سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :24

 

 

سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال

[هن قصي جون جملي ٻارهن روايتون مليون، جن مان پهرئين روايت ”تاريخ طاهري“ جي آهي، ۽ باقي هيٺئين يارهين روايتن مان ست منظوم ۽ پويون چار نثر ۾ آهن: (1) ليٿو ۾ ڇپيل منظوم قصو، (2) سيف الملوڪ، چيل بهار ٻپڙ جو، (3) سيف الملوڪ، چيل محمود شيخ، (4) سيف الملوڪ، چيل منو چانڊيو، (5) سيف الملوڪ چيل قاسم جو، (6) سيفلنامو (مقدمہ) سرائڪيءَ ۾ چيل لطف علي جو، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، سنه 1960ع، (7) سرائڪي ۽ مثنوي جي صورت ۾ حاجي خانڻ جو جوڙيل سيف الملوڪ، مؤلف قاضي صابر مصطفيٰ، مطبوع سنه 1953ع، (9) تعلقي اُٻاوڙي مان فاصل قائمي کان مليل روايت، (10) تعلقي شهدادپور مان ميرحسن ”سڪايل“ کان مليل روايت ۽ (11) تعلقي ٺٽي مان عبدالله گندري کان مليل روايت.

 ”تاريخ طاهري“ واري روايت مختصر مگر هڪ مستقل ۽ آڳاٽي آهي، جا هن قصي کي سرزمين سنڌ جي ماحول ۾ چمڪائي ٿي. ان روايت کي ”قصو بديع الجمال جو“ جي عنوان سان شروع ۾ رکيو ويو آهي. ان بعد باقي يارهن روايتون هن قصي کي مصر جي شهزادي جي عشق جي داستان جي صورت ۾ پيش ڪن ٿيون، جن جي مطالعي ۽ ڀيٽ جي بناء تي ”سيف الملوڪ“ جي عنوان سان هڪ جامع متن قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو بنياد بهار ٻپڙ واري بيتن ۾ جوڙيل قصي ۽ ليٿو ۾ ڇپيل ’الف اشباع‘ جي قافيي تي چيل منظوم قصي تي رکيو ويو آهي ۽ باقي نثر توڙي نظم ۾ جوڙيل روايتن مان مدد ورتي وئي آهي، ۽ انهن جا اختلاف هيٺ حاشين ۾ ڏنا ويا آهن.

قصي جي انهن ٻن مستقل روايتن بعد، پهريون پنج منظوم روايتون متن ۾ شامل ڪيون ويون آهن ۽ باقي پويون ڇهه (لطف علي ۽ حاجي خانڻ جا اڳ ڇپيل قصا ۽ چار نثر واريون روايتون، جن جا اختلاف قلمبند ڪيا ويا آهن.) ڇڏيون ويون آهن: مرتب.]

 

 

سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال*

سنڌ ۾ دلوراءِ نالي راجا (’محمد طور‘ ۽ ’ساڪري‘ شهرن جي وچ واري علائقي تي) حڪومت ڪندو هو. هو اهڙو ته ظالم، بي انصاف ۽ حد درجي جو غاصب هو، جو هر رات رعيت جي هڪ ڇوڪري زوريءَ پنهنجي محلات ۾ آڻائيندو هو. جيڪي هندي سوداگر پنهنجو مال ’ديول بندر‘ ڏانهن درياءَ ۾ ٻيڙين رستي کڻي هتان لنگهندا هئا، انهن کان راهداريءَ ۾ مال جو اڌ کسي وٺندو هو. ويچارا اڻواقف سوداگر تمام گهڻي ويل جي منهن ۾ هوندا هئا.

هڪڙو اهڙو واپاري تمام گهڻي مال سان هتي پهتو ۽ جڏهن ڪارندن کي خبر پئي ته هن وٽ بي انداز مال آهي ۽ ڏورانهين ڏيهه جو ماڻهو آهي، تڏهن هن کي حد کان ٻاهر آزارڻ شروع ڪيائون. اها حالت ڏسي، هو ڏاڍو پريشان ٿيو. انهيءَ کان سواءِ ساڻس هڪ چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙي حسين ٻانهي ’بديع الجمال‘ هئي. جڏهن هو اتي جي راجا جي بد عادتن کان واقف ٿيو، تڏهن هيڪاري ششدر ٿيو.

