سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :16

 

 

سڪندر بادشاهه

[سنڌ ۾ ’سڪندر بادشاهه‘ جو قصو مختلف روايتن سان رائج آهي. هتي هن قصي جون ٽي مستقل روايتون شامل ڪيون ويون آهن: پهرين روايت ”سڪندر ۽ پيرمرد“ جي نالي سان مشهور آهي، جنهن ۾ سڪندر بادشاهه کي گهمندي گهمندي سمنڊ ۾ هڪ لعل نظر آيو؛ پر گهڻيءَ جاکوڙ کان پوءِ به لعل هٿ نه ڪري سگهيو. آخر ڪار هڪڙي عقلمند پير مرد کيس اهو لعل هٿ ڪري ڏنو. ان پير مرد جي صلاح سان سڪندر بادشاهه آب حيات جي ڳولا ۾ نڪتو، ۽ ”ڪِينَ“ جي ڪُن مان بچي هڪڙيءَ غار مان آبحيات هٿ ڪري موٽيو. بادشاهه آبحيات نه پيتو ۽ زمين تي هاري ڇڏيو. ٻي روايت ”سڪندر بادشاهه“ جي نالي سان رائج آهي، جنهن موجب سڪندر بادشاهه پنهنجي بادشاهي، دولت ۽ عزت تي تڪبّر ڪري ٿو. هڪڙي ڏينهن صبح جو کيس ڪنهن پکيءَ اڏائي وڃي سمنڊ جي تري ۾ ڇڏيو. اتي سامونڊي شهزادن جي قتل جي الزام ۾ سندس ٽنگون ٻانهون وڍي، ڀڀري بنائي کيس ڍير تي اڇلايو ويو. آخرڪار هڪڙي چاڪيءَ جي مدد سان ان ملڪ جي شهزاديءَ سان شادي ٿيس. هڪڙي ڏينهن حُسن، عقل، بخت ۽ صحت جي تڪرار جو نياءُ ڪندي، صحت کي سڀني کان افضل هجڻ جي فتويٰ ڏنائين. صحت کيس وري اڳئين جهڙو تندرست ڪري ڇڏيو. ان بعد پنهنجي ملڪ موٽي آيو، ۽ يقين ٿيس ته عزت ۽ ذلت برابر الله جي اختيار آهي. هن قصي ۾ سڪندر بادشاهه جي تڪيلفن جو سمورو عرصو ڪن گهڙين جو هو، جيڪو قدرت سان کيس ڪيترن ئي سالن جي برابر نظر آيو. ٽيءَ روايت به ”سڪندر بادشاهه“ جي نالي سان مشهور آهي. هن روايت ۾ افلاطون، سڪندر بادشاهه جي ڄمڻ کان ٻه سئو ورهيه اڳ، پاڻ کي پيتيءَ ۾ بند ڪرائي ڇڏيو هو، جنهن مان پوءِ سڪندر بادشاهه کيس ٻاهر ڪڍيو. آخرڪار افلاطون جي صلاح سان هو نِڪُونج ڪُن ۽ ”ڪِينَ“ جي شهر گهمڻ لاءِ روانو ٿيو. افلاطون جي مدد سان نڪونج ڪن مان ٻيڙا آزاد ڪرائي، سڪندر وڃي نانگن جي شهر ۾ پهتو. اتي به افلاطون جي مدد سان اتي جي بادشاهه جي ڌيءَ پرڻجي ڪِينَ جي شهر ۾ ويو. آخرڪار وڏين تڪليفن ڪاٽڻ بعد پنهنجي بادشاهيءَ ۾ موٽي آيو. هتي اهي ٽيئي عام مشهور روايتون شامل ڪيون ويون آهن. آڳاٽي وقت کان سنڌ جي مدرسن ۾ فارسي ”سڪندر نامون“ پڙهايو ويو آهي، جنهنڪري هي قصو سنڌ ۾ رائج ٿيو، جنهن ۾ پوءِ مڪاني طور روايتن ۾ تبديلي آئي. مرتب]

روايت [1]*

پير مرد ۽ سڪندر بادشاهه

هڪڙي ڀيري سڪندر بادشاهه پنهنجي لشڪر سان گڏ سير تي نڪتو. سمنڊ جي ڪناري تان هلندي هلندي هڪڙي هنڌ کيس پاڻيءَ ۾ هڪڙو لعل چمڪندو نظر آيو. هن انهيءَ لعل ڪڍي اچڻ لاءِ سپاهين کي حڪم ڏنو. شاهي حڪم ملڻ شرط ٽوٻا سمنڊ ۾ گهڙي پيا. اڃا سمند ۾ گهن ته لعل نظر کان گم ٿيو وڃي. ڏاڍا حيلا هلايئون پر لعل هٿ نه آيو. تڏهن بادشاهه چيو ته: جيستائين اهو لعل هٿ نه ايندو، تيستائين موٽي نه هلنداسين. پوءِ سڪندر بادشاهه تي ئي طنبو طولان هڻي ويهي رهيو.

سڪندر بادشاهه جي ماڻهن مان ڪنهن وڃي پنهنجي پيءَ سان اها ڳالهه ڪئي ته: بادشاهه فلاڻي هنڌ لعل جي لاءِ ترسيو ويٺو آهي، پر اهو ڪنهن کي به هٿ نٿو اچي. تنهن تي ان پير مرد پنهنجي پٽ کي چيو ته: موتي اتي وڃي ڏس ته جيڪڏهن سمنڊ جي ڪناري تي ڪو وڻ آهي ته اهو لعل ان تي آکيري ۾ رکيو اَٿوَ، سمنڊ ۾ فقط ان جو پاڇو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهو ٻڌي هو سمنڊ تي آيو، ۽ پير مرد جي چوڻ موجب آکيري مان لعل لاهي، آڻي بادشاهه کي ڏنائين. سڪندر بادشاهه لعل ڏسي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کانئس پڇيائين ته: اهو عقل ڪنهن جو؟ هن جواب ڏنو ته: جيئندا قبلا! اهو منهنجي پيءُ جو عقل آهي. پوءِ بادشاهه ان پير مرد کي گهرائي، پنهنجي صلاحڪارن ۾ شامل ڪيو، ۽ اٿي روانا ٿيا.

اڃا ٿورو اڳڀرو هليا ته خلاصين دانهن ڪئي ته: جيئندا قبلا! هاڻي اهڙي هنڌ آيا آهيون، جتان جهازن کي ڪِينَ زوريءَ ڇڪي ويندي. بادشاهه تنهن تي پيرمرد کان پڇيو ته: هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ پير مرد صلاح ڏنيس ته: ٻيڙا ٻيڙن سان گڏ ٻڌو، ڇو ته ڪِينَ جو منهن آهي سوڙهو، تنهنڪري گهڻا ٻيڙا ڪِينَ جي منهن وٽ روڪجي بيهي رهندا. سپاهين پير مرد جي صلاح تي عمل ڪيو ته ٻيڙا سچ پچ ڪيِنَ جي منهن وٽ روڪجي بيهي رهيا. بادشاهه وري پيرمرد کان پڇيو ته: ڀلا هاڻي ڪهڙيءَ ريت بچاءُ ٿيندو؟  پير مرد وراڻيو ته: هڪڙو گهوڙو ڪُهي زنجيرن سان ٻڌي سمنڊ ۾ اڇلايو ۽ زنجيرن جون پڇڙيون ٻيڙن ۾ قابو ٻڌي ڇڏيو. سپاهين وري به ائين ڪيو، ته اوچتو سمنڊ مان ڪا بلا آئي، جا گهوڙي کي ڳڙڪائي وٺي ڀڳي، ته ٻيڙا به ان جي ڇڪ تي هلندا رهيا. جڏهن ڪِينَ جي اثر کان لنگهي ويا، تڏهن زنجيرن کي ڇوڙيائون ته ٻيڙا بلا کان آزاد ٿي پيا. اهڙيءَ طرح پير مرد جي صلاحن سان هلندا، اچي آبحيات جي غار تي پهتا. غار تمام اونهي ۽ اونداهي هئي. ڏٺائون ته جي ائين اندر وينداسين ته وري موٽي ساڳئي رستي کان نڪرڻ محال آهي، تنهنڪري وري به پير مرد کان پڇيائون ته: صلاح ڏي ته ڪهڙيءَ ريت آبحيات آڻي سگهنداسون؟ پير مرد صلاح ڏني ته: سئائون گهوڙيون اندر وٺي وڃو، پر انهن جا ڦَرَ غار جي منهن تي ٻڌي ڇڏيو. پوءِ گهوڙيون پنهنجي ڦرن ڏانهن پاڻهي موٽي اينديون، اوهين انهن پٺيان اچي سلامت رسندا. ماڻهو سئائن گهوڙين تي چڙهي غار ۾ گهڙيا ۽ وڃي آبحيات تائين پهتا. آبحيات کڻڻ بعد گهوڙيون پنهنجي ڦرن لاءِ پاڻهي ساڳي جاءِ تي اچي پهتيون. سڪندر بادشاهه آبحيات حاصل ڪري ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجي وطن موٽي آيو.

