سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :27

 


ديوَ کي ماري گاهه ۽ ڪاٺين مان ترهو ٺاهيائون، ۽ پوءِ اُن ۾ مٺو پاڻي ۽ کاڌي لاءِ ميوا رکي، کڻي سمنڊ ۾ هاڪاريائون. قدرت سان ٽئين ڏينهن طوفان اچي لڳو، جنهنڪري ترهو وڃي هڪڙي ڪُن ۾ ڦاٿو، جنهن ۾ جنڊ وانگر ڦرندا رهيا. آخر ڪار چاليهين ڏينهن سڻائو واءُ لڳو، جنهنڪري ڪُن مان نڪري، ترهو تمام تکو هلڻ لڳو. اهڙيءَ طرح ڏکن بُکن جون تڪليفون سهندا، ڪشالا ڪڍندا، دريائي جانورن سان وڙهندا نيٺ هڪڙي ڏينهن اچي ”واسط ٻيٽ“ ۾ پهتا. شهزادو ۽ ملڪہ اُن ٻيٽ تي مهينو رهي، سفر جو ٿڪ لاٿو. هڪڙي ڏينهن شزادي کي اُتي جي رهاڪن مان خبر پئي ته واسط ٻيٽ، سرانديپ جي بادشاهه جو ڏاني آهي. شهزادي جڏهن ملڪہ کي اها خوشخبري ٻڌائي، تڏهن هن خوش ٿي چيس ته: شهزادا! پاڻ هاڻي 0کن کان اچي آزاد ٿيا آهيون، ڇاڪاڻ ته هن ٻيٽ جو حاڪم تاج الملوڪ آهي، جو منهنجو سڳو چاچو ٿئي. اُن جي مون سان تمام گهڻي پريت آهي، تنهنڪري تون اُن کي وڃي منهنجي خبر ٻڌاءِ! پوءِ سيف الملوڪ وڻن جي چڱيءِ طرح اوٽ ٺاهي، ان ۾ ملڪہ کي ويهاري، تاج الملوڪ ڏانهن روانو ٿيو.

 

تان اتفاق ٿئو ان ڏينہ سين قادر جي قضا،
هئو تاج الملوڪ نِکڙئو ڪارڻ شڪارا،
جڏه سُئو هُنگارو گهوڙي جو سيف الملوڪا،
ته اُڀي رهيو واٽ اُتي، ٿِي منتظر مُورا،
پُڻ شڪار ڪري موٽئو، وريو بادشاها، پوءِ اچي ويٺو ڪنہ مڪان ۾ وڇائي مسنَدا،
سڀ لشڪر لنگهي ادب سين آيو مَلڪ کي مهندا،
تعظيم تڪريم سڀ آندائين صحيُ بجاءِ،
پُڻ ئي پڙهيائين هن تسبيح کي ظاهر زبان منجها،
”سبحان ذي الفرد والعظيمة والقدرة والڪبيرياء“
والجبروت سبوحءٌ قدوسءٌ رب الملٰڪة والرّوح“
جڏه ڏٺو سيف الملوڪ کي مهندا بادشاهه،
تين اکيون ڀريائين آب سين ڏسي سنديس طرحا،
ظاهر پڇيائين مٺيءَ زبان سين ته اي جوانا!
تون ڏسجين غريب اشرف ٿو، آهين ڪير شخصا؟

 

تڌهن سيف الملوڪ پنهنجي سورن جو داستان هن کي ٻڌايو. وري تاج الملوڪ کانئس پڇيو ته: اي شهزادا! توکي هيتري مدت گهمندي گذري آهي، منهنجي ڀائٽي ملڪ کي ڪٿي ڏٺو هجئي ته ٻڌاءِ، ڇاڪاڻ ته اها ڪيترن ورهين کان گم آهي. تنهن تي سيف الملوڪ، ملڪہ سان ملڻ، ديوَ کي مارڻ ۽ کيس گڏ وٺي اچڻ جو قصو ڪري ٻڌايس. تاج الملوڪ اها خوشبخري ٻڌي، اگهاڙين پيرين ڊوڙندو اچي ملڪہ سان مليو. پوءِ هنن کي وٺي آڻي محلات ۾ ويهاريائين. انهيءَ خوشيءَ ۾ خزاني جا در کلي ويا. ملڪہ جي ملڻ جي خبر پهچائڻ لاءِ يڪدم سرانديپ ڏانهن قاصد روانا ٿيا. ملڪہ جي واتان سيف الملوڪ جي اشرافت ۽ بهادريءَ جي تعريف ٻڌي تاج الملوڪ کيس پنهنجو پٽ ڪري سڏيو.

ملڪہ جي موٽي اچڻ جي خبر جڏهن سرانديپ پهتي، تڏهن اُتان ملڪہ جا ٻه ڀائر، فخرالملوڪ ۽ زيب الملوڪ پنهنجيءَ ڀيڻ کي وٺڻ لاءِ واسط ۾ آيا. اهي به سيف الملوڪ جي حسن ۽ شرافت کي ڏسي سندس دوست ٿي ويا. هڪڙي ڏينهن ماني کائيندي سيف الملوڪ، بديع الجمال کي ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙهڻ لڳو. تڏهن ٻنهي ڀائرن کيس دلداري ڏني. آخرڪار سهي سنڀري ملڪہ کي ساڻ وٺي سرانديپ روانا ٿيا. ملڪہ پنهنجي پيءُ ماءُ سان ملي، ۽ کين سيف الملوڪ جي حال کان واقف ڪيائين. اڃا بديع الجمال جي وٽن اچڻ ۾ هفتو کن دير هئي، تنهنڪري شهزادو اتي شڪار وغيره سان دل وندرائڻ لڳو.

 

تان جا هلئا سير شڪار تي هيڪڙي ڏينها،
سڀ چڙهيا هئا گهوڙن تي سوار سلطانا،
پڻ ٻئي پُٽڙا هئا بادشاهه جا ۽ سيف الملوڪا،
۽ پاڻ پڻ سوار هو سرنديپ سلطانا،
جڏهن اچي رسئا بازار ۾ سندي ئي شهرا،
ته مٿي دڪان بٺاري جي ڏٺائون جوانا،
۽ آهي پريشان حال سندسي، مثل مجنونا،
گڏئو گوندر افسوس ۾ ۽ هيِين حيرانا،
۽ هو بيٺو مهندا بٺاري جي، تِي ڪيائين سوالا،
پرڏيهي پشيمان ٿي، ڪيائين مانيءَ جي طلبا،
جڏه نظر پئي جوان اُتي، سندي شهزادا،
ته ٿورو سڃاتائين ڪيڻَسِي، ڪر آهي آشنا،
وري چوڪس نهاريائين، نظر ڪيائين چيتاري چيتا،
ته سڃاتائين صورت سنديسي ته ڪر صاعد آهه،
تڏه اکيون ڀري آب سين چيائين غلامن کا،
ته وٺي وڃو هن جواب کي پنهجي مڪانا،
محفوظ رکجو ڪِيڻَسِي جانسين وران شڪارا،
تڏه ڊوڙئا غلام شهزادي جا منجها هيبتا،
اچي وٺتائون صاعد کي ڏاڍائيءَ منجها،
۽ وٺي وهيا ان کي منجهه مڪان شهزاد،
جڏه موٽي آيو شڪار ڪنا سيف الملوڪا،
ته پڇيائين ڦري غلان کان ته ڪٿي اُو شخصا؟

 

غلام يڪدم صاعد کي شهزادي وٽ وٺي آيا. صاعد هن کي ڪونه سڃاتو. تڏهن شهزادي جي پڇڻ تي پنهنجي وڇڙجڻ ۽ ڏکن ڏاکڙن جو بيان ڪري ٻڌايائين. شهزادو هن جي واتان دردن جو داستان ٻڌي بيهوش ٿي ويو. غلامن جڏهن اها حالت ڏٺي تڏهن صاعد کي جادوگر سمجهي سختيون ڏئي ڀڄائي ڪڍيائون. شهزادي هوش ۾ اچڻ بعد صاعد جي پڇا ڪئي. حقيقت معلوم ڪري غلامن کي سخت سزا ڏنائين. ۽ صاعد جي وري ڳولا ڪرايائين ۽ اعلان ڪيائين ته جيڪو ماڻهو صاعد کي ڳولي ايندو، ان کي هزار دينار انعام ڏبو.

