سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :21

 


 

131-   ليليٰ لفظ ٻڌي اهو، ٿي هاڻي مري هت،
ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان، اڳيؤن باهه، پويؤن ڀت،
پرور منهنجي پت، پوري ڪج پرينءَ سان.

 

132-  ائين چئي، اُسري هلي، راهه وٺي راڻي،
ڪِيهَه ڪندي، وسندي وڃي، نيڻئون نماڻي:
موٽي وڃ تون مجنا! هينئر پرين هاڻي،
ائين چوندي اکين مؤن، پَرٽيس ٿي پاڻي،
ريهان ڪري رڻ م، ڏسي حال گهڻو کاڻي،
هئي هئي ڪيو هٿڙا هڻي، ٿي عاشق اياڻي،
هيءَ ماندي مُلياڻي، مجنا! پرين موٽ تون.

 

133-  چئي: مران ته مانُ لهان، جي موٽان تان ميار،
پرين ڇڏي پرديس ۾، ڪيئن ياڪِي ٿيان يار،
هاڻي ڏسندس انهيءَ ڏيهه کي، شال هلي هيڪار،
اکيون اکين سامهون، ڪيان دلبر تؤن ديدار،
پوءِ شڪرانا هزار، جي گڏ مري غازي ٿيون.

 

134-  چئي: مدعي مارنِي مون اڳيؤن، هلي ڌڪ هڻي،
تنهن کؤن اڳ ۾ مار مون کي، اچي کنو خان کڻي،
اها مون کي واهه وڻي، جيئن سور نه ڏسان سپرين!

 

135-   چئي: صدقو ڪيان ساهه کي، تون جيئن چوين جاني!
تو ڏني تسليٰ هئي، هئا ڦٽ سڀئي فاني،
هر هر هلي تون چوين، ڪر زاري زباني،
ٿيندو هينئڙو حيراني، پر سگها وَرِجو سُپرين!

 

136-  چئي: مجنا مير! مصر تون، وڄ وارث وِير وري،
سگهِي اينداسين سپرين! سڄڻ سانگ چَرِي،
پوءِ معلوم ناهه مَرِي، ڪِي جانب جيئري ئي ملون!

 

137-  چئي: مجنون موٽي ڪينڪي، اُڀو اُتي آهي،
سانگ چري تون سپرين! اچي ڪَر لهج ڪاهي،
تنهنجي سڪ گهڻي ڀي ساهه ۾، اندر پرين آهي،
هي ننگ ٻين ناهي، اٿئي قاضيءَ جهڙا ڪيترا.

 

138-  چئي: مجنا! موٽ مصر ڏي، هت بر گهڻو بالا،
پاڻي ناهه پٽن تي، نڪو ميوو متوالا!
اَنّ سوا ڀي اُڃ ۾، ڪيئن ڪڍندين ڪشالا،
پوءِ انشاءالله تعاليٰ، مَن مصر منجهه ملون اچي.

 

139-  چئي: اَنّ اوڏو ناهيان، نڪي پيئندس پاڻي،
روزو روز ازل تائين، مون هينئر رکيو هاڻي،
پوءِ سدا هجي ساڻي، فضل يار فقير تي.

 

140-  اتي موڪل گهري محبوب کان، بيهي رت رني،
اڃا آس اندر جي، هُن پوري ڪين پُني،
وجهي وڇوڙي وچ ۾، ڊگهي ڏور ڏني،
هاڻي ڇاکؤن نينهن ڇِني، پرين پٺيرو ٿيو.

 

141-   بيوس وڃي بند ۾، رنج منجهان روئيندي،
بنان قيس قريب جي، ڪاهل ڪيئن ڪندي،
قاضيءَ جي قهر کؤن، وڃي ڪامڻ ٿي ڪنبندي،
ٺهاڻي مجني ريءَ مرندي، ڪين جوش مون جيئري بچي.

 

142-  جوش منجهؤن جي بچي، جن گهائي ورتس گهَٽ،
ڳوڙها لڙڪيو ڳلن تان، پلٽيا پُونءِ پَٽَ،
انهيءَ سورن جهلي سَٽَ، جانب جيئري جي اچين.

 

143-  اتي پسيو پٺيرا سپرين، مجنون مُنهن پِٽي،
وڇوڙي وڌس وجود ۾، اندر گهاءَ گهٽي،
کڻي خزانو خان جو، هلي ليليٰ اڄ لٽي،
هاڻي ڇُٽئي ڪين ڇٽي، پختي ڳالهه پڄي رهي.

 

144-  پر مُئو نه آهي مجنون، نڪي جانب ريءَ جيئي،
سرس پيالو سور جو، ڀريو پُر پيئي،
ڪيئن پاسي پِير ٿئي، اُهي رند ڏسيو ريهان ڪري.

