سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :23

 

 

خدا دوست*

 

سلطان محمود، غزنيءَ جو عادل بادشاهه هو. سندس دستور هو ته روزانو رات جو چمڙا پوش ڪري رعيت جي سڌ سماءَ لهڻ لاءِ شهر ۾ چڪر ڏيندو هو، ته جيئن ڪنهن سان ڪو اهنج ايذاءُ ته ڪونهي. جڏهن هن ڏٺو ته ملڪ ۾ امن امان آهي، هر ڪنهن گهر مان قرآن پاڪ جي تلاوت جو آواز اچي رهيو آهي ۽ مسجدون آباد آهن، تڏهن الله تعاليٰ جا شڪرانا بجاءِ آندائين.

هڪڙيءَ رات بادشاهه دستور موجب چمڙاپوش ڪري، گهمندو گهمندو وزير جي محلات وٽان اچي لنگهيو ته هڪڙو شخص ڏٺائين، جو محلات جي دريءَ ۾ اکيون کپايو بيٺو هو[1]. رات وڳڙي ۾ هڪڙي اوڦٽو ماڻهوءَ کي انهيءَ حالت ۾ ڏسي، بادشاهه کي پڪ ٿي ته ڪو چور چوري ڪرڻ جي ارادي سان اچي لڪو آهي. تنهنڪري هڪدم وڃي کيس قابو ڪيائين، ۽ پڇيائينس ته ”ڪير آهين ۽ ڪهڙي ارادي سان بيٺو آهين؟“ اهو شخص جو ويچارو عشق جو ماريل هو ۽ محبوب جي ديدار لاءِ پنهنجي ئي خيالن ۾ علطان هو، تنهن جا حوصلائي خطا ٿي ويا. نيٺ ڪجهه دير بعد، بيزاريءَ سان جواب ڏنائين ته ”سائين! آءٌ ڪو چور چڪار نه آهيان. آءٌ پاڻ هڪڙو امير آهيان، جو هتي هڪڙي دوست سان ملڻ جي وعدي تي آيو آهيان. هينئر انهيءَ انتظار ۾ هوس ته ڪيڏيءَ مهل ٿو سڏ ٿئي ته وڃي حاضر ٿيان. بادشاهه چيس ته ”نه، تون چور آهين، توکي مون سان گڏ هلڻو پوندو، ۽ صبح جو توکي بادشاهه وٽ پيش ڪبو.“ ان شخص وري به عاجزيءَ سان کيس چيو ته ”ادا! الله لڳ مون تي اڄ رات جو احسان ڪر. آءٌ توسان واعدو ٿو ڪريان ته صبح جو سوير جتي چوندين، اتي اچي حاضر ٿيندس.“ اتي بادشاهه به ان جي آزين نيزارين تي ٿڌو ٿيو، ۽ چيئاينس ته ”چڱو، جي ائين آهي ته رات لاءِ ڪو ضامن ڏي.“ هو ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو، ڇاڪاڻ ته اتي سندس ڪوبه ماڻهو واقف ڪار نه هو. پر پوءِ لاچار بادشاهه سان اُٿي گڏجي هليو. آخر همت ڪري هڪڙي گهر جي دروازي تي بيهي ڪڙو کڙڪايائين(1). اندران هڪڙو شخص ٻاهر نڪتو. تنهن کي چيائين: اي دوست! آءٌ هتي پرديسي آهيان، الله کان سواءِ هت ڪوبه اوهي واهي ڪونه اٿم، جو هن چوڪيدار وٽ ضامن پئي، منهنجي جند ڇڏائي. حقيقت هيءَ آهي ته اڄ رات هڪڙي دوست سان ملڻو اٿم، تنهنڪري جي منهنجو اڄ رات لاءِ ضامن پوين ته آءٌ صبح جو تو وٽ اچي حاضر ٿيندس. هن اڃا ڳالهه ئي پوري مس ڪئي ته ان شخص چوڪيدار کي چيو ته: آءٌ هن شخص جي وارَ وارَ جو اڄ رات لاءِ ضامن آهيان. صبح جو سويل حاضر ڪري ڏيندس. بادشاهه حيران ٿي ويو ته هيءُ هڪڙي غير واقف شخص جو ضامن ڪيئن ٿو پوي. تڏهن وري به هوشيار ڪيائينس هت صبح جو هيءُ شخص نه موٽيو، ته پوءِ سندس بدران تون جوابدار رهندين. ائين چئي، بادشاهه روانو ٿيو. پوءِ اهو شخص اميرزادي کي پنهنجي گهر ۾ وٺي آيو ۽ حال احوال پڇيائينس. اميرزادي هن جا شڪرانا مڃي، پنهنجو حال هن طرح ٻڌايو: آءٌ غزنيءَ جي پسگردائيءَ جو هڪڙو امير آهيان منهنجو نالو خدادوست آهي، هن شهر ۾ منهنجو اڄ اوچتواچڻ ٿيو آهي.(1) صبح جو گهمندي گهمندي هڪڙي حسين نازنين تي نطر پئجي ويم، جا ان وقت دريءَ ۾ بيٺل هئي. ڏسڻ سان عشق جي تير گهائي ڇڏيم. پوءِ ته اتيئي بيهي رهيس. آخرڪار ان نازنين به پوريءَ دير بعد هڪڙي دائيءَ جي معرفت، رات جو ملڻ جو وعدو ڪيو. انهيءَ وعدي پوري ڪرڻ لاءِ محلات هيٺان انتظار ۾ بيٺو هوس ته چوڪيدار اچي جهليو. منهنجي منٿن ۽ آزين تي رحم کائي، ضامن جي طلب ڪيائين. پهريائين خيال ڪيم ته منهنجو واقف ته هتي آهيئي ڪونه، ڪهڙو ضامن ڏيان! پر پوءِ همت جهلي، تنهنجي گهر تي وٺي آيومانس ۽ توکي ضامن پوڻ لاءِ عرض ڪيم. توکي آفرين آهي جو مون اڻواقف جو ضامن پيو آهين؛ هڪڙي ٻي به مهرباني ڪر، جو مون کي رڳو اجازت ڏي ته آءٌ وڃي محبوب سان ملان ۽ انجام ٿو ڪريان ته صبح جو اچي حاضر ٿيندس. اهو ٻڌي دوست کيس دلداري ڏني ۽ اجازت ڏنائينس ته ڀلي وڃي پنهنجي محبوب سان ملي.