 

تِين اُٿيا ماڻهو لشڪر جا، نهاريائون نظرا،
تان پڻ نه ڏٺو ڪنہ صاعد جو ڪٿهين اُهڃاڻا،
تڏه اٿئو پاڻ مسند تان سچو شهزادا،
۽ ڦرئو تنهين مجلس ۾ پيرين اگهاڙا،
راوي روايت ڪئي هن پر حڪايتا،
ته ويٺو هو ڪنہ گوشي ۾ صاعد صحيا،
پُڻ ٿي سُئائين ڳالهيون سڀن جون تڪلّم ڪلاما،
ته ٿا ڪرين مذڪور منهجو ۽ نهارين مون کا،
متان وٺي مارين مون کي، ڪر ڪنم هلاڪا،
تان اوچتا ان حال ۾ آيا ٻه شخصا،
تن اچي اُتان صاعد کي ڪوٺي سي آيا،
۽ پڻ اچي ڏنائون منجهه حضور سيف الملوڪ کي منجها گهڻي محبتا،
تِين چيو شهزادي تِنہ کي، اي صاعد منهجا ڀاءُ!
ته آءٌ آهيان سيف الملوڪ، اُهوئي تنهنجو رفيقا.
تان صاعد نه مڃي ايءَ ڳالهڙي، چئي آهي خِلافا،
اي بادشاهه! سردار مُلڪ جا، سچا شهزادا،
ته ڪيئن هوندو سيف الملوڪ حيات سوجو منهجو محبوبا،
پڻ ڪيئن اکين سين پسندس آءٌ سو منهجو معسوقا،
موليٰ! ملائي سو مون کي، قادر سين ڪرما،
تڏه شهزادي چيو تنہ کي ۽ ڏنو اُهڃاڻا،
ڪنا وصال بديع الجمال ۽ آول عشق ڪنا،
ته ٿي تسلّي صاعد کي سڻي نشاني سا،
پُڻ گهڻو نهاري نظر ڪري سڃاتائين صحيا،
پُڻ اثي گڏئا پاڻ ۾ ٻئي رفيق سچا.
سي ملئا هٻيڪَ ٻئن کي، جي مُدت وڇوڙئا،
”فاذڪروني اَذڪرڪم“ ڪئا مولِي ڪم پورا،
تين زار زار رنائون رت واهيائون پنهجي فراقا،
پڻ دعا گهريائون، شڪر مڃيائون، مٿي ملاقاتا.

 

صاعد جي اچڻ جي خبر جڏهن ملڪان کي پئي، تڏهن پاڻ پيءُ ماءُ سان گڏ جي شهزادي وٽ آئي؛ جي پڻ صاعد سان ملي ڏاڍا خوش ٿيا. ان بعد صاعد وهنجي سهنجي نوان ڪپڙا ڪڍيا، ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن آرام ڪري سفر جون تڪليفون لاٿائين. سرنديپ جي بادشاهه به صاعد کي ڪيتريون سوکڙيون ڏنيون. صاعد جڏهن ٻه چار ڏينهن آرام ڪيو، تڏهن هڪڙيءَ رات شهزادي کانئس سفر جو احوال پڇيو. جو هن عام درٻار ۾، اميرن وزيرن آڏو سربستو هن طرح بيان ڪيو:

بسم الله الرحمٰن الرحيم

راوي روايت ڪئي ڪنا ڪتابا،
ته صاعد بيان ڪيو قصو پنهجو منجهه حضور شهزادا،
ته اي سردار سرور منهجا بزرگ بادشاه،
جنہ ڏينہ ڪشتي منهجي ٿي جدا آن ڪنا،
تين رسي تَري منجهه بحر جي طوفان جي سبيا،
پُڻ واءُ لڳو وڏاندرو سخت سِٽراڻا،
سو چاليہ ڏينہ طوفان هو ڏاڍو ڏاڍيا،
تان جان لڳو واءُ موافق ڪو موجب حڪم خدا،
تنہ نيئي ٻيڙي منهجي وري ڪنہ طرفا،
تان ساڪت ٿئو واءُ، اُٿو هيڪڙي ڏينها،
۽ رسي ڪشتي منهجي هيڪڙي جزيري کا،
تين مون ڪئو شڪرانو ربّ جو مٿي سلامتي صحيا،
۽ نه هو تنہ جزيري ۾ ڪو ميوو موجودا،
جو ٿي قوت منهجو وڃي، ڪارڻ گذرانا،
مگر هئو تنہ مڪان ۾ سَجَنَہ ساهگو لاءِ،
اُو پڻ آهي قسم ميوي جو لذت منجهس نه ڪا،
پوءِ ڪنا گهڻائي بک جي کاڌم تنہ منجها،
پُڻ حيران ٿئس سبب بک جي اَپر اتان کاء،
نه هيم قدرت ڪا هلڻ جي طاقت تماما،
پُڻ هئا تنہ جزيري ۾ نانگ نسورا،
۽ مون کي پڻ خوف تِن جو هئو هميشاه،
۽ نه ڪيم ننڊ ڪڏهن تنہ دهشت جي سببا،
پوءِ ڀڳس ان مڪان ڪنا پسي بلائن کا،
پڻ ڪين قدر رکيم سَجَنَہ جو ڪارڻ فُوتا،
سو کڻي وڌم ٻيڙيءَ ۾، ۽ ٿئس سوارا.

 

پوءِ ٻيڙيءَ کي هاڪاري سمنڊ ۾ ڪاهي پيس. ان بحر ۾ لکين قسمن جون عجيب بلائون هيون. هڪڙيءَ مڇيءَ تي قدرت جي طرفان واري واري سان ٽي ڀائر سوار ٿيندا هئا. انهن مان ننڍو ڀاءُ، جو مڇيءَ جي پڇ تي سوار هو، تنهن منهنجي ٻيڙيءَ کي تکو هلائي هڪڙي ٻيٽ تي آڻي ڇڏيو. ڇهه مهينا ان ٻيٽ تي رهي، وري ٻيڙي هاڪاريم. ٻارهين مهيني بعد ٻئي ڪنهن ٻيٽ جي ويجهو ئي طوفان ۾ ٻيڙي ڀڄي پيم.، هڪڙي تختي جي وسيلي لڙهندو ٻيٽ تي آيس. اتي وري هڪڙي جهنگلي قوم جي ور چڙهيس، جن جو منهن سوئر جهڙو ۽ ڳالهائڻ ماڻهن جهڙو هو. اهي مون کي پنهنجي سردار ڏانهن وٺي پئي ويا، ته واٽ تي کانئن جند ڇڏائي ڀڄي نڪتس. اڳيان وري شيدين وٽ گرفتار ٿيس. اهي به مون کي پنهجي سردار ڏانهن وٺي هلڻ لاءِ ٻيڙي ۾چڙهيا.