 

145-   ريهان رڙيون وات ۾، ڪامل ڪيو ڪلام،
اکين اوهيرا ڪيا، وهي رت رغام،
هئڙس اورَ اکين جي، نڪو هونِ حرام،
مجني ڪاڻ ماتام، اڄ رات وهلي ڏينهن ٿيو.

 

146-  اُڀو انهيءَ پار ڏي، پيو نرمل نهاري،
من مؤن تنهن محبوب کي، هڪ پل نه وساري،
ريهان ڪيو رڄ ۾، هئي هَنجهون هاري،
دل وڏيون دانهون ڪيون، پر وس نه ويچاري،
ٻي ڀي رات بهون گهڻو، تنهن کي تنواري،
گهايل هٿ گهاري، قيس لکيو جيئن ڪرم ۾.

 

147-  جيڪي سانگ ويا ٿم سڄڻا، سي ايندا شال عجيب،
شل دارون ڏيندا دل کي، چڱيءَ طرح طبيب،
هاڻي هلي آءُ حبيب! تنهنجيءَ سڪ سوگهو ڪيو.

 

148-  اچ ڪاهي تون اورتي، اڱڻ پرين آڌار،
ناهه مناسب مون ڪنان، توکي پاڪِي ٿيڻ يار،
ويئي بيهاري بر ۾، سڪ ڏيئي سردار،
هاڻي ماندي کي منٺار، هفتو هڪ لنگهي ويو.

 

149-  اڄ اکين آب وهائيو، ڪري نيڻن مؤن نِيرو،
صحبت ساهه سڪايو، جان جگر جيرو،
دانهن سڻي دلگير جي، اچ سانول سگهيرو،
بيٺو آهيان بر ۾، تنهنجو پرين! وٺيون پيرو،
هتي دوست وِڌِي ديرو، مون کي مهينو ٿيو.

 

150-   پَسيون انهيءَ پار ڏي، روح ڏئي ريلو،
موت ۽ ملاقات جو، وقت نه آهي ويلو،
ڪڏهن گڏ گذارن ڏينهڙا، ڪڏهن مس ٿئي ميلو،
ڳالهه انهيءَ ”عرض محمّد“ چئي، ڀاڱي پيو ڀيلو،
هتي عاجز اڪيلو، جالڻ جيءُ جنجال ۾.

 

151-   اڄ پهريون ماهه پُري ويو، ٻيو چنڊ چون،
آسر لڳو آهيان، اڃان ڪين اچن،
ڪڏهن مُڙن ڪينڪي، سچي سڪ سچن،
پکِي گهڻا پَٽ تي، پيا اتي اُڄ مرن،
ڏينهن تپي باهه ٿئي، ڪئي لال لُڪن،
جهولي سنديءَ جهَڪَ ۾، پيا ساوا وڻ سُڪن،
چوٿين ماهه چون، ويئي صورت ڦري سلطان جي.

 

152-   سُڪس رت رڳن مؤن، عاشق ٿيو اُداس،
پاڻي پهتس ڪينڪي، نڪو اَنّ جو اتي واس،
هاڻي مجني سندو ماس، سُڪي ماهه سڀو ويو.

 

153-   ڪري ڪاڻ قريب جي، پِٽي پار پيو:
شل سکيا وڃن سپرين، ٿوري منجهه ٿيو،
جو بيهاري ته برن، ڏاڍا ڏک ڏيو،
پنجين ماهه پيو، اهڙيون عاجزيون ڪري.

 

154-   قسمت قيدالماءُ، قابو ڪيئي قيد ۾،
جالڻ جدا جان ۾، ٿيو گهڙي گهارڻ گهاءُ،
عاجز جو اچي پرين! تون ساجن! لهه سماءُ،
هاڻي هلي هن هنڌاءُ، ڪا ڪل لهو ڪمزور جي.

 

155-   وڌو وڇوڙو وچ ۾، قسمت ڪري ڪيئن،
عاجز سان ”عرض محمّد“ چئي، هڏ نه گهرجي هيئن،
هاڻي ڪاڏي وڃان ڪيئن، تنهنجيءَ سڪ وٺي سوگهو ڪيو.

 

156-   ڇهين مهيني ڇوهه مان، ڪري وِير وڏا واڪا،
ڪُوڪان ڪيان ڪيتريون، من ڪَن پويئي ڪاڪا،
سڻي سڄڻ سا ڪا، سانگ چَرِي سگهڙا اچو.

 

157-   سڄڻ! ڇڏي هن سور ۾، وڃي ويٺين وساري،
مالڪ ري محبوب جي، ٿو جيڪي جياري،
ڏيو روز نئين سڪ ساهه کي، ٿو ڳڻنين ۾ ڳاري،
شل ڏاتر ڏيکاري، جيئري منهن محبوب جو.

 

158-   ستين مهيني سڪ مؤن، اهڙي ڪڍي آهه،
ادب منجهه اُڀو پرينَ روز نهاريان راهه،
آن ته آسائُو آهيان، ڪڏهن مون کي ملين ماهه،
وَرُ وسارج ڪينڪي، ڪر ولهن جي ڪا واهه،
اڄ پرين آڻ الله! ته لهي اُڃَ اکين جي.

