سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :2

 

متن

 

ٻاهريان قصا ۽ عشقيہ داستان

 

 

 

جَمجما سلطان**

ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته هڪڙي ڀيري حضرت عيسيٰ عليہ السلام سير جي خيال سان گهوڙي تي سوار ٿي سمنڊ جي ڀر وٺيو پئي ويو ته واٽ تي هڪڙي هنڌ اوچتو گهڙو ڇرڪي بيهي رهيو. گهوڙي جي هن اوچتي ڇرڪ حضرت عيسيٰ کي به هوشيار ڪيو [1][1} ۽ غور سان سامهون رستي ۾ نهارڻ لڳو. ڇا ڏسي ته ڪنهن آدمزاد جي، ڪن ايامن جي پراڻي ڪيپراٽي مٽيءَ ۾ لٿڙي پئي آهي ۽ ان جي اکين، ڪنن ۽ نڪ جي سوراخن مان جيتن ۽ ماڪوڙين جو سنگهرون پيون اچن وڃن. اهو حال ڏسي حضرت عيسيٰ گهوڙو تان هيٺ لهي، انهيءَ ڪيپراٽيءَ جي ويجهو ويو ۽ دل ۾ چيائين ته، سمنڊ جي هن سڃي ڪناري تي هڪ انسان ذات جي ڪيپراٽي ڪيئن آئي! هتي ويجهڙائيءَ ۾ نه ته ڪو قبرستان آهي ۽ نڪو هتان ڪو عام لنگهه آهي، جو ڪنهن اوچتي حادثي سبب هن جو موت ٿيو هجي. تنهن کان سواءِ هيءُ ماڻهو ڪير هو ۽ ڪٿي جو رهاڪو هو، هتي سندس سسي ڪيئن پهتي، اها سڀ خبر جيڪر ڪنهن طرح معلوم ٿئي ته ڏاڍو چڱو.

اڃان حضرت عيسيٰ انهي ئي خيال ۾ هو ته جبرائيل وحي کڻي آيو ۽ حضرت عيسيٰ کي چيائين ته: اي نبي نُوراني! ڪهڙي ويچار ۾ پيا آهيو؟ سيگهه ڪري پنهنجي دل جو حال مون کي ٻڌايو ته قدرت وٽ توهان جو وڪيل ٿي وڃان. حضرت عيسيٰ وراڻيو ته: جيڪڏهن هن ڪيپراٽيءَ ۾ وري ساهه پوي ته جيڪر کانئس سندس خبر چار پڇان.

وحي هي ارادو معلوم ڪري انهيءَ مهل غائب ٿي ويو ۽ وڃي خداتعاليٰ جي حضور ۾ سندس پيغمبر جي مرضي بيان ڪيائين. ربّ تعاليٰ وحيءَ کي چيو ته: حضرت عيسيٰ کي وڃي چئو ته تون انهيءَ ڪيپراٽيءَ کان پڇندين ته توکي جواب ملندو. وحيءَ اهو پيغام هڪدم اچي حضرت عيسيٰ کي پهچايو.*

الاهي حڪم ٻڌي حضرت عيسيٰ ڪيپراٽيءَ کان سوال ڪيو ته: اي هڏا، مون کي پنهنجين مڙني حقيقتن کان واقف ڪر ته تون اصل ڪير هئين، تنهنجو نالو ڇا هو، تو پنهنجو وقت دنيا ۾ ڪيئن گذاريو؟ اڃا حضرت عيسيٰ پنهنجو سوال ڪيو ته قدرت الاهي سان انهيءَ ڪيپراٽيءَ ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ هن ريت بيان ڏيڻ لڳي ته: اي وقت جا نبي، آءٌ پنهنجي وقت جو سلطان هوس، ’جمجما‘ منهنجو نالو هو، ڏاڍي ٺاٺ ۽ شان سان پنهنجي حڪومت هلائيندو هوس. منهنجي هٿ هيٺ ڪيترائي ننڍا ننڍا صوبا هئا، جن جا بادشاهه منهنجا ڏن ڀَرو هئا. ڪيترن اميرن ۽ وزيرن جي وچ ۾ آءٌ ڏينهن خواهه راتين جو محفلون مچائيندو هوس. دولت ۽ لشڪر جي مون وٽ ڪمي ڪانه هئي. باغ ۽ محلات رهڻ لاءِ هئم. سواري لاءِ طوفان کان تيز ۽ جنگي گهوڙا هئم. شڪار جو شوقين هوس ۽ ڪٿي به منزل ڪندو هوس ته منهنجو وڏي شان ۽ مان سان استقبال ٿيندو هو. تنهن تي حضرت عيسيٰ چيس ته: چڱو هاڻي ٻڌاءِ ته انهيءَ بادشاهيءَ واري وقت ۾ تو رعيت سان ڪهڙي هلت ڪئي؟ ڪيپراٽيءَ وراڻيو ته: اي نبي! مون دنيا ۾ وڏا وڏا انصاف ڪيا، غريب امير سان ساڳيو سلوڪ ڪيم. ملڪ تي ڏهون حصو محصول ٻڌم. غريبن ۽ محتاجن لاءِ ٻارهن ئي مهينا منهنجو لنگر پيو هلندو، سخائون ۽ خيراتون دل کولي ڪيم.

حضرت عيسيٰ هي احوال ٻڌي عجب ۾ پئجي ويو ۽ وري ٽيون سوال ڪيائين ته: هاڻي پنهنجي موت ۽ هن حال تائين پهچڻ جي خبر ٻڌاءِ. ڪيپراٽيءَ جواب ڏنو ته: اي نيڪ نبي! آءٌ هڪ دفعي وڏي ساز ۽ سامان، سپاهه ۽ اميرن وزيرن سان شڪار تي ويس. انهي شڪار جي شوق ۾ پنهنجي ملڪ کان پنج منزلون پري نڪري ويس. شڪار کان پوءِ جلدي وطن پهچڻ جي خيال سان تڪڙا تڪڙا واپس ورڻ لڳاسون ته اتفاق سان هڪ گڏهه، جا واٽ تي ويائي ويٺي هئي، سا اسان جي گهوڙن جي کرن سان لتاڙجي پرزا پرزا ٿي وئي. مون پنهنجي تڪبر جي ڪري انهيءَ گگدام تي ڪا ڪهل ڪانه ڪئي ۽ گهوڙن کي تئان ئي تڪڙي هلائڻ جو حڪم ڏنم* [3]. اڃا شهر کان ڳچ پنڌ پري هئاسون ته مون کي مٿي ۾ اچي سخت سور پيو. انهيءَ سور ايتري قدر ته تنگ ڪيو جو آءٌ دانهون ڪرڻ لڳس. شهر پهچڻ بعد شاهي طبيبن ۽ حڪيمن ڪئين حيلا هلايا، پر مون کي ڪوبه فائدو ڪونه ٿيو. انهيءَ سور سببان منهنجا لڱ آهستي آهستي لانجها پوڻ لڳا.، تان جو عضون جو چرڻ پرڻ، ۽ زبان جو ڳالهائڻ به بند ٿي ويو اهو حال ڏسي امير وزير ڏاڍا حيران ٿيا، ۽ محلات جون راڻيون ٻانهيون ڏک کان روئڻ پٽڻ لڳيون. هاڻي مون ۾ موت جون نشانيون بلڪل ظاهر ٿي چڪيون هيون. ٿوري وقت جي سڪرات کان پوءِ مون وفات ڪئي ۽ سڀئي عزيز، دوست، يار مون کي وهنجاري سينگاري کٽولي تي کڻي قبرستان ڏي هليا ۽ مون کي دفن ڪري واپس ويا هليا.

ٿوري وقت بعد انهيءَ انڌاري قبر ۾ اوچتو هڪڙو لڪاءُ ٿيو. ڇا ڏسان ته سامهون ٻه هيبتناڪ همراهه گرز هٿن ۾ کنيو بيٺا آهن! آءٌ انهن کي ڏسي ڊڄي ويس. پوءِ هنن منهنجو نالو وٺي ڏاڍي ڏهڪاءَ مان مون کان پڇيو ته: ٻڌاءِ تنهنجو خدا ڪهڙو آهي؟ رسول ڪهڙو آهي؟ ۽ تون ڪهڙي دين سان واسطو رکين ٿو؟ اي عيسيٰ! هنن جي هيبت منهنجون متيون منجهائي ڇڏيون ۽ مون کان بي اختيار زبان مان نڪري ويو ته، منهنجو ڪوبه خدا، رسول يا دين ڪونهي. آءٌ پنهنجي ملڪ جو پاڻ بادشاهه هوس. منهنجو اهو بيان ٻڌي اڳئين کان به وڌيڪ ڪاوڙ مان پڇيائون ته: ڀلا تو دنيا ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا؟ مون دنيا ۾ تمام سٺا ڪم ڪيا ۽ خير خيراتون ڪيون. منهنجي ائين چوڻ تي ڪاوڙجي مونکي چيائون ته: تنهنجو ڪوبه خير قبول ڪونه پيو آهي ۽ تنهنجي جاءِ جهنم ۾ آهي. ائين چئي مون کي گرز هڻڻ لڳا. آءٌ دانهون ڪري بيهوش ٿي ويس. وري جڏهن هوش ۾ آيس ته پاڻ کي هن حال ۾ ڏٺم يعني ڌڙ دوزخ ۾ ۽ سِسي هن ويران رڻ ۾. مون کي هن عذاب ۾ هڪ هزار ۽ ڏهه ورهه گذريا آهن.*