 

چاليہ نوڪر شدين جا مون سين هئا همراه،
تان پڻ ڏينہ هيڪڙي ٿي قادر جي قضا،
باد مخالف اُٿئو ۽ دهشت ڪئي درياء،
۽ نه هو بادبان ٻيڙيءَ کي، ٿي هلي خالي سان،
تنهنڪري متردّد ٿيا افسوس ۾ سي شيدي شريرا،
تان لڳيون لهريون وڏيون گهڻيون سين حڪم حڪيما،
سي کڻي هليون ٻيڙيءَ کي ڪاهي ڪّواٽا،
واٽ وڃائي پنهنجي ڀؤ ۾ سڀ ڀُلا،
اچي پُناسون بحر عمّان جي سرحد ۾ صحيا،
پُڻ گهڻو جُهد پِٽيائون، سعيو ڪيائون ڦيرڻ ڪشتيءَ لاءِ،
تان پڻ نه ڦِري ڪشتي تن جي وري ٻئي طرفا،
۽ آئي اوڏڙي عمان جي ڪنڌيءَ ڪنارا،
جڏه ماڙهوئن تنہ ولات جي ڏٺو زنگين کا،
ته اُٿي سڀ تيار ٿئا، ڊڙئا جاءِ بجاءِ،
۽ وٺتائون ٻيڙي زنگين جي ڪري آسيرا،
۽ ماري سڀن زنگين کي ڪئاون قتلا،
جيئن هئي زنگين سين عمانين جي عداوتا،
هئا کِيندا زنگي عمنبن کي جان هلي جيرا،
تڏه آءٌ هلي ويس سعيِي سين تن عمانين اڳيا،
ڪئوم قصو پانهجو مٿان ٿي مورا،
تڏڌه آين رحم مون مٿي ۽ ٿئا مشفق مهربانا،
۽ آءٌ رهيس تن وٽ ڪي ڏينہ ڪيترا،
پُڻ ڪنا فراق تنهجي هوس حيرانا،
شب و روز ان فسوس ۾ آپر آندوها،
پڻ هلئس تنہ مڪان ۾ ڪنا ڪارڻ تو طلبا،
پڻ رسيس هزار محنتن کي ڏسي گهڻا ڏکڙا،
پڄاڻا تيرهن ورهن جي منجهه تنهجي ملاقاتا،
پڻ هاڻي وَهيا سڀ ڏک منهجا، تنهجي ڏسڻ سا،
۽ رنج مڙئي رحمت سين مبدّل ڪڻا موليٰ،
آهي شڪرانو حمد ربّ کي پڻ سڀڪا ساراها،
جنہ ملايو محبوب سين مون کي مدت پڄاڻا.

 

صاعد جي سورن جو داستان ٻڌي سڀني اميرن وزيرن، سرانديپ جي بادشاهه ۽ شهزادي سيف الملوڪ، هن جي جوانمرديءَ تي آفرين چئي. پوءِ وري شهزادي پنهنجي سفر جو سربستو احوال صاعد ۽ ٻين درٻارين کي ٻڌايو. ان بعد ٻئي دوست محلات ۾ موٽيا ته ملڪہ خوشخبري ٻڌاين ته: بديع الجمال ٽن ڏينهن بعد هتي ايندي. شهزادو انهيءَ خبر کان تمام گهڻو خوش ٿيو.

 

تان جڏه ٽري ڏينہ گذرئا مُدت مشهورا،
تڏه آئي بديع الجمال سرنديپ ۾، ڪارڻ گڏجڻ لاءِ،
جا مادر ملڪہ جي، عورت سرنديپ سلطانا،
مٿي وعدي پنهجي، آئي مهيني پڄاڻا،
وٺي ست سو پاڻ سِين پرين جا همراه،
اچي بديع الجمال داخل ٿي، سَندَهِن دروازا،
تين سڃاتائين پربندهين ملڪہ کي، ته ڀيڻ منهنجي آه،
وجهي ڀاڪر گڏجي تنہ کي رنائين رحمتا،
۽ چيو بديع الجمال ملڪہ کي مشفق مون ڀيڻا،
تون هئين هيتري مدت ويئي ڪنہ طرفا،
۽ اسين هئاسون تنهجي فراق ۾ حيران هميشاه،
پڻ نه هئي خبر تنهنجي اسان کي، مُرهين مطلقا.

 

تڏهن ملڪہ هن کي پنهنجي قيد ٿيڻ واري حقيقت ٻڌائي. ان تي بديع الجمال افسوس ڪندي چيو ته: اسان کي ته اسفندريار ٻيٽ جي خبر ڪانه هئي، نه ته انهيءَ ديو کان تنهنجي جند آزاد ڪرايون ها. وري ملڪہ کان پڇيائين ته تنهنجي جند ڪيئن آزاد ٿي. جنهن تي هن سيف الملوڪ جي اچڻ ۽ ديو کي ماري آزاد ڪرڻ جو احوال ٻڌائي چيس ته:

 

۽ پڻ آهي عاشق صادق تنهجو گهڻو فدوي فرمانا،
مون پڻ ڪئو وعدو تنہ سين، آهي سندوئي الله،
پهرين ڪنديس ڪم تنهجو مقصد مُرادا،
هاڻي رکي رضا منهجي تون وڃي تنہ اڳيان،
ڏيکار ديدار پنهجو تنہ عاشق صادق کا،
ته وعدو منهنجو وفا ڪرا، سڄي ٿئي سڀڪا،
تان چيو بديع الجمال ننہ کي، اي ڀيڻ بيعقلا،
آءٌ ڪين ڏيکاريان نامحرم کي پنهجي صورتا،
ايءَ رک راز تنهجي من ۾، مخفي ڪري مورا،
پر جي سُڻندا مائٽَر، منهجا عَياذاً بِاالله،
ته ڪندا اُن بني آدم کي فنا في الحالا،
۽ نڪي مونکي اَنهجي گهر ڏي ڪڏهن ڪندا رخصتا،
سبب انهين جي، اُو آدمي، اسين پَرينِ جي ذاتا،
ڪهڙي نسبت اُن کي، جُڙندي مون ئي سان،
۽ ڪهڙي وجہ پيءَ منهجو، ٿيندو راضي ساڻ رضا،
متان چئن ٻيهار ڳالهه ايءَ ڪڍين مون مهندا،
متان سُڻن هي پريون، منهجون رفيقا.

 

اهو ٻڌي ملڪہ ۽ ماڻس فڪر ۾ پئجي ويون، ۽ خيال ڪرڻ لڳيون ته ڪهڙيءَ ريت هن جا مائٽ راضي ٿيندا؟ اتي بديع الجمال کي به سيف الملوڪ جي ڏسڻ جو خيال ٿيو ته جنهن شخص بادشاهي ڇڏي مون سان ملڻ لاءِ سالن جا سال ڪشالا ڪڍيا آهن، اهو ضرور سچو عاشق آهي، تنهنڪري هڪڙو ڀيڙو ضرور کيس ڏسجي.

 

پوءِ اُٿي ڪنهين بهاني سين، نِکڙي طنبوءَ منجها،
وڃي گوشي ۾ ڪنهين باغ جي، ڳُجهو ڳُجهايا،
مخفي مُنہ شهزادي ڏونہ ڪئائين نرت نگاهه،
تان ويٺو آهي دستور بادشاهن جي، مٿي بساطا،
ٿا ڳائينِ سرود وٽس ڪيترا، احسن الحانا،م
پُڻ آئي ٿي طنبوَ منجهان اڪثر خوشبويا،
سا چڙهي مغز ۾ بديع الجمال جي، معطّر سا مُشڪا،
تين وئو مغز سندُسي، ٿي دل ۾ ديوانا،
 اُن حال سيف الملوڪ ڏونہ جان ڪئائين نرت نگاه،
تان ڪُٺِي اکين عاشق، سا ماري مسڪينا،
دکيس درد دل ۾، اُٽِي منجهه عشقا،
سؤ ڀِرڪا سيفالملوڪ ڪَنا، پاڻان زيادا،
ان پر عاشق تي سيف الملوڪ تي، ويچاري واجهاءِ،
پُڻ بيهوش ٿي زمين تي ڪِري في الحالا،
ٿِي ليٽي خاڪ زمين تي، ديوانِي دردا،
جڏه گذري مُدت ڪا، ساعت پڄاڻا،
تين اُٿي آئي هوش ۾ وري تنہ وقنا،
پُڻ ٿِي ڦري مثل مست جي، گِرد خيمي شهزادا،
”وصل قلب الحبيب اليٰ قلب الحبيب“ ايءُ هي دستورا،
وري موٽي پنهجي طنبوءَ ڏونہ ساعت پڄاڻا،
تين نه هئي خبر ملڪہ کي، ۽ نڪا ان جي ماءُ ته ڪا بديع الجمال بيتاب ٿي وڌس عشق اُهاءُ،

 