 

159-   اٺين مهيني آئيو، سارنگ سُڌ هَلِي،
ڪڪر ڪاهي ڪڪريون، ڪري بار بَلِي،
وڌائين ريج رَلِي، جو سانوڻ مينهن سدا وسي.

 

160-  اڄ سارنگ به سهڻي ڪئي، وري وسڻ واري،
رخصت مليس ربّ ڏانهن، ڪئي صاحب ستاري،
امر ساڻ “عرض محمّد چئي، ٿيا جل گهڻا اجري،
وڄون وسڻ آئيون، چؤڏس چوڌاري،
ڪي مڪّي مبارڪ تي هليو، ڪي مديني هليون هزاري،
ڪي ملهي هليون ملتان تي، ڪي بغداد مٿؤن باري،
ڪن اڇي تي امداد ڪيو، ڪن لمي لغاري،
ڪي چکي هليون چين تي، ڪي قابل قنڌاري،
ڪن رستو ورتو روس جو، ڪي مٿي ملباري،
ڪي نڪڙي ناڙيءَ تي هليو، ڪي ڪاڇچي ڪوهياري،
ڪي ڪاهي هليون ڪيچ تي، ڪي دِليءَ دهڪاري،
ڪي اُلٽيون استبول تي، ڪي گجن گرناري،
ڪي موٽي هليون ملير تي، ڪن عرب اختياري،
ڪن کِنيو خراسان تي، ڪن پورب پڇاڙي،
ڪي آيون عمرڪوٽ تي، ڪي گنگا گرناري،
ڪن رخ جهليو روم جو، ڪي لس ويون لُواري،
ڪن پَنڻ ۽ پتلاڌ جي، سڌ رکي ساري،
ڪي يمن ۽ يونان تي، ڪئي سِري ستاري،
ڪي آيون ڀي ايران تي، ڪن بر بر بهاري،
سائين سدائين ڪندو، هيءَ سنڌڙي سڪاري،
ٿيا چوسا چوڌاري، اڄ گاهن جا گلزار ٿيا.

 

161-   نوين مهيني نڪتو، سهجئون ڀي سردار،
پاڻي جام پَٽن تي، تِتِ گهڻان تَلهار،
بوِ کلي خوشبوءَ ٿي، ٿيا گاهن جا گلزار،
وڻ ٽڻ سڀئي واسيا، ٿي ٿرن ۾ ٿڌڪار،
دوڙي دانَهَه ديس تي، آيا هلي مال هزار،
پر اڃا اچن ڪينڪي، موٽي منهنجا يار،
جيڪس ويڙس وسري، دل مٿئون دلدار،
پر اڃا آس اندر ۾، من اٿم منٺار،
موٽي هن مسڪين جي، سڄڻ لهندا سار،
مانديءَ کي منٺار، ڇاکؤن هٿ ڇڏي وئين.

 

162-  ڏهين مهيني ڏک مؤن، ڪري داد بنان دانهون،
ادب منجهه اُڀو پرين! روز ڏسان راهون،
جار اٿم ڀي جن جو، شل ايندا اوڌڏاهون،
اچڻ سان امداد جون، ڏيندا ٻانهيءَ کي ٻانهون،
سڻ دلبر تون دانهون، هت مران ٿو هيڪلو.

 

163-  يارهين مهيني يار! تون، ڪين وساري ويهه،
ڪيئن لالڻ لاٿو دل تؤن، سڄڻ! تو ساڻيهه،
مولي ملڪ وسائيو، ٿيو ڌاڍو سکيو ڏيهه،
اچي پرين! اڱڻ پيهه، مون کان ماندائي لهي.

 

164-  ٻارهين ماهه منير کي، وليون وَرَ وجهن،
گوشا گولاڙي ڪيا، ڪڍيا نيش نِڌن،
وڻ ويڙهين ور وڌا، اُت ڪڪر ڪڪوران ڪن،
ڪوڪوڙ مٿؤن قيس جي، ڪيو ڳاڱيون ڳرڳَڙن،
تيرهين مهيني مير تي، ڪئي ڇانوَ ڇُڳَن،
مرون مجني ڏي گهڻا، اچي اوتارا ڪن،
لڪن لرزن ڪينڪي، نڪا حرڪت هت هلن،
ڪڏهن ايذائن ڪينڪي، جي سچي سام پون،
هيڻا هن جي زور تي، پيا وڏا زور وٺن،
چوڏهين ماهه چون، ملي امانت مير کي.

 

165-   بيٺي اتي بر ۾، پُنس پندرهن ماهه،
وحدانيت وڃي پيو، سندي رباني راهه،
’ونَحَن‘ واحد سين ٿيو، ڏنس عقل الله،
هاڻي سورهين سندي ماهه، پاڻ وساريائين پانهنجو.

