سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :26

 

 

روايت [1]

چيل جمال جو*

 

[مصر جي ملڪ جو بادشاهه شاهه عاصم نالي هو. کيس اولاد ڪونه هو. نجومين جي صلاح سان يمن جي شهزاديءَ سان شادي ڪيائين، ۽ شهزاديءَ جي سهيلي وري پنهنجي وزير صالح کي پرڻايائين. بادشاهه کي “سيف الملوڪ“ نالي پٽ ڄائو ۽ وزير کي ”صاعد“ نالي پٽ ٿيو. نجومين جي ٻڌائڻ تي – ته سيف الملوڪ کي چوڏهن ورهين جي عمر ۾ ڪشالا ڪڍڻا پوندا. بادشاهه، سيف الملوڪ ۽ صاعد کي هڪڙي خاص محلات ۾ رهايو. چوڏهن ورهين جي عمر ۾ بادشاهه، سيف الملوڪ کي هڪ صندوق تحفي طور ڏني، جنهن ۾ هڪ چادر ۽ حضرت سليمان جي منڊي پيل هئي. شهزادو چادر واري ڇپيل مورت تي عاشق ٿي پيو ۽ ان جي فراق ۾ بيمار ٿي پيو.]

شهزادي جي اها حالت ڏسي، بادشاهه حڪيم طبيب گهرايا، مگر فائدو نه ٿيو. شهزادي جي آزار جو سبب ڪنهن کي به معلوم نه هو، تنهنڪري بادشاهه، صاعد کي هن جي احوال معلوم ڪرڻ جو چيو. صاعد، سيف الملوڪ کي ريهي ريبي، کانئس حقيقت معلوم ڪري بادشاهه کي ٻڌائي. تڏهن بادشاهه ڳڻتيءَ ۾ پئجي، اميرن وزيرن کي صلاح مشوري لاءِ گهرائي چيو:

 

اي امير وزير منهنجا ڪا خبر آن کي آه،
ته ڪٿان رسي چادر مون کي آئي هٿ منجها،
اِيءَ آهي هديو حضرت سليمان جو، موڪلئو مون ڏانہ،
آءٌ ويٺو هوس ڏينہ هيڪڙي، منجهه ڪنہ مڪانا،
تان خاڪ اُڏائي غبار منجها، تئو آڻي انڌارا،
پُڻ ظاهر ٿيو غبار منجها وري تنہ ويرا،
ست پريون صورت انسان جي سهڻيون سالورا،
هيون ٻه نينگريون ننڍيون تن کي پاڻ معشوق بيمثلا،
ڏسنديهي دل وڃي، عشق ۾ وگهريو وجود،
اچي ويٺيون مهندان منهجي، هٿ ٻنڌي هيجا،
تِين آءٌ ڊرنُس هيبت ۾، پسي پرين جو قِسما،
تان ڏنائون دلاسو دلداري، مونکي تسلي تشفا،
ته تون ڊر ڄڻ ڪهڙي سبب ڪري، بزرگ بادشاهه!
آهي حضرت سليمان موڪلئو اسان کي توڏانہ،
وٺي آندوسون هديو تولئي، تنہ پيغمبر پارا،
توکي موڪئو نبيءَ دين جي خاصو اِيُ تحفا،
تڏه اُنيس آءٌ تعظيم سين، تئس حاضر تن اڳيان،
تڏه ڏنائون هيءَ چادر ابريشمي ۽ انگشتري ۽ اسبا،
چي: وٺ هديو حضرت سليمان جو، پڻ رکج محفوظا،
تڏه ڪِيُم، ڪشادو چادر کي چوطرفا،
تان لِکي ڏٺيم تنہ تي ايئن هيءَ صورتا،
تِين ڏسنديهي تنہ صورت کي ٿئس ماڳهين مبتلا،
وَهِيو قرار جان جو، عشق مُڪو ايذاء،
تڏه مون پڇيو پرين کي، ته هيءُ جا صورت آه،
ساڪءِ ڏسي ڪنهين ٻيءَ چادر ۾ اُڻيائين ان طرها،
ڪِ آهي ايُ صورت اصلي ابتدائين استادا،
ڏسي صورت معشوق جي، ڪيائين مثل تنہ صورتا؟
هاڻ بيان ڪاريگريءَ ڏسو هن صورت کي ڪَرينِ سڀ ڪسبا،
پر آهي صورت بديع الجمال جي، جا پريزاد آه،
سا ڌيءَ شهبال بادشاهه جي، پونري شاهرُخ آه،
تنہ شاهبال اُڻايو ڪپڙو، هيءَ چادر چاه منجها،
تنہ ۾ لکيائين سَنديهَس ڌيءَ جي مُنقَش صورتا،
پوءِ مُڪائين هديو حضرت سليمان ڏونہ، جو پيغمبر پاڪا،
۽ حضرت سليمان هلايو تو ڏونہ هديو منجها محبتا،
تڏه چيم تن پَرين کي، آئين آهيو منهجا مزمانا،
پُڻ ڪِيُم رخصت تن کي ڪنہ ساعت پڄاڻا،
۽ ويڙهي رکيم هن چادر کي ۽ مُنڊيءَ گهوڙي کا
(1)،
۽ پڻ نه ڄاتم عقل يقين ڪري، نه پِيُم پروڙا،
ته ڪا پيدا ٿيندي تنہ چادر منجها ههڙي حرڪتا،
هاڻي مشڪل ٿيِي ڳالهڙي، ڪيئن ڪبي تدبيرا.

 

حضرت سليمان به حيات نه آهي، ۽ نڪي هن شهر جي آسپاس ڪو اهڙو ماڻهو آهي، جنهن کان ”گلستان ارم“ جي پري ”بديع الجمال“ بابت خبرچار معلوم ٿي سگهي؛ تنهن کان سواءِ هوءِ پريزاد ۽ شهزادو آدمزاد، ٻنهي جي دل ڪيئن گڏبي. اي وزير! مون کي ته اها ڳالهه تمام مشڪل پئي ڏسڻ ۾ اچي.

 

تڏهن چيو ’نوش پُٽڙ هامان‘ جي ۽ صالح حميدا،
ته شاها! تدبير ان ڳالهه جي، آهي ان طرحا،
ته هلي حضور ۾ شهزادي جي، ڪَريهُون دلاسا،
پڻ ڪريهُون خوش خاطر تنہ کي ته ملندو مقصودا،
اسين ٿا موڪليون ماڙهو پانهجا منجهه سڀڪنہ وِلاتا،
 وٺي آڻين خبر بديع الجمال جي ۽ گلستانِ ارم ڪَنا،
۽ محلت گهرنداسون هيڪڙي وَره جي ٻاره مهينا،
وٺي رضا شهزادي ڪنا ڪنداسون طلبا،
صحيُ سڀڪنہ ولات ۾ پڇا پروڙاءِ،
پوءِ جي پيدا ٿئي ڪٿهين، ته ڀلي بهترام
ناته پڄاڻا ٻارهين مهيني جي جيڪين نصيبا.

 

بادشاهه وزير جي صلاح موجب، اميرن وزيرن سان گڏجي شهزادي وٽ آيو، ۽ کيس ساري حقيقت ٻڌائي ٻارهن مهينا مهلت ورتائين. پوءِ بادشاهه پنهنجي ماڻهن کي خزانا ڏيئي چئني طرفن موڪليو. ٻارهن مهينا پورا ٿي ويا، پر ڪٿان به بديع الجمال جو ڏس نه مليو، تڏهن سڀ ماڻهو نااميد ٿي موٽي آيا. جيتوڻيڪ بادشاهه اها ڳالهه شهزادي کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر ڪنهن طريقي سان هن کي معلوم ٿي ويو، ۽ هيڪاري بيمار رهڻ لڳو. آخر بادشاهه مجبور ٿي هلي شهزادي وٽ آيو، ۽ کيس سارو حال ٻڌائي، پنهنجي مجبوري ظاهر ڪئي. ان بعد چيائينس ته: هاڻي جيڪي تنهنجي دل ۾ هجي، سو ٻڌاءِ ته ان جو ڪو تدارڪ ڪريون.