خدا دوست اتان نڪري محلات ڏي روانو ٿيو. بادشاهه جو اڃا تائين اتي لڪو بيٺو هو، سو به سندس پٺ وٺي هلڻ لڳو. هو هلندي هلندي ساڳئي محلات هيٺان اچي پهتو، ۽ ڪجهه دير بيهي انتظار ڪيائين. پر جڏهن محلات جو دروازو نه کليو، ۽ نه وري ڪو ماڻهو ڇيڻو ڏٺائين، تڏهن ڪمند اڇلائي، محلات ۾ ٽپي پيو. بادشاهه به نڪا ڪئي هَم نه تَم، ساڳئي ڪمند تان چڙهي محلات جي دريءَ مان اندر ويو ۽ لڪي هنن جي گفتگو ٻڌڻ لڳو. وزيرزادي، جا هن جي انتظار ۾ هئي، تنهن خدا دوست کي اوڀالو ڏنو ته: اي دلدار! ڪهڙي سبب کان دير ڪيئي؟ هن کيس جواب ڏنو ته: اي سڄڻ! منهنجو روح تولاءِ اهڙو اوڪاسيل هو جو هڪ گهڙي به سال پئي ڀانيم، پر تنهنجي محلات هيٺان بيٺل ڏسي، اوچتو هڪڙي چوڪيدار اچي پڪڙيم، جنهن کي اڄوڪيءَ رات لاءِ هڪڙو دوست ضامن ڏيئي تو وٽ پهتو آهيان. وزيرزادي اها ڳالهه ٻڌي، نهايت ارمان ۾ ڀرجي ان کي چيو ته: اي محب! اها تمام خراب ڳالهه ٿي، ڇو ته هتي جو قانون اهڙو ته سخت آهي، جو تنهنجو اهو ڏوهه هرگز معاف نه ڪيو ويندو ۽ صبح جو ضرور بادشاهه تنهنجي مارائڻ جو حڪم ڏيندو. خدا دوست چيو ته: وزير زادي! تون دل نه لاهه، الله رحيم آهي. جيڪڏهن پنهنجي سچي محبت آهي ته ڌڻي تعاليٰ ضرور ڪونه ڪو حيلو پيدا ڪندو. پر وزيرزاديءَ کي روئڻ جهل ئي نه ڏئي، چيائين ته: توکان هاڻي هڪڙو پلڪ به پاسي ٿيڻ مون لاءِ موت آهي، سو صبح جو تنهنجي ڦاهيءَ جو ٻُڌي، آءٌ ڪيئن جيئرو رهي سگهنديس! پوءِ پنهنجيءَ قسمت کي ڏوهه ڏيندي، خدا دوست کي چيائين ته: قدرت جي ڳالهه آهي، جو فقط اڄوڪيءَ رات جي رهاڻ نصيب ٿي، سڀاڻي يا نصيب. هاڻي اچ ته رهاڻ ڪريون. پوءِ وزيرزاديءَ قرآن شريف کڻي آڻي وچ تي رکيو، ۽ ٻيئي ڄڻا قرآن شريف جو دور ڪرڻ لڳا. بادشاهه به هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ لڪي بيٺي هنن جون ڳالهيون ٻڌيون، تان جو اچي اَسُر ٿيو. آخر هنن قرآن شريف ٺپي، هڪٻئي کان روئي موڪلايو. هلندي وقت وزيرزاديءَ هن کي چيو ته: دوست دل نه لاهج، هاڻي هتي ويهڻ مون لاءِ حرام آهي. آءٌ توسان بادشاهه جي درٻار ۾ به گڏ هونديس جيڪڏهن ڪاري ويس سان، ڪميت گهوڙي تي چڙهيل ڪو شخص ڏسين، ته پڪ ڄاڻج ته اُها آءٌ هونديس. هاڻي الله توهار.