خير سلامتيءَ سان پنهنجي وطن موٽي اچڻ بعد، سڪندر بادشاهه پنهنجن وزيرن، اميرن ۽ عام ماڻهن کي گهرائي کانئن مشورو وٺڻ لڳو ته: هيءُ پاڻي مون کي پيئڻ گهرجي يا نه؟ سڀني کيس صلاح ڏني ته: آبحيات ڀلي پئجي. ائين ڪرڻ سان اوهين قيامت تائين زنده رهي سگهندا ۽ دنيا جي بادشاهي ڪندا رهندا. ان کان پوءِ سڪندر بادشاهه ٻي مخلوقات کي گهرائي انهن کان به صلاح پڇي، جن ۾ پکي ۽ جانور هئا. انهن به سڪندر بادشاهه کي آبحيات پيئڻ جي صلاح ڏني؛ پر سڪندر بادشاهه ڏٺو ته ڪاٺ ڪُٺو پکي صلاح ڏيڻ لاءِ آيو ئي ڪونهي. ٻين پکين ۽ جانورن جي وڃڻ بعد، سڪندر بادشاهه، ڪاٺ ڪٽي کي گهرائي کانئس نه اچڻ جو سبب پڇيو. ڪاٺ ڪٽي جواب ڏنو ته: بادشاهه سلامت! هي سڀ ماڻهو خوشامدڙيا آهن، جي رڳو اوهان کي خوش ڪرڻ لاءِ اوهان جي مرضيءَ موجب صلاح ٿا ڏين. مون کان اهو ڪم ڪونه پڄي سگهي ها، تنهنڪري حاضر نه ٿيس. تڏهن سڪندر بادشاهه کانئس صلاح پڇي. ڪاٺ ڪٽي چيو ته: سڪندر بادشاهه! اوهين آبحيات نه پيو ته بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته آبحيات جي پيئڻ سان اوهان جي عمر وڏي ٿيندي، جنهنڪري اوهان کي حياتيءَ جو وڏو حصو پيرسن ٿي گذارڻو پوندو، ۽ اها پيريءَ جي زندگي بلڪل بي مزي ٿيندي... ٻيو ته حياتيءَ جي وڏي ٿيڻ سبب اوهان جا پٽ پوٽا، ڀائر ڀينرون، مٽ مائٽ سڀ اوهان جي حياتيءَ ۾ هن دنيا مان گذر ڪندا، انهن جا درد به اوهان کي ئي سهڻا پوندا. بس، پوءِ اوهان جي باقي حياتي ڏکن سورن جي گذرندي، تنهنڪري منهنجي صلاح آهي ته راند رس ۾ ڇڏجي، ۽ اوهين آبحيات پيئڻ جو خيال لاهي ڇڏيو.

سڪندر بادشاهه کي ڪاٺ ڪٽي جي صلاح دل سان لڳي، تنهنڪري آبحيات پيئڻ جو ارادو لاهي، اهو هارائي ڇڏيائين. چون ٿا ته اتفاق سان آبحيات وڃي ڇٻر گاهه کي مليو، جنهنڪري پاڻيءَ کان سواءِ به سدائين سائو رهندو اچي.

 

 

روايت [2]

سڪندر بادشاهه*

سڪندر بادشاه روز صبح جو اٿي توريت جو دور ڪندو هو. جڏهن هنن لفظن تي پهچندو هو ته ’عزت ۽ ذلت خدا جي هٿ ۾ آهي، هُو هڪڙيءَ کِن ۾ شاهه کي گدا، ۽ گدا کي شاهه بنائڻ جي قدرت رکي ٿو‘. تڏهن انهن آيتن تي کيس اعتبار ئي نه ايندو هو، ۽ ويچارڻ لڳندو هو ته: آءٌ هيڏو عزت ۽ شان وارو بادشاهه آهيان، ڀلا منهنجي جيڪڏهن عزت وڃي ته ڪيئن ويندي؟ کڻي ڪو دشمن چڙهائي ڪري، ته به ڪن ڏينهن جي جنگ بعد کڻي هاريان، پوءِ عزت وڃي ته ٻي ڳالهه؛ باقي گهڙيءَ ۾ بادشاهي ڪيئن ويندي! هر روز انهن خيالن ڪندي ڪندي، هن جو توريت تان يقين کڄندو ويو.

هڪڙي ڏينهن صبح جو، سڪندر پنهنجي باغ ۾ سير پئي ڪيو، ته اوچتو هڪڙي وڻ جي هيٺئين ڏار تي، هڪڙو سهڻو پکي ڏٺائين. خيال ڪيائين ته: هي سهڻو پکي خبر نه آهي ته ڪهڙي ولايت جو آهي.... ڇو نه انهيءَ کي ڦاسايان! سو پير پير ۾ ڏيئي، چُپ چاپ اچي ڇليءَ جي ٽنگن ۾ پوئتان هٿ وڌائين. هٿن پوڻ شرط، پکي کيس کڻي ڀڙڪو ڏيئي وٺي اُڀ ڏانهن اُڏاڻو. سڪندر اتي حيران ٿي ويو ته هاڻي ڇا ڪريان؟ پر پوءِ خيال ڪيائين ته آءٌ به گهڻو ڳرو آهيان، هن پکيءَ جو زور  ڄاڻ ته گهٽيو ۽ هو وري اچي هيٺ ڦهڪو ڪندو. پر پکي جيئن پوءِ تيئن هوا ۾ وڌيڪ اڏامندو مٿي چڙهندو ويو. هاڻي ته سڪندر جون متيون منجهي ويون.

آخر اهو پکي هڪڙي سمنڊ جي مٿان اڏامڻ لڳو. سڪندر دل ۾ چيو ته، جي هتي هٿ نڪري وڃن، يا هيءَ پکي سمنڊ تي لهي پوي ته پوءِ پڪ مٿس! انهن ئي خيالن ۾ هو ته پکيءَ سمنڊ ۾ لهڻ شروع ڪيو. پکيءَ کي هيٺ لهندو ڏسي سڪندر جو ساهه ئي سڪي ويو. اکيون کڻي پوريائين. پکيءَ به سمنڊ ۾ لهڻ سان ٽٻي هڻي وڃي تر ورتو. گهڙيءَ کن کان پوءِ سڪندر جا پير وڃي ڌرتيءَ سان لڳا؛ اکيون کولي ڏسي ته مار! سامهون هڪڙو سهڻو شهر بيٺو آهي، جنهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! چوطرف باغ باغيچا لڳا پيا هئا. محل محلاتون ڏسي سندس عقل چرخ ٿي ويو. هي هر طرف کان گهمندو، عجب کائيندو اچي هڪڙي هنڌ ويٺو. اتي بک به اچي ورايس؛ وٽس ٻيو ته ڪجهه ڪونه هو، رڳو هڪڙي سوني منڊي چيچ ۾ پيل هئس، جنهن جو ٻُڙو هيري جو هو. خيال ڪيائين ته، اها وڪڻي ماني ڳڀو کائجي. اهو ارادو ڪري، هڪڙي جواهريءَ جي دڪان تي چڙهي ويو، ۽ منڊي لاهي جوهريءَ کي ڏيکاري، قيمت ڪٿائڻ لڳو. جوهري منڊي وٺي، منهن بڇڙو ڪري چيس ته: ميان! هن منڊي جو توکي ڇا ملندو؟ لاچار هڪ ڏوڪڙ، پر جي وڌيڪ ريڙهه پيڙهه ڪندين ته ٻه ڏوڪڙ. سڪندر جڏهن جوهريءَ جي ڪٿ ٻڌي، تڏهن پيرن هيٺان زمين نڪري ويس. نيٺ جوهريءَ کي چيائين ته: سچ ٿو چئين يا ڀوڳ ٿو ڪرين؟ هن ۾ فقط هيرو ئي لک رپين جو پيل آهي، تنهن جو ملهه تو ٻه ڏوڪڙ ڪٿيو آهي! جوهريءَ وراڻيو ته: هوندو! پر اهو خشڪيءَ جي دنيا ۾. هيءَ سامونڊي دنيا آهي. هتي جنهن موتيءَ جي تور هڪ سئو قيراط آهي، ان جي قيمت به ڏهن ڏوڪڙن کان مٿي ڪانهي... ان کان ننڍا موتي ته ڪوڏين جي ملهه وڪامندا آهن! سڪندر لاچار ٿي چيو: چڱو، ڏي ٻه ڏوڪڙ. هو ڏوڪڙ وٺي اڳتي وڌيو. خيال ڪيائين ته ٻن ڏوڪڙن ۾ ڪهڙي شيءِ ملندي، جنهن مان پيٽ ڀربو! تنهنڪري ڪا اهڙي سستي شيءِ ڳوليان جا بُک لاهي. اڃا ٿورو اڳتي هليو ته واٽ تي هنداڻا ڏٺائين، جي هڪڙي هڪڙي ڏوڪڙ ۾ مليا ٿي. قصو ڪوتاهه، ٻه ڏوڪڙ ڏيئي ٻه هنداڻا ورتائين، ۽ انهن کي وڍڻ جي خيال سان هنداڻن واري کان ڪاتي گهريائين. جنهن وراڻيس ته: ميان! هن ملڪ ۾ سُئيءَ کڻڻ جي به منع آهي، سو تون ٿو ڪاتي پڇين! هنداڻن کي پَٽ سان ڀڃي، کائي روانو ٿي. سڪندر کي ائين ڀڃي کائڻ سٺو نه لڳو، سو ٻئي هنداڻا ڪپڙي ۾ ٻڌي، هڙ پٺن تي رکي، شهر کان ٻاهر نڪتو، ته جيئن ماڻهن جي ڏسڻ بنان کائي سگهي.

