سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :28

 

 

روايت [2]

 

چيل بهار ٻپڙ جو*

 

1-      جو تعريفن جهڙو، تنهن تعريف جڳاءِ
ملڪ تنهن مالڪ جو، ٻئي جي لڳي نه لاءِ،
پاڻ ويهاري پاتشاهه، جوڙي جاءِ بجاءِ،
خوشيون ڏي خداءِ، مدايون ميٽي ڪري.

 

2-     مدايون ميٽي ڪري، ڪوڙين پڄائي ڪاڄ،
مهتر سليمان هو، پيدا مؤن پَتلاڄ،
هادي ڏنس هٿ ڪري سڀيئي سرتاج،
عرض ڪيو علاج، ٿا محڪم بيهن مجري.

 

3-     ٿا محڪم بيهن مجري، ڌرتيءَ نرڙِ ڌريون،
جَريون جال جوهر سين، دالا، درس دريون،
ٻيئي مُلڪ    ڀَريون، هيون تابينِي تانهِجي.

 

4-     هيون تابيني تانهجي، واري سليمان،
هاشم شاهه مصر ۾، هو عاقل سان احسان،
جابر سڀ زبون ڪيا، کنو کڻي خان،
سورهيه پٽ سفيان، عدل کان امير ٿيو.
5-      عدل ۽ انصاف جو، صاحب هو صراف،
گرگ، ٻڪريءَ گڏ ٿي ثابت چِنو صاف،
راڄي رائُر رعيت تان، ڪيو مڙيئي معاف،
اُنهي جو انصاف چوڻ کان چوڻو ٿيو.

 

6-     پر مصر جهڙا چار سئو“ ٻيا ڀي ڪامل هئس ڪوٽ،
تن کان هئا عاشق جا، سٻر سپاهي سوٽ،
خرچ خزانا تن کي، ٻهُون ٻيڻا آذقا ۽ اوٽ،
تنهن عاقل پنهنجي اقبال سان، گهڻا نوايا گهوٽ،
چئنچل ڏيئي چوٽ، هِيسي سڀ هٿ ڪيا.

 

7-     سترم سڀ چون، ورهيه گذريا وير کي
ته ڪمي هئس ڪانه ڪا، خرچن خزانن،
تان هڪ ٻار نه ڄائو تن، عمر لنگهيندي ايتري.

 

8-     ويٺي وير ڪنهين، جان ڪيو ويِر وهم،
جيڪر ڪو جوان هو، جي هوند ڄائو ڄم،
ته هي ملڪ خزانا مال، ٿيو تنهين کي تم،
اهو غصو گوندر غم، وٺي ويٺو پاڻ کي.

 

9-     وٺي ويٺو پاڻ کي، ڪري غم گمان،
نڪا ڪري ڪچهري، نه دفتر نه ديوان،
همہ ڪل حيران، اُنهيءَ ويل وير ٿيا.

 

10-    صالح هو سڀن ۾، وڏو وزيرن،
خذمتدار خلوتيا، ٿا تنهن کي تت چون،
وڃ وهلو تون شاهه ڏي، ٻيا تان ڪين وڃن،
ته ڪهڙي پيئي من، جيئن تو مونجهارو ماڳ ڪيو؟

 

11-    تڏهن صالح پٽ جمشيد جو، ويو هلي وٽ ويِر،
پيش وڃي پتشاهه کي، ڪيو سلام سڌير،
ته قبلي عالم ڪيئن ٿيا، فقط هيئن فقير،
ڏس متان ڏيهن جي، ڀلا ڀڄيئي سِير،
مون کي ڏي من ڏير، جيئن تو مونجهارو ماڳ ڪيو.

 

12-    تڏهن سڏڪِي ڀري ساهه، قبلي عالم جي کنيو،
ته ’ادا! منهنجو دشمن دوس تي، پوي نه پرواهه،
نڪي خزانا گهٽ ٿيا، ٻيو ٿورو ناهه سپاهه،
پُٺ منجهان ئي پانهنجي، ڪوئي ٿي شامل نالي شاهه،
ته هيءَ مسند، مال متاع، تنهن ٻيٽي کي برجاءِ ٿئي.

 

13-    تڏهن وِير وزير، ڏني مانجهيءَ کي مصلحت،
ته سڀڪي ٿيندو سٿرو، ناميا! سان نئڙت،
صبح ويل سڌير ٿي، تون سر ويهه تخت،
ڪوٺ حڪيم حساب جا، تان ڏسن ستاري ست،
ته من ڪامل ڪري ڪٿ، ڏسي ڏين جواب ڪو.

 

14-    سڻي سخن وزير جو، کِلي ٿيو خوشحال،
پيڙهي ويٺو پاتشاهه، صبوح ٿي سرحال،
تنهن دم اندر داد جا، بيهاريا برحال،
نيا نجومي ڪيترا، دم تنهين در حال،
آگہ ڪيائين اُن کي، ايءُ مذڪور محال،
ته ٻاجهه منجهانرا ٻال، ڪو مونکي ڏيندو مون ڌڻي؟

 

15-    تڏهن حڪيمن حجاب، اُٿيئي ايڏو ڪيو،
ته ڏينداسين ٽئين ڏينهن تي، جيڪو سو جواب،
ڪڍي ڪو ڪتاب، ستارو سهي ڪري.

 

16-    ستارو سهي ڪري، ڪيائون فڪر فلاح،
اُتائون احوال سو عالمگير اڳياءُ،
ته يمن جي شاهه کي، جي سڱ وٺين سهجاءُ،
ته تو کي تنهن منجهانءٌ، ٿيندو پٽ مبارڪ پاتشاهه!

 

17-    ٻڌي مبارڪ ٻار جي، سرهو ٿيو سلطان،
تنهن خزانا خيرات ڪيا، بيحد بي بيان،
نجومي نهال ٿيا، وٺي دولت دان،
سَرهو سڀ جهان، سُڻي سڀيئي ٿيا.

 

18-    تڏهن پنهنجي اڳيان پتشاهه، ڪامل ڪوٺيا ڪي،
ته هُونءِ حڪيم عقل جا، جوهريا جابر جي،
سي وڃڻ پار يمن جي، حال وٺي سب هي،
اول طرح چئي تن کي، پوءِ سخن سان سڱجو.