سڄي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ حضرت عيسيٰ ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ جمجما جي وري زندهه ٿيڻ ۽ ڪجهه وقت دنيا ۾ گذارڻ بابت دعا گهري. خدا تعاليٰ پنهنجي پياري نبيءَ جي دعا قبول ڪئي ۽ جمجما جيئرو ٿي اچي حضرت عيسيٰ جي اڳيان بيٺو. حضرت عيسيٰ کيس ٻڌايو ته: آءٌ خدا جو خاص بندو ۽ نبي آهيان. اهو خدا تعاليٰ سڄي جهان جو خالق آهي ۽ مالڪ آهي. هاڻي تنهنجي لاءِ بهتر آهي ته تون انهن ڳالهين تي ايمان آڻي وري مليل ڏينهن سندس عبادت ۾ گذارين [1]. جمجما اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ اتي جو اتي ڌڻي تعاليٰ تي ايمان آندائين. انهيءَ واقعي کان پوءِ جمجما خدا تعاليٰ جي عبادت ۾ لڳي ويو ۽ ستر ورهين بعد وفات ڪيائين*. اهڙيءَ طرح خدا تعاليٰ سندس سڀ ڏوهه گناهه معاف ڪري کيس وري بهشت ۾ موڪليو[2].

 

روايت [1] *

چيل محمد خان ٽالپر

 

1-      ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان سبحان،
        قادر جي قدرت جي، ڪمي آهي ڪان،
        اول جوڙيئين آدم کي، ڪري بندي باب بيان،        خاوند خاصو خلقيو، عزت ڏئي اِنسان،
        واحد وڌايو تنهن مان، جوڙيو جڳ جهان،      ڪيئن صاحب سلوڪت جا، ڪئين مورک ست نادان،        ’ڪل نفس ذائقةالموت‘، ڪيو فائق هي فرمان،       وهيو سور سڀڪنهن تي، بندي، ڀوت، حيوان، ماريو ڳڻتيءَ موت جي، آدم کي ارمان؛     ”محمد“ رهيو ماٺ ۾، ٿيو صبر جو سلطان،  وري ڪرم آندو قسمت ۾، شامل ٿيو شيطان،    بَکي ٿيو بادشاهه، دور وڏي دهمان،
        ويو وسري اجل جو، بندي باب بيان،
        سير سڏائي سڀڪلو، پاءُ نه سڏائي پاڻ،
پوءِ انهيءَ گندگمان، ميان موت وساريو.

 

2-             ميان موت وساريو، خان مثل خواب،
جڏهن وڃين جهان مان، نيڪيءَ ساڻ نواب،
پوءِ سڏائج پاڻ کي، ادا! تون ارباب،
        پورا ڪنهن نه ڪيا، ڪاتب هٿ ڪتاب،
ويا وساري وسيلا، ٿي هيڻا هيٺ حساب،
کاڄ کوراڪون ماکيون، آهن قيما قُوت ڪباب،
ڇانون منجهه ڇٽڪاريو، عطر آب گلاب،
”محمد“ هن مهراڻ ڪيا، سوين غرق غراب،
ڪٿي بادشاهي بهمڻ جي، ڪٿي رستم سندو تاب،
ڪٿي سلطاني سڪندر جي، ڪٿي سورهيائي سهراب،
ماري موت تنين کي، ڪيو خان خراب،
پوءِ بنگلا جنين باب، واريءَ وڇاڻا تن ٿيا.

 

3-     واريءَ وڇاڻا تن ٿيا، هئي وهندڙ واٽ سندن،
        ميان! ڪنهن کي موت کؤن، مليو ڪين امن،
        هرگز هلندو ڪينڪي، توسان توڙ تمن،
        وبا وساري وسيلا، جاڙ ڪري جوين،
        ست لک سالار، سرهيءَ سيج بندن،
        مکيو تيل ڦُليل جو، واس عطر وارن،
        ويا خالي خان هٿن، ورثي وارث ٻيا ٿيا.

 

4-     ورثي وارث ٻيا ٿيا، ويا ورهين ويچارا،
        خان نه رکندءِ خبرون، جي تو هئا پسند پيارا،
        ويا ڪري پتيون پاڻ ۾، اهي مهري متارا،
        رهندء وڃي راڄ ۾، نيڪيءَ نظارا،
        هتي دُنگ وڏا دارا، ويا مري ڪل مقام ۾.

 

5-      ڪُهنيون ڏٺيم قبرون، ميان! منجهه مقام،
        ڪڇن نڪي پڇن سي، سڏئي ڏين نه سلام،
        وين ذات زبون ٿي، نيڪي سارو نام،
        هئي صورت سهڻي جن جي، سي کائي ڪيا خاڪ کلام،
        جي هئا عالم منجهه امام، ڌرتيءَ داخل سي ٿيا.

 

6-     ڌرتيءَ داخل سي ٿيا، هتي لک هزار،
        مورک انهي ڳالهه جو، توکي ناهي اعتبار،
        قصو ڪريان ٿو هڪڙو، سڻ گوش ڏيئي گفتار:
        ڪنهن واري ڪامل هو، نيڪ نبي نروار،
        ’عيسيٰ‘ نام انهيءَ جو، هو عالم ۾ اظهار
        قدرتي تنهن ڪامل کي، تخت مليو ٿي تيار،
        زماني ۾ زور هو، ڪامل سِر ڪفار.
        حضرت هڪڙي ڏينهن جو، چڙهيو شوق شڪار،
        ڪاهيو ڀر درياءُ جي، آيو راهه وٺي رفتار،
        سمنڊ سونهاري ڇرڪ ڀريو، هڏ ڏسي هيڪار،
        چِڙي چابڪ واريو، سمنڊ تي سردار:
        ’ڪهڙو ڏٺئي ڏينهن جو، هن واٽ ويندي ويچار؟
        مالڪ سمجهيو ڳالهه کي، دانَهه ڪري ديدار،
        هڏ ڏٺائين هڪڙو، ڪو ڌڙ سوا پيو ڌار،
        پوءِ چوريو تنهن چوڌار، مٿو آهي ڪنهن ماڻهوءَ جو.
7-     مٿو آهي ڪنهن ماڻهوءَ جو، رکندڙ مٿي راهه،
        نڪي غم غلام جو، نڪي صورت ثاني شاهه،
        مٽي مڙئي هڪڙي، آئي نبي نيڪ نگاهه،
        سوين سوراخون سِر ۾، جيون جوڙي جاءِ،
        ڪيئَن کائي هڏ کي، طرحين تُن ڪيا،
        نڪ نشانيون ضعيف ٿيون، اکين جوت جهَڪا،
        گوش گسي نابود ٿيا، جو سڻندڙ بات صفا،
        موتيءَ مثل ڏند هئا، جي وِرسي وات ويا،
        لب لالايون گهٽ ڪيون، ساڙي رنگ سياءِ،
        ڌڻ ڌڪيندي ڌوڙ ۾، پيو ڦيري هڏ فنا،
        پو عبرت ۾ عيسيٰ حضرت ڏسي هڏي کي.

 

8-     حضرت ڏسي هڏي کي، خاطر رکيو خيال،
        جيڪس جيئري جڳ ۾، ٿيو بندي هٿ بطال،
        ڪندڙ نيڪ نياز هو، يا ظالم زور زوال،
        هو ڏيوالو ڏيهه ۾، يا وڏي وياءَ عيال،
        سُڃو سر هو هڪڙو، يا ماڳ گهڻي سين مال،
        رکندو راهه مسافر هو، يا عزت وڏي اقبال،
        پوءِ هڏي ڏسي حال، لهي وير ويهي رهيو.

 

9-     لهي وير ويهي رهيو، خيال رکي خاطر،
        مون کي هن مذڪور جي، ڪل نه آهي قادر!
        هڏ ڏٺو هوم، هڪڙو، سڃو آدم سر،
        مرد اميري جو آهي، نام ڪهڙو نادر،
        سٺو ڪين زمين سو، پنهنجي پيٽ قبر،
        جيڪس هن جهان ۾، بندي ڪيا بانور،
        مارايو ”محمّد خان“ چوي، توڙ تنين کي تڪبر،
        پوءِ پڇان خاص خبر، سسيءَ انهيءَ ساهه پوي.

 

10-    وحي واحد موڪليو، جُودؤن جبرائيل،
        آيو اڏامي عرش تؤن، تاري جيئن تعجيل:
        ’مون کي توڏانهن موڪليو، آهي ربّ جليل،
        سڻاءِ مون کي ڳالهڙي، سندي دل دليل،
        پوءِ وري ٿيان وڪيل، وڃي صاحب سُڌ سڻايان،.

 

11-    ’ڀلي ڀلي آئين، وحي واحد جا،
        هڏ ڏٺو مون هڪڙو، هي رلندڙ مٿي راهه،
        تعجب ٿيڙم تنهن جو، اوسيڙو ارواح،
        ڪهڙين ڳالهڙين ڪاوڙيو، باري بيپراهه؟
        پوءِ سِسيءَ پوءِ ساهه، پڇان حقيقت هڏي کان‘.

