سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :25

 

 

سيف الملوڪ

حضرت سليمان جي دور ۾، مصر ملڪ تي عاصم شاهه(1) (1)نالي بادشاهه حڪومت ڪندو هو. سندس رعيت هر طرح آسودي ۽ خوشحال هئي، ۽ ملڪ ۾ هر طرف امن امان هو؛ پر تنهن هوندي به بادشاهه سدائين غمگين گذاريندو هو. ڇاڪاڻ ته پيريءَ تائين کيس ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو هو، جو کانئس پوءِ تخت سنڀالي. آخرڪار ان غم ۾ درٻار ۾ اچڻ ئي ڇڏي ڏنائين. جڏهن ڳچ ڏينهن تائين بادشاهه درٻار ڏانهن منهن ئي نه ڪيو، تڏهن رعيت توڙي اميرن وزيرن کي خيال ٿي پيو. آخر هڪڙي ڏينهن اميرن وزيرن صلاح ڪري، وڏي وزير صالح پٽ جمشيد (2) کي خبر چار وٺڻ لاءِ بادشاهه ڏانهن روانو ڪيو. وڏي وزير کيس رعيت ۽ اميرن وزيرن جي پريشانيءَ کان آگاهه ڪندي عرض ڪيو ته: جيئندا قبلا! آخر توهان کي ڪهڙو غم آهي، جو درٻار ۾ اچڻ ئي ڇڏي ڏنو اٿَو! بادشاهه جواب ڏنو ته: وزير! توکي خبر آهي ته هن وقت تائين مون کي ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو آهي، انهيءَ غم کان لاچار آهيان. اهو ٻڌي، وڏي وزير چيو ته: بادشاهه سلامت! توهين نااميد نه ٿيو. هاڻي درٻار ۾ هلڻ جي تياري ڪريو، ته اتي هلي نجوميءَ کان ڪو تدارڪ پڇون. خدا گهريو آهي ته ڪو نه ڪو حيلو ضرور ٻڌائيندو. اهو ٻڌي بادشاهه ڪجهه سرهو ٿيو، ۽ انهيءَ مهل ٺهي جڙي، اچي درٻار ۾ پهتو. بادشاهه کي ڳچ ڏينهن کان پوءِ درٻار ۾ ڏسي، رعيت توڙي اميرن وزيرن کي ڏاڍي خوشي ٿي.

ٿوريءَ دير کان پوءِ نجومي به اچي حاضر ٿيا، جن کي بادشاهه پنهنجي دل جو حال ٻڌايو. نجومين ڪتاب کولي، ستارا ملائي بادشاهه کي چيو ته: بادشاهه سلامت! جيڪڏهن يمن جي سلطان شاهه قحطان (1) جي نياڻي ”گل بانو“ (2) سان شادي ڪندؤ، ته ان مان اوهان کي هڪڙو فرزند پيدا ٿيندو. اهو ٻڌي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هڪدم خزاني جا در کولي، سڄي ملڪ ۾ خيرخيراتون ڪيائين ۽ نجومين کي پڻ جهجها انعام اڪرام ڏيئي روانو ڪيائين. ٻئي ڏينهن بادشاهه پنهنجي وڏي وزير صالح کي سوکڙيون سوغاتون ڏيئي، سڱ جي لاءِ يمن ولايت ڏانهن روانو ڪيو. وزير، يمن پهچي سوکڙيون پاکڙيون ۽ شاهي پيغام شاهه قحطان کي پهچايو،
جنهن اها ڳالهه خوشيءَ سان قبول ڪئي، ۽ شهزاديءَ جو سڱ عاصم شاهه کي ڏيڻ قبول ڪيو. ٿورن ئي ڏينهن بعد عاصم شاهه ۽ شهزادي گل بانو جي شادي ڏاڍي ڌام ڌوم سان ٿي. شهزادي گل بانوءَ جو وري پنهنجي وزير جي ڌيءَ سان تمام گهڻو پيار هو، هڪ گهڙي به ان کان سواءِ آرام نه ايندو هئس. ان ڪري شهزاديءَ موڪلائڻ وقت پيءَ کي عرض ڪيو ته: وزيرزادي به مون سان گڏ هلي. بادشاهه اها ڳالهه خوشيءَ سان قبول ڪئي، ۽ پوءِ وزيرزاديءَ جي شادي وري صالح وزير سان ڪيائون، ته جيئن ٻئي سهيليون گڏ رهن.

خدا جي قدرت سان پوري ڏهين مهيني، عاصم شاهه کي ان راڻيءَ مان تمام سهڻو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ”سيف الملوڪ“ رکيائون. ساڳيءَ رات، ساڳئي وقت صالح وزير جي گهر پڻ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو سعد(1) رکيائون. شهزادي جي ڄمڻ تي سڄي ملڪ ۾ ڏاڍيون خوشيون ٿيون ۽ غريب غربا شاهي خزاني مان خيرات وٺي بادشاهه کي دعائون ڪرڻ لڳا. بادشاهه سلامت!شهزادو تمام نيڪ بخت آهي، پر چوڏهن سالن جي عمر ۾ کيس ڏاڍا ڪشالا درپيش ايندا ۽ مٽن مائٽن کان جدا ٿيڻو پوندس. اها حقيقت ٻڌي بادشاهه کي ڌاڍو ارمان ٿيو، پر پوءِ وزيرن جي سمجهائڻ تي في الحال صبر ڪيائين.

شهزادي سيف الملوڪ ۽ وزير زادي سعد لاءِ هڪ خاص تهخانو ٺهرايو ويو، جتي ٻئي ڄڻا گڏ نپجڻ لڳا. کين انهيءَ تهخاني ۾ ضرورت جي هرڪا شيءَ موجود ملندي هئي. پنجن ورهين جي ڄمار ۾ کين استاد رکي ڏنو ويو، جنهن تعليم سان گڏ کين هر فن ۾ ڀڙ ڪري ڇڏيو. جڏهن چوڏهن ورهيه پورا ٿيڻ تي آيا، تڏهن هڪڙي ڏينهن بادشاهه کين درٻار ۾ گهرايو. حڪم ملڻ تي شهزادو ۽ وزيرزادو، ٻئي سهي سنڀري اچي درٻار ۾ حاضر ٿيا. بادشاهه ان موقعي تي خوب جشن ملهايو. موڪلائڻ وقت بادشاهه، وزيرزادي کي هڪ جڙاءدار تلوار سروپاء سميت ۽ شهزادي کي هڪ پيتي ڏني ۽ شهزادي کي ٻڌايائين ته: هن پيتيءَ ۾ حضرت سليمان واري منڊي ۽ چادر (2) پيل آهن. اهي ٻئي شيون ساهه سان سانڍي رکج، جو اهي توکي آئيءَ ويل ڪم اينديون. درٻار برخواست ٿيڻ بعد هي ٻئي ڄڻا پنهنجي نئين محلات ۾ آيا، جتي رات جو وري به محفل ٿي. محفل کان پوءِ جڏهن نويڪلائي ٿي، تڏهن شهزادي سيف الملوڪ پيءُ کان مليل صندوق کولي، ۽ ان مان رومال ڪڍي ڏسڻ لڳو. رومال تي هڪڙي پريءَ جي اهڙي ته سهڻي تصوير ٺهيل هئي، جو سيف الملوڪ ڏسڻ سان ان تي عاشق ٿي پيو. پوءِ ته سڄي رات بيقراريءَ ۾ لڇندي گذاريائين. صبح جو وزير زادو اچي ڏسي ته شهزادي جو پلنگ خالي پيو آهي، ۽ هو دريءَ وٽ بيٺو روئي. شهزادي کي انهيءَ حال ۾ ڏسي وزيرزادو به پريشان ٿيو، ۽ هن کان روئڻ جو سبب پڇيائين. پر شهزادي هن کي پنهنجي عشق جو راز نه ڏنو. وزيرزادي گهڻيئي حيلا ڪيا، پر هن بهانا ڪري پنهنجي ماجرا ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آخرڪار وزيرزادي به هن کي پنهنجي حال تي کڻي ڇڏيو.

سيف الملوڪ ان کان پوءِ رات ڏينهن رومال واري پريءَ کي ڏسي پيو روئندو هو. کائڻ پيئڻ به ڇڏي ڏنائين، تان جو بيمار ٿي پيو. اها خبر جڏهن بادشاهه کي پئي، تڏهن سڪيلڌي پٽ کي ڏسڻ لاءِ آيو ۽ هن جي حالت ڏسي افسوس ڪرڻ لڳو. هن به گهيئي حيلا ڪيا ته من سيف الملوڪ ڪجهه ٻڌائي ته ان جو تدارڪ ڪجي، پر ٻيو ٿيو خير. لاچار بادشاهه، اميرن وزيرن سان صلاح ڪري، شهزادي کي محلات ۾ گهرائي رهايو، ۽ وزيرزادي کي هن حال جي اصلي سبب معلوم ڪرڻ لاءِ چيائين.

وزيرزادو رات جو دستور موجب سيف الملوڪ وٽ رهاڻ لاءِ آيو، هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندي کانئس حقيقت پڇيائين. شهزادي وري به انڪار ڪيو. تڏهن هن ڏک مان چيو ته: شهزادا! افسوس آهي جو مون دوست کان دل جي ڳالهه ٿو لڪائين؛ هاڻي جيڪڏهن مون کي سچي حقيقت نٿو ٻڌائين، ته اتي جو اتي ڪٽاريءَ سان پاڻ کي ماري ڇڏيندس. ائين چئي، ڪٽاري ڪڍي هٿ ۾ ڪيائين، ۽ پاڻ کي مارڻ تي هو ته سيف الملوڪ کڻي هٿ کان جهليس، ۽ چيائينس ته: دوست سعد! تون رنج نه ٿيءُ، پر توکي پنهنجي آزار کان ان ڪري نٿي واقف ڪيم، جو سمجهان ٿو ته منهنجو علاج ٿي ڪونه سگهندو؛ پر جي هاڻي تنهنجي مرضي آهي ته ٻڌ: مون کي بابي جيڪا پيتي تحفو ڪري ڏني هئي، ان ۾ هڪڙو ريشمي رومال پيل آهي، جنهن تي هڪ حسين پريءَ جي تصوير ڇپيل آهي، ان جي فراق ۾ هيءُ حال ٿيو اٿم. هاڻي جي انهيءَ پريءَ سان نه مليس ته انهيءَ درد ۾ لڇي ساهه ڏيندس. سعد سمورو حال ٻڌي کيس دلداري ڏني.