خدا دوست، وزيرزاديءَ کان موڪلائي پنهنجي دوست ڏانهن روانو ٿيو. هو اتي پهچي ئي پهچي،. تنهن کان اڳ بادشاهه به پنهنجي محلات ۾ پهچي ويو ۽ هڪدم ڪوٽوال کي حڪم ڏنائين ته ’فلاڻي شخص کي حاضر ڪيو وڃي، جيڪڏهن اهو نه هجي ته جيڪو شخص سندس ضامن پيل آهي، ان کي گرفتار ڪري اچ.‘ جڏهن ڪوٽوال ان دوست جي گهر پهتو، تڏهن خدا دوست اڃا نه پهتو هو، تنهنڪري هو دوست وڃي حاضر ٿيو. هن کي اڪيلو ڏسي، بادشاهه سخت ڪاوڙيو ۽ جلاد کي حڪم ڏنائين ته ’هن شخص کي وٺي وڃي سوريءَ تي چاڙهيو.‘ هو جوان به حڪم ٻڌي، خوشيءَ سان جلاد سان گڏ اُٿي هليو.

هوڏانهن وري خدادوست جڏهن پنهنجي دوست جي گهر پهتو، تڏهن معلوم ٿيس ته هو بادشاهي سَڏ تي ويو آهي، سو پنهنجي دير سان پهچڻ تي ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ اهو الڪو ٿي بيٺس ته متان هُن بيگناهه کي ڦاسي نه چاڙهي ڇڏين، سو هڪدم مُٺيون ڀيڙي وٺي ڀڳو.(1) اڃا اڌ واٽ تي هو، ڏٺائين ته ماڻهن جي انبوهه ۾ جلاد سندس دوست کي ڦاسيءَ ڏانهن وٺيو پيا وڃن، تڏهن دانهن ڪري جلادن کي چيائين ته: ڏوهاري ته آءٌ آهيان، جو اچي حاضر ٿيو آهيان. هيءُ ته منهنجو ضامن آهي، تنهنڪري هن جي بدران مون کي هلي سوريءَ تي چاڙهيو. اتي ٻيئي دوست ضد ٻڌي بيهي رهيا. هرهڪ چئي ته آءٌ ڏوهاري آهيان، تنهنڪري ڦاسيءَ تي مون کي چاڙهيو وڃي. جلاد ويچارا منجهي پيا ته هاڻي ڪنهن کي سوريءَ چاڙهيون. اڃا انهي ئي ويچارن ۾ هئا ته هڪڙو سهڻو جوان ڪاريءَ پوشاڪ ۾، ڪاري گهوڙي تي سوار ٿي اچي سهڙيو. تنهن جو اچي ڏٺو ته سندس محب بدران ڪو ٻيو ماڻهو ٻڌو بيٺو آهي، سو جلاد کان پڇيائين ته، حقيقت ڇا آهي؟ جلاد کيس سڄي حقيقت ٻڌائي ته بادشاهه سلامت هُن شخص جي مارڻ جو حڪم ڏنو آهي، مگر هي شخص جيڪو هينئر پهتو آهي، سو چوي ٿو ته سچو ڏوهاري آءٌ آهيان، تنهنڪري مون کي وٺي هلي ڦاهيءَ تي چاڙهيو. هاڻي اسين منجهي پيا آهيون ته ڇا ڪريون! اتي گهوڙيسوار وراڻيو ته: اها ته تمام خراب ڳالهه ٿي. هاڻي ٻنهي ڄڻن کي بادشاهه سلامت وٽ وٺي هلو ته کيس سموريءَ حقيقت کان واقف ڪريون، پوءِ هو جيڪو حڪم ڏئي، تنهن موجب عمل ڪريو(1). جلادن کي به اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي، سي ٻنهي ڄڻن کي وٺي بادشاهه سلامت ڏانهن روانا ٿيا. جلاد موٽي اچي بادشاهه وٽ حاضر ٿيا ۽ هٿ ٻڌي عرض ڪيائون ته: جيئندا قبلا! توهان هڪڙي شخص کي سوريءَ تي چاڙهڻ لاءِ حڪم ڪيو هو، پر هتي ته ٻه ڄڻا هوڏ ٻڌي بيٺا آهن. هرڪو ائين ٿو چئي ته ڏوهاري آءٌ آهيان ۽ مون کي ئي سوريءَ تي چاڙهيو وڃي. هاڻي حڪم ڏيو ته ڪنهن کي سوريءَ تي چاڙهيو وڃي! اهو ٻڌي بادشاهه دل ۾ چيو ته ’هنن دوستن جي دوستي ڪيتريقدر نه سچي آهي، جو هڪٻئي تان سِر قربان ڪيو بيٺا آهن‘، وري به آزمودي خاطر خدا دوست جي مائٽن کي گهرائي چيائين ته: خدا دوست قانون جو ڏوهاري آهي، تنهنڪري ان کي سوريءَ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن اوهان مان ڪو هن جو ضامن پوي ته هن جو ڇوٽڪارو ٿئي. پر سندس عزيزن مان ڪوبه هن جو ضامن نه پيو. تڏهن هيڪاري بادشاهه کي پڪ ٿي ته ’هنن جي پاڻ ۾ سچي دوستي آهي‘. آخر فيصلو ڪيائين ته جڪڏهن خدادوست پاڻ اچي حاضر ٿيو آهي، تڏهن سندس ضامن جو ضرور ڪونهي. هاڻي خدا دوست کي وٺي وڃي ڦاهيءَ چاڙهيو. اهو حڪم ٻڌي، وزيرزادي جا ڪاري پوشاڪ ڍڪي آئي هئي، بادشاهه کي هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته: بادشاهه سلامت! ايڏو انڌير، جو چوڪيدار جي چوڻ تي هڪ بيگناهه انسان جو خون ٿا ڪريو! جيڪڏهن اوهان جا صلاحڪار اهڙا هوندا ته پوءِ انهن جي چوڻ تي سگهوئي پنهنجو ملڪ تباهه ڪري ڇڏيندا. بادشاهه ته سمجهي ويو ته هيءَ وزيرزادي آهي، پر تنهن هوندي به ٻاهريون ٻنو رکي، کيس چيائين ته: اي شخص! تون ڪير آهين ۽ ڪيئن توکي ايڏي جرئت ٿي، جو حاڪمن سان ايتريقدر گستاخي ٿو ڪرين؟ وزيرزاديءَ به ٺهه پهه جواب ڏنو ته: بادشاهه سلامت! توهين انصاف پسند ٿي ڪري به پنهنجي ظلم تي خوش آهيو. جيڪڏهن اوهان وٽ سچ چوڻ ڏوهه آهي ۽ ان جي سزا موت آهي، ته پوءِ بيشڪ مون کي به هن  ڏوهاريءَ سان گڏ سوريءَ تي چاڙهيو وڃي. تڏهن بادشاهه وري به وزيرزاديءَ کي چيو ته: اي شخص! چور کي سزا ڏيڻ حق جي ڳالهه آهي ۽ اها تنهنجي بيوقوفي آهي جو حق کي ناحق چئي پاڻ کي خواه مخواه ٿو مارائين. اتي وزيرزاديءَ به بادشاهه کي جواب ڏنو ته: بادشاهه سلامت! جتي اوهان جهڙا حاڪم هجن، اتي سڀني ڳالهين کان موت بهتر آهي. توهان چوڪيدار جي چوڻ تي هڪ بيگناهه جي مارڻ جو حڪم ڏنو آهي، هاڻي آءٌ اوهان کي ساري حقيقت ٿو ٻڌايان ته اهو شخص، جنهن کي توهان جهليو آهي، سو منهنجو ئي دوست هو. مون ئي هن کان رات جو ملڻ جو وعدو ورتو هو، جنهنڪري مون سان ملڻ جي انتظار ۾ محلات جي هيٺان بيٺل هو. هو ضامن ڏيئي مون وٽ آيو. اسان جي محبت سچي ۽ پاڪ آهي، جنهن جو شاهد ڌڻي پاڪ آهي. اڃا به جيڪڏهن توهان کي ان جي مارڻ جو خيال آهي ته ان کان اڳ مون کي ماريو وڃي.