 

166-  هت قصو هاڻي ڇڏيان، جو محبت پيئي من،
دوست هئو ڀي دل جو، تنهن ڪامل چيو ڪن،
جي چڱا ٿا به چون، ته مختصر ڳالهه مزو رکي.

 

167-  نه ته وڌڏائڻ جي ته وڏي هئي، مون کي آس اڃان،
پر مرضي تنهن منٺار جي، ڀائي! ڪين ڀڃان،
وري وِير وڃان، قصي مٿان قيس جي.

 

168-  سترهين ڳالهه سهي ڪري، ارڙهين پائين ايڪ،
اڻويهين ان ڳالهه ۾، ويهين ڪونهي ويڪ،
ايڪيهين ته اُڀو ڪري، نظر بيٺو نيڪ،
هاڻي ساجن سندو سيڪ، ڪامل کي ڪم آئيو.

 

169-  ٻاويهون ته ٻڌي رهو، ٽيويهون ٽڪيو،
چوويهون چڱي چال ۾، پنجويهون به پيو،
ڇويهون لنگهيو ڇوهه مان، ستاويهون سڌيو،
اٺاويهون ته اله سان، وڃي واصل هت ٿيو،
هاڻي وهي سور ويو، وڃي حاصل ٿيو حضور ۾.

 

170-  اوڻٽيهين منجهه اتي وڃي، پهتو منجهه پريت،
ٽيهون ڪريو ڳالهه کي، راول انهيءَ ريت،
ايڪٽيهين ته اچي رهي، ٿي پوري ڳالهه پريت،
منير نه ٿيندو مِيت، ٿيندو ميلو قيس قيام ۾.

 

171-   پر مجني بيٺي بر ۾، ماهه ٻٽيهه ٻُجهن،
نڪي ويٺو انهيءَ وچ ۾، نڪي پاسي پير چون،
نڪو آدم آيس اوڏڙو، نڪا ڪُوڪ ٻڌائين ڪن،
نڪو طعام ڏٺو تنهن وچ ۾، نڪو چکيو آبُ چپن،
هاڻي اهڙي اُهڃاڻن، مجني مطلب ماڻيو.

 

172-  هاڻي ليليٰ لال ڪنوار جو، ڪيان بات بيان،
پرين بنان پرديس ۾، هئي گهڻو حيران،
آيس بيهاري بر ۾، مجنون مهربان،
جدائيءَ جي ته جيئڻ کؤن، ساهه نئي سبحان،
هئي هئي منهنجي حال کي، ٿيان قيس مٿؤن قربان،
ٿِي پِٽِي پريشان، ڪپڙا ڦاڙي قيس ري.

 

173-  ڪپڙا ڦاڙي قيس ري، ويتر ڇِنِي وارَ،
ننگ ننگاوت ناهه ڪا، مٿي مُحب ميار،
ڪُوڪان ڪري ڪيتريون، ري سنگت سردارَ،
هئي هئي هينڙي تي هڻي، گهڻا هٿ هزارَ،
داغ ٿيس جي دل تي، جو پِٽي ڪڍيائين پارَ،
عقل ڇڏي اڻڄاڻ مٿي، نپٽ چري نروار،
اَڙين جا آڌارَ، سائين! ميل سگها پرين.

 

174-  سائين! ميل سگها پرين، والي! واهر ورُ،
فضل ڪري فقير تي، دانهينءَ ورتو درُ،
قاضي وار ڪريم! تون، لاهي ڏُرت ڏمرُ،
وڃي مِلان محبوب کي، جو بيٺو وسائي بَرُ،
گهايل اها گهرُ، زهر لڳس زاريون ڪري.

 

175-   اتي فاضل ڪوٺيو ڪيترا، پيو سڏي سيکاري:
ته چريءَ کي چئو وڃي، ڏيري ڌُتاري،
ته ماڻهو مصر ملڪ جا، آيا هيڏي هونگاري،
قاضيءَ ڏنا ڪيترا، تن سنيها ساري،
قيس مُڪا آهن ڪيترا، ليلي جي لاري،
خان کٿابين کي، ات ويٺو سبق سيکاري،
چئي خوش گهڻو گهاري، ٿو مصر ويٺو مجنون.

 

176-  تڏهن وڃي ڏنا وچ تي، نياپا نروارَ،
تن پتا پورا ڏنا، پورا پسي پارَ،
سي ڪامل ٻڌا ڪنن سين، رکي جيءُ اندر ۾ جارَ،
چئي: ملون مانَ مصر ۾، ڪريون شڪرانا هزار،
جو مصر ويٺو مجبنون، ٻُڌم پاڙهي ٻارَ،
ويڙا سور سرير مؤن، لٿا بيڪس بار،
جو وسئون وڃي ويجهو ٿيو، ويهي ۾ وڻڪارَ،
جي ڏينهن ڏنيم ڏاتار، ته پسنديس ماهه مصر ۾.