جڏهن شهر جي ڇيڙي واري ناڪي وٽان مَٽيو ته سپاهي هن ڏي ڊڪندا آيا، ۽ کڻي سوگهو ڪيائونس. چي: ڏي سڌ، هن پُٺارڪ ۾ ڇا ٻڌو اٿئي؟ سڪندر چيو ته: ميان! هن ۾ هنداڻا ٻڌل آهن. سپاهين چيو ته: اسين ڏسي پڪ ڪنداسين. سڪندر چيو ته: آهي مڙيئي خير، جو ايڏي وٺ پڪڙ ۾ پئجي ويا آهيو؟ هنن چيو ته: رات ڪو دشمن بادشاهه جي ٻن ننڍڙن شهزادن جون سسيون وڍي، ڌڙ ڇڏي ويو آهي؛ ان ڪري سڄو سپاهه ان خونيءَ جي ڳولا ۾ آهي. تون اوپرو ٿو ڏسجين، تڏهن تو ۾ شڪ پيو اٿئون؛ هاڻي ڪپڙو کول ته دلجاءِ ڪريون. سڪندر اتي وراڻيو ته: هي ته هنداڻا آهن، اوهين ڀلي ڏسي خاطري ڪريو. ائين چئي جهڙو ڳنڍ کوليائين تهڙو ٻنهي شهزادن جون سِريون وڃي هيٺ ڪريون. سِرين تي نگاهه پوڻ شرط سڪندر جون وايون بطال ٿي ويون. اتي سپاهين هن کي چؤکنڀو رسن ۾ بلائتو ڪري ٻڌي ۽ بادشاهه جي سامهون اچي پيش ڪيائونس.

بادشاهه جو شهزادن جون سسيون ۽ انهن جو قاتل ڏٺو، سو پُت ئي بگڙي ويس. نوڪرن کي حڪم ڪيائين ته: نه ڇڏيوس، ڏاڍي ڦيهه ڪڍي، پوءِ ٻانهون ۽ ٽنگون وڍي ڀڀري ڪري، شهر کان ٻاهر گند جي آرُوڙيءَ تي کڻي اڇليوس ته گاپاٽا ۽ چوڙها کائي چُڙي چُڙي مري وڃي! حڪم جي دير هئي. بکئي سڪندر تي وٺ وٺ ٿي ويئي. چڱي چوکي گُڏَ ڪڍي، لُولهو ڪري، گند جي ڍير تي کڻي اڇلايائونس. ڳچ دير کان پوءِ، بادشاهه جو باغائي گل ڦل کڻي اتان اچي لنگهيو. هن سهڻي جوان کي بري حال ۾ بيدرديءَ سان چچريل ڏسي، هن کي رحم آيو؛ سو رات جو لڪي ڇپي هن کي کڻي آڻي باغ جي ڪوٽڙيءَ ۾ ڇڏيائين؛ جتي هن جو دوا درمل ۽ ملم پٽي ڪرڻ لڳو. ٿوري گهڻي ڏينهن سڪندر جا ڦٽ چيٺجي ويا، پر ڀڀري ٿيو ڪوٺيءَ ۾ پيو هوندو هو. باغائي جو ساڻس هيڏي ڀلائي ڪئي هئي، تنهنڪري هن کي ’بابا‘ ڪري سڏيندو هو. ائين سال گذري ويا.

هڪڙيءَ رات سڪندر، باغائيءَ کي چيو ته: بابا! مون کي پوئين رات ننڊ نٿي اچي، سک ڦٽيو پويم، جي تون مون کي رات جو نار جي ڳاڌيءَ تي گودڙي وڇائي ڏين ۽ منهنجو بدن رسن سان ٻڌي ڇڏين ته آءٌ ڳاڌي پيو هڪليندس. باغائي چيو ته: ابا! ٻه چار ڍڳا آهن، جي به ائين پيا کائين، آءٌ جهونو مڙس، وڌيڪ جاکوڙ به ڪانه ٿي پڄيم ۽ ٻيو بادشاهه سلامت به مون تي مهربان آهي، جي وڌيڪ ٻيلين جي گهر ڪريانس ته اهي به ڏيندو، پر ڪير ٿو انهن خسارن ۾ پوي! سڀاڻي وري وڃي ڪير چغلي هڻي، تنهن کان پري جو گل سرهو. باقي تون پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ آهين. سڪندر وراڻيو ته: اهو ته ٺيڪ آهي، پر منهنجي مرضي آهي ته ڪا گهڙي وندر ۾ گذريم ته چڱو آهي. باغائي به هن جي چوڻ موجب ائين ڪيو.

سڪندر ڪي ورهيه ڳاڌي هڪليندو رهيو. اُن باغ جي ڀر ۾ وڏيءَ شهزاديءَ جو محلات هو، جا روز فجر جو اٿي توريت پڙهندي هئي؛ جنهن جو آواز سڪندر چٽيءَ طرح ٻڌندو هو. شهزادي جڏهن انهيءَ آيت تي پهچندي هئي ته ’خدا تعاليٰ اهو آهي جو کِن ۾ شاهه کي گدا، ۽ گدا کي شاهه بنائي ٿو.‘ تڏهن سڪندر ٻڌڻ شرط بيهوش ٿي ويندو هو، ۽ پهرن جا پهر انهيءَ حالت ۾ پيو هوندو هو. پوءِ جڏهن وري سُرت ۾ ايندو هو، تڏهن ڪجهه آيتون پڙهي خدا تعاليٰ کان معافي گهرندو هو، ۽ توبهه تائب ٿيندو هو. آخرڪار هن جي توبهه الله جي در اگهاڻي. هڪڙي ڏينهن نهايت ڏکاري آواز ۾ توريت پئي پڙيهائين، ته اوچتو سندس آواز وڃي شهزاديءَ جي ڪنن تي پيو. هوءَ ڏاڍي حيران ٿي، ۽ يڪدم ٻانهيون ڊوڙايائين ته: ڏسي اچو ته اهو توريت ڪير ٿو پڙهي؟ ٻانهين جهٽ پٽ خبر لهي اچي ٻڌايس ته، باغ جي مالهيءَ وٽ هڪڙو نوجوان ڀڀري آهي، اهو پيو پڙهي. شهزادي جا پهرئين ڀيري آواز ٻڌڻ سان ئي دل ڏيئي ويٺي هئي، تنهن کي اچي اُڻ تڻ لڳي ته، اهو جوان ته منهنجي ڀائرن جو خوني آهي، هاڻي ڇا ڪريان! نيٺ هڪڙي ڏينهن دل جهلي پيءُ کي عرض ڪيائين ته: بابا سائين! ياد اَٿوَ ته مون توهان کان پنهنجي ور پاڻ چونڊڻ جو ٻول ورتو هو، هاڻي حڪم ملي ته آءٌ پنهنجي مرضيءَ تي مڙس ڪريان. بادشاهه يڪدم ڏينهن مقرر ڪري، بادشاهن ۽ شهزادن کي دعوتون موڪليون. هوڏانهن شهزاديءَ پنهنجي رازدار ٻانهيءَ کي سمجهائي ڇڏيو ته: مقرر ڏينهن تي گُلن جي ٽُٻڻيءَ ۾ انهيءَ جواب جي ڀڀريءَ کي لڪائي آڻي حاصل ڪج. جنهن وقت آءٌ گلن جو هار کڻي، ور چونڊڻ لاءِ ماڻهن ۾ گهڙان، تڏهن اها ڀڀري سِسي مٿي ڪڍي، آءٌ اهو هار کڻي سندس ڳچيءَ ۾ وجهنديس. ٻانهيءَ اها سڄي ڳالهه وڃي سڪندر کي سمجهائي، جنهن پڻ ڌيءَ جا شڪرانا بجا آندا.

آخر اهو ڏينهن به اچي ويو. ڪئين شهزادا ۽ بادشاهه پريان پريان ڪهي اچي نڪتا. هڪڙي پاسي عام خلق تماشي ڏسڻ لاءِ ٻيٺي هئي، انهن جي وچ ۾ ٻانهي به سڪندر کي گلن جي ٽوڪريءَ ۾ لڪائي آڻي رکيو. ٻئي پاسي شهزادا ۽ بادشاهه اچي بيٺا. جڏهن نوبت وڳي، تڏهن شهزادي هار هٿ ۾ کڻي، ناز نخرا ڪندي، کلندي ٽلندي اچي ٽوڪريءَ جي مٿان بيٺي. اشاري ملڻ سان گلن مان سڪندر ڪنڌ کنيو. شهزادي به هن کي هار وجهي محل ۾ موٽي آئي. بادشاهه جو هن ڀڀريءَ کي هار پيل ڏٺو، سو ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو. چي: نڀاڳي ڇوريءَ سڄو ڪڙم ڪارو ڪري، ڀائرن جي قاتل کي کڻي پنهنجو مڙس چونڊيو آهي! سو سڌو محلات ۾ آيو ۽ ڌيءَ کي حڪم ڪيائين ته: هينئر جو هينئر محلات خالي ڪر، ۽ پنهنجي مڙس جي ٽوڪري مٿي تي رکي، جيڏانهن وڻيئي تيڏانهن رواني ٿي.... اڄ کان پوءِ نه تون منهنجي ڌيءَ آهين، ۽ نه آءٌ تنهنجو پيءُ آهيان. شهزادي به الله تي آسرو رکي، کاري کڻي سڌي باغائيءَ جي در تي آئي، ۽ هن جي زال کي چيائين ته: امان!اڄ کان پوءِ توتان سڀ ڪم ڪاريون معاف آهن، هاڻي آءٌ پاڻهي اهي ڪم ڪنديس، تون پيريءَ ۾ کٽ چڙهيو ويٺي آرام ڪر. اهڙيءَ طرح هي چار ئي ڄڻا- باغائي، باغائڻ، شهزادي ۽ سڪندر پاڻ ۾ خوش گذارڻ لڳا.

