ڪو جهنگ ۾، نه ٿر ۾ ٿانيڪو،
ڪڏهن ميون تي مرد پئي، ٿي قابل قوت ڪيو،
ڪڏهن صحرا ۾ شڪار ڪيُون پئي خورم خان ٿيو،
اهو وڇوڙو وير کي، قسمت پَڙِ پيو،
واهه! چئي ان ماڳ تي، پاتو لال لِيئو،
نامئي کي نظريو، پهاڙ اتي ڪو پٽ ۾.

 

6-مٿي پٽ پهاڙ تي، قابل ڪئي ڪاهه،
چست ڏٺي تنهن چوٽيءَ تي، عمدي جوان جڳاهه،
اوڏاهين امير ويو، چري گهڻي سان چاهه،
مرد لنگهيو محلي ۾، سهڻو ويل صباح،
حَسين اُت حور پسيئين، صورت عاليجاهه،
جَڙيل هئي جهنور سان، اها مورت مثل ماهه،
مرگهه نموني نيڻ هيس، ٺهيل اهڙي ٺاهه،
سڀني وصفن سهڻي، عمدي ڪئي الله،
حور پَسي حيران ٿيو، ڪيئين صاحب جي ساراهه،
وڻي وئي هئي وير کي، صورت ساهه پساهه،
نامئي ساڻ نگاهه، باڪي برهه خريد ڪيو.

 

7-باڪي برهه خريد ڪيو، ڏسڻ سان ڏاهِي،
هڪ مرد ڏٺائين ان ماڳ تي، وِيسر ورجائي،
ان مرد پڇيو شهزادي کؤن: اوهان جو اچڻ ڪيئن آهي؟
اولاد اکين لاهي، بات اتي بهرام ڪئي.

 

8-بات اتي بهرام ڪئي، محسن اڳيان مير:
ته انگ جيڪو ازل کؤن، لکي ٿي تقدير،
اهو لکيو ٿو پَري، تنهن کي پڄي نه ڪا تدبير،
باڪو بهرام نام اٿم، فهميدا فقير!
چڙهيس سير شڪار تي، اچي ٿيم اُڪير،
ڪاهيم ڪڍ هرڻ جي، کڻي تفنگ تير،
اهڙي نَر نظير، آيس اوهان جي ماڳ تي.

 

9-آيس اوهان جي ماڳ تي، قسمت واڳ وَري،
ٻڍڙا! ٻڌاءِ تون به، خبر هاڻ کَري،
ڪهڙي سِر پَٽ تي، هِيءَ عمارت اُسري؟
کوليئين اتي آهه ڪري، درد جي دَري،
چئي: لکيل هئي ڪا لوح ۾، سندي برهه ڀَري،
وڻج ڪندو هوس وير مان، خشڪي ۽ بحري،
ڪڏهن يمن، يورپ ڪڏهن، هند، سنڌ ۽ گجري،
هڪ ڏهاڙي اوچتو ويس مُلڪ چين چُري،
اتي فهميدي ’فغفور‘ جي، هئي سلطاني سڦري،
ڌيءَ تنهن جي هڪڙي، هئي حُسن حور پري،
پَسي اُن پريءَ کي، وڻج ويا وسري،
ساعت ڪانه سري، هوش عقل آرام ويو.

 

10-هوش عقل آرام ويو، ڏسي گوهر ’گل اندام‘،
تصوير جي تاثير ڪئي، نيڻين ننڊ حرام،
آڏيائين عاشقن لئي، ديدن اندر دام،
جيڪو ڏسي اُن حور کي، ٿئي مست مدام،
هزارين حيلا ڪيم، تنهين لاءِ تمام،
لُٽيم خزانا مال ڪل، جانب ڪارڻ جام،
اهو حيلو ۽ حڪام، ڪارگر ٿيو ڪونه ڪو.

 

11-ٻيا به عاشق صحن ۾ هئا، گهڻا گهايل گهور،
عشق جي عليل کان، پري ٿيا مَ پور،
ڪئين وير وطن ڇڏي، ٿيا وڻجارا وهلور،
اَمُل اٺين ڏينهن جو، ٿي کڻي عين اُجور،
پَسي منهن مشتاق، رهن منجهه ويراڳي وچور،
عليل عشق مجاز ڪيا، ڪي سالڪ انهيءَ سور،
خان! اتي هئي کيڏ، آ ورهه جي وندور،
منجهئون هڻي حور، حيران ڪيائين حُب ۾.