 

177-  ٻڌي مير مصر ۾، وهلي ڪين وري،
اڍائي ورهه اتي رهي، پائي خبر کري،
پر دم نه خوش هئي دوست ري، پئي ڳڻتين منجهه ڳري،
هوند وڃي منڌ مري، جي ڪل پويس ها ڪوڙَ جي.

 

178-  تڏهن ليليٰ ليلايو، گهڻا سڏايو سوال ڪري،
وجهه رايو رازق! روح ۾ قاضي ڪرم ڪري،
جيئن مِلان پنهنجي ملڪ تي، وهلو اڄ وري،
ٻڌي حال حمير جو، هاڻي ساعت ڪين سري،
رازق! رحم ڪري، سُڻ وينتيون وڏا ڌڻي.

 

179-  اُت ريهان ڪندي روز هئي، صاحب کي سڏيُون،
قاضي قصد ڪيو، اُتي لوءِ پنهنجيءَ لڏيون،
واري واڳ وطن تي، ڇوڙي اڄ ڇڏيون،
ڪاهي مال مصر ڏي، هلي گام انهيءَ گڏيون،
واحد اڄ وڏيون، مَهرون ڪيون مشتاق تي.

 

180-  اڄ ڪري ڪاهه قدوس مان، مصر موٽيا ميرَ،
رخصت وٺي راڄ کان، ڦريا اڄ فقير،
قاضيءَ وچ تي ڪيترا، ويلا پيڙا ويرَ،
اچي سَٽِي سڻاوا ٿيا، لنگهي نديون نيرَ،
ليليٰ کي تنهن لال جي، هئي اندر گهڻي اُڪير،
سرهي ٿيس سرير، صحيح سلامت آئيا.

 

181-   ليليٰ لٿي اُٺ تؤن، لعل اُتؤن لَڙڪِي،
ڪري مُنهن مسيت ڏي، ڪاهي سو ڪڙڪِي،
ته ناهي محب مسيت ۾، ٿنڀ ڏسيو ٿڙڪِي،
پوءِ باهه لڳي ڀڙڪِي، ڏسي جوش جلي ويئي.

 

182-  سَٽان سيرن ۾ گهڻيون ڏنيون، گهوران ڏسي گهير،
پَهه ڪندي پُڇندي وتي، پانهه ڏسندي پير،
هينئر ڏسان هت ڪونه ٿي، ڪٿ ويهي لاتائين وير،
مون سڀ نهاريا سير، هت ڪامل ڏسان ڪونه ٿي.

 

183-  پر سُنهن وجهيو سڏ ڪري، پڇي ڏاتر نالي ڏَسَ:
ڪنهن مصر ڏٺو مجنون، بر ۾ ڪنهين سان گَسَ،
ڏيو ڏس پرينءَ جا، ڪي رازق نالي رَسَ،
هاڻي ولهيءَ نه آهن وَسَ، پر ٻڌان حال حمير جو.

 

184-  ڏنس جوان جوان، آڻي هڪ حياءَ،
چئي: وينتيون وڏيون ڪرين، ڏيانءِ سائڻ! آءٌ سماءُ،
اوهان پُٺي ايڏانهن تي، روئندو آيو راهه،
پوءِ موٽيو ڪيس مصر ڏي، نه ڪو سُڌ سماءُ،
يا ديس ويو داناءُ، يا مِرُن کاڌو مجنون.

 

185-   چئي: وطن ويندو ڪينڪي، هيءَ ولهي وساري،
جان تحقيق تنهنجي ڳالهه جان، مرن وڏو ماري،
ڪل ته پوءِ ٿي ڪانه ڪا، ڪٿي غازي گذاري،
جي سُڌ پوي سلطان جي، ته هت گهايل ڪيئن گهاري،
هن مانديءَ کي ماري، سورن هٿ سوگهو ڪيو.

 

186-  سورن هت سوگهي ڪئي، نڪو مليس پار پتو:
جيڪو ڏسي مون کي ڏاهه ڏئي، اوهين وؤڙيندا ته وتو،
هُو هُت رنگ رتو، هيءَ ٿي هِت حيلا ڪري.

 

187-  تڏهن گهايل ويٺي گهر ۾، روز ڪري ريهان،
ڪوڪان ڪري ڪيتريون، وات منجهؤن ويهان،
راتيان ۽ ڏيهان، نه اٿس آرام اکين کي.

 

188-  قادر! ميلج قيس مون، صاحب ربّ ستار!
وڇڙيا وري ميل تون، آڙين جا آڌار!
ڪري سونهان آڻج سيگهه ۾، جن پتا نڪي پار،
ڪري صبر ويٺس سڪ ۾، تنهن جي وٺي تار،
موٽائي منٺارَ، صاحب! سگهڙا آڻ تون.