 

تڏه چيو شهزادي تِنہ کي، اي بابا ڀلارا!
تحقيق تو ڏٺيون ٿي مشقون گهڻيون مُنهين لاءِ،
نه ڏسن مائِٽر فرزند لئي ڪِي ان بر آزارا،
توڪيون رنج محنتون ۽ گهريون دعائون ڌڻيءَ ڪنا،
پر خدا منهجي بخت جي، ايءَ لِکِي تقدير آه،
هاڻي آءٌ ڪريان تدبير ڪهڙي، ڇڏي رضا ڌَڻيا،
پر ئي اچي منهنجي دل ۾، اِيءَ مصلحت مورا،
ته جي ڏِيين موڪل مونکي، راضي ٿي رضا،
ته ڦران چوڌاريءَ جهان ۾، ذوري ڏيهن کا،
۽ ڪريان سير چين ما چين ۾، جت نادر نقاضا،
آهينِ صنم تراضَ صورتگر گهڻا زماني رسما،
سي ٿا لکن صورتون معشوقن جون ۽ پڻ پَرين ئا،
آءٌ پڻ وڃي ان ولات ۾، ڪريان پاڻ پڇا،
ته ڪو چضٽري صورت بديع الجمال جي، گلستان اِرم ڪنا،
پُڻ مانَ هوءِ خبر ڪنہ استاد کي ان جي مڪانا،
ته پڄاڻا ان محبت جي، آهي اُميد ڪنا الله،
مانَ ملائي مولو مونکي، منهنجو معشوقا.

 

انهيءَ تي بادشاهه پٽ کي چيو ته: ابا! مون الله تعاليٰ کان سوال ڪري توکي پِني ورتو آهي، تنهنڪري تون سک سان ويهي وقت گذار. آءٌ ٿو مسافر ٿي وڃي ڳولا ڪريان. شهزادي وراڻيو ته: بابا! ائين هرگز نه ٿيندو، اهو محبت جو ڪتاب مون تي نازل ٿيو آهي، خدا گهريو ته آءٌ پنهنجي مقصد ۾ ضرور ڪامياب ٿيندس.

 

پوءِ ڪري قيل قال ڪيترو، پِئُو پٽ ٻئي پرچئا،
تڏه ڏٺو فائدو تِنہ جي جهلڻ ۾، ملڪ عاصم صفوانا،
ته متان هلاڪ ٿيي ان حب ۾، مري محبت سان،
تِين رضا ڏنائينس رايو پسي، پَرڻي پرور کا،
رضا ڏنائينس رايو پسي، سَندوسِي عشق اُها،
ڪئائين چار سَوَ ٻيڙين جا تِنہ دم تيارا،
جي وڏيون گهڻيون ڀريون مال سين، دولت دُنِي منجها،
تِني سڀنئون وڏي ٻيڙي ڪيائين ڪارڻ سواريءَ شهزادا،
آسي گز ڊيگهه ۾ سا هئي، چاليهه گز عرضا،
تِنہ ۾ ڪئائين حجرا ۽ بنگلا ڪيترا ڪوٺا ڪٽهڙا(1)،
منجهن تخت پلنگ سون جا، سين زينت زيادا،
پُڻ صندوقون مال خزاني جون ۽ سامان گهڻو سفرا،
منجهن تخت پلنگ سون جا، سين زينت زيادا،
پُن صندوقون مان خزاني جون ۽ سامان گهڻو سفرا،
توشي تناوَل طعام جون، ديڳيون دُرستا،
۽ سوار سڀئي سرت پرئا، بهادر ۽ بالا،
لشڪر عسڪر شجاعت وِترا، ٻيا نوڪر ناخدا،
۽ معلم استاد ڪيترا مُجم موچارا،
۽ مَطرب خوش آواز ڪيترا، جي ڪن سُرسين سرودا،
ڪن خوشيون خوبيون پاڻ ۾، ڳائڻ ڳاچ وڏا،
پَرڻي پاڻ ڌڻيءَ کي، ڪئائون سوار سڀني کا،
پوءِ روئي ’سيف الملوڪ‘ کان موڪلايو بادشاه،
پوءِ موڪلايو ماءُ سنديس اچي روئي رحمتا،
بائيون ٻانهيون گهر جون، سڀ روئن رت ورنا،
پڻ رنو سڀ لشڪر بادشاهه جي، ڏسي تن غرما،
۽ روئي موڪلايو ’صاعد‘ اچي، پنهنجي پيءُ ڪنا،
هلئو همراه سيف الملوڪ سين، ڪيائين قائم رفاقتان،
ايءَ آهي حق دوستيءَ جو، مٿي يارن ئا،
جي آهُنکي سَهُکِي پاڻ ۾، هوئن هيڪاندا،
سِڙه کنيائون، سفر هليا، بَحريءَ ڀَلايا،
تِين نڪري رعيت شهر مصر جي ڪري واويلا.
جي ڪريان قصو سب تن جو ماتم مذڪورا،
ته لکندي قلم ڪاهل ٿيٻي ۽ سست سڻڻ وارا،
هلئو عاشق حُبّ حبيب جي، ٿي مسافر مورا،
پُڻ بادشاهه ورهاري تخت تي پنهنجي صلاح حميدا،
سِپاري بادشاهي ڪِيڻَسِ عدل اَحڪاما،
پاڻ داخل ٿئو منجهه حجري ڪارڻ عبادت موليٰ،
رکڻائين توڪل ربّ تي منجهه سڀڪنہ اُمُورا،
واحد نه وڃائيندو تِنہ جو موليٰ مقصودا،
جو پرڻي ڪَمڙا پانهجا ربّ کي توڪل طريقا،
”ومَن يّتَوَ ڪل علي الله فَهُوَ حَسبُہَ“ چيو پاڻ خدا،
اِلٰهِي احسان سين واحد ربّ وڏا،
مقصود مون مشتاق جا، پرور پاڻ پُڄاءِ،
ساريان ڪونه سرير ۾ وسيلو واحد تو ڌارا،
پُشت پناه تون پاتشاه، تون اجهو احسانا،
مطلب مدعا مون مسڪين جي، ڪر پوري پاتشاه،
مِلا يين محبت سين مون کي مُلڪَ جا موليٰ،
جانڪيتان ”جمال“ کي ايُ عشق اندر ۾ آه،
سا پوري ڪريين پاتشاه تون محبت مجازا،
اِلٰهِي الرحم الراحمين ڪر قادر قبولا،
پڻ موت وقت منهجا ڌڻي سُهکو ڪڍين ساه.
لاالٰہ اِلاالله محمّد رسول الله

ــــــــــــــــــــ

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

تان جڏه رسئا چين ما چين کي بحري ڀَلايا،
پڄاڻا ڇاليهن ڏينهن جي، فضل ساڻ خدا،
اچي چَئين سون ٻيڙين جا لشڪر هيٺ لٿا،
وڄئا نقارا خوشيءَ جا، ٿيون شاديون شوق منجها.
تِين هو چين ماچين ۾ فغفور بادشاهه،
وڃي ڪن ماڙهوئن تنہ کي، اِيءَ رسائي خبرا،
ته آيو پُٽر بادشاهه مصر جو وٺي لشڪر تيارا،
نيزن، خنجرن ۽ تيرن سين ۽ گرزن ۽ شمشيرا،
اُڀاريائين ڪوٺن تي ڪوٽ جي ۽ مٿي دروازا،
ٻئو پُڻ ڪٽڪ جنگ جو ميڙيائين موجدا،
سو سنڀايائين سامهون ٻَنڌا هٿيارا،
وڄئو نقارو جنگ جو ٿئو هُل هُڳاءُ،
چڙهئاسوار گهوڙا گهور
(1) ڪري ڪٽڪ ڪوڪارا،
اچي ٻاهر اُڀا شهر کي، ٻن گاؤئُن جي قدرا،
پڻ چار قاصد پهرين چاڙهي هلايائون پنهجا،
ڪارڻ پڇڻ احوال لشڪر جي، ته آيا ڪڄاڙي لاءِ.