جڏهن ملڪہ ۽ ماڻس، بديع الجمال کي پريشان ڏسي کانئس ان جو سبب پڇيو، تڏهن هن دل جو حال ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي طرحين طرحين جون ڳالهيون ٻڌائي سندس دل وندرائڻ جي ڪوشش ڪيائون. مگر بديع الجمال کي ڪنهن به ڳالهه جي سُريت ڪانه هئي. آخر سيف الملوڪ جي عشق ۾ کائڻ پيئڻ به ڇڏي ڏنائين، ۽ صبر هٿان ڇڏائي ويس، رات ڏينهن، اُٿئي ويٺي سيف الملوڪ جو خيال هوس:

 

تڏه ڪوٺئائين ڏينہه هيڪڙي، ڀيڻ کي مهندا،
چي: اي ڀيڻ ڀلاري منهجي، مُونِسَ مصاحِبتا،
ويهي ڪر بيان مون اڳيان، قصو ڪهاڻي ڪا،
مانَ تنہ جي سڻن سين مون کي اچي آراما.
تڏه چيو ملڪہ تنہ کڱي، اي ادي! اِن ويرا،
ڪِ ڪنين مُئي ڪا ڪريان، آکاڻي عشقا؟
تڏه چيو تهہ ملڪہ کي، جا ڏٺئي اکين سا،
سا ڪري بيان مون اڳيان، سچي سرت منجها.
تڏه ڪيو قصو سيف الملوڪ جو، ملڪہ تنہ مهندا،
اول ابتدا عشق ڪنا، تان سرانديپ ۾ سَهباءُ،
تين اٿئو بديع الجمال کي، ڪيو شعلو عشق اُهاء،
۽ ليٽڻ لڳي وِڇاڻَ تي، ٿي مدهوش مستانا،
۽ بند پئس پکي روح جو، منجه ع شق جي پڃرا،
۽ پڻ ٿي ماشق زياده عشق ۾، جا ڳئس جوش جفا،
وري چيائين ازروء ظاهريت جي، ملڪہ کي مهندا،
ته اي ڪهڙي ڪيئي ڳالهڙي، پوري بيانا،
مون ٿي چيئي، حڪايت ڪا سڻاءِ مون کا،
ته تون آئي هن جوان کي، وچ ۾ وهارئاءُ.

 

تڏهن ملڪہ وراڻيس ته جيڪا اکين ڏٺي حقيقت هئي، سا بيان ڪئي اٿن، سچ پچ تون اهڙي سنگدل آهين، جو پنهنجي سچي عشق کي منهن به نٿي ڏيکارين. هاڻي هلي هن کي منهن ڏيکار ته منهنجو وعدو سچو ٿئي. پر بديع الجمال هن کي صاف جواب ڏئي روانو ڪيو ته: آءٌ هڪڙي نامحرم کي ڪيئن پنهنجو منهن ڏيکاريان.

قصو ڪوتاهه ملڪہ کي جواب ته ڏنائين، پر کيس ويتر عشق هڻي گهائي وڌو هو. سيف الملوڪ کان سواءِ اندر کي آرام نه هوس. تڏهن پنهنجي ناني شهربانو- جا شهر بستان يمين ۾ رهندي هئي. ڏانهن خط لکيو، جنهن ۾ سيف الملوڪ جي ڏاکڙن ۽ پنهنجي عشق جو ذڪر ڪري لکيائينس ته: هاڻي ڪيئن به ڪري منهنجي ماءُ پيءُ کي راضي ڪر ته جيئن سيف الملوڪ سان شادي ڪري سگهان.

 

پوءِ ويڙهي لَفِيفو ڪري ڏنائين عِفريتا،
جو تکو اُڏامي تڪڙو هلي منجهه هوا،
ته نيئي رساڻِ منهجيءَ نانيءَ کي منهجو مڪتوبا،
۽ پُن سگهو آڻي ڏي اِن جو مون کي جوابا.
تڏه ڪري ڪاغذ هٿ ۾ سو اڏئو آتا،
هلئو وئو هواءِ ۾ منجهه هيڪڙيءَ ساعتا،
اچي رسئو بحر جوشانَ کي، جو تکو وهي درياء،
سو پُڻ لنگهي هلئو، وڃي رسئو جبل کا،
سو هئو جبل ڄيري جو، مَٿن مَچ ٻرندا.
اُتان پُن اُڏڻو تڪڙو، منجهه هيڪڙي جهنگلا،
سو جهنگل هئو آتش جو، بيابان ٻرندو باه،
سڀ لنگهي هيڪڙيءَ ساعت ۾ اچي ٿئو اوڏاءُ،
رسئو اچي شهر بُستان سِيمي ۾ ٿئو داخل دروازا،
اچي ڪئائين سلام شهربانو کي، اُڀي ادب منجها،
ڪڍي رقعو بديع الجمال جو، ڏنائين تنہ کا،
سو ڪاغذ پڙهي شهربانو ڪري معلوما،
اکيون ڀريائين اُب سين ڪئائين افسوسا:
آءٌ پاڻهي ڪنديس تنهجي ڪم جي سرانجامي سڀڪا،
تون مق ڪر خطرو ان ڳالهه جو ذرو ڪنہ وَجهاء،
آءٌ ملائينديس محبوب تنهجو حاضر هشيارا.

 

اهو خط کڻي عفريت هڪڙي، ساعت ۾ اچي بديع الجمال کي پهچايو؛ جا نانيءَ جو دلاسو پڙهي تمام خوش ٿي. هاڻي بديع الجمال کي عشق جي آتش هيڪاري سک ڦٽائي ڇڏيو. نيٺ پنهنجي دائيءَ سان صلاح ڪيائين ته ڪيئن به ڪري انهيءَ آدمزاد جي صورت ڏيکار. ان مهل ملڪہ به اچي اُتي نڪتي، ۽ بديع الجمال کي شهزادي سيف الملوڪ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ وري به منٿ ميڙ ڪرڻ لڳي. هوءَ اندر ۾ ته اڳئي راضي هئي، پر پوءِ ٻاهريون ٻنو رکي، ملڪہ جي تمام گهڻي زور ڀرڻ تي هائوڪار ڪيائين.

 

آئي مهندار سيف الملوڪ جي، هلي هيج منجها،
جڏه نظر پئو تنہ اتي، سندو شهزادا،
ته صحي سڃاتائين ڪيڻَس، پسي منہ معشوقا،
ته هيءَ آهي صورت اُهَئي محقّق تحقيقات،
جا هئي زربفت چادر ۾ اُڻي استادا،
۽ چمڪي پيشاني تنہ جي، مثل چنڊر چوڏهيا،
مُنہ موچارو سَندوسي زينت زيادا،
هلي اچي مثل ڪَبڪ جي خوشتر خرامان،
قد سَروُ رَوان، نڪ آفت جان، آبرو ڪمانا،
لب هئا مثل مرجان جي، غنچہ دهانا،
جوِ روشن، دل ڪش حُسن، وِتري جلوي جمالا،
فرحت انتگيز، نشاط آميز، خوبا رُخش حالا،
آئي هلي حضور ۾ سا مهندا شهزادا،
تِن سڃاڻي شهزادو تنہ کي، اُٿئو اُن ماڳا،
هٿ ٻڌي حاضر ٿئو، محبوب کي مهندا.

 

ان بعد بديع الجمال ۽ سيف الملوڪ پاڻ ۾ ڳالهيون ٻولهيون ڪيون. بديع الجمال، شهزادي کي گهڻئي عذر ڏنا، پر پوءِ هن جي ثابت قدميءَ کي ڏسي صلاح ڏنائينس ته هتان ٻارهن ورهين جي پنڌ تي منهنجي ناني رهي ٿي، ان کي وڃي راضي ڪر. پوءِ هن کي هڪڙي جڙادار تخت تي ويهاري، ديو کي حڪم ڏنائين؛ جو شهزادي سميت تخت کڻي اُڏاڻو ۽ ٻارهن ورهين جو پنڌ هڪڙيءَ ساعت ۾ ڪري، اچي سِمين ولايت ۾ پهتو؛ ۽ شهزادي کي آڻي شهربانو جي محلات اڳيان لاٿائين.