ٻئي ڏينهن صبح سان سعد، بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿي، کيس شهزادي بابت حقيقت ٻڌائي. بادشاهه هيءَ ماجرا ٻڌي ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو، ۽ وزير کي چيائين ته: مون کي ڪهڙي خبر ته هن مورت مان ايڏو ممڻ مچندو. هاڻي حقيقت هيءَ آهي ته گهڻو وقت اڳي، هڪڙي ڏينهن آءٌ باغ ۾ ويٺو هئس، ته اها پيتي چار پريون کڻي اُڏامنديون آيون، ۽ اچي منهنجي آڏو رکيائون. اها ساڳي تصوير رومال تي ڏسي، مون کانئن ان جي حقيقت طلب ڪئي هئي. جواب ۾ ٻڌايائون ته اها تصوير پرين جي ملڪ گلستان ارم جي بادشاهه شهپال(1) جي ڌيءَ بديع الجمال جي آهي. شاهپال اهو رومال ۽ منڊي، پنهنجي مرشد حضرت سليمان ڏانهن تحفي طور موڪليا هئا. جنهن وري مون ڏانهن موڪليون آهن. تنهن کان پوءِ اها پيتي مون سوگهي ڪري رکي ڇڏي ۽ پرين کي ٻه ڏينهن ترسائي، سندس شاهاڻي مهماني ڪري کين واپس ڪيم. هاڻي ڪا صلاح ڏيو ته شهزادي جو علاج ڪيئن ڪجي؟ اتي وزير عرض ڪيو ته: جيئندا قبلا! پرين جي ملڪ ۾ وڃي پريءَ سان شادي ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي، تنهنڪري بهتر آهي ته ڪي ڳولائو ڇڏجن، جي ملڪ مان ئي ڪنهن حسين عورت جي ڳولا ڪري ان جي تصوير کڻي اچن، ۽ شهزادي کي ٻڌائجي ته اها بديع الجمال جي تصوير آهي. شهزادو ڪنهن نه ڪنهن سهڻي تصوير کي ڏسي راضي ٿي ويندو. هاڻي توهين خود شهزادي وٽ وڃي کيس دلداري ڏيو ۽ ٻڌايوس ته انهيءَ پريءَ جي تلاش ۾ ماڻهو موڪليون ٿا؛ پر هن مشڪل ڪم کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ سال جي مهلت ڏيندو، پوءِ جي انهيءَ عرصي اندر ڪو تدارڪ ٿي سگهيو ته واهه، نه ته جيڪي نصيب ۾ لکيل هوندو سو ٿيندو.

بادشاهه کي اها صلاح پسند آئي، سو يڪدم وزير کي ساڻ ڪري شهزادي وٽ ويو. سيف الملوڪ به پيءُ جي صلاح ٻڌي خوش ٿيو، ۽ هڪ سال جي مهلت ڏنائين. بادشاهه ٻئي ڏينهن ئي ڪيترن هاڪارين کي سفر جو سامان ڏيئي، تلاش لاءِ موڪليو. شاهي ماڻهو چئني ڏسين ۾ پکڙجي ويا ۽ جهرجهنگ، بربحر ڳوليندا ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتا. جتي به ڪا سهڻي صورت نطر ايندي هين، ته ان جي تصوير ڪڍي بادشاهه ڏانهن موڪليندا هئا.، وزيرزادو سعد وري اهي تصويرون شهزادي کي ڏيکاريندو هو. سيف الملوڪ اهي تصويرون ڏسي ٿڌو ساهه ڀري چوندو هو ته: ادا سعد! جيڪڏهن بهشت جي حور گهرائي منهنجي روبرو آڻيندا، ته به آءٌ بديع الجمال جو خيال دل مان نه ڪڍندس. تان جو ڳولا ڪندي ڪندي هڪ سال گذري ويو ۽ ڳولائو نااميد ٿي مصر ڏانهن واپس ورڻ لڳا. سيف الملوڪ نااميديءَ جي خبر ٻڌي، هيڪاري حال کان بيحال ٿي ويو.

آخر هڪڙي ڏينهن شهزادي، بادشاهه کي چيو ته: جيئندا قبلا! جنهن مورت لاءِ منهنجا ههڙا حال ٿيا آهن، مون کي اجازت ڏيو ته ان پريءَ کي آءُ پاڻ پنهنجي سر ڏوري ڏسان. بادشاهه گهڻو ئي سمجهايس، پر جڏهن ڏٺائين ته شهزادو پنهنجي ڳالهه تان نٿو لهي، تڏهن مجبور ٿي کيس اجازت ڏنائين. پوءِ ته شهزادي يڪدم ٻارهن سئو غوراب تيار ڪرائي، سفر جو سامان ۽ لشڪر گڏ ڪري دوست وزيرزادي سعد کي ساڻ ڪري، بادشاهه کان موڪلائي غوراب هاڪاريا. ڪيترن ڏينهن جي سفر کان پوءِ سيف الملوڪ ساٿين سميت صحيح سلامت اچي چين جي ڪناري تي پهتو. اتي جي بادشاهه فغفور شاهه ڪنهن غنيم کي ايندو ڏسي، خبرچار وٺڻ لاءِ ايلچي ڊوڙايا. ايلچي جڏهن سيف الملوڪ وٽ پهتا، تڏهن هن کين گهڻي عزت ڏني، ۽ چيائين ته: آءٌ مصر جو شهزادو آهيان، شيل شڪار ڪندي هتي اچي پهتو آهيان، ۽ گلستان ارم وڃڻ جو ارادو اٿم. قاصدن جڏهن سلطان فغفور شاهه کي حقيقت ٻڌائي، تڏهن هو پاڻ وڏي حب مان اچي شهزادي سان مليو، ۽ کيس ساٿين سميت وٺي وڃي مهمان ڪري رهايائين. رهاڻ ڪندي جڏهن سيف الملوڪ کيس بديع الجمال جي عشق جو احوال ٻڌايو ۽ کانئس گلستان اِرم جا پار پتا پڇيا، تڏهن فغفور شاهه چيس ته: مون ته ڪڏهن ان شهر جو نالو ڪونه ٻڌو آهي؛ باقي هن شهر ۾ هڪ پيرسن بت تراش رهي ٿو، ان کان پڇا ڪريون ٿا، اهو شايد ٻڌائي. بادشاهي حڪم تي ٿوريءَ دير کان پوءِ اهو پريو مڙس اچي درٻار ۾ حاضر ٿيو، جيڪو هڪ سئو ڇويهن سالن جي عمر جو هو. جڏهن ان کان گلستار اِرم بابت پڇيائون، تڏهن هن پيرسن بت تراش وراڻيو ته: مون پنهنجيءَ عمر ۾ اهو نالو به ڪونه ٻڌو آهي؛ باقي هتان کان مهيني کان جي پنڌ تي هڪ شهر ’ڳنڍو‘(1) نالي آهي، اتان توهان کي شايد ڪو پار پتو ملي وڃي؛ ڇو ته ان شهر ۾ هر ڏِس جا سوداگر سدائين پيا اچن وڃن. اهو ٻڌي سيف الملوڪ، فغفور شاهه کان موڪلائي، ساڳئي ساٿ سميت ان شهر ڏانهن روانو ٿيو.

ڪنهن ڏينهن جي سفر بعد انهيءَ سمنڊ ۾ اوچتو اچي طوفان لڳو(2) هنن پاڻ بچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر طوفان اهڙو ته خوفناڪ هو، جو گهڙيءَ کن ۾ سڀئي خوراب لشڪر سميت غرق ٿي ويا. شهزادي سيف الملوڪ، وزيرزادي سعد ۽ سندس ڪن ساٿين کي غورابن جا ڪي ڀڳل تختا قدرت سان هٿ اچي ويا، جن تي هي هڪڙي پاسي ترندا هلڻ لڳا. ٽي ڏينهن ٽي راتيون لهرين ۾ لڙهندا رهيا. آخرڪار هڪ اهڙي لهر آئي جو وزيرزادي ۽ ٻن چئن ٻين کي هڪڙي پاسي ڌڪي کڻي ويئي، ته سيف الملوڪ کي ڇهن سنگتين سميت ٻئي پاسي گهلي ويئي. سيف الملوڪ کي دوست سعد جي جدائيءَ جو ڏاڍو ارمان ٿيو، پر ان وقت اهڙو حال هو جو ڪو ڪنهن جي مدد ڪري نٿي سگهيو. آخر ڪار ڪن ڏينهن جي ڪشالي کان پوءِ کين پري کان ڪنارو ڏسجڻ ۾ آيو. سيف الملوڪ ۽ سندس ساٿي هٿڙا هڻندا اچي ان ڪناري تي پهتا(1) قدرت سان اهو ملڪ زنگين جو هو؛ تن جو هنن آدمزادن کي ڏٺو، سي هنن ستن ئي سنگتين کي گهيرو ڪري ويا، ۽ هنن کي وٺي وڃي پنهنجي سردار اڳيان پيش ڪيائون. شهزادو زنگين جي سردار جي هيبتناڪ شڪل ڏسي هراسجي ويو، پر سردار ههڙو خوبصورت شڪار ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو؛ سو يڪدم حڪم ڪيائين ته: هنن سڀني کي ڪهي جهٽ پٽ ڪباب تيار ڪيو وڃي.  ان سردار جي ڌيءَ اربيل (2)، جيڪا خود به پيءُ وانگر نهايت بدصورت ۽ ڪاري هئي، سا شهزادي سيف الملوڪ جي سهڻي صورت ڏسي مٿس موهجي پيئي؛ سو پيءُ کي منٿ ميڙ ڪري، شهزادي کي سندس ساٿين سميت پنهنجي غلاميءَ ۾ ورتائين. سيف الملوڪ پاڻ کي هنن وحشين جي قبضي ۾ ڏسي ڏاڍو ششدر ٿيو، ۽ کيس بديع الجمال ويتر ياد اچڻ لڳي. زنگي شهزادي ڏاڍي مڪر ۽ فريب سان سيف الملوڪ کي ريجهائڻ لڳي، پر هن سندس هڪ به نه ٻڌي. اهڙيءَ طرح ڳچ ڏينهن سيف الملوڪ وٽ منٿون ڪندي هئي، پر ٻيو ٿيو خير. آخر هڪڙي ڏينهن سهزادو به وجهه وٺي؛ هنن ستن ئي ساٿين سميت زنگين جي قيد مان ڀڄي نڪتو. پوءِ ته سمنڊ جي ڪناري تي پهچي، هِتان هُنان ڪک ڪاٺيون ميڙي، نُرها ٺاهي سمنڊ ۾ گهڙي پيا(1)