 

12-حيران ڪيائين حب ۾، گذاريم ورهه ريءَ وصل،
بيوس ٿي برهه ۾، ٽيٽ ڪيم هيءَ ٽل،
منهنجو جيئڻ جانب ري، ٿيندو ڪيئن اصل،
نقاش گهرايم نامور، اعليٰ ساڻ عقيل،
جوڙيائون جهنور سين، مورت منڌ مثل،
ساڳئي نموني نار ٿي، ساڳي عين امل،
پوءِ جاءِ جوڙايم هتڙي، ڪاشيءَ سان ڪهگل،
تڏهن مونجهارو مس لٿو، مليو دلاسو دل،
اهڙي نينهن نقل، ورهه گذاريان وير ٿو.

 

13-ورهه گذاريان وير ٿو، غازي ڪيئن گذر،
شاهي تي شاهه ٿا، ساٿي ڪن سفر،
وڻج ڪري وري اچن، وڪڻي ڪل وکر،
اچي ڏين ادب سان، ساٿي مون ثمر،
پر مون کي سمو سهڻي جو، اُڪير جو اثر،
ويل نه وسري ورونهه کان، رهان ماندو منتظر،
عشق عين اکر، مليو اصل محبوب سان.

 

14-بابت سهڻي بهرام کي، ٿيو نشو ۽ نينهن،
گوهر گل اندام لئي، مرد وسايو مينهن،
سگهو ربّ سميع، ڪندو ميلو محبوب سان.

 

15-ڪندو ميلو محبوب سان، راضي ٿيندو ربّ،
ٻڍا! ٻڌي تو ٻول کي، لڳو عشق عجب،
سُپيريان جي سڪ اچي، ڏنو جيءَ جَلب،
اعليٰ آهي اصل کان، سندو نينهن نسب،
صاحب ڪري سبب، ته وڃي ملان محبوب کي.

 

16-چئي: ملين ڪيئن محبوب کي، آ ورهه اوکي واٽ،
هڪ اوکا پنڌ پهاڙ جا، ٻي عشق جي اوساٽ،
ڪئين وير ويهي رهيا، گهر وساري گهاٽ،
نه ڳاڻا کڻج ڳاٽ،م مرد! انهيءَ ميدان ۾.

 

17-مرد ٿي ميدان ۾، وس ڪندس وارو،
پٽ ڄاڻان پهاڙ ۾، اڃان ويتر واڌارو،
محسن تنهنجي محبت مان، عشق رکيو آرو،
پرت وارن کي پرينءَ جو، نه ڪجي ورهه ويسارو،
ملڻ لئي محبوب جي، ڪندس پرتئون پسارو،
پرين سندي پار ڏي، آهي مرڻ موچارو،
ڀؤنرن جو ”بهاول“ آ، منجهه گلن گذارو،
وٺي چين ملڪ چارو، هليو غازي گل اندام ڏي.

 

18-هليو غازي گل اندام ڏي، ٿيو رِند روانو،
پائي هليو پربت جو، ڳل ڳچيءَ ڳانو،
نينهن جي نشي ۾، کائي نڪو کانو،
هڪ ورهه، ٻيو وڇوڙو، ٽيون ڪيس درد ديوانو،
عشق جي آڙاهه ۾، گهڙيو پتنگ پروانو،
ڪندو ٿاڪ ٿرن ۾، هليو مانجهي مردانو،
برهه بارانو، وير وسايو واٽ ۾.

 

19-ورهه سندي واٽ ۾، مانجهي ٿيو محڪم،
هڪ هيس وڇوڙو وطن جو، ٻيو لڳس عشق اتم،
ٽيون فراقن فقير ڪيس، گوندر ڏيئي غم،
چوٿون جدائي جانب جي، ڪيس زور ظالم،
وير وؤڙيندو هليو، کڻي چاهه چشم،
وحدت جي ورد ۾، پئي خان ٿيو خورم،
گوهر گل اندام سان، هيس لکيو قرب قلم،
ڪاهي اچي ’ڪاڪيشيا‘ ۾، دانَهه ڀريو دم،
ڪو اُتاهين عَلَم، باڪي ڏٺو باغ ۾.