 

19-    تن ڏي شروع ڪيو شاهه، سوغاتون ۽ سِيوَريُون،
پهرون ئي پنجاهه اُٺن، ٺهيا موتن ٺاهه،
تن ۾ ست گوهر سفيد هئا، ويتر چڱا واه،
تن کي ڌؤڻو ڏِئي کان ڏنو اوجر پاڻ الله،
چار ساٻانهيون سي هيون، جي نيڪيون ساڻ نگاهه،
تن کان منهن موٽائي ماهه، ئي لڪايو لڄ ڪري.

 

20-    گهوڙا کنيائون گهوٽ لئي، چار سا ۽ چار،
جن جا پير پکين کان اڳرا، اُڏامڻ ۾ الغار،
زنگي، فرنگي، حبشي، خوجا خذمتدار،
ٻيا ڀي تن سان ڪيترا، هئا ڪَمهون ڪمدار،
پڇي اچي سي پار، ٿيا ولايت ويجهڙا.

 

21-    تڏهن جاسوسن جِيَهين، سڌ سڻائي شاهه کي،
ته ڪٽڪ ڪارِونڀار، اچي ٿو اِبَهِين،
ڪوٽن کي ڪِيَهِين، جهلي محڪم ڪريو محاسبا.

 

22-    پوءِ ڦيرائي في الحال، اوڏي مڪائين ايلچي،
تَنهين پڇيو تن کان، هيءُ مذڪور محال،
ته ڪير آهيو، ڪيڏانهن اچو، چئو حقيقت حال؟
ته اَٿو ڪو سوديو مان ڪي، يا ڪي شهر يمن کان.

 

23-    تڏهن ملوڪن سا مام، چئي مُڪي شاهه ڏي،
ته اسين ڏوران ٿا اچون، شهر مصر کان شام،
هي سوغاتون سلام، هاشم مڪاتو مَڻِي.

 

24-    سڻي سنيهو تن جو، پاتشاهه پرتو،
جُڙيون جايون جاڳهون، چيو وِير، وِهو!
ڏسو هيءُ ڏهو، جيئن آن جانءِ فدا ڪريان.

 

25-    تڌهن صبح وير سوير، ڪڍي ڪچهري پاتشاهه،
ويا ملوڪ مصر جا، ڀري پانَوَ پير،
نيئي نظر گذاريا، تحفا تنهين وير،
وڏ-شرمي دل شير، قابل سڀ قبول ڪيا.

 

26-    ڪري سڀ قبول، خاصي وٺتا خط،
پڙهي پروانن کي، ٻئي ٻڌئين هٿ،
سڀيئي صدقو ڪريان، جي هُونم ڌڏيون ست،
مانجهيءَ ايءَ مصلحت، ڏني عاجزائن کي.،

 

27-    اچي تن عاجزائن کي، دل ڏني داناهه،
کَني ۽ دستار سين پرڻائي پتشاهه،
سُتت ئي ساڻ صلاح، وٺي وطن ڏي وريا.

 

28-    سڀڪنهن کي سون سين، پهرايو پُرسن،
ڏنا شاهه يمن جي، گهوڙا کي گهوٽن،
ٻيڻا مال متاع، ٻيا ميوا کي ماڙُهن،
ڌيءَ ڏنائين تن، سين پنجن وزيرن پانهنجي.

 

29-    بيٽِي شرف شاهه جي، نالي منڌ ’نگار‘،
تنهن نينگريءَ ناز پَئِي، ڪِي پيءُ سان ايءَ پچار،
ته ساڻ سهيلي سردار، ڏي مون ڌيءَ وزير جي.

 

30-    تنهن ڀي رهسي راڻيءَ، لڌيون کني سين لائون،
ڪيون پوريون پرور پاتشاهه، سَڀِي سکائون،
ماڻهو مڪائون، موٽيا شهر مصر ڏي.

 

31-    جڏهن ويجها ٿي اوري، مڻي مصر ملڪ ڏي،
آگہ هاشم کي ٿي، خبر ايءَ کري،
تنهن هنڌ جوڙايا حجرا، لائي بفت زري،
پسي حور پري، ماڳ تنهين مشغول ٿيو.

 

32-    پسو پهرينءَ رات، سنگا ٿي صورت کي،
نَوَ مهينا نَوَ ڏينهن، پيئي جا پرڀات،
ته ڏاتر منجهان ڏات، پٽ ڏنو کي پاتشاهه،

 

33-    شادي طبل شروع ٿيا، پييون پُٽايون،
هاشم اڳي مڃيون سهسين سکائون،
خزانا خيرات ڪري، لکين لٽيائون،
ورتيون هي وايون، ته غازيءَ، فقير غني ڪيا.

 

34-    پوءِ مبارڪون ڏيئي، صالح ويٺو سامهون،
ته وهلو تت وزير کي واڌائي ويئي،
ته گهر تنهنجي گهور ٿي، پُٽائي پيئي،
’اوهين آڻيو ٻيئي‘، هاشم چيو تن کي.

 

35-    دائي دست ڪري، آئي ٻهڳڻ ٻاروتن ۾،
ويجهي ٿي شاهه کي، پهتي پير ڀري،
وهسيو تن ورِي، فرزند پسي پانهنجو.

 

36-    پسي فرزند پانهنجو، سرهو ٿيو سڌير،
هاشم چيو تن کي، آڻيو وٺي ورتيو وير،
دونُون دائي هيڪڙي، مر جان پين کير،
وڏي نانءُ وزير، هيءُ پٽ ٿيندو پاتشاهه،

 

37-    نالو حڪيمن، رکيو ’سعد‘ وزير جو،
سيف الملوڪ سهجؤن شهزادي نالو تت چون،
عقل، شعور، ڄمار جا وڏا طالع تن،
چوڏهن ورهين پڄاڻا، هي ٿا مسافر ٿين،
مگر ملوڪن، پوندا پنڌ ڪشال جا.

 

38-    قضا دل ڌري، کڻي پالڻ ويهاريا پاتشاهه،
شهزادن جي شبيہ جي، پيئي پچر پري،
سالڪ چوٿين سال کي، جان پهتا پير ڀري،
ڪامل قياس ڪري، کڻي پڙهڻ ويهاريو تن کي.