 

12-    ويو اُڏامي واءَ جيئن، عرش مٿي اسرار،
        وڃي سڻايو واحد کي، عيسيٰ جو اظهار:
        رُلندي مٿي راهه آهي، مِسو منجهه سنسار،
        ڏسي عيسيٰ ان کي، ويٺو منجهه ويچار،
        پوءِ دل اٿس درڪار، هڏي حال پڇڻ جي.

 

13-    ’ترس نه ساعت هڪڙي، کڻ پانڌي! پروانو،
        منهنجو ڏي محبوب کي، وڃي ثابت سامانو،
        موڪل توکي مير ملي، حڪم حقانو،
        چئو ظاهر زبانو، سسي توسان سُڌ ڪري‘.

 

14-    بيهو ڀر سسيءَ جي، پڇي سِرّ سجان:
        ’ڪير اصل جي آهين، ڪهڙي جنس جوان،
        ڪهڙا ڪم ڪمايا تو جيئري منجهه جهان،
        هيئن صاحب سلوڪت جو، يا مورک مت نادان،
        هئين ملا مسيت جو، يا تخت ڌڻي سلطان،
        ڪر ڪيپراٽي بيان، اصل ڪنهن جي آهيين؟،

 

15-    اُلٽي آپ اکين مان، نيڻين وهايئين نار،
        پيو ساهه سسيءَ ۾، حڪم سين هيڪار.
        ’ڪهڙا ڪامل ٿو پڇين، وِڌ مون کان ويچار،
        قصو ڪريان هڪڙو، سُڻ گوش ڏئي گفتار،
        ڀاڳ وڏي هئس بادشاهه، ۽ ملڪ ڌڻي مختيار،
        مشرف مغرب وچ ۾، نالو مون نروار،
        آندم ڪڏهن ڪونه ڪو، ڪنهن آدم تي اختيار
        ديس سندو دستار، هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.
16-    هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو، عالم منجهه اخوان،
        نبي! نام منهنجو هو، ’جمجما سلطان‘،
        ڪئين ته مون وٽ ڪيترا، هئا صوبائي سلطان،
        بادشاهه بلخ، بخارا، ڪل زمين ڪستان،
        پڇيم، پورب، پارڪر، موهن ۽ ملتان،
        حڪم ساري سنڌ تي، دهڪو منجهه دهمان،
        پوءِ اهڙي سان طولان، هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.‘
17-    عيسيٰ پڇي اُن کان، پارس اهڙي پر:
        ’ڏي مون کي ڏيهه جي، تون پنهنجي خان! خبر،
        گهڻا توسين گڏ هئا، گهوڙا ۽ لشڪر،
        هاڻي ظاهر زبانون ڪر، وير! وڏائي پنهنجي.‘


18-    ’پهريون بيان منهنجو، تون ڪامل ڪجئين ڪن،
        ڪئين ته مون وٽ ڪيترا، مجلس منجهه ويهن،
        جيڏا جوڙ جوان هئا، ۽ صورت ثاني سن،
        گلم غاليچا ريسمي، ۽ پٿر پٽ پون،
        عطر عود عنبير جا، مشڪي مينهن وسن،
        سرندا ساز سرود هئا، ۽ شرنايون شرطن،
        ويٺي ڪچهرين وچ ۾، مون کي سوين سج لهن،
        پوءِ اهڙي شان شهن، هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.

 

19-    ٻيو بيان منهنجو، سالڪ سُڻ سلطان!
        ڪئين مون وٽ ڪيترا، گهورا ۽ گهمسان،
        چڙهيو چئني طرن تي، ڪُڏايم ڪهڪان،
        ڪونه اُڏي ٿي آئيو، صوبو يا سلطان،
        مڃائي ”محمّد خان“ چوي، ٿم فرقؤن منجهه فرمان،
        اهڙيءَ پر پهلوان، هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.

 

20-    ٽيون بيان منهنجو، سالڪ! سُڻ سجان،
        ڪيئن ته مون وٽ ڪيترا، جنگي هئا جوان،
        سورنهن لک سولجر هئا، پندرهن لک پٺاڻ،
        چوويهه لک چنائي هئا، يارهن لک يونان،
        ٻارهن لک ٻروچ هئا، وڏا سي اخوان،
        ڪري سڻايان ڪيترا، آءٌ ساراهي سبحان،
        مور ملڪ کان گهڻا هئا، اڳ منهنجا انسان،
        پوءِ شاهه اهڙي سين شان، هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.

 

21-    چوٿون بيان منهنجو، عيسيٰ! سڻ اظهار،
        ست ويهون سوڍين جون، جي ناز ڀريون نار،
        رهن راڻيون روءِ برابر، ڪريو ڪونج قطار،
        چوڏس سونهن چنڊ کي، جيئن تارا ٻڌيو تار،
        ڪن تواضع قرب منجهان، جيئن گولين منجهه گفتار،
        پوءِ اهڙي سين اظهار، هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.

 

22-    صاحب! منهنجي ڳالهه جو، پنجون هيءُ بيان،
        چوڏهن سؤ چوڪيدار هئا، در مٿي دربان،
        پنج لک پيش پڙهيل هئا، ۽ دفتر تي ديوان،
        ست لک سپاهي هئا، زنگي زور جوان،
        وڄي نوبت نادري، ۽ نغارا نيشان،
        ڏليا ڏونگر ڏيهه تي، جتي منزل ڪيم ميدان،
        ڪاري واري ڪٽڪ کان، عرش چڙهي آسمان،
        پوءِ اهڙي پار پهلوان، هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.

 

23-    ڇهون بيان منهنجو سالڪ! سڻ سردار،
        ست سؤ هئا ڪتن جا، جي ڪارڻ شوق شڪار،
        بحري باز لغڙ هئا، ۽ مرغ پکي پرمار،
        ڪن تماشا ترمچون، چرغ ڏيئي چوڌار،
        ويا مڙيوئي ’محمد خان‘ چوي، گهور پسيو ٿي گهيوار،
        ڪانه جهلي ٿي چانور، منهنجي تاب پسي تلوار،
        پوءِ دانهن هنن ديدار، هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.

 

24-    ستون بيان منهنجو، عيسيٰ! ڪج ويساهه،
        بيحد رکبم بورچي، جي رڌين ٻوڙ پلاه،
        هر ڪنهن وقت سيل هئي، ماني ڪنهن نه مناه،
        ويا پُر پينار ٿيا، دعا ڪندا درگاهه،
        پوءِ هئس خلق سندو خيرخواهه، مالڪ پنهنجي ملڪ جو.

 

25-    ’هئين مالڪ پنهنجي ملڪ جو، عالم منجهه امير،
        آيو ازل اوچتو، ويري وڏو وير،
        جمعيت آيئي جان کي، جان ويندئي ساهه سرير،
        ويو اُڏامي واءَ جيئن، يا توڙ تکي تفصير،
        ٻريا ٻارڻ توتي، يا کل خوشيءَ سان کير،
        پوءِ موت سندءِ هي مير! ڏي حقيقت هن حال جي؟‘

 

26-    ’ڪري خيال خوشيءَ جو، چڙهيس شوق شڪار،
        سوڍن گڏ گهوڙا هئا، ٻيا هاٿين تي هسوار،
        تازي ڪتا ڪيترا، خاصا خونخوار،
        بحري باز لغڙ هئا، پر مرغ پکي پرمار،
        ڪن تماشا ترمچون، چرغ ڏيئي چوڌار،
        ڪيهر ٻيلائي ڪيترا هئا، چيتا شينهن چوڌار،
        سانجهيءَ وقت قرار، منزل اچي مير ڪيم.

 

27-    منزل اچيو مير! ٿي طرحين گهرايم طعام،
        ٻوڙ پلاءَ پڪوان هئا، ۽ تازا ترت تمام،
        پيتم شاهه شراب پئي، جنس مٺا تت جام،
        ويهي وڄايائون ويجهڙا، تانسين تمام،
        سمهجيو سيج پلنگ تي، عيسيٰ ڪيم آرام،
        پوءِ ستي کِٽ گلام، پيو سامهون سور مٿي ۾،

 

28-    پيو سامي سور مٿي ۾، جنهن بيحد ڪيو بيزار،
        ڦٽو سک سرير جو، سيج مٿي سردار،
        ويهڻ ويتر وڌ ٿيا، مٿي سور هيڪار،
        لڳي باهه بدن کي، چڻنگ هئين چوڌار،
        ظاهر بت صغيف ٿيو، نيڻين وهايان نار،
        ڪاهي آيس ڪڙم ۾، درد وڏي درڪار،
        پوءِ وسريا شوق شڪار، موٽي آيس ماڳ تي.

 

29-    موٽي آيس ماڳ تي، سڏايم سپاهه،
        جي وير ويهندا هئا مون وٽ، دلاور داناهه،
        ڪارڻ وِڌ وڄاء جي، کڻندڙ رات به راهه،
        بابت طبي تاءُ، ڏيندڙ روز ڏهاڻ هئس.

 

30-    ڏيندڙ روز ڏهاڻ هئس، تن کي مير مدام،
        چڱا ڪپڙا قيمتي، ۽ خلعت خاص انعام،
        رکيو زور ذهن تي، ۽ مٿي طب تمام،
        ڦڪلي فرق نه ڪري، اثر سور اندام،
        پوءِ ويران وير وريام! وڌندڙ سور سرير ۾.