سمنڊ ۾ پورا پنج مهينا هلندا رهيا، پر کين ڪوبه ٻيٽ نظر نه آيو، جتي هو لهي سگهن. آخرڪار پنجن مهينن جي سفر کان پوءِ هڪڙو ٻيٽ ڏسڻ ۾ آين. تمام گهڻي خوشيءَ مان اچي ٻيٽ تي لٿا، ۽ ڌڻي جا شڪرانا بجا آندائون. ان ٻيٽ جي ڪناري تي بيٺل ميوا کائي، پوءِ ٿڪ ڀڄڻ لاءِ اتي ئي سمهي رهيا. اڃا اڌ رات مس گذري ته چوطرف اهڙا ته خوفناڪ آواز اچڻ لڳا، جو هي سڀ ڊپ ۾ اٿي ويهي رهيا. هڪ اونداهي رات ٻيو چوگرد اهڙيون بلائون ڏسڻ ۾ آين، جن جي اکين مان باهه جا شعلا پئي نڪتا، سيف الملوڪ توڙي سندس ساٿين باقي رات ڏڪندي گذاري. فجر ٿيو ئي ڪين ته ترها کڻي وري سمنڊ ۾ ڪاهي پيا. اهڙيءَ طرح شهزادو، محبوب جي ڳولا ۾ لهرين جا لوڏا سهندو اڳتي هلندو رهيو. اٽڪل ٽن مهينن جي سفر کان پوءِ وري به اچي هڪڙي ٻئي ٻيٽ ۾ پهتا. ان هنڌ اڳين ٻيٽن وانگر انسان ذات جي بوءِ به ڪانه هئي، باقي قسمين قسمين ميون جا وڻ هئا. شهزادي جي ساٿين کي بک ڏاڍو هلاڪ ڪيو هو، سي ڍڳ ميوي جو کائي ڍؤ ڪري سمهي پيا آهن. ساٿين جي موت تي هن جي اکين اڳيان اوندهه اچي ويئي، ۽ ڪيترو وقت اتي ويهي ارمان ۾ لڙڪ وهائڻ لڳو. آخر ڪجهه دير کان پوءِ خدا جي رضا تي راضي رهي، سڀني ساٿين کي دفنايائين. پوءِ مٺي پاڻيءَ جو هڪ چشمو ڳولي، ان ۾ وهجڻ لڳو.(1).

هيءُ اڃا وهنجي مس نڪتو، ته قدرت سان هڪڙو گرڙ پکي غوغاءُ ڪندو هن ڏي اڏامندو آيو(2). هن جي آواز تي پکي پکڻ ڊڄي اڏامي ويا. سيف الملوڪ به جهٽ پٽ ڪپڙا پائي، بچاءُ لاءِ اٿي هڪ طرف ڀڳو. پر اڃا ٻه قدم ئي مس ڊوڙيو ته پکي اچي مٿانئس پيو ۽ هن کي چنبن ۾ کڻي وٺي اڏاڻو. هن نئين آفت کي ڏسي شهزادي جو ساهه ئي سڪي ويو. هن پاڻ کي پکيءَ جي چنبن مان ڇڏائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر پکي هن کي نه ڇڏيو ۽ اڏامندو اڏامندو اچي هڪ وڻ تي، سندس آکيري تي لٿو. شهزادو پاڻ کي وري به موت جي منهن ۾ ڏسي، پنهنجي ساٿين کي ياد ڪري روئڻ لڳو، ته هن وقت اهي هجن ها ته ضرور منهنجي مدد ڪن ها.

چوندا آهن ته ’مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو آهي‘، سو شهزادو اڃا ڳڻتين ۾ ئي هو، ته وڻ جي ڀر ۾ هڪڙي بِرَ مان هڪڙو اجگر نانگ نڪري ان وڻ تي چڙهڻ لڳو، جنهن جي وات ۽ اکين مان باهه جا شعلا پئي نڪتا. پکيءَ جو نانگ کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺو، سو شهزادي کي کڻي ڦٽو ڪيائين ۽ پاڻ پنهنجن ٻچن بچائڻ لاءِ پاسو ڪنڊ وٺڻ لڳو. ايتري ۾ اجگر به ويجهو ٿي، هڪڙي زوردار ڦُوڪ ڏني ته پکي کنڀن سوڌو جلي خاڪ ٿي ويو، ۽ پوءِ ان جي ٻچن کي به ڳهي ڇڏيائين. اتي شهزادو، جيڪو ڊپ ۾ ڊوڙي وڃي هڪڙي ٻئي وڻ تي چڙهي ويهي رهيو هو، سو اتان لهي، لڪي ڇپي، هڪڙي پاسي منهن ڪري وٺي ڀڳو. جنهن محبوب سان ملڻ لاءِ هيڏا ڪشالا ڪڍيا هئائين تنهن جو ته ڪٿان به پار پتو ڪونه ٿي مليس، تنهنڪري جيڪو رستو سامهون آيس، اهو وٺي روانو ٿيو. رات جو ڪنهن وڻ تي چڙهي سمهي رهندو هو، ۽ صبح جو وري الله جي آسري اٿي پنڌ پوندو هو. اهڙيءَ طرح پنڌ ڪندي ڪندي شهزادي جا پير ڦلڻا ٿي پيا، ۽ ايتري قدر ته مايوس ٿي پيو، جو جيڪر خدا جو خوف نه هجيس ها ته پاڻ کي پورو ڪري ڇڏي ها.

قصو ڪوتاهه. هلندي هلندي هڪڙي هنڌ شهزادي کي پريان ڪجهه وڻڪار ڏسڻ ۾ آئي. هڪڙي وڻ تي چڙهي نگاهه ڪيائين ته ان وڻڪار ۾ ڪا جاءِ به ڏسڻ ۾ آيس. آبادي کي ڏسي شهزادي کي ڪجهه پيٽ ۾ ساهه پيو، سو تڪڙو تڪڙو هلندو اچي ان جاءِ وٽ پهتو. ان جاءِ کي ٻاهران هڪڙو تمام وڏو ڪلف چڙهيل هو، پر شهزادو اهو ڪلف ڀڃي اندر گهڙيو(1). اندر عجيب باغ باغيچا لڳا پيا هئا، ۽ ڪوٺيون اهڙي سهڻي نموني تيار ٿيل هيون، جو ڄڻ ڪو بادشاهي محلات هو. اتي سيف الملوڪ کي خاطري ٿي ته هيءُ جو هيڏو سارو مانڊاڻ ٺهيو پيو آهي، سو ڪونه ڪو انسان ضرور هتي رهندو هوندو. اهو خيال ڪري هڪ هڪ ڪوٺي گهمندو، جڏهن عاج سان مڙهيل تخت جي پاسي واري ڪمري ۾ پهتو، ته ڏسي ته هڪڙي جڙاء دار پلنگ تي هڪڙي بيحد حسين عورت ستي پئي آهي. ان عورت جي حسن مان ائين پئي لڳو، ڄن هوءَ انسان نه، پر ڪا پريزادي آهي. شهزادي هن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ سڏ ڪيا، ۽ ٻانهن کان لوڏيو پر هوءَ سجاڳ نه ٿي. اهو حال ڏسي ڏاڍو عجب لڳس. آخر هيڏانهن هوڏانهن ڪوٺيءَ ۾ نهارڻ لڳو. اوچتو سندس نظر پلنگ جي سيرانديءَ کان ٽنگيل هڪڙي سوني ڦرهيءَ تي وڃي پئي (1). شهزادي اها پٽي لاهي، اگهي صاف ڪري چميائين ته اها شهزادي سجاڳ ٿي پئي.(2)، ۽ هڪڙي آدمزاد کي پاڻ وٽ ڏسي، حيران ٿي ويئي. پوءِ سيف الملوڪ کان سندس نالو ۽ سفر جو مقصد پڇيائين. شهزادو هن سهڻيءَ صورت کي پاڻ سان مخاطب ڏسي ڪجهه سرهو ٿيو، ۽ مختصر طرح هن کي پنهنجو نالو ۽ اچڻ جو مقصد ٻڌايائين.(3) پوءِ وري هن نازنين کان سندس احوال پڇيائين. جنهن تي هن ٻڌايو ته: آءٌ سرانديپ جي بادشاهه(4) جي ڌيءَ آهيان، نالو ملڪان اٿم. هڪڙي ڏينهن آءٌ پنهنجي محلات جي باغ جي وچ ۾ واري تلاءَ ۾ پئي وهنتيس ته اوچتو واچوڙو اچي وريو. ان ۾ اهڙو ته شور هُل هو، جو آءٌ اتي ئي بيهوش ٿي پيس. جڏهن هوش آيم ته پاڻ کي هن پلنگ تي ويٺل ڏٺم، ۽ سامهون در تي هڪڙو خوفناڪ ديو بيٺل ڏٺم. ٿوري دير کان پوءِ ٻيا به ڪيترائي ديوَ اچي ڪٺا ٿيا، ۽ گڏجي جشن ملهائڻ لڳا. اڌ رات کان پوءِ جڏهن جشن ختم ٿيو ۽ سڀ ديوَ موڪلائي هليا ويا، تڏهن اهو ساڳيو ديو مون وٽ آيو ۽ مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري مون کي ريجهائڻ لڳو. ان ڏينهن کان وٺي اهو ديو روزانو اچي مون کي ريجهائڻ لاءِ منٿون ميڙون ڪندو آهي، ۽ منهنجي انڪار ڪرڻ تي مون کي ان سوني ڦرهيءَ جي زور سان بيهوش ڪري، پوءِ خبر ناهي ته ڪيڏانهن هليو ويندو آهي.