 

39-    عقل، شعور، اقبال کي، پهتا پُرس پڙهي،
وڃن سَيل سواد تي، چوڏهين ورهه چڙهي،
گهارينءِ ڪانه گهڙي،م شهزادا شڪار ري،

 

40-    اُٿنديئي صباح، ٻئي جان ويا مجري شاهه جي،
هن ڀي سون رُپي جون صندليون، وڌيون آڻي واه،
ويٺا ويِر تن مٿي، ٻئي مانند ماهه،
انهن کي اُتي ڏسي، ڪيا شڪرانا شاهه،
کنيو نيڻ نگاهه، ٿا وهسن ويِر تنهن کي.

 

41-    ٿو وهسيو وِير چوي، پسيو تنهين جا پار،
پوءِ خان خزاني ڏي ڪيو نظر نيڪ نهار،
ڪوٺي چيائين ڪَن ۾، خاصي خذمتگار،
ته هن پر جا آهه پيار، سا سگهو آڻ صندوق تون.

 

42-    سگهي آڻي صندوق سا، پسِي پَٽيائون،
تنهن ۾ مُنڊي مهتر سليمان جي، ۽ ڪپڙو هو ڪائون،
سو پانَو ڏنو پَٽ کي، ترت ڪڍي تائون،
سعد به سونپيائون، گهوڙي ۽ سروپاء سان.

 

43-    تڏهن شهزادي کي شاهه، ٿي نامئي ڪي نصيحت،
ته منڊي مهتر سليمان جي، هيءَ سانڍ برابر ساهه،
ٻيو هيءُ ڪپڙو قربدار اٿئي ويتر واه،
هي سوغاتون به صلاح، ڏنيون هئائين مون مَرِي.

 

44-    پوءِ ڀري مجرو شاهه جو، اُسهيا الله آهر،
موٽي ويا ماڳ تنهين، ٻئي ٻهڳڻ يار،
ساڻن ڪَلونت ڪيترا، تن گويا ڪئي گفتار،
تن آلاپيو اِلحان سين، منجهان نينهن نظار،
ٿي کِبا منجهه خمار، سي صورتوند سمهي رهيا.

 

45-    تڏهن ڪامل کي ڪپڙي جي، ڪاتَنَ ۾ هئي تات،
نازڪ ننڊ وِهه ٿي، اُٿيو سو اڌ رات،
پَٽيائين پاسي ڪري، چوريءَ چپ چپات،
بانڪي ڏٺي بات، تنهن ۾ صورت سڦرِي.

 

46-    تنهن ۾ صورت سڦري، هئي پَرين جي پاري،
عاشق انهيءَ ڏي، پيو نينڻين نهاري،
روئي زارون زار ٿو، هڻي هنجون هاري،
سيفل سونهاري، نيڻين ننڊ حرام ٿي.

 

47-    نيڻين ننڊ حرام ڪئي، منجهان نينهن نزاڪ،
لڳيس نازڪَ نينهن جي، چَت چِڪيا تنهن چاڪ،
اُن آهون اُٿيئي ڪيون، دانهون درد فراق،
پاتشاهي ڇوشاڪ، ڦاڙي تنهن ڦٽي ڪئي.

 

48-    اُٿيو اُڊڪا کاءِ، سعد صبح جو سيج تان،
ته پانَوَ ڪونهي پلنگ ٿي، جاني انهيءَ جاءِ،
دل ۾ اُن دليل ڪيو، تڏهن تنهن ٻواءُ،
صورت ڏي سلطان ويو، متان ريجهي راءُ،
مڇڻ مون ڪناءُ، ڪو شهزادي شڪ ڪيو!

 

49-    پر جان اُٿيو پوءِ، ڪري قيمتي ڪپڙا،
سعد صفي مون نڪتو، حيرت ڪري هوءِ،
وڃي جان پِير ڀري پِرين ڏسي تان ٿو چوءِ،
راءُ ويٺو هٿ روءِ، ڪڇي ڪين زبان سان.

 

50-    ڪڇي ڪين زبان کان، ڪنهن کي چوي ڪين،
گرد ڪيائين غم ۾، اهڙا عيش امين،
جدا نازڪ جان تان، کنيو جامو چولي چين،
انهيءَ برهه ”بهار“ چوي، جيئن جرِ ري ماهي جِين،
ٻولِي ٻولِي ٻِي نه، بنا دانهن دوس جي.

 

51-    هنن جهيڙيندي پاڻ ۾، هاشم پڻ آيو،
چئي: اچن شوق شڪار جي، تن لحظو نه لايو،
سڻي حالت هن جي، تنهن فائق فرمايو،
جيڪي چڱر چوايو، سو سڀ سگهڙن سچ چيو.

 

52-    بيٽِي جي بَتشاهه کي، ٿي ماندائي مَعلُم(1)،
تنهن وير تکو هليو، ڪي ڪڍي قدم،
سو صحي اچي سيفل جو، جان حال پسي حاتم،
تان دانہ کڻي نه دم، دانهن بنا دوس جي.

 

53-    تڏهن جانب سندو جار، پسي پيو پيءُ کي،
جوان وڏو ٿيو جوش، ڪري ڪين قرار،
ته هي درد ڪٿان دلدار، وهايئي ويهي ڪري؟

 

54-    پڇو پانوَ کانءُ، ٿي هاشم اُٿي خبرون،
دانهون ڪريو درد مان، منٿون ڪيون ماءُ،
سعد به روئي ٿو سوز مان، ڀر بيٺو ڀاءُ،
وهلا وِير وزير ويا، ڊوڙي تنهن ڊاءُ،
ته ڀي راز نه سلي راءُ، روئي راتو ڏينهن ٿو.

 

55-    روئي راتو ڏينهن ٿو، ڪنهن فراقيو ڦٽ،
ڪي طب ڏسيو تعويذ ڪن، ڪي مشڪ عنبر ڇٽ،
درد پسيو دل جو، ڪي چون: ديوَ دٻايو سٽ،
عالم عرضون بند ٿيا، ڪارن سلام سهٽ،
لکين ٻڌيو هٿڙا، ڇنڊين کِهه اُتان تنهن کٽ،
تان پانوَ مٿان پَٽ، اُٿي ڪين اونداهه کان.

 

56-    تڏهن سڏايا سلطان، پنهنجي اڳيان پتشاهه،
اُنِي سڀ علاج ڪيا، تان ڪنهن جي هلي ڪانه،
کاڌو خاطر ايتري، ٿي اُلوفا احسان،
ڪارُون ڪاڻ جوان، ڪريو تان ڪرم ٿئي.