 

31-    وڌندڙ سور سرير ۾، جانِ ڦِٽي جميعت،
        ويچارن وڏيون ڪيون، هزارين حڪمت،
        هليو نه ڏس ڏاهن جو، جڏهن ڪَڻ کُٽا قسمت،
        لکيو منجهه لکت، ڪنهن کان اکر نه اُڪلي.

 

32-    ڪنهن کان اکر نه اُڪلي، وڏا ڪيائون وس،
        توڙئون نه پئي طبع تي، ڏاهن سندو ڏس،
        مالڪ لکي مس، ڪنهن کان اکر نه اُڪلي.

 

33-    ڪنهن کان اکر نه اُڪلي، لکيو قلم قهار،
        آيو اجل جنهن مٿي، تنهن دم ٿيندو تيار،
        ڪهڙي لڳت ڪانڌ کي، پئي راڻين منجهه پچار،
        قادر اسان جي ڪانڌ جي، ڪر جهجهي جام ڄمار،
        صاحب ربّ ستار، سڻج سوال بندي جا.

 

34-    سڻج سوال بندي جا، آهين ربّ اعليٰ،
        تو وٽ ڪنهين ڳالهه جي، ڪمي نه آهي ڪا،
        هادي! اسان جي حال تي، تون رحم ڪجان ڪو راء،
        ويو آهي سڪي ساه، ويندي ور هٿن مان.

 

35-    ويندي ور هٿن مان، پيو آهي مُنجهي من،
        بعد منهنجي ڀر ۾، سوڍيون سڀ ويهن،
        کڻيو هٿ خدا ڏي، دلئون دعا گهُرن،
        ور ڏيو ايئن چون، اسين مُيون مڙيئي گهوريون.

 

36-    مُيون مڙيئي گهوريون، تڳون جنهن جي تات،
        لک لٽايون ڪينڪي، خزانا خيرات،
        پيو قبول ڪونه ڪو، ذرو ظاهر ذات،
        ڏسندي ملڪ الموت کي، ساهه لڳي سڪرات،
        وائي نه وري وات، ڪا لڳي مُهر زبان کي.

 

37-    لڳي مُهر زبان کي، ٿي هيڻائي هڏن،
        منهن مان مادر کير پيو، چُري منجهه چپن،
        چاٻي مثل چيچڙي جيئن، ڪانجهيءَ تيل ڪڍن،
        پيو ولوڙو بت ۾، جيئن مَٽِي مانڌاڻن،
        ڪندي قصو موت جو، ٿا ڪامل! هڏ ڪنبن،
        هڻي ويو هٿن، ڦِري ڦوڪارو نه وريو.

 

38-    ڦري ڦوڪارو نه وريو، باقي رهيو بُت،
        رات رکيائون هڪڙي ڪري امانت اُت،
        سڀئي سرهيون سڃ ٿيون، والي! انهيءَ وقت،
        وڄيا ڊڍ ويڙهي ۾، تاج ڪري پيو تخت،
        ڪم نه آيڪ ڪجهه اُتي، مال مڏي ملڪيت،
        ڪامل هليو ڪينڪي، ڀيڙو ساڻم بخت،
        ڏيئي تڙ ترت، کڻي رکيائون کٽ تي.

39-    کڻي رکيائون کٽ تي، سهجئون ڏيئي سيگار،
        مشڪ مليائون مڙهه کي، عطر عود انبار،
        تنهان پوءِ کڻي هليا، لاهي مرد ميار،
        بينسر بولو ڪيوٽيون، ڇنئون ڪن ڪپار،
        پيو روڄ راڻين ۾، ڇنئون هيرا هار،
        سڀ ٽوريائون ”ٽالپر“ چئي، چوئا چندن هار،
        دانهن! هن ديدار، سي مئي پڄاڻان مون ڏٺا.

 

40-    مئي پڄاڻان مون ڏٺا، ڄاتم ائين ڄام!
        کڻي رکيائون کٽ تي، منهنجو مڙهه مقام،
        ڌرتيءَ داخل تَن ڪري، ڏيئي ڏڪ تمام،
        پلٽي وڌائون مُنهن تي، واري تت وريام،
        ڀائي ڀيڙو ڪونه ٿيو، گڏجي ساڻ غلام،
        مئي پڄاڻا ”محمّد خان“ چئي، ڇنئون سڱ سندام،
        واويلا سڀ سلام، تڏهن عيسيٰ! پليم آسرو.

 

41-    عيسيٰ! پليم آسرو، وارث ڪن نه ور،
        جهڙو آيس هيڪلو، واٽ وٺي ٻيهر،
        ڪاهي آيس ڪرم ۾، هادي رات حشر،
        ٻرندڙ شان شمع هئا، تجلا شمس و قمر،
        واءَ هڻايم وڃڻيون، جام ڇٽاريم جر،
        تن مان آيم ڪانڪا، نبي! هيڪ نظر،
        ڀِتن آڻي ڀيڙ ڪئي، چوطرفي چوڌر،
        جهڙو آيس هيڪلو، پسان سڃ سفر،
        اچي اوچتو ٿيو، ڪڙڪو منجهه قبر،
        هاڻ ڳهلا! ڇڏ ڳهر، اک اُپٽ، اُٿ آدمي.

 

42-    اُٿيس منجهان تاءَ جي، نيڻين ڪيم نِهار،
        ويٺا منهنجي ڀر ۾، سورهيه به سردار،
        پهرين پڇيائون مون کان، نام وٺي نروار،
        مهندان تنين مون ڏنيون، ورنديون ساڻ ويچار،
        مٽجي ملهه بيٺا سي، وڙهڻ لاءِ وينجهار،
        آءٌ پهرئين سين پورو ٿيس، هَنيئون هٿ هزار،
        دانهون ۽ ڪوڪون ڪيم، سڏ وڏا سردار،
        ڪم نه آيم ڪجهه اتي، ياري يارو يار،
        عيسيٰ! انهيءَ وقت کان، رکي رکڻهار،
        محڪم ڏيئي مار، ڀورا بُت ڪري ڇڏيئون‘.

 

43-    ’جني توکي ماريو، سي ڪهڙي شان شڪل،
        ڪونه ويڙهايئي تن سان، افلاطون! عقل،
        ڪهڙيءَ ڳالهه ڪاوڙيا، اچي ڪيائون خلل،
        اٿي اويان انهن جي، ڪَيئي وات وِلهل،
        پوءِ مٽجي بيٺا مل، مارڻ خاطر تو مٿي‘.

 

44-    ’مارڻ خاطر مون مٿي، تاب ڪيائون تاءُ،
        وسهين ته چپ سُڪي ويا، عيسيٰ! ان اڳيانءُ،
        ويٺو پن پناهه، تون عيسيٰ! انهي وقت کؤن‘.
45-    عيسيٰ پڇي ان کان، پارس اهڙي پچار،
        ’ڪير اُهي هئا آدمي، ڪهڙي ڪيائون ڪار،
        جي پڇئين ٿو پار، سي چِٽا چئو تون آدمي!‘

 

46-    چٽا چوندس توسين، صاحب! سڀ سخن،
        مڻيادار ”محمّد خان“ چئي، صورت هئي سندن،
        دهشت مثل ديون جي، وات وڏا واڳن،
        تکا ننهن ترار کان، چِيٽا زور چنبن،
        اکين اُلرون ان جون، سورهيه نه گهُور سهن،
        واتئون واسينگن جي، باهيون ٿيون ڀڙڪن،
        ڪَنان ڪوٽ ڪرن، پهرين پرلاءَ پٽ مٿي.

 

47-    وري پڇيو ورنهه، سالڪ سخن سسِي کان:
        ’جود برابر جوان هوئين، دولتوند دانا،
        ڪهڙي ريت رعيت سين، سالڪ سک ڪياء،
        ڀڃي رضائون راڄ جون، مِٺي ڪيئي مايا،
        قياس نه آندءِ ڪنهن مٿي، تو آڏا پيش پيا،
        ڊپ وڌوئي ڊاءُ، ڪيئي ٿي پيٽ پُورائي پنهنجي؟‘

 

48-    ’عيسيٰ! آدمين تي، مون وڏا سک ڪيا،
        ڏهون ڀاڱو ڏيهه تي، رسم ٻڌم رعايا،
        ڪين کپايم ڪنهن جو، زياده پاڻي پاء،
        شرع شريعت حق جو، نبي! ڪيم نياء،
        جيئري هر ڪنهن جاءِ، ڪين ايذايم آدمي‘.

 

49-    ’ڪين ايذايئي آدمي، جيئري منجهه جهان،
        مَلڪ موڪليا توڏي، خبر خاطر خان،
        تن اچي ٻَڌو تو مٿي، جوش وڏو جولان،
        ڏي سبب بات بيان، توکي ملڪن ڇو ٿي ماريو؟‘

 

50-    ’بات پڇيائون مون کان، پهرين هيءَ پچار،
        ’من ربڪ و مانبيڪ و مادينڪ‘ اهو ئي اظهار،
        گهوٽ! ڪيئون گفتار، پهرين پڇاڻو مون کان.