بادشاهه ته اڳيئي سڄيءَ حقيقت کان واقف هو، سو هنن ٽنهي جي سچائيءَ کان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته: اي شخص! انهيءَ سچائيءَ ۽ پاڪائيءَ جي ساک تي نه رڳو توکي معاف ڪيم، پر هنن ٻنهي دوستن کي به بخش ڪيم. هاڻي تون بيفڪر ٿي پنهنجيءَ جاءِ تي موٽي وڃ. وزيرزاديءَ جي وڃڻ بعد بادشاهه پنهنجي وزير کي گهرائي سڄيءَ حقيقت کان واقف ڪيو. وزيرزاديءَ جي پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ جي تعريف ڪري، خدا دوست سان سندس شاديءَ ڪرڻ جي اجازت گهري. وزير به بادشاهه جو چوڻ ڪونه موٽايو، ۽ ٻئي ڏينهن وزيرزاديءَ جي شادي خدا دوست سان ڏاڍيءَ ڌام ڌوم سان ٿي. بادشاهه ٻنهي کي خوب ڏاج ڏيوڻ ڏيئي روانو ڪيو، ۽ انهيءَ خوشيءَ ۾ هن جو دوست، جيڪو ضامن پيو هو، تنهن کي به مالامال ڪري ڇڏيائين.

 

 

روايت [1]*

 

1-ملڪ مل محمود هو، غزني ۾ غازي،
عادل تنهن عدل سين ڪڍي بدعت بازي،
مهراڻ مرد ملوڪ ڪيا، نر سڀ نمازي،
نوڙت نيازي، هئو دين گهڻو دِدار ڪيو.

 

2-پر پرنهه ويس وريام ٿي مَٽايو مختيار،
راسنگ سڀڪنهن رات جو، ٿي سير ڪيو سردار،
شهر گهميو شفتال ڪيو، تنهن چوطرفان چوڌار،
تان پڙهڻ ريءَ پچار، ڪنهنکي هئي ڪانڪا.

 

3-ڪنهن کي هئي ڪانڪا، پڙهڻ ريءَ پچر،
وائي وظيفي ورد ۾، هئا نافع نوري نر،
تڏهن ٿي ڪيا شڪرانا شاهه، هٿ ٻڌيو حاضر،
ته دين ڪيوءِ داور، موليٰ منهنجي ملڪ ۾.