 

189-  سور وٺي سوگهي ڪئي، بيوس ٿي باندِي،
ڪُوڪان ڪري ڪيتريون مجني ريءَ ماندي،
ڪڍي پار پرينءَ لئي، وار نه هڪ واندي،
چئبو جو چاندي، سو مِٽ نه ٿيندو مورهين.

 

190-  پاڳِي ڪارڻ پيٽ جي، ڪئي ڪاٺين پُٺيءَ ڪاهه،
ڪج سبب صاحب سيگهه ۾، اچي اڄ الله!
گڏهه چڙهيو گِڙڪيو وڃي، رڙهڪيو وٺيو راهه،
ٺوسئون لنگهي واهه، وڃي سَٺو سڻائو ٿيو.

 

191-   وڃي ٻِيَڙو جهوڪ جهنگل جي، جت بُنڊ گهڻا بسيار،
وتي جاچيندو جُوءِ ۾، ته بيٺا سڀ بيڪار،
اچي قضا بيٺي قيس تي، مٿؤن محڪم يار،
هينئر وڍيان هن بُنڊ کي، کڻي باري ٻڌان بار،
ڪهاڙا هنيائينس قهر مان، هُت ڪري هونگار،
مجني کي منٺار، خنجر هت کڻي ڏنو.

 

192-  لڳو خنجر خان کي، عاشق ڪڍي آه،
لڳو ڪهاڙو قيس کي، دانَهه ڪئي دانہَ،
ڪهڙي ڪارڻ گاهه، مون کي ٿو تون مارئين.

 

193-  تڏهن دهشت دائِي تي پيئي، مٿؤن خيال کري،
آٻو آواز اوچتو، ته ڪا ويجهي وَسئون وري،
ڏَڪي بيٺو ڏُور ٿي، ڏيئي ٽِپ ٽَري،
جان آدم انهيءَ جاءِ مؤن، يا دانهه ديوَ دري،
ڪل لهڻ ڪاهي هليو، وهلو وير وري،
تون جالين جنّ پرِي، ڪي آدم آن انسان تون؟

 

194-  چئي: ڙي  ڏڪي بيٺين ڏور ڇو، آهيان آءٌ انسان،
هٿؤن حبيبن جي، هت قهري لڳو ڪان،
ويا بيهاري بَرَ ۾، هٿ ڪري حيران،
آيا هُو ته اڃان نه، پرين جي پرديس ويا.

 

195-   اتي پاڳي پوءِ وري، مير سڃاتو مجنون:
توکي ماري مجنا! سي ويڙا وطن وري،
تو پاڻ جلايو جن لئي، بيهي مير مَرِي،
سانارِي ٻين نرن تي، هُت ٿيڙي چُور چَرِي،
وڃ تون وطن وري، ڇو پاڻ جلائين پانهنجو.

 

196-  اتي پاڳي پوءِ وري، مير سڃاتو مجنون:
توکي ماري مجنا! سي ويڙا وطن وري،
تو پاڻ جلايو جن لئي، بيهي مير مَري،
ساناري ٻين نرن تي، هُت ٿيڙي چُور چَري،
وڃ تون وطن وري، ڇو پاڻ جلائين پانهنجو.

 

196-  چئي: دايا دشمن دوس جا، پِٽيا پُٽَ پليت،
گهاءُ وڌئي گهاٽا اچي، هينئر هت هلي ته،
هاڻي سورن ڳالهه سلي ته، معلوم ڪر نامون اڳيان،

 

197-  اسان دانهه دل جو، ڪيو سودو مير مَٽي،
هن جي دل هتي رهي، منهنجي وير وٽِي،
سا هيڏانهن ڪيئن هٽِي، دل تنهنجي داناءَ جي.

 

198-  چئي: معافي ڪر تون مجنا! اِهي اڳرايون امير!
هڪ گهاءَ وڌم گهاٽا اچي، توکي ويتر وڏا وِير!
پر هئا چوپندا هُت حمير، ته ليليٰ چري لوءِ ۾.

 

199-  چئي: ڪامڻ ڪيا ڪيترا، هيڻا هن لئي حال،
هاڻي هن فقير جا، سئڻ سائينءَ لڳ سوال،
ليليٰ کي هُت لِڪ ۾، وڃي ههڙا ڪجانءِ حال،
جو مجني بيٺي بر ۾، سُڪي لنگهن سال،
توکي بيڪس ڇڏڻ بر ۾، لائق هو نا لال،
تو دانَهه لاٿي دل تؤن، منهنجي ماهه! مقال،
ڪل ته لڌيوَ ڪانڪا، موٽي ڪاهي مال،
وڃ دايا! درس دلال، اسان ڀانيو آهن اوڏهين.

 

200-  چئي: مصر موٽي مجنا! هل وري حالي،
مون سان گڏيو مير! تون، وهٽ چڙهيو والي،
هِت خان بيٺو خالي، مُنجين ناحق نياپا نار ڏي.