قدرت خدا جي، هڪڙي ڏينهن بخت، عقل، حسن ۽ صحت جو پاڻ ۾ اچي مقابلو ٿيو. هرهڪ چوي ته آءٌ وڏو. آخر چيائون ته: ائين فيصلو نه ٿي سگهندو، تنهنڪري هلو ته بادشاهه کان فيصلو ڪرايون. ائين چئي چار ئي ماڻهن جي صورت ۾ ٿي، اچي بادشاهه وٽ حاضر ٿيا. بادشاهه کانئن حال احوال پڇيو: جنهن تي چئني جواب ڏنو ته: جيئندا قبلا! هڪ جهڳڙي جي نبيري لاءِ آيا آهيون. اسان کي ٻڌايو ته اسان چئني مان وڏو ڪير آهي؟  بخت چيو ته: ڀاڳ، نصيب ۽ تقدير منهنجو نالو آهي. ڦٽل ڪمن کي ٺاهيندڙ آءٌ آهيان، آءٌ جي چاهيان ته گهڙيءَ ۾ گدا کي شاهه ۽ شاهه کي گدا بنائي ڇڏيان. بادشاهه اهو ٻڌي وراڻيو ته: برابر تون وڏو آهين. اتي عقل چيو ته: منهنجو نالو سمجهه، سڃاڻپ ۽ ڏاهپ آهي. سموري دنيا جو ڪم مون سان هلي ٿو. مون کان سواءِ ماڻهو ۽ حيوان ۾ ڪو فرق ڪونه آهي. عقل جي اها بياني ٻڌي، بادشاهه چيو ته: بيشڪ تون به وڏو آهين. وري آيو حسن جو وارو. جنهن چيو ته: مون کي سونهن سوڀيا به چوندا آهن. انسانن جي دلين تي منهنجو حڪم هلي ٿو، آءٌ چاهيان ته کِن ۾ ڪهڙي به بهادر جا حواس خطا ڪري ڇڏيان. بادشاهه جواب ڏنو ته: برابر تون به وڏو آهين. وري صحت جو وارو آيو، تنهن چيو ته: منهنجو نالو چڱڀلائي، سگهائي ۽ تندرستي آهي، دنيا جا سڀ جاندار منهنجا محتاج آهن. بادشاهه چيو ته: تون به وڏي آهين. بادشاهه ائين چئي جند ڇڏائي؛ پر هنن کي اهو نياءُ پسند ڪونه آيو، ۽ چئني ڄڻن بادشاهه جي سامهون پاڻ ۾ چيو ته: هلو ته هلي باغ ۾ سڪندر بادشاهه کان نياءُ ڪرايون. سڪندر جو نالو ٻڌي، هن بادشاهه جا ماشائي ڦري ويا ته، جنهن سڪندر جي آءٌ آنڪي ڀريندو آهيان، سو منهنجي ملڪ جي باغ ۾ لٿو پيو آهي، ۽ مون کي ان جي کُڙڪ به ڪانهي! سو انهن چئني ڄڻن جي پويان لڳي باغ ۾ آيو. هنن پاڻ ۾ چيو ته: سڪندر آهي طبيعت جو تيز، تنهنڪري هڪ هڪ ڄڻو ٿي باغ ۾ هلي. تنهن تي ٻئي وراڻيو ته: اطلاع ڪيئن ڏجيس؟ ٽئين چيو ته: ترسي بيهو، جيڪڏهن ڪا پهر ڏانهنس وڃي ته، ان جي هٿان نياپو ڪريوس. بادشاهه اتي هنن کان پڇيو ته: سڪندر ڪٿي آهي؟ ان تي هنن چئني ڄڻن ڳاڌيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته: اهو سامهون ويٺو آهي. بادشاهه کي اعتبار ئي نه پيو اچي ته اهو سڪندر منهنجي پٽن جو قاتل ٿي سگهندو. هي ضرور ڀليل آهن. پر خير ڏسان ته هنن جي ڪهڙي ٿو عدالت ڪري!

اڃا انهيءَ خيال ۾ هئا ته انهيءَ مهل شهزادي، سڪندر ڏانهن ماني کنيو پئي ويئي. اتي هنن همراهن رڙ ڪري چيس ته: مائي! اسين عرضدار آهيون. سڪندر بادشاهه کي چؤ ته اسان کي فيصلو ڪري ٻڌائي ته، اسان مان وڏو ڪير آهي؟ شهزاديءَ اچي کيس ٻڌايو ته: سائين! وڏا ڀاڳ تنهنجا چئجن، جو ڪي ماڻهو توکي بادشاهه سمجهي ڪو نبيرو ڪرائڻ آيا آهن. سڪندر دل ۾ خيال ڪيو ته اهي ماڻهو ضرور مون کي سڃاڻندا هوندا، تڏهن ئي انهيءَ لقب سان ياد ڪيو اٿن. تنهنڪري زال کي چيائين ته: انهن مان ڪنهن هڪڙي کي سڏي وٺ ۽ تون موچڙو کڻي منهنجي ڀرسان ويهه، ۽ منهنجي ڪيل نياءُ پٽاندر حڪم جي پيروي ڪندي رهجئين. شهزادي پنهنجي مرشد جا خيال ڏسي ڏاڍي حيران ٿي. پر مڙس جو حڪم هو، سو پهرين بخت کي سڏ ڪيائين. هن اچڻ سان سلام ڪري، هٿ جوڙي، ادب سان سڪندر کي چيو ته: جيئندا قبلا! منهنجو نالو ’بخت‘ آهي. توهين مون کي چڱيءَ طرح سڃاڻو ٿا. مون بابت توهان جو ڪهڙو خيال آهي؟ سڪندر ڪاوڙجي چيو ته: بخت تون آهين؟  تون مون سان ڪهڙي چڱي ڪئي آهي. جڏهن مون باغ ۾ پکي ٿي پڪڙيو، ان وقت ڪيڏانهن گم ٿي ويو هئين، جو اڄ آيو آهين نبيرو ڪرائڻ.... ان وقت ڇو نٿي ٻڌايئي، ته بخت ٿو ڦِٽيئي! تنهن تي بخت وراڻيو ته: سائين! مون کان ڀل ٿي. سڪندر چيو ته: چڱو، جي توکان ڀُل ٿي ته وڏو ڪمبخت چئبين، جو ڪڏهن آهين ته ڪڏهن ڪونه آهين. پوءِ ڪيئن تنهنجي وڏائيءَ جي ساک ڀريان! پوءِ زال کي چيائين ته: هن کي ڳڻي ڏهه پادر هڻ. اهائي سزا بس اٿس، جو هي انسانن کي رند ۾ رلايو ڇڏي. زال به ٺاهي ٺوڪي، ڳڻي ڏهه پادر هڻي ڪڍيس. بخت ويچارو ڏهه موچڙا کائي، ماٺ ڪري وڃي پري ويهي رهيو. تنهن کان پوءِ شهزاديءَ ٻئي کي سڏيو. سڪندر پڇيس شهزاديءَ ٻئي کي سڏايو. سڪندر پڇيس ته: تون ڪير آهين ۽ ڇا ٿو چئين؟ ٻئي عرضدار هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته: حضور اعليٰ! آءٌ ’عقل‘ آهيان. مون کان اوهان چڱيءَ طرح واقف آهيو، هاڻي منهنجي لاءِ سائينجن جو ڪهڙو خيال آهي؟ سڪندر چيو ته: جي تون عقل آهين، ته پوءِ انهيءَ وقت ڪٿي هئين، جڏهن مون باغ ۾ پکيءَ جي ٽنگن ۾ هٿ ٿي وڌو؟ ڇو نٿي ان وقت مون کي ڄاڻ ڪيئي ته هي پکي رواجي پکي ڪونهي. عقل عذر پيش ڪيو ته: سائين! برابر منهنجي خطا هئي. سڪندر دڙڪو ڏنس ته: جي توکان خطا ٿي ته پڪ بيعقل آهين. پوءِ زال کي چيائين ته: هن کي پورا ويهه جوتا هڻي ڪڍ. شهزاديءَ به هڪڙو هڪڙو ڪري ويهه جوتا هڻي ڪڍيس. تنهن کان پوءِ وري ٽئين کي سڏ ٿيو. سڪندر پڇيس ته: اڙي ڪر خبر ڪير آهين ۽ ڇا لاءِ آيو آهين؟ جنهن تي هن چيو ته: سائين! منهنجو نالو ’حُسن‘ آهي، توهان کي منهنجي ڪارنامن جي ضرور خبر هوندي! هاڻي ٻڌايو ته مون بابت توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟ سڪندر اتي نهايت خيرت مان پڇيو: جي حسن تون آهين ته پوءِ ٻڌاءِ ته هتي جي بادشاهه مون تي هيڏو ظلم ڇو ڪيو؟ منهنجي حُسن هُن تي ڇو اثر نه ڪيو؟ حسن وراڻيو ته: بادشاهه سلامت! اها مون کان ٿي جو آءٌ بادشاهه کي، توهان جي حسن تي هرکائي نه سگهيس. سڪندر بادشاهه تنهن تي دڙڪو ڏيئي چيس ته: پوءِ توکي بانوَر ڪهڙي ڳالهه تي آهي. شهزادي! هن بي ساڃاهي کي ٽيهه موچڙا هڻ. شهزاديءَ هن کي به ڳڻي موچڙا هنيا. ويچارو حسن به موچڙا کائي وڃي پري ويهي رهيو. آخر ۾ چوٿين کي حاضر ٿيڻ جو حڪم مليو. سڪندر پڇيس ته: تون وري ڪير آهين، ۽ ڇو پنڌ ڪيو اٿئي؟ هن وراڻيو ته: جهان پناهه! آءٌ صحت آهيان. سڄي دنيا منهنجي محتاج آهي، اُميد ٿي رکان ته ڪو مناسب فيصلو سڻائيندا. سڪندر وراڻيو ته: بلي! تون تندرستي آهين؟ توکي سڃاڻان ٿو. تون ارُوڙيءَ تي به مون سان شامل هئين. تو چڱا پير کنيا آهن، ۽ مون سان ڀال ڀلايا آهن؛ پر تنهنجي موجودگيءَ ۾ منهنجا هي حال هجن، اهو ته تندرستيءَ تي داغ آهي! جيڪڏهن تون سچ پچ صحت آهين ته پوءِ دير نه ڪر، هڪواري مون کي اڳئين جهڙو انسان بنائي ڇڏ. تنهنجي هوندي بک ڪانه ٿي ماري، هٿ پير نه آهن ته به ڪا ڳڻتي ڪانهي؛ تون برابر وڏي آهين. اهو فيصلو ٻڌي، صحت هڪدم سڪندر کي گهيري ويئي ۽ گهڙيءَ پل ۾ هن جا هٿ پير پنهنجي جاين تي پيدا ٿي پيا. سڪندر ڳاڌيءَ تان ٽپ ڏيئي هيٺ لٿو. پوءِ شهزاديءَ کي چيائين ته: تيار ٿيءُ، هاڻي سڀ سڻائي آهي. ائين چئي باغ کان ٻاهر نڪتا.