 

20-باڪو آيو باغ ۾، ڏٺئين باغ بهار،
گهوٽ لهي گهوڙي تان، پانَهه ڪيو پسار،
هيون بلبليون گل بوءِ تي، ٻيو ڀؤنرن جي ڀڻڪار،
گل گلابي، گل صنوبر، ٽيون سورج گل گلزار،
گل رابيلي، گل سناسي، واهه هيس وڻڪار،
عطر ۽ عنبير جا، هئا چمن ڪيئي چوڌار،
سبزي ۽ سرهاڻ مؤن پئي مرد لاٿو مونجهار،
مهر ڀرو ”مهر“ چئي، هو وڻن جو وڻڪار،
اُت محل اندر منڌ هئي، حُسن ۾ هاڪار،
ديواني ٿي دريءَ مؤن، ڪيئين دانَهه جو ديدار،
ٿيس اُڪير اندر ۾، پَسي سونهن ڀريو سردار،
ڪئي مهماني ملوڪ جي، ڪري طعام تيار،
منڌ مڪو سمجهائي، ٻانهيءَ کي ٻيهار:
ڏيئي مهماني محب کي، اهو ڪج اظهار،
دانَهه هي ديون جو، آ احڪامي آچار،
ماني کائي مير وڃ، هيءُ پانَهه! ڇڏي پار،
آئندو تو اختيار، آ اطلاع ڪم اسان جو.

 

21-طعام کڻي تعظيم سان، آئي دانَهه ڏي دائي،
ماني ڏيئي مهمان کي، چيئين ٻول سندو ٻائي،
هيءَ جاڳهه جوءِ ديون جي، جوان! اُٿي جائي،
آهن اجگر اڙد گهڻا، تَن عادت اڻائي،
اچن ته آگم ٿئي، هيءَ ٿَن پانَهه پُهائي،
اصل کؤن آدم ذات سان، اٿن ٻهڳڻ ٻيائي،
گهَڙيءَ بعد گهمي ڦري، ايندا تکا توائي،
تون باڪا هن بستان جي، وندر ڇڏ وائي،
اَٿي چؤرنگ چڱائي، کاڄ کائي وڃ خان تون.

 

22-بات سڻي بهرام ڪيو، گفتگو سين غلام:
موجب امر الله جي، ڏيہ گهڻا ڏوريام،
جبل، ريگيون، روهه گهڻا، ورهه سين ووڙيام،
وَسُئن ڏٺي ڪي ڏينهن ٿيا، بنا توشي طعام،
هي گل پَسي گُليُوءِ جا، وڇوڙا وسريام،
وڻڪاري وندر جو، اهو رايو رٿ ڪيام،
لاهي ٿڪ ٿرن جا، پوءِ ويندس ماڳ مدام،
اهڙي سين انجام، احوال پورو امير ڪيو.

 

23-احوال ٻڌي امير جو، وري ٻانهيءَ ڳولايس،
واجب ويهڻ نه ويرتو، هن ديون جي درس،
ست ڀائر ’سغفور‘ جا، هِن بالم ساڻ بهس،
ڏسي باڪا توکي باغ ۾، ڪندا رنج رقص،
گام ڀِري سان گس، وهلو وڃ وريام تون.

 

24-اتي وري وير چيو، ٻانهيءَ کي ٻيهار:
ته نڪي مدعي مان ديون جو، نڪي ڪيان ويڙهه والار،
نڪي عمر رندس اِنهين، وِرهه ڪري ويساهه،
نڪي زبان ضرر ڪيم باغ ۾، نڪي ٻي گفتار،
ڪُهه وڙهندا ڪيهي سبب، عزم ڪيهي اُچار،
جي ريءَ عدل اچي ڪندا اُماري اولادر،
ته ڪندس جنگ جذب سان، مڙان ته ڏيج ميار،
نعرو هڻندس نادري، وڄائي نينهن نغار،
الله جي آڌار، سورهه رهيو سر باغ ۾.