 

201-  چئي: اکين سان اوڏهين هلان، موٽي تن مِٺن،
پر طاقت نا تِر جيتري، ادا! ۾ عضون،
سُڪِي سي ساڻا ٿيا، ناهي رت رڳن،
چُرن پُرن ڪينڪي، واريان ڪين ورن،
هنئون ڪين هلن، پاڻ جهلي سي پانهنجو.

 

202-  چئي: سُڻيم سمجهيم سڀڪا، پر ڏي نازڪ نشاني،
ته درست اڳيؤن داناءُ جي، نيئي جلد رکان جاني!
ڪر اهڙي احساني، ته ويسهه ڳالهه وڏو ٿئي.

 

203-  تڏهن پيالو ڇوڙي پيٽ تان، وتو ڪامل وٽان قيس:
سوين ڏج سلام تون، دايا! هن درويش،
پانڌي! ڏَسج پرينءَ کي، هي روئي سڀئي ريش،
اتي خوش لڳائي خويش، مون کي هٿ ويهاري هيڪلو.

 

204-  پاڳو موٽيو پوئتي، بانڪو بار ڀري،
موٽي مصر آئيو، پهتو پنڌ ڪري،
ڪاٺيون لاهيائين ڪوٽ کؤن، پري ڌار ڌري،
لاکيڻو هليو ليليٰ ڏي، ڏيڻ پَتا پير ڀري،
پوءِ سالڪ سڏ ڪري، ڏئي نياپو نار کي.

 

205-  سڏ سڻي سيگهه ۾، آئي دانَهه نڪري در:
ادا! ڪهڙي ڪم سان، پاڳا! آئين پر؟
تڏهن دانهه ڏنس در تي، موٽي خان خبر:
ته مجني مون کي موڪليو، هيئن چئي هر هر،
ته ليليٰ کي چئج لِڪ ۾، تون وڃي ڪري ور،
جت ڇڏي ويؤ جُوءِ ۾، آهي بيٺو انهيءَ بر،
پيالو ڇوڙي پيٽ تان، ڏنو نشاني نينگر،
هڏ نه گهرجي هيئن ها، ڪرڻ ڏوهه ڏمر،
ويؤ موٽي ماڳ تي، ڪانه لڌيوَ ڪا ڪر،
ويٺس جهنگ وٺي هت جهَرَ، اڄ سورن ۾ سو گهورهي.

 

206-  چئي: پرين پاڻ بگ آئيو، مُنجي پَتا پيالا،
ڪل هَئڙم ڪانڪا، ڪي ڪڍي ڪشالا،
مون به وس ڪري ووڙيو گهڻو، چؤقبلا چالا،
انشاءالله تعاليٰ، من هاڻي هت وصال ٿئي.

 

207-  ڇئي: هلڻ جهڙو هُو نه هئو، هو منڌ گهڻو ماندو،
ساهه وڃي سيني رهيو، ڪجهه ڇاتيءَ ۾ ڇاندو،
هوندد هِت وٺي آندو، پر ڏاڍو هُت هلاڪ هو.

 

208-  ٻڌي حل حمير جو، دانهن ڪري دَهلِي،
آندا آب اکين ۾، ڳاٽ ڀري ڳَلِهي،
پيالو ڀڃي پَٽ تي، ويِر وري وَهلِي،
ڪري هوءَ هاءِ گهر هَلِي، ٻائيءَ ٻانهيءَ کي چيو.

 

209-  جيئن ڇڏيو مون جِت، هو اُڀو اُت آهي،
اُٿي اُٺ پلاڻ تون، ته ڪَرَ لهون ڪاهي،
مُئي پنڊي موٽي پيو، اڄ ساهه اَدي! آهي،
پسندينءَ شال پرينءَ کي، الحمد اجهو آهي،
هاڻي وِهُه ويهڻ آهي، ي حال حمير جو.

 

210-  اُٿي اُٺ پلاڻ تون، بندي بختاور،
سگهي نڪري سيگهه ۾، دانَهه نڪري در،
اچي چڙهي اُٺ تي، نياز مجهؤن نينگر،
تون موڙي منهن مهار جو، ڪامل اوڏانهن ڪر،
اڄ ثابت ٿيون سر، موڙي منهن مهمير جو.

 

211-   تڏهن ستيءَ کنيو سيگهه ۾، اُٺ کي آياڻي،
سندي قيس قرب ۾، وڃي وڪاڻي،
پنڌ ڪري پهتيون وڃي، جنهن پَٽ نڪو پاڻي،
ڏسي بائُٺَ بَر جي، روڄ ڪيو راڻي،
وڃي سي ويجهيون ٿيون، سورهيه کي ساڻي،
سالڪ سڃاڻي، ماڳ اهو معلوم ڪيو.