سيف الملوڪ کي اتي ملڪان سان گڏ رهندي ڳچ ڏينهن گذري ويا. ديو، دستور موجب روزانو ايندو هو، ۽ ملڪان کي منٿون ڪري موٽي ويندو هو. ان جي وڃڻ کان پوءِ، شهزادو هن کي هوش ۾ آڻي ساڻس رهاڻ ڪندو هو. آخر هڪڙي ڏينهن وري به ملڪان، شهزادي کان پنهنجي سفر جو سربستو حال پڇيو. جنهن تي شهزادي بديع الجمال جي عشق وارو سمورو حال ڪري ٻڌايو(1). بديع الجمال جو ٻڌي، ملڪان جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ ويتر وڌيڪ اداس ٿي پئي، ۽ پوءِ شهزادي کي چيائين ته: ادا! جنهن بديع الجمال لاءِ تو هيڏا ڪشالا ڪيا آهن، اها مون بدنصيب جي ڀيڻ آهي.(2) اهو هن طرح جو هڪ ڏينهن منهنجي ماءُ، منهنجي معصوم ڀيڻ کي کڻي اسان جي محلات واري باغ ۾ ويٺي هئي ته هڪ پري، ٻين ڪيترين پرين جي حلقي ۾ اڏامندي اچي اتي لٿي. منهنجي ماءُ انهن پرين جو ٽولو ڏسي ڊڄي وئي، پر پوءِ ان حلقي واري پريءَ چيس ته: ادي! تون ڊڄ نه، آءٌ گلستان اِرم جي بادشاهه شهپال جي زال آهيان ۽ سير جي خيال سان هتي آئي آهيان؛ اڄ کان وٺي تون مون کي پنهنجي ڀيڻ ڪري سمجهه. پوءِ ان پري منهنجي ننڍيءَ ڀيڻ کي کڻي پنهنجي ٿڃ پياري ۽ پيار ڪرڻ لڳي. اهو ڏسي منهنجي ماءُ به ان پريءَ جي ڌيءَ کي کڻي ٿڃ پياري. پوءِ اهي پريون ست ڏينهن اسان وٽ رهي، واپس هليون ويون. ان ڏينهن کان وٺي اها پري پنهنجي ڌيءَ بديع الجمال سميت هر مهيني اسان وٽ ايندي آهي ۽ هفتو کن رهي، واپس هلي ويندي آهي(1). جي اڄ آءٌ پنهنجي اباڻي وطن ۾ هجان ها ته ضرور تنهنجي مدد ڪريان ها.

محبوب جي ملاقات جو آسرو ڏسي شهزادو باغ بهار ٿي ويو ۽ ملڪان کي چيائين ته: ڀيڻ! تون مون سان مدد جو وعدو ڪيو آهي، ته آءٌ به توسان قول ٿو ڪريان ته جيسين ان ملعون ديوَ کي ماري مات ڪري، توکي آزاد نه ڪندس، تيسين هتان هڪ وک به اڳتي نه وڌائيندس. اهو ٻڌي ملڪان به ڪجهه سرهي ٿي، ۽ پوءِ پاڻ ۾ ويهي ديو کي مارڻ لاءِ پهه پچائڻ لڳو. گهڻو سوچ ويچار کان پوءِ سيف الملوڪ شهزاديءَ کي چيو ته: هاڻي جڏهن ديو تو وٽ اچي تڏهن تون ڪنهن طرح کانئس اها خبر وٺ ته سندس ساهه ڪهڙيءَ شيءَ ۾ آهي. تڏهن ملڪان چيس ته: ڀاءُ شهزادا! هڪ ڏينهن ديوَ کان مون اها مام پڇي هئي، جنهن تي پهريائين ته هو ڏاڍو ڪاوڙيو، پر پوءِ جڏهن آءٌ رسي ويهي رهيس تڏهن ٻڌايائين ته ’منهنجو ساهه هڪڙي ڪبوتر ۾ آهي، جو وري هڪڙي پڃري ۾ بند آهي، ۽ اهو پڃرو اسفنديار ٻيٽ جي ڀر واري سمنڊ ۾ پيل آهي. پر ان کي فقط اهو شخص هٿ ڪري سگهي ٿو، جنهن وٽ حضرت سليمان واري منڊي هوندي‘. اهو ٻڌي سيف الملوڪ خوش ٿي چيس ته: جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ تون ڪوبه ارمان نه ڪر، ڇو ته اها منڊي مون وٽ آهي. پوءِ ته ٻئي ڄڻا ان وقت ئي تيار ٿي، سمنڊ ڏانهن روانا ٿيا.

هلندي هلندي هي ٻئي ڄڻا آخر اچي ان ٻيٽ وٽ پهتا. شهزادي يڪدم چيلهه مان حضرت سليمان واري منڊي ڇوڙي هٿ ۾ ڪئي، ۽ ان کي پاڻيءَ ۾ لوڏڻ لڳو. ڏسندي ڏسندي کن پل ۾ هڪڙو وڏو لوهي پڃرو(1)- جنهن ۾ اهو ديو جي ساهه وارو ڪبوتر ويٺل هو. نڪري ظاهر ٿيو. شاهزادي به جهڙپ ڏيئي پڃرو جهلي کڻي پاڻيءَ کان ٻاهر ڪڍيو، ۽ ان کي کولي ڪبوتر کي وٺي هٿ ۾ جهليائين. اتي يڪدم طوفان لڳڻ شروع ٿي ويو. هنن سمجهيو ته ديو پيو اچي؛ سو يڪدم مروٽو ڏيئي، ڪبوتر جي سسي پٽي کڻي پٽ تي اڇلايائون، ته ديو به بولاٽيون کائيندو اچي هيٺ ڪريو ۽ ڪبوتر سان گڏ ڦٿڪي ترڪي مري ويو. بس پوءِ ته هي ٻئي ڏاڍا سرها ٿيا ۽ ان وقت ئي موٽي محلات ۾ اچي، سڀ هيرا جواهر ساڻ ڪري، ڪکن ڪاٺين جو هڪ مضبوط ترهو ٺاهي، سمنڊ ۾ گهڙي پيا.

هلندي هلندي، واٽ تي ڪيترين ئي سامونڊي بلائن جو مقابلو ڪندي، آخر اچي هڪڙي ٻيٽ(1) تي لٿا. اتي شهزادو ملڪان کي اتي ڪناري تي ويهاري، پاڻ ڪجهه ميوو هٿ ڪرڻ لاءِ باغ جي ڳولا ۾ روانو ٿيو. ميوو پٽيندي اوچتو ڪن ماڻهن جو آواز ٻڌي، شهزادو حيران ٿي ويو ۽ وڏي انهن آدمزادن سان مليو، ۽ کانئن خبرچار پڇيائين. تڏهن هنن ٻڌايس ته: هن ملڪ جي بادشاهه تاج الملوڪ جي ڀائيٽي شهزاديءَ جي ڳولا ۾ پيا ڦرون. اهو ٻڌي شهزادو ڊوڙندو اچي ملڪان وٽ پهتو ۽ کيس مبارڪ ڏيئي سربستو احوال ٻڌايائين. ملڪان به اهو ٻڌي ڏاڍي سرهي ٿي ۽ سيف الملوڪ کي چيائين ته: ادا! هاڻي پاڻ اچي منزل تي پهتا آهيون، اميد ته هاڻي سڀ دک درد دور ٿي ويندا. پوءِ هي ٻئي ڄڻا فقيراڻو ويس ڪري، هلندا هلندا اچي تاج الملوڪ واري شهر ۾ پهتا. شهزادي ڇا ڪيو جو ملڪان کي هڪ هنڌ ويهاري پاڻ تاج الملوڪ جي محلات ڏانهن روانو ٿيو. تاج الملوڪ ان ڏينهن ڪو شڪار تي ويل هو، سو شهزادو وري اچي واٽ جهلي ويهي رهيو ته شايد بادشاهه هتان لنگهي، پر جڏهن اتي به ملاقات نه ٿي سگهيس ۽ محلات مان به هن کي ٻاهران ئي موٽائي ڇڏيائيون، تڏهن هن تاج الملوڪ ڏانهن هڪ درد ڀريو خط لکي موڪليو. خط پهچڻ سان بادشاهه هن کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کائنس حقيقت حال پڇيو(2). سيف الملوڪ پنهنجو سڄو داستان، مصر مان نڪري، ڏک ڏاکڙا سهي هيستائين پهچڻ تائين ٻڌايو. هن جو احوال ٻڌي تاج الملوڪ پڇيو ته: شهزادا! منهنجي ڀائٽي ملڪان ڪيتري وقت کان گم ٿي ويئي آهي، تو به هيڏو سارو سفر ڪيو آهي، توکي ته ڪٿي ڏسڻ ۾ ڪونه آئي؟ تڏهن سيف الملوڪ چيو ته: سائين! توهان جي ڀائٽي ملڪان هڪڙي ديوَ جي قبضي ۾ هئي، جتان آءٌ کيس ديوَ کي ماري، پاڻ سان وٺي آيو آهيان ۽ هن کي ٻاهر ويهاري آيو آهيان. اهو ٻڌي تاج الملوڪ توڙي اميرن ۽ وزيرن ۾ خوشي ڇانئجي ويئي. پوءِ ته يڪدم وڃي ملڪان کي پٽ پٽيهر پهرائي، شهزادي سميت کين پنهنجي محلات ۾ وٺي آيو ۽ سيف الملوڪ جا ٿورا مڃڻ لڳو(1). هيڪاري جڏهن ملڪ جي واتان سيف الملوڪ جا ڳُڻ ٻڌائون، تڏهن ان کي اندر وٺي آڻي عزيزن وانگر حرمن ۾ ويهاريائيون. پوءِ ته ملڪان جي ملڻ جي خوشيءَ ۾ ڪي ڏينهن پئي اتي جشن هليو. ان وچ ۾ ملڪان جي پيءُ کي به قاصد هٿان اها خوشبري پهچي ويئي، سي به اچي اُتي پهتا(2). ملڪان ماءُ پيءُ سان روئي ڀاڪر پائي ملي ۽ ورهن جا وڇوڙا لاٿائون. ملڪان جي پيءُ به سيف الملوڪ جا ٿورا مڃيا، ۽ کيس عزت سان پنهنجو ڪري ليکيائين. آخر ٻئي ڏينهن ملڪان، ماءُ پيءُ ۽ شهزادي سميت پنهنجي ملڪ سرانديپ رواني ٿي. اتي پهچي جڏهن ملڪان پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو ته: سيف الملوڪ تمام گهڻيون تڪليفون سهي مون کي ديوَ کان ڇڏايو ۽ هيترو وقت مون کي پنهنجي سڳي ڀيڻ وانگر رکيو اٿس. بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي شهزادي تي ويتر وڌيڪ مهربان ٿيو ۽ هن کي گهڻيون خلعتون ڏيئي عزت بخشيائين. پوءِ ته اُتي به نوان سوان جشن شروع ٿي ويا.