 

25-ٻانهيءَ وڃي ٻائيءَ سان،م اوريو هي حال:
ته ڪو پرس آهي پهلوان، وڏيءَ جوت جمال،
ڪيهر شينهن قوّت ۾، ڀانئجي ٿو برحال،
چيائين چڱيءَ ريت سان، سُڻي هيءَ سوال،
ته ڪي گهڙيون رهي باغ ۾، خورم ڪيان خيال،
ڪيهر شينهن قوّت ۾، ڀانئجي ٿو برحال،
چيائين چڱيءَ ريت سان، سُڻي هيءَ سوال،
ته ڪي گهڙيون رهي باغ ۾، خورم ڪيان خيال،
پوءِ ويندس مدامي مُلڪ ڏي، ڇڏي ماڳ محال،
مور مهماني کاڌي، جيئن معذورن مثال،
گولي آئي گوهر ڏي، ترت ڪري سان تال،
برتن سڀ باڪي وٽان، ويئي ڦيرائي في الحال،
جان وير ويٺو هو ورونهه ۾، ڏٺئين مينهن مٽي حال،
باڪي ديو بحال، سڃاتا سڀ سيگهه ۾.

 

26-گهڙيءَ بعد گهمي آيا، ديو سندي ديري،
اُڙدن سان اچي لٿا، هينئين کي هيري،
مڙئي پنهنجي ماڳ تي، وريا واهيري،
ڪاٿؤن ڪل ڪيئن پين، پانَهه جي پيري،
تڏهن مُڪو ڀاءُ مانجهي ڏي، سغفور سَنبيري،
ته ڪير ريءَ اجازت باغ ۾، آيو ڪَهي ديري،
پوءِ فاسق منهن ڦيري، باغ هليو بهرام ڏي.

 

27-باغ هليو بهرام ڏي، رکيو شور ’شماس‘،
آيو هلي امير وٽ، نڌر سو ناقاص،
ٿيو ڪاري وار وريام تي، بيهودو بدمعاش،
تڏهن وير وقوف سان، ڪيس خوءِ خلاص،
نادر ڪري نراس، اَهلايو اجگر ديو کي.

 

28-اَهلائي اجگر ديو کي، بيٺو مَلهه مٿي ميدان،
ڪِ آدمزاد، ڪِ ديوزاد، ڪِ نادري نيشان،
ڪٿ روم، ڪٿ ڪاڪيشيا، ڪٿ چين ماڳ مڪان؟
ڪجٿ گوهر گل اندام ٿي، بهرام بابت بيان،
اهڙا ئي ازل کؤن آهن الله جا احسان،
احوال هي اظهار ٿي، ٻيو ديون جي ته ڌيان،
حال ٻڌي ٻيو ديو اٿيو، سنبري سين جولان،
نالي نانءُ ’ڪماس‘ هو، دهشت سين دهمان،
اچي شير شهمير تي، اُڇلي ڪٽاري ڪاران،
تِرڪيس پير تيز مؤن، ويو مَتيون کؤن مروان،
وارو اُت وريام ڪيو، پرس پهلوان،
ڪيري وڌائين قوّت سان، ديو جيئن دوفان،
ٻڌي ديو درخت سين، مارئين طبل شاهي طومان،
کيڏ کيڏي هيءَ خان، قّوت ساڻ ڪريم جي.

 

29-قوّت ساڻ ڪريم جي، نعرو هنيو نادر،
اٿيو ’تميل‘ تيز مؤن، زوريءَ ديو زير،
مير کي ان مهل ۾، ڪا سوڀ لکيل هئي سر،
سو چؤرنگ چُنگ ڏيئي ڪري، وار ڪيو ويتر،
چُست ڪيو چنبي ۾، وِيرُ چِڻيءَ وانگر،
تڏهن ڪاوڙجي ڪاهه ڪئي، ’ڪميل‘ ديو ڪثر،
پر جنهن کي سوڀ ستّار ڏئي، تنهن کي اوکي ناهه نظر،
سوبه گهڙيءَ گهور ڪري، ٻڌو پانهه ديو پڌر،
همت ساڻ هنر، جنگ اتي جهونجهار ڪئي.

 

30-’هاميءَ‘ سڻي هولچو، سڏيو کي ’شامي‘،
پاڻ کڻي پهلوان هليو، اجگر اُڀامي،
اکيون هاڙي جي هيبت ۾، پيا آخر اُجهامي،
هڻي نعرو نظامي، نادر وڇايون نوبتان،

 

31-سوز ڪري ’سغفور‘ هليو، کڻي سورهه ڏي شمشير،
آگ وانگر اُڀري هليو، رکي مدائي مير،
هيبتناڪ حملو ڪيائين، وڻن ڪارڻ وير،
گسائي وارو گهڙي پيو، دانَهه سو دلير،
وجهي ونگ وقوف سان، اَهلايئين اجگير،
هو مانجهي جوان مٿير، جنهن جنگ فتح جهونجهار ڪئي.