 

4-پر ورنهه وِير وزير جو، جان مير ڏسي ٿو محل،
تان مرد ڏٺائين ماڙيءَ هيٺ ڪو مير مهاڻين مل،
تنهن کي پُري پڇيو بادشاهه، تون آهين ڪير آمُل،
آيو مٿس اجل، تڏهن هاءِ ويو حيران ٿي.

 

5-هاءِ ويو حيران ٿي، ٿو قابل ڪين ڪڇي،
جواب نه جابر کي ڏئي، ٿو پانڊَوَ کيس پڇي،
هي ٿو لئونءَ لُونءَ منجهه لڇي، ڪنهن ڏاڍي عشق الول ۾.

 

6-هو ڏاڍو عشق الول ۾، پر دُز ڀانيو داناء،
تپي تاءَ نُبي ڪيو، اُنس تيئن امراء،
هي به پيو سر پيزار جي، عاشق ڪري آه،
ته عاقل لڳ الله، مون کي آجو ڪر احسان سين.

 

7-آجو ڪر احسان سين، وٺ ضامن کؤن به ضعيف،
راسنگ پهر رات جو، جي هڪڙو سَهين حريف،
ته توتي زور ضعيف، راضي هوند رحمان ٿئي.

 

8-چئي: آءٌ هڏ راضي گهڻو، پر مون راضي هوءِ رحيم،

 سگهو ضامن سيگهه مان، ڏي ڪو مرد مقيم،
تڏهن پٽ هليو پيءَ ڏي، سورهيه ڏانهن سليم
(1)،
تنهن هئي هئي ڪئي حڪيم، پربَديءَ کان بيزار ٿيو.

 

9-بَديءَ کؤن بيزار ٿيو، ڪيو هئي هئي هڻي هٿ،
ڪانه ڪيائين ڪٿ، هليو يار پنهنجي يار ڏي.

 

10-ادا ڙي ياور يار! ڪا اٿئي ياري هن يار سان؟
سو آهي چور امير جو، دز سندو دهدار،
مٿس آهي مير جي ڀُل وڏي ڀُلڪار،
نا ته صبح وٽ سردار، ٿيندين جائب جناب ۾.

 

11-تڏهن ساڻس يار ياري ڪئي، سو ڪنهن ڀَت ڪنبيو ڪين،
فائق جان فڪر ڪيو، آڻي اُت امين،
تان هو پاڻان مرد مٿان مسڪين، قابل ٿو قربان ٿئي.

 

12-قابل ٿو قربان ٿئي، ياور مٿان يار،
ته خوش ٿئي نام خدا جي، سرهو لڳ ستار،
ان ظالماڻي ظلم ۾، ڏيندس حال هزار،
سر ڏيان هوند سؤ وار، پر ووءِ ووءِ وڃي ٿو واعدو.

 

13-ووءِ ووءِ ان ويلِي، مالڪ سڀڪنهن رات جو،

ڪين پڙهندا هئاسون پاڻ ۾، کل خوشي کيلِي،
پر هرگز ڪونه حرام ٿيو، تون منجهه ميلي،
اِن پرتم ڏانهي پيلي، البت ايندس آن پرين.

 

14-اُٿي اُن افسوس کان، هَي هَي هاءِ هليو،
عشق ٿيو اُمراء کي، جهلي ڪنهن نه جهليو،
جنهن جو هُن هنڌ ساهه سَليو، سو هٿ ڪيئن اٽڪيو رهي!

 

15-هت ڪيئن اٽڪيو رهي، ويڙو وير وريام،
تنهن فائق ڪنهن فڪر سين، دانا اُڇليو دام،
اُنهن سر الام، چڙهي چَرڻي تان ويو.

 

16-چڙهي چَرڻي تان ويو، جان عاشق اوڪاسي،
تان محب رُسي مشتاق کؤن، پِرتم ٿيو پاسي،
عجب ڇو اويل ڪئي، ڪنهن ٻي وني وڌين واسي،
آءٌ جان آيس اوڪاسي، تان ٿيس هَي هَي حيرت ۾ گهڻو.

 

17-آه منجهان ارواح، دانهن ڪري چيائين دوست کي،
ته ورنائج وينتيون، منهنجا عرض الڳ الله،
هت چاري چوڪيدار هو، خام وڏي سين کاه،
جنهن رنڊي منهنجي راه، سرهنگ سختي سخت ڪئي.

 

18-سرهنگ سختي سخت ڪئي، هاءِ ڪري جان هيءُ،
بچي ويو ڀلڪار کؤن، جٿ پُٽ کؤن پاسي پيءُ،
جت جدا جثو ٿيو جيءُ کان، اُت پڻ ساڻم ياري يار ڪئي.

 

19-تڏهن سڻي سڙي ان سور ۾، هوءَ واء گهڻو ويئي،
اٿي ان افسوس کؤن، پئِي پٽ پيئي،
چي ٿوري عمر ٿڪيءَ کؤن، هي جي هجيئي،
ته منهنجا مڙيئي، مَرُ ڏاتر توکي ڏئي.