 

پوءِ آيو مهندا طنبوءَ جي، سو سچو شهزادا،
تِين تخت ڏٺائين عُود جو، رکئو تنہ مهندا،
هئا جڙئا جواهر تنہ ۾، لعلون فيروزا،
مرصع هئو سونَ سين، سو زينت زيادا،
۽ عورت محتشم هيڪڙي وڏيءَ حشمتا،
حُسن جمال وترِي، زينت زيادا،
سبز ڪپڙا سندسي، پَرهڻ پاڪيزا،
ويٺي هئي تنہ تخت تي، مربّع موجودا،
تڏه اچي بادشاهزادي ڪئو، تنہ کي سلاما،
ادب تواضع، تعظيم سين ويٺو تنہ مهندا،
پُڻ هئي شهربانو کي تنہ جي حقيقتا،
ڪنا لِکِي بديع الجمال جي، خبر هيس سڀڪا،
جڏه ڏٺائين صورت شهزادي جي، آزرُو جمالا،
ڏسي پاڪيزگي لطف سندس، ٿي سرهي خوشحالا،
پڻ ڪئائين آفرين بديع الجمال جي، مٿي ئي عشقا،
صورت بديع الجمال ۽ شهزادي جي، ڪئائين دل تي منقوشا،
پر وري خيال يڪائين دل ۾، توڙئون تدبيرا،
ته ڪريان امتحان آزمودو سندو شهزادا،
ته ڪِين آهي ڪامل پنهجي عشق ۾، ڪين سست بي همتا.
وري چيائين نهاري شهزادي ڏونہ غضب جي غيضا،
اي جوان! ڪير آهين تون، تو ڪهڙي توفيقا؟
جو آئين ولات ۾ پرين جي، ڌاران رضا رخصتا،
تو ڪرين خيال ڪچا دل ۾، پريزادن ڏانہ،
وري چيائين پنهجي لشڪر کي، ڏمر ڏاڍ منجها،
ته: پري ڪرهو هن جوان کي، منهجي اکين ئا.

 

شهربانو جو حڪم ٻڌي ديو، شهزادي ڏانهن وڌيا، مگر هن تي ڊپ جو رتيءَ جيترو به اثر ڪونه ٿيو. تڏهن پڪ ٿيس ته برابر عاشق صادق آهي. پوءِ کيس دلداري ڏيئي، پاڻ سان گڏ وٺي، شاهبان جي شهر ڏانهن رواني ٿي، ۽ شاهبان جي راضپي کان سواءِ شهزادي کي وٽس وٺي وڃڻ مناسب نه ڄاڻي، هن کي شهر کان ٻاهر هڪڙي باغ ۾ ويهاري ويئي. ايتري ۾ هڪڙي پري اتان اچي لانگهائو ٿي، جنهن هڪڙو آدمزاد ڏسي کانئس احوال پڇيو. جنهن تي شهزادي اسفندريار ديو کي ماري، ملڪہ کي ڇڏائڻ ۽ بديع الجمال جي عشق جو احوال ٻڌايو. پوءِ اها پري ائين ٻڌائي ته ’تو کي شاهبال ۽ شهربانو گهرايو آهي‘، کيس ڪلهي تي کڻي اُڏاڻي ۽ هڪڙي جبل جي چوٽيءَ تي ڪيرائي، سندس هٿ پير ٻڌي ڇڏيائين. پوءِ پريءَ ٻڌايس ته جنهن اسفندريار ديو کي تو ماريو، اهو قلزم جي حاڪم جو ڀاءُ هو. تنهنجي ڳولا ۾ اسان زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ شهزادي کي آڻي پنهنجي سردار اڳيان اڇلايائين. سردار، شاهبال جي ڊپ کان هن کي مارائڻ جي بدران انڌاري کوهه ۾ وجهائي ڇڏيو.

شهربانو، شاهبال کي احوال ڏيندي، شهزادي سيف الملوڪ جي حسن، بهادري ۽ بديع الجمال سان ان جي عشق جو بيان ڪيو. تڏهن شاهبال ان کي ڏسڻ لاءِ پريون موڪليون، جن گهڻي ڳولا کان پوءِ موٽي اچي شهزادي جي گم ٿيڻ جي خبر ٻڌائي. شهربانو اها خبر ٻڌي، افسوس ۾ ڪپڙا لٽا ڦاڙي موٽي آئي. بديع الجمال به شهزادي جي گم ٿيڻ تي واويلا ڪرڻ لڳي. آخرڪار روئندي روئندي بيهوش ٿي ويئي. کيس گهڻي دلداري ڏنائون، پر هن کي ڪنهن طرح آرام نه آيو. اهو حال ڏسي شاهبال کي به ڏاڍو ارمان ٿيو.

 

پڻ حڪم ڪئو لشڪر کي مَلڪ شاهبال بادشاه،
موڪلئائن عفريت ڪيترا ۽ پريون پروانا،
ڪارڻ طلب شهزادي جي، ته ڪرهو وڃي پيدا،
نِين ٿي نهاريائون سعيو ڪيو، وچ مشرف مغربا،
ڪيائون جستجو عاشق جو منجهه سڀڪنہ ديارا،
تان پيدا نه ٿئو ڪٿهين اُن جو اُهڃاڻا،
جڏه ڇهه مهينا گذرئا اِي مدت مديدا،
تِين آيو ديو هيڪڙو، ڪڏه ڪنہ ڏينها،
ڪنا ملازم سالار قُلمزم جي چاڪرن منجها،
آيو حضور ۾ ملڪ شاهبال جي ويٺو ادب سان،
پوءِ ڪري ڪيتريون ڳالهيون چيائين وري مهندا،
ته مون سُڻو واٽ ۾، اي بادشاه ڀلارا،
ته ڪنا نوڪرن سالار قلزم جي، چاليهه سي نفر هئا،
سي وٺي وَهيا ڪو بني آدم گلستان اِرم منجها،
واسطي بدلي برادر ان جي، جو ٿئو هو قتلا،
منجهه جزيري اسفنديار جي، اُن ادمي جي هٿا،
هاڻي بند ڪئو آهينِ سو کوه ۾ مبتلا،
جت انڌاري ۾ رات ڏينہ جي خبر پوي نه ڪا.

 

اها خبر ٻڌي شاهبال يڪدم اسي هزار ديون ۽ پرين جو لشڪر چاڙهي موڪليو. قلزم جي سالار به شهزادي جي ٻانهن ڏيڻ کان انڪار ڪري، مقابلي لاءِ لشڪر گڏ ڪيو.

 

جڏهن لشڪر مَلڪ شاهبال جو آيو ان ماڳا،
وڄئو نقارو جنگ جو، ۽ ٿئو هُل هُڳاءُ،
ٻڌيون صفون لشڪر جون، جهونجهارين جوش پڙهئا.
پُڻ ٻڌيون صفون لشڪر جي، قلزم سالارا،
پُڻ طرف سپاهن جو، گاڙٿئو غوغاءُ،
آٿئا بهادر همت سن، مانجهي مردانا،
گردن دُور ڌڙن کان، ديون جا پئا پَريَن جا،
اُٿئو غبار گرد پيرن جو، منجهه موڪري ميدانا،
ڪيا دم سپاه ديون جي، غضب ڪَرت ڪما،
ٿي نِڪرئا چَمڪارا، چيرن جا، ويا آڀن ڏانہ،
اچي وڌڏائون هيڪ ٻئن ۾ تراريون تيزا،
نهوڙي نيزن سين بهادر ڪئائون ساءُ،
جِين آيو سالار قلمزم کي اهڙو انڌارا،
روز روشن ڪِيڻَس ٿئو، ڪاري رات قِسما،
پڻ وهيون نهرون رت جون ٻنهين طرفن ئا،
ڀڃئو آعضا انگڙا تن جا تڪڙا ڪئاون ٽڪرا،
ٿئو غالب لشڪر شاهبال جو فضل ساڻ خدا،
پڻ ٿي موڪلئو لشڪر ٻئو شآهبال بادشاهه،
هيڪڙو ٻئي جي پٺ ۾ ڪري تاڪيدا،
تِين هئا سردار لشڪر جا، جي دانا اميرا،
تِنين ڏوريون وڌيون واٽ ۾، پکيڙي پَٽ مٿا،
وري شروع ڪئو جنگ جو، اهڙي سختي سان،
جين نه اچي لکڻ قلم ۾ تَن جِي تعريفا،
تين هو سالار قلزم جو، جو ويٺو بادشاه،
سو ٿئو عاجز اهڙو ڪنا اُهکايا،
جو نه رهيس طاقت جنگ جي نڪا مقابلا،
نه اُڀي سگهئو تاب جهلي، تئو مغلوبا،
پوءِ لشڪر سڀ فرار ٿئو، ڀڳو هيبتا،
ڪونه اُڀو ميدان ۾، مُوران تن منجهان،
۽ لشڪر طرف شهبال جو پئو تن پٺيا،
مارئو تراڙيون تن کي، وڍئو وجودا،
ٿي ڊوڙئا پٺيءَ تي جي اهڙي طريقا،
جين سينہ بُکئو ڊوڙئو ڪر پٺيءَ ٻڪريا،
تان وڃي تن جي ديري کي اچي ٿئا ارڏا،
تين ماريائون بهادر تن جا امير ۽ اُمرا،
۽ اُنئو هُلڪارو لشڪر جو غلغلو ۽ غوغا،
جين گجئو گنبذ اَڀَ جو، مثل دور رعدا،
ڪر آيو مينہ آسمان جو مٿي زمينا،
تين ٿي آيو سالار قلمزم جو ڊوڙايو گهوڙا،
تان حڪم سين حڪيمجي قادر قدرتا،
اچي پئا پير گهوڙي جا، منجهه رسِي بند ٿئا.