51-    پهرين پڇيائون مون کان، اُت وري عيسيٰ!
        بخت نه مون ڀيڙو ٿيو، هادي! تت همراهه،
        نڀاڳي توڙ تائين، مون کي گند ڪيو گمراهه،
        ويم واتئون نڪري، اول ڳالهه اها،
        نٿو سڃاڻان نبيءَ کي، آهي ڪير الله،
        آهيان پنهنجي ملڪ جو آءٌ بادشاهه،
        سڻندي اها ڳالهڙي، اٿيا منجهان اُٺاءَ،
        هنيئون گرز غضب جا، ڪهل نه ڪيائون ڪا،
        ڌڙ وڌائون دوزخ ۾، سسِي مٿي راهه،
        ڪاٽيندي هن قافلي کي، نَو سؤ ورهيه ٿيا،
        ٿيءُ پشت پناهه، حضرت! منهنجي حال جو.

 

52-    حضرت منهنجي حال جي، ڪر پارس! پوئواري،
        سورن جي مون مٿي وري وئي واري،
        ڇڏائي مون کي ڇيهن کان، ڪر صاحب! سرداري،
        مون مڃي ساري، ڪامل قدرت تنهنجي‘.

 

53-    ’قدرت مڃ تون قادر جي، جو صاحب ربّ ستار،
        خاوند توکي خلقيو، آهي صاحب سندي سنسار،
        پڙهه توبهه، ڪر ويساهه، مٿي جوڙ جبار،
        رکي آپ امن ۾، ڏک ڪنان ڏاتار،
        آڻ ايمان مون مٿي، آهيان نيڪ نبي نروار،
        آهيان آءٌ الله جو، خاص بندو درٻار،
        گهران باب تنهنجي ۾، سوال ڪنان سردار،
        توتان ڏک ڏوهار، مالڪ کڻي معاف ڪري.‘

 

54-    سسيءَ آندو سيگهه ۾، عيسيٰ تي ايمان،
        قدرت مڃيائين قادر جي، ربّ آهي رحمان:
        ’نيڪ نبي تون آهين، خاص برابر خان،
        ’لاالٰہ الالله عيسيٰ روح الله‘، چيائين ساڻ زبان.،
        پيو ساهه سسيءَ ۾، ٿيو امر سين انسان،
        اٿي ويٺو آدمي، سو جمجما جوان،
        ڏني مبارڪ خير جي، جمجما سلطان:
        ’مليئي ڀاڱو خير جو، ٿئين جيئرو منجهه جهان،
        نه ته محشر روز مڪان، هئي جهنم جاءِ تنهنجي.

 

55-    روز حشر تائين هئي، جهنم تنهنجي جاءِ،
        توڙي تفصيرن توکي، ڪيو غفلت ۾ گمراهه،
        چاڙهي چوٽيءَ تائين، جيئن ملهه دسي داناءُ،
        هن روءِ مٿي راهه، ڪئين سوين خان کپي ويا‘.

 

56-    ڪئين سوين خان کپي ويا، حاذق هت هزار،
        توبهه تسبيح پيو پڙهج، ڪنبج ڀر قهار،
        ڪي ڏهاڙا قدرت سين، بخشيا بخشڻهار،
        دانهن پنهنجي دل ۾، ياد ڪندو هو يار،
        نيٺ فنا ڪيائين تنهن کي، ٻول مٿي ٻيهار،
        جنّت جاءِ جمجما کي، ڏان ڏني ڏاتار،
        جوکو ناهه جهان کي، جنهن جو محمّد آهه مختار،
        ڪلمي ساڻ قرار، عالم ڪل آجو ٿيو.
                لا اِلٰہ اِلاالله محمد رسول الله

 

روايت [2] *

چيل جمعو ٻارچ

 

1-      ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان سرور،
چڙهيو شاهه شڪار ٿي، راهه وٺي رهبر،
ڪاهيو آيو ڪٽڪ سان، هنيو نعرو نر،
هن بانور هو بادشاهيءَ تي، ڪانه ڪيائين ڪا نيڪ نظر،
ڪٿي شان سڪندر جو، ڪٿي دارا سندو در،
ڪٿي اقبال اڪبر جو، ڪٿي نوشيروان نر،
قسمت ساڻ ڪڻڪ ۾، ڦاٿو اچي هو ڦر،
سو ويو پيرن ۾ پرزا ٿي، جال وهائي جر،
جمجما تي ”جمعو“ چئي، ڏمريو اچي ڏاتر،
وهايو آگي انگ اکر، سورن جو سطان تي.

 

2-     سورن جي سلطان ڪئي، طبيبن کي تار،
هزارين حڪيم آئيا، ويٺا ويڄ به ڪن ويچار،
ڪنهن جي ڦڪي فرق نه ڪري، لکن لک هزار،
سورين ان کي سانگهيئڙا ڪيا، بيماريءَ ڏناهئس بار،
روئي ۽ ريهون ڪري، نيڻين وهائي نار،
قضا سان ڪٽڪ ۾، لوڙي پيو هو لار،
سو ويو پيرن ۾ پرزا ٿي، مٿان ڏٺو پئي ڏاتار،
جمجما تي ”جمعو“ چئي، ڀلي جي ٿي ڀُلڪار،
قلم لکيو قهار، هاديءَ پنهنجي حق جو.

 

3-     هادي پنهنجي حق تي ظاهر ظهورا،
        مغز سور مٿي جا، کُتس اچي کورا،
        ڪيئين لاڏاڻو لوڪ مان، ڇڏيئين سانگ سمورا،
        جمجما جا ”جمعو“ چئي، ڪيئين پساهه پورا،
        ڇڏي تخت طهورا، دانهه هليو دنيا مان.

 

4-     دانَهه هليو دنيا مان، ڇڏيئين خزاني جون کاڻيون،
        ڪيئين لاڏاڻو لوڪ مان، ڇڏيئين رس به رهاڻيون،
هزار حرم حاڪم جا، سي ور بنا ويڳاڻيون،
ڏاهيون ان ڏکن ۾، ٿيون آهن سورن ۾ ساڻيون،
جمجما لاءِ ”جمعو“ چئي، روڄ به ڪن راڻيون،
ڏئي پَٽ سنديون پهراڻيون، کنيئون ميّت مقام ڏي.

 

5-      کنئون ميّت مقام ڏي، ڪانڌي هليا ڪاهي،
کٽولو تنهن خان جو، هليا عاشق اُڏائي،
آڻي ڪاڪ ڪنڌين تي، رليئون لاهوتي لاهي،
وجهندا منهن مومن جي، جنهن ڪيئن ڇڏيا آهن خونياڻيءَ کپائي،

 

6-     آيا هئا ڪانڌي ڪاڪ تي، ڍولُ رکن ٿا ڍاري،
اڳي ته سيگاري کنيئون سيج تي، وير به وهنجاري،
لڳي ويس مهر زبان تي، هاڻ سڄڻ پيو ساري،
آندائون مير مقام تي، رکيئون قبر ڪناري،
خان رکيئون کرڪ ۾، سهڻو سمهاري،
جمجما کان ”جمعو“ چئي، ملائڪ پڇن ٿا ماري،
ڌوڙ مٿان ڍاري، وريا ڪانڌي ڪاڪ تان.

 

7-     وريا ڪانڌي ڪاڪ تان، واري ڏئي ونگ،
هاڻ سسيءَ کي سال ٿيا، رڙيو وٺي رند،
نڪي ڄاڙيون ڄام کي، نڪي ڏاٺون ۽ ڏند،
نڪي نارا هئس نڪ جا، نڪي ڪَنَ ڪهنگ،
نڪي هٿ پير حبيب کي، نڪي ٻانهون ٻنگ،
سوين ته سلطان جا، راڄن ڏٺا هئا رنگ،
جمجما کي ”جمعو“ چئي، سورن ڪيا آهن سنگ،
ڇڏيو پٽَ پلنگ، پيو آهي مير مٽيءَ ۾.

 

8-     پيو آهي مير مٽيءَ ۾، گهوٽ ڇڏيا آهن گهر،
ڌڙ ڍڪيئونس ڌوڙ ۾، ڪري قابو منجهه قبر،
پَهريا مال پٽن تي، وڏا وڳ ولر،
سِسيءَ تي مير جي، وهٽن ڏنا آهن ور،
کنيو اچنس کُرن ۾، ڏيو منجهان ٿر،
سو پيو هو ڀر سمونڊ جي، ڪنڌيءَ پاس ڪپر،
ٻئي آيو گوهر گس وٺيو، پيس نيڪ نظر،
عيسيٰ اتي علم جا، پڙهيا انجيل مان اکر:
’وجهه ساهه سِسيءَ ۾، پاڪ ڌڻي پرور! ته پڇانس حقيقت حال جي، من ڪري خوب خبر.‘
جمجما کان ”جمعو“ چئي، سڏي پڇيو سرور:
’سائين! وڏي ساڻ وڳر، هوس تالابين تخت تي‘.