 

20-پر اڳ پيدا آءٌ، هئي هئي تان نه هياس،
سڻي سڙي هن سور کؤن مانهند ڇو نه مياس،
اَن چان آيو جانب هاني جياس، تان پاڻان مٺيس پييس مامري.

 

21-پر پلڪ پرين پاسي نه ٿي، آن توڙي نه تڳنديانس،
مٺيس توجِي موت جو، آن صبح سُئي ڪيئن سگهنديانس،
آن موت ٻڌي مرندياس، مون کي ماري به تنهنجو موت ٿو.

 

22-موت! مري وڃ موت، موت نه مارئين محب کي،
فنا ٿي وڃ فوت، مَر جان فوت فنا ٿئين.

 

23-جي وِهين منجهه جيءَ، توسان ڳجهي آهم ڳالهڙي،
تو جي تو تان جيءُ، مر صدقي ساهه ٿئي.

 

24-پر ويجهو اچي ويهه، پلڪ پاسي نه ٿئين،
ڏي تڪيا تارن ۾، منجهه پنبڻين پيهه،
توکي ڏسي مَ ڏيهه، آءٌ ٻيو ڏسان ئي ڪونڪو.

 

25-اچي ويهه ونين ۾، ڪر اکين ۾ اوطاق،
لوٺيس توکي جي لڳي، پريم پنبڻين پاڪ،
ڪري ڪيهه قزاق، آءٌ ساهه ڏيان هوند سور ۾.

 

26-پر هوري هوري جاءِ، نيڻين اوپر پڳ ڌري،
جهُري همارا نه پنبڻا، دُکي تمارا پاءِ،
ايهين چوندي ڪياءِ، ته هوري هل عجيب پرين.

 

27-لالن ڀَلِين لاغرض ٿئي، ڏي مٿي پنبڻين پير،
ڇڏ ڇنڀڻ جي هير، ته ساجن سکالو رهين.

 

28-پر جي مون وس هو، ته اَن پره پيدا ئي نه ڪريان،
رات وَڌائين ربّ تون، شال ڪومَ صبح ٿئي ڪو،
آهيم جيءُ جياپو جو، سو هجي ساجن سدا ساڻ مون.

 

29-ساجن سدا ساڻ مون، تون رات وڌائين ربّ،
سڙيس آيو سهاءَ ٿئي، لوٺيس مٿي لب،
جنهن جي اٿم تان طلب، سو شال محب مدامي مون وٽ هوءِ.

 

30-پر هئي هئي هاءِ حبيب، اِجها پرهه ڦٽي ڀرپات ٿي،
مُٺيس ڪندا مامرو، ڪهڙو ساڻ قريب،
ان سچ مقابل سيل جي، شال آجو هئين عجيب،
تو وٽ تن طبيت، البت آءٌ اينديس پرين.

 

31-سا البت آءٌ ايندياس، مرڪڻ تنهنجي مارڪي،
ڪاري ڪِٺ ڪميت تي، چست پرين چڙهندياس،
ڪارا ڪپڙا قيمتي، پڄيو آءُ پرهيندياس،
سائو نيزو هٿ ۾، آن اتر ڏانهن ايندياس،
دشمن خدا دوست جا، آن ڀالن سين ڀڃندياس،
ڏيج جيئن آن ڏيندياس، جانب سر جتي تي.

 

32-پر اچي ڇو نه اَمَلُ آس، پاڻيٽ پوڄون پاڻ ۾،
لاهيون آب اُڪاس، ڪريون پوري پاڻ ۾.

 

33-تان چئي: رکيم سڀڪنهن رات جو، پاڻيٽ پاڪيزو،
هاڻي گڏي غليظو، ڇو آن ڇا کي ڪريان.

 

34-چئي: مون کي پڻ ملاحظو هو، دوست اهو دلخواه،
ته متڻ مون تي ڪا رکين حرف همراه،
ته هن ڪميڻيءَ کان ڪانه ٿي سفلي ڪا صلاح،
داڳ انهيءَ داناءَ، کڻي اتابي آتاب ڪئي.

 

35-پر جيئن هتي هي حال، تيئن ٿي جوش ڪٺو جاسوس کي،
ته نينهن نهوڙي ڻاهه ڪيا، آهن پرت پئي پئمال،
جيئن هي ٿي ڪيا زوري سڪ زوال، تيئن هو ٿي ماريو ان جي مامري.

 

36-جيئن ٿي محبت منجهه هوءَ مري، تيئن واءُ وڃيو ٿي هو وري،
هو جو پِٽيو پِٽين پاڻ کي، هوءِ به وڃيو وک وري،
جت ڪامڻ ڪِيهه ڪري، تان هو ٿو نرناهه ٿئي نينهن کؤن.

 

37-روئي هن رخصت، هڪٻئي کان هاءِ ڪئي،
هن به م،وڳي پئي ماتام ڪيا، سهيو سور سخت،
هو ويو در مهندان دوست جي، همہ ڪري حيرت،
هُن به تونگر سر تخت، ويهندي ماڻهو موڪليو.

 

38-ويهندي ماڻهو موڪليو، سخت ڪري سرهنگ،
سو زيرڪ ضامن کؤن وٺي، اچي ڪو اڙٻنگ،
تان هو ٻرٻر ٻوڙٽ ۾ پيو، پڪو پرس پتنگ،
هي پاڻ ويو پلنگ، تنهن جاڳايو نه جوان کي.