 

شاهبال جي لشڪر، قلزم جي سالار کي گرفتار ڪري، شاهبال ڏانهن موڪليو، پوءِ لشڪر شهر ۾ ڪاهي پيو. اتي هڪڙي پريءَ ڊڄي کين شهزادي سيف الملوڪ جو ڏس ڏنو. شهزادو ويچارو کوهه ۾ ڳري ڪنڊا ٿي ويو هو. لشڪر جا ماڻهو ان کي کڻي موٽي آيا. شاهبال سندس علاج جو بندوبست ڪيو. شهزادي جي تندرست ٿيڻ تي، بديع الجمال، ملڪہ ۽ شهربانوءَ کي خوشخبري ملي. جي کِن پل ۾ اُڏامي اچي شهزادي وٽ پهتيون. شاهبال به شهزادي جي صورت ۽ سيرت تي موهجي پيو هو، تنهن هڪڙيءَ رات هن کان سندس احوال پڇيو. شهزادي ان کي به پنهنجي عشق ۽ ڏاکڙن جو داستان ٻڌايو. شاهبال کيس آفرين چئي انعام اڪرام سان نوازيو. پوءِ شاهبال، قلزم جي سالار کي قيد مان ڪڍي، ملڪہ جي کڄي وڃڻ جو قصو ٻڌايو؛ ۽ کيس سزا ڏيڻ تي هو ته شهزادي ان جي سفارش ڪئي؛ جنهن تي شاهبال ان کي معافي ڏيئي لشڪر سميت کيس پنهنجي ملڪ موٽايو. ان بعد شهزادو به شهربانو، بديع الجمال ۽ ملڪہ سميت سرنديپ ۾ موٽي آيو.

قصو ڪوتاه، سرانديپ ۾ سيف الملوڪ پنهنجي دوست صاعد سميت عيشن تماشن ۾ گذاري رهيو هو. آخرڪار هڪڙي ڏينهن وزيرزادو صاعد، سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جي شاديءَ جو پيغام شاهبال ڏانهن کڻي ويو، جنهن پنهنجي ڀاءُ تاج الملوڪ ۽ ٻن پٽن فخرالملوڪ ۽ زيب الملوڪ کي گهرائي، ساڻس مصلحت ڪئي.

سڀني جي گڏجڻ تي شاهبال هڪ وڏي مجلس ڪئي، ۽ شراب ڪباب تيار ڪرائي گڏجي کاڌائون. اهڙيءَ ريت، رات جو مجلس ۽ ڏينهن جو شڪار ڪندا رهيا، تان جو ڪافي وقت گذري ويو، مگر جنهن ڪم لاءِ آيا هئا، تنهن جو ڪوبه ذڪر نه ڇيڙيائون.

 

تڏه پُڻ شهربانو چيو هيڪڙي ڏينها،
ڪوٺي سيف الملوڪ کي سچي شهزادا،
ته جي ڪَرِ هو شروع ڪارخير جو ته سونهاري سڀڪا،
جي مون کي منهنجي ولات جي، فڪر گهڻيري آه،
ته ڪنہ پر هوندو ملڪ منهجو ساڻ رعيتا،
ته پُڻ چيو شهزادي صاعد کي، دوست دلدارا،
ته مدت گهڻي مون کي گذري، نِڪري شهر منجها،
پُڻ ڪا ناهه خبر ماءُ پِئُو جي، نڪا وزيرن ئا،
۽ ڪيئن هوندو احوال شهر جو، سندو رعيتا،
جي هُونءِ حاضر هن وقت ۾، منهنجي وِهانءُ ويرا،
ته تان موچارو مسرور گهڻو، آرزو مون کي آهه،
تِين صاعد اچي بيان ڪئو، سندو ڪيفيتا،
منجهه حضور ملڪ شاهبال جي، ڀلي بادشاهه.

 

بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي ويهه هزار ديوَن ۽ پرين جا سيف الملوڪ جي ماءُ ۽ پيءُ کي وٺي اچڻ لاءِ تيار ڪيا. صاعد هڪڙي جڙيل تخت تي ويهي، ديوَن پرين سان گڏ مصر روانو ٿيو.

 

اُڏاڻا آسمان ڏُونہ پَريون ۽ پڻ غفريتا،
ڪارائيءَ منجهه آسمان جي هلئا منجهه هواء،
پڄاڻا ڪيتريءَ مدت جي رسئا مصر کا،
اچي ٻهر شهر مصر کي ڏنائون ديرا،
طنبو مخمل، زربفت جو ۽ پُڻ حُريرا،
ساڻ ڏوريُن، ريشم جي ڪئائون مضبوطا،
۽ سيخون سون رُپي جون هنيائون زمين مٿاءُ،
پُڻ وڇاڻَ وڇايائون تنہ ۾ حَرير سَغلاتا،
آڻي وڌائون تنہ مٿي گَلِم ديباچاءَ،
جي رنڱيا طرحن طرحن جا مُنَفّش موچارا.

 

مصر جي ماڻهن ديوَن ۽ پرين جو لشڪر ڏسي، ڊوڙي اچي عاصم شاهه سان خبر ڪئي؛ جنهن صالح وزير کي حقيقت آڻڻ لاءِ روانو ڪيو. هو ديوَن ۽ پرين جو لشڪر ۽ انهن جا خيما ڏسي حيران ٿي ويو. سون، رپي، زري، بخمل جي ڪمي ڪانه هئي. آخرڪار هڪڙي خيمي ۾ هڪڙي آدمزاد کي تخت تي ويٺل ڏٺائين. بادشاهي آداب بجاءِ آڻي، تحفا هن جي آڏو رکي، کيس بادشاهه جو پيغام ڏنائين:

 

ته چَئِي بادشاهه اسانهجي توکي گهڻي دعا،
پُڻ چيو آهِسِ سلام ڏيئي، توکي اهڙو پيغاما:
ته فرزند قرةالعين منهجو، جاني مون ولداءُ،
سوڪري اختيار فقيري پاڻ تي، ڪنهين سبب ڪنا،
منہ رکڻائين ملڪ غربت ڏانہ، ڇڏي سلطنتا،
هاڻي ڪا ناهه خبر تنہ جي، هيتري مدت پڄاڻا،
آهيان تنہ جي افسوس ۾، آءٌ سنجهي صبوحا،
ڪنا فراق تنہ فرزند جي، ٿو رُئان روزمَراء،
پُڻ ڪا ناهه خبر رعيت جي، نه لشڪر سندي ڪا،
آهيان هيڪلو ويٺو حجري منجهه عبادت موليٰ،
پُڻ سُپاريم ابدشڊاهي پانهجي، وڪيلن وزيرن کا،
پُڻ جيڪي پنهجي فرمان ۾ هئي زمينا،
سا سڀ وٺي ويا مون ڪنا، باغي بدڪارا،
آءٌ ٿيس بي همت دل جو، تهين جدائيءَ سببا،
باقي ناهي شهر مصر ري، موت وٽ ڪو ڳوٺا،
جي خواهش مبارڪ ۾ تنهجي تسخير آء،
۽ هوئِي ارادو بادشآهيءَ جو، سندي شهر مصرا،
پاڻهِين پنهجي هٿن سين، ڏيان آءٌ توکا.