 

9-     ’هئين تالابين تخت تي، ته کڻي خبر ٻڌائينم خان!‘
چيائين نَوَ لک نانوائين جا، هئا پچائيندا پڪوان،
ڪئبن هاٿي هنبارين ۾، هئا جالورا جام،
ڪئين قناتون ڪيتريون، هئا طنبو مون وٽ طولان،
نَو لک نغارچن جا، هئا وڄائيندا نوبتون نيشان،
ڪارهن لک قيصر جا، صوبا مون وٽ سلطان،
چڙهيو هوس شوق شڪار تي. طبل ساڻ طوفان،
ڪئين فوجون مون مان قائم هيون، جُنگ ڀليرا جوان،
اچي لڳيم لهر لڱن تي، هينئين ڇڏيم هام،
وڻن ڪين وجود کي، ۽ تن اندر کي طعام،
ڪئين ڪم هئم دنيا جا، تن جي ڪل پيم ڪاڪان،
جمجما جهڙا ”جمعو“ چئي، ڪئين ڇڏي ويا ملڪ ماڳ مقام،
انهيءَ گس گمان، مون کي عيسيٰ گڏبو آهين امرسين.

 

10- عيسيٰ گڏيو هوس امر سان، ٿو پارس ٻڌائيس پار:
’سوين مون وٽ سونارا هئا، لکين مون وٽ لُهار،
ڪئين قلعيگر ڪيترا، مون وٽ کَٽي خبردار،
ڪئين وير واڍا هئا، مون وٽ نر چاڙهيندا نار،
ڪئين اڪابر عقل جا، هئا ڪاريگر ڪنڀار،
ڪئين موچي مينگهواڙ هئا، ڌوٻي مون وٽ ڌار،
ڪئين واپاري واڻيا، هئا هندو لک هزار،
ڪئين بانڪا برهمڻ هئا، پڙهيل پوٿيندار،
ڪئين غريب رهندا هئا گسن تي، ڪاهي مهري اُٺ متار،
لکين تن ۾ لاڏُو هئا، ٻيا باري کڻندا هئا بار،
ڪئين جت جواب هگئا، ڪوپا سڀ قنڌار،
گوهر گلس وٺيو آيو، ڪنهن ڏينهن ساڻ ڪٺار،
مير! ڏٺا هئا ماڪوڙين جا، هڏي منجهه هزار،
ڪيڙين کائي ڪيترا، ڪيا هئا نيش نهار،
جمجما تي ”جمعو“ چئي، پوءِ ڪئي ڪاهه قهار،
ايڏي ساڻ اختيار، مون کي عيسيٰ گڏيو آهين امر سان.،

 

11-    عيسيٰ گڏيو هئس امر سين، ٿو پڇيس پار،
ڪيو هئائين عرض الله کي، تو وڏو آهي سسيءَ ۾ ساهه سنّار،
پڇانس ٿو حقيقت حال جي، گويا ڪري ٿو گفتار:
هزارين مون وٽ هاٿي هئا، جوڙ وڏي جنسار،
ڏهه لک ڏڦيرن جا هئا، شڪاري ڪندا شڪار،
پنڌرهن لک پهلوانن جا هئا ڪُشتي ڪندا قنڌار،
ڪئين ملان مسيتن ۾، هئا ٻانگا پاڙهيندا ٻار،
ڪئين حافظ هئم قرآن جا، قاضي قضادار،
ڪئين ڦيريدار فقير هئا، مون وٽ منگتا مڱڻهار،
ڪئين اڪبار عقل جا، هئا، وير وڏا وينجهار،
ڪئين بنگلا وڏي بنياد تي، هئا درين تي ديدار،
ڪئين پخالي پاڻي ڀري، ڪندا هئا ڇوهه منجهان ڇٽڪار،
هڪڙي ڏينهن آءٌ گوهر گس وٺيو، آيس ڪاهي ساڻ ڪٺار،
مون دانَہَ! دليل ڪيو، ته مون جهڙو ملڪ ۾ ڪونهي خليفو خلقڻهار،
تڏهن جمجما تي ”جمعو“ چئي، ڪئي ڪاهه قهار،
قدم کنيم ٻٽي چار، اچي ڪڙڪيم سور ڪاپار ۾.

 

12-    ڪڙڪيم سور ڪاپار ۾، هئا ساٿ به مون ساڻ،
آءٌ مالڪ هوس ملڪ جو، مون کي ڪنهن جي ڪانه هئي ڪا ڪاڻ،
راتو ڏينهن راڻين سان، ڪندو هوس راجا روح رهاڻ،
جڏهن ايندو ڪوٺائو ڪريم جو، تڏهن سوڍيون نه هلنديون ساڻ،
اڳيان دوزخ پيو ڌڌڪا ڏئي، جيئن ٻرن ڀاڳين سندا ڀاڻ،
ايندا قاضي ڪريم جا، سٽي پڇندا سرواڻ،
جمجما جهڙا ”جمعو“ چئي، هتان هزارين هليا ويا هاڻ،
ڪن پيا ڄاڻ ويڄاڻ، ملائڪ انهيءَ ماڳ جا.

 

13-    ملائڪ انهيءَ ماڳ تي، ايڏا ڪن اختيار،
هڪڙا سيارا سختيون، ٻيون بلائون بيشمار،
ٿي ونگي واٽ وندر جي، جا پرور آُڪاريندو پار،
آءٌ به مالڪ هوس ملڪ جو، پئي سڏايم سردار،
ايمان آندم انهيءَ ڏينهن جڏهن، ڪيئين نوح نبي نروار،
ٻيڙو ٺهرايائين ”ٻارچ“ چئي، جنهن جا تختا ڪيئين تيار،
عالم چڙهيو انهيءَ ۾، پر هڪڙي رهجي وئي ريڍار،
جمجما تي ”جمعو“ چئي ڪئي ڪاهه قهار،
صاحب ربّ ستّار، هو ٻيڙو اُڪاريو ٻاجهه سين.

 

14-    ٻيڙو اُڪريو هو ٻاجهه سان، آيو لطف ساڻ لهي،
مائي موٽي آئي، کڻي مکڻ ۽ مهي،
نوح نبيءَ پڇيو نرمل کان، ٻڌاءِ سچي ڳالهه صحي،
ري مٽيءَ ماڙي اڏيئي، اها قدرت ربّ ڪئي،
جمجما تي ”جمعو“ چئي، ويو رنج رهي،
سورن ڪيو سهي، مير کي محلات ۾،

 

15-    مير سان محلات ۾، راڻين ڪيو هو راڳ،
مڃ بيعت بُتن جي، پنهنجو ڀلو ورائيندو ڀاڳ،
لڳن عشق اندر ۾، درد اندر ۾ داڳ،
ڏاهِي اسان کي ڏسي ڏنو، آهي جوڳيءَ اهو جواب،
ته پرور اوهان کي پٽ ڏيندو، پوءِ وٺندس لاهوتي لاڳ،
پر مون حاڪم! هڪڙي ڏينهن حيلو آڻي، خاوند! لڌو هو خواب،
جڳ ڌڻي وٽ ”جمعو“ چئي، ڪهڙو هلي ڪندين جواب،
توڏي هوت حساب، اهو حاڪم آهي حقّ جو.

 

16-    حاڪم کي حق جا، نيئر لڳا هئا نال،
تيرهن لک تُرڪ هئا، جوڳي جُنگ جمال،
ڏينهڪِ ڪندا هئا ڏيهه جي، صوبا جي سنڀال،
گهوٽ چڙهندا هئا گهوڙن تي، ٻڌي لونگيون لال،
ڪئين کيسَ کٽن تي، هنڌ هندورا جال،
مير جا ملڪ ۾، هئا وڄندا گهنڊ گهڙيال،
دس چڙهندا هئا ديڳين جا، ٻيا نانوائي نهال،
ڪئين شاهه سخاوتون ڪندا هئا، مڏيون لٽائيندا مال،
لک حوالي لوڌَ جي، ڪندا هئا مِرون جي مقال،
جمجما جي ”جمعو“ چئي، ڪئين ٿي ويا سِسيءَ کي سال،
ڇڏي مير مقال، هتان هليو ويندين هيڪلو.،

 

17-    ’هرڪو ڪلندو هيڪلو، مهندان اٿئي اوجهڙ اُونڌاري،
يا هندو هٽ جو هئين، يا واڻيو واپاري؟
يا ملون مسيت جو هئين، يا بدمعاش باري؟
يا رئيس راڄن جو هئين، يا وڏيرو ويچاري،
بادشاهه سخاوتون ڪندو هئين، يا ڪَٽيل هئين قهاري؟
جمجما تي ”جمعو“ چئي، ڪيئن قلم وهيو ڪاري؟
وير وسائي واري، مسافر هليو هئين ملڪ مان.‘

 

18-    ’مسافر! هليو هئين ملڪ مان، تو ڪانه ڪئي آڳاهي.‘
’ٻارهن لک ٻلهاڙو ڪندا هئا، مون وٽ صوبا صفائي،
چوڏهن لک چوڌاري هئا، مون وٽ سوين سپاهي،
هزارين حجام هئا، ڪندا راشن رسائي،
 ڏهون ڀاڱو ڏينهن تي، مون ٺُڪَ کڻي ٺاهي،
مُهر مڃيندا هئا منهنجي، ڪندا هئا راڄ رسائي،
جمجما جهڙا ”جمعو“ چئي، ڪئين خاڪ ڇڏيا آهن کائي،
جڏهن وير! مٽيم وائي، تڏهن ويم هاج هٿن مان.