 

32-ڏٺو بلوو باڪي جو، پئي سمورو سڀن،
ڪن ماڙيءَ مان منهن ڪڍي، ڪن چڙهي ڪوٺن،
وڻن پکين وهواهه ڪئي، جوان سندي جلون،
ديون جي هئي دادلي، ’سروان‘ ڀيڻ سندن،
صدقي تنهن سر ساهه ڪيو، پانَهه جي پلٿن،
ست ديو هڪ آدمي! هي به سالڪ سڌ سمجهن،
”آلانسان سري وآناسره“ آ ثابت سان ٻولن،
تڏهن اچي ڪِري امير جي، ڪامڻ سان قدمن:
سورهه! شاهه سندو ڏسي، ڪر مروت سان ماندن،
معافي ڏيو مڙن کي، جو هي پِنُن ڏوهه هٿن،
آيو اُت امير کي، چوڻ ياد چڱن،
ته ويهجي ڪنهن وڻ هيٺ، دير گهڙي ڪنهن دِن،
عمر تائين ان وڻ جون، ٽاريون نه ٽُڪجن،
ڳڻي ڳاڻ سندي ڳاڻُڻ، خان پسي ڪيو خيال کي.

 

33-خان پَسي ڪري خيال، ڪئي عورت سان هيءَ اور،
ته ڪُہ ڪاهون ڪوڙن اچي ڪيون ريءَ قصور؟
وڙهان هوند ويرين سان، زنگ وڏي سين زور،
هڪ ڳڻيم ڳالهڙي، جا مانجهين ڪئي مور،
ٻيو مائي! تنهنجي مهمانيءَ، سڀ لاٿا مون شور،
ظاهر ان ضرور، وڙهڻ واجب ناهه مون.

 

34-چئي: باڪا! بابت ويڙهه جي، آ سورهه تو شاباس،
تنهنجي ٿوري هڪڙي، نه آءٌ پڄندياس،
مال سر تو مٿان قربان، آءٌ ڪندياس،
هي اَسِير ٿيا اُداس، آجو تن کي امير ڪر.

 

35-آجو ڪيو اسيرن کي، باڪي بختاور،
اُٿي چميائون چشمن سين، پانَهه جا پَيزر،
بخشايائونس بيحال ٿي، ڪيل ڏوهه ڏمر،
گهوريائون گوهر مٿان، هيرا لعل جهنور،
محافي چاڙهي مير کي، آندو ديون در شهر،
ڪروڙين اچي قدمين پيس عاجز ٿي اجگر،
موجود ڪيائون مير اڳيان، اڻ لڀ چيز اپر،
خورم ۽ خوشحال ٿيو، ٿيس ڏات سندي ڏاتر،
ڪيس بهاري ”بهاول“ چئي، پاڪ ڌڻي پرور،
اصل پانَهه کي پاڪر، علي شاهه مردان شير جي.

 

36-علي شاهه مردان شير، ڪيس مدد مرتضيٰ،
اها رمز ڳجهي راز جي، هئي رِٿ رضا،
ڪو سالڪ ڄاڻي سرت سين، گوهر جي غذا،
ڪيئون شادمانا شاهه لئي، ٻي سوين موڪ مزا،
ڏکن بعد سک اچي، ويا ورهه عيوضا،
ڪاٽي سور سزا، ٿيو وڳير وصل کي ويجهڙو.

 

37-وصل کي ٿيو ويجهڙو، مير مشاقي،
ست ڏينهن سورهه ٿيو اُتي اوطاقي،
پوءِ پيس پور پرينءَ جو، ٿيو عليل عشاقي،
سڻايائين سغفور کي، بيان برهه باقي،
چئي: ڏس ڏيو ڪو چين جو، ته لهي گوندر غمناڪي،
ويهڻ واجب ناهه مون، هت يار بنان ياقي،
ٿر ووڙي ٿاڪي، ويندس پِريان جي پار ڏي.