 

اهو پيغام ڏيندي، صالح وزير جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا ۽ چيائين ته: آءٌ ڪنهن ڊپ سبب ڪونه ٿو روئان، پر بادشاهه جي پٽ سان منهنجو پٽ به گڏ هو، ان جي صورت تو جهڙي هئي، تنهنڪري توکي ڏسي منهنجي اکين مان لڙڪ ڪِري پيا آهن.

 

تين طاقت نه رهي صاعد کي، ويهڻ سندي ڪا،
اُٿيندي والد جي پيو پيرن تاءُ،
چميون ڏنائين، پيرين پضَئو، ٿي رُنائين رحمتا،
اي قبلہ ٻنهي جهانن جا، بابا بلارا،
آءٌ اُهِي فرزند آهيان تنهجو تحقيقا،
۽ هيءُ جو لشڪر مون سين آهي همراها،
سو خدا پنهنجي ڪرم سين، ڏنو شهزادي کا،
آهي سيف الملوڪ شهزادو سرهو، ملئو مقصودا،
پُڻ لشڪر جنّن پرين جا، آهينِ تنہ موجودا،
هيءَ تان آهي ڪِي تن منجها، ٿورڙو قدرا.
تين وٺتو ڀاڪر منجهه پُٽَر کي صالح حميدا،
چميائين مُنہڏاڙهي تنہ جي منجها محبتا،
جيڪين ٿئو غوغاءُ روئڻ جو، جڏه پئُوپُٽڙ ٻئي گڏئا،
سو لکڻ ڪنا پري ٿئو، اُت ماٺ موچاري آه،
پئو روئڻ تمام لشڪر ۾ سڀهين سپاها،
توڻي ديوَ ڪِين پريون، توڻي انسانا،
تين ماڙهو اُٿي ڪي ڊوڙئا صالح وزير وٽا،
اچي خبر ڪئائون بادشاهه کي سندي ئِي مصرا،
ته اِي لشڪر عفريتن جو ۽ پڻ پَرين ئا،
آيو همراهه صاعد سين، جو اِين صالح حميدا،
هلايو شهزادي تنہ جو ڪيائون بيانا.

 

عاصم شاهه تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ صاعد کي پاڻ وٽ گهرائي اُن کان حال احوال ورتائين. پوءِ خدا جو شڪرانو بجا آڻي، شهزادي سيف الملوڪ سان ملاقات جو اشتياق ظاهر ڪيائين. تڏهن ساعد پاڻ ڏهن هزارن ديوَن ۽ پرين سميت مصر ۾ ترسيو، ۽ باقي لشڪر کي عاصم شاهه سميت گلستان اِرم ڏانهن روانو ڪيائين. شاهبال، عاصم شاهه جي ڏاڍي خاطرداري ڪئي. رات جو محفل ۽ ڏينهن جو شڪار. اهڙيءَ طرح مهمانيءَ ۾ چار مهينا گذري ويا. ان بعد، سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جي شاديءَ جي تياري ڪيائون.

 

تڏه ٿئو سعيو مڙن کي، ڪئائون شادي شروعا،
مجلس بنايائون سوهڻي، معّطر سين مُشڪا،
ڪوٺيائون امير آڪابر، پنهجا سپہ سالار،
قاضي، مفتي، محتسب ۽ فاضل فهيما،
وڇايائون قيمتي قالين ۽ جِيلا،
پڻ تخت مرصّع سون جا،م مُڪليلَ موتين سان،
لعل ياقوت فيروزن سين، مزّين منقوشا،
تنہ تي ويهاريائون شهزادو، سِين شرف وڏي شانا،
پوءِ ٿئو حڪم مُطرين کي ته ڪَرهو سرودا،
ٿيون خوشحاليون شاديون، وڄڻ لڳا واڄا،
بَربط، دائيره، قانُون ۽ چنگن جا چرچا،
نِڱئا سُرود سُرناين جا، موسيقي رمزا،
پڻ سرود الحان دائودي، ڪئائون ان طرحا،
جين زُهرو آيو ٿي رقص ۾ ڪنا آڀن ئا،
ڪئائون سينگار مجلس کي، سِين اهڙي طريقا،
جين لکڻ ڪنا قلم جي، ٿئو بيحد بيانا،
پُڻ لڳا نقارا شاديءَ جا، وڄايائون دماما،
نفيرون، مَزامير، ڌُڪڙ شروع ساز ڪئا،
جڏه ٿي رات وهانُ جي مبارڪ مورا،
تين ڪئائون شهزادي سيف الملوڪ جو بلند اقبالا،
۽ بيبي بديع الجمال سِين، وڌائون درست دعا،
مولِي ٻنهي جي مَن جي ملائي مدعا،
خواهش هُين خير جي، ۽ چڱائيءَ جو چاءُ،
تان موليٰ ملائِي موجب تِنهين، تن جي مرادا،
برڪت تن جي عشق جي، ۽ صدق ۽ صبرا،
الاهي سڀني عاشقن کي، ملاييبن معشوقا،
آهِينِ ڪرم تو ڪريم جا، وڏا وڏايا،
تين چيون مبارڪون شهزادي کي عاصم بادشاهه،
پُڻ چيون مبارڪون شهزادي کي صالح وزيرا،
۽ چيون مبارڪون تاج الملوڪ ۽ مڙني شاهنشاه،
۽ پُڻ سڀني ماڙهوئن لشڪر جي چيون مبارڪون مَها،
۽ ڏنائون کيرون مَلڪ عاصم کي هليو هيج منجها،
۽ ڏنائون کيرون مَلڪ شاهبال کي منجها محبتا،

 

سڀني بادشاهن، اميرن وزيرن، ديوَن پرين، شهزادي سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال کي تحفا ڏنا. شاهبال ۽ شهربانو پنهنجي بادشاهين جون واڳون شهزادي جي حوالي ڪيون. ان بعد چاليهه ڏينهن خوشيءَ جون محفلون هليون. رعيت شهزادي جي عدل انصاف جي تعريف ڪرڻ لڳي. آخرڪار، سيف الملوڪ کي پنهنجي دوست صاعد جي يادگيري آئي، ۽ پوءِ ماءُ پيءَ سميت موڪلائي، مصر ڏانهن روانو ٿيو. سندس وڃڻ لاءِ جڙادا تخت حاضر ٿيا، جي ديوَن جي ڪلهن تي رکيل هئا. ساڻس گڏ هزارين ديوَن پرين جو لشڪر هو، سي اک ڇنڀ ۾ اچي واسط پهتا-

 

آهي ڪتابن ۾، لِکن هن پر روايتا،
ته جڏه عزّم ڪئو گلستان اِرم جو تاج الملوڪا،
مٿي ڪوٺ شهزادي جي، ڪارڻ شاديءَ لاءِ،
هلئو گلستان اِرم ڏونہ دوستيءَ سببا،
ڇڏيائين شهر هيڪلو، سُڃي ولاتا،
 پُڻ هو بادشاه زنگين جو بدبخت بيعقلا،
 جڏه خالي ڏٺائين تاج الملوڪ جي شهر کا،
۽ نه ڪو هو امير تاج الملوڪ جو نگهبان منجهه شهر!،
چين سڀ وئا گلستان ارم ڏونہ ڪارڻ ويهان لاءِ،
تين غنيمت بانئي وقت کي ڪئائون لشڪر طيارا،
سو موڪليائين شهر واسط ڏونہ ڪارڻ قبضي لاءِ،
تنہ اچي ماري قبضو ڪري وٺني ولانا،
پُڻ هئا ٿورا ماڙهو جي تاج الملوڪ سندا،
نِنين نه تاب جهلئو تن جو ٿئا مرد سڀ ماندا،
۽ وٺي زنگين تن جي ماري ولاتا،
ڪئائون پنهنجي تصرف ۾ جاري سندن حڪما.