بادشاهه اهو لقاءُ پئي ڏٺو، سو ويجهو اچي سڪندر کي پيرين پيو ۽ پنهنجي ڪئي جي معافي وٺڻ لڳو. سڪندر چيس ته: خير! ان ۾ ڪو راز رکيل هو.... هاڻي مون کي خشڪيءَ تي پهچائڻ لاءِ ڪو بلو ڀيڻي ڪر! بادشاهه هڪڙي ڪرگس کي حڪم ڪيو ته: سڪندر کي سمنڊ مان ڪڍي سندس باغ ۾ رسائي اچ! سڪندر پوءِ ڪرگس جي ٽنگن کي پڪڙيو. ڪرگس اڏامي هوا سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو. سڪندر واٽ تي دل ۾ ويچارڻ لڳو ته هتي مون کي ڪي ورهيه گذري ويا آهن. پويان الاجي ڇا وهيو واپريو هوندو.... ضرور ڪو ٻيو بادشاهه بنيو هوندو! انهن ئي خيالن ۾ هو ته، پکيءَ به اچي سندس باغ ڀيڙو ڪيس. سڪندر حيران ٿي ويو ته: اڙي! هي باغ ته منهنجو. ائين چئي محلات ڏانهن وڌيو. ڏسي ته اهائي صبح جي مهل آهي، نوڪر اڃا ڇنڊ ڦوڪ ۾ لڳا پيا آهن. تنهن تي هيڪاري سڪندر حيران ٿي ويو ته آخر هيءَ ڇا ماجرا آهي. انهن خيالن ۾ هو ته بورچيءَ اچي عرض ڪيو ته: سائينجن اڄ باغ جي سير تان جلد آيل آهن، اڃا نوالو تيار نه ڪيو اٿم. سڪندر دڙڪو ڏيئي پڇيس ته: ٻڌاءِ ته منهنجي وڃڻ کان پوءِ ڇا وهيو ڇا واپريو؟ سربستو احوال ڪري ٻڌائينم. خادم تنهن تي جواب ڏنو ته: توهان تلاوت ڪري باغ ڏانهن اُسهيا آهيو، مون اٽو ڳوهيو آهي، فلاڻا فلاڻا ٻانهان هنڌ بسترو ويڙهڻ ۾ لڳا پيا آهن. ڪي نوڪر راتوڪا ويل سي اڃا ڪونه وريا آهن، ٻيو سارو خير آهي. سڪندر تنهن تي چيو ته: مون کي تنهنجيءَ ڳالهه تي بنهه ڀروسو ڪونهي. سڀني ٻانهن کي هڪدم حاضر ڪر! بورچي اٿي نغارو وڄايو ته سڀ نوڪر اچي حاضر ٿيا. هنن پڻ بورچيءَ جي ڳالهه جي ساک ڀري ۽ بادشاهه کي پڪ ڏياريائون ته: سائينجن باغ ۾ وڃي وري موٽيا آهن. اُها گهڙي، اُها ساعت آهي. ٻيو وچ ۾ ڪوبه معاملو يا مونجهارو نه ٿيو آهي. رعيت توهان جي سِر بخت جي دعاگو آهي. نيرن پاڻي ڪري هلي درٻار کي سينگاريو، سڪندر بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي ڪن اونهن خيالن ۾ پئجي ويو ۽ اتان سڌو وڃي توريت پڙهڻ واريءَ جاءِ تي ويٺو. ان کان پوءِ سڪندر بادشاهه پڪيءَ طرح توريت ۾ يقين رکيو.

 

 

روايت [3]

سڪندر بادشاهه*

ڪنهن ملڪ ۾ ’افلاطون‘ نالي هڪ شخص رهندو هو، جو حڪمت ۽ علم نجوم جو ڄاڻو هو. هڪڙي ڏينهن پنهنجي علم جي زور سان ڏٺائين ته اڄ کان ٻه سئو ورهين بعد، سڪندر نالي هڪ شخص پيدا ٿيندو، جو روءِ زمين جو بادشاهه ٿيندو. پر ان وقت جيڪڏهن آءٌ سندس وزير هوندس ته کيس ’نِڪُونج ڪُن‘ ۽ ’ڪِينَ‘ جي شهر جو سير ڪرائي سگهندس؛ پر آءٌ ته ٻه سئو ورهيه زنده ڪين رهي سگهندس! اهو خيال ڪري انسان جي قد جيڏي هڪڙي پيتي تيار ڪرائي، هڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ رکيائين، جنهن ۾ دري دروازو ڪونه هو. پوءِ هڪڙي دوا پنهنجي بدن کي چڱيءَ طرح لڳائي، پنهنجي علاج جو ڪتاب لکي ان پيتيءَ ۾ رکي، ڪوٺيءَ جي ٻاهران هڪڙو ڪُتبو لکرائي ڇڏيائين ته: هن ڪوٺيءَ کي فقط سڪندر بادشاهه کولي سگهي ٿو. پوءِ ڪوٺي سڄي بند ڪرائي، پاڻ پيتيءَ اندر سمهي رهيو. انهيءَ ڳالهه کي ڪافي وقت گذري ويو. هرڪو ماڻهو ڪتبو پڙهي درگذر ڪري ڇڏيندو هو.

قصو ڪوتاهه.... ٻن سون ورهين کان پوءِ سڪندر به ڄائو ۽ آخرڪار پنهنجي ملڪ جو بادشاهه ٿيو. هڪڙي ڏينهن گهمندي گهمندي اچي انهيءَ شهر مان لانگهائو ٿيو. جڏهن ان ڪوٺيءَ وٽان لنگهيو، تڏهن ڪتبو پڙهي حيرت ۾ پئجي ويو. آخر حڪم ڏنائين ته: ڪوٺيءَ کي کوليو وڃي. حڪم مطابق ڪوٺيءَ کي ڪنهن هنڌان ڀڃي دروازو ڪيائون. جڏهن سڪندر ان ۾ داخل ٿيو، تڏهن ڇا ڏسي ته اندر هڪڙيءَ پيتيءَ ۾ هڏائون پڃرو پيو آهي. سيرانديءَ کان هڪڙو ڪتاب رکيل هو، اهو کڻي کولي پڙهيائين ته ان ۾، هڏائين پڃري جي چڱي ڀلي ٿيڻ جو، سربستو احوال لکيل هو. سڪندر يڪدم حڪم ڪيو ته ڪتاب ۾ جيڪي لکيل آهي، ان موجب افلاطون جو علاج ڪيو وڃي. حڪم موجب هڪڙي دوا ٺهي، جا ڇهن مهينن تائين هڏائين پڃري تي هڻندا رهيا. قدرت سان ان تي گوشت ورڻ لڳو. پوءِ وري تيل جي مالش شروع ٿي، جا پڻ ڇهه مهينا ساندهه هلندي رهي. آخر هن کي پيتيءَ مان ڪڍي پلنگ تي ليٽايائون. ٿورن ڏينهن بعد افلاطون اکيون کوليون ۽ ڏسڻ لڳو. سڪندر ڏاڍو خوش ٿيو. ٽن مهينن کان پوءِ افلاطون بلڪل چڱو ڀلو ٿي اٿي ويٺو. ان وقت افلاطون اهڙو چڱو ڀلو ٿي چڪو هو، جو پاڻي پي، اُٺ تي سوار ٿي چڪر لڳائي واپس اچي ويٺو.