 

سيف الملوڪ جا ماڻهو، فغفور شاه جي قاصدن کي پڪڙي وٺي آيا. شهزادي هنن کان احوال معلوم ڪري، فغفور شاه ڏانهن پيغام موڪليو ته ”اسين ڪنهن خراب نيت سان اوهان جي ملڪ ۾ ڪونه آيا آهيون، فقط گهمڻ ۽ شيل شڪار جي سانگي آيا آهيون. پوءِ فغفور شاهه پاڻ شهزادي جي استقبال لاءِ هلي آيو، ۽ کيس مهمان ڪري پاڻ وٽ رهايائين. آخرڪار حال احوال ڏيندي هڪڙي ڏينهن سيف الملوڪ پنهنجي عشق جو احوال هن کي ٻڌايو. بادشاهه يڪدم پنهنجي ملڪ جا ڪاريگر نقاش گهرائي، کين بديع الجمال جي تصوير ڏيکاري. آخر هڪڙي پير مرد نقاش درٻار ۾ آيو، جنهن جي عمر هڪ سئو ڇويهه سال هئي، اُن سيف الملوڪ کي ٻڌايو ته:

 

تان ورئي مڙس چيو ته: تِنہ جي تان مونکي خبر نه ڪا،
پر آهي مصلحت هيڪڙي، ان پر اِصلاحا،
آهي ڏٺو قسطنطنيہ شهر مون عجيب ۽ اعليٰ،
۽ ماڙهو سڀڪنہ طرف جا اُت اچن وڃن پئا،
تت البت پوندي خبر معشوق جي، اُنهين مڪانا،
پر جي نه ويندا تِنہ شهر ڏونہ  ڪندا ٻيو قصدا،
ته مور نه حاصل ٿيندي ڪٿهين تهين جي خبرا،
تڏه چيو شهزادي تِنہ کي، اي پرئا مت ڀورا،
آهي قسطنطينہ طرف ڪڙي صحي سو شهرا،
پُڻ ڪيتري مدت واٽ ۾ ڪِيوءِ گذرانا؟
تان چِي: آهي طرف فلاني، جي وڃو هن واٽا،
جي هوندو واءُ موافق ٻيڙين کي، ته حڪم ساڻ خدا،
پڄاڻا ٻن ورهين جي، وڃين آئين رسندا،
تان ته آهي خوف هلاڪت جو، جي لڳندو مخالف واءُ.
تڏه سيف الملوڪ موڪلايو، ڪنا فغفورا،
سڀ لشڪر پنهجو ٻيڙين ۾ ڪيائين سوارا،
پاڻ ويٺو پنهجي ٻيڙيءَ ۾، جا مقرر سنديس مورا،
۽ صاعد ڇڙهيو ٻيءَ ٻيڙيءَ ۾، از روءِ علاحدا.

 

اها هنن جي عصمت هئي، جو هڪ ٻيڙيءَ ۾ نه چڙهيا. ڇاڪاڻ ته سمنڊ جي خطري تي ڀروسو ڪونه هو. آخر هنن سڙهه سنوان ڪيا ۽ چاليهه ڏينهن بنا خوف خطري جي اڳتي هلندا رهيا.

 

جڏه چاليهه ڏينہ گذرئا، هلندي بحر منجها،
تِين مخالف پيدا ٿئو، لڳو ڏاڍو سخت واءُ،
پُڻ دريا هنيو دهشت جون هڪلون هيبتاء،
اُٿيا موجا سِٽراڻا محيط جا، لهرين ڏنا لوڏا.
مثل جبل عظيم جي هڪڙيون ٻين مٿا،
ڪڏه نِئور ساڻين آسمان کي، لهريون ٻيڙيءَ کا،
ڪڏهن وڃيو وجهن اونهيءَ کڏ ۾، ٿيون هيٺاهيون هيٺا،
پُن وڃڙيون وراڪا وجهئون، ڪيائون ئي ڪڙڪا،
۽ گجئون گنبذ آڀن جو، رڙيون مُڪيون رعدا،
۽ وٺو مينہ وڏڦڙو، سين هڪل هيبتا،
ڪَرَ مشڪون ڇڙيون آڀن جون، پلٽيون پاڻيءَ مان،
اچي نازل ٿئو ناگهان تکو طوفانا،
۽ پڻ ٿيو اونداهيون راتڙيون اَپر اِن حدا،
جِين ڪنہ نه ڏٺو ٿي ڪنہ کي ذرو ظهورا،
مگر ٿي هيڪ ٻئن جا سئائون آوازا،
تان لڳي لهر چَڪر جي، مانند گِردابا،
تين ڦِري مثل جنڊ جي، ٻيڙي منجهه دريا،
تڏه ماڙهوئن پڙهئا زبان سين ڪلما شهادتا،
۽ منقطع ڪيائون اميدون پنهنجون ڪنا حياتا،
ته هيءُ طوفان نازل ٿيو ڪهڙيءَ مصيبتا،
تان جان اوچتو ان حال ۾، سين قضا قديرا،
ٻڏا پج هزار ماڙهوئن جا، ثئا غرق منجهه دريا،
۽ رات اونداهي نِڪَڻِي ڪاري ڪانڀارا،
نه هئي ماڙهوئن موت جي خبر شهزادي کا،
۽ صاعد ٻڌي ٻيڙي پنهجي، ساڻ ڪشتي شهزادا،
حلقو ٻڏائين وچ ۾، ته متان ٿين وڃي جدا،
تان جان لڳي لهر هيڪڙي، سخت منجهه دريا،
تنہ جدا ڪيو ٻنهي ٻيڙين کي، حلقو ڇني وِچا،
۽ واءُ وٺي هلئو طرف هيڪڙي، ٻيڙي شهزادا،
ٻئي طرف ٻيڙي صاعد جي، وٺي وَهيو واءُ.

 

صبح جو سيف الملوڪ ڏٺو ته چئن سوَن ٻيڙين مان فقط سندس ٻيڙي سلامت هئي، باقي ٻيڙيون ۽ مال خزانا سمنڊ داخل ٿي ويا هئا. اتي شهزادي کي پنهنجي دل گهرئي دوست صاعد جو خيال ٿيو. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين پر نظر نه آيس، تڏهن سمجهيائين ته صاعد به ٻين ماڻهن سان ٻڏي ويو. سو ان صدمي کان زار زار روئڻ لڳو. آخر نوڪرن چاڪرن کيس دلاسا ڏنا. پوءِ الله تهار ڪري ٻيڙي اڳتي هاڪاريائين.

 

تان حڪم سين حڪيم جي قادر قدرتا،
اچي رسي ٻيڙي شهزادي جي، منجهه زنگين جزيرا،
جي آدمخور احمق هئا، صورت سٽراڻا،
جڏه ڏٺائون ٻيڙي شاهه جي، ڀري ماڙهوئن سان،
تِين ڊوڙيا چوطرف ٻيڙيءَ کي کڻي هٿيارا،
”وَاُونٰئک يقاتلون النّاس وياڪلون لحمهم“اِيَ سندين عادتا،
پُڻ ويڙهي ويا ٻيڙيءَ کي چُري چوطرفا،
جڏه ڏٺو ماڙهوئن ٻيڙيءَ جي ۽ پُڻ شهزادا،
ته هي اچن آدمخور اسان ڏونہ ڪارڻ قِتالا،
تڏه کڻي هٿيار اُتريا مٿي ڪنارا،
هڻي تراريون تن کي، ڪيائون گهڻا قتلام،
پُڻ بعضن کي زخمي ڪري وڌائون پَٽ مٿا؛
تڏه حملو ڪئو زنگين مِڙي مجموعا،
دهل وڃايائون، سِڱيون ڃوڪيائون ڌُٻايائون ڌَرا
(1)،
هئا گهاٽا گهڻو مِرُن ڪنا، ويتر ڪُتن ئا،
اچي اسير ڪيائون ٻيڙيءَ کي ۽ لشڪر شهزادا،
جهلي هلئا سڀن کي، وٽ سَندِهُن بادشاهه،
پُڻ آيو بادشاهه پليتن جو، مٿي ڪناري دريا،
اچي تخت وڌائين عاج جو،م منجهه تنہ مڪانا،
جهجها پايا جڙي سون سين ۽ لعلن ياقوتا،
موتي زَمُرد سبز سين ۽ پڻ فيروزا،
پوءِ چڙهي ويٺو تنہ تخت تي سندن سلطانا،
ڏاڍو هيبتناڪ صورت ڪري، پسڻ پليتا،
۽ ظالم زيانڪار عادت ڪري، ڪوجهو قبيحا،
۽ هئو قد تنہ ڪُفّار جو مثل منارا.