هڪڙي ڏينهن ملڪان جي پيءَ خلاصائيءَ ۾ ويهي، سيف الملوڪ کان سفر جو مقصد ۽ سربستو احوال ورتو. جڏهن کيس خبر پئي ته سيف الملوڪ هيترا ڪشالا بديع الجمال جي عشق ۾ ڪڍيا آهن، تڏهن کيس دلداريون ڏيندي چيائين ته: شهزادا! تو جيڪو احسان اسان تي ڪيو آهي، اُن جو ٿورو ته اسين عمر تائين لاهي ڪونه سگهنداسين، پر تڏهن به آءٌ توسان قول ٿو ڪريان ته جنهن ڳالهه لاءِ تو هيتريون مصيبتون سَٺيون آهن، ان ۾ آءٌ تنهنجي هرممڪن مدد ڪندس. اهو ٻڌي سيف الملوڪ وڌيڪ سرهو ٿيو ۽ پوءِ اتي ئي رهڻ لڳو.

انهيءَ ڳالهه کي اڃا ٻه ٽي ڏينهن گذريا ته شهزادو، چڱي لشڪر سان گڏجي شڪار تي نڪتو. واٽ تي هڪڙي هنڌ ڏسي ته سندس جگري دوست وزيرزادو سعد، تمام ڏتڙيل حال ۾ آلن ڪپڙن ۾ هڪڙي بٺيءَ تي بيٺو باهه ٻاري. شهزادي سعد کيس يڪدم سڃاڻي ورتو، سو يڪدم ٻن ماڻهن کي ان ڏانهن موڪليائين ته هو کيس پارپتا ٻڌائي شاهي محل ۾ وٺي هلن ۽ کيس شاهي پوشاڪ پهرائي عزت سان ويهارين. ائين چئي شهزادو باقي ماڻهن سان گڏ شڪار تي هليو ويو(1)، ۽ ٻه همراهه سعد کي پاڻ سان وٺي اچي محلات ڀيڙا ٿيا جڏهن شهزادو شڪار تان موٽيو، تڏهن يڪدم سعد کي پاڻ وٽ گهرايائين، پر هن کيس نه سڃاتو. پوءِ ته ٻئي جانب يار ڀاڪر پائي هڪٻئي کي مليا ۽ روئي جدائي جا داغ ڌوتائون. ان ڏينهن کان وٺي وزيرزادو سعد ۽ شهزادو سيف الملوڪ وري به خوش ٿي گڏ گذارڻ لڳا. پوءِ هڪ ڏينهن سعد پنهنجي سفر جو سربستو احوال شهزادي کي هن طرح ٻڌايو ته: شهزادا! توسان گڏ هڪ تختي تي ٽلڪندي اوچتو هڪ وڏي لهر آئي، جنهن ڌوڪي مونکي الاجي ڪٿان جو ڪٿان وڃي ڪڍيو. چوطرف پاڻي ۽ پاڻيءَ جي شور کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. آءٌ اهڙيءَ طرح پورا پنج مهينا ان تختي جي سهاري، لهرين ۾ لڙهندو رهيس. آخر هڪ ڏينهن اچي ڪناري تي پهتس ۽ يڪدم پيٽ قوت لاءِ ان ٻيٽ ۾ هيڏانهن هوڏانهن جهوتون ڏيڻ لڳس. ان ٻيٽ ۾ ”سنجنہ“ نالي ميوي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه هو، پر خدا جي رضا تي راضي رهي ان تي گذارو ڪري، وري اچي هڪڙي ٻئي ٻيٽ تي پهتس. اتي ميوا جام هئا، جي کائي ڍؤ ڪيم. اتي باداميون ۽ ٻيا ميوا ڏسي ٻه ٽي ڏينهن رهڻ جو خيال ڪيم. هڪ ڏينهن ڪي زنگي وحشي اتي اچي نڪتا، جن مون کي وٺي قابو ڪيو. اول ته پاڻ ۾ چيائون ته هن کي ڪُهي ڪباب ڪريون، پر پوءِ وري صلاح ڪيائون ته ’هن کي ڪجهه ڏينهن هتي ويهي کارائجي پيارجي ته ٿلهو متارو ٿئي ته پوءِ ڪباب ڪجيس. پوءِ روزانو مون کي بادام ۽ ٻيا ميوا کارائڻ لڳا ۽ آءٌ به ڪجهه ڏينهن کان پوءِ تلهو متارو ٿي پيس. مون کي سڻڀو شڪار ڏسي، هنن وري مون کي سندس سردار ڏانهن تحفو ڪري موڪلڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ ٻئي ڏينهن ڪي زنگي مون کي وٺي اوڏانهن روانا ٿيا. رستي ۾ هڪ نئن، جيڪا تار پئي وَهي، سا پار ڪرڻي هئي؛ سو جڏهن سڀ ان جي وچ ۾ سير ۾ پهتا، تڏهن آءٌ وجهه وٺي هنن کان ڀڄي نڪتس. هو ترڻ جا تکا نه هئا، تنهنڪري مون کي پڄي نه سگهيا، ۽ آءٌ تکو تکو ترندو اچي هڪڙي ٻڻئي ٻيٽ تي پهتس. اتي پهچڻ سان وري ’نجاس‘ نالي هڪ قوم جي جهنگلين جي چنبي ۾ وڃي ڦاٿس، جن وري وٺي وڃي هڪڙي پڃري ۾ بند ڪري ڇڏيو. انهن جهنگلين جا هٿ ماڻهن جهڙا هئا، پر سندس پير اُٺ جهڙا هئا؛ ۽ کين دُنبي جهڙو پڇ پڻ هو. هو روزانو مون کي جانورن وانگر گاهه آڻي ڏيندا هئا. هڪ انسان ۽ کاڌي لاءِ گاهه! بس منهنجي لاءِ پنهنجي قسمت تي روئڻ کان سواءِ ڪو چارو ڪونه هو، سو رات ڏينهن روئي پيو وقت گذاريندو هوس. منهنجي ڳالهائڻ تي هو خوش ٿي چوندا هئا ته ”هي پکي ڏاڍو مٺو ٿو ٻولي(1)“. هڪ ڏينهن منهنجو ٽنگيل پڃرو پَٽَ تي ڪري پيو، جتي کارڪن جا ڍير لڳا پيا هئا. آءٌ اهي کڻي کائڻ لڳس. اهو ڏسي هنن پاڻ ۾ چيو ته ”هي پکي ته کارڪون به ٿو کائي!“ ان بعد هنن به فيصلو ڪيو ته ”هن کي سردار ڏانهن ڏياري موڪلجي.“ ٻئي ڏينهن هو هڪ ٻيڙي تيار ڪري، مون کي وٺي اوڏانهن روانا ٿيا. قدرت سان هلندي هلندي هو هڪ اهڙي ٻيٽ وٽان اچي لانگهائو ٿيا، جتي مسلمانن جي حڪومت هئي. تن جو هنن وحشين کي ڏٺو، سي هنن تي ڪاهي آيا ۽ کين ماري، سندس مال متاع کڻي اچي شهر ’امان‘ ۾ پهتا. آءٌ به رلندو رلندو اچي ان شهر ۾ پهتس، ۽ ڪاٺيون ڪري پيو وقت گذّاريندو هئس. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اچي هتي پهتس ڌڻي تعاليٰ پاڻ وڇڙيلن جو ڪيئن ميلو ڪرايو، سو تو پاڻ ڏٺو. شهزادي کي سعد جو درد ڀريو احوال ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هيڪر وري به ڀاڪر پائي هن سان مليو. پوءِ ته اَٺ ڏينهن ائين ئي پاڻ ۾ رهاڻيون ڪندي گذاريائيون.