سڪندر هن کان پيتيءَ ۾ بند ڪرائڻ بابت پڇيو. جنهن تي افلاطون ٻڌايو ته: آءٌ ٻه سئو ورهيه انهيءَ هوا ۾ زنده رهي نه سگهان ها. مون پنهنجي علم جي زور سان ڏٺو ته توهين ٻن سوَن ورهين کان پوءِ پيدا ٿيندا ۽ سڄيءَ دنيا تي بادشاهي ڪندا، پوءِ جي آءٌ اوهان سان گڏ هوندس ته ’نِڪُونج ڪُن‘ ۽ ’ڪئين‘ جي شهر جو اوهان کي سير ڪرائيندس. تنهنڪري هوا کان بچڻ لاءِ پاڻ کي پيتيءَ ۾ بند ڪرايم. تڏهن سڪندر چيس ته: پوءِ ڀلا نڪونج ڪُن ۽ ڪين جي شهر جو هلي سير ڪراءِ. افلاطون چيو ته: هڪ سئو ٻيڙا هر جنس جا ڀرايو ته هلون. سڪندر تمام گهڻو خزانو لُٽايو تڏهن به نوانوي ٻيڙا مال سميت تيار ٿيا. ٻيڙن ۾ چڙهڻ کان اڳ افلاطون چيو ته: هڪ شرط آهي ته جوان عورت ۽ پوڙهو ماڻهو ٻيڙن ۾ نه چڙهي.

ڪجهه ڏينهن جي سفر کان پوءِ، سڪندر کي اچي پنهنجي زال ياد پئي. انهيءَ حالت ۾ ڏاڍو پريشان گذارڻ لڳو. افلاطون اهو حال ڏسي، سڪندر کي چيو ته: جيئندا قبلا! جي مون کي اجازت ڏيو ته آءٌ واپس وڃي، اوهان جي راڻيءَ جي تصوير ڪڍي اچي اوهان کي ڏيان. اهو انجام ٿو ڪريان ته سندس صورت بلڪل نه ڏسندس. سڪندر هن کي اجازت ڏني. هيءُ هڪڙو ٻيڙو ڪاهي واپس روانو ٿيو. شهر ۾ پهچي محلات ۾ چوائي موڪليائين ته: اندر جيڪو پاڻيءَ جو چشمو آهي، ان جي هڪڙي پاسي ريشمي پردو ٽنگيو وڃي، ۽ ان جي پويان راڻي اچي ويهي، جو مون کي بادشاهه جي حڪم سان تصوير ڪڍڻي آهي. اطلاع پهچندي ئي سڄو بندوبست ٿي ويو. راڻيءَ جو پاڇو ان ريشمي پردي مان نڪري پاڻيءَ تي پيو، اتان ڏسي افلاطون، راڻيءَ جي تصوير چٽي؛ ايتريقدر جو راڻيءَ جي بدن تي جيڪي تِر هئا، سي به تصوير ۾ اچي ويا.. افلاطون اها تصوير کڻي، ٻيڙي ۾ چڙهي اچي سڪندر وٽ پهتو. سڪندر تصوير ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو؛ پر جڏهن انهن تِرن تي نظر پيس، تڏهن اهڙي ڪاوڙ آيس جو حڪم ڪيائين ته: ’هن جون يڪدم اکيون ڪڍي مون کي آڻي ڏيو.‘ ڇاڪاڻ جو هنکي پڪ ٿي ته افلاطون، راڻيءَ جي صورت ڏسي تصوير چِٽي آهي. بادشاهه جي حڪم موجب هن جون اکيون ڪڍي هڪڙي ٻيڙي تي آڻي ڇڏيس، جتان سڪندر هن کي ڏسي نه سگهي.

جيئن ته سمنڊ جي گَس جي خبر فقط افلاطون کي هئي، ۽ هينئر اهو انڌو ٿيو ويٺو هو، تنهنڪري ٻيڙا بيراهه هلندا رهيا. هلندي هلندي هڪڙي اهڙي هنڌ اچي اٽڪيا، جتي رڳا نانگ ئي نانگ هئا. نانگن يڪدم گهيرو ڪري سڀ ٻيڙا ٻڌي ڇڏيا. اهو لقاءُ ڏسي سڪندر ڏاڍو پريشان ٿيو، ۽ حڪم ڪيائين ته: افلاطون کي وٺي اچو. مهاڻن، انڌي افلاطون کي آڻي بادشاهه اڳيان حاضر ڪيو. سڪندر چيس ته: افلاطون! چوڌاري نانگن جو گهيرو ٿي ويو آهي، هنن جي ٻولي اسين سمجهون ڪونه ٿا. تون کانئن پڇ ته ڇا ٿا چون! افلاطون نانگن کان پڇيو، جن چيو ته: اوهين بنا اجازت اسان جي ملڪ ۾ ڪاهي آيا آهيو. تنهن تي افلاطون هنن کي چيو ته: اسين ڀلجي اچي نڪتا آهيون، جي هاڻي اجازت ڏيو ته ٻيو رستو ڏيئي هليا وڃون. آخر نانگن هننکي رستو ڏنو، ۽ هي ٻيڙا هاڪاري نڪري ويا.

هڪڙي ڏينهن مهاڻا ڏسن ته ڪاغذ جي گهوڙي تي هڪڙو ماڻهو سوار ٿيو اڏامندو وڃي. ڊوڙي اچي افلاطون کي اها خبر ٻڌايائون. جنهن چيو ته: اهو ارسطو هوندو. هاڻي اوهين هيئن ڪريو، جو وري جڏهن اهو ماڻهو اچي لنگهي، تڏهن پاڻي گهوڙي کي هڻندئو ته ارسطو پاڻيءَ ۾ ڪري پوندو. پوءِ رسو اڇلائي ڏجوس، جنهن کي وٺي اوهان وٽ اچي پهچندو. ٻئي ڏينهن مهاڻا اڳئي انهيءَ تاڻ ۾ بيٺا هئا؛ ته وري به اهو ساڳيو گهوڙي سوار اتان اچي لانگهائو ٿيو. هنن يڪدم پاڻيءَ جو ڦوهارو هنيو ته ڪاغذ جو گهوڙو ڀڄي پيو، ۽ سوار سوڌو اچي پاڻيءَ ۾ ڪريو. پوءِ رسو اڇلائي، ارسطو کي ڇڪي آڻي افلاطون اڳيان حاضر ڪيائون. افلاطون کي ڏسندي ئي ارسطو چيو ته: يار! انڌو ٿيو ويٺو آهين؟ تڏهن هن چيس ته: ڪنهن جي عشق کڻي انڌو ڪيو آهي... ارسطو! تون منهنجو يار به آهين، ٻئي هڪڙي استاد جا شاگرد آهيون. هاڻي مهرباني ڪري تون استاد کي منٿ ڪري، مون کي بينائيءَ جي ڪا دوا آڻي ڏي. ارسطو چيو ته: آءٌ ڪوشش ڪندس، اڳتي کٽي تنهنجي قسمت. پوءِ هن اتي جو اتي ڪاغذ مان گهوڙو ٺاهيو ۽ افلاطون کي دلداري ڏيئي گهوڙي تي چڙهي روانو ٿي ويو. ارسو انهيءَ گهڙيءَ پنهنجي استاد وٽ اچي پهتو، ۽ هن کي افلاطون جي سڄي حقيقت ٻڌايائين. جنهن تي استاد ڪنهن دوا مان سرائي ڀري، ارسطوءَ کي ڏني ۽ چيائينس ته: هيءَ سرائي افلاطون کي هٿ ۾ نه ڏجئين، پر پنهنجي هٿ سان سندس اک ۾ پائيندين، ته سندس هڪ اک ۾ روشني ايندي. ارسطو اها ڪاني کڻي افلاطون وٽ آيو ۽ ملاحن کي چيائين ته: افلاطون کي جهليو ته آءٌ پنهنجي هٿ سان سندس اک ۾ دوا وجهندس، اهو مون کي استاد جو حڪم آهي. تڏهن افلاطون چيس ته: اها ڪاني ڏي ته آءٌ پنهنجي هٿ سان اک ۾ دوا وجهندس. هڪڙيءَ تي هو. ٻيءَ تي هو. نيٺ ارسطو ڪاني کڻي افلاطون کي ڏني، جنهن وٺي کڻي وات ۾ وڌي. ٿوريءَ دير کان پوءِ چيائين ته: ارسطو! استاد کي منهنجا سلام ڏجئين ۽ چئجئينس ته تنهنجيءَ دعا سان ٻئي اکيون ٿي وينديون... مون سڄي دوا تيار ڪئي هئي، باقي هُن ۾ ٽنڊڻ جي پيٽ جي کَل جي ضرورت هئي. تڏهن ارسطو چيس ته: افلاطون! تون بيعقل آهين، سرائي اک ۾ وجهڻ ڏين ها ته گهٽ ۾ گهٽ هڪڙي اک ته ٿي پوي ها! هاڻي تنهنجي مرضي. ائين چئي هو روانو ٿي ويو.