 

آدمخورن جي بادشاهه جي خوفناڪ صورت ڏسي، شهزادي کي ڏاڍو خوف ٿيو، ۽ الله تعاليٰ کان پناهه گهري، ان جي آڏو اچي بيٺو. جڏهن آمدخورن پنهنجي بادشاهه کي ٻڌايو ته هن پنهنجن ڪيترن ئي ماڻهن کي ماريو آهي، ۽ ٻيا زخمي آدمخور بادشاهه جي اڳيان پيش ڪيائون، تڏهن هو ڏاڍو ڪاوڙيو.

 

تين عصو چڙهو گُڏِئَل کي، آيو منجهه غضبا،
وٺي ماڙهو بادشاهزادي جا تنہ پاپي پليتا،
ڏناوراهي پنهنجي لشڪر ۾، ته موڪلئو مَطبَخ ڏانہ،
رنڌي پچائي هنن کي، وڃي کائو خوشيءَ منجها،
پُن جيڪي آيس نظر ۾ ڪي ماڙهو موچارا،
سي مُڪا پنهجي مطبخ ۾، تنہ خبيث کِيَڻ لاءِ،
پوءِ کائي ويٺا خوب چورَ سي ماڙهو موچارا،
۽ باقي چار ماڙهو هيڪڙا ۽ پنجون شهزادا،
مُڪائين مطبخ ۾ پنهنجي ڌيءَ جي، تنہ احمق احسانا،
هيءُ آهي مليو شڪار اسان کي، تنهنجو هيءُ بُخرا.

 

سيف الملوڪ جي سهڻي صورت ڏسي، هوءَ مٿس عاشق ٿي پئي ۽ پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڪيائين ته: هن کي منهنجي خاص باغ ۾ اهڙيءَ طرح وڃي رهايو، جيئن ڪنهن کي به خبر نه پوي، ۽ سندس خدمت ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏجو. شهزادو باغ ۾ خوش رهڻ لڳو. ستن ڏينهن کان پوءِ زندگي بادشاهه جي ڌيءَ هارسينگار ڪري شهزادي کي پاڻ وٽ گهرايو.

 

جڏه ڏٺي صورت تِنہ جي سيف الملوڪا،
تين ڊِرنو گهڻو هيبت ۾ دهشت درازا،
اڳ نه ڏٺي هئائين ڪڏهين اهڙي صورت ڪا،
نه سُئي هئائين ڪنن سين، مثل تِنہ مورا،
ڇڏڻ بيان تِنہ بدڪار جو بهتر لکن ٿا،
هو فد وڏو ڪَرَ منارو، ۽ مٿو گنبذ جي مثلا،
ٻه اکيون ٻن طسن جڏيون ڀِرون ڪمانا،
بِنبڻ وارَ وڏا گهڻو، جهڙا تير تُڪا،
لَبَ ڊِرگما مثل اُڍن جي، لُڏن لامارا،
آڱريون ڊِر گهيون ٿلهيون جِين ٽاريون وڻ مٿا،
بُبا وڏا بدبخت مثل مُشڪُن ٿا،
نافُ مثل نقاري جي وڏو وڏايا،
رانُون ٻئي تيڏيون، جيڏيون هونِ هائي کا،
رنگ پڻ ڪارو نِير جهڙو دانگي دُرشتا.

 

پوءِ شهزادي جي آڏو ويهي، شراب ڪباب گهرائي، شهزادي کي کائڻ لاءِ چيائين. سيف الملوڪ لاچار ساڻس گڏ کاڌو پيتو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ نشي ۾ مخمور ٿي ويو. آخر زنگيءَ جي ڌيءَ کيس هوشيار ڪري، ساڻس محبت جون ٻوليون ٻولڻ لڳي. مگر شهزادي کيس گهٽ وڌ ڳالهائي، ڌِڪي پري ڪيو. تڏهن ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ شهزادي کي هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪرائي ڇڏيائين. وري ستين ڏينهن شهزادي وٽ آئي ۽ محبت ڪرڻ لاءِ کيس منٿ ميڙ ڪرڻ لڳي، پر شهزادي جواب ڏيئي ڇڏيس.

 

تڏه آئي پليت ڏمر ۾، غضب جي غيظاء،
حڪم ڪيائين خدامن کي، جي نوڪر سندس هئا،
ته آڻي ڏِهو هنن سڀن کي رَسيون ۽ ڪهاڙا،
ته ڪاٺيون وڍي جهنگل منجها آڻين مُونهين لاءِ،
پوءِ ڏنائون رسو ڪهاڙو سڀن کي، توڻي بادشاهه.

 

شهزادو ۽ سندس چارئي سائي روزانو جهنگ مان ڪاٺيون ڪري ايندا هئا. ڪاٺين ڪندي شهزادي جي هٿن ۾ لڦون پئجي ويون. آخر هڪ ڏينهن پنهنجي چئني ساٿين سان ڀڄي نڪرڻ جي صلاح ڪيائين.

 

تڏه ترهو ٻنڌي ڪاٺين جو، رکي مٿي دريا،
پُڻ ميوا ڀريائون تنہ ۾، طرحن طرحن جا،
ڪنان قسم انگور ۽ کارڪن ۽ آنجير، باداما،
۽ چار مغز نيشَڪَر ۽ ٻئا پُڻ ميوا،
جيڪي هئا تِنہ جزيري ۾ حاضر تِنہ ويرا،
سي سڀ رکي منجهه نُرهي، چڙهي سڀ ويٺا،
پَرڻي پاڻ ڌڻيءَ کي هاڪاريائين هِتا،
پُڻ کِندا وَهيا واٽ ۾، ميوا تن منجها.

 

شهزادي ۽ سندس ساٿين انهيءَ سفر ۾ ڪئين عجائبات ڏٺا. رات ڏينهن ساهه مٺ ۾ هوندو هونِ. ڪيترين ئي آفتن سان مقابلا ڪيائون. اهڙيءَ طرح چار مهينا سفر ڪيائيون.

 

جڏه چار مهينا گذرئا، ان مدت پڄاڻا،
تان ته اچي رسئا جزيري هيڪڙي، مٿي ڪناري دريا،
ڪيائون شڪرانو ربّ جو ۽ ويٺا جاءِ بجاءِ،
هئا چشما تِنہ ۾ مٺي پاڻيءَ جا جاري جِريانا،
پُڻ ميوا طرحن طرحن جا، پڪا گهڻو پختا،
ڪَنا قسم اَنجيرن جي ۽ چار مغز خُرما،
ٿي کاڏائون تن ميون منجها ڪر.ئو گذرانا،
پُڻ ٿي پيتائون پاڻي نهرن منجها مٺا موچاري ساء،
پُڻ آيا جڏه آرامگاهه ۾ ڪنہ مدت پڄاڻا،
ڪئائون شڪرانا ربّ جا، مٿي نعمتن نُورانا.

 

پوءِ سيف الملوڪ سنگتين جي صلاح سان هڪڙو وڏو وڻ جاچي ان تي آرام ڪرڻ جي جاءِ ٺاهي؛ ڇو ته هيٺ جانورن جو خوف هو. اڌ رات جو دريءَ مان قسمين قسمين جانور نڪري خشڪيءَ تي آيا. پڇاڙيءَ ۾ هڪ وڏي مڇي آئي، جنهن جي آواز جي هيبت کان سڀ جانور ڀڄي وڃي درياء ۾ گهڙيا. سيف الملوڪ ۽ سندس ساٿين کي به ان مڇيءَ کان ڏاڍو ڊپ ٿيو. آخر صبح جو مڇي درياء داخل ٿي، ۽ هي به وڻ تان لهي، ميوا گڏ ڪري، ترهي تي چڙهي اڳتي روانا ٿيا.

 

جڏه ٽري ورهه ڪامل گذرئا مدت مديدا،
تِين اچي رسئا جزيري کي هيڪڙي، ڌٺائون عجبا،
اچي اُلٿا تنہ جي ڪنڌيءَ تي، چئن رفيقن سان،
’مَلانُوه‘ نالو تنہ جزيري جو لکئو ڪتابا،
اُب پڻ هئا درخت ڪيترا ۽ ميوا موچارا،
۽ بُڻ چشما مٺي پاڻي جا وَهَنِ وَڏايا،
پوءِ ميوا کاڌائون، پاڻي پيتائون، فرحد ۾ آيا.