 

57-    تڏهن صالح ڪيو سلام، اُٿي اڳيان شاهه جي،
حيلي حڪيمن جي، ورچي ڪين وريام،
ته سعد منهنجو هٿ هيڪلو، تنهن کي تنها چوءِ تمام،
زاريون ڪري جي نه مڃي، ٿئي نهايت نام،
تڏهن رکي پنهنجي پيٽ تي، ڪڍي ڪٽارو ڪام،
ته انهيءَ قول ڪلام، مانَ ڪا سليس ڳالهڙي.

 

58-    جُنبيو جانب يار ڏي، اُٿي سعد وزير،
پڇيائين پانَوَ کان، نرتيون هيءُ نظير،
ته گڏ ڄاوا، گڏ اُپنا، گڏ پيتوسون کير،
جي نه سليندين ڳالهڙي، سچار رکي سير،
ته هي ڪٽارو ڪِير، ٿو لوهوءَ ۾ لعل ڪريان.

 

59-    تڏهن روئي تنهن راڻي، وٺتو هٿ وزير جو،
حالت منهنجي حال جي، تون نه ادا! ڄاڻي،
جيڪي ڏٺو مون، سو جي تون ڏسين هاڻي،
ته پاوَنگ پلاڻي، هوند بَر ۾ بيراڳي ٿئين!

 

60-    تان چئي: چئو چڱيان ٿي يار، ڳالهه پنهنجي ڳجهه جي،
جيئن ڏٺئي تيئن ڏيکار، مون سونهارا سردار،
ماءُ بيءَ سڀ مشتاق ٿيا، تنهنجي ڪاڻ قرار،
ڪر گويا ڪنہ گفتار، ته اُنهيءَ جو علاج ٿئي.

 

61-    تون سڻ جانب جيائين، مون کي نينهن نهوڙيو،
مورت آڳري ماهه کان، هئي ڪپڙي ۾ ڪِيائين،
تنهن ڇڪائي ڇيهون ڪيو، هينئڙو هنڌائين،
اُٿي ڪريو ڪِيائين، ته وڃي ملان محبوب کي.

 

62-    سُڻي سخڻ هيءَ سعد، پُري ويو پتشاهه ڏي،
اڳيؤن ويهي اُمراءَ جي، عاقل ڪيو اِسناد،
ته ڪا هئي مورت ڪپڙي ۾، تنهن سيفل ڪيو ماد،
لائي ڪريو مَ لڄ، ڪر ٿئي درد انهيءَ جو داد،
ٻُڌي فلق فساد، تنهن هاشم کي عجب ٿيو.

 

63-    تڏهن اڳيان وزيرن، هاشم ڪيو اظهار،
ته هڪ ڏينهن ويٺو هوس تخت تي، تان اُڀريو گردغبار،
ست پَريون پيدا ٿيون، تنهين مؤن تڪرار،
چي: نرس مَ ڪر شاهه تون، وهم ڇڏ ويچار،
اسين ڏوران آئيون، اِهو ڪري اِقرار،
جو مهتر سليمان سُجهي ٿو سونهارو سردار،
تنهن هيءُ ڪپڙو قربدار، مُنڊي مُڪي تو مَڻِي.

 

64-    تڏهن اُٿي تن اڳياءُ، ڪيم تعظيمون تن کي،
اُپَٽي پڇيم ڪپڙو ته هيءَ مورت ڪنهن وياءُ،
ڪهڙِ صورت سواءُ، ڪيم تعظيمون تن کي،
اُپَٽِي پڇيم ڪپڙو ته هيءَ مورت ڪنهن وياءَ،
ڪهڙي صورت سواءُ، ڪِ نقل لکيل نار جو؟

 

65-    جُنبي تن جواب ڏنو، طرح وڄائي تال،
آهي پَرين جو پتشاهه، ڌيءَ تنهين شهوال(1)،
شهر گلستان اِرم نالو، نالي بديع الجمال،
آن ڀي عاشق اُن تي، ٿيس دم تنهن در حال،
پوءِ چيم ڪاٿي مهتر سليمان ٿي، ڪاٿي ملڪ مقال؟
يار وري هيءَ حال، ڪَٺڻ/جهڙو ڪم ٿيو،.

 

66-    ڏسنديئي ڏينهن تنهن، مون ڀي ڌيان ڌريو،
آءٌ پڻ عاشق ان تي هئس چوڏهن ورهيه چريو،
ماڙهُو مون ڀي موڪليا، ته ڪا وڄي سڌ ڪريو،
تان آيا وير وريو، ڪل پيئي تن ڪانڪا.

 

67-    ڪي ڀينر چار چون، ٻيا ڪي ڀينر ست،
نار تنهن ۾ ننڍڙي، آهه بديع الجمالت،
روءِ راڻيءَ جي سهي، ڪو ديوَ پَري دهشت،
سڀ مڃيو سرتيون، واکاڻين، وحدت،
ايڏيءَ سان عظمت، آهي بيٽِي،بتشاهه جي.

 

68-    تڏهن پهه ڏنو کي پتشاهه، وزيرن ويهي،
ته سعد وڃي سيفل کي، طرح چوي تيهي،
ته اُٿي خان خوش ٿي، درد مَ وجهه ديهي،
لهنداسون لوچي ڪري پرٿڻي پيهي،
تنهن کان اڳيئي، نينهن نه نبري تو سندو.

 

69-    ڪري سعد سلام، وڃي سڻايو سيفل کي،
ته چوڏهن مهينا تون عافل ڪر آرام،
اسان ماڻهو موڪليا، پلپل ڏيئي پيغام،
خان کنيرو خوش ٿيو، وهسيو تت وريام،
تڏهن طلبيائين طعام، ۽ ڪامل اوڍيا ڪپڙا.

 

70-    سَرهو ڏٺو سونَ کان شهزادي کي شاه، تنهن چونڊي ڪڍيا چار سئو، جي عاقل هئا اُمراه،
ته اوهين گلستانِ ارم جي، آڻيو ڪا آگاه،
تن ديسان ديس سڌايو، پار ولايت واه،
دوڙي مان درگاه، اُسهيا الله آهر سِي.