هڪڙي ڏينهن دستور موجب شهزادي ۽ وزيرزادي ويٺي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪيون ته شهزاديءَ ملڪان کين خوشخبري ٻڌائي ته: اڄ شام جو شهزادي بديع الجمال پنهنجي ماءُ سان گڏجي هتي ايندي، ۽ خدا گهريو آهي ان سان توهان جي ملاقات به جلد ٿيندي. اهو ٻڌي سيف الملوڪ بيحد سرهو ٿيو، سو ملڪان جي وڃڻ کان پوءِ سعد کي ساڻ ڪري اچي محلات جي باغيچي ۾ ويٺو، ۽ راڳ رنگ جي محفل مچائي خوشيون ملهائڻ لڳا. ڪجهه وقت کان پوءِ اوچتو هڪ طرف کان چنڊ جي چانڊاڻ وانگر روشنيءَ جا شعاع ٿيڻ لڳا. اهو ڏسي سيف الملوڪ يڪدم اٿي اُڀو ٿيو، ۽ ان شعاع ڏانهن وڌڻ لڳو. تڏهن ان مجلس ۾ ويٺل هڪ وزير چيس ته: شهزادا! اڳتي نه وڌ؛ ڇو ته اهو سرانديپ جي بادشاهه جو جشن پيو ٿئي. هنن کي اها خبر ناهي ته ڪو تون مهمان آهين، ان ڪري مٿان ڪو نقصان نه رسائين. اهو ٻڌي شهزادو اتي ئي بيهي رهيو. ٿوريءَ دير کان پو3 چوطرف خوشبوءِ پکڙجي وئي، ۽ سڄي باغ جا گل ڦل ٻهڪڻ لڳا. آخر گلستان اِرم جون پريون به اچي محلات اندر داخل ٿيون. بديع الجمال، ملڪان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي، ۽ پوءِ ويهي هڪٻئي کي حال احوال ڏيڻ لڳيون. حال احوال ڏيندي ملڪان، بديع الجمال کي سيف الملوڪ جي بهادري، حسن ۽ شرافت بابت اهڙيون ته ڳالهايون ٻڌايون، جو خود هن کي به ان شهزادي ڏسڻ جو اشتياق پيدا ٿي پيو. هن جڏهن اها خواهش ملڪان کي ٻڌائي ته هوءَ کيس وٺي ان باغ ۾ آئي، جتي سيف الملوڪ ويٺل هو. بديع الجمال جڏهن باغ جي ويجهو پهتي ۽ پري کان ئي سندس نظر شهزادي تي پئي، تڏهن هن جو مردانو حسن ڏسي، سندس هوش حواس ئي گم ٿي ويا. سندس اکيون جيئن شهزادي ۾ کپي ويون، تيئن ڪو وقت گذري ويو؛ پر هن کان هڪڙو قدم به اڳتي چريو نه ٿيو. ملڪان جو هن کي هيترو محو ڏٺو، سو چيائينس ته: بديع الجمال! جيڪڏهن شهزادي جو حسن ڏسڻو اٿئي ته هل ته وٽس ويهي رهاڻ ڪريون. پر بديع الجمال شرم کان اڳتي نه وڌي سگهي، سو نٽائي چيائينس ته: نه ادي! اسان پرين ۽ هن آدمزاد جو پاڻ ۾ ڪهڙو ميل! هلو ته هلون. سيف الملوڪ اها گفتگو شايد ٻڌي پئي، سو بديع الجمال جي انڪار تي درد مان بيت ڏيئي چوڻ لڳو: ”منهنجو من بديع الجمال ئي موهي مست ڪيو آهي، جيتوڻيڪ هوءَ پرين جي بادشاهه شهپال جي ڌيءَ آهي ۽ آءٌ هڪڙو آدمزاد، تڏهن به جيڪڏهن آءٌ ان کي هٿ نه ڪري سگهيس ته سڄي دنيا مون کي مهڻا ڏيندي. خدا ڪري ته اهي گلستانِ ارم کان اچن ۽ مون تي اچي ڀلايون ڀال ڪن.“ بديع الجمال بيت ٻڌي ويتر گهايل ٿي پئي، پر ان وقت صبر کان سواءِ ڪوبه چارو ڪونه هئس.

رات جو ملڪان ۽ سندس ماءُ اچي بديع الجمال سان رهاڻ ڪرڻ ويٺيون، ۽ رهاڻ ڪندي کيس سيف الملوڪ جو حسب نسب ۽ حال احوال ٻڌايائون ته هو ڪيئن تنهنجي لاءِ دک درد سهي، بادشاهي ڇڏي اچي هتي پهتو آهي؛ ۽ چيائونس ته: هاڻي تون روبرو هلي سڌ سماء وٺينس. هن کي ته اڳ ۾ ئي سيف الملوڪ جي عشق جي تير گهايل ڪري وڌو هو، سا ويتر پنهنجي عاشق جي تڪليفن جو ٻڌي بيقرار ٿي پيئي. آخر رات جو جڏهن سڀ وڃي سمهي رهيون، تڏهن هيءَ لڪندي ڇپندي اٿي ان باغ ۾ آئي، جتي ڏينهن جو سيف الملوڪ ڏٺو هئائين. هڪ چوڏهينءَ جي چانڊاڻ، ٻي گلن ڦلن جي بهاري، تنهن بديع الجمال جي دل ۾ عشق جو نئون رنگ پيدا ڪري ڇڏيو، ۽ هوءَ شهزادي لاءِ هيڏانهن هوڏانهن نهاري واجهائڻ لڳي. آخر ڪار ڳوليندي ڳوليندي اچي سيف الملوڪ جي سيج وٽ پهتي ۽ ان کي ننڊ مان اٿاريائين(1).

شهزادي سجاڳ ٿيندي پنهنجي اڳيان جو حسن جي حور ڏٺي، ته ڪو وقت ته ان کي ڏسندو ئي رهيو. آخرڪار پڇيائينس ته: اي مہ لقا! تون سج آهين يا چنڊ؟ مون کي يقين نٿو اچي سو آءٌ پنهنجي محبوب کي حقيقتاً پيو ڏسان يا هڪ خواب آهي. اهو ٻڌي بديع الجمال ڪنڌ هيٺ ڪري سيف الملوڪ جي قدمن ۾ ويهي رهي، ۽ آزمائش خاطر پنهنجي منهن تي ڪپڙو ڏيئي چيائينس ته: آءٌ پري آهيان ۽ تون هڪ انسان آهين، انسانن جي اها عادت آهي، جو پنهنجي مقصد لاءِ هر قسم جا انجام ڪندا آهن، پر پوءِ بيوفا ثابت ٿيندا آهن. سو تون به هينئر ته گهڻو ئي ٿو حيلا هلائين، پر جڏهن تنهنجو مقصد پورو ٿيو ته پوءِ توکي پنهنجو ڪوبه قول ياد نه ايندو. تڏهن سيف الملوڪ اکين ۾ آب آڻي چيس ته: اي حسن جي ملڪہ! جيسين منهنجي سرير ۾ ساهه آهي، تيسين توکان ڪڏهن به منهن نه مٽيندس. آءٌ قول ٿو ڪريان ته تنهنجي محبت لاءِ جيڪڏهن منهنجي سر جي ضرورت ٿي، ته اهو به توتان صدقو ڪري توڙ نڀائيندس. پر جي توکي اڃا به اعتبار نه ٿو اچي ته پوءِ هي خنجر پاڻ کي هڻي، هينئر ئي ٿو توتان صدقي ٿيان. ائين چئي سيف الملوڪ يڪدم خنجر ڪڍي پاڻ کي هڻڻ تي هو، ته بديع الجمال يڪدم سندس هٿ جهلي ورتو ۽ چيائينس ته: اي محبوب! تون دلگير نه ٿيءُ، مون فقط تنهنجي آزمائش ٿي ورتي. آءٌ ته اڳ ۾ ئي تنهنجا ڳُڻ بڌي، توکي دل ڏيئي ويٺي آهيان. اهو ٻڌي شهزادو به سرهو ٿيو ۽ پوءِ ڳچ وقت تائين ويهي روح رهاڻ ڪرڻ لڳا. آخر جڏهن فجر جو وقت ٿيو، تڏهن بديع الجمال، شهزادي کي دلداريون ڏيئي موڪلايو. وڃڻ وقت چيائينس ته: منهنجي ملاقات جي مام ملڪان توڙي ماڻس سان هرگز نه ڪج. شهزادي ساڻس اقرار ڪيو.

ٻئي ڏينهن ملڪان ۽ ماڻس وري اچي بديع الجمال کي ريجهائڻ ويٺيون ۽ کيس سيف الملوڪ جي ڏکن ڏاکڙن جا واسطا ڏيئي، ان سان شاديءَ لاءِ آماده ڪرڻ لڳيون. جڏهن هنن تمام گهڻيون ميڙون منٿون ڪيس، تڏهن چيائين ته: منهنجي هن سان نه ڪا ڏيٺ ويٺ آهي ۽ نه وري هو اسان جو عزيز آهي، تنهن هوندي به جيڪڏهن توهان سڀني جي اها مرضي آهي، ته پوءِ آءٌ اوهان جي دل نه رنجهائينديس. اهو ٻڌي ملڪان ان وقت ئي وڃي شهزادي کي خوشخبري ٻڌائي مبارڪون ڏنيون. رات جو وري به هيءَ شهزادي سان ملي، ۽ کيس چيائين ته: سڄڻ! هاڻي تون ٻيو ڪوبه فڪر نه ڪر، خدا ڪندو ته چڱي ٿيندي. پر هاڻي تون پنهنجي حال جي حقيقت منهنجي وڏي پڦيءَ سروبانو(1) سان وڃي ڪر، جا سرانديپ کان اٺن ڏينهن جي پنڌ تي هڪڙي ٻيٽ تي رهي ٿي؛ ڇو ته جيسين اها رضامند نه ٿيندي، تيسين منهنجا ماءُ پيءُ به راضي نه ٿيندا. اهو ٻڌي بديع الجمال جي ٻانهي ’خوبان‘ دانهن ڪري چيس ته: شهزادي! هن ويچاري عاشق تي رحم ڪر، هن ويچاري گهڻئي ڏک ڏٺا آهن، تنهنڪري ان دور دراز پنڌ تي اڪيلي هن کي تڪليف نه ڏي. اهو ٻڌي شهزاديءَ پنهنجيءَ خاص ٻانهي ’آفريد‘ کي خط ڏيئي، شهزادي سان پڦيءَ ڏانهن روانو ڪيو، جنهن ۾ پنهنجي رضامندي جو اظهار به لکيائين. بديع اجمال جي پڦيءَ سروبانو ڏانهن وڃڻ کان اڳ شهزادو پنهنجيءَ بيٺڪ ۾ آيو، ۽ سعد کي اچي سموري خوشخبري ٻڌايائين، ۽ پوءِ هن کان موڪلائي، آفريد(2) سان گڏجي وري نئين سفر تي روانو ٿيو.