 

212-  اُتي لهي اُٺ کان، ڳولي جانب جاءِ،
ته ولين ويڙهيو ويِر کي، اُڀو اتي آهه،
پسي حال حمير جو، هئي هئي پرين! چاءِ،
ڇو جِيُس هن جهان ۾، حيف حياتيءَ آهه،
صدقو توتؤن سپرين! هي گهايل مري گهاءِ،
منجهه جوش نه آهي جاءِ ٿي ڏوراپَٽيون ڏارون ڪري.

 

213-  اتي مُحبَ سڃاتا مجني، اڄ پرين آيا،
ڪري فضل فقير تي، واحد ورايا،
تنهن لب آهن لفظ تي، مس مس موٽايا،
ليليٰ جي لايا، وڌا جوش ولين تي.

 

214-  مجني اڳيؤن منڌ کي، ڪيا عرض هي اظهار،
مون تي ولين وَس وڏا ڪيا، ڪوڙين قرب هزار،
ڇَنو ڪيائون ڇانورو، ٿرن منجهه ٿڌڪار،
تن تي ڪاوڙ ڪرين ڪوهه تون، ڏاريون ڀڃين ڏار،
اڳ سڄڻ لڌيئي ناسار، هاڻي حال ڏسي هئي هئي ڪرين.

 

215-   تڏهن ليليٰ لفظ ٻڌي اهو، نَسي بيٺي نادان،
چئي: ڪَل ته هيڙم ڪانڪا، ڪئي دغائي دوسان،
آءٌ سڄڻ تنهنجي سور ۾، ٿيس پِٽِي پريشان،
اڄ صاحب ستاري ڪئي، هيس گهڻي حيران،
وئِي سُڪي تنهنجي سوز ۾، جانب توريءَ جان،
بيوس هيس بيبان، ڇو طعنا ڏئين تڪڙا!

 

216-  چئي: سانگ چَري ساڻيهه ڏي، ٿيئي ڏينهن هزار،
وچ انهيءَ واهر ڪري، وهه سگهي لڌيئي سار،
جو وئينءَ بيهاري بر ۾، ڪري قول قرار،
هيڪر هلي هن جاءِ کي، جاچين ها رکي جار،
هيڪر هلي حرف هي، لاهين ها منڌ! ميار،
اهي باري کڻندا بار، ناهي ڪم ڪَچن جو.

 

217-  چئي: سڄڻ! سڻ ته سچي ڪيان، بيهي اڳيؤن بابت،
هرگز اچان هيڏاهون ها، ڪر وِهُه منهنجي وات،
پر ڊوهين مون سان ڊوهه ڪيو، کتي کرن ذات،
چي مصر ويٺو مجنون، ٿو رحم گذاري رات،
مان تڏهن ويڙس تڪڙي، ته پسان پرين پرڀات،
وڃي اتي اونداهو ڏٺم، ووءِ ووءِ ڪيم وات،
هيم تنهنجي گهڻي تات، پر ڪل پيم ڪانڪا.

 

218-  پوءِ ولين منجهون ويِر کي، ڪڍي ڪيائين ظهور،
اچي پلٽيو اوچتو، نازڪ مٿؤن نُور،
ٿي سنئون بنڊ سڪي ويو، چاڪن منجهؤن چُور،
اتي ڪامل موت قبول ڪيو، پسي پهريون پور،
حاصل ٿيس حضور، کڻي ساٿ سِڌاڻيو.

 

219-  منڌ اڳئي محبوب ڪاڻ، ڪو اٽڪيل هوس ارواح،
لٿس اُڃ اکين جي، پسي وحدت وارو واءُ،
پيرن ڏانهن پرينءَ جي، سورهه ڏنو ساهه،
وٺي رباني راهه، وڃي حاصل ٿيا حضور ۾.

 

220-  سچا عاشق الله جا، ويا گوهر گذاري، سچي سل اکين جي، آندي پوري تن پاري،
مجني ڪل مشتاق کان، لڌي وکڙي واڌاري،
توڪل وارن جا توهه سان، ٿو قادر ڪم ڪاري،
اهڙو عشق اندر ۾، ڪو ڌڻي سڄڻ ڌاري،
ڏسي توڪل ڪئين تاري، لحظا لک لنگهائيا.

 

221-  جانب جمعي رات ٿيو، هيءُ قصو ڪل ڪمال،
ڇنڇر رات چون رمضان جو، چنڊ بيهي برحال،
تيرهن سال تمام ٿيا، اَٺون آهي سال،
صاحب ٻُڌو سوال، فضل ساڻ فقير جو.

 

222-  قصو ڪيم ڪمال، خان جي ڳوٺ پورو ڳائي،
جنهن نالي معلوم ملڪ ۾، ڇڏيو واليءَ وڌائي،
”عرض محمّد“ اسم پنهنجو ٿو شاعر سڏائي،
ڪري لائق لڏائي، قادر ڪلمي سان هتئون.

لااِلہ اِلاالله محمّد رسول الله

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org