ارسطوءَ جي وڃن کان پوءِ، افلاطون دوا تيار ڪرڻ کي لڳي ويو. اڃا اڌ محنت دوا ٺاهڻ ۾ هئي، ته مهاڻا ڊوڙندا آيا ته ’ٻيڙا تير وانگر تکا پيا وڃن، انهن کي موڙڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي اٿئون پر سڀ ناڪام.‘ ٻيڙن ۾ شور مچي ويو. سڀ اچي ڊنا ته الاجي ڇا ٿيندو! هوڏانهن افلاطون دوا تيار ڪري، کڻي اکين ۾ پاتي ته باقاعدي ڏسڻ لڳو. اها خبر سڪندر بادشاهه کي به ٻڌائي ويئي. جنهن افلاطون کي گهرائي چيو ته: افلاطون! اهي ٻيڙا سڌا ڪيڏانهن پيا وڃن؟ افلاطون چيو ته: بادشاهه سلامت! پاڻ نڪونج ڪُن جي گهيري اندر پهچي چڪا آهيون، جنهنڪري ٻاهر نڪرڻ مشڪل آهي. باقي هڪڙي ٻيڙي جي پٺ سان ٻئي ٻيڙي جي اڳين ڪنڊ ملايو؛ پوءِ جڏهن ڪُن جي مٿان ٻيڙا ايندا، ته ڪُن جي ٻاهران ڦرڻ لڳندا، ۽ ڪُن ايترن ٻيڙن کي هضم ڪري نه سگهندو. اها ڳالهه ٻڌنديئي، سڪندر حڪم ڪيو ته سڀني ٻيڙن کي هڪٻئي جي پويان سڌائيءَ ۾ ڪري، پوءِ سڀني جون ڪنڊون پاڻ ۾ ملايو، اهو حڪم ٻڌنديئي يڪدم ٻيڙن جي پُٺ ۽ اڳ ملائي، ڪڙن ۾ بند ڪيا ويا. جڏهن ڪُن جي مٿان آيا، تڏهن ٿوري ئي ڦيري سان سڀ ٻيڙا ڪُن جي مٿان ڦرڻ لڳا. ڦرندي ڦرندي ڪي ڏينهن گذري ويا. آخر سڪندر بادشاهه، افلاطون کي چيو ته: سڄي ڄمار اتي ئي ڦرندي ڦرندي گذري ويندي ڇا؟ تڏهن افلاطون چيو ته: بادشاهه سلامت! رسي سان ڀريل ٻيڙو گهرايو. آءٌ هڪڙي چرخي ٺاهي، ان تي چڙهي، رسو چيلهه ۾ ٻڌي، ڪوهه قاف تي وڃي لهندس، جتي ڪروڙن جي تعداد ۾ گرڙ پکي آهن. انهن کي اتان اڏائيندس. پوءِ اهي پکي جڏهن ڪُن جي مٿان ايندا، تڏهن هوا بند ٿيڻ ڪري، ڪُن جي وهڪري ۾ فرق اچي ويندو، ۽ پاڻي بيهي ويندو. ان وقت ٻيڙن جا سُکانَ موڙي نڪري وڃجو. پر جيڪڏهن غفلت ڪيوَ ته هميشه لاءِ انهيءَ گهيري مان نڪري نه سگهندؤ. افلاطون سڄي ڳالهه سمجهائي، رسو، ٻه زيلون ۽ چار ڏونڪا چيلهه سان ٻڌي، چرخيءَ ۾ چڙهي مٿي اڏاڻو، ۽ نظر کان غائب ٿي ويو.

افلاطون اڏامندو اچي ڪوه قاف تي لٿو. چوڌاري نظر ڦيرائي ڏٺائين ته کيس لکن جي تعداد ۾ پکي ڏسجڻ ۾ آيا. هن به پاسو ڏيئي، انهن پکين کان پري وڃي، زيلون ڇوڙي پَٽ تي رکيون. پوءِ سمنڊ ڏي منهن ڪري، وٺي زور سان واڄو ڪيو. پکين عجب قسم جو آواز ٻڌو، سي وٺي سمنڊ ڏانهن اڏامڻ لڳا. افلاطون برابر ٽي ڏينهن پئي واڄو ڪيو. جڏهن سڀ پکي اڏامي ويا، تڏهن اتي ئي سمهي رهيو.

سڪندر بادشاهه ۽ سندس ماڻهو، انهيءَ ڏينهن کان وٺي آسمان ڏانهن ڏسندا رهيا. آخر هڪڙيءَ رات، آسمان ۾ پکين جي اڏامڻ جو آواز تمام زور سان اچڻ لڳو. جنهنڪري يڪدم هوا بند ٿي ويئي، ۽ ڪُن جي ڦيري ۾ فرق اچي ويو. سڪندر بادشاهه حڪم ڪيو ته: يڪدم سُکان موڙي، ٻيڙا هاڪاريو، جيئن انهن پکين جي هوندي ئي ڪُن جي گهيري مان نڪري وڃون. يڪدم حڪم جي پيروي ڪئي ويئي، ۽ ٻيڙا ڪُن جي گهيري مان نڪري ويا.

هوڏانهن ٿڪَ سبب افلاطون کي سمهندي چار ڏينهن گذري ويا. قدرت سان اتي نانگن جون بادشاهيون هيون. هڪڙي زمين تي ۽ ٻي سمنڊ ۾. هنن ٻنهي بادشاهن جي پاڻ ۾ اصل کان وٺي دشمني هئي. جيڪڏهن پاڻيءَ جو نانگ زمين تي آيو ٿي، ته زمين جا نانگ کيس ماري ڇڏيندا هئا؛ ۽ جي زمين جو نانگ سمنڊ جي ڪناري تي ويو ٿي ته سمنڊ جا نانگ کيس ختم ڪري ڇڏيندا هئا. انهيءَ ڳالهه کي به عرصو گذري ويو هو. هڪڙي ڏينهن سمنڊ جي نانگن جو شهزادو پنهنجي طاقت جي زور تي، زمين تي گهمڻ لاءِ نڪري پيو. زمين جي نانگن جو پيرسن بادشاهه به هن کي مُنهن ۾ ملي ويو، ۽ سڃاتائينس ته پاڻيءَ جي نانگن جو  شهزادو آهي، سو اچي هن جي پويان پيو. برابر چار ڏينهن ڊوڙايائينس، جنهن ۾ هن کي سمنڊ ڏانهن وڃڻ نه ڏنائين. پاڻيءَ جي شهزادي نانگ، پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڏاڍا وس ڪيا، پر ڪٿي به بچڻ جو آسرو نظر نه آيس، آخر اتي اچي نڪتو، جتي افلاطون ستو پيو هو اتفاق سان انهيءَ مهل افلاطون سُتي سُتي اوٻاسي ڏني. نانگ به ٻي واهه نه ڏسي، هن جي وات مان پيٽ ۾ گهڙي ويو. انهيءَ تي افلاطون ڇرڪ ڀري اٿيو، ڏسي ته هڪڙو نانگ ويٺو آهي. هن يڪدم پهڻ کڻي نانگ کي هنيو ته اهو زمين جو بادشاهه نانگ مري ويو. پوءِ سمنڊ جو شهزادو نانگ، هن جي وات مان نڪري، هن جي پيرن ۾ ڦيريون پائڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو ته: تو مون تي نه، پر سمنڊ جي سڀني نانگن تي وڏو احسان ڪيو آهي. زمين جي هن پوڙهي نانگ جي ڪري اسين ٻئي ڌريون پاڻ ۾ هميشه وڙهندا رهياسين. اهو وڏو دشمن تو ماري وڌو. هاڻي مهرباني ڪري منهنجي پيءَ وٽ هل ته توکي انعام وٺي ڏيان. افلاطون گهڻوئي چيو ته: تون نانگ آءٌ انسان، توسان گڏ ڪيئن هلي سگهندس پر نانگ چيو ته: تون منهنجي ڦڻ تي ويهه، ۽ ڪنهن به قسم جو خيال نه ڪر. افلاطون ٽپ ڏيئي نانگ جي ڦَڻ تي ويهي رهيو. نانگ سمنڊ جي مٿان تيز هلڻ شروع ڪيو، ۽ ٿوريئي وقت ۾ اچي پنهنجي بادشاهت ۾ پهتو.، ٻين نانگن جو شهزادي کي زنده ڏٺو، سي ڏاڍا خوش ٿيا پوءِ سڀئي گڏجي بادشاهه نانگ جي دربار ۾ حاضر ٿيا. شهزادي پنهنجي پيءُ کي سڄي حقيقت ٻڌائي. جنهن تي اهو به تخت تان لهي اچي افلاطون جي پيرن ۾ ڦيريون پائڻ لڳو ۽ چيائين: تو اسان تي وڏو احسان ڪيو آهي. انهيءَ جُوءِ ۾ اسان جو وڏو دشمن اهو هو، سو ختم ٿي ويو؛ هاڻي انهيءَ ملڪ ۾ بنا خطري جي گهمي سگهون ٿا. ائين چئي افلاطون کي چيائين ته سائين! هڪ ڏينهن مهماني قبول ڪريو. تڏهن افلاطون چيو ته: مون کي هن وقت اجازت ڏيو جو تمام ضروري ڪم اٿم. تڏهن وري بادشاهه چيو ته: ٻه ڏينهن! افلاطون چيو ته: مون کي ضروري ڪم آهي تنهنڪري اجازت ڏيو. تڏهن وري به بادشاهه نانگ کي چيو ته: چار ڏينهن! اتي شهزادي نانگ، افلاطون کي چيو ته: هتي جو قاعدو آهي ته جي ‘نه‘ ڪندين ته پيا ڏينهن وڌندا، تنهنڪري ’ها‘ ڪر! افلاطون چيو ته: چار ڏينهن مهماني قبول آهي.