اهو سوداگر هڪ دانشمند ۽ خدا پرست هو. ان کي ڊپ لڳو ته جيتوڻيڪ هنن ڪميڻن کان جند ڇڏائڻ لاءِ بدناموسي ۽ هڙ ڦڙائڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونهي، پر تنهن هوندي به ڪوشش ڪرڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ربّ تعاليٰ جو فضل شامل رهيو ته اها ڪوشش تاقيامت يادگار رهندي. انهيءَ ڪري هن ٽن ڏينهن بعد راهداري ڏيڻ ۽ ان حسين ٻانهيءَ کي راجا جي حوالي ڪرڻ جي مهلت گهري، کيس اها مهلت ملي وئي. هن سوداگر تمام هوشيار قابل ۽ ماهر فن جبل ٽڪڻ وارا ۽ بند ٻڌڻ وارا ڪٺا ڪيا، ۽ انهن کي درياء جي هڪ طرف وڏو مضبوط بند (درياءَ جي رخ موڙڻ لاءِ) ڳجهه ڳوهه ۾ ٻڌڻ لاءِ چيو. اهو بند سندس خيال ۽ رٿ موجب ٻڌجڻ لڳو، جنهن تي سوداگر پنهنجا هيرا جواهر ۽ قيمتي شيون پئي خرچ ڪيون. هن جو ارادو هو ته الور ملڪ وٽان درياءَ کي مضبوط بند اچڻ سان درياءَ جو رخ بکر ڏي مڙي پوندو. اهڙيءَ ريت انهن قابل ڪاريگرن رات وچ ۾، بند ٻڌي درياءَ جي پاڻيءَ جو رخ ڦيري، لڪي ۽ سيوهڻ ڏانهن ڪري ڇڏيو. خدا جي مهربانيءَ سان درياءُ پنهنجو وهڪرو ڦيرائي انهيءَ طرف وهڻ لڳو ۽ پوءِ هي سوداگر پنهنجي ٻيڙي ۽ ساز سامان سميت، هن ظالم راجا جي ملڪ مان نڪري هليو ويو.

جڏهن صبح جو الور جي ماڻهن ڏٺو ته درياءَ ۾ ماڻهوءَ جي قد جيترو پاڻي وچ سير مان وهي رهيو آهي ۽ پاسن کان واري ۽ گپ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي، تڏهن سڀئي عجب ۾ پئجي ويا ته هيڏو سارو درياءَ ڪيڏانهن غائب ٿي ويو! جڏهن پتو پين ته اهو ڪم سوداگر پاڻ بچائڻ لاءِ ڪرائي، نڪري ويو آهي، تڏهن سمجهيائون ته هاڻ ملڪ سڄو تباهه ٿي ويندو. ڪن چيو ته درياءُ زمين ۾ هيٺ سرنگهه هڻي ويو آهي، ته ڪن چيو ته جي هيٺان سرنگهه هنئين هجيس ها ته به ڪٿان ڪٿان ڦاٽ کائي نڪري ها. پوءِ ته گهڻيئي هٿ هنيائون پر درياءُ نه موٽڻو هو، سو نه موٽيو. ڪن ڏينهن کان پوءِ، ملڪ ۾ اچي ڏڪار منهن ڪڍيو؛ ڇو ته زمين، اناج ۽ گاهه کان خالي ٿي وئي هئي، ماڻهن ۽ جانورن ۾ موت اچي ڪڙڪو ڪيو، آخر مذڪور ظلم ۽ بي انصافين کان اهو شهر ”ٻانڀڻاهه“ زمين هيٺ نگهوسار ٿي ويو.


*    ”تاريخ طاهري“ فارسي متن. (ص 25-27)، مطبوع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org