 

38-چئي: پانَهه! سولو پار آهي، باڪا ٿي نه بيرنگ،
مير! ويجهو اُ وماڳ آ، ديہ ديون سان دنگ،
کائي طعام، ڪر آرام، پانهه سمهي پلنگ،
راءِ رسيو کي رنگ، حال سڻي سغفور کان.

 

39-حال سڻي سغفور کان، ٿيس ساعت سرهائي،
گهڙي دم باغ بهار ٿيو، ڪيس نينهن نوائي،
هن ڪوڙين اُلٻيل عشق جا، وِرهه ويرائي،
وري جاڳيس جوش اندر ۾، جيئن آڳ ٻري آئي،
عاشق نت اکڙين مؤن بوند برسائي،
اصل دوا عشق کي، ڪانه لڳي ڪائي،
بنان ملڻ محبوب جي، آهن سور سودائي،
وصل جي وائي، نه وير وساري وات مان.

 

40-نه وير وساري وات مان، برهه مٺڙي بات،
عاشق کي اکڙين مؤن، نه بس ٿئي برسات،
سغفور اتي شاهه کي، چيا لائق هي لفظات،
نه ماندو ٿي مير! تون، آ ڪم سولو ڪثرات،
هيءُ اسان جو ادا ڪر، جو حال چوانءِ حاجات،
آهه دانہ! ’فرح ديو‘ هت، بيهودو بد ذات،
هڪ ڏکائي ڏيہ کي، ٻيو ڪري ڦُران ڀاتون ڀات،
تنهن کي ناس نادر! ڪيو، سور ڏئي سڪرات،
سورهه! ڪري سانت، ٿيءُ ساٿي ڪار صلاح جو.

 

41-ساٿي لاءِ صلاح جي، مير پڇين او ماڳ،
روش رهي ٿو ڪٿي، اٿس ڪهڙي منهن مهاڳ،
انهيءَ جو اڀاڳ، سنئينءَ ريت سڻائيو.

 

42-چئي: سڻ سورهه! ان جي، چڱيءَ طرح چال،
کَر رهي ٿو کوهه ۾، ساڻ مڏيءَ ۽ مال،
ڏکَ ڏونگر جي اچي، آهه وڏي زور زوال،
آرام ڪري ڪي ڏينهن ٿو، آ مرون منهن مثال،
ڳاڻِي سڻي ڳال، ڪئي ڪاهه ڪفران تي.

 

43-ڪئي ڪاهه ڪفران تي، رکي عين الف، مَنُ ميم،
”نصرُمن الله“ چئي، چڙهيو فهميدو فهيم،
ويجهو جڏهن وير ويو، انهيءَ ماڳ مُهيم،
تڏهن سغفور چيو شاههکي، سنئينءَ سڌ سليم،
ته ڪئين ڪافر ڪنبائيا، غازي سو غنيم،
خان ڪهي ويو کوهه تي، باڪو سو بهليم،
اتي دهشت ديوَ جي، ٿي لانجهي لُونءَ لئيم،
لاٿئون هيٺ هنر سان، هاڙهو جوان حڪيم،
مير لاهي موٽِ ڀڳا، سگهو سڀ سقيم،
هو قادر ربّ ڪريم، واهر والي وير سان.

 

44-واهر واليءَ سندي، هئي سورهه سان شامل،
مير لهي ان ماڳ تي، پَسيو رنگ رمل،
خارجي خمار ۾، هو سڙيو ديو ستل،
ٻي سوڀياوان سهڻي، هئي عورت اُت اَمُل،
ان مِهرِي اتي مير کؤن، پڇيو نانءُ نفل،
عورت سان اصل، بيان اتي بهرام ڪيو.

 

45-بيان اتي بهرام ڪيو، مِهريءَ سان معلوم،
ڪڍندس توکي قيد مؤن، ماري هي مذموم،
تون به چئو حقيقت حال، ڪيئن منڌ ٿئين مغموم؟
چئي: دانَہ! فرح ديو جو، زور وڏو هو زوم،
مون کي ڏسي هڪ ڏينهن جو، ٿيو سڪايل شوم،
اها مضن ڪيئين محڪوم، وائِي وات وصال جي.