 

71-    ڪي هليا هند ڏي، ڪن ڪِي عرب اُڪير،
ڪنهين سرنديپ سڌايو، ڪي ڪابل ۽ ڪشمير،
ڪي ماوراءِالنهر ويا، ڪن ڪئي ترڪستان تدبير،
پاڻوواڻي منهن ويا، لنگهي سمونڊ سير،
سڀ ڏيهه ڏوري مير، موٽيا پار مصر جي.

 

72-    سي موٽيا پار مصر جي، مُنهن اتان موڙي،
آکہ ٿي هاشم کي، ته هنن ڪين لڌو ڏوري،
گوهر ڏسي غم ٿيو، طرح تنهن توڙي،
تهج متان وڃي ڪوڙي، سيفل سلي ڳالهڙي.

 

73-    سيف الملوڪ سعد سان، ٿو کِليو ڳالهائي،
ڪڏهن وڃي شوق شڪار جي، ڪڏهن ڪچهري لائي،
ڏينهاڙي ڏينهن گهڻو ٿو مدت مٽائي،
ڪنهن اچي چيس اوچتو، ثابت سمجهائي،
ته جي مُڪئي دانہ دوڙائي، سي خالي موٽِيا خابرو.

 

74-    شهزادي شور ڪيو، سڻي حقيقت هيءَ،
پروانو پڙهي ڪري، ٿيس جنجل مٿي جيءُ،
روئڻ ڳرڻ ريءَ، ڪنهن سان ڪچي ڪينڪي.

 

75-    ڪڇي ڪين زبان سين، نڪي ڳالهائي، نڪي گهُوري گهوٽيو، کاڄ نڪي کائي،
راتو ڏينهان روح ۾، رنڊيو رنجائي،
غم وڌو گهائي، پُورَ پريءَ پئمال ڪيو.

 

76-    عاشق جوپ اوال، وڃي اُنائون هاشم کي،
ته سيفل وري سوز ڪيو، جيئري سر جنجال،
ڪامل ڦاڙي ڪپڙا، هنئي وڃايو حال،
ڪريو فڪر فيلالحال، جيئن باز نه وڃي بند مان.

 

77-    ويو سلطان وري، سڻي حقيقت ههڙي،
تنهن اچي ڏني مت ملوڪ کي، جا سُجان سِري:
ته اسين آڻيون آدمي، پڄي پيءُ پرِي،
اسان ماڙهو موڪليا، ڏيندا خبر کرِي،
تن لکي آندا چار سئو، مورت زيب زري،
ته ڪانه ڏٺي ڪٿئين، اهڙي حور پَري،
تو جا ڌيان ڌري، ساڳئي سليئون ڳالهڙي.

 

78-    چئي: اي قبلا سردار! سڻ عرض هن عاشق جو،
بنان بديع الجمال جي، توڙي حورون هُونءَ هزار،
پڻ مَٽ محبوب سان نه ڪريان، ويهون ڀاڱو وار،
پڄي ڪانه پِرين سين، تُل تنهين تڪرار،
تو ڀي وس وڏا ڪيا، توتي ناهه ميار،
مون کي موڪل جي ڏئين، ته گهمان ديد دوار،
مانَ ملنم يار، ڪُهي جن ڪباب ڪيو.

 

79-    تڏهن هاشم کي اندوهه، ٻُڌي ٻيڻو ٿيو،
چئي: تو ڏٺي تسليٰ ٿئي، هينئڙو ڪندو ڪوهه،
دانہ! منهنجي دل تي، تون ايڏو رک مق روهه،
جي ڀي تون نه رهين، ڪرين واري ستم ستوهه،
ته ڪٽڪ توسان ڪهمڪي، شامل ڪريان شڪوهه،
شل طالع ڪريئي توهه، جيئن ملين محبوبن کي.

 

80-    تڏهن جُڙيا جَهاج، خان گهڻيرو خوش ٿيو،
ٻيڙيءَ سيفل سعد جي، ٿي علاحدي ساڻ عاج،
ساڻس ست اُمراء هئا، جي لائق ڀريا لاج،
تن پنجن ورهين جو توشو کنيو، کيڻ، خرچ، خراج،
ورنہ سي ورساج، جنبي جهازن ۾ چڙهيا.

 

81-    جُنبي جهازن ۾ چڙهيا، صاحب سنڀاري،
معشوق جن جي من ۾، سي ڪيئن ويهن وساري،
عاشق اوتاري، ٿي اچي موڪلايو ماءُ کان.

 

82-    چئي: مادر! موڪل ڏينم،، ته وڃي پهچان پِر کي،
منجهان روح راضي ٿي، دم دم دعا ڪرينم،
تنهن پرور کي پرنينم، تان وڃي ديليان دوس کي.

 

83-    پانہ روئي پُٽ سان، ڀڙ ڀاڪر پايُون،
جي مون سُکائون مڃيون، سي اميدون نه آيون،
دالن ۾ دايون، روڄ وڌوئي روس ڪيو.

 

84-    جرجلو ۾ ڳوٺ، سيفل! تو ريءَ سڃ ٿي،
هي ڪچهريون ۽ ڪوٽ، مڙيئي مون ماتام ٿيا.

 

85-    رويو رويو ڳالهه، آتڻ ۾ ماڻس ڪري،پِرين وڃن پرڏيهه ڏي، وجهيو جيءَ جنجال،
ڀلا! تنهنجي ڀال، من موٽي ملن مون اچي.

 

86-    چئي: شال مَ وڃين ڏور، پِرين پراهون مَ ٿئين،
ماري ڪيئي معذور، مادر وجهي مامري.

 

87-    چئي: مَ روءُ مادر! ماٺ ڪر، مون سئلان ۾ هاج،
موٽان تان ميهڻو، وڃان ٿو سقلاج،
تنهن سپاريو سرتاج، عالم جنهن جي آسري.

 

88-    چئي: جيئندي پَرياڻي، جو ٿو وڃين وِير تون!
منهنجو جيئڻ مس ٿئي، هئي تو ريءَ هاڻي،
ڄاڻندڙ ڄاڻي، جو ساهه نِين ٿو پاڻ سان.

 

89-    چئي: توڙي ورهه پنجاهه، هجي پنڌ پرين جو،
منزل ڪري هيڪڙي، صدقي ڪندس ساهه،
ڄائي هيڪ الله، جو هينئڙي سرِي نه هن رِي.