چار ڏينهن مهماني کائڻ کان پوءِ، بادشاهه نانگ وري دربار ڪوٺائي ۽ افلاطون کي چيائين ته: گهُر جيڪي گهرڻو هجيئي! تڏهن شهزادي نانگ، افلاطون کي چيو ته: ٻيو توکي آءٌ ئي گهڻو ڏيندس، منهنجي پيءَ کان اها جيڪا سندس پڇڙيءَ ۾ مُنڊي پئي آهي، سا گهرينس. افلاطون چيو ته: سائين! مون کي اها پڇڙيءَ ۾ پيل منڊي گهرجي. بادشاهه ٽي دفعا پڇي، منڊي لاهي کيس ڏني. افلاطون منڊي پاتي ته انهيءَ منڊيءَ ۾ پنهنجا ٻيڙا ڏسڻ ۾ آيس. هن شهزادي کي چيو ته: مون کي پنهنجي ٻيڙن وٽ پهچاءِ. شهزادي نانگ هڪڙي نانگ کي حڪم ڪيو، جنهن هن کي ڦڻ تي چاڙهي، ٻيڙن ڏانهن رخ رکيو؛ تان جو اچي پنهنجي ٻيڙن تي پهتو. سڪندر، افلاطون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. حال احوال ڪندي افلاطون کيس سڄو احوال ٻڌايو. سڪندر عجب ۾ پئجي ويو، ۽ افلاطون کي چيائين ته: ڀلا هاڻي ’ڪِينَ‘ جي شهر جو سير ڪراءِ! تڏهن افلاطون، نانگ واري منڊي آڱر مان لاهي کڻي سڪندر کي پاتي، ته انهيءَ منڊيءَ مان هن کي ’ڪِينَ‘ جو شهر ڏسڻ ۾ آيو. هي ٻيڙا ڪاهي اچي ڪين جي شهر مٿان بيٺا. افلاطون سڪندر کي ٻڌايو ته: هي رسي ۾ ٻارهن مهينا طاقت آهي تنهنڪري سال کان اڳ ورڻ جي ڪوشش ڪجو ۽ ڪين جي شهر ۾ جڏهن وڃي پهچو، تڏهن هي ڪپڙي جو رسو قابو ڪنهن جاءِ يا وڻ سان ٻڌجو، جو واپسيءَ ۾ اوهان کي ڪم ڏيندو، نه ته اُتي رهجي ويندؤ. افلاطون پوءِ ڪپڙي جو ٻيڙو ۽ ڪپڙي جو رسو ٺاهي، سڪندر بادشاهه جي چيلهه ۾ ٻڌي، ناکئن کي چيو ته: آهستي آهستي ڍر ڏيئي بادشاهه کي هيٺ لاهيو، پر، جتي رسي کي ڇٻي اچي، اتي روڪجو. ڳچ دير کان پوءِ جڏهن رسي کي ڇٻي آڻي، تڏهن ناکئن يڪدم رسو روڪي ڇڏيو.

هوڏانهن سڪندر بادشاهه وڃي ’ڪين‘ جي شهر ۾ پهتو، ۽ هڪڙي وڏي وڻ جي چوٽيءَ سان پنهنجو رسو مضبوط ٻڌي، پاڻ شهر ۾ گهڙيو. قضا سان اتي جي بادشاهه جي مُنڊي چورائجي ويئي هئي، جنهن لاءِ سپاهي ڊڪ ڊوڙ ۾ هئا ۽ سڀني جي تلاشي پئي ورتائون. هيڏانهن سڪندر بادشاهه جي هٿ ۾ جيڪا منڊي پيل هئي، اُن جهڙي ساڳي منڊي هِن بادشاهه جي هئي. فرق صرف اهو هو ته سڪندر بادشاهه جي منڊيءَ تي اندرئين پاسي نالو لکيل هو. سپاهين جي جڏهن منڊيءَ تي نظر پئي، تڏهن هن کي کڻي قابو ڪيائيون، ۽ آڻي بادشاهه جي درٻار ۾ حاضر ڪيائونس. بادشاهه به پنهنجي منڊيءَ ڏسڻ کان سواءِ کڻي قيد ۾ هينس. رات جو جڏهن بادشاهه پنهنجي راڻيءَ کي منڊي ڏيکاري سمورو احوال ڪيو، تڏهن راڻيءَ منڊيءَ کي چڱيءَ طرح ڏسي، بادشاهه کي ٻڌايو ته: هن منڊيءَ تي ’سڪندر‘ نالو لکيل آهي، مڄاڻ اهو روءِ زمين وارو سڪندر بادشاهه آهي. بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي اچي وسوسي ۾ پيو. يڪدم سپاهي ساڻ ڪري قيدخاني ۾ آيو، ۽ سڪندر بادشاهه کي هٿ ٻڌي معافي ورتائين. پوءِ هن کي وڏيءَ عزت آبروءَ سان آڻي محلات ۾ رهايائين.

ٿوري گهڻي ڏينهن اتي جي بادشاهه، سڪندر کي پنهنجي نياڻي پرڻائي ڏني. آخرڪار هڪڙي ڏينهن سڪندر پنهنجي وطن ورڻ لاءِ سنڀريو، تڏهن راڻيءَ چيس ته: آءٌ سمنڊ جي پيدائش آهيان، زمين تي رهي ڪانه سگهنديس؛ باقي هڪڙي اٽڪل آهي، جو جڏهن به توکي سڪ ٿئي، تڏهن مون کي اتي ويٺي ئي ڏسي سگهين ٿو. اهو هن طرح، جو هيءُ اَٽو پاڻ سان کڻي وڃ. هن مان پڪل ماني کائي رڳو هن طرف نظر ڪندين ته آءٌ توکي نظر ايندس. پوءِ هنن موڪلايو. موڪلائڻ وقت راڻيءَ کيس ٻين سوکڙين سان گڏ اَٽي جي هڪ ننڍي ڳوٿري به ڏني. سڪندر بادشاهه سڀ سوکڙيون کڻي، انهيءَ وڻ وٽ اچي، رسو کولي پنهنجيءَ چيلهه کي ٻڌو؛ ۽ پوءِ رسو وٺي لوڏيائين ته مٿي افلاطون ناکئن کي حڪم ڪيو، جن بادشاهه کي مٿي ڇڪي ورتو. ٿوريءَ دير ۾ سڪندر بادشاهه اچي پنهنجن ٻيڙن تي پهتو، ۽ افلاطون کي پنهنجي سير جو سڄو احوال ڪري ٻڌايائين. پوءِ ٻيڙا هاڪاري اچي پنهنجي ملڪ پهتا.

ٻئي ڏينهن سڪندر اهو اَٽو کڻي افلاطون کي ڏنو ته تون هيءُ اَٽو پنهنجي هٿن سان ڳوهي پچائي آڻي مون کي ڏي. افلاطون اَٽو وٺي، پنهنجيءَ جاءِ تي آيو. هن وٽ لقمان نالي ڇوڪرو نوڪر هو، جنهن کي هن تاڪيد ڪري اٽو ڏنو ته جلدي پچائي کڻي اچ. لقمان اٽو وٺي ڳوهڻ لڳو. اتفاق سان ڳوهيندي ڳوهيندي ٿالهه اونڌو ٿي پيو. هن اهو مٽيءَ وارو اٽو پچائي پاڻ کائي ڇڏيو، ۽ ٻيو اٽو ڳوهي پچائي، ڊڄندي ڊڄندي مانيون آڻي افلاطون جي اڳيان رکيائين. افلاطون آُهي پڪل مانيون آڻي سڪندر بادشاهه اڳيان حاضر ڪيون. سڪندر مانيءَ مان ٿورو گرهه کاڌو ته ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيس، تڏهن افلاطون کان پڇيائين ته: هيءُ اٽو اُهو ته نه آهي؟ افلاطون چيس ته: لقمان نوڪر کي ڏنو هئم. بادشاهه ڇوڪر کي گهرايو ۽ چيائينس ته: سچي حقيقت ٻڌاءِ ته هي اهو ساڳيو اٽو آهي؟ لقمان چيو ته: جيئندا قبلا! اٽو ڳوهيندي ٿالهه اونڌو ٿي پيو ۽ مٽيءَ ۾ خراب ٿي پيو، تنهنڪري اچي ڊپ ورتم، ۽ ٻيو اٽو ڳوهي سائينجن جي خذمت ۾ پيش ڪيو اٿم. اُهو مٽيءَ وارو اٽو پچائي مون هاڻ کاڌو آهي. تڏهن سڪندر چيس ته ڀلا ڇا ٿو ڏسين؟ چي سائين: ’ڪِين‘ جي شهر ۾ اوهان جي راڻي ويٺو ڏسان، ۽ هوءَ به اوهان کي ياد پيئي ڪري. افلاطون کي ڇوڪري جي واتان اهي الفاظ ٻڌي، ڏاڍو ارمان ٿيو، ۽ انهيءَ ڏک ۾ مري ويو.


*    هيءَ روايت اتر (تعلقي روهڙي) مان عبدالرزاق ميمڻ کان ملي.

*    هن ڳالهه جون ٽي روايتون مليون. ٻه وچولي مان ولي محمد طاهرزادي (تعلقو ٽندوالهيار)، ۽ برادري کيڙي (تعقلو هالا) کان، ۽ ٽي اتر (تعلقو پنوعاقل) مان محمد حسن ”مشتاق“ کان ملي.

*    هيءَ روايت حيدرآباد شهر مان شهباز علي سومري کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org