آفريدي پري، شهزادي کي تخت تي ويهاري، تخت کڻي وٺي اُڏاڻي، ۽ جبل ٽڪر لتاڙيندي اچي ان شهر ۾ پهتي، جتي بديع الجمال جي پڦي سروبانو رهندي هئي. جڏهن سروبانو پريءَ جي ڪچهريءَ ۾ پهتا ته سڀ پريون شهزادي کي وڪوڙي ويون. سروبانوءَ جو هڪڙي آمدزاد کي پرين جي آستاني ۾ ڏٺو، سا ڪاوڙجي پئي ۽ چيائينس ته: اي آدمزاد! جلدي ٻڌاءِ ته تون هتي ڪيئن پهتو آهين، نه ته اتي مارائي ڇڏينديسانءِ. اهو ٻڌي سيف الملوڪ، بديع الجمال وارو خط ڪڍي کڻي ڏنس. خط پڙهڻ کان پوءِ ڏاڍو افسوس ٿيس، سو يڪدم هن کي وٺي پاڻ وٽ ويهاريائين، ۽ پٽ پوشاڪون پهرائي هن کي وڏي عزت سان پنهنجي محلات اندر وٺي ويئي. اُتي پڻ هن جي چڱي خاطري ڪيائين. ٻئي ڏينهن صبح جو سروبانو، آفريد پريءَ سان گڏ سيف الملوڪ کي چندن جي چشمي تي رهڻ لاءِ موڪليو ۽ پاڻ شهپال ڏانهن رواني ٿي. چندن جو چشمو جنهن باغيچي ۾ هو، ان ۾ عقل حيران ڪندڙ گلم غاليچا وڇايل هئا، ۽ هر قسم جو کاڌو پيتو موجود هو. رهڻ لاءِ تمام سهڻيون جايون ٺهيل هيون. آقي باقي باغيچي جي وچ ۾ قدرتي چشمو هو، تنهن سيف الملوڪ کي ويتر مست ڪري ڇڏيو. سو هو اتي پهچڻ سان خوشبودار پاڻي جي حوض ۾ وهنجي اتي ئي هڪ غاليچي تي ليٽي پيو. اوچتو ڪي ديوَ اُڏامندا اچي اتي نڪتا؛ جن جهڙپ ڏئي، کڻي وڃي کيس هڪڙِ اونداهي کوهه ۾ بند ڪري ڇڏيو(1). باغيچي جي محافظ پرين جو هيءَ لقاءُ ڏٺو، سي روئنديون پٽينديون، ڪي سرانديپ ڏانهن ته ڪي گلستانِ اِرم ڏانهن ڀڳيون. سيف الملوڪ جي گم ٿيڻ جو ٻڌي، بديع الجمال ته بيهوش ٿي ڪري پيئي، پر سڄي محل ۾ ٿرٿلو مچي ويو. شهپال بادشاهه کي جا اها خبر پئي، تنهن يڪدم چئني ڏسين تي ڳولائو موڪليا، پر شهزادي جو ڪوبه پتو ڪونه پيو. آخر گهڻي پچا ڳاڇا کان پوءِ پتو پيو ته شهزادي کي ان ديو جو ڀاءُ کڻي ويو آهي، جنهن کي شهزادي ماري ملڪان کي آزاد ڪرايو هو. اها خبر جڏهن بديع الجمال کي پئي ته هوءَ هيڪاري نااميد ٿي پئي ۽ اهڙي ته بيمار ٿي، جو وڃي کٽ داخل ٿي. هن جو اهو حال ڏسي سندس پڦي سروبانو يڪدم شهپال وٽ ويئي، ۽ چيائينس ته: جيڪڏهن شهزادو نه لڌو ته سڄي دنيا اسان تان لکندي ۽ آسپاس جا بادشاهه توکي طنعا ڏيندا؛ تنهنڪري تون پاڻ لشڪر وٺي وڃ، ۽ پنهنجي ناٺيءَ کي آزاد ڪرائي اچ. اهو ٻڌي شهپال ان وقت ڏمرجي، وڏي لشڪر سميت اوڏانهن ڪاهي ويو، ۽ سخت ويڙهه کان پوءِ آخر سيف الملوڪ کي آزاد ڪرائي وٺي آيو(1). شهزادو جڏهن سلامتيءَ سان گلستان اِرم پهتو، تڏهن سڄي ملڪ ۾ خوشيون ٿي ويون. سو بانو توڙي بديع الجمال پڻ خيرخيراتون ڪيون.

ٻئي ڏينهن صبح سان سروبانوءَ، شهپال کي وڃي چيو ته: ادا! هاڻي شهزادي سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جي شاديءَ جو جلد انتظام ڪيو وڃي. شهپال پنهنجا سڀ امير وزير گهرائي، انهن سان ان سڱ بابت صلاح مشورو ڪيو، جن سڀني پنهنجو راز ڏيکاريو. ان کان پوءِ وري شهزادي سيف الملوڪ کي گهرائي، پڪ ڪرڻ لاءِ کانئس وري حسب نسب بابت پڇيائين. شهزادي کان جڏهن خبر پيس ته هو ديون ۽ پرين جي مرشد حضرت سليمان جي دوست عاصم شاهه جو فرزند آهي، تڏهن کيس خوشيءَ مان بديع الجمال جو سڱ ڏيڻ منظور ڪيائين. پوءِ ته ان وقت ئي شاديءَ جون تياريون شروع ٿي ويون. سڄو شهر سينگاريو ويو، ۽ هر جاءِ خوشيءَ جون محفلون مچي ويون. آخر ڪار سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جي شادي وڏي ڌام ڌوم سان ٿي گذري. پوءِ ته سيف الملوڪ جون سالن جو سڪون گهڙيءَ ۾ پوريون ٿيون ۽ سڀ ڏک ڏاکڙا وسري ويس.

ڪجهه ڏينهن سرانديپ ۾ رهڻ کان پوءِ، هڪ ڏينهن بديع الجمال ملڪان کي گهرائي چيو ته: ڀيڻ! جيڪڏهن توکي ڇڏي وينديس ته تنهنجي جدائي به منهنجي لاءِ ڏکي ڳالهه ٿي پوندي، تنهنڪري جي تنهنجي دل چئي ته توکي وزيرزادي سعد سان پرڻايان، ته جيئن پاڻ هميشہ گڏ رهيون. ملڪان جي هائوڪار ڪرڻ تي وري هنن جي شاديءَ جون تياريون شروع ٿي ويون، ۽ هڪ دفعو وري به سرانديپ خوشيءَ سمان ٻهڪڻ لڳو. سعد ۽ ملڪان جي شادي شان شوڪت سان ٿي گذري. هاڻي سعد به خوش ٿيو ۽ بديع الجمال ۽ سيف الملوڪ جا ٿورا مڃڻ لڳو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سيف الملوڪ واپس وطن ورڻ جو خيال ڏياريو. جنهن تي شهپال کين خوشيءَ سان اجازت ڏني؛ ۽ کين ڏاج ۾ جيڪي مال متاع ڏنا هئائين، انهن سميت هڪڙي تخت تي ويهاري، پرين هتان روانو ڪيائين. پرين شهزادي، وزيرزادي، بديع الجمال ۽ ملڪان کي گهڙيءَ کن ۾ اچي مصر ۾ پهچايو(1).

هنن جي صحيح سلامت مصر پهچڻ تي عاصم شاهه، وزير توڙي سڄي رعيت ۾ خوشي ٿي ويئي. شهزادو ۽ وزيرزادو به پنهنجي عزيزن سان ملي ڏاڍا خوش ٿيا. ان خوشيءَ ۾ ڪي ڏينهن ته سڄي بادشاهيءَ ۾ پئي خيرخيراتون هليون. بادشاهه ۽ وزير پنهنجي نُهرن کي وڏي عزت ڏني ۽ نوان سنوان ڏاج ڏنائون. اهڙيءَ طرح سيف الملوڪ جي سچي عشق ۾ ڪاميابي ٿي، ۽ هن محبوب سان ملي، باقي زندگيءَ جا ڏينهن خوشيءَ سان گذاريا.


(1)    روايت [2]،  [3]،  [4]،  [5]، [9]،  [11]  ۽ [12] موجب بادشاهه جو نالو ”هاشم شاهه“ هو.

(2)    روايت [2] موجب وزير جو نالو ”صالح پٽ حميد“ هو.

(1)    روايت [6] موجب سلطان شاهه تحطان ”ملڪ ارم“ جو بادشاهه هو.

(2)    روايت [2] موجب سلطان شاهه قحطان جي ڌيءَ جو نالو ”نگار“ هو.

(1)    روايت [1] موجب وزيرزادي جو نالو ”صاعد“ هو، ۽ روايت [5]، [11] ۽ [12] موجب وزيرزادي جو نالو ”ساڌ“ هو.

(2)    روايت [2] ۽ [3] موجب پيتيءَ ۾ منڊي سان گڏ ”ڪپڙو“ هو؛ ۽ روايت [7] موجب ’زريءَ جو ٿان ۽ هڪ سليمان وينڊو‘ هو. روايت [8] موجب چادر ۽ وينڊو هو. روايت [11] موجب منڊيءَ سان گڏ ڪپڙن جو وڳو ۽ هڪ پريءَ جي مورت پيل هئي.