 

90-    مادر ڇئي مراد، سيفل ڇڄائين سعد جي،
دروَندن جا داد، آگا! ڪج احسان سين.

 

91-    سيفل سندو سعد، قادر! تون ڪم ڪرين،
موليٰ! تون مراد، ترت پڄائين تنهن جي.

 

92-    اُڀو روئي پاڻ، پُٽ سين بيٺو پاتشاهه،
راچو راڄن جو ڌڻي، سڀڪو روئي سپاهه،
تو ريءَ ماندو ساهه، سيفل! وڃ مَ سڃ ڏي.

 

93-    تان چئي: پلئي رهان نه پِر ري، بابا! ڪر تون بس،
مير، وزير، مصري، آهن دانَہ تنهنجي وس،
جَنهين پار پرين ٿيا، آءٌ گام وڃان تنهن گس،
جِيان جنهين جي جس، سي صاحب ميڙي سپرين.

 

94-    موٽڻ منهنجو نه ٿئي، ڪريو ڪسوسي ڪانهَ،
اوهين پرتيو ربّ، الله جي امانَ،
ڪري زاريون ساڻ زبان، موڪلايو ماءٌ کان.

 

95-    چئي: وڃي ملندين پرين کي، الله جي احسان،
سيفل سرت سجان، شل موٽي اچين مان گهَرين.

 

96-    مون تڙ ويٺي اڄ، پرين پڳهه ڇوڙيا،
کين پتڻ، کين پاتڻي، کين تنهين جي لڄ،
آساوندي پهچ، پِرين پرتا ربّ کي.

 

97-    مون اُبٺي تڙ پاس، پرين پڳهه ڇوڙيا،
ٿيا سڻاوا سپرين، دم دم دعا ڪندياس،
آس نه لاهيندياس، شل موٽي ايندا مون گهرين.

 

98-    سورهه ساڻ سهٽ، ٿو مال مهاڻن ڏئي،
هيري، ماڻڪ، موتين، ڪِي پانوَ پيل پرٽ،
چڙهيا جوان جهازن، ٻڌي جهُوڙ جهمٽ،
آڏا عاج بندي ٿيا، گرڻا، گل گنبٽ،
سڙهه سڄا سقلات جا، لاڄُون لاڳي پٽ،
سونا ڦُل ڦرهن تي، کتا ساڻ کرٽ،
سمنڊ کٿوريءَ واسيو، ساڻ سرهائيءَ ڇٽ،
خان ويٺا سرکٽ، جهُلِي چَٽ پڳير تي.

 

99-    رکيو ڌرم ڌيان، ٿو پهرائي پاتڻي،
طلا ڪاري تن کي، ڏئي سروپايون سجان،
سهڻا سونهري، طنبو سان طولان،
جُڙي جهازن تي چڙهيو شاهه ڪري سامان،
تيئن سمنڊ تي سوجهرو، جيئن وِڄون ۾ آسمان،
کِيئن خوشيءَ سان خان، سڀ سکاڻي ٿيا.

 

100-  پاڻ ڪيو پرورش، ٿو پهرائي پاتڻي،
اولا جنهن عاج جا، اوُچا سين اطلش،
جي هئا ڪمي ڪش، تن سڀ ڪڙتا قيمتي.

 

101-   سنبهي ساڻ سڀن، چڙهيو جنگ جهاز تي،
محڪم ملاحن ڪيو، لوڏي کي لاڄن،
سڙهه چاڙهي ساڄا ڪيا، ترت پنهنجا تن،
اُڀا ائين چون، مهاڙ تنهنجي مون ڏئي.

 

102-  ڇوڙي پڳهه شتاب، ٿيلهيائون ٿانءِ ڪري،
ڇول ڇليون ڇلڪا ڏئي، اُڇل منجهان آب،
ڇڏيائون غوراب، سنوان ڪري سير تي.

 

103-  تڏهن سڙهه سنوان جَر سين، تن لاهارا جهاز ڪيا،
سٽيندي سمونڊ ۾، ويا چاليهين ڏينهن چِين،
ڪنهن کي ٿيو هڏڪين، سڀ سلامت رسيا.

 

104-  وڃي چيائون فغفور کي، ته ڪي ڪٽڪ آيا،
تنهن چڱا چونڊي ايلچي، دانَہ دوڙايا،
ته ڪيڏانهن اچو، ڪير آهيو، ڪِي پنهنجا پرايا؟
اٿوَ وڙهڻ جي وايا، ته اسين ڀي اُسري اچون.

 

105-   تڏهن سڏائي سلطان، آڻي ويهاريا ايلچي،.
ويڙهه هڏهين نه ڪريون، توسين توڙ تمان،
خرچن خزانن جي ڪمي آهي ڪانه،
پنهنجي ڇڏي پتشاهي، ڪريون ٿا سيل سجان،
گذر منجهه گمان، گهمون خاطر ٻئي خيال ٿي.

 

106-  تڏهن ايلچين اظهار، وڃي سڻايو سلطان کي:
ته هيءُ نازڪ منجهان نور، پرس ٿيو پيداوار،
ڪامل قدرت جو ڌڻي، صورت جو سينگار،
پيو پڇي گلستان پار، ٻي ٻولِي ٻولِي ڪانڪا.

 

107-  تڏهن فائق هليو فغفور، ملڻ ڪاڻ ملوڪ جي،
پُرجهي شاهن پاڻ ۾، مجلس ڪِي معمور،
سيفل جو سوز سڻي ٿيس سڻائو سور،
ڳالهه ڳوڻيائو ڳجهه ۾، موٽي هيءُ مذڪور،
ته ڪو پَريو، پُراڻو جهُور، پهه پار پُڇون تنهن کان.

 

108-  تڏهن پڇيائون کان پِير، خبر گلستان اِرم جي،
اُنهيءَ اُتو، مون اڄ ٻُڌا، اِهي نانوَ نظير،
رهن ’ڳنڍي‘ شهر ۾ ٿا مسافر، مير، فقير،
پنڌ مهيني جو ڪري، وڃي آڻيو سڌ سڌير،
هن ڀي سڙهه چاڙهي جر سير، ڪيا اُپاري اوڏهين.