 

39-پاڻ ويو وٽ پادشاهه، هن جاڳايو نه جواب،
هن به سالڪ سوريءَ ڪيو، فائق اي فرمان،
سنگيو ڪين سُجان، پاڻان سر ڏيندي سرهو ٿيو.

 

40-سرهنگ سوريءَ سامهون، وٺي جان ويوس،
تان هڳو جاڳندي جوان اچي، پرس کيس پُنوس،
تنهن دانهن ڪري دربان کي، عاشق ايئن اُتوس،
ڇڏ جنهن ڇڏايوس، وٺ تون مون کي مار تون.

 

41-ادا ڇڏ آشناء کي، دانهن دادش دار،
وٺ تون مون کي مار، جو آهيان چور امير جو.

 

42-اُت پڻ ڪنبي ويو ڪوٽار، ڪا مت آيس ڪانڪا،
تان هو مور مُشڪي ٿي چڙهي، اچي عاقل ٿيو اظهار،
ڪڪر ڪاري ويس جيئن، هو سج جيئن پاڻ سوار،

 

43-لرزي ويو لشڪر، هاءِ اچي هسوار چيو،
ڇو اوهين ڇو ٿا ڪريو، هل هنگام هشرَ،
اڳيان ان اظهر، ڪئي حقيقت حال جي.

 

44-سڀ حقيقت حال، سڻايائون سرهنگ کي،
چيو تان منجهه ملال، وڃي پاڻ پڇي اچ پادشاهه.

 

45-تڏهن دست ٻڌي دربان، درس چيو دهدار کي،
ته يڪ نه ڀانئج دو ڄڻا، سوريءَ سڃن سجان،
توتان تمن تمان، هو حڪم هيڪڙي جو ڪيو.

 

46-هن به گوش لائي گفتار، فائق جان فڪر ڪيو،
تان ڪنهن کان پڄي ڪانڪا، جيڏي ياري ڪڏهن يار،
مٿان پاڻ ميار، لاٿائين سِر کي سوريءَ ڏانهن سڃي.

 

47-اُت پڻ مائٽ ملوڪ جا، سڏايا سردار،
اچي ظاهر ضامن جا ٿيا، خوش اڳيان خنڪار،
دوست ڀڄي ويا در کان، ڀائر سڀ ڀتار،
تڏهن سوريءَ ڏانهن سردار، کڻي مالڪ عاشق موڪليو.

 

48-تڏهن هاءِ ڪري هسوار، چيو واءِ وريام کي،
ته ڇو هيڏا ڇو ٿو ڪرين، الوٽ انڌير انڌار،
چئي چوڪيدارن جي، ٿو خون ڪرين خنڪار،
جي هوندا تنهنجي حڪم ۾، اهڙا ڪم عقل ڪمدار،
ته ووءِ ووءِ ويجهائي ڪندين، سڃ سگهي سردار،
پنهنجو ملڪ مڻيار، ووءِ ووءِ ڪرين ويران ٿو.

 

49-چئي: جيڏي ڪرين جرات تون، سانگ نه رکين ساهه جو،
قابل اچين تون ڪيڏانهن ٿو، هيڏي سان حشمت،
ڪامل توکي ڪانه ٿئي، هرگز ڪا هيبت،
پاڻان پادشاهن کي، اهڙا سخن ڪجن نه سخت،
تون نر ڪرين ٿو نصيحت، پر پڇو مارائين پاڻ ٿو.

 

50-تان چي: پرجان پر وڌڏوم، تان ٿو زيرڪ مرڪين ظالم تي،
سالڪ توکي سچ چيم، ته ڪو ڏوهه ڪيوم،
تون جي هادي مارين حق تي، ته هوند سري ڪاج سندوم،
هو جو حج چَتايوم، سوهوند منهنجو حج هتي ئي ٿئي.

 

51-حاجي مارڻ حق، درس آهي دُز کي،
تون نر چوين ٿو ناحق، پوءِ ڇو ٿو ناحق ناحق ٿي مرين.

 

52-تان چئي: ات پڻ موت ڀلو مختيار، جت آهن حاڪم تو جهان،
تون ڪين پڇين ٿو شاهدن کي، دعوا اتي دهدار،
مارائين مسلمان ٿو، بي ڏوها بسيار،
رليا ڀائين رافضي، ناحق حق هچار،
تون تان حق هوشيار، پوءِ ڇو ٿو نر ناحق چوين.

 

53-چئي: بانڪا ان بنگلي ۾، ٿي ڪيوءِ رات طواف،
چئو ڪر چور ڇا چيو، ڇڏ خائف ري خلاف،
لکڻ ڪوڙ لفاف، آهي زور زياده ظلم کؤن.

 

54-چئي: ظالم ٿين زوال، شال ڪوڙو ٿئي ئي ڪونه ڪو،
ان مرڻ ڪارڻ محب جي، آندم ٿي احوال،
تون رازق واقف راز جو، هادي آهين همہ حال،
ته ڪڏهن اسان کان ڪونه ٿيو، اهڙو بد افعال،
ميان مارڻ جو هجئي، ڪو خواهمخواه خيال،
ته سڻ شفيع لڳ سوال، اڳي مارج عجيب کؤن.