 

ان جهنگل ۾ عجيب قسم جا وڻ ڏسڻ ۾ آيا. هڪڙي وڻ جو نالو ”وَقواقُ“ هو، جنهن ۾ ماڻهن جون سسيون ميون مثل لٽڪيل هيون، جي رات جو وڻن مان ڇڄي هڪٻئي سان ڳالهائينديون ڊوڙنديون هيون ۽ صبح ٿيڻ سان وري وڃي وڻ ۾ شامل ٿينديون هيون. ٻيو ”َقهُقَہ“ ۽ ٽيون ”مشعل“ وڻ هو؛ جن مان وري رات جي وقت کِلڻ جا آواز نڪرندا هئا. سيف الملوڪ ۽ سندس ساٿين کي ان جهنگل ۾ گهمندي ڪي ڏينهن گذريا. آخر هڪڙي ڏينهن ڪي ماڻهو ڏسجڻ ۾ آين، جن جا مٿا ڪُتن جي مثل هئا. انهن کي ڏسي شهزادو ساٿين سميت وٺي ڀڳو. اهي شخص به هنن جي پويان ڪاهي پيا ۽ شهزادي جي ٻن ساٿين کي جهلي، چيري ڦاڙي ڇڏيائيون.

 

ڀڄندا وَهِيا ڏينہ ٽري، ڪناتَن جي خوف ۽ خرا،
جِين نه ڦري نهاريائون پوئتي، ڪارڻ تنين لاءِ،
جڏه اچي رسئا تِنہ مڪان ۾، ’فَتِير‘ جنہ جونان،
اُت پُڻ ڏٺائون قلعو هيڪڙو وڏو وَڏايا،
 پُڻ هو دروازو ڪوٽ جو ڪَنا ڏندن ئا،
جي ڏند وڏي مڇيءَ اڃا عاج ڪَنا،
پُڻ ماڙيون وڏيون عمارتون تنہ ڪوٽ ۾، ۽ پُڻ بازاروا،
پر ڪونه هو آدمي منجهه تهين صورت انسانا،
نڪي پکي پرند ڪو، نه ٻئو ڪو جانور ان جاءِ،
بلڪ هئي بادشاهي ڀولڙن کي منجهه تنہ مڪانا،
۽ همراهه هوندا هئا تن سين، سَگسَرَٻئا صحيا
(1)،
هئا ڪندا حڪومت تنہ ڪوٽ ۾ ساڪن سڪونتا،
جڏه اچي اوڏو ٿئو تِنہ ڪوٽ کي سيف الملوڪ ڪا،
تان ڏٺائين ڀولڙا باندَرا، ٻهر شهر ڪَنا،
ڪن ٿي چاريون ٻڪريون، ڪن ٿي ميڙيون ڪاٺين کا،
۽ ڪن ڪئا ٿي ٻئا ڪمڙا، ٻهر شهر ڪنا.

جڏهن شهزادي تي نظر پين، تڏهن کيس ساٿين سميت جهلي، پنهنجي بادشاهه جي آڏو آندائون؛ جو هڪڙو آدمزاد هو. بادشاهه شهزادي کان خبر چار پڇي، مگر شهزادي چيس ته: پهريائين پنهنجو قصو ٻڌاءِ. تنهن تي هن چيو ته: منهنجو نالو ’عبدالله‘ آهي، ’رائِض‘ جو پٽ آهيان، ۽ شهر ’بِصرام‘ جو سوداگر آهيان. هڪ دفعي ٻيڙيون مال سان ڀرائي، مسافريءَ تي نڪتس. هڪڙي طرفان ۾ سڄو مال ٻڏي ويو. مون کي هڪ تختو هٿ اچي ويو، جنهن تي چڙهي هن ٻيٽاريءَ تي پهتس. هتي جا رهاڪو ’وانر‘ ۽ ’مَگسَر‘ هئا، جن مون کي کڻي پنهنجو بادشاهه بنايو. ان بعد سيف الملوڪ پنهنجو داستان کيس ٻڌايو. تڏهن امير عبدالله چيس ته: هتي ڪي اهڙا به باندر آهن، جن کي گلستانِ ارم جي خبر آهي. پوءِ سيف الملوڪ ۽ سندس ساٿي مهمان ٿي اتي رهيا.

 

تان جڏه رهيا ڏينہ ڪيترا، مدت معدودا،
منجهه ملڪ سَگسَرن ۽ ڀولڙن جي، وٽ امير عبدالله،
اُٿئو شعلو عشق جو، جوش رسئو جانا،
آيس ياد صورت ’بديع الجمال‘ جي موچاري مورا،
تين ’ڪنا عشق بي آرام ٿئو مثل مجنونا،
وري رخصت گهريائين عبدالله ڪنا، ته وڃي گلستانا،
تڏه امير عبدالله سوار ڪئو، شهزادو سَهجا،
مٿي گهوڙي پهنجي، ڪري زينت زيادا،
پُن هڪڙو باندر پَرئو فابل، ساڻن ڪيائين همراه، واٽ ڏيکاري سرحد لنگهائي اِنهين کا،
۽ وٺي گهوڙو اسانهِجو، اچي موٽي اسان مهندا؛
پُڻ جي ڪنہ وقت هلڻ ڪنا، ٿي ڪاهل ٿئو آسپا،
ته باندر تنہجي ڪنن ۾، ٿي ورچئو وات وڌا،
تنہ ڪري ٿي ڊوڙيو ڊڪئو ميدان ۾ تازي تکايا،
جڏه لنگهائي سرحد بادشاهه کي ڪيائين روانا،
۽ اُڀي رهيو باندرو، انهيءَ واٽ اُنا،
تين اُترئو شهزادو گهوڙي تان، ٿئو پيرين پيادل،
۽ گهوڙو ڪئائين حوالي باندر جي، وٺي تِنہ واڳا،
۽ چيائين ته وڃي سلام ڏي تون، کي امير عبدالله،
ته هاڻي پرڻئو آهين تون ربّ کي، ۽ اسين وڄون ٿا پَرئا،
پوءِ هليو ٻن يارن سين، منجهه سفر شهزادا،
پُڻ نه ٿي سڃاتائون وڻ کي، ته وڃون ٿا ڪيڏانہ،
پُڻ نه ٿي سڃاتائون وڻ کي، ته وڃون ٿا ڪيڏانہ،
پُڻ ٿي هلئو پيادو پنڌ ۾، سخت رسئو حالا،
پر مبارڪ پهڻ سين، ڦاٽي ڦَچَ ٿئا،
پُڻ آيس ياد دل ۾، يار صاعد تنہ ويرا،
تين روئڻ لڳو افسوس ڪري، هاري جو هِنياء،
پر پُڻ هلئو وئو ميدان ۾، هاٽيڪُ همت سان،
تان وڃي رسئا ڪنہ جزيري کي، عجب جهڙي مڪانا،
’لارَنُ‘ نالو تنہ جزيري جو لکيو ڪتابا.

 

”لارن“ جزيري ۾ قدرت جا عجائب تمام گهڻا هئا. اتي جي زمين سون جي ۽ اوڀڙ چاندي جي هئي. اتي صندل جا وڻ تمام گهڻا هئا. ان هنڌ ڪتن جيڏا ماڪوڙا هئا، جي ماڻهوءَ کي کائي ڇڏيندا هئا. سيف الملوڪ به پنهنجي ٻن ساٿين سان اهي عجائب ڏسندو، اڳتي هلندو رهيو.

 

تان جان اوچتو پکي پيدا ٿئو عظيم منجهه هوا،
ڪنا آواز پکڙانڊين ان جي، ڌٻئو جبل وئا،
پُڻ ڀڳا پکي ٻئا مڙئي، ڪنا تنہ جي هيبتا،
۽ پُڻ ڀڳا پکي ٻئا مڙئي، ڪنا تنہ جي هيبتا،
۽ پُڻ ڀڳا مِرون سڀ جهنگ جا، شينهن ۽ بگهاڙا
(1)،
وڃي داخل ٿئا پنهجي مڪانن ۾، ويٺا مامُونا،
پُڻ نه هو مطلع واقف تِنہ پکي جو سچو شهزادا،
ته ڪا آهي بلا ههڙي، جين ماري مرن کا،
پُڻ اُڀي رهيو اُتهين ڊِرڄي ڪنا دهشتا،
رکي پاسو ڪنهين ڪاٺيءَ تي، سندي درختا،
۽ ويٺا يار شهزادي جا پُڻ پکي جي خوفا،
تان آيو پکي اوچتو، اوڏو ان ماڳا،
تين. اچي نظر پيس ٻن يارن تي، سندي شهزادا،
سي وٺي ٻنهي پکڙانڊين ۾ اڏاڻو اتا،
مثل جبل عظيم جي، هلئو منجهه هوا.