 

اهو حال ڏسي شهزادي سيف الملوڪ، زيب الملوڪ جي مدد سان ديون ۽ پَرين جو لشڪر ساڻ ڪري زنگين جي ٻيٽ تي حملو ڪيو. هڪڙي ئي حملي ۾ زنگين جو بادشاهه مارجي ويو، ۽ ڪيترائي زنگي قيد ٿيا. آخرڪار زنگين جو ملڪ به پنهنجي هٿ ڪري تاج الملوڪ کي تخت تي ويهاريائون. ان بعد اتي جو پورو بندوبست رکي، اُسهڻ جي تياري ڪيائون.

 

وري سنبهي سوار ٿئا، سگها شتابا،
هو بادشاه سرنديپ جو، پڻ ساڻن همراها،
۽ فخرالملوڪ پُٽُر تنہ جو، پڻ هو تِنين سان،
پڻ هو ساڻن بادشاهه شهر واسطا جو تاج الملوڪا،
۽ مَلِڪہ پُڻ همراه هئي، ساڻ بديع الجمالا،
ڪوٺي تن سڀن کي هلئا مصر ڏانہ،
جڏه ست ڏينہ گذرئا هلندي واٽ مٿا،
تين اچي رسئا مصر کي حڪم ساڻ خدا،
ڪري سواري شهر ۾ ٿئا داخل دروازا،
پڻ گڏئا يار دلدار صاعد کي ملئا محبتا،
۽ پڻ جيڪي ننڍا وڏا سندن هئا آشنا،
گڏئا تن سڀن کي، ڪري ملاقاتا،
ڪئائون شاد مانيون خرّ ميون پاڻ ۾ سراهيون صحيا،
ملئا مقصد مراد کي، ڪئائون خوشيون خيراتا.

هوڏانهن جڏهن صاعد ڏهه هزار ديوَ ۽ پريون وٺي مصر ۾ آيو، تڏهن ڏڍائين ته غاصبن ۽ دشمنن، عاصم شاهه کي ڪمزور ڄاڻي، سڄو ملڪ پنهنجي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ ته عاصم شاهه، پٽ جي جدائيءَ ۾ وڃي گوشہ نشين ٿيو هو. اهو حال ڏسي صاعد، عاصم شاهه کي گلستان ارم ڏانهن موڪلي، جنگ جي تياري ڪيائين.

 

جڏه بهادر سَندهس لشڪر جا آيا ميدانا،
۽ پريون عضفريت پڻ تن سين هئا همراها،
ٿئو شروع جنگ جو ٻنهي طرفن ئا،
تين عِفريت پکيڙيون رسيون وڌيون ميدانا،
پوءِ وڌائون تراريون تن ۾ مارئائون گهڻا مَردا،
جڏه ڀڄڻ لڳا ميدان منجها، ٿئا پُٺيرا،
تان پير تِن سڀن جا ڦاهيءَ ۾ ڦاٿا،
تين کينچِي گيهري رسين سان، جهلي ڪئائون قيدا،
جين هيڪ هيڪڙي عفريت بند ڪئو هزار ماڙهن کا،
ڪري قيد پاڻ سين، وٺي سي آيا،
منجهه حضور سردار صاعد جي عاقل وزيرا،
تان جان ٿوريءَ مدت سي سڀ سرڪش اطرافا،
ٻڌي آندائون، محبوس ڪئائون، مڪائون زندانا،
ڪئائون ولاتون پنهجي تصرف ۾ سڀئي شهرا،
ٿي زينت زياده مصر جي، قادر جي ڪرما،
آئي رونق آبڀادي شهر ۾ ٿئا مدعي مقهورا،
ٿي جديدُ السلطنت سلطان جي، ڪَرنئون هلئو حڪما.

 

جڏهن عاصم شاهه، سيف الملوڪ ۽ ٻين همراهن سان مصر ۾ موٽي آيو، تڏهن صاعد جي جوانمرديءَ جو احوال معلوم ڪري نهايت خوش ٿيو، ۽ انهيءَ خوشيءَ ۾ هڪڙي مجلس ڪيائون. پنهنجي سفر جو بيان ڪندي، سيف الملوڪ کي سگسرن جي امير عبدالله جي يادگيري آئي، جنهن ساڻس ڪنهن وقت مدد ڪئي هئي. خيال ڪيائين ته ويچارو امير عبدالله انسانن جي صحبت کان محروم هو. تنهنڪري ڇو نه کيس ڪي ٻانهيون ۽ ٻانها تحفي طور موڪلي ڏجن، جو جانورن جي صحبت مان نجات مليس.

 

تڏه ڪئائين تهين ساعت ۾، تنہ دم تيارا،
ٻيا سؤ غلامن گرجِين ۽ پڻ حبشين ڪنا،
ٻه سئو ٻانهيون سونهڻيون ڪنا چين ۽ هندستانا،
 ۽ چار سئو خوجن جا، جي ويهن حويلين تا،
سونهڻا مثل چنڊر جي زينت زيادا،
پڻ تحفا هِديا ڪيترا موچارا مورا،
ڪري همراه صاعد سِين ڪئائين روانا،
پُڻ حڪم ٿئو لشڪر کي ترت تنہ ويرا،
جي ڏه هزار پرين جا ۽ پُڻ عفريتا،
منجهه رڪاب صاعد جي ڪيائون تعّين تيارا،
سڀ اُٿي اُڏاڻا هواءِ ۾، اپڏا اَڀن کا،
تان منجهه ڪارائِي آسمان جي وڃن اُڏاڻا،
پُن منجهه ٿوريءَ مدت جي اچي سي رسئا.

 

امير عبدالله، صاعد سان ملي، احوال معلوم ڪري شهزادي سيف الملوڪ جا ٿورا مڃيا؛ ۽ ان سان ملڻ جي خواهش ڏيکاري. پوءِ امير عبدالله صاعد ۽ سندس لشڪر کي پاڻ وٽ ڪجهه ڏينهن مهمان ڪري ٿڪايو. ان کان پوءِ، ڪجهه ديوَ امير عبدالله جي ملڪ ۾ ڇڏي، مصر ڏانهن سفر سنباهيائون.

 

اچي گڏئو مَلِڪ عاصم سين امير عبدالله،
۽ صاعد پڻ ملڪ عاصم سين ڪئي ملاقاتا،
پڻ اچي گڏئا تاج الملوڪ کي ۽ فخرالملوڪا،
پڻ وُزرا اُمرا جي هئا، سڀ ٻئا سالارا،
ڪئائون ملاقات تن سين، اچي شوق سين گڏئا،
ڪئائون شادي مبارڪبادي، ٿئا خوشحالا،
پڻ اچي گڏئا سيف الملوڪ کي منجها محبتا،
تين ٿئا جمع گهڻا بادشاه شهر ۾ مصرا،
جهڙو بادشاه سرنديپ جو، ۽ تاج الملوڪا،
۽ عبدالله امير وانَرن جو، ۽ ملڪ عاصم شاه،
۽ عاشق صادق سيف الملوڪ ڀلو شهزادا،
رکئائون بِناء دوستيءَ جي، هيڪ ٻئن سان،
پڻ هئا همراه عبدالله سين، جيڪي وانرا،
سي نچڻ لڳا ناز سين، ڪئائون ڪيترا تماشا،
جين ٿيندو هو عجب ماڙهن کي پَسي تن کا،
۽ پسي خلقتون خدا جون، وحشي صحرا جا،
ته مولِي ڪئا بني آدم جا مسخر مطيعا.

 

[ ڪن ڏينهن جي رهاڻين بعد هرڪو پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽيو. سيف الملوڪ پرين ۽ ديوَن کي به پنهنجي ملڪ گلستانِ ارم ڏانهن موٽڻ جي اجازت ڏئي، پاڻ بديع الجمال سان گڏ حياتيءَ جا ڏينهن خوشيءَ ۾ گذاريا.]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org