(1)    روايت [9] موجب بديع الجمال جي پيءُ جو نالو ”شوڀل“ هو، پر ساڳيءَ روايت ۾ ٻئي هنڌ وري بديع الجمال سرانديپ جي بادشاهه ”شهوال“ جي ڌيءَ ڄاڻايل آهي.

(1)    روايت [1] ۽ [7] موجب ان شهر جو نالو ”قسطنطنيہ“ آهي.

(2)    روايت [4] موجب اهو طوفان هڪڙي ديوَ آندو.

(1)    روايت [10] موجب طوفان مان شهزادي سان گڏ ڇهه ڄڻا بچي ڪناري تي پهتا. رات جو ميوو کائي ستا ته ڪا زهريلي بلا آئي، جا شهزادي جي ڇهن ئي ساٿين کي پورو ڪري وئي، باقي شهزادو اتان بچي وري اچي ڀولڙن واري ٻيٽ ۾ پهتو. اتان ڀولڙن کي ڀنگ کارائي ڀڄي نڪتو. ان بعد  وري اچي زنگين جي چنبي ۾ ڦاٿو. اتان زنگين جي سردار جي ڌيءَ کڱي، جا مٿس عاشق هئي، ڀڄائي، ان ملڪ جي سرحد کان ٻاهر اچي ان کي ماري پورو ڪري، پوءِ اڳتي روانو ٿيو ۽ اچي ملڪان وٽ پهتو.

(2)    روايت [1] ۾ زنگين جي شهزاديءَ جو نالو ڄاڻايل ڪونهي

(1)   روايت [1]  ۽ [7] موجب زنگين کان بچي نڪرڻ کان پوءِ سيف الملوڪ سان گڏ باقي ٻه ساٿي بچيا، جي هن سان گڏ باندرن واري ٻيٽ تي پهتا، جن هنن ٽنهي کي وٺي وڃي سندس حاڪم ”امير عبدالله“ اڳيان پيش ڪيو. جنهن هنن ٽنهي کي مهمان ڪري ٽڪايو ۽ پوء دڳ لائي ڇڏيو. واٽ تي شهزادي کي ٻنهي ساٿين سميت گرڙ پکي کنيو، ۽ شهزادي جي ٻن ساٿين کي ماري، پوءِ شهزادي کي مارڻ تي هو ته نانگ اچي ٿو، جنهن کي ڏسي پکي اڏامي ويو ۽ نانگ کي شهزادي تلوار سان ماري ڇڏيو. روايت [7] ۽ [9] موجب شهزادي کي ستن ساٿين سميت، اربيل ڪاوڙ مان اڇليو ته هو وڃي جهنگ ۾ ڪريا. جتان ڀڄي اچي ان ٻيٽ تي پهتا، جتي پوءِ سندن موت ٿئي ٿو. روايت [7] موجب شهزادو طوفان مان پنجاهه ساٿين سان بچي اچي زنگين ۾ ڦاٿو. روايت [8] موجب فقط شهزادو اڪيلو اچي زنگين ۾ ڦاٿو.

 

(1)    روايت [1] ۾ هيءُ واقعو ناهي، ۽ روايت [3] ۾ شهزادو هڪ واهه ۾ وهنجڻ لڳو.

(2)    روايت [1] موجب شهزادي کي گرڙ پکي هڪ رڻ پٽ مان کنيو. روايت [8] موجن ان پکيءَ جو نالو ”ڪورن پکي“ هو، جو شهزادي کي کڻي اڏاڻو ته هن ڪنهن اٽڪل سان پاڻ کي ان جي چنبن مان آزاد ڪيو ۽ واريءَ جي هڪ ڍير تي ڪريو.

(1)    روايت [4] ۽ [5] موجب شهزادو منڊيءَ جي زور سان ان جاءِ ۾ دري ڪري اندر لنگهي ويو.

(1)    روايت [9] موجب سيف الملوڪ جو هٿ اتفاق سان دروازي جي ڀر ۾ هڪ طاق کي وڃي لڳو، ته اها عورت سجاڳ ٿي پئي

(2)    روايت [1] موجب، ان ڦرهيءَ تي لکيل هو ته: پٽيءَ جي فلاڻي ميخ کي ڦيرائڻ سان شهزادي سجاڳ ٿيندي

(3)    روايت [5] موجب شهزادي ملڪان کي ٻڌايو ته: آءٌ حضرت سليمان جو پوٽو آهيان.

(4)    روايت [7] ۽ [8] موجب ملڪان جي پيءُ جو نالو ”سلطان اعظم شاهه“ هو.

(1)   روايت [7] موجب ديو جو نالو ”مارج“ هو.

(2)    روايت [10] موجب، ملڪان شهزادي کي ٻڌايو ته: بديع الجمال منهنجي ماسات آهي. روايت [12] موجب ملڪان ٻڌايس ته: آءٌ بديع الجمال جي سوٽ آهيان. روايت [9] موجب ملڪان شهزادي کي ٻڌايو ته: آءٌ ”گلستان ارم“ جي بادشاهه تاج الملوڪ جي ڌيءَ آهيان

(1)    روايت [8] موجب ملڪان شهزادي کي بديع الجمال بابت ٻڌائي ٿي ته: اسان جي باغ جي هڪ وڻ ۾ گلسان اِرم جي بادشاهه شهپال جي زال جو واسو هو.ل هڪ ڏينهن اها پري ڪنهن ڏورانهين سفر تي وڃن وقت، پنهنجي ڌيءَ بديع الجمال کي منهنجي ماءُ وٽ ڇڏي وئي، جا مون سان گڏ نپجندي رهي. آخر اڍائي سالن کان پوءِ پري واپس آئي ۽ بديع الجمال کي واپس وٺي وئي، پر ان ڏينهن کان وٺي هاڻي ايندي آهي ته بديع الجمال سميت اسان وٽ اچي رهندي آهي.

(1)    روايت [3] ۽ [9] موجب اهو ڪبوتر هڪڙيءَ صندوق ۾ بند هو. روايت [9] موجب اها صندوق هڪ تلاءُ ۾ پيل هئي.

(1)    روايت [1]، [7] ۽ [8] موجب جنهن ملڪ ۾ اهو ٻيٽ هو، ان جو نالو ”واسط“ هو.

(2)    روايت [1] ۾ تاج الملوڪ شڪار تان موٽندي، رستي ۾ شهزادي کي گڏيو

(1)    روايت [1] ۾ هي واقو ڪونهي

(2)    روايت [1] موجب ملڪان جي ڀائرن فخراملوڪ ۽ غريب الملوڪ کي اطلاع مليو، جي اتي آيا ۽ پوءِ ملڪان کي تاج الملوڪ وٽان پاڻ سان سرانديب وٺي ويا.

(1)    روايت [1] موجب شهزادو ان وقت ئي شڪار جو خيال لاهي، واپس موٽي آيو. روايت [8] موجب سيف الملوڪ بادشاهه سان گڏ شهر جي گشت تي ويو ته هڪ هنڌ ڏتڙيل حال سعد ڏٺائين. پوءِ ان کي پاڻ وٽ سڏي، نشان پتا ڏئي سڃاڻپ ڪرائيان ۽ پوءِ کيس محلات ڏانهن موڪليائين. روايت [10] موجب سعد رلندو رلندو هڪ دائي جي معرفت اچي ملڪان جي پيءُ وٽ پهتو. جو هن تي رحم کائي محلات ۾ وٺي آيس. اُتي ملڪان هن تي عاشق ٿي پئي ۽ حال احوال وٺڻ کان پوءِ کيس سيف الملوڪ سان ملايائين.

(1)    روايت [3]  موجب سعد انهن جهنگلين لاءِ ڪاٺيون ڪرڻ ويو هو ته شهزادي ڏسي ورتس.

(1)    روايت [1]  موجب اها ملاقات ملڪان جي معرفت ٿي ٿئي.

(1)    روايت [1]  موجب اها پري بديع الجمال جي ناني هئي، ۽ ان جو نالو ”شهربانو“ هو. روايت [7] ۽ [8] موجب اها پري بديع الجمال جي ڏاڏي هئي، ۽ ان جو نالو ’سربانو‘ هو.

(2)    روايت [7] موجب شهزادي کي ’ديو عفريت‘ کڻي، اُڏائي سروبانو وٽ وٺي ويو.، روايت [8] موجب شهزادي کي ٻه پريون سربانو وٽ وٺي وييون.

(1)    روايت [3]  موجب شهزادو گلستانِ ارم ۾ پهتو ته شهپال خود آزمودي خاطر هن کي هڪڙي کوهه ۾ بند ڪري ڇڏيو. پر پوءِ بديع الجمال کي اُن جي فراق ۾ بيقرار ڏسي، شهزادي کي آزاد ڪيائين.

(1)    روايت [7] ۽ [8] موجب شهپال لشڪر وٺي ديون تي ڪاهي ويو، ۽ انهن جي سردار ’دهمن‘ کي گرفتار ڪري، سيف الملوڪ کي آزاد ڪيائين.

(1)    روايت [1]  موجب شهزادو، بديع الجمال، وزيرزادو سعد ۽ ملڪان سامونڊي سفر ڪري اچي مصر پهتا. روايت [10] موجب سيف الملوڪ ۽ سعد، پنهنجي زالن سميت سامونڊي رستي وطن پئي آيا، ته رستي ۾ هڪ ظالم بادشاهه کين جهلي، سندن ٻيڙو بند ڪرائي ڇڏيو، ۽ کانئن محصول ۾ بديع الجمال ۽ ملڪان جي ٻانهن گهريائين. پر هنن انڪار ڪيو ۽ رات وچ ۾ هزارين مزور ڪري، پنهنجو ٻيڙو آزاد ڪرائي، سلامتيءَ سان اچي مصر ۾ پهتا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org