 

109-  تن ويندي سمونڊ ۾، ڪيو پنڌ مهيني ماڻ،
پَئِي واوَ پَڻِي ڪيو، مَيُ متو مهرياڻ،
خان خزانا ڪيترا، ڪؤڙين ڪيا قربان،
ڦَرهو ڦَرهِي نه مِڙيو، ڀڳو ٻيڙين ٻاڻ،
سيفل سرت سڄاڻ، پيو اُجهامي اُتهين.

 

110-   ٽي راتيون، ٽي ڏينهن، گذريا منجهه غبار،
ڪنهن کي ڪنهن جي نه پوي، اتي خبر نه چار،
تِتي ڏسي نه سعد کي، سيفل جان ٿي سار،
ٻُڏي ويو ٻيهار، ياد ڪري تنهن يار کي.

 

111-   ته هئو محب مون پرين، ڪارڻ هليو مان،
نه ڄاڻان تنهن سان، قادر ڪيئن ڪيو.

 

112-   ڏٺائين ڪي ڏور، ويندا وهندو آب ۾،
تڏهن شهزادي ملاحن کان، پڇو پهرين پور،
ته هلون هن حضور، ته ٿيون وسينءَ کي ويجهڙا.

 

113-   تڏهن موڙي ملاحن، رکيو مُنهن جهاز جو،
ويجها ٿي وسينَ کي، وڃيو تت پڇڻ،
اڳيان آدمخور هئا، ٿا زنگي ذات چون،
تن وڌا هٿيارين هٿڙا، جهدئون جوانن،
پيا هڻن هڪ ٻين کي، سورهيه سانگ نه ڪن،
ٻي پٿري هئي پاڻيءَ تي، آتشبازي اُنِ،
وڌائون ويل تنهين، ساڙي سونهارن،
سيفل ساڻ سَتن، وٺائون ويري، ڪري.

 

114-   پهس کڻي ويا پيل، شهزادي کي شهر ڏي،
پنهنجي اڳيان پاتشاهه، وجهي نيائون نِيل،
مجرو ملوڪجن ڪيو، ڪارڻ ضرورت زيل،
بيٽِي تنهن بالغ هئي، ويٺي تنهين ويل،
سا ڪُميءَ جهڙي ڪاري هئي، نانءُ تنهين آربيل،
صورت پسي شاهه جي، تنهن جي روح ڏني ريل،
هي تان ڏيو هيل، ته آءٌ کاوان آدمي.

 

115-   تڏهن کڻي ڏنائون، ستن سان سلطان،
پوءِ ائين چيائيون، ته هي طعمو آهي تانهجو.

 

116-   پون عاشق پور، تڏهن سهن سڀ جو،
سوين بلائون سور، ڪاٽڻ آيس پِر لئي.

 

117-   زنگياڻي زوري، کڻي هلايو حجري،
تنهن جو قد مناري جيڏو، سر گنبذ گوري،
نامان بَٺ تَنُور جان، ٿي طس اکيون توري،
تڻ تٿلها رڇ جان، ٻوٿا جيئن ٻوري،
انهيءَ کؤن اوري، منهن ڪوجهو ملعون جو.

 

118-   ڏند ڏاندارين جهڙا، ڪونڊن جيڏا ڪَن،
اولا ٻانهون اُن جون، رانُون کوهارن،
اُن چپن کان اڳرا، اهڙيءَ سونهن سمن،
الله! ساڻ اَمن، سيفل بچائين سور کان.

 

119-   جيڏا گُند گهرن ۾، تيڏا پيٽ پرين،
سئيءَ پاهي کؤن سنهڙيون، هيون اکيون عجيبن،
اهڙا اڇا سپرين، هئا دانگيءَ جهڙي ورن،
ڳالهائين ٿا ڳوٺن ۾، ڄڻ ڪتا ٿا ڀؤنڪن،
سدا وتن سُنگهندا، منهن تي ڇڄ مکن،
سدا ڀڻن سُوڻا، آڀاڻا وتن،
سيفل سيفل ڪن، اهڙيءَ صورت سونهن سين.

 

120-  دائيءَ وڃي درحال، معلوم ڪيو منڌ کي،
ته رانول رتي روءِ، آهيس جوت جمال،
ڪيهر ڪئنچن کان، سيرت صورت سال،
سو ٻڌي نام نهال، مُنڌَ اُلٽي محل تان.

 

121-   منڌ اُلٽي محل تان، پرِي پير ڀري،
چئي: رازق روءِ بروَ، آندءِ وير وري،
نيڻن نيڻ ڌري، آءُ ته نئون ڪريون نينهن کي.

 

122-  آءُ چڙهي اوري ميان! محلاتن ۾،
درد تنهنجي ڌار ڪيا، هڏ ڀڄي هوري،
ويهڻ مون وِهُه ٿيو، ڪين نڳان تو ري،
قلبان ڪوري، اچ ڪڍون آزار کي.

 

123-  ڪوهه ڪشالا ڪيترا، ڪَيئي جنهين ڪاڻ،
سي صاحب مڙيئي سپرين، ڪر تون روح رهاڻ،
دائِي! سيفل آڻ، ته من کان ماندائي لهي.

 

124-  بصر بُلائي ٿي ڪَنڍيون ڪٺمالون ڪري،
سر کنڊ مِٽِي ميٽ ڪريو ٿي لوڻ لڱين لائي،
اڱر ڪٽيو اکين ۾، ٿي سينڌ سرمون پائِي،
ٽاريون ٽؤنر ڪري، ٿي موڙ مٿي ٺاهِي،
گهڙي ويٺي وڻراهه ۾، پاٿاري پاڻِي،
ته مون جهڙي ملڪ ۾، ڪا ڄاپندي ڄائي،
سيفل! تو آئِي، ڪي ٿي گهاريان ڏينهڙا.

 

125-   سيفل سخن سڻي ڪري، عاشق ڪڍي آهه،
ور توهُون موت ڀلو، جو سختي ٿئي کي ساهه،
تڏهن زنگياڻيءَ زوم ڪيو، ويتر تنهين کان واهه،
کڻي اُڇليائين ڏور ڪري، منهن موڙي کي ماهه،
اهڙو ئي ڪيو الله، جيئن رازق رکيس رن کان.