 

55-چئي: مور نه ماريندوس، هوندس تنهنجي حڪم ۾،
ان سچ مقابل سيل جي، اَن توکي ڏانَ وڏا ڏيندوس،
اَن تنهنجا ڪم سڀ ڪاج ڪندوس، تون وڃ جابر پنهنجيءَ جاءِ تي.

 

56-هي ويو جابر پنهنجيءَ جاءِ تي، هُن ٿي ڪيا عهد تمان،
وهندو ئي وزير کي، سڏايو سلطان،
سوگند ان جي سيل جا، سچ ڪيا سڄاڻ،
موڪل مهربان، گهري نه کؤن نر نڪاح جي.


*    هن متن جو مدار ٽن منظوم روايتن تي آهي: (1) بيتن ۾ ”قصو خدادوست جو“، منشي محمد صالح، لس ٻيلي واري جي قلمي بياض تان ورتل، روايت ل. (2) محمد امين ڀوتاڻي، ويٺل دُريجي، ڪوهستان جي زباني قلمبند ڪيل اڻپوري روايت. (3) ثناءالله ”ثنائي“ جي چيل ”مثنوي محمود غزنوي عرف سچو عشق“، مطبوع پاڪستان پريس لاڙڪاڻو، روايت ث.

[1] روايت ث موجب محلات جي دريءَ ۾ رسي ڦاسائي چڙهيو ٿي ته بادشاهه ڏسي ورتس:

مٿي محلات جي ڦاهي اڙائي، چڙهي ٿو چور جان گهرو چتائي.

            محمد امين ڀوتاڻي، ويٺل دُريجي ڪوهستان جي روايت موجب، قصي جي شروعات هن طرح آهي: ڪنهن ملڪ ۾ محمود غزنوي شادي ڪئي. پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽڻ مهل زال کي نشانيءَ طور منڊي ڏنائين. خدا دوست ڄائو ته ماڻس کيس اها منڊي ڏني. جوان ٿيڻ تي پيءُ جي شهر ۾ اچي هڪ ’دين جو پي‘ ۽ هڪ سونارو ڀاءُ ڪيائين. وزير زادي، خدا دوست جو حسن ڏسي مٿس عاشق ٿي. هو روز رات جو مٿي محلات ۾ ويندو هو، هڪڙيءَ رات محمود غزنوي ڏسي ورتس.

(1)    روايت ث موجب بادشاهه کي وٺي پيءَ وٽ آيو، جنهن ضامن پوڻ کان انڪار ڪيو. ان بعد دوست وٽ آيو، جو سندس ضامن پيو:

                        وٺي پيءُ پنهنجي ڏي نيو سو ويو هو،

                        پڻس ڀي ڪينڪي ضامن پيو هو.

                        ٻڌي هي ڳالهه ان جي يار جاني،

                        اچي غم ۾ ڏيڻ ٿيو هي زباني.

                        ته هن آءٌ ضامن ڇو نه ٿيندس،

                        سِري هن يار تي اڄ ڇو نه ڏيندس

(1) روايت ث موجب ننڍپڻ کان وزيرزاديءَ سان محبت هيس. جڏهن هوءَ وڏي ٿي گهر ۾ ويهي رهي، تڏهن هو روزانو رات جو ڪمند جي وسيلي محلات ۾ ويندو هو ۽ سڄي رات ٻيئي گڏجي قرآن شريف جو دور ڪندا هئا:

                        ادا! هن ڳالهه کي ڪي سال ٿيندا،

                        اچئون ٿا پاڻ ۾ هي حال ڏيندا،

                    نه ناغو ڪو ٿيو آهه ۽ پيو آهه،

                        دل ۾ ڪو کنڌو روا ٻيو آهه.

(1)    روايت ث موجب خدادوست، پرهه ڦٽيءَ جو وزيرزاديءَ کان موڪلائي دوست جي گهر پهتو، ۽ اوجاڳي سبب سمهي پيو. صبح جو جڏهن بادشاهه جو ماڻهو ان کي وٺڻ لاءِ ويو، تڏهن سندس دوست انهيءَ خيال کان ته ’متان دوست جي ننڊ نه ڦٽي‘، سو پاڻ زال کي وصيت ڪيائين ته جي مون کي ڦاسي اچي وڃي ته تون خدا دوست سان شادي ڪجانءِ. ائين چئي، پاڻ وڃي بادشاهه وٽ حاضر ٿيو

(1)    روايت ث موجب وزيرزادي ڪاريءَ پوشاڪ ۾، ۽ ڪاري گهوڙي تي سوار ٿي، ان مهل آئي، جنهن مهل خدا دوست کي ڦاسيءَ تي ٿي چاڙهيائون. اتي بادشاهه محمود به حاضر هو.

*   هيءَ روايت منشي صالح محمد ٻُري، لس ٻيلي واري جي قلمي بياض تان ورتل آهي. ٻي اڻپوري روايت محمد امين ڀُوتاڻي، ويٺل دُريجي، ڪوهستان، جي زباني قلمبند ڪئي ويئي.

(1)    محمد امين جي روايت موجب

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org