 

اهو پکي اڏامندو وڃي هڪڙي جبل تي لٿو، جتي هڪڙي وڻ ۾ سندس آکيرو هو. پکي، شهزادي جا ٻئي ساٿي پنهنجي ٻچن کي ڏيئي، پاڻ وري شهزادي کي جهلڻ لاءِ اڏاڻو. شهزادو اتي ئي ڊپ ۽ ارمان ۾ ويٺو هو، تان جو وري پکيءَ کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي، وٺي ڀڳو. پکي به لامارو ڏيئي، کڻي آڻي آکيري ۾ ڇڏيس. سيف الملوڪ اتي پنهنجي ساٿين جا عضوا ڏٺا، جي پکيءَ جي ٻچن کائي ڇڏيا هئا، جن مان تازو رت پئي ٽميو. هو اهو لقاء ڏسي خدا تعاليٰ کي ٻاڏائڻ لڳو. پکي اڃا هن کي کائڻ تي هو، ته قدرت سان انهيءَ مهل، هڪڙو نانگ جبل مان پيدا ٿيو، جو وڻ تي چڙهڻ لڳو. پکي، سيف الملوڪ کي ڇڏي نانگ ڏانهن وڌيو. نانگ ڇا ڪيو جو پنهنجو پڇ زمين تان مهٽي، پکيءَ ڏانهن ڇنڊيائين ته هن جون اکيون نڪري ويون ۽ انڌو ٿي زمين تي ڪري پيو. پوءِ نانگ پکيءَ جا ٻچا ماري کاڌا ۽ جبل ڏانهن موٽڻ تي هو ته شهزادي همت ڪري، تلوار ڪڍي، ڀَر ڪري نانگ کي هنئي، ته هو ٻه اڌ ٿي پيو، ۽ اتي ئي ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو. ان بعد شهزادي پنهنجي ساٿين جا ٽڙيل پکڙيل عضوا ميڙي، چشمي جي ڪناري تي دفن ڪيا. ساٿين جي مرڻ تي ڏاڍو ڏک ٿيس، پر ربّ جي رضا تي راضي رهي، يارن جي وڇوڙي ۾ روئندو، افسوس ڪندو اڳتي روانو ٿيو.

 

تان وڃي داخل ٿئو غربت ۾ هلئو حيرانا،
پَڻ رسيس شعلو عسق جو، وري ويتر اُن ويرا،
تين ڪنا آتش عشق جي، عاجز ٿئو اهڙا،
جو خواب اکين پاڻ تي ڪيائين حراما،
”ڪل نومِ عليٰ المحب حرام“ اي رکيائين دستورا،
پُڻ نه آيس ايذاءُ نظر ۾، ڪَهِين جو اصلا،
نه ڪو خوف درندن گذندن جو، نه موت جو مورا،
بلڪ هلئ.و هلِي واٽ ۾ ڪاهي تعجيلا،
پُڻ ڪنا ڊرگهائيءَ سفر جي ٿئا پير آزردا،
جڏه پير ٿڪا ضعيف ٿيا، سُست سختيءَ سان،
تين هل.ئو مُونن هٿن سين، ٿئو رَهه ۾ روانا،
تان چوٿون وره پڻ گذرئو، هلندي واٽ مَٿا،
تان جان ڏٺائين هلندي ان واٽ ۾، ڪو قلعو وڏو ڪوٽا،
تڏه هلئو طرف تنہ ڪوٽ جي، سگهو شتابا،
 پُڻ نه ڪو ڏٺائين اُن ايام ۾ ڪو ميوو درختا،
هئي زمين خشڪ گهڻو، سُڪي سُڃ مثلا،
تِين ڪنا عاجزيَ بک جي، ثئا هڏ ماندا،
تضڏه کاڌائين پاڙون وڻن جون ۽ پنڙا تنهين سندا،
اُڃئو بکيو اندوه ۾ هليو حيرانا،
حيران دل، پريشان دل، اندر اداسا،
سينو بِريان، چشم گريان، روندو راه مَٿا،
قدم در قدم دسيدم هلئو همت سا.
تان جان رسئو ڏينہ هڪڙي، درخت انجيرا،
جو وڻ اُڀو هو ميون ڀرئو، بلند گهڻو بالا،
۽ پُڻ هيو نهرون مٺي پاڻيءَ جون، ٿي وهيون وڻ هيٺا،
کائي ميوا تنہ وڻ جا ۽ پيتائين پاڻيءَ کا.
پُڻ ويهي تنہ وڻ هيٺ ڪيائين آراما،
پُڻ نظر ٻي تنہ ڪوٽ سين، هو ويٺو هوشيارا،
پوءِ هليو وري شتاب اچي ٿئو ڪوٽ کي اوڏا،
هو آڏئو مٿي چوٽيءَ جبل جي، سو قلعو ڪَيوانا،
پوءِ چڙهئو تهين جبل اتِي، اونچي عُلُوّا،
ستين ڏينہ وڃي جبل جِي ڪوٽ تي رسئا،
۽ قصد ڪيائين منجهه پهڻ جو، داخل دروازا.

 

ان ڪوٽ جو دروازو مڇيءَ جي ڏندن مان ٺهيل هو. ڪوٽ جي ٻاهران محل، ماڙيون ۽ بازاريون سڀ سينگاريل ڏسڻ ۾ آيس. دڪانن تي قسمين قسمين موتي موجود هئا. مشڪ ۽ عنبير جي خوشبوءِ سان دماغ تَر ٿي ويس، پر اتي ڪو ماڻهو يا جانور نظر نه آيس.

 

تِن حيران ٿئو دل ۾ ڀلو ڀلارا،
ته اچي پيس ڪهڙي مڪڳان ۾، جت ڪونهي مخلوقا،
پُڻ هو رکئو حاضر ڪئو طعام ۽ شرابا،
سو کائي پي خوش ٿئو، ڪري شڪرانا،
پوءِ ڪري توڪل الله جو، اُٿيو صحي اُتا،
اچي ڏٺائين تماشو ڪوٽ جو ڦري چوڌارا،
تان ڏٺائين دروازو هيڪڙو، تِنہ کي منجهارا،
جان داخل ٿئو درٻار ۾، تان ڏٺائين تختا.

 

اهو تخت عود مان ٺهيل هو، جنهن جا پايا سون جا هئا ۽ سڄو هيرن، لعلن ۽ ياقوتن سان جڙيل هو. ديوارون به عجب جنسار سان چٽيل هيون. اتي قسمين قسمين پکي پڃر ۾ ٽنگيل هئا. جن مٺي آواز سان ٻوليون پئي ڪيون. اتان وري هڪڙو دروازو ٺهيل هو، جنهن کي جادوءَ جو ڪلف چڙهيل هو. اتي جادو جو هڪڙو شينهن ويٺل هو، جنهن شهزادي کي ويجهو ايندي ڏسي، پنهنجو وات ڦاڙيو.

 

تڏه ترار هئي شهزادي شهزادي تنہ کي، تپي تيز منجها، جِين ٻه ٽڪر ٿي زمين تي شينهن ڪرئو في الحالا،
پُڻ لٿو قفل، در اُپٽئو ۽ ٿيو ڪشادا،
۽ داخل ٿئو تنہ محل ۾ ڀلو ڀلايا،
تان تخت ڏٺائين سونَ جو مرصع موتين ئا،
۽ هئا جڙيا پايا تنہ تخت جا، ساڻ موتين ياقوتا،
پُڻ دختر بني آمدزاد هيڪڙي صاحب جمالا،
سُونهڻي سڀني پَريَن ۽ زينت زيادا،
آهي سُتي تنہ تخت تي، ڊِرگهي درازا،
مثل چوڏهين چنڊ جي هُئي حسينا،
تڏه اوڏو اچي تنہ نينگر کي سچو شهزادا،
جان هڪل هنيائين زور، جاڳايائين ڪري فريادا.