 

46-وصل لئي وڏيون ڪيون، ويڙهيون نت نعمان،
ڏيهه سڄو ئي ڏک ۾، بند ڪيو بي ايمان،
چڱن ويهي چونڊ ڪئي، اهڙي بات بيان،
ته هڪ سر ڏني ڪُل ڏيهه تؤن، مرلهن زنگ زيان،
تڏهن لاچار ٿي مربي سين، ڪئي صلاح اها سلطان،
اهڙيءَ ريت اباڻن کؤن، جدا ٿي هان جوان،
نه سَرتِي صحبت آهه، نه محبت منجهه مڪان،
انهيءَ کان ارمان، آزاد ڪر اَسير کي.

 

47-آزاد ڪر آسير کي، آندو چُوڻي ۽ پاڻي،
ٿئي ٿو ملڻ مارن سان، ڪڏهن ورهن پڄاڻي،
روح افزا جي روح پڙهي ڪا آکاڻي،
هردم اُڪير اندر ۾ آهي اباڻي،
پنهنجن ريءَ پرديس ۾ آهيان جوڳياڻي،
سورهه! ٿيءُ ساڻي، اُماڻ هن اَسير کي.

 

48-اماڻ هن اسير کي، ماري هيءُ منڪر،
آهي گمراهه غافل ننڊ ۾، زابر تبر زهر،
تڏهن باڪي چيو بام کي، اتي هيءُ اکر:
جو سُتي سان سورهه وڙهي، ڇڏي ڪهل قدر،
چڙهي چؤرنگ هليو، محافي ۾ مڻيار،
نوبتان وڄائي نادري، سوڀو چڙهيو سرهار،
هاٿي گهوڙا اُٺ هئا، چؤرنگ کي چوڌار،
ديو پٺيان دانَهه جي، هئا بيحد بيشمار،
گهوريندا گوهر تان، ويا هيرا لعل جهنوار،
بنرو گل بهرام هو، ڄڻ گلابي گلزار،
نادر اچي نروار، شهر ٻاهران شير ٿيو.

 

52-شهر ٻاهران شير اچي، وارد ٿيو وريام،
سَوَن اچي سوڀي جو، ڪيو سڪ سلام،
ٿيون شاديون شاهه لئي، مهمانيون مدام،
اچيو ڏين عام، واهه واڌايون وير کي.

 

53-ٿيو واڌايون وير کي، وڙ ڪيس والي،
اهڙا جوان جهان ۾، آهن امل سر عالي،
اڃا تائين انهن جا، آهن نالا نرالي،
باڪو شير ببر هو، جذبئون جلالي،
ڀانيئين عشق عمالي، ڪاهيئين ڪڍ قريب جي.

 

54-قرب ۾ قريب جي، اچي ٿيو اُليل،
هاري آب اکين مؤن، ٿيو ماندو غم سين مِيل،
کائڻ خان وساريا، ڦٽو ڪيئين ڦُليل،
عشق جو اصل کان، خاص اهو آ کيل،
امير سو اربيل، هلڻ لاءِ حبدار ٿيو.

 

55-هلڻ لاءِ حبدار ٿيو، تن ۾ ٿيڙس تانگهه،
اڏاريائين يار عجيب ڏي، قرب منجهارئون ڪانگ،
ويهڻ نه اچي وير کي، نينهن بڇيس نانگ،
يڪدل يارهين ڏينهن جو، کنيئين سنست سر سانگ،
محبت ڪنهن مهانگ، ويهڻ وساريو وير کي.

 

56-ويهڻ وير وساريو، لنؤن لڳيس لوري،
سغفور تڏهن شاهه سين، اورَ اها اورِي،
آڻيون گوهر گل اندام کي، جنهن جُنگ لائي جهوري،
پي پيالو وصل وارو، ٿيءُ مرد مخموري،
تڏهن وير ورندي ڏني، پُرجهه سان پوري،
ناهي مناسب محب سان، زبر ڪرڻ زوري،
ورهه جي واٽ ۾، اها گهٽتائي گهوري،
سڪ سانڍڻ، سور سهڻ، آ ماڳ منصوري،
”فاذڪروني“ فهم اچي، سڪ اندر سوري،
ڏيهه انهيءَ ڏوري، مون کي پئي محبوب جي.

 

57-ڪچهريءَ مؤن ڪماس اٿي، ڪيو عرض اهو:
چئي: باڪا! ايڏهن بر جو، آ اوکو پنڌ پَهو،
ڪري سانگ سهو، وڃ اٽالي آُڙد سان.