 

126-  ڪي پِيهن، ڪي ڪن ڪاٺيون، سندا سيفل يار،
تن کي مهينا پنج گذريا، تڳندي انهيءَ تار،
ڳالهه ڳڻيائون پاڻ ۾، ويهي هڪڙيءَ وار،
جي ڀڄون، ته اُبهُون، ڪنهين ديس دوار،
نه ته ساري سڀ ڄمار، هت هونداسون بند م.

 

127-  سي ڦرهو ٻڌي نَر، سانجهيءَ موٽيا گهر ڏي،
صبح ساجهر نڪري، وڃي ٿيا سائر سَر،
پنج مهينا پنڌ ڪيو، ويچارن ويتر،
ڪل پاڻيءَ ري نه پوي، ٻي جها لڳي لهر،
اڳيان جزيرو پيدا ٿيو، ڀِري لڳا جنهن ڀر،
شڪر سائينءَ در، جو آيا ڇُٽي اُنهين.

 

128-  سيفل سهج منجهان، گهمي جزيري وچ ۾،
ميوا هئا ماڳ تنهين، کائي خوش ٿيا،
ٻيون باداميون ”بهار“ چوي، ڪماندن گَها،
پر ڊڄي سَپن جي ڊاءَ، وڻ سِر سُتا راتڙي.

 

129-  جان گذري آڌي رات، تان مڇين منهن پٽيا،
سهسين بلائون مڙيون، ڪانه ڪنهن جي ذات،
تن جون اکيون ٻرن مشعلا، ڪن صاحب سندي تات،
پُرسن کي پرڀات، مس جهڙو ڏينهن ٿيو.

 

130-  ڀڳا ڏسي ڀؤ، ترهو وجهي تار ۾،
وڃي ترهو ترندو، جاڏي ريلي رؤ،
جزيرو پيدا ٿيو، گذريو ڏينهن سؤ،
تک لنگهي سو تؤ، اچي ٻئي ڪنهن لٿا ٻيٽ ۾.

 

131-   سهجؤن سيفل خان، گهمي جزيرو سو ڏنو،
ميوا هئا ماڳ تنهين، بيحد بي بيان،
کائي ستا خوش ٿي، صورتوند سجان،
صبح جان سيفل اُٿي، ته هي جاڳن ڪين جوان،
ساهه سندن سبحان پڃي نيون پاڻ ڏي.

 

132-  تڏهن چُرِي چيائين، رضا سِر ئِي روح کي،
متان دل لاهي دلگير ٿئين، ائين اُتائين،
جيڪا گهُر ربّ جي، سا سڀ مڃيائين،
ته سنجهه صبح سائين، آگو ٿو احسان ڪري.

 

133-  پوءِ روءِ يارن کي دفني، ائين اُتائين،
بلا باسي پاڻ تي، هيءَ جفا ڪيائين،
ته لکيو لوح قلم ۾، مون سر تيلائين،
حال پريشان هيڪلو، کي کنيائين،
ڪتي جيڏيون ڪِوليون، هئي زمين سونائين،
مِٺو چشمو ماڳ تنهن ڏوران ڏٺائين،
لٽا لاٿائين، وِير گهڙي وهنجڻ لڳو.

 

134-  ڪپڙا جان ڪري، نازڪ وهنجي نڪتو،
اُندهه سڀ جهان ٿيو، ويچاري وري،
ڀڳو ڀُڄي نه سگهيو، منجهيو خيال ڪري،
پکي گُرڻ پَري، اچي کنيو اوچتو.

 

135-   گنئون کي گُرڻ کڻي، اُڏاڻو آڪاس،
قدر آني جيتري، ساري ڀينءَ ٿياس،
موٽي ڪيائين ميل زمين ڏي، ٻچا جت هياس،
تنهين ڪاڻ کنياس، طعمو ڪري تن جو.

 

136-  سارهه ڪري سبحان جي، سيفل سندي ستّار،
ته اِي پنهنجي پهت پاتشاهه، سنگتين لهين سار،
سوکِي ڪر سچا ڌڻي! آهي اوکِي جا آپار،
سي ڪوهه ڄاڻان ڪيڏهين ويا، جي هئا جانب يار،
پر آهين عاشقن جو، تون طبيب تبّار،
جاني ميڙ جبّار! جيءُ سِڪي ٿو جن کي.

 

137-  ويجهو ٿيو وڻراهه کي، جتي جهنگل جهر،
پکيءَ جو دشمن هو، عظمت سان آجگر،
وڻ تي چڙهيو ويل تنهن، ڪر کڻي ڪاريهر،
ٻچن ڪاڻ ”ٻپڙ“ چوي: ڏاڍو ٿيس ڏمر،
گُرڻ هٿان گوهر، ڪري دانهن ڪري پيو.

 

138-  اُن سر اُمارو، پکيءَ جيڏو ئي ڪيو،
تڏهن نڪتو وسيهر وات مان، ڄيري جو ڄارو،
تنهن ساڙي گُرڻ گهرو ڪيو، ساڻ کنڀن سارو،
جڏهن ٿيو واسينگ جو وارو، تڏهن ڳهي ويس ٻچن سان.

 

139-  ايڏيءَ عظمت ساڻ، وڻ تان لٿو ويل تنهين،
سيفل سَوَ مِيلن سان، مس لڪايو پاڻ،
هيءُ ڀي ڀڳو اوڏهين، جاڏي واسينگ وٿاڻ،
ڄولِي تنهين ڄاڻ، منهن ڪيو اُن پار ڏي.

 

140-  جاڏي سانگ سبيل، تاڏي پار نه مليس تنهن پار جو،
بنان قادر، ڪا ٻي واٽ نه آهه وَسِيل،
جيڪا رضا ربّ جي، سا مڃي سڀ اصيل،
هيءُ دل ۾ ڪري دليل، اُٿي اوڏانهين هليو.

 

141-   اٿيو ’علي الصبّاح، ڏينهان ڪري پنڌڙا،
راتيان سمهي وڻن تي، ڀؤ ڊڄندي ساهه،
پيرين پيس ڦوڪڻا، عاشق ڪڍي آهه،
پر ڊنو ڊاءِ الله، نه ته ماريائين ٿي پاڻ کي.


[2]    ”قصو سيف الملوڪ جو“، مطبوع سنڌ پريس، شڪارپور، ڇاپو يارهون، سنه 1928ع تان ورتل.

*    بهار ٻَپَڙ، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وقت جو شاعر هو.

(1)    معلوم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org