 

انهيءَ نازنين تي جادوءَ جو اثر ٿيل هو، تنهنڪري شهزادي کي ڪوبه جواب نه ڏنائين. تڏهن هن حيران ٿي کيس اٿاري ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر نينگري بيخبريءَ جي حالت ۾ رهي. ان تي شهزادو وڌيڪ حيران ٿيو، ۽ محلات ۾ هيڏانهن هوڏانهن جهوتون ڏيڻ لڳو. اوچتو ان نينگريءَ جي سيرانديءَ کان هڪ پٽي رکيل ڏسڻ ۾ آيس. ان تي لکيل هدايت موجب پٽيءَ جي هڪ ميخ کي ڦيرائيائين.

 

تڏه اٿي خبردار ٿي، وري ويٺي تنہ ويرا،
چيو شهزادي ادب سِين، ڪِيڻس سلاما،
وعليڪ السلام وارائو شهزادوءَ تهين وير، چيائين مرحبا،
اي جوان تون ڪير آهين، جو آئين هن محلا،
هت اچڻ پکي جانور جو، پُڻ مورا مشڪل آهه،
تون آمزاد هن مڪان ۾ آئين ڪنہ طرحا،
ئو تون حقيقت پانهجي سڻائي سڀڪا.
تان چيو شهزادي تنہ کي، آءٌ سيلاني مَردا،
۽ آهي قصو دور دراز منهجو وڏو وڏڌايا،
اڄ ڏهه وَره وهيا گذري، جين ٿيس غريبا،
وطن ڇڏي پلهجو، ٿيس مسافر مُورا،
پُڻ گهڻا خسڪي بحر جا وٺم تماشا،
عجب عجائب ڪيترا مشاهدا مورا،
پر نه ڏٺم تماشو عجب ڪو مثل هن محلا،
تِين حيران ٿي سا نينگري، ڪري تعجب توڙا،
تان پُڻ چيو شهزادي تنہ کي ڦِري ٻيهارا،
اي ڀيڻ منهجي، حقيقت تون سگهي صحي سڻاءِ،
تون ٿي ڪرين گذران طرح ڪهڙو، منجهه هن مڪانا.

 

تنهن تي هن عورت ٻڌايو ته: آءٌ سرانديپ جي بادشاهه جي ڌيءَ آهيان. هڪ ڏينهن آءٌ پنهنجي ماءُ سان گڏجي باغ ۾ گهمڻ ويس. باغ ۾ پاڻيءَ جو تلاءُ هو. آءٌ وهنجڻ جي خيال سان تلاءَ ۾ اڃان گهڙيس ئي مس ته اوچتو سخت طوفان لڳو، ۽ قدرت سان هڪڙو پکي پيدا ٿيو، جو مون کي چنبن ۾ کڻي اڏاڻو ۽ اچي هن ماڙيءَ تي ڇڏيائين. پوءِ پاڻ پکي مان صورت مٽائي، انسان ٿي، تخت تي چڙهي ويٺو. هزارين پريون سندس خذمت ۾ اچي حاضر ٿيون. اهو شخص پرين جي بادشاهه جو پٽ هو، جو مون تي ڪيتري وقت کان عاشق هو. ان ڏينهن وجهه لڳس، سو مونکي کڻي آيو. ان بعد مون سان شادي ڪرڻ لاءِ چيائين، پر مون کيس جواب ڏيئي ڇڏيو. تڏهن ڪاوڙجي مون کي هن حالت ۾ ڇڏي ويو آهي. انهيءَ حالت ۾ سڄا سارا ڏهه ورهيه گذري ويا اٿم.

 

تِين رُنو تنہ جو احوال سڻي، سيف الملوڪا،
وري چيائين سيف الملوڪ کي، اُ قصو گهڻيرو اهه،
بيان ڪندي جنہ کي، لڳن ڏينہ جهجا،
نه تمام ٿيندو ماڳهين مهنجو مذڪورا،
متان اچي دِيوُ ان وقت ۾، اوڇتو پاڻ اُتا،
پُڻ ڏسي وٺي مون کي تو وٽ، آڻي غيرتا،
پوءِ ڪري هلاڪو توکي ۽ ماري مُنهين کا.
تان چيو نينگريءَ امير کي ته اچڻ تنہ ويرا،
سو آهي هن مڪان ۾ پنجين ڏينہ جي پُئاءُ،
 پڄاڻا پنجن ڏينهن جي سو ايندو ابليسا،
تڏه ڪئو قصو شهزادي تنہ سين، ڪئائين تماما.

 

هن عورت جڏهن سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جي عشق ۽ صاعد وزيرزادي جي جدائيءَ جو حال ٻڌو، تڏهن اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيس، ۽ سيف الملوڪ کي چيائين ته: شهزادا! آفرين آهي توکي، جو عشق جي راهه ۾ ايڏا ڪشالا ڪڍيا، اٿئي... پر هاڻي دلگير نه ٿيءُ، ڇو ته بديع الجمال جي ملڪ کي اچي ويجهو ٿيو آهين. تنهن کان سواءِ بديع الجمال کي آءٌ چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿي. ويچارو سيف الملوڪ پنهنجي محبوب جو نالو ٻڌي، بي اختيار سجدي ۾ ڪري پيو، ۽ ڌڻي پاڪ جا شڪرانا ادا ڪيائين، جنهن هن وقت تائين کيس مصيبتن کان پناهه ۾ رکيو هو. شهزادي پوءِ هن عورت کي منٿ ڪئي ته ’مون کي بديع الجمال جا پار پتا ٻڌاءِ.‘

 

تين چيائين اي ڀاءُ منهنجا، عاشق سچارا،
اسين ٻه ڀينرون آهيون، هِيڪڙو آهي ڀاءُ،
۽ آهي پِيُو اسانهجو منجهه سرانديپ سلطانا،
پر حقيقت جا بديع الجمال جي، سا آهي انهي ترتيبا:
جو جڏه وڏي ڀيڻ منهجي، ڄاڻي منهجيءَ ماء،
تڏه حڪم ڪيائين داين کي ۽ پڻ غلامِنَ کا،
ته وٺي کوڙئو ترتيب جو منجهه تنہ بستانا،
پوِءِ ڄائو منهجيءَ ڀيڻ کي تنہ منجهه منهنجيءَ ماء،
۽ ست ڏينہ ان باغ ۾ هئا هيڪاندا،
ٿي ڪيائون تماشا ڪيترا خوبيون خوشنودا،
تان جڏه ست ڏينہ گذرئا مُدت مديدا؛
تين ويٺي هئي ماءُ منهجي هيٺ ڪنہ درختا،
تان جان حڪم سين الله جي، جو قادر قدرتا،
آئي پرِي هيڪڙي سونهڻي صورتا،
لباس پاڪيزو مٿس صاحب جمالا،
ويٺي منهجيءَ ماءُ اڳيان اچي ان ويرا،
پُڻ سلام ڏنائين منهجي ماءَ کي منهنجا محبتا،
تين ڊر ڄڻ لڳي ماءُ منهجي، پسي پريءَ جي شڪلا،
تان چيائين ته ڊرڄ تون ڪيم ڪي، مَ ڪر ڪو خطرا،
آءٌ آهيان عورت بادشاهه جي، جو سندو پَرين آه،
نالو ’شاهبال‘ تنہ جو، پُنُر ’شاه رخ‘ پاتشاه،
آهي گلستاِ ارم ۾ تِنہ جي سلطنتا،
آءٌ آيس واسطي سير جي، ڪارڻ تماشا،
 مون ڪوٺي ڀيڻ پنهجي تو، اڄوڪي ڏينها،
هاڻي ٿئا حق تنهجا مون تي لازم لُزوما،
پڻ ست ڏينہ هونديس هن باغ ۾ حاضر تو وٽا،
آهي مون کي اثر بوءِ آدميءَ جو، رسئو ڪنہ ويرا،
هاڻي هيءَ ڄاڻي ڌيِرڙي تو آهي عاجزا،
سا ڪر حوالي منهجي، ڏي مون کي هن وقتا،
ته کير پياريان تنہ کي منجهان پنهجي ٿڻن ئا،
تڏه ماءُ منهجي ڄائي هئي، ڀيڻ منهنجي جا،
سا کڻي ڏنائين تنہ پريءَ کي، ۽ رکائين تنہ رضا،
تڏه چميون ڏنيون منهجي ڀيڻ کي تنہ پري پيار منجها،
وري کير پياريائينس پنهجو ٿِئي خوشحالا، تڏه وري چيو تنہ پريءَ کي موٽي منهجي ماءُ،
اي ڀيڻ! جي هوءَ همراه تو سين فرزند في الحالا،
جو مُرصع هو موتين ۽ سون سين جُڙئو جنسارا،
لعلُن زمرد فيروزن سين، هو چيٽرئو چوطرفا،
لوڏي تنہ درخت مٿان وڌائون زمينا،
هئي ڌيڙي تنہ درخت مٿان وڌائون زمينا،
هيءَ ڌيَڙي تنہ پينگهي ۾، صورت حسينا،
پاڪيزي پَروَش آڳرِي زينت زيادا،
نالو بديع الجمال تنہ جو، ۽ ڌيءَ شاهال ملڪا،
پُڻ ڪيترا هزار پرين جا هئا آُڀا ان مهندا،
هٿ ٻڌي حضور ۾ تنہ پينگهي کي اڳيا،
سا ڏنائين منهجيءَ ماءُ کي ڪري محبتا،
تڏه وٺي ماءَ منهجي تنہ کي چمئو چاه منجها،
۽ کير پياريائين تنہ کي پنهجي بُبن ئا،
تنہ کي وَرهه گهڻائي گذرئا، مُدّت مديدا،
هاڻ وڏي ٿي حسن ۾ وِتري، سا پرِي پاڪيزا،
بديع الجمال نالو تنہ جو شان وڏي شرفا،
پڻ نه آهي برابر تنہ جي حسن سين ڪامورهين منجهه ملڪا،
نه ڪِين جنّن انسانن ۾، نه ديون پرين ئا،
نه آهي مشابهت مثل صورت تنہ جي ٻي صورت ڪا،
آهي حسن سندس حيرت جهڙو، جلوو جمالا،
پڻ اچي سڀڪنہ مهيني ۾ مهندا منهجيءَ ماءُ،
پوءِ گهر رهي ست ڏينہ اسانهجي سين عزت اڪراما،
پڄاڻا ستين ڏينهنِ جي وڃي پنهنجيءَ ولاتا،
پڻ جا ڀيڻ منهنجي آهي وڏي مون ڪنا،
جنہ گڏ پيتو هو کير تنہ سين منجهه ننڍپڻ عمرا،
ڪڏهين وٺي وڃي تنہ کي گلستان ارم،
ڪري خدمتون موچاريون تنہ جون، پوءِ ڪري رخصتا،
اي سيف الملوڪ سردار صادق سچاڀائي برادر ڀاء،
آءٌ ڪوه ڪريان تدبير ڪهڙي، جِين آهيان اسيرا،
پر جي هئِي قيد ڪنا مون کي خلاصِي ڪا،
ته البت ڏيکاريم توکي، سا پري پاڪيزا.