 

19-    ويم هاج هٿن مان، جڏهن غافل لڳم غم،
آيم عزرائيل اوچتو، دير نه ڪيائين دم،
آهي راڻيون تنهنجون رتول ۾، ڪهڙو ڌاريون ڪنديون ڌرم،
ٻانهيون تنهنجون ”ٻارچ“ چئي، پيون ڪٽين ڪرم،
ايندء جمجما! تنهنجو ”جمعو“ چئي، شاهه رکي ها شرم،
ڀلو ڪندءِ ڀرم، دانهه! تنهنجي در جو.

 

20-    دانهه پنهنجي در جي، ٿو خان ٻڌائي خبر،
اَٺ لک اسڪولن جا، مون وٽ پڙهندا هئا نينگر،
ڪئين مير ماستر هئا مون وٽ سهڻا جوان سڌر،
ڪئين ملان مسيتن ۾، ٻيا قاضي کڻن ڪر،
وڙهيو پون ونڊن تي، لولن تي لشڪر،
ڪئين دربان هئم در تي، نَوَ ويهڪون نوڪر،
جمجما جي ”جمعو“ چئي، آهي خاوند کي به خبر،
سِسو بنا سِرَ، آهي ڪن ايامن جو.

 

21-    آهي ڪن ايامن جو، محبتگ لڳيم من،
چڙهيس شاهه! شڪار تي، راجا! پٺيان روجهن،
هرڻ هڻي ويا، ڀڳا ڦاڙها ساڻ ڦرن،
مرون ملڪ ڇڏي ويا، ڀڳا پيو شڪ شينهن،
بارود خانا بيشمار هئا، ٻيون ڪلون ڪاغذن،
ڪئين توبچي تکا هئا ويهندا منجهه وڻن،
هڪڙا بحر بندوقن جا، ٻيا توبون تؤ رکن،
دسيو آهي دُکن، سِسيءَ کي سال ٿيا.

 

22-    سسيءَ کي سال ٿيا، جُڳ لنگهيا هئا جام
آءٌ داناءُ هوس دهليءَ جو، منهنجا مڪي منجهه مڪان،
راجا هئس روءِ زمين جو، منهنجا سنڌ ۾ سامان،
مشرق مغرب وچ ۾، هئم نيئر کتل نيشان،
قلعا هئم ڪشمير تي، وڏا ڪوٽ ڪمام،
ڪورٽون ٿينديون هيون ڪابول تي، جتي رهندا هئا جج جوان،
ڪئين ڊونڊا ڊپٽي هئا، دفتر پڙهندا ديوان،
ڪئين مون وٽ بٺيون بيشمار هيون جت پڇندا هئا پڪوان،
دس پڙهندا هئا ديڳين جا، کائيندا هئا آدمي انسان،
تيرهن لک تاريخ آءٌ، خيرات ڪندو هوس خان!
مُهر مڃيندا هئا منهنجي، ڏيهه ڀريندا هئا ڏان،
جمجما جهڙا ”جمعو“ چئي، ڪئين ڇڏي ويا ماڳ مڪان،
هُت نه خرار پئي لٽايم خان! هِت منهنجو دُڪوئي داخل نه ٿيو.

 

23-    دُڪوئي داخل نه ٿيو، داتا! ڪهڙا ڏنئي دان،
هزارين هيرا موتي ياقوت، ٻيا سون رُپا سامان،
آءٌ رهندو هوس روم ۾، شرعون ڪندو شان،
ميڙا هوم سر تي، يمن پاسي جوان،
تخت منهنجا تنبول تي، هئا شمّ ٻرندا شمعدان،
ڪئين بيٺا هوندا هئا سوداگر سمونڊ تي، غورابن گدام،
تيرهن لک تپيدار هئا، منهنجون ديهون سنڀاليندا ديوان،
پنڌرهن لک جي پلٽڻ هئي، جنگي سڀ جوان،
صورت هئي سلطان جي، جيئن چنڊ ڦري چوغان،
سوا لک سچو ڪيئين، جيڪي نبي ڪري ويا نيشان،
آءٌ امتي هئس حضرت الياس جو، جنهن جا آهن برن منجهه بيان،
انهيءَ جوڙ ”جمعو“ چئي، آهيان عيسيٰ! منجهه ارمان،
ڇڏي ملڪ مڪان، ڪئين هٿ ٺوڪي هليا ويا.

 

24-    هٿ ٺوڪي هليا ويا، جن کي ڪلمون پيو هو ڪن،
ڪارهن لک ڪَويِسرَ، هئا مير ملائڪن،
ڪئين ٽهليا ٽاڪرو هئا، ڪامي منجهه ڪمن،
لڳندا هئا ملاکڙا ميدان تي، جتي مالهي ملهه وڙهن،
ڪڏهن پوي ڪينڪي، ڏڌو کير تڻن،
ڏيندا هئا انعامَ انهن کي، محبت رکي من،
ڪئين باغ باغيچا هئا، مٿي کوهه کُلن،
ايندا هئا پکي پاڻيءَ تي، چمن تي چڳن،
جمجما جو ”جمعو“ چئي، سور لڳو سڄڻن،
ڪلمون پاڪ پڙهن، ساري ڄامر سردار تي.

 

25-    ساري ڄمار سردار جي، ٻيلي! پيا ڪن پرور جي پچار،
پيو ساهه سِسيءَ کي، جيڪا هئي ڌڙ کان ڌار،
عيسيٰ نبيءَ ان تي امن ڪيا، لٿا غم غبار،
جُڙي ستر ورهيه حياتي هن کي، لاٿس ڏوهه ڏاتار،
ٿيو تالابين تخت جو، پيو دُرس ڪري ديدار،
ڪري پيو عبادت اتي، پڙهي پيو توبهه جي تار،
جمجما تان ”جمعو“ چئي، لٿا حرف هزار،
ڪلمي جي آڌار، وري جيئرو ڪيائينس جهان ۾.
لااِلٰہ اِلاالله محمّد رسول الله

 

روايت [3] *

 

1-      ساراهه ڪر تون صاحب جي، جنهن جي جوڙ جڳاء،
        صاحب تنهنجي سگهه جو، انت توئي کي آهه،
        هڪ پاڻ ولايت اڳرو، ٻئي وڏي ولايت آهه،
        آدم خلقي آدمي، پيدا قوم ڪياء
        واري ويهارياءِ جوڙي جاءِ بجاءِ،
        موليٰ مِهر سندياء، هي ٻانهون ٻاجهه مَڱي ٿو.

2-     آيو عيسيٰ نبي امر سان، ٿي رند وٺيو سو راهه،
        تان سِسو ڀر سمونڊ جي، چڙهيو نيڪ نگاهه،
        سِر بنا هو ساهه، آهي ڪنهن ايام جو.

 

3-     آهي ڪنهن ايام جو، ڀنجهونءَ ڪنَ ڀرپاس،
منجهس ماڪوڙين جا، ڪوڙين هزار هياس،
ڪِيڙن کائي ڪيترا نيڻن نيش ڪياس،
عيسيٰ انهيءَ پاس، اچي پاڻ اُڀي رهيو.

 

4-     اچي پاڻ اُبيهندي، ڪيا هاتڪ هٿ سنوان:
’واحد! در تو وينتيون، پنهنجي چِت چوان،
آگا! تون احسان سين، هن ۾ وجهه واري روح روان،
پڇي پنڌ پوان، حقيقت هن هڏي جي‘.

 

5-      حقيقت هڏي جي، وَحي آندي واهه:
’توتي ربّ راضي ٿيو، نالو جنهن الله.‘
پيو سِسي ۾ ساهه، حڪمت ساڻ حڪم جي.

 

6-     سِسي کي سيگهه مان پڇيو، نبي نُور منجهان نروار:
’ڪِ تون بادشاهه هئين، ڪِ تون عاقل عقلدار،
ڪِ تون گهاشتو آهين، ڪِ تون شاهوڪار،
ڪِ تون غريب آهي، ڪِ تُون چور چڪار،
ساري سا شمار، ڏي هڏا! حقيقت حال جي‘.

 

7-     آيو آب اکين مان، سِسي کي سمي،
ڳوڙها سِر ڳلن جي، ويڙس رَت رَمي:
’دنيا ۽ دولت جي هُيم ڪانه ڪمي،
ساهو سر زمين، آهيان جمجما سلطان مان‘.

 

8-     نالي ڀلي نُور، پڇيو جمجمي ڪناء:
’هئين تالابين تخت تي ۽ ڪهڙا ڪم ڪياء،
ڪهڙا عمل دنيا ۾، ڪهڙا عدل ڪياء،
ساڻ غريبن گهوٽيا! ڪهڙي ونڊ ونڊياء،
رهه ڪهڙي ريت سندياء، ڪا وڃي دانهن پئي در تي‘.

 

9-     سُن پهريون مذڪور منهنجو، نبي نوراني!
تيرهن لک هاٿي هئا، مون در مستاني،
ست سئو محلات هئا، خوبئون خوباني،
ڪونه جڙيو هو تن جهڙو، صورت ۾ ثاني،
ايڏي سين اخواني، هوس تالابين تخت تي.