 

58-اٽالي ۽ آُڙد جي، رٿ نه باسي راءَ،
ويدس اڪيلو عجيب ڏي، سڪ گهڻيءَ سان ساءَ،
تڏهن سِر جا وار شماس ڏنا، ٻيا ديون کي داناءَ:
وقت ڪنهن به وارن کي، ڏج شابش ڄيري تاءَ،
پوءِ باڪا ڏس بناءَ، اچون مڙئي ديو ميدان ۾.

 

59-موڪلائي مانجهي هليو، ڪنهن موچاريءَ مهل،
ووڙيندو وير هليو، جانيءَ لاءِ جبل،
نينهن جي نديءَ مؤن، ٿيس آب اُڇل،
گوهر گل اندام لئي، وڏا ڪيائين ول،
”لاتقنطو من الرحمةالله“ سين اعتبار امل،
”ان مع العسريسرا“ سندا، ڏنئين دل کي دلاسا دَل،
ٿر ٿيلهيندو ٿاڪ ڪندو، ويو ڪارن وير وصول،
 ڍونڍي جهر جهنگ، ويو باڪو بحر ڪنڌيءَ تي.

 

60-باڪي اچي بحر ۾، ڏٺو عجب رنگ اظهار،
ملاح مڪُرِي جهاز جو، هو سمنڊ ۾ سينگار،
واپار وڻجار جو، شرو نه هو شمار،
ڪي جڙي وڃن جپان ڏي، ڪي ماڳ ڪنڌي ملبار،
ڪي سلون سرانديپ ڏي، ڪي ڪاهين عرب پار،
لکين بهاريون بندر تي، ٻيو وير مزو واڌار،
”مهر“ چئي اتي مير جي، ٿي بيحد دل بهار،
اچي سلامي سردار، ملاحن جو مير ٿيو.

 

61-ملاحن اتي مير کي، کيڪاريو کِلي،
اسان وٽ عجيب تون، آئين باڪا شير ڀلي،
سڀئي وڻجار وير وٽ، آيا منجهؤن حُب هلي،
مهمانيون مڙني ڪيون، دانَهه کي دلي،
وانگر گل گلاب جيان، پيو خان کلي،
اهڙي عزت امير کي، هئي الله ڏَنهن اصلي،
بر ٿر ۾ باڪي سان، هو آڌر يا علي،
مانجهي ڄام هلي، غازي رهيو غوراب ۾.

 

62-غازي کي غوراب ۾، ٿيو راز رهاڻي،
سوڀو ويهاري سيج تي، ڏنئون پيوند کي پهراڻي،
تحفا گڏ تعظيم سان، ڪيئون ڪامل ڪاڻي،
پنج ڏهاڙا پانهه رهيو، بندر ڀر وٿاڻي،
پوءِ هاتڪ چين: هاڻي ڪيو ترت تيراري چين جي.

 

63-سنڀاري سبحان کي، ننگر کنيو ناکن،
ٽن مهينن پنڌ جو، هو سفر سامونڊن،
الله جل جلالہ! ڪر واهر وڻجارن،
رساءِ ٻيڙو ٻاجهه سان، آهين مالڪ تون ملڪن،
اوٿَر آب اڇل کان، ڏي امن کي عاصيَن،
جيئن ٻيڙو حضرت نوح جو، مؤن بچايئي بحرن،
”اسلام عَليٰ نوح في العالمين“ انهيءَ اهڃاڻن،
مؤن آب اُواگهن، يا جليل! تار جهاز کي.


(1)   هي مصرع د روايت موجب آهن.

(1)    هي مصرع روايت موجب آهن.

 (2)    هي مصرع روايت موجب آهن.

 *    هيءَ روايت اتر (تعلقي ميرو خان) مان غلام قادر کان ملي.

 *    سگهڙ بهاول ذات مهر، تعلقي پني عاقل ضلعي سکر جو رهاڪو هو. سندس ڏور ۽ بيت مشهور آهن. ڏور جا شاعر الهرکيو مهر ۽ شاهنواز ڪٽوهڙ سندس ٻالڪا آهن. اٽڪل ٻه ٽي سال اڳ ستر سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين.

 (1)    ڪوهه نور.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org