ملڪان جي واتان سمورو احوال ٻڌي سيف الملوڪ حيرت ۾ پئجي ويو. پوءِ هن کي چيائين ته: ڀيڻ! ارمان نه ڪر، اميد آهي ته جلد ئي مردود ديوَ کي ماري، توکي هتان آزاد ڪرائيندس، ۽ هلي پنهنجي وڇڙيل عزيزن سان ملنداسين. تڏهن ملڪہ جواب ڏنس ته: شهزادا! افسوس ئي ان ڳالهه جو اٿم، ته ديوَ کي پاڻ ماري ڪين سگهنداسين. ڇو ته ديو جي عمر ست سئو ورهيه آهي، ۽ سندس ساه هڪڙي ڪبوتر ۾ آهي، جيڪو وري هڪڙي پڃري سميت سمنڊ ۾ پيل آهي، ان پڃري کي فقط اهو ڀڃي سگهندو، جنهن وٽ حضرت سليمان جي منڊي هوندي. اتي سيف الملوڪ اها منڊي ڏيکاريس، جا پيءُ کان تحفي ۾ ملي هيس، ۽ سفر ۾ ساڻس گڏ هئي. پوءِ ته ٻئي ڄڻا ڌڻي پاڪ جا شڪرانا ادا ڪري، اسفندريار ٻيٽ ڏانهن روانا ٿيا، جو وچ سمنڊ ۾ هو، ۽ ديو جو پڃرو به اتي ئي رکيل هو.

 

اچي منڊي ڏيکاريائون بحر کي، ڪيائون معائنا،
تان برڪت حضرت سليمان ابن دائود جي، جو نبي نورهدا،
نڪري تابوت درياء منجها اچي ٿئو اوڏا،
تڏه ڪڍي ٻهر تابوت کي شهزادي شوقا،
لاهي قفل مٿان تنہ جي ڪڍيائين ڪبوتر کا،
جو ويٺو هو اُن تابوت ۾ پکي پرندا،
تنہ ڪيو قصد اُڏامڻ جو پکي پروازا،
تان محڪم جهلي هٿ سين، سِسيءَ ڪبوترا،
ماري موڙي مٿو تنہ جو ڪيائين جدا،
تان پيدا ٿئو اُن ساعت ۾ اچي غبار اَڀَن ئا،
ڌوڙ اُڏاڻي، گوڙ ٿئو، مٿهُون منجهه هوا،
پڦن وٺو مينہ رت جو، پئا ڇنڊا زمينا،
۽ مثل مٿي ڪبوتر جي، جدا جسم ڪنا،
ڪِري پئو مٿو ديوَ جو، جين ڌرتيءَ ڪيو ڌڪا،
مثل چوٽي جبل جي، پئو پَٽ مٿا،
پُڻ ڇڻيو جسم ديوَ جو، جو هئو مردودا،
مهندا پير شهزادي جي، مثل وڏي جبلا،
پوءِ جهلي ملہ تنہ کي ۽ پڻ شهزادا،
گِيهري وڌائونس درياء ۾، ڪيائون پُرتابا،
پُڻ ڪيائون شڪرانو ربّ جو، جو قادر ڪريما.


[1]    هيءَ روايت ليٿو ۾ ڇپيل هڪ جهوني ڪتاب تان ورتل آهي، جو تمام زبون حالت ۾ هٿ آيو. ڪتاب جا منڍ وارا 36 صفحا ۽ آخر ۾ 270 کان پوءِ جا صفحا ضايع ٿي ويا هئا. هي سڄو قصو نظر ۾، ’الف اشباع‘ واري قاضي جي طرز ۾ آهي. هتي سمورو نظم ڏيڻ ممڪن نه هو، تنهنڪري قصي جا ڪجهه ٽڪرا نظر ۾ ڏيئي، باقي قصو مختصر طرح نثر ۾ ڏنو ويو آهي. قصي کي مڪمل روايت جي صورت ڏيڻ لاءِ منڍ وارن 36 زبون صفحن ۽ پڇاڙي ۾ کٽل ڳالهه کي چورس ڏنگين ۾ رکيو ويو آهي. قصو ڇهن بابن تي مشتمل آهي. (اصل ڇپيل ڪتاب جا صفحا 1، 56، 95، 140، 159، ۽ 257). هرهڪ باب جي خاتمي تي مصنف مناجات طور ڪجهه مصراعون چيون آهن. قصي جي وچ ۾ ڪن واقعن لاءِ تصديق طور شاعر ڪتابن جي لکئي جو حوالو ڏنو آهي. مثلاً: ”اُمَةّالبحر نالو تن جو لکئو ڪتابا“ (ص79)، ”پڻ  آهي لکي ڪتابن ۾ ههڙي حڪايتا“ (ص 79)، ”ڪتاب عجائب المخلوقات ۾ تفصيل ان جو آه“ (83)؛ ”لارن نالو تِہ جزيري جو لکيو ڪتابا“ (س 100)؛ ”راوي روايت لکي ڪنا ڪتابا“ (س 126).

*    ڪتاب جي منڍ ۽ آخر وارن صفحن زبون ٿي وڃڻ سبب شاعر جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو. البت پهرئين بابت جي آخر ۾ صفحي 56 تي ”جانڪيتان جمال کي، ايءُ عشق اندر ۾ آه.“ مصرع مان شاعر جو نالو ”جمال“ معلوم ٿئي ٿو.

(1)    اصل : مُنڊيَ کُور يکَا.

(1)    اصل : گُورا گُور.

(1)    اصل : دَهل وڃايائون سِنگيُون تُڪياءَ ڌُٻاياءٌ دَ را

(1)    سَگسَر = ڪتن جي مُنهن وارا ماڻهو.

(1)    اصل: ... مينہ ۽ ڀگارا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org