 

10-    سڻ ٻيو مذڪور منهنجو ڪامل ڏيئي ڪن،
پنڌرهن لک پهلوان هئا، مالهي ملهه وڙهن،
تيرهن لک طبيب هئا، جي دوا دارون ڪن،
پنج لک پاريهر هئا، جي بانڪا باز کڻن،
ڏهه لک ڏڦيرن جا، هئي لوڌ حوالي تن،
ايڏي ساڻ حڪمن، هوس تالابين تخت تي.

 

11-    سڻ ٽيون مذڪور منهنجو، ٿئي تنهن جو هيءُ بيان،
تيرهن لک بَٺِي هئي، جتي پڪا ٿي پڪوان،
بيحد گهڻا هئا بورچي، ساڻ گهڻي سامان،
ڳڻيو ڳڻيان ڪيترا، تو سين شاهه بيان،
ايڏي ساڻ اخوان، هوس تالابين تخت تي.

 

12-    چوٿون بيان سڻ تون، عيسيٰ عقلدار!
نَو سئو نيزي اڳ ۾، منهنجا هئا چاڪر چوڪيدار،
ست هزار سبنئان اڳرا، منهنجا خاصا خذمتگار،
ڳڻ ڳاڻيٽو ناهه ڪي، منهنجا بهت هئا بهلدار،
جيئن ڪارا ڪڪر اُڀ ۾، تيئن منهنجا هئا ڪٽڪ ڪارونبڀار،
ايڏي سين اخبار، هوس تالابين تخت تي.

 

13-    پنجون بيان سڻ تون، منهنجو عيسيٰ جُنگ جوان،
باغ اڏايا بنگلا، مون چلي منجهه چوغان،
مٿي تن بيهاريا، مون درس وڏا دربان،
ايڏي سين اخوان، هوس تالابين تخت تي.

 

14-    ’ڏهون ڀاڱو ڏيهه تي، رائُر رکايام،
نڪا نَڪ انهن تي، نڪا ڪش ڪيام،
ظاهر ضعيفن تي، نهاريو ننگ ڪيام،
تن تي ڪشت ڪيام، جن ٿي مُهر نه مڃي منهنجي‘.

 

15-    ’هئين تالابين تخت تي، توکي ڏٺي پرور پاتشاهي،
توسان ڪئي عذرائيل، ڏِس ڪيڏي ڏاڍائي،
سڻايم سائي، ميان! پنهنجي موت جي‘.

 

16-    هوس تالابين تخت تي، پيم ڪونه پَڙاءُ،
ٿيم شوق شڪار جو، کنيم ٽي لک ساڻ سپاهه،
تن منجهه شهر شريف هو، عاقل جيئن امراء،
پنج منزلون پنڌ جون، ڪاهيم قصد منجهاء،
انگ چڙهي ويم تانءُ، اچي مٿي مغز سور ڪيو.

 

17-    مٿي مغز سور ڪيو، ڏوڌو ٿي دؤنڪار،
سو پڻ ويڙم وسري، هوم، جو شوق شڪار،
ڪيڏي دور دراز، اچي تخت تيار ٿيو.

 

18-    مٿي تخت طبيبن کي، مون سڏايو صحي،
حڪيم اچي حاضر ٿيا، وڏيءَ ويل وهي،
مانَ لحظي منجهه لهي، وڃي مغز سور مٿي جو.

 

19-    تن مغز سور مٿي جي، دوستن ڪيو دارون،
عيسيٰ! امرائن اچي، صحي لڌيون سارون،
پر منهنجي پارون، ويڄن وڏا وس ڪيا.

 

20-    ويڄن وڏا وَس ڪيا، حيلا حڪيمن،
ڏُک منهنجي ڏيل کي، ڦِريو فيل ڏين،
ورچيو ويڄ وڃن، تان فرق ڦڪيائي نه ڪري.

 

21-    فرق ڦڪيائي نه ڪري، توڻي ڏين سُڄاڻ،
هوڏانهن کُٽا ڏينهڙا، هيڏانهن پُڳا ماڻ،
سُڀي صورت عزرائيل جي، اچي پسايو پاڻ،
عيسيٰ! امر ساڻ، لڳي مُهر زبان تي.

 

22-    لڳي مهر زبان تي، آيو جُنبي جوراڻو،
ايئن سٽيائين ساهه کي، جيئن مِٽيءَ مانڌاڻو،
عيسيٰ! انهيءَ وير تي، مون کي ڪم نه آيو ناڻو،
جي هئم ڳالهائڻو، ته ويئي دانهن عرش تي.

 

23-    پيو اُلڪو اُمرائن کي، پيو پڻ پيو وزيرا،
راڻيون روئن رَت ڦُڙا، ويل تنهن ويرا،
بَٺ بَٺيون بيهي ويا، ڪو جو لڳن واءُ،
جمجمون، عيسيٰ! منجهان لوڪ لڏي ويو.

 

24-    پوءِ اَڄ اڄوڪي راتڙي، مَيت ڪيائون مزمان،
ڌوٻي واسي ڌري، کڻي کٿوريءَ ساڻ،
جيئن هن ڀانيو ٿي پاڻ، جفا رائي ٿي جيءَ کي.

 

25-    کڻي کٽولو هليا، دانَهَه دُنيا منجهان،
مَيت لوڏوئي نه سهي، هو پيا ڪاهين قصد مان،
لٽي لوڙهه مٿان، جيڪس ڌري هليا ڌوڙ ۾.

 

26-    تانسين هئو آسرو، جانسين هئا هوءِ،
هو اُٿي هليا، ٿيو پڇاڻو پوءِ،
خير نه اگهيو ڪوءِ، جمجمي سلطان جو.

 

27-    آيا مَلڪ ٻه ڄڻا، جُنبي جوراڻا،
”من ربڪ ومن نبيڪ ومادينڪ“ ڪر ڪو جوابا،
اٿئي هي گرز لوهه جا، ڪندء عذابا،
پَسي صورت انهن جي، دل دوڙي درد دُکا،
ذرو زبان نه ڪُڇي، اُتي انهن اڳيان،
تنبر تُوني، شاهه! سي عيسيٰ اٿي هليا.

 

28-    دوزق دريون پٽيون، ٿي اوندهه انڌوڪار،
ڪوڙين ڪيئان قبر ۾، هئا خلقيا خلقڻهار،
پنج ورهيه دوزخ ۾، هوس منجهه آزار،
تڏهن ٿيڙم ٺار، جڏ گڏيل عيسيٰ امر سان.

 

29     گڏيم عيسيٰ نبي امر سان، سائين ساراهي،
پهرين ڏيو بادشاهيون، پوءِ ٿو ٽولائي،
لحظو نه لاهي، آگو هن ادب جو.

 

30-    سچ سچائي سچ چوان، نبي نور خدا،
توتي پڙهيم ڪلمون، آندم ايمانا،
سو جمجمو سلطان هليو بهشت ڏانہ،
ڪلمون پڙهه مُها، موچاري محمّد تي.
لا اِلٰہ ا  لاالله محمد رسول الله


*  هن متن جو مدار جملي منظوم روايتن تي آهي، جي هن بعد ڏنيون ويون آهن.

 [1} يعني ته هن حد تائين بيان جو مدار پهرين روايت تي آهي. اهڙيءَ طرح اڳتي پڻ متن ۾ هر روايت جي مخصوص بيان بعد ان روايت جو نمبر حوالي طور ڏنو ويو آهي.

 *  هي روايت [1] مطابق آهي. مگر روايت [2] ۾ وحي واري واقعي جي بدران هيٺين حقيقت ڏنل آهي ته:

”عيسيٰ اتي علم جا، پڙهيا انجيل مان اکر.“

 *  هي بيان روايت [3] مطابق آهي، مگر روايت [7] ۾ جمجما جي موت کان پوءِ وارو وقت هن ريت ڏنل آهي ته:

”نو سؤ سال پنجاهه ٿئي اينڪون موت پڄاڻي.“

 *  هي بيان روايت [1] مطابق آهي، مگر روايت [2] ۾ جمجما جي ٻي حياتي هن ريت بيان ٿيل آهي ته:

”چاليهه ڏينهن ڪنون پڇي جمجما اُها جيندا.“

   هيءَ روايت ماڻڪ خان ولد غلام شاهه لغاري، ڳوٺ نبي بخش لغاري تعلقو ماتلي، عمر اٽڪل ستر ورهيه، جي زباني ٻڌي قلمبند ڪئي وئي. راوي جي چوڻ موجب شاعر محمد خان جي وفات وقت هو جوان هو. هن کي خود شاعر جو دستخط نسخو هٿ آيو جنهن تان هي ڪلام ياد ڪيائين.

 * هي روايت وچولي (تعلقي هالا) مان قاضي نور محمد کان ملي.

 *  هيءُ قصو اسان کي منشي محمد عظيم لس ٻيلي واري جي بياضن مان مليو. شاعر جو نالو فقير محمد نوتاڻي ڄاڻايل آهي، جو شايد لس ٻيلي جو هو. هنن بيتن جون ٻيون روايتون ڪراچيءَ مان خليفي غلام محمد، ٿرپارڪر (تعلقي کپري) مان عبدالحڪيم پلي ۽ وچولي (تعلقي سنجهوري) مان جاڙي خان مري کان پڻ مليون، جن جي بيتن ۾ ڪجهه اختلاف آهي ۽ ڪن بيتن ۾ ”مير“ ۽ ”ٻيگهيي“ جا نالا به آيل آهن. (ن. ب)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org